سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

باب:

صفحو:13 

چئي نٿو سگهجي ته انهن قصن ۽ داستانن مان هرهڪ ڪهڙي خاص عرصي ۾ اسريو، سواءِ ’ڄام تماچي ۽ نوري‘ جي داستان جي، جنهن جو بنياد ئي بالڪل سمن جي دور ۾ پيو. اهو داستان ڄام تماچي جي حڪمراني واري دور سان وابسته آهي. تاريخي مطالعي جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته ”رڪن الدين شاهه ڄام تماچي بن فيروز الدين شاه چام انڙ“ پهريون ڀيرو سنه 768 هه کان 777 هه (1366-1375ع) تائين ”خيرالدين ڄام توڳاچي“ سان گڏ حڪومت ڪئي. ان کان پوءِ هو نظربند ٿي دهلي ويو ۽ سلطان فيروز شاهه جي وفات بعد سنڌ ۾ موٽي آيو، ۽ غالباً 91/790 هه کان 794 هه (1388-1392ع) تائين حڪومت ڪيائين (1). انهيءَ لحاظ سان نوري ۽ ڄام تماچي جي محبت وارو داستان اٺين صدي هجري (چوڏهين صدي عيسوي) جي آخر جو آهي.

هوشيار ۽ هنرمند ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن نه فقط سمن سردارن جي سخا، سورهيائي ۽ محبت جي داستانن کي نئين سر زنده ڪيو پر انهن کي ’قصہ - خواني جي فن‘ جي لحاظ سان ڳايو، ۽ ڳائڻ خاطر ’ڳاهن‘ کي انهن قصن ۽ داستانن جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻيو. ’ڳاهون‘ سٽاءَ جي لحاظ سان ٻٽيون منظوم مصراعون آهن، جن ۾ قصي جي ڪن خاص نزاڪت وارن موقعن جو مضمون سمايل هوندو آهي. اهو معلوم ناهي ته ’ڳاهن سان ڳالهيون‘ ڪڏهن کان شروع ٿيون، يا ڳاهن سان قصا ڪنهن جوڙيا؛ البت سنڌ جي سگهڙن ۽ راوين جي زباني ايترو معلوم ٿئي ٿو ته اهي ڳالهيون ۽ قصا زباني روايت طور آڳاٽي وقت کان ڀٽن، ڀانن، چارڻن ۽ ٻين سگهڙن راوين جي زباني هلندا اچن، ۽ ننڍا وڏن کان ٻڌندا سکندا اچن. سمن جي سخا، سورهيائي ۽ عشقيہ داستانن بابت ڏهه - پندرهن کن قصا آڳاٽي وقت کان وٺي رائج آهن، ۽ جيتوڻيڪ انهن مان گهڻن جو واقعاتي بنياد غالباً سومرن جي دور ۾ پيو، پر قصہ -- خواني جي فن جي لحاظ سان انهن جا سانچا ۽ قالب سمن جي دور ۾ ئي بنيا. انهن ۾ شامل ’ڳاهون‘ جيڪي اسان کي موجوده دور جي راوين کان ملن ٿيون ۽ جيڪي هنن وڏن کان سکيون، سي سڀئي آڳاٽي وقت جون ناهن: گهڻين ’ڳاهن‘ ۾ لفظن توڙي خيالن جي بيهڪ گهڻو پوءِ جي پئي معلوم ٿئي. خاص طرح اهڙيون ڳاهون، جن جي پهرين يا آخر مصرع جي وچ ۾ قافيو آيل آهي تن مان گهڻيون مڙيئي پوءِ جون چيل آهن. مگر ڪي ڳاهون لفظي سٽاء توڙي معنوي لحاظ سان آڳاٽيون معلوم ٿين ٿيون ۽ غالباً اهي سمن يا سومرن جي دور جون آهن. اسان پنهنجي موجوده تحقيق جي بناء تي ايترو چئي سگهون ٿا ته هيٺيان مثال انهن آڳاٽن ڳاهن جا آهن، جيڪي غالباً سمن جي دور ۾ جوڙيون ۽ ڳايون ويون (1).

سورهين جي سورهيائي بابت ڳاهون

سومرن جي دور ۾ پڻ سمن سربراهن جنگين ۾ پاڻ موکيو. جيئن ته ڄام پونئري گجرن تي ڪاهيو، ۽ ڄام بڙي سمي سامون جهليون ۽ سر ڏيئي سرهو ٿيو. اهڙن بهادرن جي ڪارنامن کي غالباً سومرن جي دور ۾ ئي ڳايو ويو. انهن مشهور جنگي ڪارنامن کان سواءِ. ٻين سورهيه سربراهن جي بهادريءَ جي ڪارنامن کي ڳايو ويو، جن مان ڄام لاکي ۽ ڪارائڙي سمي بابت ڳاهون ڪافي آڳاٽيون معلوم ٿين ٿيون.

ڄام لاکو: سمن مان چام لاکو غالباً آڳاٽي سورهيه ۽ سخي سردار هو، جيڪو سومرن جي دور ۾ ٻارهين صدي عيسويءَ ۾، يا ٻيءَ روايت موجب سومرن جي اوائلي عروج کان به اڳڀرو ڏهين صدي عيسويءَ ۾ ٿي گذريو (2). ’شاهه جي رسالي‘ جي سُر ڏهر ۽ ٻين رسالن ۾ ڄام لاکي جي لوڙهين ۽ ريٻارين تي سندس ڪاهن جو ذڪر موجود آهي (3). لاکو وڏو سرڪش ۽ سورهيه هو: چيائين ته ’جيڪو مون کي منهنجي پيءُ ڦُل جي مرڻ جي خبر سڻائيندو، ان جي زبان وڍائيندس، پوءِ هڪ ڀان حرفت ڪري، کيس هن طرح خبر سڻائي ته:

هڪ ڦُل پَسۡجَنِ واڙيين، ٻئا جي بَٺيين ڌاڻَ

لاکا! آءٌ مهراڻَ، تورِي سُڃو ڪاڇڙو.

[يعني ته (ڦول نالي سان هينئر ڪو ڏسجي ئي ڪونه ٿو، سواءِ انهيءَ جي جو) هڪڙا ڦل (گل) ولين جي وارين ۾، ۽ ٻيا ڦل (ڦلا) بٺين ۾ ڀُڄندي ٿا ڏسجن. مهراڻ مثل پلٽ ۽ پالوٽ ڪندڙ لاکا! هاڻي آءٌ! توکان سواءِ تنهنجو ملڪ ’ڪاڇڙو‘ سڃو آهي]

ڪارائڙو سمو: ڪارائڙو سمو، ڪڇ ۾ گَرڙيي ابڙاسِي جي پِينگهُرَ ڄام جو پٽ هو. هيءُ وڏو سورهيه ۽ هاڻُو هو، ۽ ڪنهن تي به سندس اک ڪانه ٿي ٻُڏي. آخرڪار ان وقت جي ڪڇ جي حاڪم ۽ سندس وزير هڪ سِٽ سٽي جنهن ۾ ڪارائڙو ڪوٽ اندر گهيري ۾ اچي ويو، ۽ ڪوٽ تان وٺي ٽپ ڏنائين ته وڃي هيٺ کاهي ۾ اچي ويو، ۽ ڪوٽ تان وٺي ٽپ ڏنائين ته وڃي هيٺ کاهي ۾ لوهين سيخن جي اُڀن چنجن چوٽين مٿان ڪريو ۽ انگهون چڙهي پيس. مئي پڄاڻا سندس سِر وڍي اماڻيائون، جيڪو سندس ڀيڻ پينگهي ۾ وجهي لوڏيو ۽ پار ڪڍيائين ته:

ڪارايل جي ڪوڏ، مون ننگر سڀ نهارئا

پينگهي پائي لوڏ، سر سمي ڄام جو.

سخي مردن جي سخاوت بابت ڳاهون

سمن سردارن دل کولي سخا ڪئي ۽ ڏڏن کي ڏان ڏنا. ڀٽن ڀانن ۽ چارڻن کي ويتر ورسايائون، جن پنهنجن مربين ۽ سندن وڏن کي ’ڏاتار‘ ڪري مڃيو ۽ مشهور ڪيو. اهڙي طرح سمن سان ’ڏهه ڏاتار‘ مشهور ٿيا: لاکو ڦلاڻي، جکرو اوڍاڻي، هُڻند ٿڌياڻي اوٺو جکراڻي، سپڙ چوٽاڻي، جسودن آگرو، چام وينجهر، وڪيو ڏاتار، راءِ ڏياچ ۽ ڄام ڪرن. ڀٽن ۽ ڀانن انهن ڏاتارن جي قصن ۽ ڪهاڻين کي ڳاهن سان ڳايو، جنهن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا.

ڄام لاکو ۽ سون وهائيندڙ سوداگر: ڄام لاکي جي سخا مشهور هئي. سندس گذري وڃن کان گهڻو پوءِ ڪنهن سالڪ پراڻ درياءکان پڇيو ته:

جهُوني تون پُران“ جڳ ڇٽيهه سنڀرين،

تو ڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پَهِيڙا.

پراڻ جواب ڏنو ته:

لاکا لک لنگهِئا، اُنڙ ڪروڙيون اَٺ

هيم هيڙائو هيڪڙو جو وري نه آيو مون وٽ.

يعني ته لاکا لکين آيا ۽ پڻ انڙڪروڙين آيا، پر ’سون جو سوداگر‘ هڪ ئي مون وٽان مٽيو جو وري ڪونه آيو. چون ٿا ته لاکي جڏهن پراڻ تي منزل ڪئي هئي ته وڻن ٽڻن کي کهنبا ڍڪايائين، پر سون جي سوداگر پراڻ جي ڪنڌيءَ سان وڻن ٻوٽن تي جيڪي سونا ڳهه ٽنگيا سي وري نه لهرايا.

وڪيو ڏاتار: وڪيي ڏاتار کان سومنگ چارڻ اچي ڪُمندائتا پيرون گهريا، جنهن تي وڪيي چيس ته:

انبن لڳي ڪيري، چارين لڳي ڇٽ

ور چارڻ، ماٺ ڪر، جيسين اچي وَٽ.

[ڪيري = ننڍڙيون انبڙيون؛ ڇٽ = پيرن جا ڪي ڇڳا ۽ ٽؤنر يعني اڃان پيرون ڪچڙا آهن، تيستائين ترس جيستائين پيرن جي مند (وٽ) اچي.]

جکرو اُوڍاڻي ۽ اوٺو جکراڻي. ڄام اوڍي جو پٽ ڄام جکرو وڏو سخي هو، جنهن جي باري ۾ ڀٽائي صاحب پڻ چيو آهي ته:

ڏمرجي ته ڏي، پرچي ته پَٽ ڀري

جُنگ جکري کي، ٻئي چڱيون چِت ۾.

سندس اولاد مان ڄام اوٺو ٿيو، جيڪو پڻ وڏو سخي هو. سندس باري ۾ هڪ آڳاٽي ڳاه آهي ته:

اوٺي جي ڏانن، کيهون آبر لڳيون

رَج پيئي راڻين، ڏاتار تِت ڏَٽجي وئا.

هُڻَنۡد ٿُنۡڌياڻي: ڄام ساهڙ جي اولاد مان هڻند ٿُنڌياڻي، مشهور سخي ٿيو، جنهن لاءِ چيائون ته:

ٿڌي ٿڃ ڏناس، سمون ساهڙ پٺ ۾

پڌرو پر کَنڊاس، هُڻند ٿنڌياڻي ٿئو.

عشق ۽ محبت جي داستانن بابت ڳاهون

ڄام لاکو ۽ ڄام اُڍو، سمن جي حڪومت جي دور کان غالباً گهڻو اڳ ٿي گذريا، ۽ سندن محبت جا داستان ”ڄام لاکو ۽ مهر راڻي“ ۽ ”ڄام اُڍو ۽ هوٿل پري“ پڻ آڳاٽي وقت کان وٺي مشهور ٿيا. انهن داستانن کي سمن جي حڪومت واري دور ۾ وڏي چاه ۽ ذوق سان ڳايو ويو. ”ڄام تماچي ۽ نوري“ جي عشقيہ داستان جو بنياد ئي سمن جي حڪومت جي اوائلي دور ۾ پيو ۽ ”بوبنا ۽ جرارڙ“ جو داستان غالباً سمن جي آخري دور ۾ اسريو. انهن مڙني داستانن جي روايتن ۾ ڳاهون ۽ بيت آهن، جن مان ڪي آڳاٽا آهن. هت اسان مثال خاطر ”ڄام اُڍي ۽ هوٿل پري“ جي قصي بابت ڪي اهڙيون ڳاهون ۽ بيت ڏيون ٿا جيڪي ٻوليءَ جي سٽاءَ جي لحاظ سان آڳاٽا معلوم ٿين ٿا ۽ غالباً سمن جي دور جا چيل آهن. ڄام اُڍي جي ڀاڄائي مٿس موهت ٿي پئي پر ڄام اُڍي پنهنجو سيل رکيو. جڏهن ڄام اڍي ملڪ ٿي ڇڏيو، تڏهن وياڪل ڀاڄائي ورلاپ ڪيا ته:

اُتر سيگهون ڪڍيون، ڏونگر ڏمريا

هينئڙو ڦٿڪي، مڇي جيين ساجن سنڀريا!

اُڍي لاءِ هوٿل پريءَ محبت جو اظهارڪيو ته:

اُڍا! تو سين آر، ڪر وسين نه سڀ ڄمار

شل ٿر - ٻاٻيهڙي ٿي مران.

وري چيائين ته:

وساريان نه وسرن، وسرن نه سيڻ

جي نه ٽمن نيڻ، ٿر - ٻاٻيهڙي ٿي مران.

اُڍي ۽ هوٿل پريءَ جي شادي ٿي ته:

رِڻ وَڳڻ ماڍوو، ڇانيو، ڏاڙهون ڊراک *

اُڍو هوٿل پرڻيا، سورج ڀري ساک.

هوٿل کي اُڍي جي يادگيري:

ڇپر توتي چِٽ، وُٺي مينهن نه اُجرن

وري جوين جا مِٽ، نيڻ چتاريا نه چلن.

هوٿل پري نڱامري جو اُڍي کي ڇڏي وڃڻ:

چڙهي پهڻ چڪاس، اُڍي ڪِي ٿي اُتهين

ڦُلين جهڙي نار، ويئي نڱامري نڪري.

اُڍي کي هوٿل جي وڇوڙي جو غم:

پاڻي مٿي پن، جِين ٿو ٻڏي اُپڙي

تِين هوٿل منهنجو من، لوڙهي وڌو لهرين.

هوٿل کي اُڍي جي وڇوڙي جو غم:

ڪاٺِي کاءِ ڪِيُون، جيين سُرو سانگهيڙو ڪري

منهنجو ٽين هِنيوُن اڄ اُڍي کاڌُئو.

سمن جي دور جي ’روايتي ادب‘ جي وڏي ذخيري مان مٿيان ٿورا مثال ڏنا ويا آهن، جيڪي ان دور جي سورهيائي، سخا ۽ محبت جي داستانن سان تعلق رکن ٿا. هڪ حاڪمن ۽ سربراهن جي سخا، ٻيو چارڻن، ڀٽن ۽ ڀانن کي انعامن جي اُميد ۽ ٽيون سنڌي ٻوليءَ ۾ بيان جي قوت ۽ قصہ خواني جي وڌندڙ صلاحيت - انهيءَ ٽنهي روايتي ادب جي ذخيري کي وڌايو ويجهايو. ڀٽن ۽ ڀانن ۽ چارڻن نه صرف انهن قصن ۽ ڪارنامن کي نئين سر جياريو ۽ ملڪ ۾ مشهور ڪيو مگر ’ڳاهن‘ ۽ ’بيتن‘ کي انهن داستانن جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻيو، ۽ انهن کي خاص اهتمام سان ڳايو، ۽ اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ قصہ - خواني جي فن کي اوج تي پهچايو.

ماموين جا بيت

’ماموين جا بيت‘ پڻ سمن جي اوائلي دور جي هن روايتي ادب جي سلسلي ۾ شامل آهن، پر واقعات جي لحاظ سانهي ’نيم تاريخي‘ حيثيت رکن ٿا. هيٺ انهن بيتن تي تنقيدي نگاه سان روشني وڌي وڃي ٿي.

عام روايتن ۾ ڳچ جيترا بيت ’هفت تن‘ (ستن ڄڻن) ماموين انهيءَ منسوب آهن، پر انهن جي سٽاء توڙي معنيٰ مان ظاهر آهي تهڪي گهڻو پوءِ جا آهن. البت هيٺين ٻن بيتن جي مضمون جي اندروني ٽاڻن مان معلوم ٿئي ٿو ته غالباً اهي سومون جي حڪومت جي زوال ۽ سمن جي اوائلي عورج واري وقت جا آهن (1):

1.  هاڪ وهي هاڪرو، ڀڳي ٻنڌ اروڙ

بهه، مڇي ۽ لوڙ، سَمي ويندا سوکڙي.

2.  جِمَ ويهجا ماڙُهئا! ننگر جي آڌار

پُراڻا پَرار، نوان اَڏِجا نِجُهرا.

انهن بيتن جي مضمون کي سمجهڻ لاءِ تاريخي پس منظر کي سمجهڻ ضروري آهي. اندازاً چوٿين صدي هجري جي وچ ڌاري، اروڙ وٽان درياء جي رخ ۾ ڦيرو آيو (1)، جنهن سببان درياء جو مکيه وهڪرو ڦري، بکر وٽان ۽ پوءِ هيٺ سيوهڻ ۽ ٺتي طرف کان ٿيڻ لڳو ۽ اڳئين مکيه درياء هاڪڙي (اڀرندي ناري) ۾ پاڻي گهٽجڻ لڳو. ان بعد ايندڙ ٽن سون سالن ۾ - يعني اٺين صدي هجري (14- صدي عيسوي) جي وچ ڌاري - سڄو درياء پلٽ کائي بکر ۽ سيوهڻ وٽان وهڻ لڳو ۽ هاڪڙي (ناري) جي حيثيت فقط هڪ ’ڦاٽ‘ جي وڃي رهي. انهيءَ ڪري هيٺ پُراڻ ۽ هاڪڙي ڍوري وارا گهڻا پٽ غيرآباد ٿي ويا ۽ ٺٽي وارو پاسو وڌيڪ سرسبز ۽ آباد ٿيو. اهوئي سبب هو جو سيوهڻ ۽ عمرڪوٽ واري سومرن جي مرڪزي اراضي جي شادابي گهٽجي وئي ۽ پڻ سومرن جي مالي حالت ڪمزور ٿيڻ لڳي(2). سمن جي اُسرندڙ طاقت جي مقابلي ۾، سومرن جي پوئين حاڪم همير پٽ دودي کي سلطان فيراز شاهه تغلق جي طرفان ملتان ۽ گجرات جي گورنرن مدد پئي ڪئي، ۽ سنڌ ۾ سومرن جا گهڻگھرا پڻ انهن اميدن تي پئي تڳيا، جيڪي انهن بيتن ۾ ظاهر ڪيل آهن، يعني ته:

1. شال هاڪڙو درياءِ وري ڇوٽ وهي! اروڙ واري ٻنڌ ڄاڻ ڀڳي! پوءِ (ٺٽي-سيوهڻ طرف جي سمن يا سندن سردار) سمي ڏانهن بِهه، مڇي ۽ لوڙهه سوکڙي ٿي ويندا (ڇاڪاڻ جو درياءِ هاڪڙي واري وهڪري مان سِير ڪري وهندو ۽ ٺٽي واري پاسي ايترو پاڻي ڪونه ويندو جو اتي بِهه، مڇي ۽ لوڙهه ٿين.)

2. اي ماڙهئا! (سمن جي نئين وسايل) ٺٽي شهر (جي شاهوڪاري ۽ رونق) جي آسري متان وڃي ان طرف ويهو (جو اتي پاڻي به ڪونه ملندو؛ هاڪڙو درياهه ڄاڻ وريڀرجي وڙهو، انهيءَ ڪري چڱو ائين ٿيندو ته ) پُراڻ جي پريان وڃي پنهنجا نوان گهر اَڏيو (جتي وري وڏيون آباديون ٿينديون.)

سنڌ جي عام روايتن موجب ’ماموين جا بيت‘ سمن جي شروع دور ۾ ، ڄام تماچي جي عهد ڏانهن منسوب آهن. اها روايت مختصر طور هيئن آهي ته ستن درويشن (هفت تن) ڄام تماچي کي ٻڌايو ته: ’سندس تخت هيٺيان جيڪو ناڻي ۽ بخت جو محافظ نانگ آهي، تنهن جو منهن ڦري دهلي ڏانهن ٿيو آهي؛ انهيءَ ڪري لوهو گرز هڻائي ڇڏي ته جيئن نانگ اتان نڪري نه وڃي. پهريائين سندن ڳالهه نه مڃي وئي، پر  پوءِ جڏهن آزمودي خاطر، هڪ ڊگھو لوهو گرز هيٺ ٺوڪي وري ٻاهر ڪڍي ويو ته رت سان ڀرجي آيو. ان جو تعبير اهو ڪيو ويو ته نانگ دهليءَ طرف سُرڻ وارو هو. ۽ اتفاق سان گرز ان جي پڇڙيءَ تي وڃي کتو هو؛ پر وري گرز ٻاهر ڪڍيو ويو ته ان کي آزادي ملي وئي ۽ نانگ دهليءَ ڏانهن هليو ويو. انهيءَ ڪري هتان جي ڄاڻ ڦِٽي، ۽ تخت دهليءَ جي حوالي ٿيندو.

انهيءَ روايت جو بنياد يقيني طور انهن تاريخي واقعن تي آهي، جيڪي سمن جي اوائلي دور ۾ ٿي گذريا. دهليءَ جي سلطانن ۽ سنڌ جي حڪمرانن جي ڪشمڪس چوڏهين صدي عيسوي جي ٽيهاري ڌاري شروع ٿي چڪي هئي. ان بعد سلطان محمد بن تغلق ٺٽي چڙهي آيو، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي سومرن ۽ سمن گجرات جي هڪ باغي ’طغي‘ کي پناهه ڏني هئي. سلطان محمد بن تغلق انهيءَ چڙهائي وقت بيمار ٿي، پنهنجي لشڪر گاهه ۾ ٺٽي کان ڪجھ مفاصلي تي گذاري ويو. ان بعد سلطان فيروز شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي، مگر پهرئين حملي وقت هو پنهنجي ڪمزور حالت سببان ميدان ڇڏي گجرات طرف هليو ويو. پوءِ اتان موٽي اچي ٺٽي کي گهيرو ڪيائين، پر ٺٽي جي ڄام ٻانڀڻيي جي همت ۽ جرئت سببان اڳتي وڌي ڪامياب نه ٿيو. بالاَخر شيخ الاسلام صدرالدين ملتان وارو ۽ مخدوم جهانيان ’جهان گشت‘ اُچ وارو وچان پيا، جنهن موجب ڄام ٻاڀڻيو ۽ ڄام جوڻو سلطان فيروز شاهه تغلق سان گڏجي دهلي ويا؛ پر پويان ملڪ جي واڳ وري به ڄام ٻانڀڻيي جي ڀاءُ ڄام تماچي ۽ ڄام جوڻي جي پٽ ڄام توڳاچي جي هٿن ۾ رهي . انهن واقعن مان ظاهر آهي ته انهيءَ ڪشمڪش جي مڙني معرڪن ۾ سنڌ وارن جو منهن مٿي رهيو ۽ تخت بخت سمن ڄامن جي حوالي رهيا؛ مگر دهلي ڏانهن وڃڻ بعد ڄام جوڻو پنهنجن کان ڦري ويو، انهي ڪري دهليءَ طرفان کيس تقريباً سنه 777هه/1375ع ڌاري سنڌ تي چاڙهي موڪليو ويو ۽ هن اچي تخت تي قبضو ڪيو، ۽ ڄام تماچيءَ کي نظربنديءَ جي حالت ۾ دهليءَ وڃڻو پيو. انهيءَ واقعي کي ائين تعبير ڪيو ويو ته ڄام تماچي راز ڄاڻندڙ ماموين جي صلاح نه مڃي، جنهنڪري بخت ۽ تخت جو محافظ نانگ دهليءَ طرف هليو ويو، ۽ نتيجو اهو ٿيو جو ڄام نظربند ٿي ويو، ۽ ڄام جوڻو دهليءَ جي هڪ تابع جي حيثيت ۾ اچي سنڌ جو حاڪم ٿيو.

اها ’هفت تن‘ ۽ نانگ واري حڪايت ڄام تماچي جي عهد جي واقعن جو پڙاڏو آهي، جنهن کي عام روايت ۾ ٻين بيتن سان ملايو ويو آهي؛ مگر مٿين بيتن جي مضمونن جي اندروني شهادت جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته اهي بيت ’ماموين جي اڳڪٿي‘ نه آهن، بلڪ سمن جي اوائلي عروج وقت، سومرن جي خيرخواهن طرفان اڳين حالتن جي موٽڻ جو تمنائون آهن


(1). ڏسو راقم جو تحقيق مقالو ”سنڌ جي سمن حاڪمن جو سلسلہ حڪومت“ اڳ حوالو ڏنل، ص ص 23-2

(1). تفصيلي مطالعي لاءِ ڏسو لوڪ ادب تجويز هيٺ ’ڳاهن سان ڳالهيون‘ ۽ ’عشقيہ داستان ۽’سورهيائي جي ڪارنامن‘ بابت مرتب ڪيل ڪتابن جا راقم طرفان لکيل مقدما.

(2) . ڪڇ جي روايت موجب لاکو سنبت 976، يعني 9- صدي عيسوي جي آخر ۾ ڄائو، جنهن جي معنيٰ ته ڏهين صدي ۾ ساماڻو:

سنبت نوسؤ ڇاهتر، ٻِيج تِٿي ڪارتڪ ماس

تهن ڏِيهن لاکو جَنمِيو، سورج جوت پرڪاس

(3) . تفصيل لاءِ ڏسو راقم جو لکيل ڪتابڙو ”لاکو ڦلاڻي“، ڇپايل ’سنڌي مجلس‘ سنڌ يونيورسٽي پريس، سنه 1957ع.

* . ٻي روايت: ”رڻ ۾ ڪريو ماڏوو، وڇائي ڏاڙهون ڊاک“

(1) . هنن بيتن جي سٽاء بابت هن ڪتاب جي پهرئين ڇاپي ۾ جيڪي گمان زير بحث آندل هئا، انهن تي نظرثاني ڪئي ويئي آهي ۽ گذريل سالن ۾ وڌيڪ تحقيق ۽ معلومات جي بناء تي ضروري ترميم ڪئي وئي آهي. انهيءَ لحاظ سان موجوده متن کي مستند سمجهڻ گهرجي. عام طور بيتن جي پڙهڻي هن طرح ملي ٿي:

1. هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ

بِهَه، مڇي ۽ لوڙه، سمي ويندي سوکڙي.

2. ننگر جي آڌار، متان ويهجو ماڙهئا

پراڻا پرار، نوان اڏجئو نجهرا.

ٻولي مان ظاهر آهي ته اها پڙهڻي هن پوئين دور جي آهي. حڪايت مطابق اهي بيت ساموئي يا ٺٽي ۾ پڙهيا ويا، پر لفظ ”ڀڄندي“ ٺٽي جي ٻولي مطابق اهي بيت ساموئي يا ٺٽي ۾ پڙهيا ويا، پر لفظ ”ڀڄندي“ ٺٽي جي ٻولي مطابق ناهي. جدا جدا روايتن ۾ ’سمي ويندي سوکڙي‘ ’سمي ايندي سوکڙي’ توڙي ’سمي ايندا سوکڙي‘ فقرا ملن ٿا، حالانڪ معنيٰ جي لحاظ سان سڀني جو مقصد ساڳيو آهي.

’هاڪڙي جي وري وهڻ‘ واري روايت اسان کي بهاولپور واري ڀاڱي مان پڻ ملي ٿي. اتي ’مروٽ‘ جي قديم قلعي جا حاڪم سومرا هئا. انهن کان پوءِ ’سوڍا راءِ‘ اتي جو حاڪم يا امير ٿيو. سومرن جي ڪنهن حمايتي هن طرح پنهنجي جذبات جو اظهار ڪيو ته:

هَڪڙا ڦير ڀِي وَسِي، نديان وهَسن سِر

نه ڄايا نه ڄمسي، سوڍا راءِ امير.

(ڏسو مضمون ”اکبر اعطم اور بهالپور: عمرڪوٽ اور مروٽ“، رساله العزيز، بهاولپور، ماه فيبروري سنه 1941ع، ص 38).

(1) . اروهڙيءَ لڳ سنڌو درياءَ ۾ هڪ ننڍڙي ٻيٽ اندر ’خواجه خضر‘ جي درگاهه جي الهندين ديوار ۾ هڪ سر لڳل آهي، جنهن تي فارسيءَ ۾ ’ڪتبو‘ لکيل آهي، جنهن ۾ ”درگاهه عالي“ مان سنه 341 هجري ملي ٿو.ان ڪتبي جو فوٽو ڇپجي چڪو آهي (ڏسو: ڪزنس جو ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“، ڪلڪته 1929ع، ص 145). ڪتبي جي مضمون مان اهو گمان ڪڍيو ويو آهي ته شايد اهو سنڌو درايءَ جي رخ بدلائڻ جو يادگار آهي. ڏسو: ميجر راورٽي جو ڪتاب ”سنڌ جو مهراڻ“ ص 492)، تاريخ جي ماده وارو فارسي بيت يقيني طور پوءِ جو آهي، پر ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪنهن آڳاٽي ’ڪتبي‘ جي جاءِ تي هڻايو ويو هجي. 1944ع ۾ اهو ڪتبو راقم پاڻ ڏٺو هو، پر 1955ع کان وٺي درياء جي چاڙهه سببان اها درگاهه ٻڏڻ لڳي ۽ شايد پوءِ اهو ڪتبو پڻ ضايع ٿي ويو.

(2) ’تاريخ طاهري‘ مان پڻ انهيءَ حقيقت جي تصديق ٿئي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org