سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: خط ٻن اديبن جا

باب: --

صفحو : 5 

(29)

حيدرآباد سنڌ

22فيبروري 1967ع

پيارا ڀاءُ عبدالقادر،

تنهنجو ڏَهِين تاريخ جو لکيل خط تَنهن ڏينهن 18 تاريخ، لفافي کان سواءِ، ائين لکيل صورت ۾، مليو اٿم. اڳتي تون مون ڏانهن جيڪو خط لکين، اُهو ادبي بورڊ جي ائڊريس تي نه پر هـِن هيٺ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ائڊريس ڏيان ٿو. اُن تي موڪليندو ڪج.

تنهنجو افسانو ”واٽون، راتيون ۽ رول“ رسالي نئين زندگي“ ۾ پڙهيم. ڏاڍو وڻيو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو اسان جو سنڌي ادب اڄ ايڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندو اڳتي وڌي رهيو آهي. اسان جا ڀاڳ آهن، جو اسان جي ٻولي ايڏي سجاڳ آهي. سچ پچ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ادب جا لکندڙ ۽ پڙهندڙ اڄ هڪ عظيم جهاد ۾ مصروف آهن. اُهو جهاد آهي پنهنجي قومي بچاءَ ۽ آئيندي جي سلامتيءَ ۽ ترقيءَ جي ضمانت جو جهاد . اسان وٽ ترار ڪانهي، پر قلم ترار کان طاقتور آهي ۽ زبان قلم کان به طاقتور آهي ۽ قلم کان  به طاقتور آهي. پنهنجي زبان ۽ قلم کي سوگهو جهليو سين ۽ انهن کي ڀري ڀري ڪم آندوسون، ته پاڻ کي لوڏو ڪونهي. شال اسان جا اِهي هٿيار محفوظ رهن. اِهي اوهان جهڙن اڻٿڪ ۽ اڻموٽ جوانن وٽ امانت آهن. جيڪي ادب جي ميدان جا شهسوار آهيو. اسين اوهان جا ڪرتب ڏسنداسون ۽ اوهان کي دعائون ڏينداسون. شال اوهان جي زبان ۽ اوهان جا قلم هميشه اَجهل ۽ تيز رهن، ته جيئن ڪوڙَ ۽ قيد جي زنجيرن کي هميشه ڪَٽيندا رهو.

هتي ٻيو مڙيوئي خير آهي. جهڙو خير اڄڪلهه جي حالتن ۾ ٿيڻو آهي، ۽ جنهن کان بچڻ جي ٻي ڪا واهه به ڪانهي! ويئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد! ڪاوڙ آهي، جا پيئي ڪجهه تڳائي. نه ته ٿڌي برف ٿي وڃڻ ۾ دير ئي ڪانهي- خاص طرح جڏهن رهڻو ئي ”برف گهر“ ۾ پوي ٿو. سڄي ڳالهه ئي ڪولڊ اسٽوريج ۾ آهي. ڪاوڙ ڪا وڌي ۽ ماڻهو تپي تپي باهه ٿين ۽ ڪو ملڪ ۾ ساهه پوي. باقي ته چپ چپات مُئن جي دڙي واريءَ ۾ وٺجي ويا آهيون، پر، آهي  اِها سڄي ڳالهه ٻاهران اِئين.  ڪڙهي ڪڙهي نيٺ ته ڪٿان ڦاٽندي. اياز جي ڳالهه وانگر. درياءَ جو بند ٽٽو ته رڳو ان ۾ رُوڻ ڪانه پوندي، پر سڄي جو سڄو لُڙهندو. ڏسجي ته ڪڏهن ٿو اُهو سيلاب اُٿي- جو ٻوڙيندو ۽ ريجُ به ڪندو.

ٽماهي ”ٻيجل“ لڳ ڀڳ تيارين جي منزل تي اچي پهتو آهي. مارچ جي اوائل ۾ مواد پريس ۾ موڪلڻ جو ارادو آهي، دوستن جو.

”سهڻي“ رسالو به نڪتو آهي، ۽ اميد ته توکي مليو هوندو. هن پرچي ۾ همراهن جي روش ۽ رخ ڏاڍا چڱا ٿا لڳن، پر ٻڌو اٿم ته ”روح رهاڻ“ جي سراج واري مضمون تي ڏاڍا ڪاوڙيا آهن، ۽ ان لاءِ هو ڪو آئينده پرچي ۾ جوابي قدم کڻندا. ڏسجي ته ڪهڙو ٿا کڻن. شروعات به پاڻ ڪئي اٿن- سو هاڻ  ڳالهه کي ختم به پاڻ ڪن ته هوند ختم ٿي وڃي. سراج جي مضمون جو جواب پليجو به لکي پيو، جو خود ”روح رهاڻ“ ۾ ڇپبو. منهنجي خيال ۾ اُهو جواب ۽ وري ”روح رهاڻ“ ۾ ڇپجي، ان مان خود ”سهڻيءَ“ وارن کي به اطمينان ٿي وڃڻ گهرجي، ڪي دوست انهيءَ انداز ۾ سوچي ۽ ڪوشش ڪري رهيا آهن- ته ڇا ڪاڻ ”سهڻيءَ“ وارن هن تازي پرچي ۾ ڏاڍو چڱو رويو ورتو آهي، تنهنڪري ترقي پسند ادب جي دعويدارن ۾ وڌيڪ بدمزگي نه رهي ته چڱو. ائين به ٿي سگهي ٿو ته خود ”سهڻيءَ“ ۾ به ڪو باهمي اعتماد وارو اديب جواب طور يا وضاحت طور ڪجهه لکي، ٻنهي ڌرين لاءِ ٻه چار لفظ سمجهاڻيءَ ۾، خير خواهيءَ جا پيش ڪري، ڳالهه کي ختم ڪرائي، ته بهتر ٿي پوي. صحتمند اختلاف صحتمند انداز ۾ هلائجن ۽ هلندا رهن ته ان ۾ پاڻ فائدو آهي، پر هي ذاتيات کي وچ ۾ آڻي هڪٻئي تي خواهمخواهه جو گند اڇلاڻ پنهنجي گڏيل مفاد ۽ مقصد کي نقصان وجهڻو آهي، ۽ اُن مان ڪنهن کي ڪو فائدو ڪونهي.

ايڏانهن مارئيءَ جو ميلو لڳرائي رهيا آهن. قحط جي صورتحال سبب شايد ميلو لڳي نه سگهي. بهرحال جيڪڏهن ميلو لڳي رهيو هجي ۽ تنهنجي صلاح هجي ته انهيءَ ميلي ۾ اچي شريڪ ٿجي. مون کي شوق رڳو هيءُ آهي ته ان موقعي تي ٿر جي چڱن چڱن سگهڙن، شاعرن ۽ اديبن ۽ فنڪارن سان ملاقات جو موقعو ملي سگهندو. سو ان متعلق پڇاڳاڇا ڪري، ترت حال احوال لکي موڪلج ته ان موجب پروگرام ٺاهي سگهجي.

اڄ تنهنجو ٻيو خط به مليو اٿم. ڪهاڻي ”فنڪار“ ملي ته پڙهجي! تنهنجون اڳيون پنج ڇهه ننڍيون ڪهاڻيون، جيڪي تو چيو هو ته اشفاق جي ائڊريس تي ”روح رهاڻ“ لاءِ تو موڪليون هيون، سي به حميد سنڌيءَ کي ملي چڪيون آهن. خبر نه آهي اُهي ئي وري موڪلڻ لاءِ تو لکيو آهي، يا مرڳو ئي ڪي ٻيون لکيون اٿئي! بهرحال تو وٽان جو ڪجهه به لکجي ايندو، اُهو دل سان پڙهبو، ۽ اميد ته اُها وڻڻ جهڙي شيءِ هوندي.

رائيٽرس ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جا ڪاغذ اڃا رجسٽر  ٿيڻ لاءِ ڪو نه موڪليا اٿئون. ترت موڪلبا. ميوزڪ لورس ڪلب جون به ميٽنگون پيا ڪريون. ڏسجي ته ڪم ڪهڙي رخ سان شروع ٿئي ٿو ۽ ڪيئن ٿو اڳتي وڌي. انهن جا نج سنڌي نالا توکي ڪي سُجهي اچن ته لکي موڪلج. اسان هتي به انهيءَ ڪوشش ۾ آهيون ته ڪي چڱا نالا نج پنهنجا خيال ۾ اچن ته ڏاڍو سٺو، ۽ اُهي ئي ڪم آڻجن.

ڏڪر جي ڳالهه تو لکي آهي، ڏاڍي دل کي ڏکوئي ٿي. پر منهنجا مٺا ڀاءُ تو تلڪ چاڙهيءَ تي ايندي ويندي ڏڪر توڙي سڪر ۾ پنهنجا انسان ڀاءُ ڪو نه بيمار ۽ بکيا، ڪڏهن لُڇندي، ڪڏهن ڦٿڪندي، ڪڏهن ماٺ ۾ مردن جا مردا بيٺا، بيٺا، ويٺا يا ڪريا ڪونه ڏٺا آهن! ڏڪر وڏي بلا آهي. پر جيڪي ڏڪر آڻين ٿا، دراصل بلائون، اُهي آهن. ڏڪر ويندو ۽ ضرور ويندو ۽ هميشه لاءِ ويندو پر پهريائين ڏڪاريا وڃن. شرط اِهوئي آهي ته ’ڏڪاريا ڏيهه مان شل موذي سڀ مرن!‘

اسان جا دوست خوش آهن، پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ لڳا رهن ٿا. ڀاءُ يار محمد ڏانهن قرب ڀريا ڪڏهن ڪي ٻه لفظ لکي موڪليندين ته ڏاڍو چڱو.

سلام سڀني دوستن جا توکي رسن. هاڻي منهنجي ائڊريس ٻُڌ!

ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ،

41-532، ڪنٽونمينٽ،

حيدرآباد، سنڌ

تنهنجو محمد ابراهيم جويو

(30)

جنهاڻ

7 بجه شام

2 مارچ 1967ع

پيارا سائين!

اوهان کي هڪ خط اڳ ۾ لکيو هوم، جو اميد ته ضرور مليو هوندو. خطُ تڪڙ ۾ لکيل هو. الهنديون هوائون ڀٽڪڻ لڳيون آهن. ويچارو سيارو ته پير ڊاهي  ويو. هاڻي ته اسين آهيون ۽ سنڌ  جو ويران بهار، جنهن ڪنهن زال وانگر پنهنجا اڻڀا وار پکڙي ڇڏيا آهن. اُتاهين مان ٽٽل قافلن هاڻ ڪنڊون ورتيون آهن. مهيني اڌ کان پوءِ  انهن قافلن جا ڀاتي سونين ڪڻڪن مٿان ڳجهن وانگر ٽٽي پوندا. ڪڻڪن جا ڌڻي وڏيرا، رئيس ۽ چوڌري هينئر خوش آهن، جو کين Labour  سستو ۽ گهڻو مليو، ڇو ته ٿر ۾ ڏڪار پيا آهن. هيءُ ٽيو لاڳيتو ڏُڪار آهي. ماڻهو ويچارا شڪايت ڪندي بادشاهت جو تاج وقت جي مٿي تي رکندا آهن، پر اهو نٿو سُجهين ته وقت جا به ڪي بادشاهه آهن، جن جي حڪومت وقت تي هلندي آهي، سـِڪا، نوٽ، ڪاغذ،. الا! ويچارو انسان ڪاغذ جو غلام. ڪيڏي نه زهر ڀريل کاري حقيقت آهي. دنيا جي گذري ويل ويڙهيل صدين ۾ وت ته ڪنهن تي به حڪم نه هلايو آهي. وقت جي وهڪري کي هميشه سـِڪَن جي بندن سان روڪيو ويو آهي ۽ سندس رخ بدلايا ويا آهن. وهڪري مٿان وهندڙ صرف شاعرن جي خوابن کي ڪا به سـِڪي جي ديوار روڪي نه سگهي آهي. پر حقيقتن کي هر دور ۾ ٿاٻا آيا آهن.

اوهان جا حال ڪهڙا آهن؟ سمجهان ٿو ته اِها ڪم جي وٺ پڪڙ. ٻيو ڇا، اوهان جي محنتن کي ڪيئن داد ڏيان؟

اوهان کي خبر آهي ته مون B.A.I. جي رجسٽريشن ڪرائي آهي. براه ڪرم پُڇا ڳاڇا ڪري خبر ڏيندا ته فارم ڀرڻ جون ڪهڙيون تاريخون آهن؟ امتحان جي تاريخن جو اعلان ڪيو اٿن يا نه-

ٻيو ته فيبروريءَ جي ”روح رهاڻ“ ڪانه ملي اٿم. اڳي ڀائو ميرپورخاص مان وٺي ايندو هو، پر هن ڀيري وسري ويس. هاڻ اوهين مهرباني ڪري اِهو پرچو وٺي موڪليندا.

والسلام

عبدالقادر جوڻيجو

(31)

جيئن سدائين،

پيارا سائين

گهڻن ڏينهن جي لاڳيتي تپ کان پوءِ مس مس کٽ ڇڏي اٿم. تنهن کان اڳ مارئيءَ جي ميلي تي ويو هوس، جتان اچڻ شرط اوهان لاءِ خط لکي ڇڏيم پر پوسٽ نه ڪيومانس. هاڻي احوال وري نئين سـِر ڏيان ٿو. دل چوندي آهي ته اوهان ڏانهن ڪو ڀرتو خط لکجي پر قلم لاچار ٿيو پوي، ان ڪري ڳالهه کي ’حال احوال‘تائين محدود رکون ٿا.

ها! ته مارئيءَ جي ميلي ويا هئاسين، گهڻو ڪري ٿرپارڪر جا اديب هئا. اسان سان گڏ ممتاز مرزا، شيخ اسماعيل، مجنون ’مجرم‘ ۽ غلام محمد لغاري پڻ هئا.

ميلي ۾ اٽڪل اٺ ڏهه هزار کن ماڻهو هئا. مقالن پڙهڻ وقت ماڻهن ڏاڍي گُهٽ ڪئي. ميلي جي خاص ڳالهه هُئي ’اياز‘ جي وائي- ”سهندو ڪير ميار او يار .........“ جا علڻ فقير کي ٽي چار ڀيرا ٻڌائي پيئي. جيتوڻيڪ اديبن جي مجلس ۾ برسر اقتدار اديب ’اياز‘ جي شاعريءَ جا مخالف هُئا. ڪُنڊن ۾ ’اياز‘جي شاعريءَ لاءِ گهٽ وڌ لفظ به استعمال ڪيا ويا. پر ظاهر ظهور نه. ائين ٿو محسوس ٿئيم ته ’ڀٽ ڌڻيءَ‘وانگر اياز به هاڻي کُلمَ کلا نڪته چينيءَ کان چڙهي ويو آهي. هونئين ڪو ڪو سردار علي شاهه وانگر نڪ جو ڏاڍو ٿو ٿئي، ته واه نه ته ٻيو مڙيئي خير.

آءٌ هيستائين ’اياز‘ کي  عوامي شاعر ڪونه سمجهندو هوس، صرف عظيم شاعر سمجهندو هوسانس. پر هن ڀيري پڪ ٿي ويم ته ’اياز‘ عوامي آهي بلڪه مستقبل ۾ ته سندس ’عواميت‘ جو عام انسان تصور به نٿو ڪري سگهي.

نه رڳو ’وائي وات اِها‘ ٻڌيم، پر ”سانئز ته ڪو ڀلو آهي“ جا لفظ پڻ. مزو اِهو ته سڄي وائي ڳائڻ وقت علڻ فقير هٿن جي اشارن سان وائيءَ جو مطلب واضح ڪيو.

 مقالن ۾ لفاظي گهڻي مطلب گهٽ، روڄ گهڻو مقصد گهٽ هو. مون به مقالو ”سنڌي شاعري ۽ مارئيءَ جو ڪردار“ پڙهيو، جنهن ۾ اياز جو ذڪر زور شور سان ڪيم. مون جيڪا ’ڳالهه‘ ڪئي سا ته ڪنهن کي پلئه پيئي پر گهٽ، داد مليم صرف ڪن غير مُلڪي نالن تي. ائين سمجهو ته عمليت جو رعب مٿن ويهي رهيو. باقي ٻيو رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه گذري ويا. اسان جي سنڌي ادب سان دلچسپي رکندڙن جو تعداد مطالعي کان ته صفا ڪورو آهي. اردو وارن وٽ جتي تخليقي فقدان آهي، اُتي سندن تنقيد کي پڙهي، سنڌين جي ڪم عمليءَ جو ڏاڍو احساس  ٿيندو اٿم. مطلب  ته ميلي ۾ ڏاڍو خوش هوس، جو يارن جي ڀرپور نمائندگي ڪيم.

2- هڪ ناول جي رِٿا تيار ڪري ڇڏي اٿم. ’پلاٽ‘ سگهو موڪليندس ۽ پوءِ ناول لکڻ شروع ڪندس.

3- ’مارئي جو مليو‘ ڪتاب ڇپجي رهيو آهي، ان ۾ منهنجو مقالو هوندو، اُهو به موڪليندومانوَ.

4- سراج وارن، جو ’ٻيجل‘ رسالي جي ڊڪليئريشن حاصل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، اُن جو ڇا ٿيو؟

5- اوهين حيدرآباد ڪڏهن ايندا؟  

سلام سڀني يارن دوستن کي عرض آهن.

والسلام

عبدالقادر جوڻيجو

(32)

گورنمينٽ پرائمري اسڪول،

جنهاڻ.

31 مئي 1967ع

پيارا سائين،

اُنهي ڏينهن اوهان کان خيرن سان موڪلائي بٺوري آيس. ٽي ڏينهن ته بٺوري وارا يار ڇڏين ئي نه. ڏاڍيون ڪيونسين ڪچهريون. گهميا ڦرياسون- دڙو، سجاول، ’پٿر جو مقاطعو‘ هاري ناري، ٻنيون ٻارا، کارين ڄارين جا گهاٽا ويڙهه، اڻ گهڙيا واٽر، ٽٽل پاڻي. لاڙ به عجيب آهي. پاڻي، ڪلر ۽ غربت لاڙ جي نراڙ تي کوٽيا پيا آهن. هت ته اسان ٿرين کان به ڪمُ پَرِ ٿيو پيو آهي. البت ذهن سُڪار ڀريا ڏسڻ ۾ آيا. شايد ’پٿر‘ جون ڪرامتون آهن.

اسان وٽ هـِتي به پيو قُدرت جو معاملو رڙهي. سُوسٽ ڪندڙ هوا، واريءَ کي اُڌايو، سَٽيو، شام جو کنيو ڍِر کائي. پوءِ سڄي رات مـِٺڙي مٺڙي ٿڌي هوا ڀٽن تان تـِرڪندي، رڙهندي شراب ڇنڊيندي پيئي هَلي- ڳهر، نشو، ننڊ ڄڻ ته پريان ئي ڳنڍ ۾ ٻڌيو اچي. رات جي پوين پهرن ۾ چنڊ زمين اندران ڦاٽ کائي مٿي نڪرندو آهي، تڏهن ميلَ ٿيو وڃن مٿان آسمان جي نيليءَ جرڪاڻ جا هيٺ واريءَ جي جڳ مڳ جڳ مڳ سان- جهڙو گج ۾ ٽـِڪون. سڄي ڪائنات ڦوهه جوانيءَ ۾ ڦاٽندي پيئي آهي. ٿر جون چانڊوڪيون، اوهان الائي ڏٺيون آهن يا نه، پر محبوبه جي هنج کان به وڻندڙ ٿينديون آهن. ماڻهو ننڊ جي پاڇولن ۾ ساهه کڻندا آهن، آسپاس جو وايومنڊل مور وانگر کنڀ پکيڙي ناچ ڪندو آهي. ڪَنڊين ۽ نمن جا ڊگها پاڇا زمين تي هاريل چانڊوڪيءَ سان واءُ جي زور تي ’وڏ ڪٻل‘ ڪندا آهن. واري ٻهڪندي ۽ جرڪندي آهي. حساس دلين لاءِ زمين آسمان هڪ ٿي ويندا آهن.

مٺڙا! اڃا ته هوائون ئي هوائون آهن، جن پويان ٽُوال ڪُلهي تي رکي ڊوڙڻ کپي. آکاڙ ۾ اکيون اٿئون  ته ڪو مينهن پئي، مُلڪ رنگ ڪڍي، گوڙيون ٿين، مور ٻولي، رنگ رچن، تارا نچن. جندڙيءَ جي جُهڙ ڦُڙ مينهن جي جهُڙ ڦُڙ کان قيمتي آهي. نارين جون مُرڪون ۽ ٽهڪ کنوڻ جي تجلين کان روشن آهن. پر ڀانيان ٿو ته انسان جي نڙيءَ مان نڪتل ’گولاڙو‘ يا ’ڏهوڪو‘ مور جي مـِٺي آواز ۽ نئين جي گڙگاٽ کان وڌيڪ سُريلو آهي، ۽اِهي انساني لڏا، جـِندڙيءَ جا جيئرا جاڳيندا نشان، وطن ڏانهن اُٿلي پيا آهن- قافلي پٺيان قافلو، ڀٽون، لَڪ، ڏهر، تڙ، آواڙا سڀ واٽ جا ڌنڌلا ۽ شاعراڻا نشان رهجيو وڃن. زندگي آهي جنهن جا ٻَئي هٿ ڪڏهن ٻيڪڙيل دَرن ۾  بند آهن ته ڪڏهن..... ۽ اِها ’ڪڏهن‘ الائي ڪڏهن ايندي؟

گهڻا مالوند مارو ماڻهو آڳاٽن مينهنِ سمي مال ڪاهي وڃي ٿر ۾ ٿانيڪا ٿيا هُئا، سي به جواڻ مڙس. باقي پويان لڏا رهيا هُئا. سي لابارا ڪري، کرا ڳاهي، ان ڪَڻا کَڻي، هاڻي ٽُٽا وڃن. البت هنن لاڳيتين گينواريل هوائن، جو ڀٽن ۾  رڙَهاٽَ وٺي ٻڌا آهن، سڄو ڏينهن هوا جو گهوگهٽ ۽ واريءَ جو سرڙاٽ پيو پوي، تـِن هڻي هنيانءَ اڌ ڪري ڇڏيا آهن، آسمان پينوءَ جي اک وانگيان خالي آهي. زندگيءَ جا ٻئي هٿ ٻيڪڙيل درن ۾ سُڪ آهن. اُن هوندي به اسان کي ٿر پيارو آهي. هر ٿَرئي وٽ مارئيءَ جي دِل آهي. ڏيئي وٺـِي رات آهي جا به صرف مون پاري رومانٽسٽ مريض ماڻهوءَ وٽ اهميت رکي ٿي. نه ته سائين ڪنهن کي خيال آهي انهن ڳالهين جو! ڪو هڪڙو اڌ ڪڏهن کڻيو ٿڌو ساهه کڻي، ته به واقعي جي مناسبت سان، نه ته ٻيو مڙيئي خير.

ڪڻڪ اسان وٽ 20 روپيا مَڻُ، مـِٺيءَ ۾ 23 روپيا مَڻُ، ننگر ۽ ڇاڇري ۾ 27 روپيا مڻ آهي. گذريل مينهن تي ڪن ڪن ماڻهن ٻاجهريون پوکيون هُيون، جي اڃا سايون بيٺيون آهن، پر جي مينهن نه پيو، زمين جو پيٽ ٿڌو نه ٿيو، ته پوءِ ڪهڙي ماڻهوءَ جو پيٽ  ٿڌو ٿيندو! مال به رڙِهي رڙِهي مهينو ڏيڍ رڙهي، ان وچ ۾ برسات نه آئي ته ’دادا دُورا ليکا پورا.‘

اوهان جو چيو هو ته ” ٿر جي جيوت تي مور جو اثر“ لکان، اِن لاءِ ڪجهه روايتون، ڪجهه ڳيتن جا ٻول، ڪجهه وسوسا ۽ وهم هٿ ڪيا اٿم. ڪجهه ننگر واري پاسي يارن دوستن کي لکيو اٿم. اسان وٽ شادين مُرادين ۾ سهرا نَه بلڪ ڳيتَ( گيت نه- ڇو ته گيت ٻـِي شَيءِ آهي)، ڳيت جون هونديون آهن ٻه يا اڍائي سـِٽون، جي سُر ۾ ورجائبيون آهن. انهن ٻولن جي بناوت آزاد نظم وانگيان آهي. ڳائڻ جو سُر به سَهرن کان قطعي نرالو اٿن. ’گهو‘ جو آواز چالو ٿيو پوءِ او، هو، او، ڊگهي مُدي وارا پلٽا، جڏهن وڃي مائيءَ سڳوريءَ جو آواز کُٽي، تڏهن ’ٽُ‘ آواز شروع ٿيو وڃي. اهڙي نموني ’گهوٽ‘ جو لفظ ڪافي وقت وٺيو وڃي. ان بعد ”چڙهبو“ لفظ يڪو ڍرانديءَ ۾ آڻي، ٿوري وقت اندر اِن لفظ جو خاتمو آڻي، ’گهوڙي‘ جي لفظ کي ٽوڙي پهرئين حصي ’گهو‘ ۽ پوءِ ’ڙي‘ کي پَلٽن جي صورت ۾ ڳائين. بهرحال ٻن سٽن جو ڳيت به ڪافي وقت وٺيو وڃي. وري هر سُگهڙ وٽ هڪڙي ئي ڳيت لاءِ پنهنجا ٻول آهن، جي اَصلُ صفا آهن آزاد نظم. اِهي ته ٿيا پاڻ واري سماٽ قوم جا سنڌي ڳيت، پر ٻيون قومون جهڙوڪ ڀيل، ميگهواڙ ۽ ڏکڻ ٿر جا ماڻهو به انهيءَ سُر ڍار ۾ ڳيت ڳا.ئين- پر ٻوليءَ ڍاٽڪيءَ ۾. ڳيت کڻڻ وقت جڏهن ٿاريليون گڏجي آواز کي کڻنديون آهن، تڏهن آواز لهرون کائيندو چڙهندو آهي. آواز ۾ ’سوز‘ کان وڌيڪ ’گڊجگار‘ هوندي آهي. وچ ۾ هلندي ڪو زنده دل پوڙهو ’جيئو جيئو‘ جو لفظ چوندو آهي، تيئن گج تکي ٿي ويندي آهي ۽ رنگ ٽڙي پوندا آهن. بهرحال اهڙا ڳيت اوهان ضرور ٻُڌا هوندا، نه ته ٻُڌڻ گُهرجن. مون پيڪنگ ريڊيو تان چيني پهاڙي گيت  ٻڌا آهن، جن جو رنگ ۽ ڍنگ به ٿر جي گيتن سان عجب جهڙي مناسبت رکي ٿو. يا ته وري سيلون جا ٻُڌ رهواسي جڏهن عبادت لاءِ پاڪ جبل تي چڙهڻ وقت جيڪو مذهبي ڳيت ڳائيندا آهن اُن ۾ به ڪافي ڌاريائپ محسوس نه ٿي ٿئي سواءِ ٻوليءِ جي.

’ڳيت‘، ’گولاڙو‘، ’ڏهوڪو‘، ’چيني پهاڙي گيت‘، ’سيلوني گيت‘ ڏسجن هڪڙي بُڻ جا ٿا، جيئن انهن ۾ پلٽا، ڍرَ گهڻي مُدي وارا آهن. انهن جي بنسبت ڏکڻ ڀارت جا گيت جهڙوڪ  ’مليالم‘، ’ڪنڙ‘، ’تلوگو‘ وغيره ٻولين جي  گيتن ۽ مولودن ۾ به ڍرانديون چڙهانديون آهن پر تـِکيون ۽ ڇوٽيون. اُن هوندي به اِنهن سڀني ۾ الڳ الڳ رنگ آهي.

 سائين آءٌ ته وڃي پيس موسيقيءَ ۾ جنهن جي الف- ب کان به واقف نه آهيان. رڳو ريڊيو ٻُڌڻ جي انڌي شوق ڪجهه ڳالهيون ذهن ۾ وجهي ڇڏيون آهن.

ها! ته هڪ افسانو لکيو اٿم، ’ڇڻيل پَنُ‘؛ سـِگهوئي فيئر ڪري موڪليندو سانوَ.

جشن ”رُوح رهاڻ“ نيٺ لـِڪي ڪَيُوَ، مون ته رڳو ريڊيو تان خبرنامون ٻڌو، اُن ۾ به حميد، رشيد ۽ ڏيپلائيءَ جا چند جملا، ٻيو مڙيئي خير. نه اوهان جو خط  آيو، نه ”روح رهاڻ“ جو دعوت نامون، ۽ نه  وري ڪا اخبار پڙهيم. خير! جيئرا آهيون ته پيا ملنداسين ۽ حال احوال ڏينداسين. اڄڪلهه زُڪام ڇڏيم ئي نٿو اسڪول مان نڪرڻ به نٿو ٿئي. ڏيئي وٺي، ڪو آچر ٿو نصيب ٿئي، اُهو به  گهر ۾ نٿو، ويهو ويهو وڃايو ڇڏيون. ”روح رهاڻ“ نڪا ’مئي‘جي ڏٺي اٿم ’جون‘ جي.

طول العمره ڪيئن آهي؟ ربانيءَ جا حال ڪهڙا آهن؟ ’اياز‘ جشن تي آيو هو يا نه؟ ٻيا ڪهڙا يار آيا هُئا. اِتي جي دوستن کي سلام عرض آهن. آخر ۾ هڪ ضروري عرض آهي. B.A. Part 1. جون ڪهڙيون تاريخون مقرر ڪيون ويون آهن؟ مهرباني ڪري اِهي تاريخون هٿ ڪري لکي موڪليندا ۽ سگهيون. منهنجي اِت حيدرآباد ۾ هن وقت ۾ ڪو به اهڙو يار خط و ڪتابت وارو نه آهي. جو اِهو حَوَالُ ڏئي، اِن لاءِ تڪليف معاف ڪندا.

عبدالقادر جوڻيجو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org