سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سدا گلاب

باب

صفحو : 5 

74. اهو سهاڳه جو ڇٽ

ساهيڙا! سچ چئجانءِ ته اهو چوٽيءَ ڦل تو آندو ڪنهن لاءِ هو؟

مون سان ته تنهنجي ٻول هئي ته انهي تي پهرين دعوى منهنجي لڳي!

هنئر آءٌ ڄاڻانٿي ٿي هو جي سون ورنيءَ دل واريون، جنجي ٻنڀي وٽان تون لنگهين ته کلي توکي کيڪارين، سوَ سوَ تنهنجون خوشامندون ڪن؛ جن توکان لڪايو ڪجهه ڪينهي؛ جنجي ڦلواڙين مان تون گلاب ڇنين، يا ڏاڙهون پٽين، ته به ڪين ڏرمائين؛ جي لوڪ پچار کان به نه ڊڄي، توتان گهورون گهورين؛ جنجو امر جس شاعر، نت، شعر ۾ پيا ڳائيندا؛ جنجو پائدار چٽ، نقاش، پڪن رنگن ۾ پيا چٽيندا؛ اُنهن کي اورانگهي، تون مون ڪانياريءَ سان اهڙو وڙ ڪٿان ڪندين!

ساهيڙا! تون چوٽيءَ ڦل ته اڃا به، نت، منهنجي لاءِ کنيو اچين؛ اسان جي ٻنيي وٽان به ڀيرو ڀڃِي ڪين؛ پر آءٌ ڪرم هيڻ، مون کي اُهو وجهه ڪونه ملي، جو آءٌ پاڻ کڻي تنهنجيءَ جهوليءَ ۾ وجهان، ۽ تون به مون کي ڪري اهو سهاڳه جو ڇٽ پهرائين!

 

75. مون قسمت کي ٿي ڏوه ڏنو.

ٻالاتڻ جو هڪڙو ڏهاڙو مون کي ياد ٿو پوي؛ مون ڪاڳر جي ٻيڙي ٺاهي نَي ۾ ڪري هاڪارِي هئي.

ڏينهن جهڙالو هو، آءٌ اڪيلو هوس، ـ ڏاڍو پئي سرهو ٿيس؛ ڪاڳر جي ٻيڙي ٺاهي،. مون ڪري نَي ۾ هاڪاري هئي.

اوچتو، ڪارا ڪڪر آسمان ۾ مڙي آيا؛ واچوڙو اچي ڇٽڪيو؛ اوڙاڪ اچي وسي. لڙاٽيل پاڻيءَ جُون بهيرون نَي ۾ ليٽي پيون، ۽ نَي ڦاٽي ٿي!

مون کي ڏاڍا خار ويا. دل ۾ پيو چوان: طوفان مون کي نه سٺو، تڏهن ته ڄاڻِي واڻي اچي منهنجي راند ڦٽايائين. وير ئي ڪو مونسان هوس.

اڄ به جهڙالو آهي؛ ڏينهن ئي وڌي پيو اٿم؛ اڳيون ڳالهيون پيو ياد ڪريان ته ڪيترا ڀيرا نه مون راند ۾ هارايو هو.

مون قسمت کي ڏوهه ڏنو، جو هيترا لڱا مون سان ڊوه ڪيو هئائين.

اُنويل اوچتو مون کي ڪاڳر جي ٻيڙي اچي ياد پيئي، جا نَي ۾ لڙهي وئي هئي.

 

76. کاند وارا، ڀُوري رنگ، اما خاڪ!

منهنجي کاند وارِي، ڀوري رنگ، اما خاڪ! تو وٽ اننت پدارٿ ٿئيئي ڪونه.

تون پاڻ پتوڙين گهڻو ئِي ٿِي ته ٻچا منهنجا پيٽ ڀري ماني کائين، پر کاڌو تار کايو وڃي.

سکه جو سامان به اسان ڪاتر تو وٽ ڪماليت وارو ڪڏهن ٿيندو ئي ڪونه.

ٻڇن لاءِ جيڪي رانديڪا ٿِي ٺاهين، سي به کڻ ڀنگور.

اسان جن اُميدن جو واٽ ڦاٽل، تون سندن بک لاهي ڪانه سگهندينءَ. پر ڇا، انهي ڪارڻ آءٌ توسان ڇنِي ڦاڙي ڇڏيان؟

تنهنجِي مرڪ، درد جي ڇايا وارِي، منهجن اکين کي مٺي پئي لڳي.

تنهنجو نينهن، جنهن جي سربراهي ٿيڻي ڪانهي، منهنجي دل کي وڻي ٿو.

پنهنجي ٿڃ پياري، اسان کي امرتا نه، جيوت ته بخشي اٿيئي؛ انهي ڪارڻ ئي تنهنجن اکين ۾ اٺ ئي پهر اوجاڳو.

ايامن کان، رنگ ۽ راڳ سان اوساري سندس کڻندِي اچين، پر وئڪنٺ ڌام اُهو تنهنجو اڃا اڏجيئي نٿو.

تنهنجي حسن واريءَ پيداواريءَ تي لڙڪن جو ڪوهيئڙو لٽڪيو ئِي رهي.

آءٌ پنهنجا گيت تنهنجي دل کي ڳائي ٻڌائيندس؛ آءٌ پنهنجو پريم تنهنجي پريم ۾ پيو اوتيندس.

هٿ جي پورهئي سان آءٌ تنهنجي نهل ڪندس.

ڌرتي ماتا! مون تنهنجو نماڻو منهن ڏٺو آهي؛ ۽ تنهنجيءَ درد وند خاڪ سان منهنجي پريت آهي.

 

77. ابو امان اِنهيءَ ۾ ئي خوش

منهنجا ساهيڙا! هونئن آءٌ ڏهاڙي، ساجهر جو ڪي منجهند ٽاڻي، ٽپهريءَ جو ڪي ڏين ٻرئي، هڪ ڀيرو تو وٽ اوس ڪندي هيس.

پر جڏهانڪر الاجي ڪهڙي ڊاءَ ڊڄي، مائٽن منهنجون واهُون بندي ڇڏيون، تڏهانڪر آءٌ تو وٽ اچِي ڪانه سگهان.

ابو امان ته اِنهيءَ ۾ ئي خوش ته منهنجا هنئر پير جهليا، لوڪ سندن لائِي چائِي ڪانه ڪندو.

پر کين سماءُ ڪهڙو؟ ته آءٌ جا تو ڪنان وڇڙِي آهيان، تَنهنجي اندر ۾ وهي واپري ڇا پيو!

مٺا! هونئن تون مون سان سڪ سواد ڪندو هئين، ته مون کي ٻي طلب تات رهندي ڪانه هئي؛ ڏينهن رات منهنجو چت تو ۾ پيو وسندو هو؛ اُٿئي ويٺي مون کي تنهنجي وائي واتِ هوندي هئي.

هنئر مٺا! تنهنجي رهاڻ کان رهت ٿِي آهيان، ته من منهنجو چريو، الاجي ڪٿي ڪٿي پيو ڊومائون کائي!

سچ پچ آءٌ اَلڙ، تنهنجو مون تي هٿ جڙيئي ڪونه، پوءِ جي آءٌ وهلور ٿي وڃان ته منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟

ابو امان ته انهيءَ ۾ ئي خوش ته منهنجا هنئر پير جهليا، لوڪ سندن لائِي چائي ڪانه ڪندو.

پر سچ پچ سماءُ کين جڙيئي ڪونه، ته آءٌ جا تو ڪنان وڇڙِي آهيان، تنهنجي اندر ۾ وهي واپري ڇا پيو؟

 

78. ساهيڙا آءٌ اڃا ڪچري ڪنيا.

 ساهيڙا! آءٌ اڃا ڪچري ڪنيا، آءٌ جي توکان لڄ ٿي ڪريان؛ ته آُها مون کي سونها ئي ٿي، نه ڪين ٿي سونها ئي.

پر تون انهي ڪارڻ متان ڪو مون ۾ شڪ آڻين، ته آءٌ ڪا توکي گهرانئي ڪانه ٿِي.

ساهيڙا! آءٌ ڄاڻانٿي ته تون چاهين ٿو ته آءٌ پَرَهُڻ پوءِ ڇڏي، تو وٽ بنهه ننگي ٿِي اچان.

پر ساهيڙا! آءٌ ڇا ڪريان؟ ايڏي جرات ته مون کي ٿئي ئي ڪا نه ٿي.

ساهيڙا! تون ائين نه ڀانءِ ته آءٌ ڪا دليون توکي پيار نٿي ڪريان.

ڇو ته دل سرجي تو لاءِ، انهي جي راجدانيءَ اندر ليو پائي ڏس ته ڊوهي تنهنجِي پئي هلي!

پر آءٌ ڪچري ڪنيا، دلي بادلي توکي کيڪاريان ٿي، جو لوڪ پچار کان ٿِي ڊڄان.

هاڻ ساهيڙا! اها خطا تون مونکي کڻي بخش ڪر.

 

79. سلو تارن سان هم نشين.

دنيا جي ديوان عام ۾، گاه جو هڪڙو سادو سلو، سج جي ڪرڻن ۽ آسمان جي تارن سان گڏ ساڳئي فرش تي ويٺو آهي.

ساڳيءَ ريت منهنجا گيت، دنيا جي دل اندر، بادل ۽ بن جي ساز سنئون، هم نشين آهن.

پر، ڀائي پدارٿ وارا! سج جي سدا بهار ۽ سون ورني ساڌارن شان، ۽ پهن پچائوءَ چنڊ جي ٺريءَ ٿڌيءَ سرهائيءَ ۾، تنهنجي ڌن مال جي امداد آهيئي ڪانه.

آسمان، جنهنجي ڳِري سارو جڳه لڳو وتي، تُتنهنجي مال پدارٿ تي آسيس ڍاري ئي ڪانه ٿو.

مئي پڄاڻا، تنهنجو سارو ڌن مال، هڏن جا هاڏوڙا به ڏئي، ڳريو، سڙيو، خاڪ سان خاڪ ٿيو وڃي.

 

80. منهنجو شعر، تنهنجو جزو.

ساهيڙي! منهنجي دل لوڏو ڇو کائي، ته شاعرانه چمن ۾ هي جيڪي سدا گلاب آءٌ لڳايان ٿو، اُهي ڪي قدر وارن وٽ قبول ڪين پوندا؟

ڇو ته ساهيڙي! تون ئي آهين، جا منهنجن ويچارن جي جهرڻي کي نت ڀريو ويٺِي آهين؛ ۽ هنن سدا گلابن کي پاڻِي به نت نئون اُتان پيو ملي!.

ساهيڙي! منهنجو شعر تنهنجو جزو، اها ڏات ئي مونکي تنهنجي صدقي جڙي.

پوءِ دل منهنجي لڏي ڇو؟دل منهجي ڌڏي ڇو؟

آءٌ سچ ٿو چوان، ته مون کي اهڙو ڊپ ٿئيئي ڪونه ٿو، ته شاعرانه چمن ۾ هي جيڪي سدا گلاب آءٌ لڳايان ٿو، اُهي ڪي قدر وارن وٽ قبول ڪين پوندا.

ساهيڙي! تون ئي منهنجو الهام الشعر، دل ۽ من منهنجا روشن تنهنجيءَ نُور ڀريءَ نهار ڪري ٿيا.

پوءِ ڪا ته هنن سدا گلابن ۾ رَتي هوندي، جنهن ڪارڻ قدر وارا اوس ڪو هنن جو قدر ڪندا.

 

81. چوٽيءَ مان چڳه.

آءٌ ڪم ۾ رڌل هوس. منهنجي آسپاس ڪيترا ٻيا ويٺا هئا.

منهنجي ساهيڙي، سمن پوري، مون وٽ لنگهي آئي. ڌارين جو به هن مٺيءَ حجاب ڪونه ڪيو.

ڳل ڳلي سان، ڪي مهلون ويٺي مون سان رهاڻ ڪيائين.

آءٌ ڪم ۾ رڌل هوس. منهنجي آسپاس ڪيترا ٻيا ويٺا هئا.

منهنجي ساهيڙي، سمن پوري، مونوٽ لنگهي آئي. ڌارين جو به هن گجر کي سانگو ڪونه ٿيو.

چوٽيءَ مان چڳه ڪتري، مون کي کڻي هٿ ۾ ڏنائين.

آءٌ ڪم ۾ رڌل هوس. منهنجي آسپاس ڪيترا ٻيا ويٺا هئا.

منهنجي ساهيڙي، گوڏو گوڏي ۾ اچي منهنجي ڀرسان ويٺي. ڌارين جو به مون کي ويچار ڪونه رهيو. مون چڳه چمي کڻي اکين تي رکي.

انهيءَ چڳه جو وار وار، نت نئون، مون کي نينهن جا نياپا ٿو پهچائي.

انهيءَ چڳه جي تار تار، مون کي تند بنان تار وارا سنيها ٿي سڻائي.

پوءِ، آءٌ اها چڳه ساه سنئين ڪئن نه سانڍيان.

پوءِ، آءٌ انهيءَ چڳه کي، اُٿئي ويٺي، چاه مان ڇو نه چمان؟

 

82. نچي ٿي جيڪا نينگر!

ڏکه جيڪو نينگر کي هو!

ميلو مندر جي ڀر ۾ لڳو هو. صبوح لاڪون مينهن ڪري جنڊڙي جوٽي هئي. ڏينهن پورو ٿيو هو.

ماڻهن جون اچي خلقون نيون هيون. سڀئي منهن سرها پئي ڏٺا. پر نچي ٿي جيڪا هڪڙي نينگر، جنهن پائيءَ پئسي ڪاني جي توتارِي ڳڌي هئي.

هيڏيءَ ٽهه ٽهه ۽ گوڙ گنبوڙ جي مٿان، هن جي توتاريءَ جي ڪوڏ ڀري ڪُوڪ صاف صاف ترِي پئي.

ماڻهن جون اچي خلقون نيون هيون. ڪلهي گس لڳي پئي هئي. رستي تي گپ، درياه اُٿلي آيو هو. ٻنِي مينهن ٻوڙي ڇڏي هئي.

ڏکه سُور ٻين کي به هئا؛ پر ڏک جيڪو، هڪ نينگر کي هو، جنهنکي هڙ ۾ دمڙِي نه هئِي، جو اُنهي جو ڪري رنگا رنگي لڪڻ وٺي ها.

ٻارڙي اکيون کپائي واڻئي جي پيڍِيءَ ۾ پئي نهاريو. اُنهي سندس نهار، ڏسندڙ جو پتو ٿي پاڻِي ڪيو.

 

83. ڏس ته سهين، ٿيو ڇا آهي؟

ڏس ته سهين ٿيو ڇا آهي؟

چڱو ڀلا نه ڳالهاءِ ته نه ڳالهاءِ.

آءٌ چوان: ٺهيو، اڳيون ڳالهيون نبريون.

پر تون ته ٽيڍائي اڃا ڇڏين ڪانه ٿو!

ڏس ته سهين ٿيو ڇا آهي؟

چڱو ڀلا نه نهار ته نه نهار.

آءٌ چوان: ٺهيو، آءٌ ٿي کڻي نيج نوايان.

پر تنهنجي ڦوڪ ته اڃا وڃي ڪا نه ٿي!

ڏس ته سهين ٿيو ڇا آهي؟

چڱو ڀلا نه آءُ ته نه آءُ.

آءٌ چوان: ٺهيو، آئنده مون توبهه ڪئي.

پر تنهنجو سونڊ ته اڃا هليو اچي.

مون مٺا! ٻِي ته خطا ڪئي ڪانه. ساهيڙين مون کي ورجايو ٿي، تڏهن پئي مون کي لڄ آئي. هونئن ياد ڪونهي ئي ته توکي پهريائين کيڪاريو ئي مون پاڻ هو؟ مون بنهه پنهنجِي دل آرون پار تنهنجي اڳيان کولي رکِي.

مون کي ڪهڙي سڌ ته تون ڪو اهڙو ڏکڻو آهين؟

مون کي ڪهڙي سڌ ته تون ڪو ٿوريءَ تان ئي ٿرڪڻو آهين؟

آءٌ هيڏيون ٿي توکي ليئون وجهان، هيترو ٿي توکي ليلايان.

تون مٺا! ڪا ته کڻي ساڃهه ڌار.

ايڏو ڪو ڏمر ٺهي ٿو ڇا؟

مٺا! ٻاهران جيڪي مون لڄ ٿي ڪئي، ته جيءُ ته منهنجو توسان جڙيو پيو هو. تن ۾ تنهنجي مونکي تڻي لڳل، مونکي ته تو ڌاران ٻيو ياد به ڪونه هو.

 

 

 

84. حسين عورت!

 حسين عورت! اکه جي هڪ نهار سان ئي، شاعرن جي سرندن مان جيڪو به راڳن جو خزانو نڪري ٿو، سو سمورو تون لٽي سگهين ٿي.

پر هو جيڪي به تنهنجون ساکون ڪن، سي ڪن تنهنجي ۾ ٻڙن پيون؛ انهي ڪريئي آءٌ آيو آهيان ته تنهنجي ڪا ويهي صفت ڳايان.

دنيا جا الاجي ڪهڙا ڪهڙا مٿي ڦريل مانجهُو به، تون پنهنجن قدمن ۾ ليٽايو وجهين.

پر شيوا ۾ تون انهن ئي پريتمن جي رڌل، جي نانو ناموس مان ڄاڻنئي ڪين؛ انهي ڪريئي آءٌ توکي پوڄيان ٿو.

تنهنجي ٻانهن جي ڪماليت، شاهي جلوي کي پنهنجي ڇُهڻيءَ سان شرف ڏيو ڇڏي.

پر تون کين ڪتب هن ئي ٿي لائين، جو ساڻن ڪن ڪچرو ٻهاريو ڪڍين، جو پوءِ تنهنجو غريباڻو ڇنو اهڙو اڇو اُجرو ٿيو پوي، جو مکه پئي منجهس ترڪي.

انهي ڪريئي آءٌ تنهنجي اڳيان هٿ ادب جا ٻڌيو بيهان.

 

85. هونئن روز اسان جي گهر ايندي هئي.

هونئن روز اسان جي گهر ايندي هئي.

وار ڇڙيل، وچمان جا سينڌ ڪڍندي هئي، ته ڀائنبو ائين هو، ڄڻ ته ڪيلاس پربت جي چوٽ تان ڪا کير نديِ پئِي وهي.

وري جو پاڻ نينهن ڀريا نيڻ کڻي، مونڏانهن نهاريندي هئي، ته منهنجون سڪ ٻڏنديون اکيون به وڃِي سندس سانوريءَ صورت ۾ کپنديون هيون.

ڏکه ڏولاوا دنيا جا مون کي پوءِ ياد به ڪين پوندا هئا.

هونئن روز اسان جي گهر ايندي هئي.

تتيءَ ڇا ٿڌيءَ، ڀيرو هن مور ڪونه ڀڳو، آءٌ به هيءَ اڃا اندر پير پائيندي هئي، ته ٻيا سوَ ڪم ڇڏي به، منهن کڻِي ڏانهنس ورائيندو هوس.

ورِي جو پاڻ، نڙِي ڀنل، مون کي ساهيڙا ڪري سڏيندي هئي، ته تن من منهنجو سيتل ٿي پوندو هو.

خيال خطرا ٻيا مونکي پوءِ منجهائيندا به ڪين هئا.

هنئر ته ڏينهن جا ڏينهن نبريو وڃن، ته منهنجي ساهيڙي، اسانجي گهر ته ٺهيو، پر سپني ۾ نه مونوٽ اچي.

آءٌ پاڻ روز ٿو سندن در وٽان لنگهان، پوءِ سکڻي کيڪار ته ٺهي، هيءَ گجر رڳو در جي چورٺ وٽ نه ٿي بهي.

 

86. ساهيڙا! آءٌ گنهگار.

ساهيڙا! آءٌ گنهگار؛

مون تو سڄڻ سان ڏاڍيون سٻرايون ڪيون؛

پر منهنجو، سچ، وس هليو ئِي ڪونه؛

کر هچاري، اما اديءَ وٽ توتي اچي اڻ هوندا ٺڪر ڀڳا؛

تڏهن هنن به مون کي کڻي پل وڌِي؛

پوءِ آءٌ ڪچري ڪنيا، چيو سندن ڪئن نه مڃان؟

ساهيڙا! آءٌ برِي بدڪار؛

مون تو سڄڻ سان ڏاڍيون ڏنگايون ڪيون؛

پر منهنجو، سچ، اختيار هليو ئي ڪونه؛

هنڌ پٽ، نانءُ تنهنجو چنگ چڙهيل؛

مائٽ منهنجا لڄ مُٺا، لوڪ پچار جي ڊاءَ ڊڄي، مون کي هنن جهلي ڇڏيو.

پوءِ آءٌ ڪچري ڪنيا، اَرَهِ سندن ڪئن نه رکان؟

آءٌ وري به تنهنجي تات پذير، اهي مدايون مونکي بخش مٺا! تون ڪر.

آءٌ وري به تنهنجي ڪَشِ، اهي ڍلايون منهنجون ڍول! تون کڻي ڍڪ.

87. تو مٺا! هي ڪيو ڇا؟

تو مٺا! هي ڪيو ڇا؟

مون پرائي ڪنين ٻڌو ته تون روز ٿو هتان لنگهين، ته آءٌ به مهل چتائي، بنهه سڙڪ تي ٿي بيٺيس؛ ۽ تنهنجا حال هي، جو انڌ پنڌ اسان جي ٻنڀي تائين آيو به آهين، پر هيڏانهن نهاري، مون کي کڻي کيڪارين، سو بنهه نه.

واه ساهيڙا! واه.

جس هجيئي، شاباس هجيئي!

تو مٺا! هي ڪيو ڇا؟

مون کي ڄاڻ ٿيو ته تون روز ٿو هتان لنگهين، ته آءٌ به هيڏِي سڪ پائي، تنهنجو اچي دڳه جهلي بيٺيس؛ ۽ تنهنجا حال هي، جو ويجهو منهنجي آيو به آهين، پر منهن ورائي مون سان کڻي ڳالهائين، سو بنهه نه.

واه ساهيڙا! واه.

جس هجيئي، شاباس هجيئي!

چڱو مٺا! تون ڀل من کي اهي ڏٺا ڏنڀ ڏي.

چڱو مٺا! تون ڀل مون کي ستائي مار.

ڪڏهن من مون کي به صبر جا ڀاڙا ملن!

ڪڏهن من توکي به کڻي مرم پوي!


 

 

88. ساهيڙي، سپني ۾ وري مونوٽ آئي.

منهنجي ساهيڙِي سپني ۾ وري مونوٽ آئي.

منهنجا بس! ٺپ ٺري ويا.

منهنجا چڪيا چاڪ، هونئن سدائين چيهون ڪن،

اُنهنجي ٻڙ ٻڙ بند، منهنجو انگ انگ نوبنو ٿي پيو.

بت جا وڪار منهنجا مڙئي ويندا رهيا.

منهنجي ساهيڙي سپني ۾ ورِي مونوٽ آئي.

دل جا بس! درد دور ٿي ويا.

منهنجيءَ دل جا در، هونئن سدائين بند، انهن ۾ هينئر پٽ پور، ڪنڊ ڪڙڇ سندس وائکي ٿي پيئي.

انهي دل جي ٻيٽاريءَ مان پوءِ سڳنڌ جا هڳاوَ پي آيا.

منهنجي ساهيڙي سپني ۾ وري مونوٽ آئي.

خيال خطرا منهنجا سڀ اُڏامي ويا.

منهنجي من جو مهرياڻ، هونئن سدائين ڇولون ماري، اُنهي جو لڙ لڙاٽ بند، هيٺ مٿ سندس اؤجول ٿي پيو.

انهي من جي مهرياڻ ۾، ماڻڪ، موتي، لال پوءِ سئين پي تريا.

منهنجي ساهيڙي، حسن جي ديوي، اُڌار ۽ آنند جو روپ، اهڙو وڙ کانئس ڌاران، ٻيو نه ته، مونسان ڪير ڪري؟

پوءِ اهڙيءَ ساهيڙيءَ تان، آءٌ، جان، جثو، جندڙي ڇونه گهوريان؟

لوڪ گلارو، مُر ڇا به چوي.

آءٌ اڌين، انهي پريءَ روءِ پيڪر جي پيرن جي پڻي ڇو نه ٿيان؟

89. اگوندري آنند جو لکاءُ.

پيارا! تون ڪير آهين، جو سؤ ورهين کان پوءِ هنن سدا گلابن جي سڳنڌ جو واس پيو وٺين؟

آءٌ نه بنست بهار جي اِنهي ڀرپور ڀنڊار مان ڪو سدا گلاب، نه اِنهن بادلن مان ڪا سون جي تار، توڏانهن موڪلي ٿو سگهان.

تون پنهنجي دل سندا دروازا کول، ۽ ٻاهر نهار ڪر.

تنهنجيءَ ڦلواڙيءَ ۾ نوان نوان گلاب پيا ٽڙن.

اُنهن مان هنن ڪومائجي ويلن گلابن جي سانڀر جو واس وٺ، جي پاڻ سوَ ورهيه اڳي تازا پي ڏٺا.

شال تنهنجي دل به آنند سان ڀرجي اچي، جو اُنهن مان ڪو هن اگوندري آنند جو لکاءُ پويئي، جنهن، بسنت جي رت ۾، ڪئين لڱا، لاکي جي مهل، ڳائي، پنهنجو خوش آواز سوَ ورهين جي آرپار پئي پٺيو!

Printed by Jethmal Parsram Gulraj, at the Blavatsky, Press,

Hyderabad Sindh,

And published by Mr. Lalchand Amardinomal Jagtiani, B. A., Hyderabad Sindh.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org