سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: نيٺ ڇا ڪجي

باب: -

صفحو : 7 

 

باب اٺاويهون

 

۽ سچ پچ ٻين جي پورهئي تي گذران ڪندڙ شخصن جي زندگيءَ پوئتان نه رڳو هڪ ايمان پر هڪ مڪمل نظريو پڻ رهي ٿو؛ نه فقط هڪ نظريو، بلڪ ٽي نظريا انهيءَ عظيم فريب جي پشت پناهيءَ ۾ موجود رهندا آيا آهن، ۽ هن دؤر ۾ ته انهن ٽنهي نظرين جي نچوڙ مان مان هڪڙو ئي مڪمل نظريو جُڙي، مضبوط ٿي، شيطاني چال- يا جنهن کي انگريزيءَ ۾ humgug چوندا آهن- وانگر اچي اسان جي سامهون بيٺو آهي، جنهن جي خاص خصوصيت هيءَ آهي ته اهو انهن اڳين ٽنهي نظرين جي بي انصافين کي ڍڪي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

انساني دنيا ۾ زندگيءَ لاءِ ضروري پورهئي ڪرڻ جي بنيادي فرض کان نٽائڻ کي جائز ۽ صحيح سمجهندڙ جهوني ۾ جهونو نظريو ڪليسائي عيسائين وارو نظريو آهي، جنهن مطابق ٻڌايو ويو ته ڌڻيءَ پنهنجي اٽل مرضيءَ ۽ بي انت ڏاهپ سان انسان ۽ انسان وچ ۾ فرق رکيو آهي- جهڙيءَريت سج، چند ۽ تارن يا خود تارن جي وچ ۾ فرق رکيو اٿس: هڪڙا شخص ٻين سڀني تي حڪومت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن، ته ڪي شخص گهڻن تي، ڪي ٿورن تي، ۽ باقي ٻيا سڀ فرمانبردار ٿي، صرف حاڪمن جي حڪم مڃڻ لاءِ ڪيا ويا آهن.

اهو نظريو هينئر جيتوڻيڪ بنيادي طرح ڌڏي ڪمزور ٿي ويو آهي، پر تڏهن به ماڻهن تي اڃا اثر اٿس، ۽ اڄ به ڪيترائي شخص ان جي واقفيت هجڻ يا شعوري طور تي ايمان آڻڻ کان سواءِ به ان جي پوئواري ڪندا رهن ٿا.

ٻين جي پورهئي کي جائز سمجهندڙ ٻئي نظريي کي مان جيڪر ”رياستي فلسفي“ کان وڌيڪ سٺن ۽ جامع لفظن ۾ بيان نه ڪري سگهان. انهيءَ نظريي مطابق، جيئن هيگل مڪمل طور سمجهايو آهي؛ هر موجود چيز معقول ۽ مناسب آهي، ۽ عام ماڻهن پنهنجي زندگيءَ جو انتظام جيئن سنڀاليو آهي، ۽ ان کي جيئن رکندا اچن ٿا سو انهن پنهنجي اختيار يا ارادي سان برابر ٺاهي ٺڪي ڪونه رکيو آهي، پر حقيقت ۾”روح“ يا انسان ذات جي اصل زندگيءَ جو اهو ئي هڪڙو ممڪن مظهر ٿي سگهي ٿي!

هي نظريو به، اڄڪلهه، عام راءِ جي رهنمائي ڪندڙ شخص ته قبول نٿا ڪن، پر اڪثر انسانن جي ذهني جمود ۽ لاپرواهيءَ سبب پاڻ کي قائم رکندو اچي ٿو.

ٻين جي پورهئي کي جائز سمجهندڙ ٽيون نظريو، جنهن کي اڄڪلهه گهڻي اهميت ڏني وڃي ٿي، ۽ جنهن تي سائنس ۽ فن جا استاد پنهنجي جواز جو بنياد رکن ٿا، سو سچ پچ ڪو سائنسي ۽ فني نظريو نه آهي، پر مواد ۽ هيئت جي لحاظ کان هڪ خاص ”علم“ جي نمايندگي ڪري ٿو.

هيءُ نئون نام نهاد سائنسي نظريو به اڳين ٻن نظرين وانگر، موجوده دؤر جي مناسب سان هڪ اهڙي خيال جو حامي آهي، جيڪو سست ۽ بيڪار شخصن کي زندگيءَ جي جدوجهد کان سندن غفلت ۽ ڪناره ڪشي صحيح ۽ جائز ثابت ڪري ٿو ڏئي. يورپ ۾ هي نظريو، ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن بيڪار ۽ ٻين جي پورهئي تي پلجندڙ شاهوڪارن جو هڪ وڏو طبقو پيدا ٿي چڪو هو، جيڪو نه حڪومت جي انتظامي يا فوجي دائري ۾ ۽ نه ئي وري مذهب جي معاملي ۾ ڪا فرض ادائي پنهنجي ذمي مخصوص ڪرائي سگهيو هو؛ ۽ تنهنڪري، پنهنجي حيثيت مطابق ۽ پنهنجي بيڪاريءَ کي جائز سمجهڻ ۽ ظاهر ڪرڻ لاءِ، هڪ فلسفي جي تلاش ۾ هو.

انقلاب فرانس جي وقت تائين، يورپ جا اهي سڀ ماڻهو، جيڪي پورهيت يا محنت مزوري ڪرڻ وارا نه هئا، تن کي، پرائي پورهئي تي پنهنجي حق ڄمائڻ لاءِ ٽن مخصوص ڌندن، جهڙوڪ مذهب،حڪومت يا نوڪرشاهي ۽ فوج، مان هڪ نه ٻئي ڌنڌي ۾ ضرور شريڪ ٿيڻو پوندو هو. حڪمران شخص عوام تي حڪومت ڪندا هئا، مذهبي اڳواڻ عوام کي آسماني ڳالهيون ٻڌائيندا هئا، ۽ فوجي پهلوان عوام جو بچاءَ ڪندا هئا.

ان وقت تائين رڳو اهي ٽي طبقا- حڪمران، مذهبي اڳواڻ ۽ فوجي- ٻين جي پورهئي تي پنهنجو حق سمجهندا هئا، ۽ ان حق کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ، اٿندي ويهندي، پنهنجون پنهنجون خذمتون پيش ڪندا رهندا هئا؛ باقي ٻيا بيڪار شخص (شاهوڪار) جيڪي پنهنجو ساڳئي قسم وارو حق، مٿين ٻنهي سببن جي بنا تي ڪنهن به ريت ثابت نه ڪري سگهندا هئا، تن کي ڌمڪاريو ويندو هو، ۽ هو پاڻ به پنهنجو قصور يا غلطي محسوس ڪري، پنهنجي ڌن دولت ۽بيڪاريءَ تي ڦڪا ۽ شرمندا ٿيندا رهندا هئا.

پر هڪ وقت اهڙو به آيو، جڏهن حڪومت، مذهب ۽ فوج سان تعلق نه رکندڙ هي شاهوڪار شخص انهن ٽنهي طبقن جي مهربانيءَ سان (يعني سندن ڪمزورين ۽ غلطڪارين سبب) وڌنڌي وڌندي، پنهنجي جاءِ تي هڪ مُک طبقو ٿي پيا، ۽ کين هڪ نظريي، هڪ فلسفي جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي؛ ۽ آخر هڪ باقاعدي نظريو به گهڙجي ٺهي سندن هٿ ۾ اچي ويو.

پورا سؤ ورهيه به نه گذريا هوندا، جو هن سڀني بيڪار شخصن، جن جو حڪومت، مذهب، ۽ فوج سان ڪو واسطو نه هو ۽ نه ئي وري انهن جي سرگرمين ۾ شريڪ ٿيندا هئا، تن نه رڳو مٿين ٽن طبقن وانگر، پرائي پورهئي ڦٻائڻ وارو حق حاصل ڪري ورتو ۽ پنهنجي ڌن دولت ۽ بيڪاريءَ تي شرمسار ٿيڻ ڇڏي ڏنو، پر پنهنجي وجود کي ان نئينءَ حيثيت ۾ هو بلڪل صحيح ۽ حق بجانب سمجهڻ لڳا؛ ۽ ڏسندي ڏسندي، هي شخص هزارن لکن جي تعداد کي وڃي پهتا، ۽ اڃا به ڏينهون ڏينهن وڌندا رهن ٿا. عجب ته ان ڳالهه جو آهي، جو هي هڪ نئين ڄاول طبقي جا فرد – اهي ساڳيا شخص جن جي پورهئي کان آزاد رهڻ جي حق کي ڪالهه ڪنهن به تسليم نه پئي ڪيو- سي اڄ فقط پاڻ کي ئي ان ڳالهه جو حقدار سمجهڻ ٿا، ۽ نه فقط ايترو پر هو پهرين ٽن طبقن- حڪومت، مذهب ۽ فوج – جي پورهئي کان آزاد رهڻ واري حق کي غلط ۽ ناجائز سمجهن ۽ سڏين ٿا، ۽ بلڪ انهن جي سرگرمين کي سماج لاءِ نقصانڪار سمجهي، کين سخت گهٽ وڌ ڳالهائين ٿا.

پر ان کان به وڌيڪ عجب جي ڳالهه اها آهي ته اڄڪلهه، حڪومت، مذهب ۽ فوج سان تعلق رکندڙ شخص به پرائي پورهئي تي پلجڻ وارو پنهنجو حق نه خدائي حقن واري نظريي جي بنياد تي ۽ نه رياست جي فلسفيانه اهميت جي بنا تي (ته مڪمل شخصيت جي اظهار لاءِ رياست جو وجود، ۽ تنهنڪري رياست جي هلائيندڙن، يعني سندن پنهنجو وجود ضروري آهي) ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، پر هنن هاڻي انهن ٻنهي آسرن کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هينئر هو به سائنسدانن ۽ فنڪارن جي سرڪردگيءَ هيٺ، نئين برسر اقتدار طبقي يعني شاهوڪار طبقي جي ”علمي ۽ سائنسي“ نظريي جي مدد گهرن ٿا.

هينئر اها حالت اچي بڻي آهي، جو اتفاق سان جيڪڏهن حڪمران طبقي جو فرد پنهنجي حيثيت جي بچاءَ جي پراڻي عادت کان مجبور ٿي، ائين چوي ته کيس ڏڻيءَ عزت ڏيئي انهيءَ حيثيت ۾ موڪليو آهي، يا رياست شخصيت جي تڪميل جو مظهر آهي ۽ هو رياست جي رڪن هئڻ جي حيثيت ۾ پرائي پورهئي تي پلجڻ جوحق رکي ٿو، ته کيس دقيانوسي خيالن وارو سمجهيو ويندو، هو خود به محسوس ڪندو ته سندس انهيءَ راءِ کي ٻيو ڪو به نٿو مڃي ۽ تنهنڪري کيس پنهنجي حيثيت جي جواز ۾ اڄ اهي پراڻا مذهبي ۽ رياستي فلسفي جا دليل نه پر ڪي ٻيا نوان سائنسي ۽ فني دليل پيش ڪرڻ کپن. هن کي کپي ته قومي يا قوم جي منظم وجود جي فلاح ۽ بهتريءَ جو اصول ٻڌائي، ۽ سماج جي برسر اقتدار نظام جي فلسفي سان ئي پنهنجي قسمت وابسته رکي، جيئن وچئين زماني ۾ مذهب ۽ مذهبي اڳواڻن سان اهڙي وابستگي رکي ويندي هئي، ۽ جيئن ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ فريڊرڪ اعظم ۽ مهاراڻي ڪئٿرائين خالص فلسفي ۽ فيلسوفن سان اهڙي وابستگي رکي هئي. ساڳيءَ طرح، جيڪڏهن هينئر ڪو شاهوڪار شخص پنهنجي پراڻيءَ عادت موجب، ائين چوي ته ڌڻيءَ راضي ٿي کيس شاهوڪار ڪيو آهي يا قومي ڀلائيءَ لاءِ اميرن جو هجڻ ضروري آهي ته يقين ڄاڻو ته کيس به پراڻي زماني جو دقيانوسي شخص سمجهيو ويندو، تنهنڪري هن لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي بچاءَ ۾ سائنس جي قاعدن ۽ اصطلاحن کان مدد وٺي، ۽ چوي ته روزمره جي ضروري شين کي سستي ڪرڻ، پيداوار جي طريقن کي سڌارڻ ۽ بين الاقوامي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ سان، هو انساني تهذيب ۽ تمدن جي ترقيءَ ۾ مدد ڏيئي رهيو آهي؛ ۽ ان سلسلي ۾ هن لاءِ  لازمي آهي ته وقت جي برسر اقتدار سائنسي گروه لاءِ ڪجهه قربانيون ڏئي- جيئن اڳين ڏينهن ۾ مذهبي اڳواڻن جي حضور ۾ نذرنياز ۽ قربانيون پيش ڪرڻيون پونديون هيون، يعني کيس گهرجي ته پنهنجي طبقاتي مفاد کي ترقي وٺائڻ لاءِ اخبارون ۽ رسالا جاري ڪري، ڪتاب ڇپائي، اسڪول ۽ ڪاليج کولائي، عجائب گهر ۽ ڪتبخانا تعمير ڪرائي، ناچ گانن ۽ ٻين لطيف فنن جي سکيا ۽ ڦهلاءَ جو انتظام رکي.

اڄڪلهه اسان جي دؤر ۾ سائنسدان ۽ فنڪار زور آهن؛ کين پورهئي کان آزاد رهڻ جي مڪمل آزادي ۽ پورو حق حاصل آهي؛ سندن انهيءَ حقداريءَ تي ئي اڄڪلهه هر قسم جي ٻي ”حقداري“ مدار رکي ٿي، ۽ اهي ئي شخص آهن، جيڪي ٻين سڀني حاڪمانه طبقن کي پورهئي کان آزاد رهڻ جا پروانا بخشين ٿا.

اڄڪلهه جنهن طبقي کي هڏن جي پورهئي کان آزاد رهڻ لاءِ مڪمل جواز ۽ پورو پورو بهانو حاصل آهي، سو سائنسدانن ۽ خاص ڪري تجرباتي، اثباتي، تنقيدي ۽ ارتقائي سائنسدانن ۽ ساڳئي فڪر ۽ طبع جي فنڪارن جو طبقو آهي.

اڄڪلهه جيڪڏهن ڪو سائنسدان يا فنڪار، قديم طريقي موجب، پيشنگوئي، وحي، روحاني تجلي يا معجزه نمائيءَ جي دعويٰ ڪندو، ته کيس پراڻن خيالن وارو هڪ دقيانوسي شخص سمجهيو ويندو، ۽ پنهنجي ڳالهه ڪنهن کي به مڃائي ڪين سگهندو. تنهنڪري پختي پير تي بيهڻ لاءِ هن لاءِ ضروري آهي ته نئين زماني جي نئين رفتار سان هلي، ۽ تجرباتي، اثباتي، تنقيدي سائنس سان شوق رکي، ۽ اهڙي قسم جي سائنس کي ئي پنهنجي سرگرمين جو بنياد بڻائي. ائين ڪرڻ کان پوءِ ئي، سندس اختيار ڪيل سائنس يا فن صحيح ۽ صادق ليکيو ويندو، ۽ پاڻ به پوءِ پوري يقين سان چئي سگهندو ته هن انسان ذات تي وڏا احسان ڪيا آهن.

اڄڪلهه، جيڪي پورهئي کان پوريءَ ريت پاڻ کي آزاد سمجهن ٿا، تن تجزباتي، تنقيدي، اثباتي سائنس تي ئي پنهنجي جواز جو بنياد رکيو آهي.

خالص مذهبي ۽ خالص فلسفيانه نظر يا هينئر پراڻا ٿي چڪا آهن، پاڻ کي پوري يقين سان پيش ڪرڻ جي منجهن همت نه رهي آهي، اڄ خود اهي به انهيءَ ڪوشش ۾ آهن ته پاڻ کي سائنسي نقطه نگاهه کان صحيح ثابت ڪن؛ پر سائنسي نظريو اڄڪلهه زور آهي، پراڻن نظرين کي هر هنڌ شڪست ڏيئي ناس پيو ڪري، پنهنجي مطلق طاقت ۾ مڪمل يقين اٿس، ۽ فخر سان ڪنڌ مٿي کڻي هرهنڌ پنهنجي عظمت جو اعلان ڪري رهيو آهي.

مذهبي نظريي موجب هر شخص کي هڪ مخصوص ڪم سونپيل آهي- هڪڙا حڪومت ڪن، ٻيا حڪم مڃين، هڪڙا رزق جي ڪشادگيءَ سان ست رڇيون کائين، ٻيا سڌائين روزي سان رهن؛ ۽ تنهنڪري جن شخصن به ڌڻيءَ جي ”نياپن“ تي ايمان آندو، سي انهن خوش شخصن (جي ڌڻيءَ جي مرضيءَ سان ڌن دولت ۽ تخت جا صاحب بڻيا) جي حيثيت جي جائز ۽ سراسر انصاف تي ٻڌل هجڻ ۾ ڪڏهن به شڪ نه ٿي آڻي سگهيا.

رياستي فلسفيانه نظريي موجب، رياست پنهنجي سڀني سرڪاري ۽ سماجي ادارن توڙي مختلف حقن حقوقن ۾ مال اموال وارن طبقن سميت هڪ اها تاريخي شڪل آهي، جيڪا انسان ذات جي روح کي مڪمل طور ظاهر ڪرڻ لاءِ نهايت ضروري سمجهي وڃي ٿي؛ ۽ تنهنڪري رياست ۽ سماج ۾، مال ملڪيت: توڙي حقن حقوقن جي خيال کان، جنهن شخص جيڪا حيثيت حاصل ڪئي آهي، سا انساني زندگيءَ جي سلامتيءَ لاءِ جيئن آهي تيئن رهڻ گهرجي.

سائنسي نظريي موجب وري مٿيان ٻئي نظريا بڪواس ۽ وهم آهن، هڪڙو مذهبي دؤر جي خام خيال جي پيداوار آهي، ته ٻيو مابعدالطبيعاتي دور جو ياد گار! ۽ انسان جي سماجي زندگيءَ جي قاعدن قانونن کي سمجهڻ جو هڪڙو ئي يقيني طريقو آهي- يعني، تجرباتي، اثباتي، تنقيدي سائنس جو طريقو، ۽ علم عمرانيات يعني اثباتي علمن تي مدار رکندڙ علم الحيات ۽ ان تي مدار رکندڙ سماجي علم ئي اسان کي انسان جي سماجي زندگيءَ جا قاعدا قانون ڏيئي سگهي ٿو. انسان ذات يا انساني سماج به هڪ منظم وجود يا جسم آهي، جيڪو جڙي راس ٿيو آهي يا اڃان جڙي پيو، ۽ سڀني منظم جسمن جي ارتقائي اصولن مطابق ترقي ڪري ٿو. انهن قاعدن مان مکيه قاعدو منظم جسم جي مختلف حصن ۾ پورهئي جي ورڇ جو قاعدو آهي. هاڻي جيڪڏهن هڪڙا شخص حڪومت ڪن ٿا ۽ ٻيا حڪم مڃين ٿا؛ هڪڙا ڌن دولت ۽ رزق جي ڪشادگيءَ سان رهن ٿا ۽ ٻيا بکون پيا ڪاٽين- ته اهو ڪو ڌڻيءَ جي مرضيءَ يا ارادي سان نٿو ٿئي، ۽ نه وري ان ڪري ٿئي ٿو ته رياست شخصيت کي مڪمل طور ظاهر ڪرڻ جو ذريعو آهي، وغيره، پر ڇاڪاڻ ته انساني سماج ۾ به، ٻين منظم جسمن وانگر، پورهئي جي ورڇ ٿئي ٿي، جيڪا جسم جي سڀني عضون کي صحتمند ۽ تازي تواني رکڻ لاءِ ضروري آهي: اسان جي سماج ۾ هڪڙا شخص جسماني ڪم ڪن ٿا، ته ٻيا ذهني !

انهيءَ نظريي تي ئي اڄڪلهه جي بيڪار، سست الوجود ۽ ٻين جي پورهئي تي پلجڻ وارن شخصن جي وڏي ۾ وڏي فريب، دوکي ۽ بهاني جو بنياد رکيل آهي.

 

باب  اڻٽيهون

 

يسوع مسيح هڪ نئين تعليم ڏني هئي، جا پاڪ ڪتابن ۾ درج ٿيل آهي. پر يسوع مسيح جي انهيءَ تعليم تي ظلم ڪيا ويا، ۽ ان کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويو، ۽ ان جي جاءِ تي ”پهرئين انسان“ ۽ پهرئين فرشتي“ جي زوال جو قصو گهڙي، ان کي ئي يسوع مسيح جي صحيح تعليم ڪري پيش ڪيو ويو، ۽ قبول ڪرايو ويو. اهو من گهڙت قصو بلڪل واهيات ۽ بي بنياد آهي، پر ان جي نتيجي طور هڪڙي ڳالهه ثابت ڪري وٺجي ٿي ته ڪو شخص جيڪڏهن بُرو به آهي ته به هُو پاڻ کي يسوع مسيح طرفان نجات يافته سمجهي سگهي ٿو، ۽ اها ڳالهه انهن ڪمزور شخصن لاءِ جيڪي اخلاقي ضابطي کي پسند نٿا ڪن، هڪ سچي نعمت ثابت ٿي، ۽ هنن لاءِ پاڻ کي بيگناهه ۽ معصوم ثابت ڪرڻ اهڙو ته آسان ٿي پيو، جو ان کي هڪدم هڪ آسماني صداقت سمجهي، کڻي اکين تي رکيائون، جيتوڻيڪ ڪنهن به الهامي ڪتاب ۾ ان قصي ڏانهن ڪوبه اشارو نه ٿيل آهي، پر اٽڪل هڪ هزار سالن کان، مذهبي اڳواڻن انهيءَ من گهڙت قصي کي پنهنجي سرگرمين جو بنياد بڻائي، ان تي کڻي پنهنجي تقدس ۽ مذهبي تعليم جي عمارت اڏي آهي.

هي ديني عالم جدا جدا فرقن ۾ ورهائجي ويا آهن، هڪ ٻئي جي نظرين کان انڪار اٿن، ۽ خود پاڻ به محسوس ڪن ٿا ته انهيءَ اختلاف جي ڪثرت منجهه منجهي پيا آهن، ۽ جو ڪجهه چون ٿا سو کين به سمجهه ۾ نٿو اچي؛ پر ڪمزور ماڻهن جو انبوه آهي، جو کانئن پنهنجي دلپسند نظريي جي هر گهڙيءَ تصديق طلب ڪري ٿو، ۽ دين جا عالم به تنهنڪري دعويٰ ڪندا رهن ٿا ته جو ڪجهه هو چون ٿا، سو برابر سمجهن ٿا، ۽ پوءِ ان تي مجبواً ڪامل ايمان رکندي، هو پنهنجي نظريي جي تبليغ ڪندا رهن ٿا. پر هڪ وقت اهو به اچي ٿو، جڏهن سندن سمورا دليل بيڪار ثابت ٿين ٿا، عام ماڻهن جو انبوه مذهبي پردي پوئتان جهاتي پائي ٿو، ۽ عجب ۾ اکيون ڦاٽي وڃنس ٿيون- ڇاڪاڻ ته معجزن ۽ ڪشف وڪرامات جي عيوض، جن کي آسماني صداقتون سمجهندو رهيو هو، هو ڏسي ٿو ته اتي ته هڪ عظيم دوکي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي، ۽ نه وري ڪڏهن ڪجهه هو، ۽ پوءِ پنهنجي ڪم نظريءَ تي افسوس کائڻ ويهي رهي ٿو.

فلسفي سان به اها ساڳي ڳالهه ٿي- ڪنفيوشس، سقراط يا ايپيڪٽيٽس واري ڏاهپ ڀرئي فلسفي سان نه، پر استادانه ۽ مڪتبي فلسفي سان، جڏهن اهو عياش اميرن جي حيواني خواهشن جي مطابقت ۾ ٺهڻ ۽ ڊهڻ لڳو.

ڪجهه وقت اڳ، پڙهيل لکيل دنيا ۾، فلسفهءَ روح جو گهڻو زور هو، هن فلسفي مان ائين معلوم ٿيندو هو ته جو ڪجهه موجود آهي، سو معقول ۽ مناسب سمجهڻ گهرجي، نيڪي بدي ڪجهه به نه آهي، انسان کي بديءَ سان وڙهڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي، پر رڳو پنهنجي روح جي تربيت ۽ اصلاح ڪندو رهي- پوءِ ڀلي ڪو شخص فوج ۾ هجي، ته ٻيو ڪورٽن ۾ ۽ ٽيون گهر ۾ سڄو ڏينهن ويٺو ستار وڄائي!

انساني عقل ۽ سياڻپ جدا جدا لفظن ۾ بيان ٿيندي هميشه ظاهر پئي ٿي آهي، ۽ اوڻيهين صديءَ جي ماڻهن کي ان جي سڀني صورتن جي ڄاڻ هئي، هو ”روسو“، ”پاسڪل“، ”ليسنگ“ ۽ ”اسپنواز“ توڙي اڳين زمانن جي سڀني عظيم انسانن جي ڏسيل حڪمت کان واقف هئا. پر حيرت جي ڳالهه آهي ته ”هيگل“ کان سواءِ ٻئي ڪنهن به شخص جي ڏاهپ سندن خاص ڌيان پاڻ ڏانهن نه ڇڪائي سگهي. ۽ ائين به نه چئي سگهبو ته هيگل جي هيءَ سوڀ ڪو سندس نظرين جي حسن ترتيب ۽ حسن بيان ڪري هئي. ٻيا به ڪيترائي نظريا هئا، جن ۾ خيالن جي ترتيب تمام ٺاهوڪي هئي، جهڙوڪ ”فنشي“ ۽ ”شوپنهار“ جا نظريا. پر هيگل جو نظريو، جو جهٽ ۾- پر شڪر جو ٿوريءَ مدت لاءِ- ساريءَ دنيا جو  دين ايمان ٿي پيو، تنهن جو هڪڙوئي سبب هو: هن نظريي جي ڪاميابيءَ جو سبب به آدم جي ڪرڻ ۽ وري اٿڻ واري نظريي جي ڪاميابيءَ جي سبب جهڙو هو، يعني هن فلسفيانه نظريي مان نڪرندڙ نتيجن به انسان جي اوائلي ۽ بنيادي ڪمزوريءَ کي سڀني بُراين جو اصل سبب ڄاڻائي، سڀني کي چپ ڪرائي ڇڏي. چوڻ لڳا: هر ڳالهه معقول آهي، هر چيز سٺي آهي، ۽ ڪنهن کي به ڪنهن ڳالهه جي ميار نه ڏيڻ گهرجي. ۽ جهڙيءَ ريت اڳين ڏينهن ۾ مذهبي ماڻهن پنهنجي عقيدن ۽ نظرين جو بنياد نجات جي اصول تي رکيو هو، تهڙيءَ ريت ان وقت جا معتقد فيلسوف به پنهنجو سڄو ”بابل جو مينار“ هيگل جي فلسفي جي بنيادن تي اڏي ويهي رهيا (۽ ڪي پٺتي پيل شخص اڄ به انهي مينار تي چڙهيا ويٺا آهن)؛ پوءِ پنهنجي ئي ڪثرت اختلاف ۾ ساڳيءَ ريت هو منجهي پيا، ۽ خود پاڻ به محسوس ڪيائون ته جو ڪجهه چون ٿا سو کين به سمجهه ۾ نٿو اچي؛ پر هوبهو قديم مذهبي اڳواڻن وانگر، پنهنجي گهر مان گند ٻهاري ٻاهر ڦٽي ڪرڻ بدران، وڏن وڏن ڪشالن سان هو پنهنجو ”انبوه“ جي اڳواڻي ڪندا رهيا؛ ۽ هيمشه وانگر انبوه به کانئن پنهنجي مطلب جي ڳالهه مڃائڻ جي تقاضا ڪئي، ۽  سمجهڻ لڳو ته هر اها ڳالهه، جا سندس پنهنجي کوپريءَ ۾ نه پئي ويهي سگهي، سا انهن فلسفيانه اوچائيءَ تي ويٺل حضرتن وٽ ضرور سج چنڊ کان وڌيڪ صاف ۽ روشن هوندي؛ تان جو ٿيندي ٿيندي، وري ساڳيءَ ريت هڪ وقت اهڙو به آيو، جڏهن اهو نظريو پراڻو ٿي ويو، ۽ ان جي جاءِ هڪ نئين نظريي اچي والاري؛ پراڻو نظريو بيڪار ٿي پيو، ۽ هنن فيلسوف ”پادرين“ جي خفيه ذهنن ۾ جهاتي پائي ڏسڻ سان، انبوه کي معلوم ٿيو ته انهن علم ۽ فضل جي استادن وٽ واهيات ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ لفاظيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. اهو واقعو ته منهنجي پنهنجي سانڀر ۾ ٿي گذريو آهي.

مون جڏهن اک کولي، ته هيگل جي فلسفي تي هر معاملي جو بنياد رکيل ٻڌم، ۽ اهو فلسفو هر هنڌ حاضر ناظر هو؛ اخبارن، رسالن، مضمونن، مقالن، ادب، فن، تعليم، تاريخ، پند نصيحت ۽ گفتگو- مطلب ته هر جڳهه انهيءَ فلسفي جو سڪو چالو هو. هيگل کان غير واقف شخص کي محفلن ۽ مجلسن ۾،ڳالهائڻ نه ڏيندا هئا. هر چيز جو آڌار ۽ آسرو اهو هيگل جو فلسفو هو. پر چاليهن ورهين جي مختصر عرصي کان پوءِ، اڄ ان فلسفي جو ڪٿي نالو نشان به نه رهيو آهي، ۽ ان کي ڪوبه ياد نٿو ڪري- ڄڻ ته ڄائو ئي ڪونه هو! ۽ عجب ته وري اهو، جو نام نهاد عيسائيت وانگر، هيگل جو فلسفو به انهيءَ ڪري ڪونه اجڙيو ته ڪنهن سندس ترديد ڪئي، پر ان ڪري جو اوچتو ئي اوچتو دنيا تي اها ڳالهه ظاهر ٿي ته جيئن نام نهاد عيسائيت تيئن هيءُ هيگل جو فلسفو به هاڻي اسان جي علمي ۽ تهذيبي دنيا لاءِ ضروري نه آهي.

اڄ جيڪڏهن اسان ڪنهن به صحيح ۽ سالم تعليم يافته شخص سان حضرت آدم ۽ بيبي حوا جي هيٺ لهڻ ۽ ”نجات“ جي مسئلي جي ڳالهه ڪنداسين، ته هو اسان سان بحث ڪرڻ يا ان ڳالهه کي غلط ثابت ڪرڻ جي تڪليف نه وٺندو، پر حيران ٿي پڇندو: ”ڪهڙو آدم؟ ڪهڙي حوا؟ ڇا جو هيٺ لهڻ؟ ڇا جي نجات؟ پر به منهنجو ان سان ڪهڙو واسطو؟“ ساڳيءَ ريت هيگل جي فلسفي بابت به اڄڪلهه ڪم عالم ۽ پڙهيل لکيل شخص اوهان سان بحث نه ڪندو، رڳو پنهنجي لاعمليءَ ۽ حيرانيءَ جو اظهار ڪري چوندو: ”ڪهڙو روح؟ ڪٿان ايندو آهي؟ پاڻ کي ڇوٿو ظاهر ڪري؟ پر به منهنجو ان سان ڪهڙو واسطو؟

اڄڪلهه جا سائنسدان وري چون ٿا: ”اها سڀ بڪواس مذهبي ۽ مابعدالطبيعاتي طرز فڪر جي دور جي پيداوار آهي؛ هينئر اسان وٽ تنقيدي ۽ اثباتي سائنس آهي، جيڪا ڪڏهن به دوکو  نه ڏيندي، ڇاڪاڻ ته ان جو سارو دارومدار تجربي ۽ تحقيق تي ئي رکيل آهي. اڄ اسان جو علم اڻپورو ۽ ڪمزور نه آهي، ۽ هاڻ رڳو انهيءَ سائنسي رستي تي هلڻ سان ئي انسان ذات جي سڀني گمراهين کي دور ڪري سگهجي ٿو.“

پر ان کان اڳ وارا ديني عالم به ائين ئي چوندا هئا، ۽ يقيناً اهي ڪي بيوقوف ڪونه هئا، ڇاڪاڻ ته اسان کي خبر آهي ته انهن منجهه ڪي ڪي شخص غضب جي سمجهه ۽ سياڻپ جا مالڪ هئا، ۽ مون کي پاڻ ياد آهي ته هيگل جا پوئلڳ به گهٽ يقين ۽ گهٽ اعتماد سان نه ڳالهائيندا هئا، ۽ پڙهيل لکيل طبقي ۾ به سندن پوئلڳ ڪي ٿورا نه هئا؛ ۽ هي، اسان جا ”هرزن“، ”استئنڪيوچ“، ”بيلنسڪي“، وغيره، به ڪي اڌ اکري نه هئا، پوءِ ڀلا اها عبرتناڪ ڳاله ڇو ٿي، جو اهڙو سمجهيو ۽ سياڻا شخص به ڀرپور يقين سان اهڙن بي بنياد ۽ کوکلن نظرين جي تبليغ ڪندا رهيا،۽ اڻ پڙهيل انبوه انهن جي هر ڳالهه کي الهامي آواز سمجهي کڻي اکين تي پئي رکيو؟ ان جو سبب به اهو ساڳيوئي آهي: اهي نظريا بيڪار ۽ بدڪار شخصن کي سندن برين زندگين ۾ به حق بجانب ۽ صحيح ۽ عين انساني فطرت مطابق ثابت ڪن ٿا؟

ڇا اڄ به انهن اثباتي، تنقيدي ۽ تجرباتي سائنسدانن جي ڀرپور اعتماد ۽ منطقي نظرين ڏانهن اڻ پڙهيل انبوه جي رويي جو سبب ساڳيو نه آهي؟ پهريائين ته اها ڳالهه ڏاڍي عجيب پئي لڳي ته ارتقا جو نظريو عام ماڻهن کي سندن بي انصافين ۾ صحيح ثابت ڪري سگهي ٿو، ۽ ڏسڻ ۾ به ائين پيو اچي ته سائنسي نظريا رڳو حقيقتن سان ئي واسطو رکن ٿا ۽ حقيقتن کي ڳولي لهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه نٿا ڪن!

پر اهو رڳو ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي. مذهبي نظرين جي حالت ۾ به ائين ڏسڻ ۾ ايندو هو؛ مذهب نالي به چوندا هئا ته فقط روايتن ۽ عقيدن سان واسطو اٿس، ۽ عام ماڻهن جي زندگيءَ سان انهن جو ڪهڙو ڪم؟ ۽ فلسفي بابت به ائين ٻڌڻ ۾ ۽ ائين ڏسڻ ۾ ايندو هو؛ مذهب نالي به چوندا هئا ته فقط روايتن ۽ عقيدن سان واسطو اٿس، ۽ عام ماڻهن جي زندگيءَ سان انهن جو ڪهڙو ڪم؟ ۽ فلسفي بابت به ائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته اهو رڳو مابعدالطبيعاتي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مشغول آهي!

پر اهو سڀ رڳو ڏسڻ ۾ ائين ايندو هو. وڏي پيماني تي هيگل جي فلسفي ۽ خاص ڪري مالٿيوس جي تعليم سان به اها ساڳي ڳالهه هئي.

هيگل جو فلسفو ظاهري طور پنهنجيءَ ۾ ئي پورو هوندو هو ۽ ائين معلوم ٿيندو هو ڄڻ ته ان کي رڳو پنهنجي منطقي موشگافين سان ئي ڪم آهي، ۽  عام ماڻهن جي زندگيءَ سان سندس ڪوبه واسطو نه آهي؛ ۽ مالٿيوس جي نظريي سان به ساڳي ڳالهه هئي- نظر ائين ايندو هو، ڄڻ ته خالص حسابي حقيقتن کي ڳولڻ ۾ لڳو پيو آهي. پر، اهو رڳو ڏسڻ ۾ ائين ايندو هو.

اڄڪلهه جي تجرباتي سائنس به دعويٰ ٿي ڪري ته هوءَ رڳو حقيقتن جي ڳولا  ۾ آهي!

پر حقيقتون ڪهڙيون؟ ۽ ڪي خاص حقيقتون ڇو؟ ۽ ٻيون ڇو نه؟

اڄڪلهه جا سائنسدان، تمام سنجيدگيءَ ۽ ڀرپور يقين سان چون ٿا: ”اسان ته، بس، حقيقتن جي تلاش ۾ آهيون!“ ۽ سمجهن ٿا ته انهن لفظن کي ڄڻ پنهنجي منهن به ڪا معنيٰ آهي!

اهو ته ٿي نٿو سگهي ته ڪو شخص رڳو حقيقتون ئي حقيقتون ڳوليندو رهي، ڇاڪاڻ ته ڇنڊ ڇاڻ ۽ تجرباتي جاچ لاءِ اڳ ۾ ئي بيشمار حقيقتون موجود آهن. حقيقتون چونڊي کڻبيون آهن؛ ۽ اهڙو نظريو برابر هميشه کان موجود رهيو آهي، ۽ گهڻيءَ صفائيءَ سان بيان به ٿيل آهي، پر موجوده سائنس جا سرگرم رڪن يا ته ان کي اصل لنوائي ڇڏيندا آهن، يعني ان کي معلوم ڪرڻ نه چاهيندا آهن، يا سچ پچ  اڻڄاڻ هوندا آهن، ۽ يا وري ڄاڻي واڻي پاڻ کي اڻ ڄاڻ ظاهر ڪندا آهن! هن مهل تائين دنيا جي سڀني مذهبي ۽ فلسفيانه نظرين ۽ انهن جي اڳواڻن جي حالت ۾ اهوئي تجاهل جاهلانه يا تجاهل عارفانه ظاهر ٿيندو پئي آيو آهي.

هر عقيدي جا بنياد هميشه ڪنهن نه ڪنهن نظريي تي رکيل هوندا آهن، ۽ نام نهاد عالم شخص رڳو انهن اڳواٽ مليل انگن اکرن مان ڪي نتيجا ئي ڪڍندا آهن؛ ڪڏهن ڪڏهن ته انهن نتيجن جي خود پاڻ کي به خبر نه هوندي اٿن، پر هڪ بنيادي نظريو، سندس سامهون موجود هوندو آهي. تنهنڪري هينئر به، موجوده سائنس هڪ طئه شده نظريي جي بنياد تي ئي، پنهنجون دلپسند حقيقتون چونڊي کڻي ٿي- ۽ ڪڏهن انهيءَ نظريي جي خبر اٿس، ته ڪڏهن خبر رکڻ نٿي چاهي، ۽ ڪڏهن ته وري سچ پچ خبر ڪانه اٿس- جيتوڻيڪ نظريو هر وقت پنهنجيءَ جاءِ تي موجود رهندو آهي.

اهو نظريو هيءُ آهي: ساري انسان ذات هڪ سدا حيات منظم جسم آهي، ۽ انسان انهيءَ جسم جا جزا آهن، ۽ انهن مان هر جزي کي ڪُل جي خذمت لاءِ هڪ خاص ڪم سونپيل آهي.

جهڙيءَ ريت هڪ منظم جزا ساري جسم کي زنده رکڻ لاءِ گهربل ضروري پورهيو پاڻ ۾ ورهائي کڻندا آهن- هڪ خاصيت کي زور وٺائيندا آهن، ٻيءَ کي ڪمزور ڪندا آهن ۽ ساڳئي وقت پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٿي ساري جسم جي ضرورتن کي بهتر نموني پورو ڪندا آهن، ۽ جهڙيءَ ريت ٻين سماجي جانورن- مکين ۽ ماڪوڙين- ۾ مختلف فرد زنده رهڻ لاءِ ضروري جدوجهد جو ڪم پاڻ ۾ ورهائي کڻندا آهن، راڻي مکه آنا لاهيندي آهي، ته مکو ان کي سائو ڪندو آهي، ۽ پورهيت مکيون وري سڀني جي زندگيءَ لاءِ ضروري گهربل پورهيو ڪنديون آهن- تهڙيءَ ريت انسان ذات ۽ انساني سماجن ۾ به جدا جدا جزن جو ساڳيو امتياز ۽ امتزاج قائم رهي ٿو.

۽ تنهنڪري هاڻي اچو ته انساني زندگيءَ جي بنيادي قانون کي ڳولي لهڻ  لاءِ  جسمن جي زنده رهڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ جي قانونن جو اڀياس ڪريون؛ منظم جسمن جي زنده رهڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ ۾ اسان کي هيٺيان قانون ڏسڻ ۾ اچن ٿا: (1) هر قدرتي مظهر مان، سندن هڪ پنهنجي فوري نتيجي کان سواءِ، لازمي طور ٻيا وڌيڪ نتيجا به نڪرن ٿا؛ (2) بيڪار ۽ خام جزن جي ڪمزور ٿيڻ جو قاعدو؛ ۽ (3) خاصيتن جي اختلاف ۽ اتحاد جو قاعدو، وغيره، وغيره، ٻاهران ته اهي سڀ ڳالهيون ڏاڍيون معصوم ۽ بي ضرر نظر اچن ٿيون، پر سندن صحيح رخ معلوم ڪرڻ لاءِ، انهن ڄاتل سڃاتل حقيقتن جي منطقي نتيجن ڏانهن ئي ڏسڻ گهرجي، اهي سڀ نتيجا هڪ خاص ڳالهه يعني انسان ذات يا انساني سماج کي هڪ منظم جسم تسليم ڪرڻ ڏانهن اشارو ڪن ٿا، جنهن جي معنيٰ ته انساني سماج ۾ مختلف سماجي سرگرمين جي ورڇ کي به ضروري جسماني تنظيم سمجهي قبول ڪرڻ گهرجي؛ ۽ جيئن ته انساني سماجن ۾ گهڻو ڪري مختلف فردن جي هڪ ٻئي خلاف زور زبردستي ۽ نفرت ڏسڻ ۾ ايندي آهي، تنهنڪري انهن ڳالهين کي برو بڇڙو سمجهڻ ٺيڪ نه آهي، پر کين هڪ عام بنيادي ۽ ضروري اصول- پورهئي جي ورڇ- کي تسليم ڪندڙ، لاريب فيه حقيقتون سمجهي قبول ڪرڻ گهرجي!

فلسفه روح به ساڳيءَ ريت هر نفرت ۽ زور زبردستيءَ کي عين قدرتي ۽ صحيح ثابت ڪيو هو؛ پر اها هڪ فلسفيانه ڳالهه هئي، ۽ تنهنڪري ان تي اعتراض ٿي سگهيو ٿي؛ پر سائنس ۾ ته هر ڳالهه سائنسي ۽ شڪ شبهي کان بالاتر آهي!

پوءِ ڀلا اهڙي عاليشان نظريي کي قبول ڪرڻ کان سواءِ ڪيئن رهي سگهبو! رڳو انساني سماج کي پنهنجي تحقيق ۽ تجسس جو مرڪز سمجهيو وڃي- ۽ پوءِ ڏک بک ۾ تباه ٿيندڙ انسانن جو پورهيو ماٺ ميٺ ۾ هضم ڪري دل کي آٿت ڏيئي سگهجي ٿو ته هڪ فنڪار، هڪ وڪيل، هڪ ڊاڪٽر، هڪ  فيلسوف، هڪ اداڪار، هڪ سائنسدان جي حيثيت ۾، منهنجي سرگرمي به انسان ذات جي جسماني تنظيم جي هڪ تنظيمي سرگرمي آهي، تنهنڪري ان ڳالهه جو سوال ئي نٿو اٿي ته مان، جو پرايو پورهيو پنهنجي ڪم ٿو آڻيان، سو انصاف موجب آهي يا نه، ڇاڪاڻ ته جڏهن مغز وارو جزو جسم جي ٻين جزن جو پورهيو پنهنجي ڪم آڻي ٿو، تڏهن  به انصاف جو ڪو سوال نٿو اٿي!.

اهو عاليشان عملي نظريو ئي ته آهي، جيڪو اسان کي چوي ٿو ته پنهنجي ضمير کي هميشه جي لاءِ اندرئين کيسي ۾ حفاظت سان بند ڪري، ماٺ ميٺ ۾، آرام ۽ اطمينان سان هڪ بي لغام ڇڙو اڳ زندگي گذاريون ۽ دل کي اهو آٿت ڏيندا رهون ته اسان جي پير موجوده سائنس جي پختيءَ زمين تي رکيل آهن!

اڄڪلهه اهو ئي نئون عقيدو آهي، جنهن جي بنياد تي انسانن جي سستيءَ، بيڪاريءَ، بي انصافيءَ ۽ زور زبردستيءَ کي صحيح ثابت ڪندڙ اصولن جي عمارت اڏيل آهي.

 

باب ٽيهون

هيءُ انسان ذات کي به هڪ منظم جسم سمجهڻ جو عقيدو اٽڪل پنجاه سال اڳ جي پيداوار آهي. ان فلسفي جو بنياد رکندڙ ”اي. ڪامٽي“ نالي هڪ فرانسي عالم هو. ”بشات“ جي عضوباتي تحقيقن جي اثر هيٺ، جي ان وقت اڃا نيون هيون، ”ڪامٽي“ جهڙي هڪ مذهبي ۽ تنظيمي ڪارڪن جي دل تي هڪ پراڻو خيال- جيڪو گهڻو اڳ ”مينيسنيس اگريپا“ ٻڌايو هو- تري آيو: ته سڀني انساني  سماجن توڙي ساريءَ انسان ذات کي هڪ منظم جسم طور هڪ ڪُل سمجهڻ گهرجي، ۽ ان جي فردن يعني عام ماڻهن کي جسم جي جدا جدا عضون جا زنده جزا، جن مان هر هڪ کي سڄي منظم جسم جي خذمت چاڪريءَ لاءِ جدا جدا مخصوص ڪم سونپيل آهن. علم جي اڪابر ”ڪاميٽي“ کي هيءُ خيال اهڙو ته پسند آيو، جو هڪدم ان تي هڪ فلسفيانه نظريو گهڙي ورتائين، ۽ ان نظريي ۾ وري اهڙو ته محو ٿي ويو، جو وساري ڇڏيائين ته سندس شروعاتي نڪتو هڪ ننڍڙي ٺاهوڪي تشبيه هئي، جنهن کي قصن ڪهاڻين ۾ ته خير ڪم آڻي سگهجي ٿو، پر جيڪو ڪنهن سائنس جي بنياد رکڻ لاءِ بلڪل غير مناسب آهي، پر هن، جيئن گهڻو ڪري ٿيندو آهي، پنهنجي دلپسند مفروضي کي هڪ عام حقيقت سمجهيو، ۽ خيال ڪيائين ته سندس سمورو نظريو هڪ عاليشان تجرباتي بنياد تي اڏيل آهي! هن جي نظريي مطابق کيس ڏسڻ ۾ آيو ته ڇاڪاڻ ته انسان ذات هڪ منظم جسم آهي، تنهنڪري انسان جي اصل حقيقت ۽ ڪائنات سان سندس ضروري تعلقات جي خبر به تڏهن پئجي سگهندي، جڏهن انهيءَ منظم جسم جي سڀني خاصيتن جو پورو پورو اڀياس ڪبو، ۽ انهن خاصيتن جي اڀياس لاءِ اسان ٻين هيٺين جسمن کي جاچي، سندن زندگيءَ جي حقيقتن مان صحيح اندازو لڳائي سگهون ٿا.

تنهنڪري، ”ڪامٽي“ جي چوڻ موجب، (1) رڳو تجرباتي طريقو ئي سچي ۾ سچو ۽ سائنسي طريقو آهي، ۽ سائنس به اهائي سچي ۽ سائنسي ٿي سگهي ٿي، جيڪا تجربات تي ٻڌل هجي، (2) سائنس جو مول مقصد ۽ بنيادي نڪتو هڪ ٻئي نئين سائنس- انسان ذات جي خيالي جسماني تنظيم جي سائنس- آهي، جنهن کي عمرانيات يعني ”سماج ۽ معاشري جو علم“ چئجي ٿو. سائنس جي هن نئين نقطه نگاه کان ائين ڏسڻ ۾ آيو ته اڳيون سمورو علم ڪوڙو، غلطين سان ڀريل ۽ گمراه ڪندڙ هو، ۽ انسان ذات کي جيڪو پنهنجي بابت علم حاصل آهي، تنهن جي سموري تاريخ ٽن، بلڪ ٻن دؤرن، ۾ ورهائڻ گهرجي:

(1) هن جهان جي شروعات کان وٺي ”ڪامٽي“  جي وقت تائين- مذهبي ۽ مابعدالطبيعاتي تعليم جو دؤر، ۽ (2) ”ڪامٽي“ سان شروع ٿيندڙ سچي اثباتي سائنس جو موجوده دور.

اها سموري ڪٿا هونئن ته ڏاڍي سٺي ۽ صحيح هئي، پر ان ۾ هڪڙي غلطي رهجي ويئي- سا اها ته هڪ عاليشان ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارت جو بنياد واريءَ تي رکيو ويو.

اهو خيال- ته انسان ذات به هڪ منظم جسم آهي- هڪ وهم هو، ڇاڪاڻ ته جئين ”تثليت“ ۽ ان جهڙن ٻين ۾مذهبي مفروضن کي مڃڻ لاءِ اسان وٽ ڪا ثابتي ڪانهي، تيئن انسان ذات کي هڪ منظم جسم ڪري سمجهون- ان مفروضي لاءِ به اسان وٽ ڪا ثابتي ڪانهي: ٻنهي قسم جا هي مفروضا اسان جي مشاهدي، جاچ جوچ ۽ علم اڀياس کان بالاتر آهن.

اهو خيال ئي غلط ۽ گمراه ڪندڙ هو، ڇاڪاڻ ته اها حقيقت ڄائندي به ته انسان ذات (انساني سماج) ۾ منظم جسم جو هڪ لازمي نشان- ادراڪ ۽ احساس جو مرڪز- ڪونه هو، انسان ذات جي تصور ۾ خواه مخواه منظم جسم جي تعريف شامل ڪئي ويئي. اسان هاٿيءَ يا ڪنهن جيوڙي کي به رڳو انهيءَ ڪري منظم جسم ڪوٺيون ٿا، جو اسان تشبهي طور انهن هستين ڏانهن ادارڪ ۽ احساس جي اها ساڳي تنظيم منسوب ڪندا آهيون، جنهن کي اسان پنهنجي ذات ۾ پاڻ محسوس ڪريون ٿا. پر مجموعي طور انسان ذات ۾، توڙي محدود انساني سماجن ۾، منظم جسم جو اهو لازمي نشان نظر نٿو اچي، ۽ تنهنڪري هڪ منظم جسم ۽ انسان ذات ۾ ٻيون ڪيتريون به کڻي مشترڪ ڳالهيون معلوم ٿين، پر انهيءَ هڪ لازمي نشان جي غير موجودگيءَ ۾ انسان ذات کي به هڪ منظم جسم سمجهڻ صحيح نه آهي.

پر انهيءَ بنيادي غلطيءَ ۾ ڪچائيءَ هوندي به، اسان جي پڙهيل لکيل طبقي اثباتي فلسفي کي هڪدم چميءَ کڻي چشمن تي رکيو، ۽ هن فلسفي، عام ماڻهن ۾، ڏاڍ مڙسيءَ جي اصول کي جنهن صفائيءَ به حرفتبازيءَ سان جائز ۽ صحيح ثابت ڪيو، ان جي اسان جي عملي دنيا ۾ واقعي تمام وڏي اهميت آهي. هن سلسلي ۾ ”ڪامٽي“ جا ڪتاب به ياد رکڻ جهڙا آهن، جن کي علمي نقطه نگاه کان ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي ٿو: (1) اثابتي فلسفو، ۽ (2) اثباتي سياست. علمي دنيا صرف پهرئين ڀاڱي، يعني اثباتي فلسفي کي قبول ڪيو، جنهن نئين تجرباتي بنياد تي، اسان جي سماج ۾ موجود براين کي ڪمال صفائيءَ سان جائز ڪري ڏيکاريو، ۽ انهيءَ ساڳئي شخص جي ٻئي نظريي يعني اثباتي سياست کي نه رڳو غير اهم پر غير سائنسي ۽ خسيس سمجهي، ڇڏي ڏنائون- ڇاڪاڻ ته ان نظريي مطابق انسان ذات کي هڪ منظم جسم سمجهڻ کان پوءِ، بني نوع انسان لاءِ همدري ۽ خيرخواهي به اخلاقي طور لازمي طور عائد ٿي ٿي ويئي.

هت به اسان ساڳي ڳالهه ٿي، جيڪا ”ڪانت“ جي فلسفي سان ٿي هئي، عالمن جو انبوه سندس پيش ڪيل ”خالص عقل جي تنقيد کي ته قبول ڪيو، پر سندس ”عملي“ عقل جي تنقيد- جنهن ۾ ئي ”ڪانت“ جي اخلاقي تعليم جو روح رکيل هو- سا ٿوڪاري ڇڏيائون. ڪامٽي جي تعليم ۾ رڳو انهيءَ حصي کي ئي سائنسي ۽ حق تي ٻڌل ڪوٺي، قبول ڪيائون، جنهن مروج براين کي ڍڪي ٿي ڇڏيو. پر عالمن جي انبوهه جنهن اثباتي فلسفي کي سائنسي سمجهي قبول ڪيو هو، سو هڪ وهمي ۽ غير عقلي بنياد تي ٻڌل هجڻ ڪري، خود پاڻ اهڙو ته ڪچو ۽ ڪمزور هو، جو پاڻ کي گهڻو وقت زنده نه رکي سگهيو، ۽ پوءِ نام نهاد سائنس جي سست تماشبينن وٽان وري هڪ نئون راڳ ٻڌڻ ۾ آيو- ان ۾ به جدت ۽ صداقت ٻئي گهٽ هيون- جنهن جي معنيٰ اها هئي ته زنده مخلوقات يعني منظم جسم هڪ ٻئي جسم مان، پر هڪ جسم ٻين گهڻن ئي جسمن مان ڦٽي نڪتو آهي؛ يعني تمام گهڻو وقت اڳ، اٽڪل هڪ لک سال اڳ، (مثال طور) هڪ مڇي  ۽ هڪ بدڪ ساڳئي تخم مان پيدا ٿيون هونديون؛ نه فقط ايترو، پر ٿي سگهي ٿو ته جسم ٻين ڪيترن جدا جدا جسمن مان به پيدا ٿيو هجي، تنهن جي معنيٰ ته مکين جي ميڙ مان هڪ عدد چوپايو جانور به پيدا ٿي پيدا هوندو! ۽ اسان جي پڙهيل لکيل ماڻهن جي انبوه اهودليل اڳي کان به وڌيڪ همدرديءَ سان ٻڌي، قبول ڪري ورتو! هيءُ خيال به هڪ قسم جو وهم هو، ڇاڪاڻ ته هن مهل تائين ڪنهن به شخص اهو نه ڏٺو آهي ته هڪڙن جسمن مان ٻيا جسم ڪيئن ٿا پيدا ٿين؛ ۽ تنهنڪري جنس جي اصليت وارو قياس به هميشه لاءِ، هڪ تجرباتي حقيقت نه، پر قياس ئي رهجي ويو، ۽ اهو قياس به صحيح نه هو، ڇاڪاڻ ته جنس جي اصليت واري سوال جو اهو جواب ئي نه هو ته جدا جدا جنسون، وقت جي هڪ بيحد وڏي عرصي ۾، موروثي خاصيتن ۽ ماحول جي مواقفت واري قاعدي موجب، ائين ئي پيدا ٿي پيون! پر حقيقت اها آهي ته اهو جواب ڏيئي، ان ساڳئي سوال کي رڳو هڪ نئينءَ صورت ۾ دهرايو ويو هو.

انهيءَ ساڳئي سوال جو جواب جيڪو حضرت موسيٰ ڏنو هو، تنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته ته زنده هستين جو جنسي اختلاف خدا جي مرضيءَ ۽ مطلق قوت ڪري ئي آهي؛ پر ارتقا جو نظريو چوي ٿو ته نه، زنده هستين جو جنسي اختلاف وقت جي هڪ بيحد وڏي عرصي، ماحول ۽ تخم جي بي انت بدلجندڙ حالتن جي نتيجي طور پاڻمرادو ٿي پيو. سوليءَ ٻوليءَ ۾ ائين کڻي چئجي ته ارتقا جو نظريو فقط اهو ٿو ٻڌائي ته اوهان هڪ غير معين وقت ۾ ڪنهن به چيز مان ڪابه چيز ٺاهي سگهو ٿا! مطلب ته سوال جو جواب ته آهي ته ڪونه، رڳو ساڳيو سوال ٻيءَ طرح پيش ڪيو ويو آهي: الاهي ارادي بدران اتفاقي حادثي جي پيشينگوئي ٿيل آهي، ۽ ڌڻيءَ جي بيحساب قدرت جي جاءِ تي وقت جو بيحساب عرصو رکيو ويو آهي. هن نئين نظريي به (”ڊارون“ جي پوئلڳن ته ان کي اڃا به وڌيڪ غلط ۽ خيالي بڻائي ڇڏيو آهي) ڪامٽي جي منظم جسم واري نظريي جي پٺڀرائي ڪئي، ۽ تنهنڪري هيءُ نئون نظريو اسان جي وقت جو الهامي آواز ۽ سڀني سائنسي علمن توڙي تاريخ، مذهب ۽ لسانيات جو بنياد ٿي پيو: ۽ نه رڳو ايترو، پر خود انهيءَ نظريي جي ابي، ڊارون، پاڻ مڃيو آهي ته مالٿيوس جي آدمشماريءَ واري قاعدي ۾ اڳيئي سندس خيال ڏانهن اشارو ٿيل آهي، ۽ هن پاڻ رڳو تفصيلي طرح هيءُ زنده رهڻ لاءِ انسانن ۽ ٻين زنده هستين جي جدوجهد جو نظريو زندگيءَ جي هڪ لازمي ۽ بنيادي اصول طور پيش ڪيو آهي! ۽ هر پاءُ اٽي کائيندڙ انسان سمجهي سگهي ٿو ته سست ۽ بيڪار محض شخصن کي پنهنجي بچاءَ ۾ ڪامٽي ۽ ڊارون جا اهي ئي دليل کپندا هئا.

ٻه غير مستقل نظريا، جيڪي پنهنجي پيرن تي پاڻ نه پئي بيهي سگهيا، تن هڪ ٻئي کي مدد ڏيئي في الحال پختگي حاصل ڪري ورتي. ٻنهي نظرين جو مول مقصد اهو هو ته انساني سماجن ۾ موجود براين لاءِ، انسانن کي قصور وار نه سمجهڻ گهرجي، ۽ هن وقت جيڪو سماجي دستور آهي، سو ائين ئي هئڻ کپندو هو، جيئن آهي؛ ۽ هميشه وانگر، هي نئون نظريو به اسان جي انبوه (جنهن معنيٰ ۾ کپندو هوس، تنهن ۾) پوري يقين ۽ غير معمولي گرمجومشيءَ سان کڻي اکين تي رکيو؛ ۽ اهڙيءَ ريت انهن ٻن، اعتباري طور تسليم ڪيل غلط ۽ خيالي نظرين تي هڪ نئين نام نهاد پر جامع سائنسي عقيدي جو بنياد رکيو ويو.

هيءُ نئون عقيدو، مواد ۽ هيئت، ٻنهي لحاظن کان ڪليسا جي عيسائي عقيدي سان غير معمولي مشابهت رکي ٿو.مواد جي لحاظ کان ٻنهي ۾ مشابهت اها آهي ته هنن ٻنهي عقيدن ۾ هڪ حقيقي چيز ڏانهن غير حقيقي ۽ عجيب و غريب معنيٰ منسوب ڪري، انهيءَ غير حقيقي معنيٰ کي ئي سموريءَ تحقيق جو مرڪز بڻايو ويو آهي.

ڪليسائي عيسائيت جي عقيدي ۾، يسوع مسيح کي، جيڪو سچ پچ موجود هو، عجيب و غريب طرح خود خدا جي ذات ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي، ۽ ساڳيءَ ريت اثباتي فلسفي جي عقيدي ۾، سچ پچ زنده انسان کي عجيب و غريب نموني ۾، غير حقيقي منظم جسم ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي.

هيئت جي لحاظ کان ٻنهي جي مشابهت به عجيب آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي مان هر هڪ ۾، ڪن ماڻهن جا ڪي ذاتي خيال ازلي صداقتن طور تسليم ٿيل آهن. ڪليسائي عيسائيت ۾، ڪليسا جي چند ڪرتا ڌرتا ۽ مقدس شخص جي الهامي آواز جو تصور، هڪ مقدس ۽ ازلي صداقت طور قبول ٿيل آهي، اثباتي سائنس جي عقيدي ۾، وري اهي شخص جيڪي پاڻ کي سائنسدان سڏائين ٿا، تن جي ڄاڻ کي سو فيصدي سچ ۽ لاجواب صداقت سمجهيو وڃي ٿو. جهڙيءَ ريت اڳين ڏينهن ۾ ڪليسا جي عيسائين صرف سندن پنهنجي اداري مان نڪتل تعليم کي خدا جو سچو علم ٿي سمجهيو ۽ مخص خاڪساريءَ وچان چوندا هئا ته کانئن اڳ وارا ايمان آڻيندڙ به حقيقت ۾ سچا عيسائي هئا، ساڳيءَ ريت اثباتي سائنس به سندس پنهنجي چوڻ مطابق ”ڪامٽي“ سان شروع ٿي، ۽ هي سائنسدان به مخص خاڪساريءَ وچان پاڻ کي اڳ واريءَ سائنس ۽ سائنسدانن جو وجود قبول ڪن ٿا- ۽ اهو به صرف ڪن خاص ”ارسطوءَ“ جهڙن شخصن جو! ڪليسا وانگر اثباتي سائنس به دراصل ٻيءَ ساريءَ انسان ذات جي علم کي اونده ۽ هڪ عظيم غلطي سمجهي ٿي.

مشابهت اڃا به ڪجهه وڌيڪ آهي: جهڙيءَ ريت مذهب جي بنيادي خيال- يسوع مسيح جي الاهيت ۽ تثليت- کي تقويت وٺائڻ لاءِ آدم جي هيٺ ڪرڻ ۽ يسوع مسيح جي مرڻ سان نجات واري پراڻي خيال کي نئين معنيٰ ملي، ۽ انهن ٻنهي خيالن مان ڪليسا جو مشهور عقيدو ٺهي تيار ٿيو، تهڙيءَ ريت اسان جي وقت ۾، انسان ذات جي منظم جسم هئڻ بابت، ڪامٽي جي بنيادي خيال کي وري ارتقا جي پراڻي نظريي مدد ڏني، ۽ انهن ٻنهي خيالن مان هڪ مشهور ۽ پختو سائنسي عقيدو جڙي راس ٿيو.

انهن ٻنهي عقيدن ۾، پراڻي خيال جي مدد لاءِ هڪ نئين خيال جو هجڻ ضروري هو، ۽ نئين خيال کي تڏهن ئي سمجهي سگهجي ٿو، جڏهن کيس پهرئين بنيادي خيال سان ملائي ڏسجي. جيڪڏهن يسوع مسيح جي الاهيات ۾ ايمان رکندڙ کي اها ڳالهه سمجهه نه نٿي اچي ته خدا پاڻ ڇو هيٺ زمين تي لهي آيو، ته نجات جو نظريو هڪدم کيس هڪ عدد سمجهاڻي مهيا ڪري ڏئي ٿو!

ساڳيءَ طرح، جيڪڏهن انسان ذات جي جسماني تنظيم ۾ اعتبار رکندڙ ڪنهن شخص کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، ته ڪن جزن جي ڍير کي ڇو هروڀرو هڪ منظم جسم سمجهڻ گهرجي، ته ارتقا جو نظريو هڪدم هڪ عدد سمجهاڻي ڏيئي ڇڏيندس!

خدا انسانن کي بچائڻ لاءِ پاڻ هيٺ زمين تي لهي آيو، پر انسانن جو ته ڪوبه بچاءُ ڪونه ٿيو- انهيءَ تضاد کي ڪيئن هٽائجي؟ نجات جو نظريو چوي ٿو: خدا انهن شخصن کي نجات ڏئي ٿو، جيڪي نجات ۾ يقين رکن ٿا؛ ۽ جيڪڏهن توهان به نجات کي مڃيو ٿا، تو توهان به پاڻ کي ڇٽل سمجهو!

انسان ذات هڪ منظم جسم آهي؛ پر تنهن هوندي به اسان ڏسون ٿا ته ان ۾ جسماني تنظيم جي مکيه ۽ لازمي نشاني عدم پيدا آهي- پوءِ انهيءَ ڳالهه سان ڪيئن نبرجي؟ ارتقا جو نظريو چوي ٿو: انسان ذات هڪ منظم جسم ته آهي پر اڃا پنهنجي ارتقا جون سموريون منزلون طي نه ڪيون اٿس ۽ جيڪڏهن توهان جو ارتقا جي اصول ۾ اعتبار آهي، ته توهان به انسان ذات کي هڪ منظم جسم سمجهي سگهو ٿا!

۽ جيئن ڪنهن شخص لاءِ جيڪو تثليث ۽ يسوع مسيح جي الاهيت جي وهمي عقيدي ۾ اعتبار رکندو هجي، اهو سمجهڻ ناممڪن آهي ته نجات جي نظريي جو اصل مقصد ۽ معنيٰ ڇا آهي، ۽ اها معنيٰ رڳو تڏهن ئي سمجهه ۾ اينديس، جڏهن يسوع مسيح جي خود خدا هجڻ واريءَ بنيادي ڳالهه ۾ اعتبار رکندو، ساڳيءَ طرح اثباتي سائنس جي وهمن کان آزاد انسانن لاءِ اهو سمجهڻ به ناممڪن اهي ته انواع جي اصليت واري تعليم جو مفاد ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي- ۽ انهيءَ مفاد جي فقط تڏهن ئي خبر پونديس، جڏهن هو اهو بنيادي نڪتو سمجهي وٺي ته انسان ذات به هڪ منظم جسم آهي!

۽ جئين مذهب جون سڀ باريڪيون فقط اهو ئي شخص سمجهي سگهندو، جنهن کي مذهب جي بنيادي اصول ۾ اعتبار هوندو، تيئن علم المعاشره جون موشگافيون به، جيڪي اڄڪلهه اسان جي سڀني جديد ۽ جيد سائنسدانن جي دل ۽ دماغ تي سوار آهن، فقط اهي ئي شخص سمجهي سگهندا، جن کي انهن ڳالهين ۾ پورو پورو يقين هوندو!

انهن ٻن عقيدن جي مشابهت ان ڳالهه ۾ به آهي ته اهي عقيدا جيڪڏهن هڪ دفعو اکيون ٻوٽي قبول ڪيا وڃن ٿا ۽ سندن وڌيڪ جاچ جوچ يا ڇنڊڇاڻ نٿي ڪجي، ته اهي ڪن ٻين عجيب و غريب جامع نظرين جي بنياد طور ڪم اچن ٿا؛ ۽ انهن نظرين جا مبلغ، پاڻ کي مذهب ۾ مقدس ۽ علم ۾ حقيقت شناس سمجهڻ جو حق استعمال ڪندي- يعني پاڻ کي هر قسم جي غلطين کان پاڪ ۽ صاف سمجهندي – ڪي اهڙيون احمقانه، واهيات ۽ بي بنياد ڳالهيون ڪن ٿا، جيڪي هو پاڻ تمام سنجيدگيءَ ۽ خاڪساريءَ سان بيان ڪندا آهن، پر انهن ڳالهين جي تفصيلات جي ترديد به وري سندن ئي گروهه جي ٻين اهڙن شخصن طرفان ساڳيءَ سنجيدگيءَ ۽ خاڪساريءَ سان ڪئي ويندي آهي، جيڪي بنيادي ڳالهين ۾ ته ساڳين ئي عقيدن ۾ ڪامل يقين رکندا آهن. پر ڪن خاص نڪتن ۾ هڪ ٻئي سان ذرا اخلاف هوندا اٿن!

هن عقيدي جي ابي ”هر برٽ اسپينسر“ کي ئي کڻي وٺو. هڪ ڪتاب ۾ هو انهيءَ عقيدي کي هن ريت ٿو بيان ڪري: انساني سماج ۽ منظم جسم هيٺينءَ ريت هڪ ٻئي سان مشابهت رکن ٿا:

ننڍن جزن جي حيثيت ۾ شروعات ڪري، اڻ لکي انداز سان مادي ۾ وڌن ٿا، تان جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي اصلوڪي مقدار کان هزارين دفعا وڌيڪ مقدار به اختيار ڪندا آهن،

شروعات ۾ هڪ اهڙي سادي بناوت هوندي اٿن، جو سندن بناوت معلوم ئي نه ٿيندي آهي، پر پوءِ وڌڻ ويجهڻ سان هڪ باقاعدي وڌندڙ بناوتي پيچيدگي اختيار ڪندا آهن،

سندن شروعات واريءَ ڪچڙيءَ ڄمار ۾، مختلف جزن جو هڪ ٻئي تي مدار نه هوندو آهي، پر پوءِ اهي ساڳيا جزا آهستي آهستي هڪ ٻئي تي مدار رکڻ سکندا آهن، پر اهو سندن هڪ ٻئي تي مدار نيٺ اهڙو ته پختو ٿي وڃي ٿو، جو هر جزي جي زندگي ۽ سرگرمي ٻين باقي جزن جي زندگيءَ ۽ سرگرميءَ سان گڏ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي؛

 

ڪل جي زندگي ۽ وڌڻ ويجهڻ سندن هر ٻئي جزي جي زندگيءَ ۽ وڌڻ ويجهڻ کان آزاد آهي ۽ وڌيڪ وقت هلندڙ آهي، ۽ اهي جزا پنهنجيءَ جاءِ تي ڄمن ٿا، وڌن ويجهن ٿا، ڪم ڪار ڪن ٿا، ڪجهه پيدا ڪن ٿا ۽ آخر مري کپي ناس ٿي وڃن ٿا، پر سندن جوڙيل جسم، يعني ڪُل، نسل پٺيان نسل زندهه رهي ٿو، ۽ پنهنجي بناوت خواه ڪاروباري سرگرمين جي تڪميل سبب سدائين وڌندو رهي ٿو.

 

ان کان پوءِ، منظم جسمن ۽ انساني سماجن جا اختلافي نڪتا به اچن ٿا، ۽ ڏيکاريو وڃي ٿو ته اهي رڳو ظاهري اختلاف آهن، پر اصل ۾ منظم جسم ۽ انساني سماج بنهه هڪ جهڙا آهن.

هڪ نئين شخص جي ذهن ۾ فوراً هيءُ سوال اُڀري ايندو: ”توهان ڪهڙي ڳالهه ٿا ڪريو؟ انسان ذات ڪيئن هڪ منظم جسم آهي؟ يا انسان ذات جي هڪ منظم جسم سان ڪهڙي مشابهت آهي؟“

”توهان چئو ٿا ته مٿين چئن نشانين ڪري، انساني سماج منظم جسمن سان مشابهت رکن ٿا، پر اها ڳالهه ڪنهن به ريت صحيح نه آهي. توهان هڪ منظم جسم جون رڳو ڪي ٿوريون مخصوص نشانيون کڻي، انساني سماجن کي فقط انهن ئي نشانين سان سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا.“ 

”توهان مشابهت واريون چار نشانيون بيان ڪري، پوءِ اختلاف واريون نشانيون به واقعي کڻو ٿا، پر اهي اختلافي نشانيون (توهان جي خيال ۾) رڳو ڏسڻ ۾ ائين ٿيون اچن، ۽ تنهنڪري توهان سمجهو ٿا ته انساني سماج کي به هڪ منظم جسم سمجهيو وڃي. پر اهو ته منطقي موشگافين کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه آهي. اهڙيءَ طرح ته هر چيز کي منظم جسم جي نشانين هيٺ آڻي سگهجي ٿو.“

منهنجي ذهن ۾ جيڪا پهرين چيز اچي ٿي سا کڻان ٿو: ”ٻيلي“ جو ئي کڻي مثال ڏسو؛ زمين ۾ ٻج پوکجن ٿا ۽ اهي، سلو سلو ٿي، وڌي وڏا وڻ ٿين ٿا:

 

”ننڍن جزن جي حيثيت ۾ شروعات . . .“ ساڳي ڳالهه ٻيلي ۾ به ٿئي ٿي، جڏهن ٻج آهستي آهستي زمين ۾ پاڙ پختي ڪن ٿا، ۽ ٻيلو وڻن سان ڀرجي وڃي ٿو.

 

”شروعات ۾ سادي بناوت . . . . . . .“ ٻيلي سان به ساڳي ڳالهه ٿئي ٿي؛ پهريائين رڳو هڪڙي قسم جا، پوءِ ٻئي قسم جا، تنهن کان پوءِ ٽئين قسم جا، وغيره وغيره. پهريائين سڀ سنوان سڌا اڀرن ٿا ۽ پوءِ سندن شاخون هڪ ٻئي ۾ وچڙنديون، وڌنديون، پيچيده ٿينديون رهن ٿيون.

”آهستي آهستي هڪ ٻئي تي مدار رکڻ . . .“ وڻن جي حالت ۾ ائين آهي. وڏا وڻ ننڍن کي گرم رکن ٿا (وڏن وڻن کي ڪپي ڇڏيو، ته ننڍا ٻوٽا از خود سڪي ويندا)؛ ٻيلي جا ٻاهريان وڻ کيس واءَ ۽ طوفان کان بچائين ٿا، ٻجن وارا وڻ جنسن کي جاري رکن ٿا، ڊگها ۽ پنن وارا وڻ ڇانو ڏين ٿا، ۽ اهڙيءَ طرح هڪ وڻ جي زندگي ٻئي وڻ جي زندگيءَ تي مدار رکي ٿي.

 

”جُزا مري به وڃن، پر ڪُل زنده رهي ٿو . . .“ ٻيلو به ائين آهي. جيئن چوندا آهن ته ”ٻيلو ڪنهن هڪ وڻ لاءِ نه روئندو آهي“؛ يا هڪ اڌ وڻ ڪپيا، ته ٻيلو اهو ئي ٻيلو رهندو.  

 

هن نظريي جا حامي اڪثر جيڪو ٻيو مثال ڏيندا آهن، تنهن سان به ساڳي ڳالهه آهي: ٻانهن ڪاٽي پري ڪبي ته ست ڇڏي، مري ناس ٿي ويندي. اسان چئون ٿا ته وڻ جي چڪي به جيڪڏهن ٻيلي واريءَ ڀليءَ زمين وغيره کان کوٽي ٻاهر ڪنهن ٻئي هنڌ رکبي، ته وڻ سڙي ختم ٿي ويندو.

هن عقيدي ۽ ڪليسائي عيسائيت واري عقيدي توڙي ٻين سڀني اکيون ٻوٽي ايمان آندل خيال تي مدار رکندڙ عقيدن جي وچ ۾ هڪ ٻي به نمايان مشابهت آهي؛ سا اها ته هي سڀ عقيدا منطقي دليل دلائل جو تاب جهلي نه ٿا سگهن. اهو ڏيکارڻ کان پوءِ ته خود سندن نظريي موجب، توهان ٻيلي کي به هڪ منظم جسم چئي سگهو ٿا، توهان سمجهندا ته توهان کين سندن بيان جي غلطيءَ کان باخبر ڪيو آهي – پر ائين هرگز ناهي!

هي حضرت پنهنجي منظم جسم واري نظريي کي اهڙي لچڪدار انداز ۾ بيان ڪن ٿا، جو جنهن چيز کي چاهين، تنهن کي گِهلي انهيءَ ”تعريف“ هيٺ آڻي سگهن ٿا.

”هائو!“ هو چوندا، ”ٻيلي کي به هڪ منظم جسم ڪري سمجهي سگهجي ٿو. ٻيلو، مختلف جزن جو هڪ اهڙو امن پسند ڪُل آهي، جنهن جا جزا هڪ ٻئي تي اثر انداز ته برابر ٿين ٿا، پر هڪ ٻئي کي ناس نه ٿا ڪن. يعني ٻيلو مختلف جزن جو هڪ گهاٽو ميڙ آهي، جنهن جا جزا هڪ ٻئي جي بلڪل ويجهو اچي سگهن ٿا، ۽ مکين جي ميڙ وانگر هڪ منظم جسم به ٿي سگهن ٿا.“

اُن تي توهان چوندا: جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءِ ٻيلي جا گاهه ٻوٽا، جيت جنتر ۽ پکي پرند، جيڪي هڪ ٻئي کي برباد ڪرڻ بدران هڪ ٻئي تي آڌار رکن ٿا، تن کي به وڻن سان شامل ڪري، هڪ منظم جسم کڻي چئجي!

هي حضرت ان حد تائين به توهان سان شامل راءِ ٿيندا. هنن جي نظريي مطابق، زنده چيزن جي هر ميڙ کي، جيڪي هڪ ٻئي تي مدار رکن ۽ هڪ ٻئي کي ناس نه ڪن، منظم جسم چئي سگهجي ٿو. توهان ڪهڙين به چيزن جو باهمي تعلق ۽ اتحاد بيان ڪري، سولائيءَ سان چئي سگهون ٿا ته وقت جي هڪ بيحد وڏي عرصي ۾، ڪنهن به چيز مان ڪا به چيز پيدا ٿي سگهي ٿي!

”تثليث“ ۾ اعتبار رکندڙ شخص کي تثليث جو غلط هجڻ ثابت ڪري ڏيکارڻ بلڪل ناممڪن آهي، پر اها ڳالهه کين تمام سولائيءَ سان ثابت ڪري ڏيکاري سگهجي ٿي ته سندن خيال علم تي نه پر اعتبار تي ٻڌل آهي، ۽ ٻيو ته جيڪڏهن هو چون ٿا ته خدا ٽي آهن، ته مان به ساڳيءَ ريت چئي سگهان ٿو ته خدا ٽي نه ساڍا سترهن آهن، ته اثباتي توڙي ارتقائي سائنس جي مريدن سان به ساڳئي نموني، پاڻ وڌيڪ پختائيءَ ۽ ڪاميابيءَ سان، پڄي سگهجي ٿو. اهڙيءَ سائنس جي بنياد تي ته مان هر ڳالهه ثابت ڪري سگهان ٿو. عجب وري اهو، جو اها ساڳي اثباتي سائنس سائنسي طريقي کي ئي سچي علم جي هڪ نشاني سمجهي ٿي، ۽ ان جي تعريف به وري پاڻ ڪئي اٿس! سندس پيش ڪيل ”سائنسي طريقو“ واقعي هڪ سنئون سڌو ۽ عام سمجهه ۾ اچڻ جهڙو طريقو آهي، ۽ اهو ئي عام سمجهه وارو طريقو کيس قدم قدم تي بي نقاب به ڪندو رهي ٿو!

زهد ۽ تقويٰ جي صاحبن جڏهن محسوس ڪيو ته هينئر منجهن ڪا به تقويٰ ۽ پاڪائيءَ جي ڳالهه نه رهي آهي، ۽ کين بُرو ڀَلو ڪوٺيو وڃي ٿو، تڏهن هڪدم (پوپ ۽ اسان جي ڪليسا وانگر) پاڻ کي نه رڳو پاڪ (holy)، پاڪن پاڪ (most holy) سڏائڻ شروع ڪيائون. ساڳيءَ طرح جڏهن سائنس به محسوس ڪيو ته منجهس ڪا به معقول ڳالهه نه رهي آهي، تڏهن پير کوڙي، ۽ هڪ وک وڌائي، پاڻ کي سائنسي سائنس چوائڻ شروع ڪيائين. يعني اهو علم جو ٺلهو علم نه، پر علمي علم آهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org