سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: نيٺ ڇا ڪجي

باب: -

صفحو : 6 

 

باب  پنجويهون

 

”پوءِ ڀلا، اسان کي نيٺ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ دنيا جو اهو انتظام اسان ته نه ڪيو آهي!“ گويا اسان چئون ٿا: اسان ائين نه ڪيو آهي، پر اهو انتظام پنهنجو پاڻ ائين ٿي پيو آهي! جيئن ٻار، ڪا شي ڀڃي، چوندا آهن ته اها پنهنجو پاڻ ڀڄي پيئي. اسان چئون ٿا: هڪ دفعو، جو هي شهر آباد ٿيا، سو اسان انهن شهرن جي رهاڪن کي، محنت مزوري ڪندڙ مخلوق جو پورهيو خريد ڪري پنهنجو پيٽ پالڻو ئي پوي ٿو.

پر حقيقت ائين نه آهي، ۽ اسان کي ڪجهه ويچار ڪرڻ گهرجي- ڳوٺن ۾ به اسان جهڙا انسان رهن ٿا ۽ اهي به ته پنهنجو پيٽ پالين ٿا.

شهر ۾ سيارو پورو ٿيو آهي، ۽ ”ايسٽر“ جو هفتو پيو اچي. شاهوڪارن جي عيش عشرت اُهائي جاري آهي، شاهي رستن توڙي درياهه جي ڪنارن تي، ۽ باغن بستانن ۾، رنگ روپ، ناچ گانا، کيل تماشا ۽ هر قسم جون روشنيون توڙي آتشبازيءَ جا ڪم لڳا پيا آهن،- پر ٻهراڙيءَ ۾ انهن کان به بهتر چيزون آهن: هوا سٺي آهي، ۽ وڻ ٽڻ، گاه ٻوٽا توڙي گل ڦل تازا توانا ۽ خوشبودار آهن. اسان کي اُتي ئي وڃڻ گهرجي، جتي اهي سڀ شيون تازيون توانيون ۽ نئين زندگيءَ جو پيغام آڻيندڙ موجود آهن، ۽هونئن به ڪيترائي شاهوڪار شخص، ٻين جي پورهئي جو فائدو وٺندي، تازي هوا کائڻ ۽ زياده حسين قدرتي نظارن پسڻ لاءِ ڳوٺن ڏانهن ويندا آهن.

پوءِ، شاهوڪار شخص هت ڳوٺن ۾ انهن اڻ پڙهيل ۽ ”اڻ سڌريل“ ڪڙمين ڪاسبين جي وچ ۾ اچي رهن ٿا، جيڪي جوئر جي مانيءَ ۽ بصر تي گذارو ڪن ٿا، ڏينهن ۾ ارڙهن ڪلاڪ پورهيو ڪن ٿا، رات جو پوري ننڊ نه ملڻ سبب اوجاڳا ڪڍن ٿا، ۽ بت ڍڪڻ لاءِ ڦاٽل ٽٽل ۽ چَتِين لڳل ڪپڙا پهرين ٿا. گهٽ ۾ گهٽ هتي ته هنن شاهوڪارن کي ڪابه چيز مجبور ڪانه ٿي ڪري: هت ڪي به ڪارخانا ۽ فئڪٽريون نه آهن ۽ نه وري شهرن وانگر ڪي بيروزگار شخص ئي آهن، جن کي ڪم ڏيئي سندن پيٽ پالڻ لاءِ هو پاڻ کي ٻڌل ٿا سمجهن- هت ڳوٺن ۾ ته سارو اونهارو ماڻهو ڪم ۾ پورا پئجي نه سگهندا آهن، ۽ هت نه رڳو ڪو به شخص بي روزگار نٿو رهي، پر ڪيتريون شيون، ڪم جي گهڻائيءَ سبب، سڙي خراب ٿي وڃن ٿيون، ۽ ڪيترا شخص-مرد، زالون ۽ ٻار- پنهنجي وت کان وڌيڪ ڪم ڪري، پاڻ کي ڊاهي وجهن ٿا. پوءِ ڀلا هي شاهوڪار شخص هت ڪيئن ٿا رهن؟

ڇو.... ڳالهه سنئين سڌي پئي آهي! جيڪڏهن، اڳين ڏينهن جو ڪو پراڻو محل آهي، ته ان جي مرمت ڪرائي، ۽ رنگ روپ ڏيئي سينگاري نئون ڪن ٿا؛ جيڪڏهن ڪو اهڙو محل نه آهي، ته نئون ٺهرائين ٿا- ٻن ٽن طبقن وارو، جنهن ۾ چوڏهن پندرهن فوٽ اوچا ۽ وڏا ويڪرا ويهه ڪمرا آهن، ٽائيلس جا فرش لڳن ٿا، درين کي وڏا شيشا پون ٿا، قيمتي غاليچا ۽ عمدو فرنيچر موجود آهي، ۽ پاسي کان هڪڙي شاهي الماري رکي وڃي ٿي، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ پنج سوء روبيل لهي. بنگلي ٻاهران پٿر جا رستا ٺهيل آهن، ميدان سارو سنوت ۾ آندو وڃي ٿو، گلن جا ٻارا پوکايا وڃن ٿا، ٽينس جو ميدان تيار آهي، هڪ شاهي ٿلهو پڻ موجود آهي، جنهن تي وڏا وڏا شمعدان کتل آهن، ۽ گهڻو ڪري گرم حمام، وڏا طبيلا ۽ باغ باغيچا ۽ ”نرسريون“ به موجود آهن. انهن سڀني شين کي بهترين ۽پڪا رنگ ڏنل آهن، جيڪ انهيءَ تيل سان ملائي ٺاهيا ويا آهن، جنهن کي ڀَت ۾ وجهي کائڻ لاءِ ٻڍا ڪڙمي ۽ معصوم ٻار سدائين سڪندا رهندا آهن.

جيڪڏهن ڪو شاهوڪار شخص ساري سگهندو ته اهڙي محل ۾ مالڪ ٿي رهندو، نه ته به مسواڙ تي کڻي وٺندو- مطلب ته اسان جي طبقي جو هر فرد، پوءِ هو ڪهڙو به گهٽ پئسي وارو ۽ آزاد خيال ڇو نه هجي، جڏهن ڳوٺ ۾ رهندو ته ضرور اهڙو محل وٺي ان ۾ رهندو، جنهن جي سنڀال، صفائيءَ، ۽ ڇنڊ ڦوڪ لاءِ کيس گهٽ ۾ گهٽ به درجن مزور کپن، اهي مزور به انهيءَ ڳوٺ مان کڻندو، جتي اڳيئي مزورن جي کوٽ آهي ۽ پنهنجي پيٽ قوت لاءِ گهربل آناج اپائڻ لاءِ به پورا ماڻهو ڪونه اٿن.

هر ٻهراڙيءَ ۾ ته گهٽ ۾ گهٽ ڪوبه ائين نه چوندو ته ”شهرن وانگر هتي به وڏا وڏا ڪارخانا آهن، ۽ مان پاڻ پورهيتن جي پورهئي مان فائدو وٺان يا نه، ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي!“ هت ته ائين به نه چئي سگهبو ته ”اسان بي روزگارن جي روزگار ۽ سندن پيٽ گذران جو بندوبست ڪريون ٿا.“ هت اسان سنئون سڌو، پنهنجي مطلب جون شيون ۽ عيش عشرت جو سامان ٺهرايون ٿا، ۽ مزوري ڪندڙ عام ماڻهن کي سندن ضروري ڪمن ڪارين کان ڇڏائي، پنهنجي ڪم آڻيون ٿا، ۽ اهڙيءَ طرح ڪن ماڻهن جي دل ۽ دماغ ۽ ڪن ماڻهن جي جسم کي ڏسي وائسي تباه ۽ برباد ڪريون ٿا.

فرض ڪريو ته هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ عزت آبروءَ وارو ڪٽنب هڪ ڳوٺ ۾ رهڻ لاءِ اچي ٿو.

هن ڪٽنب جا سڀ ڀاتي ۽ سندن مهمانن جون مهيني جي وچ ڌاري هتي پهچي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت تائين هو پنهنجي پڙهائيءَ ۽ امتحانن پاس ڪرڻ ۾ مشغول هئا- يعني لابارن شروع ٿيڻ تي اچن ٿا، ۽ سيپٽمبر تائين يعني ٻاربُن کڻڻ ۽ سياري جي فصل لاءِ ٻج ڇٽڻ تائين اُتي ترسن ٿا.

هي شخص، اهو سمورو وقت جيڪو هت ڳوٺ ۾ گذارين ٿا، ڪڙمين

ڪاسبين جو ڪم ڪار سندن اکين اڳيان ۽ آس پاس پيو ٿئي- ۽ ڪم به وري اهڙو، جنهن جي سختي تيستائين تصور ۾ نٿا آڻي سگهون، جيستائين اسان پاڻ ان ۾ هٿ نه وجهون.

هن خوش نصيب ڪٽنب جا اٽڪل ڏهاڪو کن ڀاتي هت ڳوٺ ۾ به اهڙي بيڪار زندگي گذارين ٿا، جهڙي شهر ۾ گذاريندا آهن، ڇاڪاڻ ته هت ڳوٺ ۾، سندن چوڻ موجب، هو هوا بدلائڻ ۽ (بيڪار زندگيءَ کان) آرام وٺڻ آيا آهن- تنهنڪري هتي ته کين نالي ماتر به ڪو ڪم ڪونهي، ۽ جيڪو وقت هتي بيڪار گذارين ٿا، تنهن لاءِ کين ڪنهن بهاني ڳولڻ جي به ضرورت ڪانه ٿي درپيش اچي.

روزن جي هفتي ۾ لاباري جو ڪم شروع ٿئي ٿو- روزا به روزن جهڙا، جڏهن روزن رکڻ ۽ روزون ڇوڙڻ وقت غريب پورهيت رڳو ڏڌ، بصر، دال، رائي ۽ ٻاجهر کائيندا آهن؛ ڳوٺ ۾ رهندڙ شهري شريفزادا اهو سمورو پورهيو پنهنجي اکين سان ڏسن ٿا، اڪثر حالتن ۾ ان پورهئي جو حڪم هو پاڻ ئي ڏين ٿا، ڪنهن حد تائين ان کي ساراهين ٿا، ۽ ڪڙٻ جي ڀنل خوشبوءِ،ڳائيندڙ عورتن جي جادوءَ ڀريل آواز، ڏاٽن ڏاندارين جي زندگي بخش ٺڪ ٺڪ، ۽ ڪڙٻ لڻندڙ ڪڙمين جي قطار اندر قطار نظاري کي ڏسي، خوش به ڏاڍو ٿين ٿا.

اهو سڀ ڪجهه هو، گهر ويٺي، پنهنجي اکين آڏو آرام سان ويهي ڏسن ٿا، ۽ پوءِ هي نوجوان مرد ۽ سندن ٻار، سارو ڏينهن ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ بيڪار ويهي ويهي، شام جو، اڌ ميل پنڌ تي، گاڏين ۾ سوار ٿي، وهنجڻ وڃن ٿا

لاباري جو ڪم، دنيا ۾ تمام مکيه ڪم لکيو ويندو آهي. ذري گهٽ هر سال، وقت ۽ پورهيتن جي کوٽ سبب، فصل لڻڻ کان اڳ ۾ ئي، فصل جو هڪ حصو برسات ۾ خراب ٿي ويندو آهي.اهڙي وقت ڪم جي چستي ۽ سستي ئي ٻڌائيندي آهي ته هيترو ڪي هيترو ان ۽ گاه عام ماڻهن کي وڌيڪ نصيب ٿيندو، يا هيترو ڪي هيترو بيٺل فصل پاڻيءَ ۾ سڙي ناس ٿي ويندو. جيڪڏهن ان ۽ گاه وڌيڪ لهندو، ته ٻڍن لاءِ گوشت ۽ ماني ۽ ٻارن لاءِ کير ۽ مکڻ وڌيڪ ٿيندو. هڪ هڪ لاباري ڪندڙ انهيءَ ان ۽ گاه تي ئي پنهنجي ٻارن ٻچن جي ڏڌ مانيءَ جو آسرو رکي ويهندو آهي. هر مرد ۽ عورت انهيءَ حقيقت کان واقف آهي، ۽ خود ٻارن کي اهو احساس هوندو آهي ته هيءُ ڪم نهايت اهم ۽ ضروري آهي. هن موسم ۾ اوهان ڏسندا ته هارين جا معصوم ٻار پنهنجي پوريءَ طاقت سان ڪم م جنبيا بيٺا هوندا آهن. منجهائيندڙ ڪيترا ميل، ڏيڍ ميل، ڪوهه بلڪ ان کان به وڌيڪ پنڌ تي، سهڪندا سهڪندا، ڏڌ سان ڀريل ڳورا ٿانو، لاباري تي وقت اندر پهچائڻ لاءِ، ڊوڙندا ويندا آهن. ڳوٺ جي هر شخص کي خبر آهي ته لاباري شروع ٿيڻ کان وٺي لاباري لهڻ تائين، ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ نه پوڻ گهرجي، ۽ آرام ته خير پري رهيو، مٿي کنهڻ جي به ڪنهن کي فرصت نصيب ڪانه ٿيندي آهي.

رڳو لڻڻ ۽ لاباري ڪرڻ جو ڪم ئي ته نه آهي ! ان کان سواءِ ٻيو به گهڻو ڪم ڪرڻو هوندو اٿن: ٻئي فصل لاءِ زمين جي کيڙ ڪرڻي هوندي اٿن، زالن کي ڪپڙا ڌوئڻا هوندا آهن،  ماني پچائڻي هوندي آهي، ۽ مردن کي مشين جي مرمت وغيره لاءِ شهر ڏانهن وڃڻ، ڳوٺ جي پئنچاتي معاملن سان منهن ڏيڻ، قانوني ڪورٽن ۾ حاضري ڀرڻ، حد جي پوليس عملدار کي ڏسڻ، ڏينهن جو گاڏي هلائڻ ۽ رات جو گهوڙن ۽ ٻئي ڍور ڍڳي جي سنڀال- اهي سمورا ڪم هر وقت سندن سر تي چڙهيا بيٺا هوندا آهن؛ مطلب هت ڳوٺ ۾ هر شخص- ٻار، توڙي ٻڍو، اگهو توڙي سگهو- پورهئي ۾ پنهنجي پوري طاقت ۽ ڪاريگري ڪم آڻي ٿو. هتان جا پورهيت ايترو ته ڪم ڪن ٿا، جو، هميشه ڪم پوري ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي، ٿڪجي، ٽٽجي، بيمار ۽ بيحال ٿي پون ٿا، ڏاڍي مشڪل سان پنهنجي رهيل ڪم کي پورو ڪري سگهن ٿا، ۽ ڪم ڪري ڪري ڪٿي گوڏو کوڙيائون، ته سندن وري اٿڻ ئي محال ٿي پوي ٿو. هتان جون زالون  به اهڙوئي سخت ۽ اوتروئي گهڻو ڪم ڪن ٿيون، جيتوڻيڪ انهن مان ڪيتريون پيٽ سان هونديون آهن يا وري ننڍڙا ابهم  ٻار ٿڻن تي هوندا اٿن.

هت ڳوٺ ۾ پورهيو سخت ۽ اڻ کٽ آهي. سڀ شخص پنهنجيءَ پوريءَ قوت سان پورهيو ڪن ٿا، ۽ پنهنجي هن ڪم جي موسم ۾ نه رڳو پنهنجن داڻن جو مخصر ذخيرو کائي کپائي ڇڏين ٿا، پر جيڪڏهن ڪي ڪڻا بچت ۾ پاسيرا پيل اٿن، ته اهي به وٽن نٿا بچي سگهن؛ هي محنت مزوري ڪندڙ شخص، هروڀرو صحتمند ۽ مضبوط ته خير ڪڏهن به نه هوندا آهن، پر لابارن لهڻ تائين، ڪم ۾ ڳهي ڳهي هيڪاري اڀرا  ٿي ويندا آهن.

اجهو هتي هن ٻنيءَ ۾ ڪي ڪڙمي لڻڻ ۾ مشغول آهن. پاڻ ۾ ڪل ٽي ڄڻا آهن- هڪ ٻڍو، ٻيو سندس نوجوان شادي شده ڀائٽيو، ۽ ٽيون هڪ سٽرو وٽرو موچي، جيڪو گهڻو وقت گهرو نوڪر ٿي رهيو آهي. هيءُ فصل ايندڙ سياري لاءِ سندن قسمت جو فيصلو ڪندو ته هو سرڪاري ٽئڪسون ڀري ۽ ٻچن لاءِ هڪ ڳئون رکي سگهندا يا نه! هنن اڳ ۾ ئي ٻه هفتا سانده اڻ ٿڪ محنت ڪئي آهي؛ برسات سندن ڪم ۾ رنڊڪ وجهي ڇڏي هئي، ۽ برسات کان پوءِ وري جڏهن هوا تي فصل سڪي ويو ته هي همت وارا همراه به تڙ تڪڙ ۾ ڪم پورو ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي اچي بيٺا آهن. ڪم جي تڪڙي اڪلاءَ لاءِ هنن مان هر هڪ، پاڻ سان ٻه عورتون وٺي آيو آهي. ٻڍي ڪڙميءَ سان سندس پنجاه سالن جي پاڻ جهڙي ٻڍي ۽ ٻوڙي پر سٺي پورهيت زال، جنهن کي گهڻي ۽ سخت ڪم ۽ يارهن ويمن هڻي اڌ مئو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ سندس تيرهن سالن جي ننڍڙي، چست ۽ سگهاري ڌيءُ گڏجي آيون آهن؛ ٻڍي جي نوجوان ڀائٽئي سان مرداني قد بت ۽ هڏ ڪاٺ واري سندس پنهنجي نوجوان زال ۽ سندس سولجر سالي جي پيرين ڀاري زال؛ موچيءَ سان به ساڳئي نموني سندس سهابت پورهيت زال ۽ ستر کن ورهين جي ٻڍي سس. جيڪا هونئن اڪثر پنندي وتندي آهي- سي اچن ٿيون. هي سڀ پورهئي سان پيار ڪندڙ شخص، جون مهيني جي سخت گرميءَ ۾، صبح کان سانجهيءَ تائين، پنهنجو پگهر وهائيندا رهن ٿا. سج جي تپت تي اوسي پاسي جو پاڻي ٻاڦ ٿي اُڏامي وڃي ٿو، ۽ برسات جو ڊپ به ڏاڍو ستائين ٿو. هن وقت ڪم جو پهر پهر قيمتي آهي، ۽ ڪڙمين کي ايترو وقت به ڪو نه ٿو ملي، جو پاڻي ڀري پين يا ڏڌ جو وٽو چپن تائين آڻي سگهن.

ٻڍڙيءَ جو معصوم ڏهٽو پاڻي آڻي ڏئين ٿو. ويچاري ٻڍڙي، رڳو انهيءَ خوف کان ته ڪم تان لاهي نه ڇڏينس، ڏانداريءَ مان هٿ ئي نٿي ڪڍي- جيتوڻيڪ گهڻيءَ ڪمزوريءَ سبب هلڻ کان به عاجز آهي. معصوم ٻارڙو، پنهنجي ننڍڙن، اگهاڙن پيرن سان ننڍڙا ننڍڙا معصوم قدم کڻندو، پاڻ کان به ڳرو پاڻيءَ جو ٿانءُ هڪ هٿ مان ٻئي هٿ ۾ بدلائيندو، کنيو پيو اچي. ڇوڪري به پاڻ کان ڳري ول جي ڀري ڪلهن تي کڻي تکي تکي وڌندي پيئي اچي- بنجاه سٺ قدم هلي، بيهي رهي ٿو، ۽ وڌيڪ پنڌ ڪرڻ جو سَتُ نه ساري، ول جي ڀري جهٽ پلڪ لاءِ هيٺ لاهي رکي ٿي. پنجاه ورهين واري پوڙهي مائي به ڏانداري هڻندي رهي ٿي. رومال کي هڪ پاسي ڪري، ڳرا ڳرا ساه کڻندي، ول هڪ پاسي گهليندي، ڪُهڙيون ٺاهيندي، اڳتي وڌندي وڃي ٿي. ستر ورهين جي ٻڍي ته ٻيو ڪجهه نٿي ڪري، پر ڏانداريءَ سان انهن ڪُهڙين کي سهيڙيندي رکندي ٿي هلي- ۽ حقيقت ۾ اهو ڪم به سندس وت کان وڌيڪ آهي: ڇنل ڦاٽل جُتيءَ ۾ پنهنجا پير گهليندي، گهنجيل ڀرن سان، هڪ سخت بيمار يا پوئين پساهن واري ماڻهوءَ وانگر اُداس اکيون کڻي، پنهنجي اڳيان پويان نهاريندي هلندي رهي ٿي؛ ٻڍي ڪڙميءَ به سوچي سمجهي هن غريب کي ٻين سڀني کان هلڪو ڪم ڏنو آهي، ته جيئن ڪم ۾ ٻين سان پُڄي اچڻ جو خيال نه ستائيس- پر ڪنهن به هٻڪ يا ساهي پٽڻ کان سواءِ ۽ ساڳئي موت جهڙي اُداس منهن سان، هيءَ پورهيت پوڙهي به ٻين پورهيتن جيتروئي ڪم ڪندي رهي ٿي.

هي سڀ شخص محسوس ڪن ٿا ته هاڻي ڪم تان لهجي، پر ڪڇي ڪو به نٿو- هر هڪ ٻين لاءِ ترسيو ويٺو آهي.نيٺ موچي، اهو سمجهي ته منجهس وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي طاقت نه رهي آهي، ٻڍي ڪڙميءَ کي ڪم تان لهڻ لاءِ چوي ٿو.ٻڍو موچيءَ جي اها رٿ قبول ڪري ٿو، ۽ عورتون اها ڳاله ٻڌڻ شرط، ڪپڙن بدلائڻ، ڏاندارين گڏ ڪرڻ ۽ لسيءَ توڙي پاڻيءَ جي ٿانون کڻڻ لاءِ ڀڄنديون وڃن ٿيون: ٻڍي عورت ته جتي بيٺي هئي، اُتي هڪدم ويهي رهي ٿي، ۽ هيٺ پَٽ تي ليٽي انهيءَ ساڳئي موت جهڙي اداس منهن سان سڌو پنهنجي سامهون ڏسڻ لڳي ٿي؛ پر انهي مهل ئي، ٻين سڀني عورتن کي ويندو ڏسي، پاڻ به ڪنجهندي ڪرڪندي، اُٿي کڙي ٿئي ٿي، ۽ انهن پٺيان پاڻ کي گهليندي گهليندي، رڙهندي وڃي ٿي.

پر اجهو هيءُ زميندار جو گهر به ڏسي وٺو. انهيءَ ساڳيءَ سانجهيءَ جو، جڏهن ٻنين تان موٽندڙ ٿڪل ٽٽل لاهيارن جي روهين جي گس گسان، ڏاٽن جي ڏندن کي سڌو ڪندڙ مترڪن جي ٺڪ ٺڪ، ۽ ٻنين تان واپس اچي ڍورن ڍڳن کي واڙيندڙ عورتن ۽ ڇوڪرين ڇوڪرن جون رڙيون ٻُڌجي رهيون هيون،- ته وڏيري جي گهران وري سُرَ ئي ٻيا پئي ٻڌڻ ۾ آيا: هڪ طرف پيانو وڄي رهيو هو ۽ ڪنهن ولايتي گاني جا مٺا مٺا اَلاپ اچي رهيا هئا، ته ٻئي طرف وري انهن سُرن جي وچ ۾ رکي رکي ٽينس راند ۾ کينهون کي لڳندڙ ڌڪ پئي ٻڌڻ ۾ آيا؛ طبيلي ڀرسان هڪ سٺي ڀاڙيتي گاڏي بيٺي هئي، جنهن ۾ چار ٿلها متارا گهوڙا ٻڌل هئا. هاڻي اصل واقعي جو بيان ٻڌو.

مهمان سڀ پهچي ويا آهن- هي شخص ڏهن ميلن لاءِ ڏهه روبيل ڏيئي گاڏين تي چڙهي آيا آهن. گاڏين ۾ ٻڌل گهوڙا پنهنجا گهنگرو وڄائي واپس وڃڻ جا خيال ظاهر ڪري رهيا آهن؛ سندن توبرن ۾ داڻو پيو آهي جو اوباري ڇڏيو اٿن، گاه کي پيرن ۾ لتاڙي رهيا آهن- اهو ساڳيو داڻو ۽ گاه جيڪو هزار تڪليفن سان اپايو ۽ گڏ ڪيو وڃي ٿو .زميندار جي گهر  وٽ ڪجهه چوٻولو ٿئي ٿو- هڪ تندرست ۽ ٿلهو متارو ڇوڪر، جنهن کي سندس خذمتن جي عيوض مليل گلابي رنگ جي ريشمي قيمص پيل آهي، سو ڪوچوان کي سڏي کين گهوڙن سنجڻ لاءِ چوي ٿو؛ ۽ ٻه ڪڙمي جيڪي هن زميندار وٽ ڪوچوان آهن، پنهنجي ڪوٺڙيءَ مان ٻاهر نڪري، آهستي آهستي، آرام سان، هنن شهري شريفزادن جي سير ۽ تفريح لاءِ گهوڙا سنجڻ وڃن ٿا.

زميندار جي گهر کان اڃا به ڪجهه ويجهو هڪ ٻئي پياني جو آواز ٻڌجي ٿو. اهو پيانو، هڪ پبلڪ موسيقي اسڪول جي شاگرد، هڪ نوجوان شريفزادي، وڄائي رهي آهي، جيڪا هت ٻار پاڙهيندي اهن. ٻنهي پيانن جا آواز هڪ ٻئي سان ٽڪرجي هڪ عجيب تاثر پيدا ڪري رهيا آهن. انهيءَ گهر ٻاهران اڱڻ مان، ٻه نرسون لنگهي رهيون آهن، جن مان هڪ ننڍي جوان ڇوڪري آهي ۽ ٻي ٻڍي عورت. هي پاڻ سان ٻه ننڍڙا ٻار- اوترائي ننڍڙا ٻار، جيترا ڳوٺ مان ڏڌ جا چاڏا کڻي، ٻنيءَ ڏانهن ڊوڙندا ويا هئا- سمهارڻ لاءِ کڻي وڃي رهيون آهن. هڪڙي نرس ته انگريز آهي، جيڪا روسي زبان بنهه نٿي ڳالهائي سگهي- کيس انگلنڊ مان به ٻيءَ ڪنهن خاص علمي يا عملي لياقت سبب نه،پر رڳو انهيءَ ڪري ته روسي زبان کان ناواقف آهي- گهرايو ويو آهي. ڪجهه پرڀرو باغ ۾، ٻه عورتون ۽ هڪ مرد، گلن کي پاڻي ڏيئي رهيا آهن، ۽ هڪ ٻيو ڪڙمي وري پنهنجي نوجوان مالڪ جي بندوق صفا ڪري رهيو آهي. اجهو ٻه ٻيون ڳوٺاڻيون عورتون ڌوتل ڪپڙن جي پاٽ کڻيو پيئون اچن. هنن غريب زالن، شهري شريفزادن ۽ سندن ٻارن جي انگريز ۽ فرينچ ماسترن جا ڪپڙا ڌوتا آهن. انهيءَ ساڳئي گهر ۾ ٻه ٻيون ٻڍيون مايون آهن، جي مشڪل سان هڪ وقت جا ٿانءَ ڌوئي سگهن ٿيون، ۽ ٻه وردي پهريل ڪڙمي، صاحبزادن کي سوڍا ليمن، چانهه ، ڪافي ۽ شراب پيارڻ جي ڊڪ ڊوڙ ۾ لڳا پيا آهن؛ مٿي، هڪ وڏي، گول ڪمري ۾ هڪ ميز پئي آهي؛ صاحبلوڪن اجهو هينئر رات جي ماني کائي بس ڪئي آهي، ۽ وري به جلد ئي کائڻ تي ويهندا، ۽ اڌ رات، ٽين  بجي، اسر، يا ڪڪڙن جي بانگ تائين کائيندا رهندا.

انهن صاحبزادن مان ڪي سگريٽ پي، تاس کيڏي رهيا آهن، ته ڪي سگريٽ جي دونهين ۾ پنهنجي ترقي پسنديءَ تي خيالن جي ڏي وٽ ڪري رهيا آهن؛ باقي رهيل حضرت وري هيڏانهن هوڏانهن رلي پني، کائي پي، ٻئي ڪنهن خاص ڪم نه هئڻ سبب، ٻاهر چڪر تي وڃڻ جي تيارين ۾ آهن. هي شخص پاڻ ۾ ڪل پندرهن بلڪل تندرست مرد ۽ عورتون ٿيندا، پر سندن خذمت چاڪريءَ ۾ هر وقت ٽيهارو کن نوڪر رڌل رهن ٿا.

 ۽ اهو سڀ ڪجهه اتي ٿي رهيو آهي، جتي وقت جي هر گهڙي ۽ هر شخص جا ٻه هٿ ڏاڍا قيمتي آهن.

هنن صاحبزادن جي، ”جون“ ۾ توڙي جولاءِ ۾، اها ساڳي ئي ڳالهه رهندي. جڏهن ڪڙمي ننڊ آرام حرام ڪري، راتين جو جون ۾ لابارو وجهندا ته متان گپ چڪ ۾ خراب نه ٿي وڃن؛ جڏهن پوک جي ڪم ۾ تباه ٿيل عورت، ٿڻن تي ٻار واري جوان زال ۽ ننڍڙا ننڍڙا نيگرا، پنهنجي وت کان وڌيڪ بار کڻي، پاڻ کي ٿڪائي ڇڏيندا !؛ جڏهن هر شخص جي پهرين گهرج، يعني اناج، کي گدامن تائين کڻي اچڻ لاءِ ملڪ جا گهوڙا گاڏيون ۽ مزور پورا نه پوندا: ۽ اهو سمورو وقت شهرن جا هي شريفزادا انهيءَ ساڳي نموني پنهنجي زندگي عيش عشرت ۾ گذاريندا رهندا. کيل تماشا ٿيندا، راڳ گانا ٻڌبا، پيانا وڄندا، ۽ هميشه وانگر موج مزي جون محفلون گرم ٿينديون !

هتي ته اهو عذر ڏيئي نٿو سگهجي ته ملڪ جو دستور ائين آهي، يا اسان جي چوڌاري ائين ٿئي پيو؛ ته اسان جي بيڪار ۽ عيشي زندگيءَ لاءِ اڳواٽ بندو بست ڪونه ٿيل آهي- پر هتي ته اسان پاڻ پنهنجن هٿن سان، ڏسي وائسي، هيسيل ۽ ڪمزور ڪڙميءَ کان سندس محنت ۽ محبت جو ڦل ڦُري، پنهنجي زندگيءَ جو اهو خاص ۽ انوکو نمونو سوچي سمجهي ٺاهيون ٿا؛ هتِي ته اسان پاڻ، پنهنجي رضا خوشيءَ سان، بلڪ حڪمان حڪميءَ، ائين پيا رهون- ڄڻ ته ويلهه ۾ مري ويل ڌوٻياڻيءَ، پندرهن ورهين واريءَ خوار خراب ٿيل نوجوان طوائف، ڳهي ڳهي هڏائون پڃرو ٿي ويل سگريٽ ٺاهيندڙ عورت،  ۽ اڌ بکين، اڌ اگهاڙن نوجوانن، بيمار، پيرسن ۽ مرڻينگ انسانن ۽ معصوم ٻارڙن جي سخت ۽ چيلهه چٻي ڪندڙ پوريهئي سان اسان جو ڪوبه واسطو نه آهي، هتي ته اسان پنهنجي عيش عشرت سان ڀرپور زندگيءَ جا مزا ماڻيندي، ائين پيا رهون، ڄڻ ته انهن ڳالهين جو اسان جي زندگيءَ سان ڪو واسطو نه آهي، هتي به اسان اهو ڏسي نٿا سگهون (يا ڏسڻ ئي نٿا چاهيون !) ته جيڪڏهن اسان پاڻ سست، عياش ۽ ڪم چور نه هجون ها، ته ڪنهن کي هيءَ وت کان وڌيڪ  ۽ موتمار پورهيو نه ڪرڻو پوي ها - ۽ هنن مسڪينن ۽ محتاجن جو هيءُ وت کان وڌيڪ ۽ موتمار پورهيو ئي آهي، جنهن جي مٿان اسان پنهنجي هن ايتريءَ رنگين ۽ خوشحال زندگيءَ جي ايڏي اوچي عمارت اڏيل ۽ بيٺل آهي !

اسان سمجهون ٿا ته پورهيت طبقي جي زندگيءَ جو هيءَ عذاب ۽ سندن دک درد هڪڙي الڳ ڳالهه آهن- ۽ اسان جي پنهنجي زندگيءَ جو انهن سان ڪوبه تعلق نه آهي؛ ۽ اسان جهڙيءَ طرح پنهنجيون زندگيون گذاريون ٿا، ان ۾ بنهه فرشتن جهڙا پاڪ ۽ معصوم آهيون.

اسان، رومين جي زندگيءَ جي اڀياس ڪرڻ وقت، لسولي(Luculli)  جي ڪارنامن تي عجب کائيندا آهيون ته جڏهن عام ماڻهن بک ٿي مئا، تڏهن هي حضرت لذيذ طعامن ۽ قيمتي شرابن سان پيٽ ڀري بي فڪر رهندا هئا؛ اسان پنهنجي ابن ڏاڏن- غلام ڪڙمين جي مالڪن- جي جهنگليپڻي تي به ڪاوڙ ۾ ڪنڌ ڦيري عجب کائيندا آهيون ته هو پنهنجن بنگلن ۽ باغيچن اندر ناٽڪ ۽ نچ گاني جون محفلون گرم رکندا هئا، ۽ پنهنجي دل خوش ڪرڻ لاءِ، ڳوٺن جا ڳوٺ برباد ڪرائي، پنهنجا دلپسند باغ رکرائيندا هئا، ۽ انهن جي سنڀال ڪرائيندا هئا. اسان اهي ڳالهيون پڙهي ۽ ٻڌي، پنهنجي انسان دوستيءَ واري جذبي وچان، انهن غير انساني ڪارواين تي پنهنجي ناپسندگيءَ ۽ حيرت جو اظهار ڪندا آهيون.

اسان انجيل مقدس ۾ باب پنجين ۾ ”يسع“(Isaiah)  جا لفظ پڙهندا آهيون:

”عذاب نازل ٿئي انهن شخصن تي جيڪي زمين ڀرسان زمين ۽ گهر ڀرسان گهر جوڙين ٿا، تان جو ڪابه جاءِ خالي نه ٿي رهي- انهيءَ لاءِ ته هو ساري دنيا جا اڪيلا مالڪ ٿي رهن؛

” عذاب نازل ٿئي انهن شخصن تي، جيڪي صبح جو سوير اٿن ٿا، انهيءَ  لاءِ ته اٿڻ سان تيز شراب پين، ۽ رات جو دير دير تائين پيئندا رهن، جيستائين شراب کين ٻاري ساڙي ڇڏي؛

” عذاب نازل ٿئي انهن شخصن تي، جن جي محفلن ۾ رات ڏينهن، رنگ روپ، ناچ گاني، ۽ شوق شراب جو دور ته سدائين جاري رهي ٿو، پر ڌڻيءَ جي جوڙ ۽ ان جي ڪاروبار کي ڪڏهن به خيال ۾ نه ٿا آڻين؛

” عذاب نازل ٿئي انهن شخصن تي، جيڪي پنهنجي هٺ وڏائيءَ سان بڇڙايون  ۽ بي انصافيون ڪن ٿا، ۽ کلندي کائيندي هر ڳالهه کي ٻاراڻو کيل سمجهي، ڏوهه گناهه ڪندا وتن ٿا؛

” عذاب نازل ٿئي انهن شخصن تي، جيڪي چڱائيءَ کي برائي، ۽ برائيءَ کي چڱائي چون ٿا، روشنيءَ بدران اونده ۽ اونده بدران روشني ڪن ٿا، ۽ مٺي جي جاءِ تي ڪڙو ۽ ڪڙي جي جاءِ تي مٺو رکن ٿا؛

” عذاب نازل ٿئي انهن شخصن تي، جيڪي شراب پيڻ ۾ تيز ۽ شرابن کي تيز ڪرڻ تيزتر آهن،

” عذاب نازل ٿئي انهن شخصن تي، جيڪي لالچ تي لڳي، ظالم کي ظل الله ڪوٺين ٿا، ۽ شريف کان سندس شرافت کسي وٺن ٿا؛

اسان اهي لفظ باربار پڙهندي به سمجهون ٿا ته اهي لفظ اسان جي لاءِ نه آهن !

اسان پاڪ ڪتاب (مئٿيو 1،3) ۾ پڙهون ٿا:

” -  ۽ اڄ به وڻ جي پاڙ تي ڪهاڙي لڳي ٿي، تنهنڪري جيڪو وڻ مٺو ميوو نٿو ڏئي، تنهنکي پاڙئون پٽي باهه ۾ ڦٽو ڪجي ٿو.“

۽ تسلي اٿئون ته اسان پاڻ تمام سٺو ميوو ڏيندڙ ۽ ڪمائتا وڻ آهيون، ۽ مٿيان لفظ اسان چڱن ماڻهن جي لاءِ نه، پر ڪن ٻين بڇڙن شخصن جي لاءِ چيا ويا آهن.

اسان ٻئي هنڌ به حضرت يسع  جا لفظ اچاريون ٿا:

” هنن ماڻهن جي دلين تي چرٻي چاڙه، سندن ڪن ٻوڙا ڪر، ۽ سندن اکين تي اونده جي پٽي ٻڌ؛ انهيءَ لاءِ ته متان پنهنجي اکين سان ڏسن، پنهنجي ڪنن سان ٻڌن ۽ پنهنجي دلين سان ڪجهه پروڙين، بدلجي صحتمند ۽ چڱا ڀلا ٿين.“

”تنهن تي مون چيو ته ’مالڪ ڪيستائين؟‘“                

”۽ مالڪ وراڻيو: ’جيستائين شهر غير آباد ٿي، تباه ۽ برباد ٿي وڃن، گهر، ماڻهن کان سواءِ، اجڙي ويرا ٿي وڃن، ۽ زمين بلڪل بيڪار ۽ غير آباد ٿي وڃي.‘“

اسان اهي لفظ بار بار اُچاريون ٿا، ۽ يقين اٿئون ته اهو عجيب حادثو اسان سان ڪو نه ٿيو آهي، پر ڪي ٻيا شخص انهيءَ حادثي جو شڪار ٿيا هوندا. ۽ اسان جي انهيءَ بيخبريءَ ۽ انڌ جو سبب اهو ئي آهي ته اهو عجيب معاملو اسان سان ئي ٿي رهيو آهي: پر اسان ٻڌون ڪو نه ٿا، ڏسون ڪو نه ٿا، ۽ اسان جي دل ۾ ڪا به ڳالهه ڪا نه ٿي ويهي! اهو سڀ ڪجهه نيٺ ٿيو ڪيئن؟

 

 

 

 

 

باب  ڇويهون

هي اهو شخص جيڪو پاڻ کي يسوع مسيح جو معتقد، مهذب يا انسان دوست ته خير پري رهيو، پر فقط ذهن ۽ ضمير وارو ئي سمجهي ٿو، سو ائين ڪيئن ٿي سگهندو ته زندگيءَ لاءِ ساريءَ انسان ذات جي جدوجهد ۾ شريڪ ٿيڻ کان سواءِ، انهيءَ ساڳيءَ عام جدوجهد ۾ شريڪ ٿيل ٻين انسانن جو پورهيو ڦٻائي، پاڻ هضم ڪري، ۽ پنهنجي روزبروز وڌندڙ مطالبن سان، زندگيءَ جي هن جدوجهد جي اذيت ۽ بار، ۽ انهيءَ جدوجهد ۾ تباهه ٿيندڙ شخصن جو تعداد، وڌائيندو رهي.

پر انهيءَ هوندي به اسان جي نام نهاد مهذب ۽ مذهب پرست دنيا اهڙن ماڻهن سان ڀري پيئي آهي، ۽ نه رڳو اهڙن ماڻهن سان ڀري پيئي آهي، پر اسان جي انهيءَ نام نهاد مهذب ۽ مذهب پرست دنيا جي ماڻهن جو مقصد حيات ئي اهو آهي ته هو هميشه زندگيءَ جون وڌ ۾ وڌ سهوليتون، يعني عيش آرام لاءِ گهڻي ۾ گهڻا پئسا، حاصل ڪندا رهن. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته هو ’نيڪ بخت‘ زندگيءَ لاءِ ضروري جدوجهد کان ڇوٽڪارو، ۽ انهيءَ جدوجهد ۾ باقاعدي تباهه ٿيندڙ انسانن جي محنت کي مڪمل طور پنهنجي ڪم آڻڻ جي هر سهوليت هٿ سان ڪرڻ چاهين ٿا. سوال آهي ته اهڙيءَ حيرت انگيز غلطيءَ ۾ هي شخص ڦاٿا ڪيئن؟

نيٺ به، هن صاف، سنئين سڌيءَ، عام سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهه کي نه ڏسڻ، نه ٻڌڻ ۽ نه سمجهڻ جي حالت ۾ هي شخص آيا ڪيئن؟

ان حقيقت کي سمجهڻ لاءِ، اسان کي رڳو ٻه گهڙيون، جيڪو اسان جي پنهنجي قول ۽ فعل ۾ حيرتناڪ تضاد آهي، تنهن تي ويچار ڪرڻ گهرجي.

ڌڻيءَ جي سٺي يا خراب جوڙ ڪري، يا دنيا ۽ دنيا جي رهاڪن کي زنده رکندڙ قدرتي قانون سبب، هن دنيا ۾ انسان جي حالت، شروعات کان وٺي، اها رهي آهي، ۽ اڄ به اها ئي آهي، ته عام ماڻهو، مٿي لڪائڻ لاءِ اجهي، بت ڍڪڻ لاءِ ڪپڙي، ۽، هڪ ڏورانهين پٽ تي رهندڙ رابنس ڪروزو جهڙي بي سرو سامان مسافر وانگر، پيٽ پالڻ لاءِ اناج کان سواءِ، سدائين هٿ پير هڻندا ۽ دربدر ٿيندا رهن ٿا، ۽ کين اهڙي نموني رکيو ويو آهي، جو هو پنهنجي بت ڍڪڻ، مٿي لڪائڻ لاءِ اجهي اڏڻ، ۽ پنهنجي، پنهنجي ٻارن ٻچن جي محتاج ۽ ڪمزور ٻڍن جي بک مٽائڻ لاءِ پنهنجي قدرتي آسپاس ۽ ماحول سان لڳاتار ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد ڪندا رهن ٿا.

اسان عام ماڻهن جي زندگيءَ جو جنهن به ملڪ، تاريخ جي جنهن به دور ۽ سندن جنهن به تعداد ۾، مطالعو ڪنداسين، ته اسان کي هميشه هڪ ۽ ساڳي ڳالهه ئي نظر ايندي: ۽ اها هيءَ ته عام ماڻهو، لڳاتار ۽ اڻ ٿڪ محنت کان پوءِ به، پنهنجي سر لاءِ، پنهنجي ٻارن ٻچن لاءِ ۽ پنهنجي ڪمزور ۽ محتاج ٻڍن لاءِ، مناسب کاڌ خوراڪ معقول رهائش ۽ مهذب لباس حاصل ڪرڻ کان قاصر رهن ٿا، ۽، اڳين ڏينهن وانگر هينئر به، محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن جو ڪافي زياده تعداد، زنده رهڻ لاءِ گهربل ضروري سهولتن جي کوٽ ۽ انهن سهولتن کي هٿ ڪرڻ لاءِ  چيلهه چٻي ڪندڙ محنت سبب تباهه ۽ برباد ٿي رهيو آهي.

اسان جتي به رهون، پر جيڪڏهن پنهنجي چوڌاري هڪ لک، هڪ هزار، هڪ سؤ، هڪ ڏهاڪي يا صرف هڪ ميل اندر رهندڙ عام ماڻهن جي زندگيءَ جو اڀياس ڪنداسين، ته اسان کي انهيءَ دائري اندر اڌ – بکيا ٻار، ڪمزور ۽ محتاج ٻڍا، بستري داخل عورتون، ننڊ آرام ۽ کاڌ خوراڪ نه ملڻ سبب بيحال ۽ بيمار شخص، ۽ پنهنجي عمر کان اڳ مرندڙ انسان باقاعدي نظر ايندا، ۽ اسان اهو به ڏسنداسين ته ڪيترا مرد پنهنجي اڌ جوانيءَ ۾ ئي سخت اڻ کٽ پورهئي  ڳهي ڳهي مري وڃن ٿا.

جڏهن کان وٺي هيءَ دنيا شروع ٿي آهي، اسان ڏسون ٿا ته عام ماڻهن پنهنجي عام ضرورتن لاءِ هٿ پير هڻدا ۽ انهن کي منهن ڏيندا رهيا آهن، ۽ اڻ ٿڪ ڪوششن، هزار مصيبتن ۽ مشڪلاتن سان مردانه وار منهن ڏيڻ کان پوءِ به، انهن ضرورتن تي سوڀ نه پائي سگهيا آهن. اسان کي اها خبر آهي ته اسان مان هر هڪ، پوءِ چاهي هو ڪٿي به هجي ۽ ڪيئن به رهندو هجي، هر روز ۽ هر گهڙيءَ، پنهنجي خوشيءَ سان يا مجبوراً، انساني محنت جي پيداوار جو ڪجهه نه ڪجهه حصو کپائيندو رهي ٿو، اسان مان هر هڪ، پوءِ چاهي هو ڪٿي به هجي ۽ ڪيئن به رهندو هجي، تنهن جي سر مٿان بيٺل ڇت ۽ گهر پنهنجو پاڻ ته ڪڏهن به اڀري ڪو نه ٺهيو آهي، سندس چلهه ۾ پيل ڪاٺيون به پنهنجو پاڻ پنڌ ڪري وٽس ڪو نه آيون آهن، ۽ نه وري پڪل ماني، لتا ڪپڙا، بوٽ جوراب، وغيره، آسمان مان ڪريا آهن، پر هن حضرت انسان جي لاءِ اهو سڀ ڪجهه نه رڳو ماضيءَ ۾ مري کپي ويل انسانن، پر اڄ جي انهن هزارن لکن مزورن پڻ هٿن سان ٺاهيو آهي ۽ ٺاهي رهيا آهن، جيڪي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن ٻچن جي زندگيءَ جي ضروري سهولتن حاصل ڪرڻ لاءِ، پاڻ کي ۽ پنهنجي ٻارن ٻچن کي دک درد ۽ بي وقت موت کان بچائڻ لاءِ ناڪام ڪوششون ڪندي، روزانو سون هزارن جي تعداد ۾ تباهه ۽ برباد ٿي رهيا آهن، هو سڀ زندگيءَ لاءِ ضروري گهربل سهولتن لاءِ وڙهي رهيا آهن، ۽ ايتريءَ شدت سان وڙهي رهيا آهن، جو هر روز ۽ هر گهڙيءَ سندن سوين هزارين ساٿي – پيءُ ماءُ، ڀائر ڀينر ۽ ٻار ٻچا – ان ويڙهه ۾ بنهه سندن اکين اڳيان مري کپي خلاص ٿي رهيا آهن.

هن جهان ۾، ڌڻيءَ يا قدرت طرفان، عام ماڻهو به، هڪ ٻڏندڙ ٻيڙيءَ ۾، انهن ٿوري کاڌي سان سوار ٿيل مسافرن وانگر رکيا ويا آهن، جن کي اهو ٿورو کاڌو به پاسيرو رکي، ايندڙ آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ لڳاتار ۽ اڻ ٿڪ محنت ڪرڻ گهرجي! ۽ اسان مان ڪنهن به هڪ جي طرفان، انهيءَ ڪم ۾ رڪاوٽ ۽ ٻين جي محنت جو غير ضروري استعمال، خود اسان جي پنهنجي لاءِ ۽ اسان جي انهن سڀني محنت مزوري ڪندڙ ساٿين لاءِ نهايت نقانڪار آهن.  

پوءِ ڀلا اها ڳالهه ڪيئن ٿي، جو اسان جي وقت جا اڪثر پڙهيل لکيل شخص، محنت مزوري ڪرڻ کان سواءِ ۽ ماٺ ميٺ ۾ خاموشيءَ سان، ٻين محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن جي پگهر جو پورهيو مفت ۾ کائي کپائي رهيا آهن، ۽ سمجهن ٿا ته ائين ڪرڻ هڪ بلڪل واجبي ۽ قدرتي فعل آهي؟

پاڻ کي بلڪل واجبي ۽ قدرتي پورهئي کان باقاعدي آزاد ڪري، پنهنجو بار به ٻين جي ڪلهن تي رکڻ، ۽ ائين سمجهڻ ته اسان چور ڌاڙيل يا غدار نه آهيون – تنهن لاءِ رڳو ٻه قياس ٿي سگهن ٿا: پهريون ته اسان، عام انساني پورهئي ۾ حصو نه وٺندڙ شخص، ٻين محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن کان بلڪل مختلف ۽ خاص الخاص انسان آهيون ۽ سماج ۾ هڪ خاص الڳ ٿلڳ حيثيت رکون ٿا، (ماکيءَ جي مکن يا راڻي مکين وانگر جن کي محنتي مکين کان بنهه مختلف، ٻيا بيڪاريءَ جا ڪم ڪرڻا هوندا آهن)، ۽ ٻيو ته اسان، زندگيءَ لاءِ ضروري جدوجهد کان آزاد ٿيل خوش نصيب انسان، ٻين گهٽ درجي وارن محنت مزوري ڪندڙ عام ۽ خسيس ماڻهن لاءِ، جو ڪجهه ڪري رهيا آهيون، سو ايترو ته مفيد ۽ معنيٰ وارو آهي، جو اهو اسان جي طرفان سندن وڌيل بار جي مڪمل تلافي ڪري ڇڏي ٿو.

پرائي پورهئي کي مفت ۾ استعمال ڪندڙ شخص، اڳين ڏينهن ۾ به، ائين هوندا هئا ته ”هو هڪ خاص خوش نصيب نسل جي پيدائش آهن، ۽ ٻين جي ’سار سنڀال‘ لهڻ – يعني مٿن حڪومت ڪرڻ ۽ کين زندگيءَ جا طور طريقا سيکارڻ لاءِ“ خدا جي طرفان خاص طور مقرر ٿي آيا آهن، ۽ تنهنڪري ٻين، محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن، کي ٻڌائيندا هئا، ۽ گهڻو ڪري پاڻ به ان ڳالهه ۾ يقين رکندا هئا، ته هو، جو ڪجهه ڪري رهيا آهن، سو عام ماڻهن جي لاءِ، سندن مفت ۾ استعمال ٿيل پورهئي کان وڌيڪ مفيد ۽ ضروري آهي“، ۽ اهو بي معنيٰ دليل به تيستائين قبول ٿيندو رهيو، جيستائين عام ماڻهن، انسان  ڪاروبار ۾ قدرت جي سنئين سڌي دست اندازي ۽ جدا جدا نسلن جي وچ ۾ امتيازي حيثيتن جي صحيح ۽ معقول هجڻ ۾، شڪ نه آندو. تان جو عيسائيت، ۽ ان منجهان پيدا ٿيندڙ عام ماڻهن جي برابريءَ، برادريءَ ۽ ٻين بين الاقوامي اتحاد جي شعور پيدا ٿيڻ سان، اهو دليل انهيءَ ساڳيءَ شڪل ۾ پيش ڪرڻ جهڙو نه رهيو. هاڻي اها دعويٰ ڪرڻ ڏاڍي ڏکي هئي ته ”عام ماڻهو، قدرت طرفان، مختلف نسلن ۾، مختلف ڪمن ڪارين لاءِ ۽ مختلف مرتبن سان پيدا ٿيا آهن،“ ۽ نيٺ انساني غير برابريءَ جو اهو پراڻو، مدي خارج دليل، وقت ٿيو، جو آهستي آهستي پنهنجي موت پاڻ مري ويو. (جيتوڻيڪ ڪي شخص پنهنجي برتريءَ کي جتائڻ لاءِ اڃا به ان کي استعمال ڪندا رهن ٿا.)

انسان ۽ انسان جي وچ ۾ نسلي تفاوتن جو وهم ته خير هينئر ڪو نه رهيو آهي، پر طاقتور شخصن طرفان، محنت مزوريءَ ۽ هڏن جي پورهئي کان پاڻ ڇڏائي، ٻين جي محنت جو ڦل مفت ۾ هضم ڪرڻ جي حقيقت، پنهنجي جاءِ تي، اڳي وانگر، اڄ به قائم آهي، ۽ انهيءَ فعل کي جائز ۽ صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ، وقت بوقت نوان نوان دليل گهڙيا ويا آهن – اهڙيءَ طرح، جو انسان ۽ انسان جي وچ ۾ نسلي امتياز کي مڃڻ کان سواءِ به، جيڪي شخص پاڻ کي هڏن جي پورهئي کان آزاد رکڻ جو بندوبست ڪري سگهن ٿا، انهن کي ائين ڪرڻ جائز ۽ صحيح معلوم ٿئي ٿو. هن مهل تائين اهڙي قسم جا گهڻائي جواز پيش ٿي چڪا آهن. ڏسڻ ۾ ته خير اهو عجيب معلوم ٿيندو، پر اها حقيقت آهي ته انسان جي علمي يا سائنسي سرگرميءَ جو مکيه  مقصد اصل کان اهڙي قسم جا جواز ڳولي لهڻ ئي رهيو آهي؛ ڪنهن ديني ۽ قانوني علمن جو اهو مقصد هو، ته ڪنهن وقت نام نهاد فلسفي جو، ۽ ڪجهه وقت کان وري اڄ ڪلهه جي تجرباتي سائنس انهيءَ کي پنهنجو مقصد بڻايو آهي.

حقيقت ۾ اسان جي انهيءَ مذهبي حرفت بازيءَ ۾ موشگافيءَ جو به اهو ئي مقصد رهيو آهي، جنهن اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هڪ خاص ڪليسا يا فرقو ئي يسوع مسيح جو سچو ۽ اڪيلو جانشين آهي، ۽ تنهنڪري ان کي ئي عام ماڻهن جي جسم ۽ جان تي مڪمل ۽ غير محدود طاقت جو حق هجڻ گهرجي.

قانوني علمن، جهڙوڪ سياسي، تعزيراتي، ديواني ۽ بين الاقوامي قاعدن جو به اهو ئي مقصد آهي، فلسفي جا مکيه نظريا – خاص طور ”هيگل“ جو جڳ مشهور نظريو – جيڪي هيترو وقت ائين چوندا رهيا ته ”جو ڪجهه آهي، سو مناسب ۽ معقول آهي، ۽ انساني شخصيت کي مڪمل ڪرڻ لاءِ رياست جو وجود نهايت ضروري آهي“ – تن سڀني جو پڻ اهو ئي مکيه مقصد رهيو آهي.

هڪ تمام گهٽ حيثيت واري انگريز ليکڪ، جنهن جي ٻين سڀني ڪتابن کي خسيس ۾ خسيس سمجهي وساري ڇڏيو ويو، تنهن انساني آدمشماريءَ جي مسئلي تي هڪ مقالو لکيو آهي، جنهن ۾ هڪ من گهڙت قاعدو بيان ڪري ٻڌايو اٿس ته ’انساني آبادي، زنده رهڻ لاءِ گهربل ضرورتن جي ڀيٽ ۾، جيئن پوءِ تيئن زياده وڌي رهي آهي‘.هن شخص پنهنجو اهو نام نهاد سائنسي قاعدو، بي بنياد حسابي ترڪيبن سان پيش ڪري، ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ خيال جي هلڪڙائي ۽ علمي صلاحيت جي ڪمي ڏسي، هر ڪو ائين ئي چوندو ته انهيءَ ليکڪ جي هن ڪتاب ۾ به، سندس ٻين ڪتاب وانگر، ڪو خاص عملي مايو يا صداقت ڪا نه آهي، ۽ ان کي به عام پڙهندڙ جلد وساري ڇڏيندا، پر حقيقت ۾ ائين ڪو نه ٿيو، بلڪ جيڪي ٿيو، سو بنهه ان جي ابتڙ. هن هن مقالي جو مصنف- جناب ”مالٿيوس“ - رات وچ ۾ هڪ علمي سند ٿي پيو، ۽ ڀَرين پنجاهه سالن تائين علمي سند ٿي رهيو آهي.

مالٿيوس جو اهو نظريو ته جنهن رفتار سان انساني آبادي وڌي رهي آهي، تنهن رفتار سان انساني زندگيءَ لاءِ گهربل ضروري شيون نٿيون وڌن‘، ۽ سندس ٻڌايل انساني آباديءَ  تي ضابطي رکڻ جا واجبي ۽ غير واجبي قاعدا ۽ طريقا، سڀ عين سائنسي ۽ لاريب فيهه صداقتون ٿي پيا، جن جي ڪنهن به ثابتيءَ ۽ تصديق کي بنهه غير ضروري سمجهيو ويو، ۽ انهن ”صداقتن“ منجهان وڌيڪ نتيجن ڪڍڻ لاءِ کين بنيادي نڪتن طور استعمال ڪيو ويو؛ وڏي ڳالهه ته اسان جا پڙهيل ڳڙهيل ۽ سياڻا سمجهدار شخص به ائين ڪندا رهيا، ۽ سست الوجود، بيڪار محض شخص ته مالٿيوس جي انهيءَ نئين دريافت ٿيل اصول تي پورو پورو ۽ اٽل ايمان آڻڻ لڳا.

اهو سڀ ڪجهه ائين ڇو ٿيو؟ ظاهر اهي سڀ سائنسي ۽ منطقي ”قاعدا“ اهڙا ڏسجن پيا، جن جو حيواني يا انساني نسل جي جبلتن سان ڪو به تعلق ڪو نه آهي. پر انهن ”قاعدن“ ۾ صداقت فقط ان شخص کي ئي نظر ايندي، جيڪو الهامي مذهب ۽ ڪليسا وانگر سائنس کي به سڀني غلطين کان پاڪ صاف ۽ مختار الوجود سمجهندو، ۽ اها خبر نه هونديس ته اهي ۽ ان قسم جا ٻيا سڀ خيال انهن ڪمزور ۽ غلطڪار شخصن جي ئي ذهن جي پيداوار آهن، جيڪي محض سستي شهرت لاءِ پنهنجي خام خيالن کي ”سائنس“ ڪوٺين ٿا.

اهو معلوم ڪرڻ جي لاءِ ته مالٿيوس جو نظريو به ٻين عام نظرين وانگر هڪ بلڪل انساني ۽ ڪن خاص مقرر مقصدن وارو نظريو آهي، اچو ته انهيءَ نظريي مان ڪي عملي نتيجا ڪڍي ڏسون! مالٿيوس جي نظريي مان سنوان سڌا هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا: (1) محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن جي ذلت ڀري زندگي، شاهوڪار ۽ طاقتور شخصن جي ڏاڍ مڙسيءَ، خود پسنديءَ ۽ ڪند ذهنيءَ سبب نه، پر انسان جي قبضهء قدرت کان ٻاهر، هڪ ڪڏهن به نه بدلجندڙ آسماني قانون مطابق آهي؛ ان لاءِ، جيڪڏهن ڪنهن کي الزام ڏجي به، ته اهي خود محنتي مزور پاڻ ئي ان لاءِ ذميدار آهن، ڇاڪاڻ ته هي ڪمبخت اهڙا ته ڪورا ڄٽ آهن، جو ڄمڻ وقت اهو به نه سوچيائون ته کين کائڻ لاءِ ڪجهه ملندو به يا نه! ۽ (2) تنهنڪري شاهوڪار ۽ طاقتور شخصن کي ڪنهن به قسم جو الزام نه ٿو ڏيئي سگهجي، ۽ هو ڀلي اڄ به اڳي وانگر موج مزي ۾ زندگي گذاريندا رهن! مالٿيوس جي انهيءَ نظريي مان نڪتل هيءُ ”منطقي“ نتيجو، سست الوجود ۽ بيڪار محض ماڻهن جي انبوه لاءِ اهڙو ته مفيد ۽ معنيٰ خيز ثابت ٿيو، جو اسان جي سڀني پڙهيل لکيل، عقل، هوش ۽ دماغ جي سالم پر بيڪار ۽ ڪم چور شخصن انهيءَ اصول جي صداقت لاءِ عملي ثبوت جي ڪميءَ ۽ ان جي برخود غلطيءَ ۽ هڪ طرفي نوعيت کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، ۽ انهيءَ اصول مان نڪرندڙ مٿين عملي نتيجن کي خيال ۾ رکي، ان جو نهايت گرم جوشيءَ سان استقبال ڪيو، ان تي سائنسي صداقت جي مهر هنئي، ۽ پورن پنجاهه ورهين تائين خوب مطمئن رهيا ۽ جشن ملهايائون.

فيلسوف ”ڪامٽي“ جي فلسفهء اثبات ۽ ان مان منطقي طور نڪرندڙ اصول ته ”انسان ذات به هڪ قسم جو منظم جسم آهي،“ ۽ ڊارون جي ”زندهه رهڻ لاءِ ضروري جدوجهد واري قاعدي“ ۽ ان مان نڪرندڙ انساني نسلن جي امتياز ۽ اختلاف جي جواز، توڙي علم الانسان، علم الحيات ۽ علم المعاشره – جن جو اڄ ڪلهه ماڻهن کي گهڻو شوق آهي – تن سڀني جو به اهو ساڳيو مقصد آهي. اهي سڀ علم، اصول ۽ نظريا اسان جي موجوده طريقهء زندگيءَ – يعني پرائي پورهئي تي ڀاڙي ويهڻ – کي باقاعدي ۽ جائز ثابت ڪن ٿا، ۽ تنهنڪري ئي اسان جي مٿين طبقن ۾ انهن جو ايترو گهڻو قدر ۽ منزلت تسليم ٿيل آهي.

اهي سڀ علم، اصول ۽ نظريا، جيئن هميشه کان ٿيندو آيو آهي، پهريائين پهريائين خفيه ”خانقاهن“ ۾ ئي گهڙيا وڃن ٿا، ۽ پوءِ کين دلفريب ۽ بي معنيٰ لفاظيءَ سان سينگاري سنواري، عام ماڻهن ۾ مشهور ڪيو وڃي ٿو، ۽ اهڙيءَ طرح عام مقبوليت حاصل ٿئين ٿي. جيئن اڳين ڏينهن ۾، محلات ۽ مڙهيءَ جي ڏاڍ مڙسيءَ کي صحيح ثابت ڪندڙ هر قسم جي حرفتبازي، رڳو مذهبي اڳواڻن جي ئي مخصوص تعليم سمجهي ويندي هئي، ۽ عام ماڻهن ۾ ٺهيل ٺڪيل نظريا مشهور ڪري، انهن کي ايمان تي قبول ڪرايو ويندو هو، (جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو بادشاهن، پادرين ۽ شاهه شاهوڪارن جي اقتدار کي مقدس سمجهيو ويو،) ساڳيءَ ريت، ڪجهه وقت کان پوءِ وري، نام نهاد سائنس جي قانوني فلسفانه حرفتبازي متعلقه سائنسي ”پادرين“ جي مخصوص ملڪيت رهي، ۽ عام ماڻهن ۾ رڳو اڳواٽ گهڙيل خيال مشهور ڪري، انهن کي ايمان تي قبول ڪرايو ويو، جن جو مطلب اهو هو ته انساني سماج جي جوڙجڪ جيئن آهي، تيئن رهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اها ٻيءَ طرح ٿي نه ٿي سگهي.)

اهڙيءَ طرح هينئر به سائنسي ”پادرين“ جي خفيه حجرن ۽ تجربه گاهن ۾ ئي، انساني حيات ۽ ان جي ارتقا جي ڇنڊ ڇاڻ ٿئي ٿي، ۽ عام ماڻهن ۾ رڳو ٺهيا ٺڪيا نظريا مشهور ڪري، انهن کي ايمان تي قبول ڪرايا وڃن ٿا، (جنهن جي معنيٰ اها آهي ته پورهئي جي ورهاست هڪ مڪمل قانون آهي، ۽ ان جي تصديق سائنس به ڪئي آهي، ۽ دنيا جو ڪاروبار جيئن آهي، تيئن رهڻ گهرجي – يعني هڪڙن کي گهرجي ته پورهيو ڪندا رهن ۽ بک مرندا رهن، ۽ سدائين موج مزي ۽ عيش آرام ۾ زندگي گذارين، ۽ هڪڙن انسانن جي هيءَ اکين ڏٺي تباهي ۽ ٻين جي رات ڏينهن عياشي، انساني زندگيءَ جو هڪ مقدس دستور آهي، جنهن کي هر حالت ۾ مڃڻ اسان جو علمي ۽ سائنسي فرض آهي).

اڄ ڪلهه وري، ريلوي آفيسرن کان وٺي اديبن ۽ فنڪارن تائين، پڙهيل لکيل طبقي جا فرد، پنهنجي سستيءَ ۽ بيڪاريءَ کي هن ريت حق بجانب ۽ صحيح ثابت ڪن ٿا:

”اسان خوش نصيب انسان، جن عام انساني فرض يعني زنده رهڻ لاءِ ضروري جدوجهد کان نجات حاصل ڪئي آهي، سي انسان ذات جي مجموعي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهيون، ۽ هڪ اهڙي سماج خدمت پيا ڪريون، جيڪا اسان جي بيڪاريءَ ۽ پرائي پورهئي کائڻ جي تلافي ڪري ڇڏي ٿي.“

اسان جي دؤر جي ماڻهن کي هيءَ دليلبازي، اڳين ڏينهن جي ماڻهن جي دليبازيءَ کان مڙيئي ٻيءَ طرح معلوم ٿئي ٿي، جهڙيءَ ريت رومي شهنشاهن ۽ رومي آزاد شهرين کي سندن پنهنجي دليلبازي – ته انهن کان سواءِ مهذب دنيا تباهه ۽ برباد ٿي ويندي – مصرين ۽ پارسين جي دليلبازيءَ کان مختلف نظر ايندي هئي، ۽ جيئن وچئين زماني جي سردارن ۽ پادرين کي وري رومين جي اها مخصوص دليلبازي بلڪل ٻئي قسم جي معلوم ٿيندي هئي!

پر اهو رڳو نظرن جو دوکو آهي، ۽ انهيءَ حقيقت جي تهه تائين پهچڻ لاءِ ته ’ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي‘، اسان کي گهرجي ته پنهنجي موجوده دؤر جي دليلبازيءَ کي چڱيءَ طرح جاچي ڏسون.

ڳالهه رڳو ڪنهن نئين پوش ۾ ڍڪيل آهي، پر آهي اها ساڳي پراڻي، ڦرلٽ واري ڳالهه – ڇاڪاڻ ته ان جو بنياد به انهيءَ ساڳيءَ شيءِ تي رکيل آهي. پنهنجن هڏن هلائڻ کان سواءِ، ٻين جي پورهئي کي مفت ۾ کائڻ واري عمل ۾ عادت کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ فرعون ۽ هن جي پادرين، رومي توڙي وچئين زماني جي شهنشاهن – مطلب ته پراڻي زماني جي هر ڏاڍي مڙس ۽ هن جي ننڍن وڏن حوارين – جي اها حيله سازي ٻن قياسن تي ٻڌل هوندي: (1) اسان عام ماڻهن جو پورهيو پنهنجي ڪم آڻيون ٿا، ڇاڪاڻ ته ڌڻيءَ اسان کي خاص الخاص انسان بڻائي، عام ماڻهن مٿان حڪم هلائڻ ۽ کين الاهي علم سيکارڻ لاءِ موڪليو آهي، ۽ (2) اسان عام ماڻهن کان جيترو ڪم وٺون ٿا، تنهن جي انصاف يا عدم انصاف متعلق هو پاڻ ڪا راءِ قائم ڪري نه ٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهو سمجهي نٿا سگهن ته سندن ڀلائي ڇا ۾ آهي - ۽ تنهنڪري اسان طرفان مٿن ڪيل احسان به هو نه سڃاڻي سگهندا. گويا جيئن انجيل پاڪ (جان 7، 49) ۾ لکيل آهي ته يسوع مسيح جي مخالف پادرين چيو ٿي ته ”عذاب نازل ٿئي هن هجوم تي، جنهن کي مقدس ’قانون‘ جي ڪا به خبر نه ٿي پوي“، بلڪل اهي ئي لفظ هنن سڀني پنهنجي پنهنجي زماني جي محنت مزوري ڪندڙ عوام لاءِ استعمال ٿي ڪيا.

اسان جي دؤر جي حيله سازي به، ظاهري تفاوت جي باوجود، بنيادي طور انهن ساڳين ئي ٻن ڳالهين تي مدار رکي ٿي: (1) اسان خاص الخاص انسان آهيون، اسان تعليم يافته هجڻ ڪري، ترقيءَ ۽ تهذيب جي وڏي خدمت ڪري رهيا آهيون، ۽ اهڙيءَ طرح عام ماڻهن تي اسان جا اڻ ڳڻيا احسان آهن، ۽ (2) عام اڻ پڙهيل ماڻهو اسان جي انهن احسانن کي سمجهي نه ٿا سگهن، تنهنڪري کين انهيءَ باري ۾ ڪنهن به قطعي فيصلي ڪرڻ جو حق نه هجڻ گهرجي.

اسان پاڻ کي هڏن جي پورهئي کان آزاد ڪري، ٻين جي محنت جو ڦل مفت ۾ کائون ٿا، ۽ اهڙيءَ طرح محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن جي حالت وڌيڪ دکي ۽ دردناڪ بڻائڻ کان پوءِ به، ائين ٿا چئون ته ”انهيءَ جي عيوض اسان سان سندن وڏي خدمت ڪري رهيا آهيون، پر هو پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ سبب هيءَ ڳالهه سمجهي نه ٿا سگهن“!

ڇا هيءَ اها ساڳي ڳالهه نه آهي؟ تفاوت رڳو هي آهي، جو اڳ، ٻين ماڻهن جي پورهئي تي رومي (آزاد) شهرين، پادرين، سردارن ۽ اميرن سڀني کي حق رهندو هو، پر هينئر ماڻهن جي فقط هڪ خاص طبقي سان تعلق رکندڙ شخص کي ئي اهو خصوصي حق حاصل آهي، جيڪي پاڻ کي مهذب، تعليم يافته ۽ سڌريل سڏائين ٿا. ڪوڙ اهو ساڳيو ڪوڙ آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻ کي حق بجانب ۽ صحيح ثابت ڪندڙ هِنن اڄوڪن شخصن جي ڪوڙي حيثيت به ساڳئي نموني ڪوڙي آهي. ڪوڙ جي حقيقت ان مان ظاهر آهي، جو ڪي اڱرين تي ڳڻڻ جيترا بيڪار ۽ ڪنهن نه ڪم جا شخص – فرعون، پادري . . . ۽ ٻيا اسان جهڙا پڙهيل لکيل سڌريل شخص – عوام تي ڪيل احسانن جي صداقت ثابت ڪرڻ کان پوءِ نه، پر ان کان گهڻو گهڻو اڳ ۾ ئي، پنهنجي مٿانهين حيثيت حاصل ڪري وٺن ٿا، ان کي ڪيئن به ڪري قائم رکن ٿا،۽ پوءِ ضرورت سارو ان کي مفيد ۽ صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ هزار قسم جا اِهي ۽ ٻيا اهڙا حيلا بهانا ۽ دليل دلائل ڳولي ڳولي لهن ٿا ۽ پيش ڪن ٿا.

حقيقت ۾ انهن سڀني ڳالهين جو بنياد هڪڙن شخصن جو ٻين کان، هيسائي دبائي، زور زبردستيءَ سان مفت ۾ ڪم وٺڻ تي ئي بيٺل آهي.

اسان جي پنهنجي ۽ اڳئين زماني جي پراڻي دليلبازيءَ ۾ فرق اهو آهي ته اسان جي اڄوڪي دليلبازي، اڳينءَ دليلبازيءَ کان وڌيڪ ڪمزور ۽ ناقص آهي.

اڳين ڏينهن جا شهنشاهه ۽ پوپ پادري، جيڪڏهن پاڻ يا سندن پوئلڳ، سندن خدائي مقرريءَ تي ايمان آڻيندا هئا، ته هو پنهنجي اها مٿانهين – پرائي پورهئي مان فائدي وٺڻ جي حيثيت آسانيءَ سان سمجهائي به سگهندا هئا: هو چوندا هئا ته ڌڻيءَ پاڻ کين مقرر ڪري، عوام ڏانهن موڪليو آهي ته وڃي عوام تي حڪومت ڪن، ۽ کين الاهي علم سيکارين. پر اڄوڪي وقت جا پڙهيل لکيل ۽ پاڻ کي سڌريل سمجهندڙ شخص، جيڪي پنهنجي هٿن سان پورهيو نه ٿا ڪن. سي، انسانن جي برابري تسليم ڪرڻ کان پوءِ، اها ڳالهه ڪنهن به طرح سمجهائي نه ٿا سگهن ته ڇو فقط هو ۽ سندن اولاد (ڇاڪاڻ ته علم به پئسي سان ملي ٿو) ئي خدا جا خاص ۽ خوش نصيب بندا آهن، جن کي گهر ويٺي، هٿ پير هلائڻ کان سواءِ، ماني کارائڻ ۽ اها مٿانهين حيثيت بخشڻ لاءِ، لکين ڪروڙين مزوري ڪندڙ عام ماڻهو روزانو سون هزارن جي تعداد ۾ ڳهي ڳهي تباه ۽ برباد ٿيندا رهن.

اڄ اهڙن بيڪار محض ۽ مفتخور شخصن وٽ فقط هڪڙو اهو ئي هلڪڙو ۽ برخود غلط دليل رهجي ويو آهي ته هو پاڻ پورهئي نه ڪرڻ ۽ تنهنڪري ٻين جي پورهئي کي مفت ۾ ڪم آڻڻ ڪري عام ماڻهن کي جيڪو نقصان پهچائي رهيا آهن، ان جي عيوض عام ماڻهن تي احسان به احسانن جهڙا ڪيا اٿن، جيڪي هي اڻ پڙهيل غريب سمجهي نه ٿا سگهن، پر سندن ٿيل نقصان جي انهن مان مڪمل تلافي ٿي وڃي ٿي.

 

باب  ستاويهون

خدا جا اهي خاص الخاص ۽ خوش نصيب بندا، جن پاڻ کي هڏن جي پورهئي کان آزاد ڪرايو آهي، سي پاڻ کي حق بجانب ۽ پنهنجي انهيءَ آزادگيءَ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ جيڪو دليل ڏين ٿا، سو تمام سولن ۽ ساڳئي وقت بلڪل ٺيڪ لفظن ۾ هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو: اسان پاڻ کي هڏن جي پورهئي کان آزاد ڪندڙ شخص، پنهنجي هوشياريءَ، همت ۽ جوانمردايءَ سان، ٻين جي پورهئي کي پنهنجي ڪم آڻي سگهون ٿا، ۽ ساڳئي وقت پنهنجي مٿانهينءَ حيثيت سبب، انهن مسڪين ۽ محتاج شخصن تي وڏا وڏا احسان به ڪريون ٿا. يا ائين کڻي چئجي ته هڪڙا شخص زور زبردستيءَ سان ٻين محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن کان سندن محنت جي ميوي ڦرڻ ۽ اهڙيءَ طرح سندن پنهنجي جدوجهد کي وڌيڪ مشڪل بڻائڻ سان، کين جيڪو ڏٺو وائٺو ۽ سنئون سڌو نقصان پهچائي رهيا آهن، ان جي عيوض عام ماڻهن تي هڪ اهڙو موهوم ۽ مبهم احسان ڪري رهيا آهن، جيڪو ڪنهن کي ڏسڻ يا سمجهڻ ۾ نه ٿو اچي. هنن مفتخور شخصن جو هيءُ دليل واقعي هڪ عجيب و غريب دليل آهي، ۽ اڳين ڏينهن جي ماڻهن وانگر، اڄ ڪلهه جا مفتخور ۽ پورهيتن جي پٺين تي سوار شخص به انهيءَ عجيب و غريب دليل تي دليؤن جانيؤن ايمان آڻي، رڳو پنهنجي ضمير جو بار هلڪو ڪري رهيا آهن.

هاڻي اچو ته ڏسون ته اسان جي ڏينهن ۾ جن شخصن پاڻ کي هڏن جي پورهئي کان آزاد ڪيو آهي، سي پنهنجي انهيءَ فعل کي تفصيلي طور ڪيئن ٿا صحيح ثابت ڪن.

مان هڪ بادشاهه، هڪ وزير يا هڪ پادريءَ جي حيثيت ۾ پنهنجي سرڪاري، درباري يا مذهبي سرگرميءَ سان عوام جي خدمت ڪريان ٿو، مان هڪ سيٺ، هڪ واپاريءَ يا هڪ ڪارخانيدار جي حيثيت ۾ پنهنجي ڪاروباري، تجارتي يا صنعتي سرگرميءَ سان عوام جي خدمت ڪريان ٿو.

اڄ ڪلهه جا مفتخور شخص، جن پاڻ کي هڏن جي پورهئي کان آزاد رکيو آهي، سي پنهنجي بچاءَ ۾ ائين ئي چون ٿا.

اچو ته هڪ هڪ ڪري اهي دليل به جاچي ڏسون، جن تي هي شخص پنهنجي سرگرمين جي هن افاديت جو بنياد رکن ٿا.

ڪنهن به هڪ شخص جي ٻئي شخص لاءِ سرگرميءَ جي افاديت جا فقط ٻه ثبوت ئي ٿي سگهن ٿا: (1) ٻاهريون، يعني جنهن شخص کي فائدو پهچي، تنهن جي قبوليت، ۽ (2) اندريون، يعني ٻئي شخص کي فائدي پهچائڻ جي خواهش، ۽ ان خواهش کي بنياد بڻائي، انهيءَ شخص کي فائدي پهچائڻ ۾ سرگرم رهڻ جي حقيقت.

حاڪم (جن مان سرڪاري طور تسليم ٿيل مذهب، ڪليسا وغيره جا مهنت ۽ پادري وغيره شامل سمجهان ٿو) محڪوم کي فائدو پهچائين ٿا.

شهنشاهه، بادشاهه، جمهوريت جو صدر، وڏو وزير، انصاف جو وزير، جنگ يا دفاع جو وزير، پادري ۽ سندس ٻيا نائب، جيڪي رياست جا نوڪر آهن، اهي سڀ زنده رهڻ لاءِ ضروري جدوجهد کان پاڻ کي پري رکي، انهيءَ جدوجهد جو سمورو بار ٻين جي ڪلهن تي اڇلائي، هن بهاني زندگي گذارين ٿا ته سندن ٻيون سرگرميون انهيءَ عام ماڻهن جي ازيت ۽ نقصان جي تلافي ڪري ڇڏين ٿيون.

هاڻي اچو ته سندن انهيءَ خيرخواهيءَ ۽ خدمتگذاريءَ جي دعويٰ جا ثبوت به جاچي ڏسون: ڇا عام محنتي ماڻهو، جن تي حڪمران طبقي جي سرگرمين جو سنئون سڌو اثر پوي ٿو، سي پاڻ انهن سرڪاري سرگرمين مان مليل فائدي جي ساک ڀرين ٿا؟

هائو، عام ماڻهن جي اڪثريت کي سرڪاري سرگرميون برابر پنهنجي لاءِ ضروري معلوم ٿين ٿيون، ۽ اصولي طور انهن سرگرمين جي افاديت کان به کين انڪار نه آهي، پر اهي سرڪاري سرگرميون، انهن ساڳين ماڻهن وٽ، جن جي فائدي لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي سرگرميون عمل ۾ اچن ٿيون، پنهنجي عملي شڪلين – سماجي ادارن ۽ ٻين عام خاص حالتن – ۾ نه رڳو پنهنجي روزمره جي افاديت قبول نه ٿيون ڪرائين، پر انهن ماڻهن کي ائين چوڻ تي پڻ مجبور ڪن ٿيون ته هي سرگرميون هنن لاءِ گهڻي نقصان ۽ تباهيءَ جو باعث آهن.

ڪا به سياسي سرگرمي اهڙي نه آهي، جنهن کي عام محنتي ماڻهن جي اڪثريت نقصانڪار نه سمجهندي هجي، ڪو به سماجي ادارو اهڙو نه آهي، جنهن کي عام ماڻهو نقصانڪار نه چوندا هجن، ڪورٽون، اسيمبليون، بئنڪون، پوليس، پوپ، پادري – مطلب ته وڏي ۾ وڏي سرڪاري اداري کان وٺي ويندي ڳوٺاڻي پوليس ٿاڻي تائين، ۽ پوپ پادرين کان وٺي ويندي ڪفن دفن جي ڪم ڪندڙ مذهبي جماعت تائين، ڪا به اهڙي سرڪاري، سياسي يا سماجي سرگرمي نه آهي، جنهن کي ڪي ماڻهو چڱو ۽ ڪي خراب نه چوندا هجن، ۽ اهو سڀ رڳو روس ۾ ئي نه، پر ساري دنيا – انگلينڊ، فرانس، آمريڪا وغيره - ۾ به ٿئي پيو. جيڪڏهن ريپبلڪن پارٽي طاقت ۾ آهي، ته ڊيموڪرئٽڪ پارٽي سندن هر سرگرميءَ کي نقصانڪار ۽ عوامي مفادن خلاف سمجهندي، ۽ وري جيڪڏهن ڊيموڪرئٽڪ پارٽي اقتدار ۾ اچي ٿي، ته ريپبلڪن پارٽي ان جي گلا مان ڪين ڍاپندي، ۽ ان جي اڪثر عمل کي ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ انتهائي نقصانڪار سمجهندي ۽ ٻڌائيندي.

ٻيو ته سرڪاري سرگرميءَ کي نه رڳو عام طور چڱو نه ٿو چيو وڃي، پر ان منجهه هڪ ٻي بري خاصيت پڻ آهي: سا اها ته هر ساڪاري سر گرميءَ کي زور زبردستيءَ سان ئي عمل ۾ آندو وڃي ٿو، ۽ ان منجهان فائدي وٺڻ لاءَ خون،قتل، ڦاسيون، جبل، زوريءَ اڳاڙيل ڍلون وغيره پڻ ضروري آهن.تنهنڪري معلوم ٿيو ته انهيءَ حقيقت کان سواءِ ته سرڪاري سرگرمين جي افاديت سڀ ماڻهو نٿا مڃين ۽ ڪي نه ڪي ماڻهو اصل کان وٺي انهيءَ افاديت کان انڪار ڪندا رهيا آهن، هڪ ٻي ڳالهه به آهي ته اهي نام نهاد سرڪاري سوغاتون، هميشه زور زبردستيءَ سان ئي عام ماڻهن مٿان مڙهيون وڃن ٿيون. تنهنڪري سرڪاري – سياسي ۽ سماجي – سر گرمين جا فائدا انهيءَ لحاظ کان به ثابت نه ٿيا.

هاڻي اچو ته مفتخورن جي عوامي خير خواهيءَ جي دعويٰ جي ٻئي ثبوت کي به جاچي ڏسون؛ اچو ته خود سرڪاري ماڻهن کان هڪ سنئون سڌو سوال پڇون ۽ کين چئون ته ايمانداريءَ سان سچي ڳالهه ٻڌائين: ڇا سچ پچ اوهان سڀني کي، سرڪاري ۽ نيم سرڪاري عهدن ماڻڻ وقت، عام ماڻهن سان ڀلائي ڪرڻ ۽ کين ڪنهن نه ڪنهن فائدي پهچائڻ جو خيال هوندو آهي؟ يا دل ۾ ڪا ٻي مراد هوندي اٿو؟ ڇا سچ پچ اوهان ٻين کي فائدي پهچائڻ جي جذبي هيٺ بادشاه ، صدر ، وزير ،پوليس عملدار،مذهبي اڳواڻ يا اسڪول ماستر جي عهدي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو، يا ڪي ٻيا شخصي مطلب اوهان کي انهن عهدن لاءِ هر کائيندا آهن؟

منجهانئن جيڪي ايماندار ۽ روشن ضمير شخص آهن، سي ته شروعات کان وٺي ائين ئي چوندا آيا آهن ته ذاتي غرض ئي سندن سر گرمين جو اصل مقصد ۽ دل جي مراد هئا!

تنهنڪري اها ڳالهه ثابت ٿي ته هڪڙا شخص ٻين ڳهي ڳهي مري ويندڙ محنتي مزورن جو پورهيو ڦٻائي، کين جيڪو ڇيهو ۽ نقصان پهچائي رهيا آهن، ان جي تلافي وري پنهنجين اهڙين سر گرمين سان ڪري رهيا آهن، جن کي عام ماڻهن اصل کان وٺي پنهنجي لاءِ فائديمند هئڻ بدران نقصانڪار ئي سمجهيو آهي، ۽ انهيءَ ”خذمت“ يا ”فائدي“ کي به هو رضا خوشيءَ سان نه، پر ڏاڍن جي ڏاڍ کان مجبور ٿي، خاموشيءَ سان برداشت ڪندا رهيا آهن، ۽ انهن سرڪاري سرگرمين جو اصل مقصد، هميشه کان ٻين جو فائدو نه، پر سرڪاري ڪارڪنن جو پنهنجو ذاتي مفاد ئي رهيو آهي.

پوءِ انهيءَ مفروضي جي تصديق ڪٿان ٿي ٿئي ته سرڪاري سرگرميون عوام جي فائدي ۽ ڀلائيءَ لاءِ ئي آهن؟

صرف هن مان ته خود سرڪاري ڪارڪنن کي پنهنجي سرگرمين جي مفيد هجڻ جو پورو يقين آهي، ۽ ايمانداريءَ سان سمجهن ٿا ته اهي سرگرميون هميشه کان جاري رهيون آهن ۽ هميشه جاري رهنديون. پر اها حقيقت آهي ته انساني سماج ۾ هميشه کان اهڙا ارادا ۽ نظام موجود رهيا آهن، جي نه رڳو بيڪار ۽ ڪنهن نه ڪم جا هئا، پر انهن مان اڪثر – جهڙوڪ غلامي، لڙايون ۽ عصمت فروشي – هر صورت ۾ نقصانڪار پڻ هئا.

سرڪاري عملدارن وانگر، خانگي ملڪيتن جا مالڪ سرمايه دار (جن ۾ ڪارخانيدار، بئنڪن جا مالڪ، زميندار، وغيره اچي وڃن ٿا) پڻ ايمانداريءَ سان پنهنجي دل ۾ سمجهن ٿا ته هو عوام کي وڏا وڏا فائدا پهچائي رهيا آهن، جي، سندن وجود مان جيڪو عام نقصان عوام کي ڀوڳڻو پيو پوي، تنهن جي مڪمل تلافي ڪري ڇڏين ٿا.

هو ائين ڇو ٿا سمجهن؟

ڪير ۽ ڪهڙي قسم جا ماڻهو سندن سرگرمين جي افاديت جو اقرار ڪن ٿا؟ انهيءَ سوال جي جواب ۾ سرڪار مائي باب سان تعلق رکندڙ ننڍا وڏا عملدار ۽ پوپ پادري ته برابر يڪ آواز ٿي انهن هزارن لکن محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن ڏانهن اشارو ڪري سگهن ٿا، جي ڪم از ڪم اصولي طور سرڪاري ۽ مذهبي سرگرمين جي افاديت جا قائل آهن، پر سرمايه دار – پٽ ريشم، لوهه، چمڙي، شيشي، شراب، بندوقن، توبن ۽ بارود، وغيره جا واپاري، ٺيڪيدار ۽ ڪارخانن جا مالڪ – اهڙيءَ سند لاءِ ڪنهن جو نالو کڻي سگهندا؟ هي وڏن وڏن بنگلن ۽ باغن جا مالڪ ۽ زمين کي پنهنجي جاگير سمجهندڙ وڏيرا ڪيئن ٻڌائيندا ته عوام سندن تهه دل سان شڪر گذار آهي، ۽ سندن احسانن جي بار کان ويچارو عوام لڏيو پيو گهمي؟ جيڪڏهن ڪي شخص، بخمل، شراب ۽ لوهه جي پيداوار مفيد سمجهن ٿا، ته ڪي شخص وري اهڙا به هوندا، جي انهن شين کي بنهه فضول ۽ نقصانڪار چوندا. عام ماڻهن مان هڪڙو شخص به زميندارن ۽ واپارين جي مهانگين پيدا ڪندڙ سرگرمين کي پسند نه ڪندو. ان کان سواءِ، انهن شخصن جون ٻيون به هر قسم جون سرگرميون هميشه مزورن لاءِ سختي ۽ نقصان ئي کڻي اچن ٿيون، ۽ اهي سرگرميون جيتوڻيڪ سرڪاري سرگرمين وانگر اڪثر حالتن ۾ سڌيءَ طرح اثر انداز نه ٿيون ٿين، پر تڏهن به نتيجا ٻنهي قسمن جي سرگرمين جا ساڳيا ۽ هوبهو هڪ جيترو عذاب ڏيندڙ آهن، ڇاڪاڻ ته هر تجارتي ۽ صنعتي سرگرميءَ جو بنياد صرف عوامي ضرورتن مان جائز ناجائز فائدي وٺڻ جي اصول تي ئي رکيل آهي: يعني، (1) عوام جي ضرورت مان فائدو وٺي، مزورن کان سخت ۽ اڻ وڻندڙ پورهيو ڪرائڻ (2) عوام جي ضرورت مان فائدو وٺي کانئن ڪچو مال گهٽ قيمت تي وٺڻ، ۽ موٽ ۾، انهن ساڳين ماڻهن کي انهيءَ ساڳئي مال مان ٺهيل، زندگيءَ لاءِ گهربل ضروري شيون وڌيڪ قيمت ڏيڻ (3) وري به انهيءَ ساڳئيءَ ضرورت مان فائدو وٺي، عام محتاج ماڻهن کي ضرورت جي وقت پئسا اڌارا ڏيئي، کانئن پنهنجي مرضيءَ مطابق ٻيڻو ٽيڻو وياج وصول ڪرڻ. انهن سرمايه دارن جي سرگرمين کي هر نقطه نگاه کان جاچندي، اسان کي خبر پوي ٿي ته محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن مان هڪڙو شخص به، اصولي طور، يا ڪن خاص حالتن ۾ به، سرمايه دارن جي احسانن جو اقرار ته نه ٿو ڪري، پر گهڻو ڪري سندن سرگرمين کي سماج دشمن ۽ نقصانڪار ئي سمجهي ٿو.

اسان جيڪڏهن ٻيءَ طرح سرمايه دارن جي سرگرمين کي جاچي ڏسنداسين ۽ سندن دلي مراد معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ته اسان کي اڃا به وڌيڪ صاف ۽ سنئين سڌي حقيقت آڏو ايندي.

جيڪڏهن ڪو سرڪاري ملازم چوي ته سندس دل ۾، ذاتي نفعي کان سواءِ، عوامي خدمت جو جذبو به موجود آهي، ته اسان کي مٿس اعتبار ڪرڻو پوندو - ۽ اسان سڀني کي ڪنهن نه ڪنهن ايماندار ۽ عوام جي خيرخواه سرڪاري ملازم جي سڌ اوس هوندي، پر هڪ سرمايه دار شخص بنيادي طور نفعي خور آهي ۽ پنهنجي پيشي جي مخصوص فطرت سبب پنهنجي دولت وڌائڻ بدران عوام جي ڀلائيءَ کي پنهنجو مطلب ۽ مقصد بڻائي نه ٿو سگهي، ۽ بفرض محال جيڪڏهن اهڙي غلطي ڪندو به سهي، ته پنهنجي طبقي ۾ کلڻ هاب ٿيندو!

تنهن ڪري محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهو ته سرمايه دارن جي سرگرمين کي ڪڏهن به پنهنجي لاءِ مفيد ڪو نه ٿا سمجهن.

سرمايه دارن جي هر سرگرميءَ سان مزورن خلاف سختي ڳنڍيل هوندي آهي ۽ ان سرگرميءَ جو مکيه مقصد مزورن جو فائدو نه، پر سيٺ جو زاتي نفعو ئي هوندو آهي، پر تنهن هوندي به عجب جهري ڳالهه آهي، جو هي سرمايه دار پنهنجيءَ پر ۾ ايمانداريءَ سان سمجهن ٿا ته سندن هر سرگرمي عوام کي فائدو پهچائي ٿي، ۽ انهيءَ خيالي فائدي جي ڪري ئي هو پاڻ کي هڏن جي پورهئي کان آزاد رکي، پرائي پورهئي کي پنهنجي ماءُ جو کير سمجهن ٿا.

سائنسدانن، عالمن ۽ اديبن به پاڻ کي هڏن جي پورهئي کان آزاد ڪري، پنهنجو بار ٻين جي ڪلهن تي رکيو آهي، ۽ دل جي مڪمل اطمينان سان هيڏانهن هوڏانهن هلندي چلندي، ايمانداريءَ سان سمجهن ٿا ته هو عوام کي ڪي وڏا فائدا پهچائي رهيا آهن، جيڪي، جيڪڏهن هنن کي منجهانئن ڪو نقصان ٿي به رهيو آهي، ته ان نقصان جي تلافي ڪري ڇڏين ٿا.

هنن حضرتن جو يقين وري ڪهڙيءَ ڳالهه تي ٻڌل آهي؟

اچو ته هنن کان به اهو ساڳيو سوال پڇي ڏسون، جيڪو سرڪاري ملازمن ۽ عام سرمايه دارن پڇيوسين، ڇا، محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهو سائنس ۽ فن جي عطا ڪيل نعمتن جو اقرار ڪن ٿا؟

اسان کان خبر آهي ته هنن تهذيب ۽ تاديب جي ”استادن“ وٽان اسان کي هن سوال جو نهايت ڏکوئيندڙ جواب ملندو.

حاڪمن ۽ مذهبي اڳواڻن جون سرگرميون، اصولي طور ته سڀ ماڻهو مفيد سمجهن ٿا، پر عملي طور به ذري گهٽ اڌ کان وڌيڪ عام ماڻهو انهن جي افاديت جا اقراري آهن، ساڳيءَ طرح سرمايه دارن جون سرگرميون به ڪي پورهيت ماڻهو، پنهنجي روزگار جي خيال کان مفيد سمجهندا آهن، پر اها حقيقت آهي ته سائنسدانن، عالمن ۽ اديبن جون سرگرميون ڪو به محنت مزوري ڪندڙ ماڻهو پنهنجي لاءِ مفيد نه ٿو سمجهي. انهن سائنسي ۽ فني سرگرمين جي افاديت رڳو پاڻ سائنسدان ۽ فنڪار ۽ سندن شوقين شاگرد ئي قبول ڪن ٿا. محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهو – جيڪي سماجي زندگيءَ جو سمورو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو بيٺا آهن ۽ انهن سائنس ۽ فن جي شوقين کي لٽو ڪپڙو، گهرگهاٽ ۽ روزي رسائين ٿا – سي اهڙن بيڪار محض شخصن جي سرگرمين کي پنهنجي لاءِ مفيد سمجهي نه ٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته هنن اهڙي بيڪار ۽ ساڳئي وقت اهڙي نام نهاد مفيد سرگرمي ڪڏهن خواب خيال ۾ به نه آندي آهي. هو ته اهڙيءَ سرگرميءَ کي ماڳهين پنهنجي ذهن ۽ ضمير لاءِ نقصانڪار سمجهن ٿا.

اهڙيءَ طرح سڀ محنت مزوري ڪندڙ ۽ پورهيت ماڻهو اسڪولن، ڪاليجن، ڪتبخانن، ٿئيٽرن، تماشه گاهن وغيره کي، جيڪي سندن ئي پگهر جي پورهئي تي ٺهيا آهن ۽ هلي رهيا آهن، پنهنجي لاءِ فضول ۽ نقصانڪار سمجهن ٿا. هڪ محنتي مزور ماڻهو، هن سرگرميءَ کي پنهنجي لاءِ اهڙيءَ ته صفائيءَ ۽ سختيءَ سان خراب سمجهي ٿو، جو پنهنجي ٻارن کي اسڪول نه ٿو موڪلي – ۽ عام ماڻهن کي مجبوراً ان ڳالهه جي افاديت کي مڃائڻ لاءِ، هر ملڪ ۾ ”روزي تعليم“ جا قاعدا پاس ڪرڻ ضروري سمجهيا ويا آهن. هر محنتي مزور ماڻهو هن سرگرميءَ کي هميشه نفرت سان ڏسي ٿو، ۽ انهيءَ نام نهاد مفيد سرگرمين کي نفرت سان ڏسڻ تڏهن ئي ڇڏي ڏيندو، جڏهن هو پاڻ محنتي مزور نه رهندو، ۽ آهستي آهستي تعليم جي ”فائدي“ سان محنتي طبقي مان نڪري انهن سان وڃي شامل ٿيندو، جيڪي ساري عمر ٻين جي ڪلهن تي سواري ڪندا رهن ٿا، تنهن هوندي به، ۽ انهيءَ ڳالهه جي باوجود ته سائنسدانن ۽ فنڪارن جون سرگرميون محنتي مزور ماڻهن پنهنجي لاءِ ڪڏهن به مفيد نه سمجهيون آهن ۽ نه وري سمجهي سگهن ٿا، هي غريب پورهيت مجبوراً انهن سرگرمين جي جاري رهڻ لاءِ قربانيون ڪندا رهن ٿا ۽ پنهنجو پگهر وهائيندا رهن ٿا.

انتظاميه جو هڪ اعليٰ عملدار ڪنهن ٻئي شخص کي سنئون سڌو جيل ڏانهن ڦاسيءَ تي اماڻي سگهي ٿو، صنعتي ۽ تجارتي طبقي جو هڪ فرد ڪنهن ٻئي شخص جي پورهئي تي ڌاڙو هڻي، کانئس سڀ ڪجهه ڦري، کيس بک مارڻ يا سندس شخصي پورهئي ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو، پر هڪ سائنسدان يا فنڪار ظاهراً ڪنهن کي به مجبور نه ٿو ڪري، ۽ نه رڳو پنهنجي علم ۽ فن جي شائقن کي پنهنجا شاهڪار آڇي ٿو؛ ۽ انهن شاهڪارن جي تخليق لاءِ – جن جي، محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن کي ڪا به ضرورت نه آهي – هي شخص انهن ساڳين پورهيتن کان، اسڪولن، ڪاليجن، ڪتبخانن، تماشه گاهن، ٿئيٽرن وغيره جي اڏاوت ۽ پاڻ جهڙن ٻين مفتخورن جي گذارن لاءِ، حڪومت معرفت، زور زبردستيءَ سان، سندن محنت جو ڳپل حصو ڦري وٺي ٿو.

اسان جيڪڏهن انهن علم ۽ فن جي استادن کان سندن سرگرمين جي مول مقصد ۽ دلي مراد بابت پڇنداسين، ته اسان کي کانئن نهايت عجيب و غريب جواب ملندا. هڪ سرڪاري ملازم چئي سگهي ٿو ته سندس دلي مقصد عوام جي خدمت آهي، ۽ اهڙي جواب ۾ ڪنهن حد تائين صداقت به نظر ايندي. هڪ سرمايه دار جي جواب ۾ ته ”سندس دلي مراد عام ڀلائي آهي“، جيتوڻيڪ صداقت جو امڪان گهٽ آهي، پر تڏهن به اها ڳالهه اعتبار ۾ اچي سگهي ٿي. پر سائنسدانن ۽ فنڪارن جا جواب ته حيرتناڪ حد تائين جراتمندانه آهن.

هي سائنسدان ۽ فنڪار، ڪنهن به ثبوت پيش ڪرڻ کان سواءِ، اڳين زمانن جي پادرين وانگر، رڳو ائين چون ٿا ته سندن سرگرمي سڀني ماڻهن لاءِ نهايت اهم ۽ ضروري آهي، ۽ سندن انهيءَ سرگرميءَ کان سواءِ ساري انسان ذات تباهه ٿي ويندي. هو انهيءَ ڳالهه تي ڏاڍو زور ڏين ٿا، جيتوڻيڪ خود کانئن سواءِ ٻيو ڪو به سندن سرگرمين کي نه سمجهي سگهي ٿو ۽ نه وري قبول ئي ڪري سگهي ٿو – ۽ باوجود انهيءَ حقيقت جي، ۽ سندن پنهنجي بيان مطابق به ته ”سچي سائنس يا سچو فن ڪڏهن به افاديت کي پنهنجو مقصد نه ٿا بڻائي سگهن“، هي سائنسدان ۽ فنڪار پنهنجي محبوب مشغلي ۾ لڳا رهن ٿا، هڪ پل لاءِ نه ٿا سوچين ته سندن سرگرمين مان عام ماڻهن کي ڪهڙو فائدو پهچندو، ۽ ساڳئي وقت هميشه انهيءَ ڳالهه جو يقين اٿن ته هو انسان ذات جي هڪ نهايت اهم ۽ ضروري خدمت ڪري رهيا آهن! تنهن جي معنيٰ ته هڪ ايماندار سرڪاري ملازم ته پنهنجي سرگرميءَ جو مکيه مقصد پنهنجو ذاتي غرض تسليم ڪندي، پاڻ کي محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن لاءِ وڌ ۾ وڌ مفيد بڻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿو، ۽ هڪ سرمايه دار به پنهنجي سرگرميءَ جو مکيه مقصد شخصي فائدو مڃيندي، ان کي عوامي افاديت جي خاصيت ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر سائنسدان يا فنڪار ان ڳالهه جي ضرورت ئي نه ٿو محسوس ڪري ته هو جيڪي ڪري رهيو آهي، سو عام ماڻهن لاءِ ڪٿي مفيد به ثابت ٿئي! هي حضرت ته افاديت کي علم ۽ فن جي مقصد بڻائڻ کان ئي انڪار ڪري ٿو! هن شخص کي پنهنجي پيشي جي ”افاديت“ ۽ تقدس ۾ ڪيترو نه ڪامل يقين آهي!

ان منجهان معلوم ٿيو ته هڪ ٽئين قسم جي ماڻهن، پاڻ کي هڏن جي پورهئي مان آزاد ڪري ته پنهنجو بار به ٻين جي ڪلهن تي رکي، پاڻ کي اهڙين سرگرمين ۾ مشغول رکيو آهي، جي پورهيت عوام جي سمجهه کان ٻاهر آهن، ۽ هي حضرت آهن، جو رڳو پنهنجي ذهني عياشيءَ خاطر، سواءِ انهيءَ خيال جي ته عوام لاءِ ڪنهن طرح مفيد ثابت ٿين، پاڻ کي اهڙين سرگرمين ۾ رڌل رکن ٿا، ۽ ڪنهن نه ڪنهن بهاني پنهنجي دل کي آٿت ڏيندا رهن ٿا، ته سندن اهي سرگرميون اهڙيءَ طرح هميشه محنتي ۽ پورهيت ماڻهن لاءِ ضروري رهنديون.

هڪڙن شخصن، زندگيءَ لاءِ ضروري پورهئي کان پاڻ ڇڏائي، پنهنجو پورهيو به ٻين، زندگيءَ جي بار هيٺ ڳهي ڳهي مرندڙ مزورن، جي ڪلهن تي اڇلايو آهي، هو پورهئي جي ڦرلٽ ڪن ٿا ۽ ساڳئي وقت ائين به چون ٿا ته سندن ڌنڌو – جيڪو عام ماڻهن جي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ۽ جيڪو نه وري عام ماڻهن جي خدمت جي خيال کان ئي اختيار ڪيو اٿن – سو سندن پورهئي نه ڪرڻ ۽ پرائي پورهئي ڦٻائڻ سبب ٻين کي پهتل نقصان جي پوري پوري تلافي ڪري ڇڏي ٿو.

سرڪاري سرگرمين ۾ رڌل شخص، پاڻ پورهئي نه ڪرڻ ۽ پرائي پورهئي ڦٻائڻ سبب جيڪو محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن کي نقصان پهچائين ٿا، تنهن جي تلافيءَ جي سلسلي ۾ هو عوام لاءِ هڪ ٻي مصيبت يعني زور زبردستي ۽ تشدد به پيدا ڪن ٿا.

ساڳيءَ طرح سرمايه دار به، ٻين جي محنت ڦري کائڻ ڪري، محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن کي جيڪو نقصان پهچائين ٿا، تنهن جي تلافي وڌ ۾ وڌ دولت ڪٺي ڪرڻ، يعني ٻين جي هڏن مان وڌ ۾ وڌ پورهيو ڪڍي پنهنجن کيسن ڀرڻ سان ڪن ٿا.

سائنسدان ۽ فنڪار به وري، محنت مزوري ڪندڙ عوام کي جيڪو ڏٺو وائٺو نقصان پهچائين ٿا، تنهن جي تلافيءَ لاءِ پاڻ کي اهڙين سرگرمين ۾ مشغول رکن ٿا، جيڪي عام ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ سمجهه ۾ نه ٿيون اچن، ۽ جيڪي سندن پنهنجي چوڻ موجب به، جيڪڏهن ”معياري ۽ مستند“ نه آهن، ته افاديت کي پنهنجو مقصد نه ٿيون بڻائين،

۽ اهڙيءَ طرح اهي سڀ شخص ايمانداريءَ سان سمجهن ٿا ته ٻين جي پورهئي کي مفت ۾ استعمال ڪرڻ سندن موروثي حق آهي.

مٿين سڀني ڳالهين کي ڌيان ۾ رکي، آسانيءَ سان چئي سگهبو ته اهي سڀ شخص، جن پنهنجي زندگيءَ کي سينگارڻ سنوارڻ لاءِ، ٻين جي محنت مفت ۾ ڪم آندي آهي، تن کي ائين ڪرڻ جو ڪو به معقول سبب ڪو نه آهي. پر عجب ان ڳالهه جو آهي ته علم ۽ فن جا هي استاد پنهنجي اخلاق ۽ ايمانداريءَ ۾ مڪمل يقين رکن ٿا، ۽ دل و دماغ جي پوري اطمينان سان زندگي گذاري رهيا آهن!

پر اهڙي خطرناڪ فريب کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ به ڪو نه ڪو بنياد – ڪنهن نه ڪنهن غلط سلط نظريي جو عذر ته اوس هوندو!  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org