سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: وفائي جا خط

 

باب: --

صفحو :14 

جنهن جي  معنيٰ آهي ٿي ته لطيف سنڌ آ، سنڌ لطيف آ، لطيف سنڌ جو لطف آ، لطيف سنڌ جي لڄ آ، لطيف سنڌ جي لوئي آ، لطيف سنڌ جي لوچ آ، لطيف سنڌ جو لال آ، لطيف سنڌ جي لالائڻ آ، لطيف سنڌ جو لاکيڻو آ، لطيف سنڌ جي سوچ آ، لطيف سنڌ جي سونهن آ، لطيف سنڌ جو ساهه آ، لطيف سنڌ جي سوڀيا آ، لطيف سنڌ جي ساراهه آ، لطيف سنڌ جي ساک آ،لطيف سنڌ جي سڀيتا آ، لطيف سنڌ جو سک آ، لطيف سنڌ جي سڻائي آ، لطيف سنڌ جي سهنجائي آ، لطيف سنڌ جي سرهاڻ آ، لطيف سنڌ جو ساٺ آ، لطيف سنڌ جو سنواريندڙ آ، لطيف سنڌ جو سنڀاليندڙ آ، لطيف سنڌ جو ساريندڙ آ، لطيف سنڌ جو سڏائيندڙ آ، لطيف سنڌ جو سمجهندڙ آ، لطيف سنڌ جو سمجهائيندڙ آ، لطيف سنڌ جو سهارو آ، لطيف سنڌ جو سونهارو آ، لطيف سنڌ جو سهرو آ، لطيف سنڌ جو سپوت آ، لطيف سنڌ جي سيرت آ، لطيف سنڌ جو سرمايو آ، لطيف سنڌ جي سينڌ آ، لطيف سنڌ جو سرمو آ، لطيف سنڌ جو سوز آ، لطيف سنڌ جو ساز آ، لطيف سنڌ جو سرتاج آ، لطيف سنڌ جو سردار آ، لطيف سنڌ جو سچار آ، لطيف سنڌ جي سڳنڌ آ، لطيف سنڌ جو سٻاجهڙو آ، لطيف سنڌ جي سٺائي آ، لطيف سنڌ جو سوجهرو آ، لطيف سنڌ جو سنيهو آ، لطيف سنڌ جو سلام آ، لطيف سنڌ جو سهاڳ آ، لطيف سنڌ جي سجاڳي آ، لطيف سنڌ جي ثقافت آ، لطيف سنڌ جو ثمر آ،  لطيف سنڌ جو صوفي آ، لطيف سنڌ جو صادق آ، لطيف سنڌ جي صورت آ، لطيف سنڌ جو صبر آ، لطيف سنڌ جو صلح آ، لطيف سنڌ جو آبرو آ، لطيف سنڌ جو آرام آ، لطيف سنڌ جو اطمينان آ، لطيف سنڌ جي آن آ، لطيف سنڌ جو امن آ، لطيف سنڌ جي امان آ، لطيف سنڌ جي اميد آ، لطيف سنڌ جي آس آ، لطيف سنڌ جو آثار آ، لطيف سنڌ جو اهڃاڻ آ، لطيف سنڌ جو انصاف آ، لطيف سنڌ جو امام آ، لطيف سنڌ جو اڳواڻ آ، لطيف سنڌ جو ادب آ، لطيف سنڌ جو آسرو آ، لطيف سنڌ جي الفت آ، لطيف سنڌ جو انس آ، لطيف سنڌ جي انسانيت آ، لطيف سنڌ جي امانت آ، لطيف سنڌ جو اخلاق آ، لطيف سنڌ جو ارادو آ، لطيف سنڌ جو آڌار آ، لطيف سنڌ جو ادراڪ آ، لطيف سنڌ جو ادارو آ، لطيف سنڌ جو آواز آ، لطيف سنڌ جي ادا آ، لطيف سنڌ جو اوج آ، لطيف سنڌ جو احوال آ، لطيف سنڌ جو علم آ، لطيف سنڌ جو عدل آ، لطيف سنڌ جو عاشق آ، لطيف سنڌ جي عزت آ، لطيف سنڌ جو عقل آ، لطيف سنڌ جو منور آ، لطيف سنڌ جو مهتاب آ، لطيف سنڌ جي محبت آ، لطيف سنڌ جي مروت آ، لطيف سنڌ جو منارو آ، لطيف سنڌ جو ماڳ آ، لطيف سنڌ جو مهاڳ آ، لطيف سنڌ جو مير آ، لطيف سنڌ جو پير آ، لطيف سنڌ جو مان آ، لطيف سنڌ جو محاظ آ، لطيف سنڌ جي مضبوطي آ، لطيف سنڌ جو محبوب آ، لطيف سنڌ جو معشوق آ، لطيف سنڌ جو ماضي آ، لطيف سنڌ جو مستقبل آ، لطيف سنڌ جي موج آ، لطيف سنڌ جو مهراڻ آ، لطيف سنڌ جو محافظ آ، لطيف سنڌ جو معمار آ، لطيف سنڌ جو موڙ آ، لطيف سنڌ جو مرشد آ، لطيف سنڌ جو مک آ، لطيف سنڌ جو مهندار آ، لطيف سنڌ جي تاريخ آ، لطيف سنڌ جي تمدن آ، لطيف سنڌ جي تحقيق آ، لطيف سنڌ جي تبليغ آ، لطيف سنڌ جي تعمير آ، لطيف سنڌ جي ترقي آ، لطيف سنڌ جي توانائي آ، لطيف سنڌ جي تدبير آ، لطيف سنڌ جي تقدير آ، لطيف سنڌ جي تازگي آ، لطيف سنڌ جي تراوت آ، لطيف سنڌ جو تڳاءُ آ، لطيف سنڌ جو ترهو آ، لطيف سنڌ جي تنظيم آ، لطيف سنڌ جي تحريڪ آ، لطيف سنڌ جي طاقت آ، لطيف سنڌ جو طريقو آ، لطيف سنڌ جو رحم آ، لطيف سنڌ جي رسم آ، لطيف سنڌ جي ريت آ، لطيف سنڌ جي رواداري آ، لطيف سنڌ جو رازدار آ، لطيف سنڌ جو رازدان آ، لطيف سنڌ جو رهبر آ، لطيف سنڌ جو رهنماءُ آ، لطيف سنڌ جو راکو آ،  لطيف سنڌ جو رکوال آ.

لطيف سنڌ جي شرافت آ، لطيف سنڌ جي شائستگي آ، لطيف سنڌ جي شناسائي آ، لطيف سنڌ جو شان آ، لطيف سنڌ جي شرڪت آ، لطيف سنڌ جو بچاءُ آ، لطيف سنڌ جي برادري آ، لطيف سنڌ جي بهبودي آ، لطيف سنڌ جي ڀلائي آ، لطيف سنڌ جي ڀائيواري آ، لطيف سنڌ جو ڀاڳ آ، لطيف سنڌ جو ڀرم آ، لطيف  سنڌ جو ڀروسو آ، لطيف سنڌ جو ڀرجهلو آ، لطيف سنڌ جو حوصلو آ، لطيف سنڌ جي حقيقت آ، لطيف سنڌ جي حجت آ، لطيف سنڌ جو حجاب آ، لطيف سنڌ جي حڪايت آ، لطيف سنڌ جي حفاظت آ، لطيف سنڌ جو حال آ، لطيف سنڌ جو حاذق آ، لطيف سنڌ جو حڪيم آ، لطيف سنڌ جي حب آ، لطيف سنڌ جو حامي آ، لطيف سنڌ جو همراهه آ، لطيف سنڌ جو هادي آ، لطيف سنڌ جي همت آ، لطيف سنڌ جي هوشياري آ، لطيف سنڌ جي هٻڪار آ، لطيف سنڌ جو همدرد آ، لطيف سنڌ جو داناءُ آ، لطيف سنڌ جو دانشمند آ، لطيف سنڌ جو درد آ، لطيف سنڌ جو درمان آ، لطيف سنڌ جي ديد آ، لطيف سنڌ جو دلير آ، لطيف سنڌ جو داستان آ، لطيف سنڌ جي دانهن آ، لطيف سنڌ جو داد آ، لطيف سنڌ جي ديانتداري آ، لطيف سنڌ جي دلجاءِ آ، لطيف سنڌ جو دلبند آ، لطيف سنڌ جو دوست آ، لطيف سنڌ جو دلاور آ، لطيف سنڌ جو دم آ، لطيف سنڌ جو دلاسو آ، لطيف سنڌ جي دل آ، لطيف سنڌ جي دعا آ، لطيف سنڌ جو فخر آ، لطيف سنڌ جو فقير آ، لطيف سنڌ جو فهم آ، لطيف سنڌ جي فراست آ، لطيف سنڌ جي فتح آ، لطيف سنڌ جي فضيلت آ، لطيف سنڌ جو فياض آ، لطيف سنڌ جي فلاسافي آ، لطيف سنڌ جو فيلسوف آ، لطيف سنڌ جي خوشي آ، لطيف سنڌ جي خوشبو آ، لطيف سنڌ جو خيال آ، لطيف سنڌ جي خبر آ، لطيف سنڌ جي خودي آ، لطيف سنڌي جي خودمختياري آ، لطيف سنڌ جو نظردار آ، لطيف سنڌ جو نگهبان آ، لطيف سنڌ جو نينهن آ، لطيف سنڌ جو ننگ آ، لطيف سنڌ جو ناز آ، لطيف سنڌ جي نزاڪت آ، لطيف سنڌ جو ناتو آ، لطيف سنڌ جي نفاست آ، لطيف سنڌ جو نياز آ، لطيف سنڌ جي نوڙت آ، لطيف سنڌ جي نرمائي آ، لطيف سنڌ جي نهٺائي آ، لطيف سنڌ جي نواڻ آ، لطيف سنڌ جو نانءُ، لطيف سنڌ جو نشان آ، لطيف سنڌ جو پيار آ، لطيف سنڌ جو پيغام آ، لطيف سنڌ جي پريت آ، لطيف سنڌ جي پت آ، لطيف سنڌ جي پڪار آ، لطيف سنڌ جي پارت آ، لطيف سنڌ جو وقار آ، لطيف سنڌ جي واکاڻ آ، لطيف سنڌ جي وصف آ، لطيف سنڌ جو وڏو آ، لطيف سنڌ جو وينجهار آ، لطيف سنڌ جو وجود آ، لطيف سنڌ جي ڪوشش آ، لطيف سنڌ جي ڪاميابي آ، لطيف سنڌ جي ڪامراني ا، لطيف سنڌ جي ڪاوش آ، لطيف سنڌ جو ڪلام آ، لطيف سنڌ جي ڪهاڻي آ، لطيف سنڌ جو قصو آ، لطيف سنڌ جو قرب آ، لطيف سنڌ جي قوت آ، لطيف سنڌ جي جند آ، لطيف سنڌ جي جان آ،  لطيف سنڌ جو جسم آ، لطيف سنڌ جو جذبو آ، لطيف سنڌ جي جهونگار آ، لطيف سنڌ جي ڀلاري ڀٽ جو بادشاهه آ.

هر هڪ انسان جي پنهنجي پنهنجي سوچ، سمجهه ساڃهه ۽ سليقو هوندو آهي، ان ڪري سڀ ڪنهن جي سوچ کي پنهنجي سوچ سان سوچڻ اڻڄاڻائي ۽ اٻوجهائيءَ جي نشاني هوندي آهي.

(وفائي)


 

[40]

خط تنهنجو پهتل هيو مان بروقت توکي جواب نه ڏيئي سگهيس، ڇو ته ٻن ڏينهن ۽ هڪ رات، سکر سونهاري جي سفر تي ويل هوس هن دفعي توکي سفر جي باري  ۾ ٻه اکر لکي رهيو آهيان.

منهنجا دوست! انسان جي سموري زندگي سفر ئي سفر آهي، هونئن به سفر سون قسمن جا هوندا آهن .سفر ساعت جو هجي، پل جو هجي، پهر جو هجي، ڏينهن جو هجي، هفتن جو هجي، مهينن جو هجي، سالن جو هجي، راتين جو هجي، صبح جو هجي، سانجهيءَ جو هجي، سردين جو هجي، گرمين جو هجي، ڪمن جو هجي، ڪارن جو هجي، تفريح جو هجي، تقويت جو هجي، سهنجو هجي، سڻائو هجي، اڻانگو هجي يا اوکو بهرصورت سفر سفر آهي.

اسان جا ڪيترا نوجوان پنهنجي نوڪرين جي دوران دنيا جي مختلف ملڪن ۽ جدا جدا شهرن جا دورا ڪندا، يا سير ۽ سياحت ۽ تفريح لاءِ ويندا رهيا آهن، تن نوجوانن پنهنجي سفرنامن کي قلمبند ڪري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايا آهن ۽ انهن سفرنامن کي پڙهندڙن ڏاڍو پسند ڪيو آهي ۽ سندن محدود معلومات ۾ به ڪافي اضافو ٿيندو رهي ٿو. هونئن به سفرنامو لکڻ پنهنجي مٿي هڪ وڏو فن آهي، دنيا جا لکين ماڻهو سفر ڪندا رهندا آهن، مگر هڪ حساس دل رکندڙ مسافر جنهن جو قلم سان قرب هجي، اهو ضرور سفر جي دوران ۾ ذاتي ۽ شخصي مشاهدن ۽ منزلن، واقعن ۽ وارداتن کان متاثر ٿي ڪري پنهنجي ذهن تي چٽا نقش قائم ڪري وٺندو آهي، جڏهن انهن کي ڪاغذ جي سيني تي لکڻ ويهندو ته يقيناً اها سندس لاجواب ادبي تخليق بڻجي پوندي آهي. هن حقير فقير کي دنيا جي مختلف ملڪن ۽ جدا جدا شهرن جي سفر ڪرڻ جا سرڪاري توڙي غير سرڪاري موقعا نصيب ٿيندا رهيا آهن. ڪيترا سفرناما قلمبند ڪيا ويا آهن.  انهن کي مناسب موقعن ۽ مهلن مطابق ڪتابي صورت ۾ آڻي سڄڻن جي سامهون پيش ڪيو ويندو. ڪجهه ڏينهن ٿيا ته سونهاري سکر جو سفر لاءِ سانباهو ڪرڻو پيو. معلوم ڪيو ويو ته جهاز سکر ڏانهن 7 بجي روانو ٿيندو ۽ مسافرن کي 6 بجي ايئرپورٽ تي پهچڻو آهي، ٻنهي طرفن جي ٽڪيٽ حاصل ڪئي وئي. بهرصورت پرهه ڦٽي پرڀات جي پياري ساعت جو سنبرڻو پيو، جيڪي مسافر سفر ۾ سامان گهٽ کڻندا آهن. اهي پهرين پتڻ وڃي پار پوندا آهن. جن مسافرن کي گهڻي سامان کڻڻ ۽ رکڻ جي عادت هوندي آهي سي مسافر سفر ۾ هميشه ئي سامان جي، سار سنڀال ۽ ان جي گڏ ڪرڻ ۽ کڻڻ جي سورن سختين ۾ سوگها ٿي ويندا آهن.  جيئن بار ۽ بندشون گهٽ تيئن وکون واٽ ڏانهن وڌنديون رهنديون آهن ۽ جيئن بار گهڻو تيئن پير هلڻ کان هيڻا. سفر ۾ سامان صرف ايترو کڻڻ گهرجي جو ڪٿي به ڪنهن به وقت ڪنهن جو محتاج نه ٿيڻو پوي. هٿين خالي ايندڙ ۽ ويندڙ هميشه ئي هشاش بشاش ۽ هوش ۾ هوندا آهن. سامان سڙو پنهنجو هجي يا پرايو هميشه ئي تڪليفن ۽ طرحين طرحين تعدين جا طور طريقا پيدا ڪندو رهندو آهي. مان پنهنجي نينگر سليم وفائي کي چئي ڇڏيو هو ته مون کي ايئرپورٽ تي ڇڏي اچجاءِ مقرر وقت تي سليم مون کي ڪار تي ايئرپورٽ ڇڏي آيو. ايئرپورٽ جي اختياري وارن جي قائم ڪيل قاعدن ۽ قانونن جي ڪاررواين کان گهڙي پل ۾ آجو ۽ آزاد ٿي اچي مسافرن جي بيٺڪ ۾ ڀيڙو ٿيس.

ستين وڳي حيدرآباد ۽ سکر جي مسافرن کي جهاز ۾ سوار ٿيڻ لاءِ سڏ ٿيو.  مسافر اٿندي ئي وڃي بس ۾ ويٺا ۽ پنجن منٽن ۾ جاتي جهاز بيٺو هو بس وڃي اتي بس ڪيو.  هر هڪ مسافر بورڊنگ ڪارڊ ڏيکاري پنهنجي نمبر واري سيٽ تي وڃي ويٺو. ڪجهه وقت کان پوءِ دروازو بند ٿيو ۽ جهاز جي هلڻ جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا. آهستي آهستي قدم کڻندو وڃي رن وي تي پهتو ۽ اتان اڏامڻ جي ڪيائين. گهڙي پلڪ ۾ هوا جو سينو چيريندو آسمان سان ڳالهيون ڪندو پنهنجي منزل ڏانهن وڌندو رهيو.

ايئر هوسٽيس هر هڪ مسافر کان اخبارن لاءِ پڇندي رهي ته توهان کي ڪهڙي اخبار گهرجي، جڏهن مون کان پڇيائين ته مون کيس چيو ته جنهن زمين تي جهاز بيٺو هيو جنهن زمين کان اڏاميو ۽ جنهن زمين جي آسمان جي فضا ۾ هلي ٿو ۽ جنهن زمين تي لهندو ان زمين جي زبان واري اخبار گهرجي، ايئرهوسٽيس سمجهدار ۽ سياڻي هئي، منهنجي ڳالهه کي سمجهي وئي ۽ هڪدم جهاز ۾ آيل اخبارن جي بنڊلن مان ”هلال پاڪستان اخبار“ کڻي آئي. جهاز ۾ سنڌ جي خوراڪ ۽ زراعت جو وزير به سفر ڪري رهيو هيو.  ڪنهن ماڻهو اٿي وزير صاحب کي چيو ته اسان اوهان سان ملڻ اينداسون. وزير صاحب ان کي چيو ته جڏهن به اچو ته ماني اچي مون وٽ کائجو. هاڻي ملاقاتي ڪڏهن ۽ ڪنهن وقت به اچن مگر وزير صاحب اڳواٽ ئي انهن کي ماني لاءِ چئي ڇڏيو. جهاز پنهنجي پوري وقت تي اچي حيدرآباد جي هوائي اڏي تي پرکوڙيا.

اسان گڏجي هيٺ لٿاسون. مون وزير صاحب کي چيو ته جڏهن اوهان انهن همراهن سان مانيءَ جو ذڪر ڪيو تڏهن آءٌ سنڌ جي ثقافت جي بنياد تي سوچڻ لڳس. سنڌ جي ثقافت صحيح معنيٰ ۾ سخاوت آهي. سخاوت  کان پوءِ سنگت پيدا ٿيندي آهي، سنگت کان پوءِ سياست سرندي چرندي آهي، ان کانپوءِ چوٿين نمبر تي وزارتون هونديون آهن، يعني پهريائين سخاوت پوءِ سنگت ان بعد سياست، چوٿون نمبر وزارت. جنهن جي معنيٰ اسان وٽ وزارتون  چوٿين نمبر تي هونديون آهن. جيڪو وزير اڳين ٽن خاصيتن کان خالي ۽ کوکلو هوندو آهي. اهو صرف وزير هوندو آهي. ٿوري وقت کانپوءِ اسان وري جهاز ۾ سوار ٿياسون جهاز روايتي انداز ۾ اڏامي اچي آرائين ائيرپورٽ تي قدم رکيا ۽ هڪ هڪ مسافر اٿي ڪري لهڻ لڳو.

منهنجي وٺڻ لاءِ جيڪا گاڏي آفتاب نبي صاحب موڪلي هئي ان ۾ سوار ٿي سکر ڏانهن رخ رکيم. منهنجو دوست آفتاب نبي سکر ڊويزن جو ڊي آءِ جي آهي، جنهن سان منهنجو واعدو ٿيل آهي ته جڏهن به سکر آيس ته توهان وٽ اچي رهندس. مهمان ۽ ميزبان لاءِ چيو ويندو آهي ته نه سڀ ڪنهن جو ميزبان ٿجي، ۽ نه وري سڀ ڪنهن جو مهمان ٿيڻ گهرجي، سندس بنگلي تي پهچي ڪري ناشتو ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ کائونس اجازت گهريم ته مان هن وقت گهوٽڪي ويندس. مون کي انهيءَ واعدي تي اجازت ڏنائين ته رات اچي مون وٽ ٽڪجانءِ. مان کيس عرض ڪيو ته رات رهڻ جي معافي ڏيو باقي سڀاڻي اچي حاضر ٿيندس، منهنجي هڪ به نه ٻڌائين مون کان واپس اچڻ جو واعدو وٺي موڪل ڏنائين. گهوٽڪي تعلقي ۾ قومي شاهه راهه جي سڏ پنڌ تي منهنجي عزيزن مخدومن صاحبن جو هڪ ننڍڙو محمد پور نالي ڳوٺڙو آهي. مان يارهين وڳي ڪار ۾ سوار ٿي سکر بئراج تي آيس، بئراج جي پنج گلي کي ياد ڪندو پل جي ٻنهي پاسن تي نظر ڪيم ته درياهه ائين ڏسڻ ۾ آيو جيئن سياري جي سيءَ جي سٽ نه ساري ساهه سڪل هوندو اٿس ۽ اڏ جي صورت اختيار ڪيو بيٺو هوندو آهي. ان کان سواءِ پل جي ٻنهي پاسن کان آبادي ئي آبادي نظر آئي معلوم ائين ٿيو ته ڪيترن سالن کان وٺي درياهه جي لٽ کي اختياري وارن لوئڻ ۽ لاڙڻ کان لنوايو آهي، جنهن ڪري بئراج جا ڪيئي دروازا بيوس ۽ بيڪار ٿي ويا آهن، ۽ درياهه جون راهون ۽ واهون بند ٿي ويون آهن.

بئراج جي پل پار ڪري روهڙي طرف روانا ٿياسون، درياهه جو ڪنارو موسم جو ٺار، واري جا ٻٽار لڳو لڳ وڻڪا جي قطار در قطار واهه جو وڻندڙ نظارو هو. ڪار جي رفتار تيز ڪندي روهڙي وٽان لنگهڻ ٿيو ۽ سنڌ جي مشهور معروف بزرگ شاعرن بيدل ۽ بيڪس جي بيتن ۽ ڪافين ۽ ڪلامن جي قادر ڪلامي ياد اچڻ لڳي. روهڙي پار پوڻ کان پوءِ سنڌ جي وڻندڙ وستن ۽ واهڻن وٿاڻن، وانڍين ۽ ويڙهن کي ڪار لتاڙيندي هوا سا ڳالهيون ڪندي اڳتي ڌوڪيندي منزل ۽ ماڳ ڏانهن وڌندي رهي. ڪلاڪ ڏيڍ جي اندر وڃي محمد پور ڀيڙا ٿياسون. مخدوم ميزبانن وڏي مرحبا ڪئي ۽ دستور موجب حال احوا ل ڏنا ۽ ورتا ويا. منجهند جي مانيءَ  لاءِ ٻوڙ پلائن جي انتظام ڪرڻ لاءِ پنهنجي ماڻهون کي چيائون. مون کين عرض ڪيو ته ٻوڙ پلائن، زردن ۽ چاشنين جا چشڪا رات ڏينهن پنهنجي گهرن ۽ وڏن شهر ن جي دعورتن ۾ پيو ڪندو آهيان، اوهان مهرباني ڪري منهنجي لاءِ لسيءَ لپ ۽ لولي تي ڦٽيءَ جو ڦيرو ڏئي منجهند جي مانيءَ جو انتظام ڪندا ته بهتر ٿيندو. ان نعمت کان وڌيڪ ٻي ڪا به نعمت ڪا نه آهي. باقي ڊرائيور ۽ ٻين همراهن کي جيڪي وڻيوَ سو کين کارايو ۽ پياريو. مانجهاندو ڪري ٽپهري مهل واپس ورڻ جي اجازت گهريم مگر مهربانن موڪل نه ڏيڻ ۽ رات رهڻ لاءِ بار بار پئي چيو. مان کين ضروري ڪمن ڪارن لاءِ چئي اجازت وٺي سکر ڏانهن روانو ٿيس. پوئين پهر جا پاڇا پئجي رهيا هئا مال متاع ۽ پکي پکڻ پنهنجي وٿاڻن ڏانهن وري رهيا هئا. ڏاڍو سهڻو سمون سامهون هو ”وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾“ (شاهه) مال جي چڙن جي چونگار جي چهچٽو چالو هو، گهڙي پلڪ ۾ اسان جي ڪار قومي شاهراه تي قدم رکيا ڪلاڪ ٻن کان پوءِ واپس اچي سکر پهتاسون، آفتاب صاحب منهنجو انتظار ڪري رهيو هو.

آفتاب نبي صاحب کي قديم شين ۽ قلمي ڪتابن گڏ ڪرڻ جو وڏو خفت آهي، جيڪي ناياب شيون کيس حاصل ٿيل آهن، انهن متعلق ڪافي گفتگو ڪندو رهيو.

منهنجو هن آفيسر ۽ عملدار سان صرف ان ڪري تعلق آهي جو هن جو تعلق ڪتابن سان آهي. اسان جي سنڌ ۾ چڱ مڙسي ۽ وڏماڻپي جو دارو مدار آفيسرن ۽ عملدارن جي لنڊي خوشامند تي هوندو آهي. افسوس! مگر هن فقير ڪڏهن به ڪنهن سان سندن عهدي جي ڪري واسطو ۽ وجهه نه رکيو آهي. ماڻهن جا عهدا ايندا ويندا رهندا آهن، ڏسڻو صرف هي آهي ته انسان ۾ پنهنجون بنيادي خوبيون ۽ خاصيتون ڪهڙيون ۽ ڪيتريون آهن. جيڪي ماڻهون عهديدارن سان انهن جي عهدن جي ڪري واسطا رکندا آهن، انهن کي اهي عهديدار چڱي نظر سان نه ڏسندا آهن. ڪافي رات گذري چڪي هئي. پاڻ وڃي آرامي ٿيو، مون کي ڪنهن ڪتاب جي پڙهڻ کان سواءِ ننڊ نيڻين نه ايندي آهي. پيل ڪتابن کي اٿلائڻ پٿلائڻ جي ڪوشش ڪيم ته همايون نامو جيڪو همايون بادشاهه جي ڀيڻ گلبدن بيگم جو لکيل آهي اهو هٿ اچي ويو.  گويا ڄڻ روحاني غذا ۽ ذهني تسڪين، طراوت، تقويت ۽ تازگي نصيب ٿي، مغل خاندان جو باني بادشاهه بابر پڻ وڏو عالم ۽ سخن جو صاحب هوندو هو. بابر بادشاهه جي مادري زبان ترڪي هئي. ترڪي کانسواءِ هو فارسي جو عمدو شعر به چئي سگهندو هو. هن پنهنجي زندگيءَ جا حالات به قلمبند ڪيا آهن، جن کي ”تزڪ بابري“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. بابر بادشاهه جي خود نوشت سوانعمري به تاريخي لحاظ جي ڪري اهم آهي، بلڪه طرز بيان ۽ سادگي ۽ دلنشيني جي سبب کان قابل قدر ۽ دلچسپ آهي. بابر بادشاهه جو پٽ همايون به علم ۽ فضل جو وڏو عاشق هوندو هو هن کي علم نجوم ۽ جاگرافيءَ سان خاص دلچسپي هوندي هئي ۽ڪتابن جي مطالع ڪرڻ، جو ڏاڍو شوق هوندو هوس ۽ هميشه ئي پنهنجي سفر ۾ معياري ۽ معلوماتي ڪتاب سفر جا ساٿي سمجهي ساڻ کڻندو هو. سندس ڀيڻ گلبدن بيگم پنهنجي ڪتاب همايون نامي ۾ ڪافي تاريخي ڳالهيون قلمبند ڪيون آهن، تاريخ جي طالبن کي گهرجي ته اهو ڪتاب حاصل ڪري مطالع ڪن ته بهتر ٿيندو.

جيئن ته منهنجي پئدائش جو شهر سکر سونهارو آهي، آفتاب نبي صاحب جي سمورين سهوليتن، سنجهائن  ۽ سکن جي باوجود به مون کي پنهنجو اباڻو گهر ياد اچي رهيو هو. ساڳئي شهر ۾ پنهنجي گهر هوندي ٻئي هنڌ ڪٿي ٿو آرام اچي سگهي، گويا منهنجو محلن ۽ ماڙين ۾ ماروئي وانگر من ماندو ٿيڻ لڳو، ۽ پکن جي پريت کي ماڙين سان ڪيئن مٽايان، جو فقرو ياد ڪندي سڄي رات خوابن ۽ خيالن ۾ گذري ويئي. اڳواٽ ئي اردليءَ کي چيل هو ته ڪار صبح جو سوير تيار هجي، ڇو ته جڏهن به مون کي سکر وڃڻو پوندو آهي ته آءٌ ضرور پنهنجي والد سائينءَ جن جي مزار تي ختو ڏيڻ ويندو آهيان، منهنجي والد سائين جو آخري آرامگاهه آدم شاهه جو تاريخي مقام آهي. الله تعاليٰ منهنجي والد سائين تي هزارين رحمتون نازل فرمائي، جنهن جي نالي تي هي فقير هن دنيا ۾ هلندو رهي ٿو. ڇو ته پنهنجي ڪا به پوک پوکيل ڪا نه آهي، هي سڀ بزرگن جون ڀلايون آهن، جو انهن جي ٻڌايل ”توڪل علي الله و ڪفيٰ با الله وڪيلا “ جي واعدي تي زندگيءَ جون منزلون طئي ڪندو رهان ٿو. بنگلي تي اچي ضروري ڪاغذ کڻي آفيسن ڏانهن روانو ٿيس. آفيسن جي ڪمن ڪارن مان واندو ٿي واپس آيس.

منجهند جي ماني کائي ٿورو آرام ڪري ساڍي چئين وڳي پنهنجي مهربان ميزبان کان موڪلائي سڌو ايئرپورٽ تي اچي پهتس. جهاز پوري پنجين بجي روانو ٿيڻو هو، جنهن ڪري هو اڏامڻ لاءِ آتو ۽ اٻاهرو هو. پنجين بجي جهاز سکر جي آرائين ايئرپورٽ کي الوداع ڪري ڪراچي ڏانهن قدم کنيا. هڪ ڪلاڪ ۽ ٽيهن منٽن ۾ ڪراچي جي بين الاقوامي ايئرپورٽ تي ڦيٿا اچي ڦيرايائين. منهنجو نينگر سليم وفائي، مقرر ڪيل پروگرام موجب ڪار ڪاهي مون کي وٺڻ لاءِ آيل هو. منهنجا دوست! هي مختصر ٻن ڏينهن ۽ هڪ رات جو سفر خيرخوبيءَ سان ڪري اچي پنهنجي وٿاڻن تي پهتس.

ادب ٽن اکرن جو مجموعو آهي (الف) سان آزادي (د) سان دليري (ب) سان بهادري ۽ بي باڪي.

جيستائين ڪو به ادب انهن ٽنهي اعليٰ ۽ اوچين خوبين ۽ خاصيتن کان خالي ۽کوکلو هوندو تيستائين اهو ادب ڪڏه ن ۽ ڪنهن وقت به پنهنجا صحيح ۽ صاف جرڪيدار جوهر جرڪائي نه سگهندو آهي.

(وفائي)


 

 

[41]

گهڻن ڏينهن کانپوءِ تنهنجو خط پهتو۽ احوال معلوم ٿيو، هن دفعي تو ٻه ٽي سوال پڇيا آهن، خبر نه آهي ته مون کان اهڙا نازڪ سوال ڇو پڇندو رهندو آهين، توکي معلوم آهي ته هي حقير ۽ فقير اسڪولن جي سرٽيفڪيٽن، ڪاليج جي ڊگرين ۽ يونيورسٽيءَ جي سندن کان بلڪل صاف، سکڻو ۽ سڃون آهي. جنهن ڪري مطالع کان محروم ۽ نصابي ڪتابن جي نثر ۽ نظم کان آزاد ۽ آجو.

هونئن به مون کي اڄ ڏينهن تائين علم جي (ع) ادب جي (الف) ۽صحافت جي (ص) جي به سڌ ۽ سڃاڻ ڪا نه آهي. تنهن ڪري هٿ ۾ قلم کڻڻ کان پيو ڪيٻائيندو رهندو آهيان مگر ڪڏهن ڪڏهن قلم کان رندن روڙڻ جي ناڪام ڪوشش به ڪندو رهندو آهيان.

توکي معلوم آهي ته منهنجي ڪا به پوک پوکيل ڪا نه آهي، صرف پنهنجن ڀلارن بزرگن جي نالي تي هن جهان ۾ هلندو رهان ٿو. منهنجا دوست! مان هڪ طالب العلم آهيان جتي به ۽ جنهن به هنڌ تي ڪتاب ۽ قلم، علم ۽ ادب جا آستانا هوندا آهن، اتي نياز ۽ نوٽ، عاجزي ۽ انڪساريءَ سان سر نوائي ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهيان.

طالب العلم جي حيثيت ۾ منهنجو پنهنجو ذاتي رايو آهي ته طالب العلم جو صحيح صاف ۽ سهڻو سرمايو صرف سندس محدود مطالع ۽ معلومات ۾ اضافو ئي هوندو آهي. جنهن ڪري حڪيم لقمان پنهنجي پٽ کي سوين نصيحتن ڪرڻ کان پوءِ جيڪا سچي ۽ صاف نصيحت ڪئي هئي، اها هئي ته اي پٽ! ايمان  ۽عمل کان پوءِ ڪنهن دانشمند ۽ داناءَ دوست جي ڳولها ڪندو رهجانءِ، ڇو ته انسان جي زندگيءَ جو سمورو دارو مدار سندس ذهن، ضمير ۽ زبان تي هوندو آهي، جيڪڏهن ڪو به انسان انهن ٽنهي قدرتي ڏات ۽ ڏانءَ کان ڏور آهي ته هو هميشه ئي ڏکن، ڏولاون ۽ ڏوجهرن ۾ ڏنڀبو رهندو. ادل! انسان عقل کانسواءِ آزار جي اونهي اوڙاهه جي آويڙ ۾ اڙيل ۽ اٽڪيل هوندو آهي.

تنهنجو پهريون سوال آهي راڳ جي باري ۾ دنيا ۾ سون قسمن جا راڳ ۽ رنگ ۽ انهن جا سر ۽ تار، طلب ۽ تنوار، لئي ۽ لطف، مٺ ميٺاس تازگي ۽ تراوت جا طور طريقا بلڪل پنهنجا پنهنجا جدا ۽ مختلف هوندا آهن. انهيءَ موسيقيءَ جي بحر بيڪنار جي پاڙ ۽ پاتال جي ڪنهن ڪنهن کي ڪل پئجي سگهندي آهي. جيئن ته توکي خبر آهي ته اسان جي قومي شاعر لطيف سائين جي جڳ مشهور رسالي ۾ ٽيهه سر آهن. انهن سُرن جي ادائن ۾ ايتريون ۽ ايڏيون ته خوبيون ۽ خاصيتون آهن، جن جو اندازو صرف موسيقيءَ جا ماهر، امام، اڳواڻ ۽ استاد ئي لڳائي سگهندا.

مان هتي رسالي جي پهرين سر جو ڪجهه ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. اهو آهي (سر ڪلياڻ).

ڪلياڻ جي لغوي معنيٰ ۽ مطلب، مقصد ۽ منزل، صرف سک، سڻائي، سهنجائي، سولائي، ثنا ۽ ساراهه شانتي ۽ شڪر، ماحول جو ميٺاس، موسم جو مزو، ٿڌ ۽ ٿانيڪائي گويا دعا ئي دعا آهي.

منهنجا دوست! هي دور ڪمپيوٽر جي ڪمن ڪارن ۽ڪار گذارين جو آهي نه ڪي يڪتاري جي تار ۽ گهڙي ۽ گهاگهر جي گهرڙ گهوٽ ۽ پڪواز جي پرڏاءَ جو. هي دور (ڊسڪي ديواني) جي دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي جنهنڪري تون ڪهڙي زماني جي راڳن جي ڳالهين ڳڻن ۽ڳڻتين ۾ ڳنڍيو ۽ ڳتيو پيو آهين.

سڄڻ! آواز ۽ قلم جو تعلق انسان جي دل جي زخميل سان هوندو آهي، تنهن ڪري ڳائيندڙ ڪيترو به سريلو هجي پر جيستائين زخميل نه آهي، تيستائين ان جو آواز ڪنهن به ٻڌندڙ تي اثر نه ڪري سگهندو ۽ قلم جو مسئلو به ساڳيو آهي، اديب ۽ اهل قلم جيستائين ڦٽيل نه آهي، تيستائين ان جا محققانه معياري ۽ معلوماتي مضمون ۽ مقالا پڙهندڙن تي ڪنهن به قسم جو اثر ڪري نه سگهندا.

هن وقت موسيقيءَ جي محفلن ۽ مجلسن ۾ ڪيترائي راڳ ڳايا ويندا آهن.

هڪ راڳ جي محفل ۾ ڪلاسيڪل يعني پڪي راڳ جو پروگرام شروع ٿيو، گويي – جڏهن پنهنجي رنگ ۾ رنگجي سر ڀيرويءَ کي ڳائڻ شروع ڪيو تڏهن هڪ ٻڌندڙ همراهه روئڻ شروع ڪيو، محفل ۾ ويٺل ماڻهن ۽ ڳائيندڙ ائين سمجهيو ته ڪو راڳ جو وڏو ڄاڻو ۽ سڃاڻو آهي، جڏهن راڳ ختم ٿيو، تڏهن سندس ساٿين روئڻ جي باري ۾ پڇيو ته اي يار راڳ شروع ٿيڻ سان تو روئڻ ڇو شروع ڪيو؟ همراهه جواب ڏنو ته پلٽن وارو پڪو راڳ جڏهن شروع ٿيو تڏهن مون کي ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي، جنهن ڪري روئڻ شروع ڪيم. ان کان سواءِ توکي نهايت ئي مختصر هڪ مجري جي محفل جو نقشو پيش ڪري رهيو آهيان.

ڳائڻيءَ مرزا غالب جي مشهور غزل جو هڪ بند ڳائيندي ۽ ان شعر جو صحيح معنيٰ ۾ نقشو ظاهر ڪندي چيو ته:

نيند اسڪي هي – دماغ اس ڪا هي، راتين اس ڪي هين،

جس ڪي بازو پر تيري زلف پريشان هونگي.

عاشق جي پاسي ۾ ليٽڻ، عاشق کان ڪجهه شرمائڻ ڪجهه نٽائڻ ۽ ڪجهه لنوائڻ جي پوري تصوير پيش ڪندي رهي ۽ ”پريشان هونگي“ وارو فقرو دوباره ٻڌائيندي پنهنجي زلفن کي پنهنجي بازن تي کوليندي ڦٽو ڪندي اهڙي ته وارفتگي ۽ معشوق سان هم آغوشيءَ جي مدهوشيءَ جو عملي نقشو پيش ڪيائين، جو هڪ گڻگ ۽ گهاگهه سرندي پڄندي وارو سرمائيدار تماشبين آپي کان ٻاهر نڪري ويو، جو ڪجهه هيس سو ڳائڻيءَ جي قدمن تي نثار ڪري ڇڏيائين، پر اڳتي وڌي سندس پيرن ۾ ڪرڻ جي ڪوشس ۾ هو ته مجري جي محفل ۽ مجلس جي انتظام ڪندڙن هن کي روڪي پوئتي ڪيو، مطلب ته مجلس ۾ ايترو ته هن حسن جي جادوگراڻيءَ هنگامو برپا ڪري ڇڏيو جو وڌيڪ مجرو جاري رهي نه سگهيو، اهي اٿئي اڄ ڪلهه جي ڳائڻ وڄائڻ جي محفلن ۽ مجلسن جا حال ۽ احوال.

ٻيو سوال تنهنجو پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي سخاوت جو آهي، سڄڻ! اهو نهايت ئي نازڪ سوال آهي جيڪڏهن انهيءَ جو صحيح جواب ڏيو ته ڪيترن نازڪ مزاج همراهن جي طبيعت تي ناگوار گذرندو. جنهن ڪري مان پنهنجي طرفان ڪو به جواب نه ٿو ڏيئي سگهان.

سنڌ جي هڪ بزرگ، اعليٰ اديب، ۽ صحافيءَ جنهن جي دعويٰ ٿيل آهي ته پاڪستان جي قائم ٿيڻ ۾ منهنجو وڏي ۾ وڏو هٿ هيو. ان صاحب پنهنجي مختلف مضمونن ۾ لکڻ فرمايو آهي ته ان وقت صوبي جو وڏو وزير دهليءَ پهچي ڪري دعوت ڏئي آيو  هو ته (بهار) جي ستايلن مهاجرن کي سنڌ ۾ رهايو وڃي  ۽ پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچيءَ ۾ هئڻ گهرجي. سنڌ جي صوبائي خزاني مان ڪيئي ڪروڙ روپيا خرچ ڪري مهمانن جي رهائش لاءِ ڪراچيءَ ۾ نوان ڪوارٽر ٺهرايا ويا. سنڌ جا 3 ڪروڙ روپيا نقد مرڪز جي خزاني ۾ جمع ڪرايا ويا، ته جيئن مرڪزي سرڪار کي هندستان کان بروقت ان جي حصي جي رقم نه ملڻ ڪري مرڪزي ملازمن جي پگهارن روهائڻ ۾ تڪليف نه ٿئي، ڪيترن لکن مهاجرن کي ڪراچيءَ  ۽ سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو وغيره وغيره.

هن صوبي جي مسڪين، مجبور، مايوس، پٺيءَ اگهاڙي ۽ پيٽ بکئي عوام جي خزاني مان خرچ ڪيل ڪروڙين روپين جي رقم ڪيئن نه بيدرديءَ سان برباد ڪئي وئي، اهي پنهنجي مٿي وڏا داستان آهن ۽ ڪڏهن نه ڪڏهن تاريخدان ۽ تاريخ نويس پنهنجي قلم جي زبان سان ظاهر ڪندا رهندا.

منهنجا دوست! ايندڙ وقت ۽ حالتن جو جيستائين اسان صحيح اندازو نه ٿا لڳائي سگهون، تيستائين اسان جا سمورا ڪم  ۽ ڪارگذاريون بي ڪار ۽ بي سود ثابت ٿينديون رهينديون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org