سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: وفائي جا خط

 

باب: --

صفحو :2 

الانا صاحب جا الفاظ

علي نواز وفائي نه رڳو سنڌ جي جڳ مشهور عالم، اديب، صحافي، تاريخدان، تاريخ نويس ۽ لطيف سائينءَ جي شارح، مولانا دين محمد وفائيءَ رح جي فرزند جي حيثيت ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، پاڻ نه رڳو يارن جو يار ۽ قربائتو دوست، وسيع تعلقات جو مالڪ ۽ وسيع المشرب شخص آهي، پر سنڌي زبان جي چند انهن ليکڪن مان آهي، جن جي لکڻ جي چاشني، اکرن جي سهڻيءَ جوڙ ۽ جملن ۾ موسيقي ڀريل اٿس. وفائي تحرير جي ميدان ۾ ڪنهن کا نه به لڪل نه آهي. کيس هڪ عام پڙهندڙ ماڻهوءَ کان وٺي خاص پڙهندڙن جي حلقن ۾ ڀليءَ ڀت ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، هو نه رڳو صحافي آهي پر هڪ خوش البيان اديب پڻ آهي.

هن ڪتاب جو وفائيءَ صاحب عنوان رکيو آهي، ”وفائيءَ جا خط“ جن کي پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿو ٿئي ته اهي رڳو خط نه آهن، پر هر خط پنهنجي جاءِ تي مڪمل طرح تي هڪ الڳ مضمون آهي. هنن خطن يا مضمونن ۾ هڪ پاسي جتي سهڻي اخلاق ڌارڻ ۽ پنهنجي ڪردار ۽ هلت چلت کي سڌارڻ لاءِ نصيحتون آهن، اتي پاڻ ملڪ جي ڀلائي ۽ چڱائي لاءِ رٿون پڻ ڏنيون اٿس، جن تي عمل پيرا ٿي نه رڳو پنهنجي ڪردار کي اعليٰ بنائي سگهجي ٿو ۽ ملڪ مان سماجي خرابين کي دور ڪري سگهجي ٿو پر ملڪ جي مجموعي ڀلي لاءِ به سڀ ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. هنن خطن ۾ هڪ پاسي جتي سنڌ جي ماضي قريب جي تاريخ مان روشن مثال وٺي آندا ويا آهن، اتي هن ڪتاب ۾ اسلامي زندگيءَ جي اڪابرن جي چوڻين ۽ قولن کي به مشعل راه بنايو ويو آهي. هنن خطن ۾ وفائي صاحب جتي سنڌ جي اخلاقيات سان تعلق رکندڙ چڱن قدرن ۽ اعليٰ مثالن جو ذڪر ڪيو آهي اتي سنڌ جي سماج ۾ گهڙي آيل براين کي پڻ ننديو اٿس. هن ڪتاب ۾ وفائيءَ صاحب جتي اسلام جي زرين اصولن کي اڳيان آندو آهي، اتي ادب لکڻ ان کي سنوارڻ ۽ وڌائڻ ۽ ويجهائڻ جون تجويزون پڻ ڏئي ٿو.

بهرحال هي ڪتاب پڙهي مون کي اها خوشي ٿي آهي ته ڪتاب ۾ نه رڳو اعليٰ نقطا بيا ن ٿيل آهن، پر انهن نقطن کي جنهن خوبصورت زبان ۽ شعريت سان ڀريل جملن ۾ بيان ڪيو ويو آهي، ائين هر ڪنهن اديب جي لکڻ جي وس کان ٻاهر آهي. پاڻ نه رڳو علم جو ڀنڊار آهي پر زبان جي علم جو به ڄاڻو آهي.

مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب جتي نوجوانن لاءِ مشعل راه بنيو اتي بزرگن کي سوچڻ تي مجبور ڪندو.

ڊاڪٽر غلام علي الانا

پروفيسر انچارج

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

1 ـ 7 ـ 1982ع

 

رباني صاحب جو رايو

 

چين ۾ اوهان جو ڪتاب ساڻ کنيو آيو هوس، ته سير سفر ۾ جتي موقعو مليو، اتي پڙهندو رهندس. اوهان سنڌ واسين کي خطاب ڪندي، انهن خوبين ۽ خامين جي اپٽار ڪئي آهي، جيڪي انفرادي ۽ اجتماعي زندگي تي اثر انداز ٿي فرد ۽ قوم جي حياتيءَ ۾ تعمير ۽ تخريب جا اسباب پيدا ڪن ٿيون.

عام ماڻهو فقط جاندار جي زندگي گذاري ٿو. (سنڌ ۾ ته اها حقيقت ”جاندار“ بدران ”جانور“ لفظ جي استعمال سان وڌيڪ واضح ٿئي ٿي). ڪي ٿورڙا انسان ٿين ٿا، جيڪي پاڻ سان گڏ ٻين لاءِ سوچين ٿا پر اهي ٿورڙا انسان ئي ماڻهوءَ کي اهو مٿاهون مقام ڏين ٿا، جنهن لاءِ سنڌ جي صوفين فرمايو آهي:

”ملڪن فلڪن سجدا ڪيا ٿئي - واهه مٽي تنهنجو ملهه“

صوفين جي عقيدي موجب انسان جي زندگيءَ جو مقصد هن ڪائنات کي حسين بنائڻ آهي. انگريزيءَ ۾ ضرب المثل آهي ته سهڻيءَ شيءِ کي پسڻ سدائين خوشيءَ جي ڳالهه آهي. جان رسڪن ان ۾ ترميم ڪندي چيو هو ”هائو، پر اها خوشي سڀني لاءِ هڪ جهڙي هئڻ گهرجي.“

عوام لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽پنهنجي حال آهر سچ جي سربلنديءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ عين انسانيت آهي. اوهان کي مبارڪ هجي جو اوهان پنهنجي ليکي اها تند تنواريندا رهو ٿا.

پاڪستان اڃا نئون نئون ٺهيو هو، جو مان پهريون دفعو ڪراچيءَ گهمڻ آيو هوس. موري جي ڀرسان ملڪن جي ڳوٺ جا کيڙا منهنجا يار هئا. رمضان جو مبارڪ مهينو هو. کيڙ ن جي اوهان  سان گهڻي ڏيٺ ويٺ هئي، پر منهنجي ڪا به واقفيت ڪا نه هئي. اسان اوهان جي غيرموجودگيءَ ۾ اوهان جي گهر روزو افطار ڪيو. اتي اوهان جي تصويرن جو البم پيو هو، سو مان ڏسڻ ويٺس.   اوهان جي تصويرن مان اندازو ڪيو ته هي شخص زندگيءَ کي زنده دليءَ سان گذارڻ جي قائل آهي. اڳتي هلي، جڏهن اوهان سان ميل ملاقات ٿي ۽ اوهان جا گفتا، اوهان جا نقل نظير، کل ڀوڳ ڳالهيون ۽ نصيحتون ٻڌم، تڏهن ياد آيم ته منهنجو اندازو صحيح هو.

ادا سائين هر انسان جو پنهنجو پنهنجو مشاهدو آهي. منهنجو ذاتي خيال اهو آهي ته جيسين سنڌ مان جاگيردارانه نظام جي پاڙ ڪا نه پٽبي ۽ انسانن کي اهي حق پلئه نه پوندا جيڪي الله ۽ سندس رسول کين ڏياريا آهن، تيسين سنڌ کي هر ڏاڍو ماڻهو غريب جي واڙي سمجهي ڀيليندو رهندو. سنڌ صدين کان دلوراءِ جي ديهه رهندي آئي آهي، تنهن ڪري سنڌ ۾ وک وک تي لات منات موجود آهن. بت ڀڃڻ بهادرن جو ڪم آهي. پيغمبر جي سنت آهي. اوهان سنڌ جي هڪ ڀلاري بزرگ ۽ عظيم انسان جا نور نظر آهيو. اوهان جي والد مرحوم مولانا صاحب سنڌ ۽ سنڌ لاءِ سڄي عمر جدوجهد ۾ گذاري. اوهان به قلمي ڪاوش سان بت شڪني ڪرڻ گهرو ٿا. منهنجون اوهان کي دلي دعائون آهن.

سڪ سان

غلام رباني آگرو

سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ

سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو

حيدرآباد، سنڌ

20 ـ 8 ـ 1982ع

جڏهن بي اختيار با اختيار سان ملڻ ويندو آهي تڏهن اهو با اختيار ان بي اختيار بيوقوف تي دل ۾ کلندو رهندو آهي، ۽ بي اختيار وري ان بااختيار جي منافقي کي سمجهي ويندو آهي، ته صاحب ڪهڙي نه خوبصورت نموني ۾ ڪوڙ ڳالهائي پاڻ ۽ مون کي دوکو ڏيئي سچ کي شرمسار ڪري رهيو آهي.

(وفائي)

 

   جڏهن  ۽ جنهن وقت به ڪنهن مغرور ۽ متڪبر، بااختيار ۽ بي فيض، غرور جي غبار ۾ غرق ٿيل، فرعون، صفت فرد سان ملو يا ملڻ ٿئيو ته ملڻ وقت ان کي نهايت ئي ننڍڙي ذهنيت وارو ۽ خسيس ماڻهو سمجهي ملندا ته اوهان جو بول بالا ٿيندو.

جيڪڏهن ان جي ظاهر ڏيک ويک ۽ طمطراق جي روب تاب ۾ اچي ويندئو ته پوءِ اوهان جو ميل ميلاپ ۽ ملاقات ڪامياب نه ٿيندي.

(وفائي)

سراج صاحب جو سنيهو

 

برادرم علي نواز وفائيءَ، جڏهن حجت ڪري، پنهنجي نئين ڪتاب ”وفائيءَ جا خط“ تي مهاڳ لکي ڏيڻ جو حڪم ڏنو، تڏهن سچ پڇو ته عجيب مونجهاري ۾ پئجي ويس. هن جي حڪم ٽارڻ جي همت نه هيم ۽ ٻئي طرف پنهنجي ڪمتري ۽ ڪم مائگيءَ جو احساس کائڻ لڳم. بقول وفائيءَ جي، وفائيءَ ۾ پنج اکر آهن، ۽ سراج ۾ فقط چار، سو چئن اکرن وارو پنجن اکرن واري جي ڪتاب تي مهاڳ لکي، سا ڳالهه سيبتي نه لڳي. سو کيس ٽاريندو رهيس. اڄ نه سڀان ڪري، گهڻي ئي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪيم، پر جيڪي دوست برادرم وفائيءَ جا واقف هوندا، تن کي خبر هوندي ته وفائي حجت ڪري ڪو ڪم چوي ته اهو ڪرڻو ئي پوندو. گوٿناٿ جو موقعو ئي نه ڏيندو. هڪ ڏينهن ذڪر ڪيائين ته ڪيترن مهربانن مهاڳ لکي موڪليا آهن، تڏهن خوش ٿيس ته هاڻ ”قعر دريا“ جي ”تخته بندي“ مان نجات ملي ويئي. پر ٻي گهڙيءَ واري اهائي گهر ته ڪتاب سڄو تيار پيو آهي، رڳو تنهنجي ”ٻن اکرن“ (سراج جي چئن اکرن مان الائي ڪهڙا ٻه اکر!) لاءِ سيڙيو پيو آهي. لاچار کي ڀلا ڪهڙو آچار، سو هي ٻه اکر لکڻ ويٺو آهيان. اهي جيڪڏهن اوهان کي نه آئڙن ته وري به وفائيءَ جي دامن کي جهلجو!

وفائي صاحب جو هي ڪتاب خطن تي مشتمل آهي. خط نويسي مشرق جي علم ادب ۾ هڪ اهم صنف آهي. اڳوڻي زماني ۾ خط نويسن کي بادشاهن ۽ راجائن جي درٻارن ۾ وڏي اهميت هوندي هئي. اهي ”منشي“ ۽ ”مير منشي“ خط نويسي ۽ انشاءَ جي فن جي ڪري بادشاهن کي ويجها هوندا هئا. فيضي ۽ ابوالفضل ٻين علمن کانسواءِ انشاءَ ۽ خط نويسي جي فن جي ذريعي اڪبر اعظم جي درٻار ۾ ان مرتبي تي پهتا. وڏن وڏن عالمن ۽ مفڪرن جي خطن ۾ علم جا دريا وهندا هئا، ۽ ڳالهه کي ڳالهه مان کڻندي زباندانيءَ جا اهڙا جوهر ڏيکاريندا هئا جو تاريخن ۾ انهن خطن کي خاص اهميت حاصل ٿيندي هئي. فارسي ادب ۾ خط نويسيءَ کي وڏو مرتبو ان ڪري ئي ڏنو ويندو آهي. خط کي اڌ ملاقات سڏبو آهي، ان ڪري خطن ۾ لکندڙ جي شخصيت سان گڏ، سندس علمي لياقت ۽ سماجي ڄاڻ جي خبر پئجي سگهندي آهي. تاريخ ۾ عالمن جي خطن کي اڃائي وڌيڪ اهميت ان ڪري آهي ته خطن جي ذريعي، اهو ڪجهه ٻڌائي ويندا آهن، جيڪي ٻين تحريرن ۾ لڪائڻ تي مجبور هوندا آهن. اهي خط ڪنهن خاص وقت جي تاريخ جوڙڻ ۾ به ڪارگر ثابت ٿيندا آهن.

علمي، ادبي ۽ سماجي تاريخ، جيڪا هونئن سرڪاري مورخن جي مصلحتن جي نذر ٿي ويندي آهي. غالب جي خطن مان اوهان کي، انگريزن جي غلبي وقت، هندستان ۾ مسلمانن جي سموري معاشرتي تاريخ جون هيٺاهيون مٿائيون، چڱايون مٺايون صاف نظر اينديون. محترم جي ايم سيد جا مختلف عالمن، اديبن، سياستدانن ۽ سماجي اڳوڻن ڏانهن لکيل خط ۽ انهن جا جواب سنڌ جي تاريخ جا اهڙا پهلو اجاگر ڪن ٿا، جيڪي هونئن اونداها آهن. جواهر لعل نهروءَ جا پنهنجا ڌيءُ ڏانهن خط آزاديءَ جي جدوجهد جا ڪيترائي خدو خال واضح ڪن ٿا. انگريزيءَ ۾ هڪڙو دلچسپ خطن جو ڪتاب “Letters of an Indian Judge to an English gentle woman” انگريزن جي شروعاتي دور کان 1930ع تائين واري عرصي ۾ هندستان جي سياسي ۽ معاشرتي تاريخ جو اهڙو خاڪو ٿو پيش ڪري، جيڪو عام تاريخن ۾ ڪو نه ٿو ملي. ان ڪري خط نويسيءَ کي تاريخ ۽ ادب، ٻنهي ۾ وڏي اهميت حاصل آهي.

وفائيءَ جا هي خط سچا پچا خط نه آهن. هن محض خط نويسيءَ جي فن کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، پنهنجي فڪر کي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪرڻ جي همت ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو طريقو، هن مطابق، هڪ دلچسپ طريقو آهي، آسان طريقو آهي ۽ مفيد طريقو آهي. هو ان ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيو آهي، اهو فيصلو اوهان پڙهندڙن ۽ علم دوستن کي ڪرڻو آهي. هن جو مخاطب هرڪو آهي، ۽ ڪو به نه آهي. هن وٽ جيڪو به فڪر آهي، سو هن جو پنهنجو آهي. ان ۾ ڪا به آميزش يا ملاوٽ نه آهي. هن وٽ پنهنجا تجربا آهن، جن کي هو اوهان سان ونڊي ورڇي کائڻ ٿو گهري. ممڪن آهي ته هن جي زبان جي تجنيس حرفي گهڻن کي نه آئڙي پر هن فارسي ادب جي فن انشاء کي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها ڪيتري قدر ڪامياب ڪوشش آهي، سو فيصلو وري به اوهان پڙهندڙن ۽ علم دوستن کي ڪرڻو آهي. آءٌ فقط ايترو ئي چوندس ته:

”محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،

تن جو صرافن، اڻ توريو اگهايو!“

(شاهه)

سراج الحق ميمڻ

ايف/13 بلاڪ -4

ڪهڪشان ڪلفٽن ڪراچي

25-آگسٽ 1982ع

 

جوش صاحب جو جذبو

 

ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾ محترم علي نواز وفائيءَ جو نالو ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. زندگيءَ جي وسيع تجربن ۽ ڳوڙهن مشاهدن کي جنهن جرئت، سچائي ۽ دلڪشيءَ سان وفائي صاحب بيان ڪري ٿو تنهن مان سندس سماجي شعور، چنڊ جي چانڊاڻ وانگر جرڪي ٿو.

وفائيءَ جي تحريرن ۾ خطابت جو انداز عجيب لطف پيدا ڪري ٿو. تجنيس جو ترنم، هم معنيٰ لفظن جو اڻ کٽ خزانو، ڪنهن خيال کي نت نئين انداز سان ورجائڻ جو هنر، حڪمت ڀريل نڪتن کي طنز ۽ مزاح جي چاشنيءَ سان نروار ڪرڻ جو دلڪش رنگ. اهي سڀ خوبيون جيڪڏهن منجهس نه به هجن ها تڏهن به هو فقط پنهنجي زبان جي حسن ۽ اظهار جي خلوص جي آڌار تي ادب ۾ مٿاهون مقام ماڻي سگهي ها.

جيڪڏهن روايت کان باغي ۽ معاشري جي منافقت کان بيزار نوجوان، زندگيءَ جي مسئلن ۾ دلچسپي وٺندو نظر اچي ٿو ۽ جيڪڏهن هو حڪايت کان حقيقت تائين ۽ ذات کان ڪائنات تائين رسڻ لاءِ وفائيءَ جي فڪر اڀاريندڙ لکيتن کان رهنمائي وٺي ٿو ته پوءِ چئبو ته هڪ اديب جي حيثيت سان هن پنهنجو حق ادا ڪيو ۽ ان لاءِ کيس جس هجي.

ٻه سو ڇاهٽ صفحن تي پکڙيل خطن جو هي مجموعو، زندگيءَ جي سچاين کان باخبر مصنف ۽ نوجوانن جي ”نمائندگي“ جي وچ ۾ مڪالمي جو بهترين نمونو آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جي انيڪ مسئلن ۽ معاملن جي اپٽار ڪئي وئي آهي ۽ سماجي خرابين کي پڌرو ڪيو ويو آهي.

وفائي صاحب جي ئي لفظن ۾: ”تون هر هڪ خط ۾ نهايت ئي نازڪ، عجيب ۽ غريب سوال پڇندو رهندو آهين. ڪڏهن عدل ۽ انصاف جا، ڪڏهن امن ۽ امان جا، ڪڏهن دين ۽ ڌرم جا، ڪڏهن عقيدن ۽ اصولن جا، ڪڏهن اخلاق ۽ انسانيت جا، ڪڏهن عشق ۽ محبت جا، ڪڏهن پنهنجائپ ۽پرائپ جا، ڪڏهن طاقت ۽ تونائي جا، ڪڏهن زردارن ۽ زميندارن جا، ڪڏهن هارين ۽ نارين جا، ڪڏهن حقيقت ۽ طريقت جا، ڪڏهن فهم ۽ فراست جا.......... ۽ ڪڏهن حال ۽ مستقل جا. پڙهندڙن کي وڌيڪ وقت تائين انتظار جي آزمائش ۽ اڙائن بدران آءٌ وفائي جي خطن مان ڪي ٿورا مثالي ٽڪرا پيش ڪريان ٿو، جن مان اميد ته خطن جي خوبين جي جهلڪ نظر ايندي.

تجنيس جو ترنم  ۽ طنز جو لطف

هن سڙيل ۽ سڪل سنسار جي سيني ۾ سوين سائين جا سنواريل سود خور سوداگر سٿيا پيا آهن.  ۽ اهي پنهنجي طاقت ۽ لياقت آهر اهڙيءَ طرح ايمانداريءَ سان بي ايماني ڪندا رهن ٿا، جنهن جي انتها جو اندازو لڳائڻ نه صرف مشڪل پر ناممڪن آهي.

سچائيءَ جو اظهار

منافقيءَ جي موذي مرض کان هميشه محفوظ رهڻ جي ڪوشش ڪجانءِ ڇو ته هن دنيا ۾ جيڪي به فتنا ۽ فساد، جنگيون ۽ جهيڙا، مخالفتون ۽ محاذارايون نفرتون  ۽حقارتون ۽ دشمنيون ۽ دغائون ٿينديون رهنديون آهن، تن جو بنيادي سبب منافقي آهي، ڇو ته اهڙي قسم جا ماڻهو جيڪي ساڌن سان به سنمک ۽ پئنجن سان به پورا  هوندا آهن، تن جي پاسي کان به پاسو ڪندو رهندين ته بهتر آهي.

طبقاتي ڪشمڪش

جڏهن به جتي به ٻه طبقا پيدا ٿي پوندا آهن، هڪ کائو ٻيو ڪمائو، اتي لازمي طرح ڪنهن نه ڪنهن ننڍي وڏي انقلاب جو اچڻ ضروري ٿي پوندو آهي، انهن انقلابن کي دنيا جي ڪا به طاقت روڪي نه سگهندي آهي.

پيٽ جو مسئلو

زندگيءَ جا جيڪي به قيمتي قدر قائم ۽ دائم ٿيل آهن، انهن کي تڏهن صحيح معنيٰ ۾ سهڻي ۽ صاف طريقي سان ظاهر ڪري سگهجي ٿو، جڏهن بنيادي طرح انسان جي پيٽ جو مسئلو حل ٿيل هوندو آهي.

وفائيءَ جا نڪتا

·       مڙس ڪڏهن به مانيءَ جي پوئتان نه هوندا آهن پر مڙسن جي ڪڍ ماني هوندي آهي.

·       طاقت هميشه غلط استعمال ڪئي ويندي آهي. جڏهن به ۽ جتي به طاقت صحيح استعمال ڪبي ته ان طاقت کي طاقت نه چئبو آهي.

·       انسان جو بنيادي سرمايو صرف سچ آهي.

·       دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ڏوهه، ڏوراپو ۽ جرم غربت آهي.

·       مٿي نهارڻ کان وڌيڪ هيٺ نهارڻ ۾ تنهنجي ڀلائي ۽ ڀلو ٿيندو رهندو.

·       (ناتجربه ڪار نقاد بابت) ائين کڻي چئجي ته قلم ڪنهن ڌنار جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي.

·       سيٺ نائومل جي باري ۾ آءٌ هتي ڪجهه به لکڻ نٿو گهران، ڇو ته هن وقت هر هڪ اداري ۾ سوين سيٺ نائومل سٿيا پيا آهن.

·       عشق ۾ بيداري جو هجڻ بي ادبي آهي.

·       شل نه ڪنهن با بنياد بي اختيار جو بي بنياد بااختيار ۾ ڪم پوي.

·       ڪڏهن ڪڏهن قدم کڻڻ سان منزل اچي قدم چمندي آهي، ڪڏهن وري ڪيترن مسافرن کي منزل کي پهچڻ کانپوءِ به منزل نظر نه ايندي آهي.

·       هٿ پنهنجو قلم ٻين جو، علم پنهنجو عمل ٻين جو، تاريخ پنهنجي تحقيق ٻين جي، محنت پنهنجي منافعو ٻين جو ۽ نظارا پنهنجا نگاهون ٻين جون، اهڙين حالتن ۾ هڪ داناءُ  ۽دانشمند ماڻهو ڪاڏي وڃي.

·       هر دل درد کان آشنا نه هوندي آهي.

·       هر بااختيار بهادر نه هوندو آهي.

·       هر تعليم يافته، اهل علم نه هوندو آهي.

·       ڪنهن به ماڻهوءَ جي اخلاق جي بلنديءَ کي پرکڻ لاءِ زر، زور ۽ اقتدار بهترين معيار چئي سگهجن ٿا.

·       صحيح زندگي صرف اهائي هوندي آهي جا ملڪ، قوم ۽ ٻين انسانن لاءِ ڪم ايندي رهي، ڪي جيئڻ جي باوجود به مئل هوندا آهن، ڪن جي زندگيءَ تي زندگي فخر ڪندي رهندي آهي، ڪي وري مرڻ کانپوءِ به زنده هوندا آهن.

تحرير ۾ تقرير جو انداز

آهي ڪا تو ۾ لوئيءَ جي لڄ، آهي ڪا تو ۾ لوچ، آهي ڪا تو ۾ سوچ، آهي ڪا تو ۾ سڌ، آهي ڪو تو ۾ سماءُ، آهي ڪا تو ۾ سڪ، آهي ڪا تو ۾ ساڃهه، آهي ڪو تو ۾ سوجهرو ، آهي ڪا تو ۾ سچائي، آهي ڪا تو ۾ صفائي........... جيڪڏهن مٿين خوبين ۽ خاصيتن کان خالي آهين ته پوءِ ٻين جي پچار ڇڏي ڏي ۽ تون پنهنجو پاڻ تي رحم ڪر.

وفائي صاحب، خط نمبر 32 ۾ سچ ۽ ڪوڙ جو جيڪو دلچسپ واقعو لکيو آهي، سو پڙهڻ وٽان آهي، هن وڻندڙ واقعي جو اختصار ڏيئي مان لکندڙ جي دلڪش انداز بيان سان بي انصافي ڪرڻ نه ٿو گهران.

مون کي اميد آهي ته خطن جو هي مجموعو، سنڌي ادب ۾ هڪ شاهڪار جي حيثيت سان هميشه قائم ۽ دائم رهندو.

شيخ عبدالحليم ”جوش“

ڊائريڪٽر انفارميشن

5ـ آڪٽومبر 1982ع ڪراچي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org