سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سڏ پڙاڏو

 

صفحو :2  

 

طارق عالم ابڙو

جيڪي پسن نيڻ

 

سنڌي ادب سان چاهه رکندڙ، جڏهن به ڪهاڻيءَ جي تاريخ لکڻ لاءِ قلم کي پنهنجي آڱرين جي گهيري ۾ آڻيندو، ته جمال ابڙي، حفيظ شيخ ۽ غلام رباني آگري جي نالن تي اورانگهي نه سگهندو. اهي ٽي نانءَ سنڌي ادب جي قلعي جا مختلف ڏسائن کان جڙيل ٽي مهڙ وارا دروازا آهن:

جمال ابڙي جو (پشو پاشا) حفيظ شيخ جو (ساگر جي لهرن تي) ۽ غلام رباني آگري جو (آب حيات) ادب سان پيار ڪندڙ جي شيلف ۾ ضرور رکيل هوندا. جيسين تائين مون کي ياد اچي ٿو ته جمال ابڙي صاحب جي آخري لکيل ڪهاڻي (سينڌ) جي سري هيٺ، سنڌالاجي پاران نڪرندڙ رسالي (پرک) ۾ 1976ع ۾ عبدالقادر جوڻيجي شايع ڪئي – تڏهن (پرک) جو ايڊيٽر هو.

حفيظ شيخ صاحب 1971ع ۾ گذاري ويو هو. سندس ان دور جون لکيل ڪجهه مڪمل، ڪجهه اڌوريون ڪهاڻيون سندس دوستن وٽ محفوظ آهن. جن منجهان هڪ ڪهاڻي (زرينا) مون بيدل مسرور جي ٿورن سان مهراڻ ۾ شايع ڪئي هئي.

غلام رباني آگري صاحب سٺ جي ڏهاڪي کانپوءِ ڊگهي عرصي تائين ڪهاڻي نه لکي. نتيجي ۾ سائين حسام الدين راشديءَ ڪنهن ڪتاب جي مهاڳ ۾ رباني صاحب جي لکڻن تي پنهنجي راءِ رکندي اهو به چيو ته: ”غلام رباني جو ادبي موت ٿي چڪو آهي.“

پر، منهنجو خيال آهي ته اديب جيڪڏهن سچو آهي ته سندس ادبي موت ڪڏهن به ٿي نه سگهندو. ها، طبعي موت بيشڪ ٿي سگهي ٿو. اديب جيڪڏهن ڊگهو عرصو نٿو لکي، ته يقين ڄاڻو ته وڌيڪ سهڻو ۽ هميشه جيئرو ادب لکڻ جي تيارين ۾ آهي ------ وقت حسام الدين راشدي صاحب جي راءِ کي غلط ثابت ڪيو. سنڌي ادب جي پڙهندڙن ڏٺو ته رباني صاحب 1981ع ۾ (مورک پنک) جي سري هيٺ اهڙي سدا حيات ڪهاڻي لکي، جو حسام الدين راشدي پنهنجا سڀ ناراضپا وساري، وٽس ڪهِي آيو ۽ اهڙي بهترين ڪهاڻي لکڻ تي سندس هٿ چمي ورتائين.

حسام الدين راشدي صاحب جهڙي سنڌي ٻوليءَ جي بي مثال نثر نگار پاران اهڙيءَ ريت رباني صاحب کي مڃتا ڏيڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي.

مون کي اها ڳالهه گهڻو اڳ جڏهن اڪبر جسڪاڻيءَ ٻڌائي هئي ته ان ڪهاڻيءَ کي پڙهڻ جو تجسس وڌي ويو هيم ۽ جڏهن رباني صاحب جي (مورک پنک) پڙهڻ ويٺو هوس ته پڙهندي پڙهندي منهنجو وجود برف جيان وگهرڻ لڳو هو. تڏهن مون کي پهرين ڀيرو شدت سان احساس ٿيو ته هو ته اسان جا سنيئرس جن کي اسان محض پنهنجي گهمنڊ ۾ لاپرواهيءَ سبب لنوائيندا آهيون، سي ڪيترا نه محترم آهن.

ويجهڙ ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران غلام رباني آگري صاحب جو ٻن جلدن ۾ ڇپايل پورٽريٽ خاڪن جو ڪتاب (جهڙا گل گلاب جا) جي سري هيٺ ڇپجي عوام آڏو اچي چڪو آهي، جنهن ۾ ڪل ٽيويهن شخصيتن جا خاڪا آهن. ڪتاب جي پهرين جلد ۾ ليکڪ جو سؤ کان مٿي صفحن جي پکيڙ تي لکيل ”مقدمو“ پڙهندي پڙهندي، سوچ جي عميق گهرائين ۾ وڃائجيو وڃي.

مان مقدمو پڙهڻ کان پوءِ، ڪيترا ڏينهن آگري صاحب جي سڄي ڄمار جي تجربي، مشاهدي ۽ علم جي ان ڀنڊار مان پنهنجي دوست کي شيئر ڪرائيندو رهيس. ”جهڙا گل گلاب جا“ جو مقدمو پڙهندي مون ڪيترا ڀيرا سوچيو هو ته قرآن پاڪ ۾ شرابن طهورا جو جيڪو ذڪر آهي ۽ جيڪو انسانن کي سندس نيڪين جي بدلي ۾ جنت ۾ ملندو. اهو سچ ته هڪ سٺي ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ ڄڻ ڌرتيءَ تي ئي مليو وڃي. رباني صاحب جو مقدمو، ڌرتيءَ تي سٺا ڪتاب پڙهندڙن جي روح کي شرابن طهورا جهڙو سرور بخشيندو محسوس ٿئي ٿو!

اهڙو سرور جيڪو ذهن تي حاوي ٿيڻ کانپوءِ سوچ جا دروازا بند ڪرڻ جي بجاءِ کولي ڇڏي ٿو. سوچڻ لاءِ آماده ڪندڙ هي مقدمو آگري صاحب جي ئي قلم جو جادو ٿي سگهي ٿو. سولي ۽ من ۾ ويهي ويندڙ ٻولي ۽ فڪر انگيز ڳالهين جا سلسلا جن کي رباني صاحب ڄمار جي ڪيترن ئي محترم شخصيتن سوچيو ته هوندو، پر جڏهن لکڻ چاهيو هوندو، ته سوچ جو سلسلو منقطع ٿي ويو هوندو. آگرو صاحب جيئن ته بنيادي طور فڪشن جو ليکڪ آهي. ان ڪري وٽس لفظن جو استعمال ڏاڍو سگهارو ۽ روان آهي.

”جهڙا گل گلاب جا“ ۾ لکيل خاڪن کي جڏهن پڙهڻ شروع ڪجي ٿو ته تصور جي ڪئنوس تي هر هڪ شخصيت جا مختلف رخ ائين ظاهر ٿيڻ لڳن ٿا، جيئن شام جي گهري ٿيڻ سان هڪ ٻئي پٺيان ستارا جهومر ڪري جاڳڻ لڳندا آهن ۽ اهي شخصيتون ڪتاب جي ڪاڳرن تي لفظن سان چهٽيل محسوس نٿيون ٿين. بلڪ لفظن سان حقيقت جو روپ وٺي پنهنجين سمورين چڱاين ۽ اوڻاين سميت نڪري نروار ٿين ٿيون.

هن کان اڳ پير علي محمد راشديءَ، مولانا دين محمد وفائيءَ، سائين جي ايم سيد به پنهنجي آتم ڪهاڻين ۾ خاڪا نگاريءَ جا رنگ سمايا آهن. تنهن کان پوءِ عبدالقادر جوڻيجي ”شڪليون“ رشيد ڀٽيءَ “جيءُ جيئاريو جن“، طارق اشرف ”جيل گهاريم جن سين“، عبدالواحد آريسر ”ماڻهو ميگهه ملهار“، مهتاب محبوب ”جيءَ جهروڪا“، ۽ علي احمد بروهي ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ ۾ پنهنجي ذات ۽ ڏانءَ سان مختلف شخصيتن کي قلم جا شيڊس ڏئي هميشه لاءِ جيئاري ڇڏيو آهي، پر، منهنجي خيال ۾ ”جهڙا گل گلاب جا“ خاڪا نگاري جي خيال کان سنڌي ادب ۾ پنهنجي ضخامت توڙي مواد جي لحاظ کان هڪ بهترين ڪتاب آهي. ڇهه سؤ صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي پڙهندي سنڌ جي گذري ويل پنجاهه سالن جا مختلف عڪس ۽ اولڙا پنهنجن سمورن رخن سميت چٽا پسي سگهن ٿا.

__*__

 

تاج بلوچ

عڪس، تصويرون ۽ مڪالما

 

فون جي گهنٽي وڄي ٿي.

”سڃاڻو ٿا؟“ هوڏانهن آواز شعلو بڻجي ٻَري پوي ٿو. انهيءَ آواز جي سهاري تي زنده ۽ نوجوان آهيان. هن پاسي کان چانديءَ جهڙا ٽهڪ جرڪي پون ٿا.

”آنبو تو واري سوٽ جي ڪهاڻي ڏاڍي پسند آئي ... مختصر واقعي کي افسانوي روپ ڏيڻ ۾ امر جليل کان پوءِ، پر ڪڏهن ڪڏهن هن کان به وڌيڪ، ڪرافٽس مئن شپ جو مظاهرو ڪندو آهين تون....“ هوءَ خلوص مان چوي ٿي.

”جانا، امر جليل ڏاڍو وڏو فنڪار آهي ... مان ڪڏهن به نه سوچيو آهي ته جليل يا ان کان پوءِ واري نسل جي ڪنهن به قلمڪار سان پاڻ کي ڀيٽي سگهان .. مان ته رڳو رنڊا روڙيندو آهيان....“

”تنهنجي اها ڳالهه ته سڀني کي ماريندي آهي ته تون هميشه پاڻ کي گهٽ سمجهي هر نئين ۽ پراڻي ليکڪ کي مان پئي ڏنو آهي“.  هوءَ وري چوي ٿي.

”سنڌ جو هر ننڍو وڏو ليکڪ سچ ته آهي ئي مان لائق.“ مان چوان ٿو. ”مون جڏهن به ادبي کيتر ۾ بيهي کين آواز ڏنو هوندو ته سمورن قلمڪارن هڪ آواز ٿي ئي لبيڪ چئي، مون کي عزت ڏني هوندي.... هفتيوار ”آزاد“ هجي، ”سوجهرو“، ”برسات“ يا ”لطيف“ – انهن پرچن جي ڪاميابي ۽ مقبوليت ۾ منهنجن ساٿين جو هٿ رهيو.“

”سٽي ڪورٽس کان سروسز اسپتال واري ڪهاڻيءَ ۾ ڪمال جي ڪاريگريءَ جو مظاهرو ڪيو اٿئي؟“ هوءَ ڳالهه اڳتي وڌائڻ لاءِ چوي ٿي.

”مڃان ٿو، اوهين منهنجي عزت ڪيو ٿا، مون کي پڙهو ۽ ساراهيو ٿا.... پر مان...“

”ائين ناهي صاحب، توهان پاڻ هر عزتدار کي ڏاڍي عزت پئي ڏني آهي ... اوهان جي ذهني شائستگي، اوهان پنهنجن اڻواقفن کان پڇي ڏسو –

توهان، سهڻيءَ ۾ سائين اياز قادريءَ جي نئين ڪهاڻي پڙهي آهي .... سوڍا تو ڳر ساهه؟“پڇان ٿو. ”ها ....... محترم اياز قادري صاحب نه رڳو ڪهاڻيءَ کي نئون موڙ ڏنو آهي، پر ڪلائيميڪس جي ڏس ۾ منهنجي دليل جي تائيد پڻ ٿئي ٿي.“

”ڀلا، هن وقت اوهان جي ادبي مينو ۾ ڪهڙيون ڊشز آهن؟“ پڇي ٿي.

”نرودا ته سمجهه ۾ اچي ٿو، پر ربانيءَ جو ”آب حيات“ ٻيهر پڙهو ٿا ڇا.“

”رباني، جمال ۽ سائين اياز قادري ۽ ٻيا ڪهاڻيڪار ور ور پڙهڻ سان وڏو حوصلو ملي ٿو.....“

”ڀلا رباني صاحب جي خاڪن جو ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ خريد ڪيو اٿو؟“

”سنڌ رنگ ۾ تبصري لاءِ بادل جماليءَ وٽ ٻيئي جلد پهتل هئا ... کانئس سندس خوبصورت ڪمپيئر شبنم گل جي موجودگيءَ ۾ منٿون ڪري وٺي آيو آهيان،“

”بادل ته تنهنجي تخليق آهي، ان لاءِ منٿن جي ڪهڙي ضرورت هئي؟”

”اڄ ڪلهه، هو ڪو اَپيخان آهي. ٿورو ستائي، ربانيءَ جي خاڪن جا ٻيئي واليوم، هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن پڙهڻ لاءِ ڏنائين... اڄ ڇنڇر ڏينهن موٽائي ڏيندو مانس.“

”ڪيئن لڳا، اوهان کي رباني صاحب جا خاڪا؟“

”رباني صاحب وڏو نفيس، ۽ خوبصورت ليکڪ آهي، توهان کي ٻڌائيندو هلان ته منهنجو ادبي رهبر به رباني آهي. ادبي دنيا ۾، مختصر وقت ئي صحيح، پر هن منهنجي اهڙي ته تربيت ڪئي، جو هن جا ٿورا لاهڻ جوڳا ئي ناهن!”

”پوءِ ڪجهه ته ٻڌايو رباني صاحب جي لکڻيءَ بابت؟“ هوءَ اصرار ڪري ٿي.

”هر خاڪو سون ۾ تورڻ جهڙو آهي. ڪتاب جو مقدمو ربانيءَ جي ڏاهپ، مطالعي ۽ مشاهدي جو لازوال مثال آهي. هن زندگيءَ جي ازلي ۽ ابدي قدرن، پيڙهه، وڇوٽي ۽ مذهبي رواداريءَ جي مستقل قدرن جي پاسداري لاءِ ڪرافٽ مئن شپ جو اڻ مٽندڙ مظاهرو ڪيو آهي.“

”ٻڌو اٿئون ته رباني ملون ٿي چڪو آهي؟“

”ٻين کي پيٽ ۾ ڊگهيون ڏاڙهيون هونديون آهن، جيڪي ورهين تائين نظر نه اينديون آهن، مون کي ربانيءَ جي پيٽ ۾ نه ئي چهري تي اهڙي سونهاري ڏسڻ ۾ آئي. البته پيڙهه وڇوٽي واري نظريي جي تناظر ۾ هن سان ڊبيٽ ڪري سگهجي ٿي.“

”چئبو ته ڪتاب ڊبيٽ آهي؟“

”سچ ۽ سونهن هميشه ڊبيٽ هيٺ رهيا آهن. ربانيءَ سنڌي معاشري جي اصلي ۽ نرالي تهذيب، شائستگي، سهپ، اخلاق، رواداريءَ ۽ محبت جي ڪٿا بيان ڪئي آهي.“

”ڪا ڇرڪائيندڙ شيءِ؟“

”سڄو ڪتاب ڇرڪائيندڙ آهي. ڪتاب کڻڻ کان پوءِ، ان مان هٿ ڪڍڻ ممڪن ئي ناهي. صديق سالڪ جي خاڪي ۾، سندس ڪمهلي وفات کان پوءِ سندس نياڻي قبر جي سيرانديءَ کان سَر جي تيليءَ ۾، پنهنجي سالگره تي جيڪو ڪارڊ اٽڪائي اچي ٿي. ان جي عبارت، انسان جي جذبن ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏي ٿي ۽ اکيون آگمجي، وڏ ڦڙو وسائڻ لڳن ٿيون.“

”رباني يا ٻيو ڪو سنڌي اديب، ڪنهن ٻئي ليکڪ جي لکڻيءَ بابت، تو جيان، ايڏو جذباتي نه ٿئي ها؟“

”مون ڪڏهن به ائين ناهي سوچيو. مون ته پنهنجي واضح ادبي حريفن جي خوبين کي واکاڻيو آهي. رباني ته منهنجو محترم رهبر آهي.“

”ڪتاب ۾ آيل خاڪن ۽ مقدمي جو ڪارج؟“ هوءَ پڇي ٿي.

”رباني هڪ فوٽو گرافر جي ڪٿا بيان ڪئي آهي. هن کي ڪنهن انتهائي معصوم صورت چٽڻ جي خواهش آهي. جاکوڙ کانپوءِ هڪ ابهم ٻار مليس ٿو، جنهن جو فوٽو ڪڍي ٿو ۽ پوءِ کيس ڪنهن شيطان صورت، شڪل ٺاهڻ جي آرزو اڀري ٿي، جيڪا ٻاويهن، ٽيويهن سالن کان پوءِ ٿئيس ٿي. اصل ۾ شيطان صورت جوان اهوئي معصوم ٻالڪ آهي. جنهن جي هن شروع ۾ تصوير ٺاهي هئي. ربانيءَ زندگيءَ جي اهڙي ستم ظريفي ۽ تضاد بابت لکيو آهي ------ زندگيءَ کان زندگيءَ جو ڪارج ڪير ۽ ڪيئن پڇي سگهي ٿو؟“

 

 

 

___*__

 

زوار نقوي

صفحن ۾ منظر

 

آئون ڪتابن خريد ڪرڻ ۾ ڏاڍو سست آهيان. يا وري ائين به آهي ته منهنجون مالي حالتون مون کي ائين ڪرڻ جي ڪجهه گهٽ اجازت ڏين ٿيون. هونئن به سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندڙ ڪتاب گهڻي ڀاڱي مروج روايت موجب ٻين جيان مون کي به اعزازي ڪاپيءَ جي صورت ۾ ملندا آهن. جيڪي ڪتاب خريد ڪري ڪونه سگهندو آهيان ۽ اعزازي ڪاپيءَ جي صورت ۾ به نه ملندا آهن. سي وري دوستن وٽان پڙهڻ لاءِ کڻي ايندو آهيان ڪجهه ڪتاب، ڪڏهن گاڏي کاتي وٽان مٽيندي، گاڏڙن تي پيل رديءَ مان سستي اگهه تي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو آهيان. ائين پنهنجي پڙهڻ واريءَ خواهش جي پورائي ڪندو رهندو آهيان.

علم حاصل ڪرڻ لاءِ درپيش انهن سڀني مسئلن کان پوءِ به مون وٽ پنهنجي ذاتي لائبرريءَ ۾ چڱن چوکن ڪتابن جو تعداد موجود آهي ۽ ڪافي دوست حوالي لاءِ گهربل ڪتاب منهنجي لائبرريءَ مان حاصل ڪندا آهن، جيڪي آئون کين ڏيڻ ۾ سرهائي محسوس ڪندو آهيان. آئون ان راءِ جو آهيان ته علم کي وڌ کان وڌ علم – دوستن تائين پهچائڻ گهرجي. ان جي باوجود به آئون سمجهان ٿو ته مون ته اڃا علم جو اڀياس ڪيو ئي ڪونهي. پر، پوءِ به پنهنجي مطالعي کي پنهنجي اندر جي نقاد آڏو رکندي، آئون ائين چئي سگهان ٿو ته اڄ ڪلهه جي انيڪ ”نالي وارن نالن“ کان مڙئي ڪجهه وڌيڪ لاڀ حاصل ڪري سگهيو آهيان. شايد اهو ئي سبب آهي جو مون کي تمام گهٽ ليکڪن جون لکڻيون متاثر ڪري سگهيون آهن يا انهن لکڻين لاءِ آئون ائين چئي سگهان ٿو، ته انهن سنڌي ادب کي زرخيز ڪندي، پنهنجن پڙهندڙن جي ذهني تربيت ڪئي آهي. باقي ڪجهه ليکڪن جون لکڻيون يا ته منهنجي معيار کان مٿانهون آهن! يا وري منهنجو معيار انهن کان مٿانهون آهي! سو آئون ڪوشش ڪري ان ڪتاب جو مطالعو ڪندو آهيان، جنهن مان مون کي اميد هجي ته پڙهڻ کان پوءِ شعوري سگهه ۾ اضافو ٿيندو.

تازو مون برادرم الطاف حسين آگري کان غلام رباني آگري صاحب جو لکيل ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ پڙهڻ لاءِ ورتو. ڪتاب ملڻ وقت آئون نوجوان شاعره ارم محبوب، احمد سولنگي، منظور سولنگي، آسي زميني، مصطفيٰ نانگراج، علي اظهار سومري ۽ اختر رند جي شاعري تي اڀياس لکي رهيو هئس. اڀياس لکڻ کان فارغ ٿيندي ئي مون مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ٻن ڏينهن ۾ پڙهي پورو ڪيو. اتي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ڪتاب 688 صفحن تي پکڙيل آهي ۽ اها ليکڪ جي خوبي آهي، جنهن ڪتاب مڪمل ٿيڻ تائين ان کي پڙهڻ لاءِ مون کي اتساهيو.

مقدمي پڙهڻ کان پوءِ خواهش پيدا ٿي ته اهو ڪتاب خريد ڪري لائبرريءَ ۾ رکجي. پر، ڪتاب جي ملهه پڙهڻ کان پوءِ اها خواهش مڪمل ٿيڻ کان اڳ ختم ٿي وئي.

ڪتاب ۾ مختلف شخصيتن تي خاڪا لکيل آهن، جن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي، عبداللطيف آگرو، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، پير حسام الدين راشدي، سيد ميران محمد شاه، عثمان علي انصاري، شيخ عبدالمجيد سنڌي، غني خان، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد ابراهيم جويو، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، سيد غلام مصطفيٰ شاه، مولانا غلام محمد گرامي، مولانا عبدالواحد سنڌي، ٻيڙو فقير ڪنڀر، رشيد ڀٽي، صديق سالڪ، ايڇ – ٽي – لئمبرڪ ۽ ٻيا شامل آهن. ليکڪ انهن شخصيتن کي جيئن ڏٺو. ٻڌو ۽ پڙهيو آهي، انهن تي هن پنهنجي پوريءَ علمي قابليت ۽ فني سگهه سان خاڪا لکيا آهن.

رباني صاحب جي لکڻيءَ جي اها وڏي خصوصيت آهي جو هو جيڏيءَ مهل مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي سنڌالاجيءَ ۾ ڪيل آخري تقرير جو عڪس چٽي ٿو ته اکين ۾ پاڻي تري اچي ٿو. وري جيڏي مهل رشيد ڀٽيءَ سان ڪيل کل ڀوڳ جو ذڪر ڪري ٿو ته پڙهندڙ پنهنجي منهن مسڪرائڻ لڳي ٿو.

اهو لکڻ جو فن ۽ ليکڪ جي قابليت آهي، جو پڙهندڙ سندس لکڻي پڙهڻ وقت ائين ٿو محسوس ڪري ته هو اکر نه پڙهي رهيو آهي پر سندس آڏو ڪتاب جي صفحن ۾ اهي منظر ڏسي رهيو آهي.

ڪتاب ۾ جن شخصيتن تي خاڪا لکيا ويا آهن، انهن جي پڙهڻ کانپوءِ انهن شخصيتن، ساڻن ڳانڍاپيل واقعن ۽ ان دور جي تاريخي پس منظر جي چڱي ريت پروڙ پوي ٿي. پر اصل ۾ ڪتاب جو ”مقدمو“ وڏي علمي حيثيت رکي ٿو. جنهن ۾ محترم ليکڪ مختلف تاريخي واقعن، حوالن ۽ مشاهدن جي صورت ۾ لاڀ حاصل ڪرڻ جهڙو بحث ڪيو آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ شخصيتن تي لکيل ڪتاب ڪي گهڻا نه آهن: سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“، عبدالقادر جوڻيجو جو ڪتاب ”شڪليون“، طارق اشرف جو ڪتاب ”جيل گهاريم جن سين“ يا هڪ اڌ ٻيو ڪتاب آهي، جيڪي سنڌي ادب ۾ شخصيتن تي لکيل خاڪن تي مشتمل آهن.

آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏهن سنڌي ادب ۾ شخصيتن تي خاڪا لکيا وڃن ته هڪ طرف ان شخصيت جي گڻن ۽ اوگڻن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهبي، ته ٻئي طرف اسان کي هڪ جيئري جاڳندي تاريخ ملي پوندي ۽ ان سلسلي ۾ اسان جي اڄ جي ٽهيءَ کي آڏو اچڻ گهرجي. ان طرف خصوصي طور تي تاج جويو، انعام شيخ، نصير مرزا ۽ طارق عالم کي توجهه ڏيڻ گهرجي. جن جا مختلف شخصيتن تي جاندار خاڪا لکيل پڻ آهن.

 

___*__

 

نصير مرزا

بڙ جا ٻه گهاٽا وڻ

 

ڪڏهن ڪڏهن ڪن سٺن دوستن، سٺن چهرن ۽ سٺن ڪتابن سان مُکا مليو ماڻهوءَ جي من کي خوشين سان ڪيڏو نه لبريز ڪري ڇڏيندو آهي! انهن لمحن ۾ محسوس اسان کي اهو ٿيندو آهي ته ڄڻ اسان کي سڀ ڪجهه ملي ويو آهي. اهي لمحا ذهن لاءِ ايڏا ته ڀرپور ۽ ايڏا ته سرشاريءَ وارا هوندا آهن، جو انهن گهڙين ۾ ڪو هوند ڪنڌ به لاهي وڃي ته سُڌ ئي ڪا نه پوندي.

غلام رباني آگري صاحب جي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ کي ڏسي، ۽ ان کان پوءِ ”مقدمي“ کان وٺي آخري خاڪي تائين پڙهندي، سچ پچ ته منهنجي به اها ئي ڪيفيت هئي.

ماضيءَ ۾ رباني صاحب جي ڪهاڻين پڙهڻ کان پوءِ ويجهي ماضيءَ ۾ وري مهراڻ ۾ ڇپيل ”هنگلاج“ بابت سندن سفرنامي پڙهڻ کان پوءِ مان سندن نثر جو ايڏو ته ”فين“ رهيو آهيان، جو مون سندن ڪنهن به نئينءَ ڇپيل تحرير کي اکين کان پري ڪو نه رکيو آهي. سندن هر تحرير مون لاءِ ائين پرڪشش رهي آهي، جيئن ڪنهن نوجوان ۽ نوخيز شاعر لاءِ سندس محبوب ترين مهانڊو، يا جئن مور کي نچندو ڏسي اکيون ڪڏهن به ناهن ٿڪبيون!

رباني صاحب جو نثر پڙهندي، منهنجي به اهائي حالت رهي. بقول رباني صاحب ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب اهڙن اعليٰ انسانن جو تذڪرو آهي، جن جي روح مان مون کي اخلاق جي خوشبو آئي.“

اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي سورنهن آنا صحيح آهي. تحقيق هي تذڪرو آهي به اهڙين ئي اعليٰ شخصيتن جو، جن منجهان ڪا به معمولي ڪانهي. هر پرسنلٽي، پنهنجي وجود ۾، بيشمار وصفن سميت غير معمولي، تاريخ ساز ۽ يونيڪ آهي. باوجود ان جي ته تذڪري هيٺ آيل ڪجهه شخصيتون پنهنجي وجود ۾ سادگي پسند ۽ رنگين شعاع آهن. پر سندس سڀاءُ جي ان سادگيءَ باعث ائين ڪو نه چئبو ته انهن کي ڪو لفظن ۾ آسانيءَ سان ”پورٽري“ ڪري سگهجي ٿو. اها ڳالهه رباني صاحب جي نثر تي قدرت ۽ علمي ذهانت جو ثبوت آهي، جو محمد امين کوسي ۽ نواب نور احمد خان لغاريءَ جهڙن پربهار محبتي ۽ سادن سودن ماڻهن کي به هُن نهايت سهڻن لفظن ۾ ائين لکيو آهي، جو جهڙوڪر اهي ماڻهو اَڇا اُجرا ڪپڙا پايو اکين جي اڳيان بيٺا آهن ۽ پيا ”مشڪن“! جئن مون عرض ڪيو آهي ته تذڪري هيٺ آيل شخصيتون ڪي معمولي ناهن، جو آسانيءَ سان انهن کي لفظن ۾ لکي وٺجي. انهن تي لکڻ لاءِ هڪ مشتاق نثر نگار ئي طبع آزمائي ڪري سگهي ٿو. ان حوالي سان رباني صاحب جي نثر جو ڪهڙو مثال ڏجي. مثال طور سائين غلام مصطفيٰ شاه وارو خاڪو ملاحظه فرمايو. رباني صاحب جي تحرير ۾ هي ”دبنگ“ ماڻهو به لفظن جي ريپرس ۾ ائين ويڙهيل آهي، جيئن وال پوسٽر ۾ شينهن: نظرن جي سامهون، پر بي ضرر.

”جهڙا گل گلاب جا“  بظاهر ته تذڪري جي انداز ۾ لکيل تحرير آهي، پر ان ۾ وچو وچ ٻين صنفن جي خوشبو به آهي. ان ۾ ڪٿي سفر نامي جا انداز رکيا ويا آهن ته ڪٿي وري سوانحي خاڪي وارو ڏانءُ آزمايل آهي. ڪٿي وري ان ۾ مڪمل خاڪا ”ٽچ“ آهي. ڏٺو وڃي ته خاڪا نگاريءَ هڪ ڏکيو فن آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن لکندي ذهانت کان ڪم نه وٺبو، ته هيرو شخصيت ولين ۽ ولين شخصيت هيرو بنجڻ ۾ دير ئي ڪا نه ڪندي. خير شخصيت ڪهڙي ”گراف“ جي به هجي. ان ۾ صاحب خاڪا ۽ خاڪانگار جا عڪس پاڻ ۾ گڏجي هڪ اهڙي تصوير جوڙيندا آهن، جنهن ۾ ڪڏهن خود خاڪا نگار جون جهلڪيون نظر اينديون آهن ۽ ڪڏهن صاحبِ خاڪا جون.

رباني صاحب جي تحرير ڪيل خاڪن جو روشن رُخ اهو به آهي ته انهن ۾ سڀني شخصيتن گڏجي جنهن شخص جي تصوير اسان جي آڏو اسڪرين تي آندي آهي، اها خود رباني صاحب جي پنهنجي تصوير آهي. پاڻ ڏانهن ڇڪيندڙ ۽ متوجه ڪندڙ، مان سمجهان ٿو ته اها رباني صاحب جي پنهنجي ذاتي شخصيت جي ڪشش آهي، جنهن جي سحر ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نٿيون ڪن: ”رباني، جيڪڏهن اسان تو کي پيار نٿا ڪريون ته پوءِ ائين سمجهه ته اسان زندگيءَ ۾ ڪنهن کي ڪڏهن به پيار ڪيو ئي ڪونهي.“

خير اهي ته ٿيا سنڌ جي هڪ عظيم اسڪالر، علامه آءِ آءِ قاضيءَ جا ويچار.

سنڌ جي ٻيءَ هڪ پُربهار شخصيت محمد امين خان کوسي کين هڪ خط ۾ لکيو. ”رباني! اڄ تو کي ساري اکين مان ڳوڙها وهي آيا، وڌيڪ پاڻ ڄاڻ!“

سائين پير حسام الدين راشديءَ هڪ ڏينهن کيس چيو، ”رباني مون ۾ ته تو سان ڇنڻ جي طاقت ڪانهي، تو ۾ هجي ته هجي!“

پر سائينءَ سان پنهنجن لاڳاپن جي تصوير ڪشي ڪندي، ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿس ”جڏهن منهنجي وڏي ڀاءُ وفات ڪئي ۽ مان کيس ڳوٺ دفنائي ساڻس ڪراچيءَ ۾ مليس ته ڀاڪر پائي، روئي ڏنائين.“

صديق سالڪ واري خاڪي ۾ رباني صاحب تحرير ڪيو آهي ته صديق سالڪ (ايوان صدر جي) وڏين وڏين سرڪاري دعوتن مان رات جو دير سان گهر موٽي ايندو هو ته (زال کان) اچڻ شرط پڇا ڪندو هو ته ”آگري  جي فون آئي هئي؟“ وري وڃي ڌيئرن مان هر هڪ کان جدا جدا پڇندو هو، ”چاچا آگري جي فون ته ڪا نه آئي هئي؟“

”ساڳئي خاڪي ۾ لکيو اٿس ته مان سالڪ کي فون ڪرڻ ۾ ڏينهن ٻه وٿي وجهندو هوس ته فون تي سندس دانهن ٻڌندو هوس ”او بيوفا! مون توکي اڳ به چتاءُ ڏنو آهي. وري به ٻڌايان ٿو ته مون سان بي وفائي ڪندي يا من نئون دوست ٺاهيندس.“

مون چيو پئي ته، سڌيءَ اڻ سڌيءَ طرح، رباني صاحب، ٻين شخصيتن جي خاڪن سان گڏ پنهنجو خاڪو به لکندو ويو آهي. ائين خود سندس پنهنجي شخصيت ڏاڪي به ڏاڪي اسان جي سامهون اچي وئي آهي – نهٺي، سٻاجهي، پُر خلوص ۽ هر دلعزيز. ڪنهن صحيح چيو آهي ته سڀاءَ جي نرمي ۽ رواداريءَ ۾ ئي انسان جي وڏي طاقت ۽ ڪشش لڪل هوندي آهي. جيڪڏهن رباني صاحب جي شخصيت ۾ اها ”انٽريڪشن“ موجود نه هجي ها، ته سنڌ جي اهڙين وڏين وڏين شخصيتن جي کين محبت ۽ صحبت ڪيئن نصيب ٿئي ها؟ بجا طور تي خوش نصيب آهي رباني صاحب، جنهن کي سنڌ جي بهترين ۽ روشن خيال شخصيتن جي تربيت ۽ محبت حاصل رهي آهي.

مٿي عرض ڪيو اٿم ته اهي خاڪا، صرف خاڪا – ٽيڪنيڪ ۾ محدود ڪو نه آهن انهن ۾ ٻين صنفن جو ساءُ به آهي. مثال طور غلام مصطفيٰ قاسمي، مخدوم طالب الموليٰ، مولانا غلام محمد گرامي ۽ پير حسام الدين راشدي هن تذڪري جون اهڙيون شخصيتون آهن، جن جا جهڙوڪر هي خاڪا، مڪمل سوانحي خاڪا به آهن. نواب نور احمد خان لغاريءَ واري خاڪي ۾ ايران جو دلچسپ سفرنامو پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ واري خاڪي ۾ ”ون يونٽ“ واريءَ تحريڪ جو باب رقم آهي. گرامي صاحب واري خاڪي ۾ حيدرآباد جي دانشورن ۽ ليکڪن جي آماجگاه ”ڪراچي – هوٽل“ جي ادبي ويهڪن کي لفظن ۾ محفوظ ڪري، تاريخ جي صفحن ۾ يادگار ڪيو ويو آهي. مولانا عبدالواحد سنڌي واري تذڪري ۾ رسالي نئين زندگيءَ جو ماضي محفوظ آهي. خير، هن تذڪري ۾ جن شخصيتن کي موضوع بنائي رباني صاحب خاڪا لکيا آهن، سي ته وڏي پيماني تي انهن ۾ موجود آهن ئي، پر ڪن ٻين شخصيتن جا نالا ۽ چهرا پڻ انهن خاڪن جي حُالي سان پنهنجو پنهنجو مک درشن اسان کي ڪرائين ٿا. ان حوالي سان به ڏسبو ته 688 صفحن تي پکڙيل ۽ ٽيويهن خاڪن تي مشتمل هي ڪتاب، محذ رڳو تذڪرو ئي ڪونهي. هڪ دور جي تاريخ به آهي ۽ ٻئي پاسي آرسي به. جنهن ۾ وڏن وڏن ليکڪن ۽ دانشورن جا اصلي روپ انوپ به اسان جي سامهون اچن ٿا. هي تذڪرو رباني صاحب جي قريب ترين شخصيتن جو آهي. ان ڪري هن جتي انهن جو سٺايون فراخدليءَ سان تحرير ڪيون آهن. اتي سندن اوڻاين تي به بنا ڪنهن مصلحت جي بي ريا ٿي قلم کنيو آهي. ڪن ڪن شخصيتن جي حوالي سان پڙهندڙن کي هُن بوريت کان بچائڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ريت مزاح جو پهلو به تحرير هيٺ آندو ۽ وندرايو آهي. اهڙا مزيدار گفتا ۽ چپن کي مُرڪون آڇيندڙ فقرا رشيد ڀٽيءَ، مولانا عبدالواحد سنڌيءَ ۽ گرامي صاحب وارن خاڪن ۾ جا بجا پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. ان کانسواءِ مختلف شخصيتن جا مختلف رنگارنگي روپ ڏيکاريندي، انهن جي حوالي سان، رباني صاحب دنيا جي لاهن چاڙهن، انسانن جي چالبازين، حرفتن، هوشيارين ۽ فريبن جا بهترين تجزيا ڪري، پاڻ کي هڪ مفڪر پڻ ثابت ڪيو آهي. ان ڏس ۾ خاص طرح سان ڪتاب جو شاهڪار مقدمو رباني صاحب جي مطالعي، مشاهدي ۽ انداز تحرير جو هڪ بي مثال نمونو آهي ۽ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ سنڌي ڪتابن لاءِ اڄ تائين جيڪي به يادگار ۽ شاهڪار مقدما تحرير ڪيا ويا آهن. تن ۾ هي مقدمو بجا طور شمار ڪري سگهجي ٿو. مقدمي جي موضوع جو ڦهلاءُ ايترو ته وسيع آهي، جو ان ۾ لڳ ڀڳ دنيا جي سموري وهنوار تي هن پنهنجا ويچار نهايت دلنشين انداز ۾ پيش ڪيا آهن. دنيا ۾ اخلاق جي اڻاٺ ۽ بڇڙاين جي واڌ کان سواءِ، انسان جي خود غرضيءَ، بيوسيءَ، جديد هٿيارن جي وڌندڙ ايجاد، نفسياتي مونجهارن ۽ ٻيا دنياوي خلفشار خاص طرح سان هن مقدمي جا موضع آهن. ۽ اهو به صحيح ته (بقول رباني صاحب جي)ڪڏهن ڪڏهن ايترين بڇڙاين جي موجودگيءَ باعث، هي زندگي ۽ ٻيو سڀ ڪجهه بي مقصد ۽ اجايو پيو محسوس ٿيندو آهي ۽ دنيا ۾ رائج سڀ سماجي نظريا ايترا ته ورغلائيندڙ محسوس ٿيندا آهن جو من دنيا مان هيڪاندو ڀرجي ويندو آهي، بلڪ ملول ٿي ويندو آهي ۽ سوچبو آهي ته، آخر دنيا جو ٿيندو ڇا؟ رباني صاحب جي مقدمي جا اجهو هي اکر ان ئي ڪيفيت جو اظهار ڪن پيا: ”حياتي جو سفر ته نه ٻئي ڪنهن کي سمجهه ۾ آيو، نه وري مون کي ئي، سفر سولو به ڪونهي ۽ ان ۾ پنهنجو ڪو اختيار به ڪونهي. واريءَ  ۾ واٽون ڳولڻ ڏاڍيون ڏکيون آهن، ليڪن مون نه ڪڏهن الله مان آسرو لاٿو آهي ۽ نه وري انسان جي قرب مان مايوس ٿيو آهيان.“

مان سمجهان ٿو ته دنيا جا سڀ مفڪر، فلاسافر، سائنٽسٽ، اديب، آرٽسٽ ان ئي آسري تي انسان ذات کي خوشيءَ جو، خوش ذائقو ڦل آڇين پيا، ته وحشت ۽ جهالت جو انت عنقريب آهي. جيت اميد جي ئي ٿيندي ۽ هي دنيا قائم ۽ دائم رهڻي آهي ۽ رهندي. مان سمجهان ٿو ته رباني صاحب جي لکيل مقدمي جو تت به اهو ئي آهي، جيئن گوتم ٻڌ جو قول به آهي ته: ”دنيا جون سڀ شيون فاني آهن، پنهنجي نجات لاءِ هر گهڙيءَ عبادت ۽ رياضت ڪندا رهو، بهتري ان ۾ ئي آهي.“

هي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ مون رات ڏينهن هڪ ڪري بي پناه شوق مان مطالعو ڪيو. ڪنهن بهترين خوبصورت دوست ۽ ساٿيءَ وانگر، ان جي سنگت ۾ رهندي، هڪ لمحي لاءِ به پاڻ کي بور محسوس نه ڪيم. پاڻ پڙهندي ائين پئي ڀانيم، ٻه بڙ جا گهاٽا وڻ آهن، جن جي ڇانوَ ۾ پري پري تائين هلندو پيو وڃان.

سچ پچ ته منهنجي زندگيءَ جا اهي سڀ لمحا سجايا ۽ لاڀ ڀريا گذريا، جيڪي هن ڪتاب جي ٻنهي جلدن جو مطالعو ڪرڻ ۾ مصروف ٿيا.

 

___*__

 

 ولي رام ولڀ

جلي پئي جوت!

 

غلام رباني بنيادي طور سنڌي ادب جي اُفق تي ڪهاڻيڪار ٿي اُڀريو. سندس پهرين ڪهاڻي 1955ع ۾ ٽماهي “مهراڻ“ ۾ ڇپي هئي ۽ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”آبِ حيات“ پهريون ڀيرو 1960ع ڌاران ۽ هڪ ڪهاڻي جي اضافي سان ٻيهر ”افسانا“ جي عنوان سان ڇپيو، جيڪو اڄ به سندس سٺي ڪهاڻيڪار هئڻ جي ساک ڀري ٿو. کيس ورهاڱي کان پوءِ ”ڪهاڻيءَ جي پهرئين دور“ جي ٽن مُک ڪهاڻيڪارن جي ٽمورتي (جمال ابڙو، حفيظ شيخ ۽ غلام رباني) جو هڪ انش مڃيو وڃي ٿو. ربانيءَ اهي ڪهاڻيون 1955ع کان 1957ع جي دوران لکيون. پر پوءِ جيئن مجموعي جي ٻئي ڇاپي ۾ لکيو اٿس ته 1958ع ۾ ملڪ ۾ فوجي آمريت قائم ٿيڻ بعد مون افسانا لکڻ ڇڏي ڏنا ته ان جو مطلب ڪڍيو ويو ته آءٌ گوشه نشين ٿي ويو آهيان“. ليڪن هو واقعي گوشه نشين نه ٿيو پس پرده زياده وقت ته ون يونٽ جي خلاف سنڌ جي سياسي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ همعصر اديبن سان گڏ، سرگرم عمل رهيو، پر گاهي گاهي پنهنجن تجربن، مطالعي ۽ مشاهدن کي قلمبند ڪندو رهيو، جي مختلف رسالن ۽ اخباري ڪالمن ۾ ڇپبا رهيا، جن ۾ سنگم پبليڪيشن واريون تحريرون ۽ هلالِ پاڪستان ۾ ”سنڌي ڪلچر“ جي سري سان علمي مضمون ڇپبا رهيا، جي نهايت اهم ۽ توجهه طلب آهن.

اسان وٽ اڪثر ڪري ڪهاڻيون، جوانيءَ واري دور ۾، سماج جي ريتن رسمن ۽ ان جي گهڙيل اصولن ۽ روايتن سان انساني فطرت جي ٽڪراءَ ۽ اندر جي آنڌ مانڌ جي اُپٽار ڪرڻ جو وسيلو سمجهي لکيون وينديون آهن، جن ۾ پڙهندڙ پنهنجن حالتن کي آئڊنٽٽيفاءِ ڪري، سماج کي تبديل ڪرڻ جي تسڪين ماڻيندو آهي. پر شايد ڪهاڻيڪار جوانيءَ جي دور جون حدون ٽپي، پڪيءَ ڄمار ۾ پير پائي، دنيا ۽ ان جي معاملن کي جڏهن حقيقي ۽ ٺوس روپ ۾ ڏسڻ لڳندو آهي ۽ پنهنجي ذهني سطح جي مٿڀري ٿيڻ جي احساس ۾ وچڙندو آهي، ته هو ڪهاڻين لاءِ ڪٺي ٿيل ڪچي مال کي سوانحي ادب (جنهن ۾ ڊائري، سفرنامو، سوانح، خاڪو، شخصيت نگاري ۽ آتم ڪهاڻي وغيره) جي صورت ۾ قلمبند ڪري ڪهاڻيءَ کان سوانحي ادب ڏانهن سوئچ اووَر ڪندو آهي. منهنجي خيال موجب اهو ئي سبب آهي جو رباني پنهنجي سماجي ۽ سياسي حالتن جو تجزيو پنهنجي وسيع مطالعي ۽ اندر جي سوجهيءَ سان ڪرڻ بهتر ڄاتو ۽ نتيجي ۾ ڪيترائي مضمون لکيائين، جيڪي اڃا تائين ڪتابي صورت ۾ نه آيا آهن.

هر ماڻهو کي پنهنجي عام زندگيءَ جي محدود ۽ مصروف ڏهاڙن ۾ لاتعداد ماڻهن سان واسطو پوندو آهي ۽ ڪيترائي واقعا درپيش ايندا آهن. جيڪڏهن کانئس اهو پڇجي ته هو انهن شخصيتن جا نالا ۽ انهن سان لاڳاپيل واقعا ڳڻائي، جن کيس متاثر ڪري پاڻ وڻايو آهي ته هو شايد مشڪل سان مڪمل اظهار ڪري سگهي ۽ جيڪڏهن ڪري سگهيو ته اها چونڊ سندس ذهني سطح ۽ سماجي حيثيت پٽاندر سبجيڪٽو ۽ محدود دائري ۾ گهيريل هوندي، پر جڏهن هڪ باشعور ۽ پارکو ليکڪ، جنهن کي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن جو پس منظر به هوندو. اهڙين شخصيتن جي چونڊ ڪندو ته سندس اڳيان اهي شخصيتون اڀري اينديون، جيڪي نه رڳو سندس نظر ۾ قداور واري هونديون، پر انهن جي قدر ۽ قيمت عام ماڻهن جي نظر ۾ پڻ امتيازي هوندي. هو انهن جي باري ۾ هڪ طرف پنهنجي زندگيءَ جي حاصلات جو نچوڙ پيش ڪرڻ سان گڏ، انهن شخصيتن جي داخلي توڙي خارجي پهلوئن کي هڪ وڏي تناظر ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، جنهن ۾ وقت جي علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي صورتحال جو مجموعي اولڙو به پسبو آهي.

غلام ربانيءَ ”جهڙا گل گلاب جا“ ۾ به اهڙي ڪوشش ڪئي آهي. هي ڪتاب ٻن جلدن تي مشتمل ٽيويهن شخصيتن تي لکيل سندس مضمونن جو مجموعو آهي. اهي سڀ شخصيتون علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي آهن، جن سان سندس نهايت قربت رهي ۽ جن جي علم ۽ شخصيت کان متاثر ٿيو. منجهائن ٽي چار غير سنڌي آهن ۽ ٽن چئن کانسواءِ باقي سڀ لاڏاڻو ڪري ويا آهن. هن ڪتاب جي منڍ ۾ سندس لکيل مهاڳ سندس مطالعي ۽ تجربي جي وسعت جو ڏس ڏئي ٿو.

شخصيتن تي سندس لکڻ جو انداز پڻ افسانوي انداز جو آهي، جيڪو ڏاڍو دلچسپ آهي. ڳڻ ڳوت ڪبي، ته محسوس ٿيندو ته اڃا به اهڙيون ڪي شخصيتون آهن، جيڪي هن مجموعي ۾ شامل ناهن. مون کي اميد نه پر پڪ آهي ته رباني صاحب ضرور انهن تي لکيو هوندو. رڳو ڇپجڻ جي دير آهي.

 

___*__

مراد علي مرزا

جهڙا گل گلاب جا

انسان جو سڀ کان سٺو دوست ڪتاب آهي. ڪتاب پنهنجي پڙهندڙ سان ڳالهائيندو آهي، کيس عجب جهڙيون ۽ نيون نيون ڳالهيون ٻڌائيندو آهي. دنيا جا سمورا علم ڪتابن ۾ ئي لڪل آهن، پر، ڪتاب جي پڙهندڙ جي ذوق تي دارومدار آهي ته ڪهڙا ڪتاب پڙهي ٿو ۽ ڪهڙن ڪتابن جون ڳالهيون ٻڌڻ گهري ٿو. سڀئي ماڻهو هر قسم جا ڪتاب ڪو نه پڙهندا آهن. نه وري سڀ ڪتاب پڙهڻ لائق هوندا آهن. ڪي ڪتاب اهڙا ٿين ٿا، جو انهن کي پڙهڻ شروع ڪبو، ته تيسين نه ڇڏبو، جيستائين پڙهي پورو نه ڪبو. ڪي ڪتاب وري اڌ ۾ ئي پڙهي ڇڏبا آهن. ڪي ته فقط پهريان صفحا پڙهي ماٺڙي ڪري بند ڪري رکي ڇڏبا آهن.

غلام رباني آگري جو ڪتاب، ”جهڙا گل گلاب جا“ انهن ٽنهي قسمن جي ڪتابن کان نرالو آهي. اهو هڪ ڀيرو پڙهڻ جو ڪونهي. ان کي وري وري پڙهبو ۽ هر ڀيري نئون لطف ڏيندو.

”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب ۾ مصنف سنڌ ۽ پاڪستان جي انهن روشن ضمير انسانن جي صحبتن جي ساروڻي ڪئي آهي، جن علم، ادب، تاريخ، تهذيب جي شعبن ۾ پنهنجي ڪمال ۽ مهارت جا جوهر ڏيکاريا. مصنف کين ياد ڪندي پنهنجي زندگيءَ جا به ڪيترائي واقعا لکي ويو آهي. ننڍپڻ جون ڳالهيون، شرارتون، جوانيءَ جا قصا، دل جا دستان، ڏک سور ۽ حسرتون! اهي سموريون ساروڻيون ايتريون ته سادگيءَ، سچائيءَ ۽ اندر جي اُڪير سان لکيون اٿس، جو منجهانئن اهڙو هڳاءُ اچي ٿو، جهڙو گلاب جي گلن مان ايندو آهي. شايد ان ڪري ئي ڪتاب جو عنوان به اهڙو رکيو اٿس. ”جهڙا گل گلاب جا“!

گلاب جي گلن جي خاصيت ئي اها آهي ته نرم ۽ نازڪ ٿين ٿا. انهن ۾ مست ڪندڙ خوشبوءِ آهي ۽ بيحد حسين هوندا آهن. نزاڪت، خوشبوءِ ۽ حسن جي ڳولا ۾ مصنف ماضيءَ ڏانهن مڙي ٿو ۽ انهن اعليٰ انسانن جا عڪس چٽي ٿو، جيڪي سراسر نزاڪت آهن، سراپا خوشبوءِ آهن ۽ حسن ئي حسن آهن. هو انهن سٻاجهن سڄڻن جون صحبتون ساري ٿو. سندن سهڻين صفتن جي ساراه ڪري ٿو. سندن علمي قابليت ۽ مهارت جا قصا ٻڌائي ٿو. جيڪي هيءُ جهان ڇڏي ٻئي جهان ۾ ويا آهن، کين اهڙيءَ سڪ سان ساري ٿو، جو پڙهندڙ جي اکين مان نير وهي اچي ٿو ۽ هي بيت چپن تي اچي ٿو ته:

ماءُ وٺي مون ماٺ مڙهين ۾،

جوڳي جيڪس ويا جبروت.

لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ان حقيقت جو احساس انهن کي هوندو جيڪي قلم جو پورهيو ڪن ٿا. گوڏو ٻڌي وهن ٿا ۽ پنهنجو رت ولوڙين ٿا – تڏهن وڃي ڪا تخليق لفظن جي روپ ۾ ظاهر ڪن ٿا. سنڌيءَ ۾ ڪيترن ئي اديبن اهڙي قسم جا خاڪا لکيا آهن. ڀيٽ ڪرڻ اجائي آهي. ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ئي ڪونهي. هر ڪنهن جو پنهنجو رنگ ۽ ڍنگ هوندو آهي ربانيءَ جو پنهنجو رنگ آهي، پر بنيادي طرح رباني هڪ تمام سٺو افسانه نگار آهي. هن پنهنجيءَ ادبي زندگيءَ جي شروعات ئي افسانن لکڻ سان ڪئي هئي ۽ ڪي اهڙا ته سٺا افسانا لکيائين، جو اهي انگريزي، جرمن ۽ چيني زبانن ۾ ترجمو ٿيا. منهنجو پنهنجو تجربو ۽ راءِ آهي ته جيڪو اديب افسانوي ادب مان وقف آهي ۽ افسانا وغيره لکي سگهي ٿو سو نثر جي ڪنهن به صنف ۾ پنهنجن خيالن کي ڏاڍي دلڪش ۽ مؤثر انداز ۾ بيان ڪري سگهندو – مثال لاءِ ”جهڙا گل گلاب جا“ پيش ڪري سگهجي ٿو. رباني پنهنجي ڪتاب جا سڀئي خاڪا افسانوي رنگ ۾ لکيا آهن. جن ۾ حقيقت ۽ تخيل جو خوبصورت ميلاپ ڏسجي ٿو. انهن ۾ منظر نگاري آهي، ڪردار نگاري آهي، واقعات نگاري آهي، ڪلائميڪس آهي ۽ آخر ۾ ڪا نه ڪا ڇرڪائيندڙ ڳالهه آهي. اهي سوانحي خاڪا ڪونهن. جيئن عبدالغفار صديقيءَ (سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽريءَ) پنهنجي تعارف ۾ لکيو آهي. مان انهن کي تاثراتي خاڪا ڪوٺڻ مناسب سمجهان ٿو، ڇاڪاڻ ته ربانيءَ شخصيتن جي باري ۾ پنهنجا تاثرات لفظن ذريعي ظاهر ڪيا آهن. رباني ڪنهن به شخصيت جي سموريءَ زندگيءَ جو احوال ڪو نه ٿو ٻڌائي. پر انهن ڳالهين ۽ واقعن جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي سندس مشاهدي ۾ آيون هيون ۽ جن جو مٿس اثر ٿيو هو. پوءِ انهن ئي ڳالهين ۽ انهن ئي واقعن جي حوالي سان، پاڻ پڙهندڙن سان شخصيتن جي سڃاڻپ ڪرائي ٿو. اها سڃاڻپ اهڙي ته سهڻي، دلڪش انداز ۾ ڪرايل آهي جو ڪتاب جو پڙهندڙ به هنن جي صحبت جو فيض حاصل ڪري. هنن جي ڪارنامن مان واقف ٿي. هنن کي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسڻ شروع ڪري ٿو. حقيقت ۾ هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو لڪل هوندا آهن. خاڪي لکندڙ جي اهائي ڪوشش هوندي آهي ته هو انهن اندر جي ماڻهن تائين پهچي. ڪامياب خاڪا نگار انسان جي ظاهر ۽ باطن مان اهڙي شخص کي ڳولي ٻاهر وٺي ايندو آهي، جنهن کي ڏسي خود اهو ماڻهو به حيران ٿي ويندو اهي ۽ سوچيندو آهي ته ڇا آءٌ سچ پچ اهڙو به آهيان ۽ پوءِ ان کان انڪار به نه ڪري سگهندو. ربانيءَ هر شخصيت جي اصلي روپ کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن ۾ هو تمام گهڻو ڪامياب ٿيو آهي.

”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب ۾ ٽيويهن شخصيتن جا خاڪا ڏنل آهن، هر هڪ شخصيت جو پنهنجو رنگ روپ ۽ ڍنگ آهي. علامه آءِ آءِ قاضي جي خاڪي مان هڪ اهڙو عظيم انسان اڀري ٿو، جيڪو سراپا علم ۽ عرفان آهي. ربانيءَ جي والد، عبداللطيف آگري جو خاڪو هڪ مشفق ۽ مهربان پيءُ ۽ استاد ۽ آئي وئي جي سار سنڀال لهڻ واري ميزبان جو عڪس ڏيکاري ٿو. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي خاڪي مان علم ۽ ادب جي آفتاب ۽ ايماندار انسان جو تاثر ملي ٿو. عثمان علي انصاريءَ جو خاڪو هڪ اهڙي انسان جو آهي، جنهن وٽ ٻڌائڻ لاءِ عجب جهڙيون ڳالهيون آهن. سيد ميران محمد شاه جي خاڪي مان هڪ صاف سٿرو ۽ مهذب انسان اڀري ظاهر ٿئي ٿو. پير حسام الدين راشديءَ جي خاڪي مان ذهن ۽ اونهي فڪر جو مالڪ ۽ سنڌ جي تاريخ جو ماهر نظر اچي ٿو. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي خاڪي مان ننڍي کنڊ جي هڪ تمام وڏي سياستدان ليڪن بيحد لاچار ۽ بيوس انسان جي تصوير اڀري ٿي. حاجي مولا بخش سومري جي خاڪي ۾ هڪ نهايت خوش اخلاق ۽ پُراسرار انسان سان ملاقات ٿئي ٿي. نواب نور احمد خان لغاريءَ جو خاڪو هڪ بيحد سٻاجهي ۽ سنڌي تهذيب جي مثالي انسان جو آئينو آهي. مولانا غلام محمد گراميءَ جي خاڪي ۾ هڪ اهڙو انسان نظر اچي ٿو، جيڪو بظاهر سراپا مُرڪ ئي مُرڪ آهي، پر اندر ۾ ايڏو ئي ڏکويل ۽ ستايل آهي. مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي خاڪي مان هڪ اهڙو مخلص انسان ظاهر ٿئي ٿو جيڪو هٿ ۾ ٿيلهو کنيو ادب جي خدمت لاءِ سدائين پنڌ پيو هلي ۽ ٿوري گهڻي تي چيو ڏئي ”ڇڏ زوراور، مارائين ٿو.“ ٻيڙي فقير ڪنڀر جي خاڪي ۾ هڪ مسڪين پر نهايت اشرف انسان جي تصوير چٽيل آهي. مولوي عبدالحميد ڀٽيءَ جو خاڪو هڪ نيڪ پر جبري انسان جو خاڪو آهي. رشيد ڀٽي جي خاڪي مان هڪ بي پرواهه ۽ کل مُک انسان پيو جهاتيون پائي. صديق سالڪ جي خاڪي مان هڪ لاچار ۽ بيوس انسان ظاهر ٿئي ٿو. ايڇ – ٽي – لئمبرڪ جو خاڪو هڪ جينٽليمين ۽ اصولن جي پابند مورخ جو خاڪو آهي. محمد امين کوسي جي خاڪي مان هڪ بيپرواه ۽ وضعدار انسان جي تصوير اڀري ٿي. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي خاڪي ۾ سنڌي تهذيب جي بيحد خوبصورت، صابر ۽ شاڪر انسان جي تصوير چٽيل آهي، پروفيسر غلام مصطفيٰ شاه جي خاڪي ۾ سنڌ جي ڪڙڪيدار ۽ رعبدار تعليمي ماهر ۽ هڏ ڏوکي انسان سان ملاقات ٿئي ٿي. محمد ابراهيم جويي جي خاڪي مان سنڌي ادب جي گهڻ گهري پورهيت ۽ مخلص اديب ۽ سنڌ جي ڪنهن به مسئلي تي ڪنهن به سوديبازي نه ڪرڻ واري انسان جو ڪردار اڀري ٿو. شفيق الرحمٰن جي خاڪي ۾ هڪ شرميلي ۽ ماٺيڻي اديب سان سڃاڻپ ٿئي ٿي. مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي خاڪي مان هڪ جيد عالم اڀري ظاهر ٿئي ٿو ۽ دل سان کلي ڳالهائي ٿو ۽ ڪچهريون ڪري ٿو.

انهن سڀني شخصيتن جي ڪردار نگاريءَ لاءِ رباني پهرين هڪ نهايت پرڪشش فضا ٺاهي آهي. هو هنن جي ماضيءَ جي پسمنظر تي روشني وجهي ٿو. هنن جي علمي ۽ سماجي حيثيت جو احوال ڏئي ٿو. موقعي مناسبت سان سنڌي، فارسي ۽ اردو جا برجستا شعر ٻڌائي ٿو ۽ انهن سماجي بڇڙاين کي ننديندو هلي ٿو، جن سنڌي سماج کي اڏوهيءَ وانگر کائي ناس ڪري ڇڏيو آهي. ساڳئي وقت مصنف پنهنجي دؤر جي اهم سياسي، علمي ۽ ثقافتي تحريڪن جي پس منظر تي پڻ روشني وڌي آهي.

”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب جي هڪ ٻي خوبي ان جو مقدمو آهي، جيڪو هڪ سؤ کان به وڌيڪ صفحن تي پکڙيل آهي. ادبي دنيا ۾ اڪيلو آئرس اديب ۽ ڊرامه نويس جارج برنارڊشا ٿي گذريو آهي، جنهن پنهنجي هر ڊرامي جو طويل ترين تعارف لکيو آهي. جيڪڏهن ڊرامو ٻه سؤ صفحن جو آهي ته تعارف گهٽ ۾ گهٽ سؤ صفحن جو ضرور هوندو. رباني انگريزي ادب جو شاگرد رهيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته هن جارج برنارڊشا جي اثر هيٺ طويل ترين مقدمو لکيو هجي. ان مقدمي ۾ رباني هڪ اهڙي علمي ۽ ادبي ماهر جي حيثيت ۾ اڀري ٿو، جنهن جو هڪ ڀرپور علمي، ادبي پس منظر آهي ۽ جنهنجي پنهنجي زماني جي علمي ادبي ۽ تهذيبي معاملن تي گهري نظر آهي ۽ انهن جي ڳوڙهي ڄاڻ اٿس. ان مقدمي ۾ ربانيءَ پنهنجي موضوع جي وضاحت جي سلسلي ۾ مذهب، ادب، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان تمام اهم بنيادي ڳالهيون ڪيون آهن. هن ان ۾ مغربي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ سائنسدانن جا حوالا ڏيندي ثابت ڪيو آهي ته انسان جي وڏي ۾ وڏي وٿ اخلاق ۽ فقط اخلاق آهي، جنهن انسان وٽ اخلاق ڪونهي، ان کي انسان ڪيئن ٿو ڪوٺي سگهجي! اخلاقيات جهڙي خشڪ موضوع تي ايتري دلچسپ ۽ پرڪشش تحرير ڪا ورلي نظر ايندي. اهو مقدمو ايترو ته جامع ۽ مڪمل آهي جو ان کي ربانيءَ جي هڪ ”شاهڪار تخليق“ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.

”جهڙا گل گلاب جا“ بار بار پڙهڻ ۽ سانڍي رکڻ جهڙو ڪتاب آهي. سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪتاب جي ڊسٽ ڪور تي اڪبر بادشاه جي ڄمڻ واري واقعي جي حوالي سان صحيح لکيو آهي ته ”هن ڪتاب جي هاڪ مشڪ جي خوشبوءِ جيان هر هنڌ پکڙجي ويندي.“

 

___*___

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org