سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سدا گلاب

باب:

صفحو :4  

 

59. انهي ۾ ٻين جو وڃي ڇا؟

آءٌ منهنجو پريتم پاڻ ۾ پريت ونڊيون، انهي ۾ ٻين جو وڃي ڇا؟ جو مونکي پيون ورجائين.

آءٌ ۽ منهنجو پريتم پاڻ ۾ کلون ڳالهايون، انهي ۾ ٻين جو وڃي ڇا؟ جو اٺ ئي پهر منهنجي پيون پچار ڪن.

سکئي کي سهي ڪونه.

ڏکئي کي ڏئي ڪونه.

ساهيڙو منهنجو، ڪڏهانڪر، مونکان رٺو وتي؛ ڪا ته کڻي، هنئر مونکي اهو پريتم پرچائي ڏئي!

نڄاڻان ڪهڙيءَ ڀوپيءَ ٻيڙو وات وجهي، هُوسيوسين، جو وري هڪ ٻئي سان مکا ميلو اسانجو ٿئي ئي نٿو.

آءٌ نه هيٺ آهيان، نه مٿي آهيان.

منهنجو ساهيڙو، مونکي سڌئي ڪانهي، مون نانءِ سمجهي الاجي ڇا پيو؟

 

60. ڇو؟

ڏيو گل ٿي ويو.        ڇو؟

گهاگهري جي پلاند سان مٿان ڍڪيومانس. تڏهن گل ڪومائجي ويو.ڇو؟

پريم وس ٿي، ڳري لاتو مانس. تڏهن.

نِيَڙُ سڪي ويو.        ڇو؟

پنهنجي کپ لاءِ، پيٽ ۾ وٺي بند ٻڌومانس، تڏهن تنبورو ڇڄي پيو.ڇو؟

جنهن تانَ جو منجهس ست ڪونه هو، تندن مان اُهو ڪڍيومانس. تڏهن.

61. تو ڌاران آءٌ ٺلهي، ٺاٺي، سکڻي.

منهنجا ڍول! اڄ اُٿنديئي منهنجي ساڄي اکه پئي ڦري. مونکي اُنهيءَ ئي ويل پرون پيا، ته نڄاڻان اڄ تون مونکي مورڳو مٺو منهن ئي نه ڏيکارين.

منهنجا ڍول! ڏس ته ٿيو به وري ائين!

منهنجا ڍول! اڄ اُٿنديئي در جي ٻاهران مون گڏهه جي هينگ ٻڌي. مونکي اُنهيءَ ئي ويل سنسو پيو، ته نڄاڻان اڄ تون مورڳو اسانجي در وٽان ئي نه لنگهين.

منهنجا ڍول! ڏس ته ٿيو به وري ائين!

مهنجا ڍول! مون رات ساري ڏاڍا پهه پچايا هئا. چوان پئي: تون ۽ آءٌ خيرن سان سڀاڻ پاڻ ۾ گڏجون، ته آءٌ توکي اهڙي ڪنهن ڏانوڻ ۾ ڏانئين، کڻي ٿي پنهنجيءَ مهاڙيءَ ۾ وهاريان، جو وري تون مون وٽان وڃي نه سگهين.

پر اڄ، اُٿنديئي هو جي اُبتا سوَڻ ٿيا، نئون ته منهنجو انهن ئي هپايو؛ وري تو به اٺن پهرن اندر، ليئ جو ڪونه پاتو، تنهن ته منهنجي ڇاتي ڇني وڌي.

مٺڙا! آءٌ ڄاڻانٿي ته مصريءَ جهڙيءَ محبت مونکي هڻي ٻوساٽي ڇڏيو هو.

وڇوڙي جي ولهه ۾، هنئر، آءٌ ٻيو نه، ته سجاڳه ٿي آهيان.

آءٌ سمجهان ٿي ته تو ڌاران آءٌ ٺلهي، ناٺي، سکڻي آهيان.

پر ايترو مونتي ايڇپو ڪج، جو ماڳهين مونکي وساري نه ڇڏجانءِ.

تون منهنجي دل جو ڌڻي، ڄاڻين ٿو، منهنجو پوءِ حال ڪهڙو ٿيندو؟

62. تون مونکي شرمائين ڇو پيئي؟

تون هئن مونڏي نهاري، مونکي شرمائين ڇو پئي؟

آءٌ ڪو تو وٽ بيکاري ٿي ڪونه آيو آهيان!

چيم: گهڙي اڌ وڌي نه پويم، تڏهن انهي اڱڻ جي ڇيڙي تي، ڦلواڙيءَ واري لوڙهي کان به ٻاهر ٿي بيٺس.

تون هئن مونڏي نهاري، مونکي شرمائين ڇو پئي؟

ڦلواڙيءَ مان ڪو ڦُل کنيو مانءِ؟ ڪو ڦٰل پٽيو مانءِ؟

سڙڪ جي ٻني وارو منهه، انهي ۾ ڪرونڊڙو ٿي ويهي رهيس. اُتي ته ڪهڙو ست ڌاريو واٽهڙو به بهي ٿو سگهي!

مون ڪو ڦل ٿوروئي پٽيومان.

هائو، پير منهنجا ٿڪل هئا؛ ۽ مينهن جي پئي اوڙاڪ وسي.

بانس جا ڏار جهوليا پئي، ۽ هوا منجهن رڙ مچائي ڏني هئي.

آسمان ۾ ڪڪرن ڊوڙون ائين ٿي پاتيون، ڀانءِ ته هارائي ٿي ڀڳا. پير منهنجا ٿڪل هئا.

منهنجي نسبت نڄاڻان تو ڪهڙو پئي ويچار ڪيو؟

يا در وٽ الاجي ڪنهنجي اوسيڙي لڳ ويٺي هئيئن؟

ابر سندي اُهاءَ اکيون تنهنجون پئي ڇڙيون.

آءٌ ڪئن چوان ته آءٌ جو اونداهي ۾ بيٺو هوس، سو مونتي اوس نظر پيئي هونديءِ؟

نڄاڻا ته منهنجي نسبت تو ڪهڙو پئي ويچار ڪيو؟

ڏينهن سکه سان نبريو؛ مينهن کي کن ماٺ آئي.

تنهنجي ڦلواڙيءَ جي ڇيڙي تي، هو جو وڻ آهي، آءٌ انهي جي اڙ، پنهنجي آسڻ سوڌي، ڇڏيان ٿو.

اوندهڙو ٿيو؛ تون در ڏيئي ڇڏ؛ آءٌ وڃان ٿو. ڏينهن سکه سان نبريو.

 

63. دَر اهو، ڏِٺپرولي.

تون ساهيڙا! اسانجي در وٽان لنگهين ته منهنجي اندر ۾ اچيو ڦڙڪڻي پوي؛ ۽ ڏڪ ڦڙ ۾ آءٌ اُٿي اچي درجي چورٺ وٽ بيهان.

چوان: شل اما ادي نه ڪا مونکي ڏسي وٺي! کير ۾ پوءِ مورڳو ڪا موري نه وجهنم!

پر تون مٺا، يا ته پاڻئي مونکي اورانگهيو هليو وڃين؛ يا ته آءٌ پاڻ، اما اديءَ جو به سانگو نه ڪري، تنهنجن قدمن تي اچي ڪران، ته پيرن ۾ پيو لتاڙينم.

تون ساهيڙا! رڄو ڪڄو هج، پوءِ مون معذور کي ڀل ته پنهنجن پيرن ۾ پيو جهاڳوڙ.

مون جتي تنهنجي جور جفا جي هيڏي جهاڪ لنگهائي، اُتي هيءَ جهاڳوڙ مونکي ماريندي ڪانه.

ٻيو به هن جهپاٽي وگهي، آءٌ جي مري به پيس، ته منهنجي مٽيءَ جو هٿون مان ٿيندو.

جيڏيون سرتيون من ائين چون: مَرُ ڄائي فلاڻي، جا ستياڻي ٿي مئي!

پوءِ ٻڌاءِ آءٌ توسان چيٺ ڇو پوان؟

هي ته مونتي پاڻ ايڇپو ٿو ڪرين.

پر هي دَراهو، هيءَ ڏٺپرولي، ڪا مون پاري ڏکن ڏڌي سلي.

 

64. بازار بند ٿي ويئي.

بازار بند ٿي ويئي، تون هن ويل ڏين ٻرئي، ڇلي کڻي، تڪڙو تڪڙو، ڪيڏانهن هلي آهين؟

ٻيون سڀ بڪر وٺي، گهر اچي وييون؛ چنڊ مٿان وڻن منجهان ليا پيو پائي.

پاتڻيءَ کي سڏ پيا ٿين، تنهنجا پرلاوَ درياه جو پيٽ لتاڙي، پريان ڇاڇڙ تائين پيا پهچن، جنهن ۾ بدڪون پيون ننڊون ڪن.

بازار بند ٿي ويئي، تون ڇلي کڻي، تڪڙو تڪڙو، ڪيڏانهن هلي آهين؟

ڌرتيءَ جي اکين تي ننڊ ڪري پنهنجا هٿ رکيا آهن.

ڪانون جي آکيرن ۾ ماٺ، ۽ بانس جي پنن جي ڀڻ ڀڻ به ٻڌجيئي ڪانه ٿي.

ڪمي ڪاسبي ٻنين تان گهر موٽيا آهن؛ اُ هي پيا اڱڻن ۾ پنهنجا تڏا وڇائين.

بازار بند ٿي ويئي، تون ڇلي کڻي، تڪڙو تڪڙو، ڪيڏانهن هلي آهين؟

 

65. هيءُ دل وري به پلٽا پيئي کائي.

منهنجي ساهيڙي! اڄ مونکي اُٿنديئي پرون پيا ته ڪا مڙيائي هن سج اندر، تنهنجي پار کان مون سان ڀلائي ٿيندي.

وري جو منهنجيءَ ساڄيءَ اکه به صبوح لاڪون نچڪو لائي ڏنو، انهي مان مونکي پڪ ته اڄ اوس مونتي ڪو ڪڪر وسندو!

هونئن نه ته، ڪالهوڻي ڪالهه، پاڻ سان پڪو ٺهراءُ ڪيو هوم ته بس! چتان پنهنجي، تنهنجي چُرَ نپٽ لاهي ٿو ڇڏيان.

چيم: تون جا منهنجن مناڙن جو ويچار ئي ڪانه ٿي ڪرين، تنهنکان گهوريو، آءٌ ڪري ٿو توڪنان پنهنجي دل پليان.

پر اڄ، منهنجي عشق جي باب ۾ وري نئون ورق وري ويو.

هيءَ دل، جنهنکي مون هيڏي مٿاڪٽ کانپوءِ ٻنا ٻڌي ڇڏيا، اُها ڏس ته وري به پلٽا پئي کائي.

66. تون منهنجي، آءٌ تنهنجو.

مٺي! مون اڄ نه نه، ته به اوهانجي در وٽان ٽي ڀيرا واه جا ڪيا. ٽئين ڀيري نيٺ اوهانجي گهر جو در کليو، ۽ منهنجي به وڃي توتي اکه پئي.

پوءِ پهريائين ته آءٌ وري به تڪڙو تڪڙو هليو ٿي ويس، پر هيءَ دل ڏکن ڏڌي نه رهي؛ ۽ پير به، دل جي بار ڪنان، پاڻ مرادو اُتيئي ڄمي ويا.

تو به مٺي! هن دل سان تُسي، توه تيڏوئي ڪيو؛ هڪڙيائي نور ڀري نهار تو ڏانهنس اهڙي اُڇلائي، جو اُمالڪ منجهس نينهن جو فتون نياڻ ڦٽي پيو.

هاڻ مونکي پڪ ٿي ته جيستائين هنن رڳن مان جيوت جو دورو جاري آهي، تيستائين پريتڻو اسانجو هليو ايندو.

نه! نه! هي پريم ازلي، تو مٺيءَ مونسان پريت جوڙي، جڏهن هي جنسار اڃا جڙيوئي نه هو.

ته پوءِ، نه جئن هنجي ڪا آد، تئن نه هنجي ڪا انت به ٿيندي.

جنم جنم ۾، ڇا هِت ڇا هُت، تون منهنجي، آءٌ تنهنجو.

 

67. سور سندي ڪنار.

دنيا! مون تنهنجو گل ڇنو.

اُنهي کي اُره سان لائي زور ڏنم، ۽ ڪنڊي وٺي چڀ چڀ ڪئي.

ڏينهن نبريو، ۽ منهن اونداهي ٿي، ته ڇا ڏسان جو گل ته ڪومائجي ويو هو؛ پر سور سندي ڪنار اُها هلندي پي آئي.

تو وٽ، دنيا! پنهنجي نانوسان، ۽ سڳنڌ ڀريا گل گهڻيئي لڀندا.

منهنجي سا گلن چونڊڻ جي ويل پوري ٿي؛ ۽ هن ڪار اونداهيءَ ۾ مون وٽ پاڻ وارو گل به نٿو لڀي؛ رڳي سور سندي ڪنار، اُها سا هلندي اچي.

68. مناڙن سان جُوا.

منهنجي ساهيڙي مونکي ڏسي ته اکين ۾ سندس مونجهارو، پاڻ مونڏانهن سنئون نهاريئي ڪانه.

آءٌ پاڻ به پنهنجن مناڙن سان جوا پيو کيڏيان؛ پر دل منهنجي، منهنجي منهن ۾ چٽيل، منهنجي پريتڻي جو ڦڪڙ اُمالڪ ڦاڙيو ڇڏي.

 

69. آءٌ پَلَرِ، تنهنجن ٻولن ٻَڌڙي.

ساهيڙا! ڏينهن ڏٺي جو آءٌ توکي درجي چورٺ مان ڏسان به، ته به اما اديءَ جي سهمن سورنءُ، رڳو ٻنڀي تائين نه وڌي اچان.

چوان: آءٌ سڪ ٻڏنديون اکيون کڻي تو ڏي نهاريان، ته منهنجي ٻڌندي متان توکي ڪا، گهٽ وڌ نه ڪري ڳالهائي.

ساهيڙا! رات جو اسانجو در کليل هجي، ته آءٌ تنهنجي اوسيڙي لڳ، در ۾ اکيون پايو وهان.

چوان: من ڪا توکي مهر پوي، جو ڪرلاهو ٿي تون هتان اچي لانگهائو ٿين.

پر مٺڙا! ڏينهن جا ڏينهن نبريو وڃن، تنهنجو مورڳو پتو به ڪونه پوي.

ساهيڙا! ننڊ ۾ ته آءٌ تنهنجا سپنا هر رات ٿي لهان.

انهي وير اما اديءَ جو ويچار مونکي مُور ڪونه ٿئي.

چوان: آءٌ ٻَلَر، تنهنجن ٻولن ٻڌڙي، تنهنجو مون هيڻيءَ تي پل پل پوچارو، پوءِ آءُ آسر وند توتان گهورون ڪئن نه گهوريان؟

 

70. آءٌ ڪئن چوان؟

آءٌ پنهنجيءَ ساهيڙيءَ جي گهر وٽان لنگهان، ۽ در کليو به پيو هجي، ته به سندن در ۾ نهاريانئي ڪونه؛ ڏڪان پيو ته متان ڪو مونکي ڏسي نه وٺي!

آءٌ پنهنجيءَ ساهيڙيءَ جي گهر وٽان لنگهان، ۽ گهٽيءَ ۾ ڪو ٻار ئي بيٺو هجي، ته سندن در ڏي منهن ورايانئي ڪونه؛ ڊڄان پيو ته متان ڪنهن کي پتو نه پئجي وڃي!

منهنجي ساهيڙي، منهنجي حق ۾ سمجهندي الاجي ڇا هوندي؟

آءٌ ڪئن چوان ته هيءَ پَرِ آءٌ پنهنجي نانو ناموس ڪاترڪا نه ٿو وٺان؟

آءٌ ڪئن چوان ته مونکي اهو ڊپ ڪونه ٿو ماري ته لوڪن ۾ متان آءٌ ڏٺو ٿيان؟

آءٌ ڪئن چوان ته ساهيڙيءَ جي سانگي جو آءٌ سچ پچ بهانو ڪونه ٿو ڪريان؟

آءٌ ڪئن چوان ته پاڻان ڌار پيتڻي جي آءٌ ڪا سکڻي هام ڪانه ٿو هڻان؟

مونکي سڌ نٿي پوي ته آءٌ جيڪي ڪريان ٿو، پريم جي واٽ ۾، اهو مونکي سونهائي ٿو يا نه؟

آءٌ چئي نٿو سگهان ته آءٌ جيڪو نمونو هلان پيو، پريم جي واٽ ۾، اهو مونکي سيبائي ٿو يا نه؟

71. تون اڌ عورت، اڌ خواب

عورت! تنهنجو گهاٽ رڳو قادر ڪو نه پنهنجن هٿن سان گهڙيو، پر مڙساڙن به اُتس پورهيا ڪيا اٿيئي. دل وڏيءَ داتا اِهي مڙساڙو، نت نئون، توتي حسن جون پيا ورکائون ڪن.

شاعر سونهري تصور جي تندن سان تنهنجي لاءِ ڄاري پيا اُڻن؛ نقاش تنهنجي روپ کي، نت، نئين امرتا پيا بخشين.

سمنڊ جا موتي، کاڻين جو سون، گلستان جا گل، تنهنجي هار سينگار ۾ لڳا وتن ته ڀل تنهنجو ملهه وڌي.

مڙساڙن جي دلي اُڪنڊ تنهنجي جوڀن تي جلوو پئي ڍاري:

تون اڌ عورت، ۽ اڌ خواب!

 

72. اندر ۾ آءٌ رت جا ڳوڙها پيو ڳاڙيان.

منهنجي ساهيڙي، پاڻ مونکي وجهڙا گهڻئي ڏئي، پر مونکي جريت ٿئي ئي ڪانه، جو آءٌ رڳو سندس چائنٺ کڻي چمان.

منهنجي ساهيڙي، پاڻ مونکي سڏڙا گهڻئي ڪري، پر مونکي ٿئي ئي ڪانه، جو آءٌ رڳو سندس سڏ کڻي اونايان.

هنجا اهڙا مٺڙا سڏ منهنجي دل ۾ اڃا هُرن پيا؛

هنجا اهي ڪوڏ ڀريا اشارا مونکان اڃا وسرن نٿا.

هوءَ ته پياري، مونکي وجهڙا ڏهاڙي ٿي ڏئي؛

هوءَ ته پياري، مونکي سڏڙا ڏهاڙي ٿي ڪري.

 

پر آءٌ جو پنهنجي پاڇي ڀي پيو ڊڄان، مونکي جو مرم ٿو ماري- چوان: آءٌ وڌي سندس چائنٺ چمان، لنگهندي پائيندي ڪو ڏسي ئي وٺيم! آءٌ وڌي کائنس مٺيون وٺان، ساهيڙي سڌئي ڪا اچي سندس سهڙي!- انهي ڪارڻ لوڪ پچار جي ڊپ کان، آءٌ مرڳو ڏانهنس سنئون نهاريان ئي ڪين؛ آءٌ مورڳو سڏ سندس ورجايان ئي ڪين.

باقي اندر ۾ سو آءٌ رت جا ڳوڙها پيو ڳاڙيان.

 

73. رولاڪ ديوانو

هڪڙو رولاڪ ديوانو، ڌاڳا ڌوُڙ ڀَڪُليا، بدن تاڪيون تاڪيون، چپن کي چنو ائين لڳل جئن دل جا سندس در لتل، اکيون آڳ جا شعلا، ڀانءِ ته کڙڪٻيتون پاڻ واري جوت جڳائي جوڙيدار کي ڳوليندو وتي- هيٺ مٿي پئي نهاريائين؛ پارس ٿي ڳوليائين.

اکين اڳيان هنجي اڳاڌ سمنڊ ڇولون پئي ماريون. لهرن جي زبان، ٻڍن جئان ٻارهوئي هلي، انهن، سِير ۾ جي سئين ماڻڪ، موتي، لال لڪا پي وهيا، اُنهنجون ڳالهيون ڪري، هنجي اڄاڻپ تان ٽهڪڙو لائي ڏنو؛ پر هن اُنهنجون انت پاتو ئي ڪونه.

کيس به جيڪس اُميد خير ڪا هُئي، پر ته به پاڻ ماٺ ڪري ڪونه ويهي رهيو؛ ڇو جو پارس لاءِ هڻ پڇاڙ ۽ سندس زندگي ٻئي هڪ روپ ٿي پيون هيون.

سمنڊ جئن اٺ ئي پهر ٻانهون کنيو ڀانئين ته آسمان سان ملاقات ڪريان، پر اوستائين پهچي سگهيئي ڪونه.

تارا جئن چوڌاري ڦيريون پائيندا وتن، پر جيڪا منزل چتائي اٿن، انهي تائين رسي سگهنئي ڪونه-

تئن هي ديوانو به، ڌاڳا ڌوڙ ڀڪليا، پارس جي ڳولا ۾، سمنڊ جي ڪناري تي، جتي ٻي پهر ئي ڪانه هئي، پئي آيو ويو.

هڪ ڏهاڙي، ڳوٺ جو ڪو ٻارڙو، اڳيانس اچي بيٺو. پڇيائينس: هيءَ جا چيلهه کي سوني زنجيري ويڙهي پئي اٿئي، سا تو آندي ڪٿان؟

ديواني وٺِي ڇرڪ ماريو. زنجيري لوه جِي، سا سچ پچ سوني ٿي پئي هئي. سمجهيائين: سپنو ڪونه ٿو لهان پر اها ڄاڻ ڪونه ٿو لهان. پر اها ڄاڻ ڪانه پيس ته ويل ڪهڙيءَ لوه ڦريِ سون ٿيو هو.

ڪرم پٽي چوڻ لڳو: گهوڙا! پارس لڌو به هوم، پر پتو مونکي پيو ئِي ڪونه!

پرڪيت پئجي وئي هيس. ڪناري تان رُهڙيون ميڙي، رڳو وٺِي زنجيريءَ سان ڇهائيندو هون؛ پوءِ زنجيريءَ ڏانهن پاڻ نهاريندو به ڪونه هو، رهڙيون موٽائي اُڇلي ڇڏيندو هو. ديواني پارس لڌو به هو، پر انهي دم ئي ڪو اهو وڃائي ڇڏيو هئائين.

سج ڏونگ ۾ ٿي لڪو، ۽ پنهنجي روشن سواريءَ جو نشان شفق جي صورت ۾ ڇڏيندو ٿي ويو.

ديواني جو ست سمورو هليو ويو هو: بت ڪمان ٿي پيو هوس؛ دل سندس اُداس، پاڙن پٽيل وڻ جيان پٽ تي پيل؛ پاڻ وڃايل پارس لاءِ وري هيٺ مٿي پئي نهاريائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org