سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

باب:

صفحو:28 

موجوده ڄاڻ موجب، ٻارهين صدي هجري (18- عيسوي) جي شروعات کان وٺي ڪن عالمن ۽ استادن ، علمي ۽ تعليمي مقصدن خاطر ’سنڌي لغات‘ کي وڌيڪ وسيع مطالعي هيٺ آندو. هن سلسلي ۾ سندن لکيل ڪتابن مان ڪن جو هيٺ مختصر طور ذڪر ڏجي ٿو.

1- نظام الدين جو ڪتاب ’انيس انجمن‘. درٻيلي جي عالم نظام الدين بن عبدالرزاق، فارسي صرف بابت ’شمع انجمن’ نالي هڪ تفصيلي ڪتاب لکيو، جنهن جو سنه 1122هه (1710ع) ۾ ’انيس انجمن‘ جي عنوان سان اختصار ڪيائين. هن اختصار جي پهرئين باب ۾ زمانن، فعل جي گردانن ۽ مصدرن جو بيان آهن. باب ٻئي ۾ فارسي اسمن جو سنڌي ۾ الف - بي وارو ترجمو ڏنل آهي: پر جئن ته مصنف جو مکيه مقصد ’سنڌي لفظ‘ آهن، انهيءَ ڪري ’الف - بي وارا‘ وارو اصول به ’سنڌي لفظن‘ سان لڳايو اٿس ۽ نه فارسي لفظن سان؛ يعني ته ’الف‘ جي باب هيٺ، معنيٰ طور، اهي سنڌي لفظ آندا اٿس جيڪي الف سان شروع  ٿين ٿا. مثلاً

فارسي لفظ            سنڌي لفظ ’الف‘ سان

 افسانه                 آکاڻي

روده                    آنڊرو

انب                    آمُون

شِکنبہ                 اوجهري

بُکاءُ                    اوڇنگار

غُنودن                  اوجهرائڻ

دَرز                     اوٽِي

دَلَمل                   آڀون

آبخور                  آنۡهُه

دوغ                    آکُر

سَرماڪ                 اک ٻوٽ (راند)

آونگ                  اُڄٺ (ڇڪو)

افلت                   اڻ - طهريو

قَي                     اٿلڻ

هن سٽاء مان ظاهر آهي ته مصنف ”سنڌي - فارسي لغات“ ئي لکي رهيو هو. ان جي وضاحت هن باب جي آخر ۾ سندس لکيل هيٺين عبارت مان ٿئي ٿي جو ’ي‘ وارا لفظ آندا ئي ڪونه اٿس:

”ياي در (اول) لفظ سندي نمي آيد و هر حرف که در

اول سندي نمي آيد بمکان خود ياد کرده ايم“

يعني ته: ’ي‘ (ڪنهن به) سنڌي لفظ جي شروع ۾ ڪانه ٿي اچي؛ انهيءَ ڪري اهڙا حرف جيڪي سنڌي لفظن جي شروع ۾ نٿا اچن سي پنهنجي جاءِ تي آندا اٿم.“ سنڌي لغت جي مطالعي جي لحاظ سان، مصنف جو هيءُ بيان نهايت اهم آهي ته ڪوبه نج سنڌي لفظ ’ي‘ سان شروع نٿو ٿئي. اهڙيءَ طرح ’ش‘ هيٺ پڻ لفظ ڪين آندا اٿس ۽ ڄاڻايو اٿس ته:

”ڪي حرف اهڙا آهن جيڪي سنڌي لفظ جي شروع ۾ نٿا اچن ۽ اهي هي آهن: ث، ح، خ، ذ، ز، ش، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ق، ي“

ان مان ڪن ٿورن سنڌي لغت جي انهيءَ انوکائي کي، جنهن ڏانهن مصنف ڌيان ڇڪايو آهي، محسوس ڪيو هوندو ته ڪوبه نج سنڌي لفظ ش، ف يا ي سان شروع نٿو ٿئي.

فارسي ۽ سنڌي جي مترادف لفظن جي هي مختصرم مگر پهرين ’فهرست‘ آهي جيڪا ڪتاب ’انيس انجمن‘ ذريعي اسان تائين پهتي آهي. ان جي ٻي خاص اهميت اها آهي جو هن ’فهرست‘ ذريعي نه فقط ڪي انوکا سنڌي لفظ سامهون اچن ٿا، پر ڪن ٻين معلوم سنڌي لفظن جون صحيح معنائون به ملن ٿيون، جئن ته هيٺين مثالن مان معلوم ٿيندو.

(1)   سَراب = اُوڃ. عام طرح سنڌي لفظ ’رُڃ‘ آهي، پر معلوم

ٿيو ته ’رڃ‘ کي ’اوڃ‘ به چئبو. ڪن آڳاٽن سنڌي بيتن ۾ آهي ته: ’عقل ات اوڃون ٿيو، هو هليا سامهون هوءِ‘ - اوڃون ٿيو يعني ته عقل رهنمائي نه ڪئي، بلڪ رُڃ مثل ڌوڪو ڏنائين. عام طرح انهيءَ مصرع جي پڙهڻي: ”عقل ات اوڇون ٿيو، هوءِ هليا سامهون هوءِ“ آهي، مگر غالباً وڌيڪ صحيح لفظ ’اوڃُون‘ آهي.

(2)  سکتہ = اوهاريو. لفظ ’اوهاريو‘ معلوم آهي: ”ڪو چوي

اوهاريو ۽ ڪو چوي سِرسام آ“ (اصغر) . مگر ’اوهاريو‘ جي معنيٰ فارسي ۾ کولي سمجهائي آهي. اهڙيءَ طرح ڪي ٻيا لفظ جيڪي اڳ اسان کي معلوم آهن، پر هن ’فهرست، ذريعي (جنهن جا اصل نمبر هيٺ لفظن آڏو آندا ويا آهن) انهن جي معنيٰ جي تصديق ٿئي ٿي. جئن ته (4) هدف = آچم. لفظ ’آچام‘ سنڌي شعر ۾ آيو آهي، پر معلوم ٿيو ته آچم توڙي آچام ٻنهي جي معنيٰ آهي نشان. (10) شڪار = آهيڙو. اسان کي معلوم آهي ته آهيڙي معنيٰ شڪاري، پر هاڻي معلوم ٿيو ته شڪار کي ’آهيڙو‘ چئبو. (12) ”اڌ ٻنڌ“ لفظ اسان کي معلوم آهي ”ڪن اڌو ٻنڌ انگيون مارو منهنجا مير“. پر هن فهرست ذريعي يقيني طور معلوم ٿيو ته ’اڌو ٻنڌ‘ معنيٰ ساڙهيءَ مثل يڪو ڪپڙو جيڪو اڌ هيٺ ۽ اڌ مٿي ٻڌجي. (22) پاٻوهه = تبسم. لفظ پاٻوهڻ ۽ پاٻوهه اسان کي معلوم آهن پر هاڻي تصديق ٿي ته: پاٻوهه = مشڪڻ.

(3)    ڪي سنڌي الفاظ اهڙا آهن جيڪي اڳ وڌيڪ استعمال

ٿيندڙ هئا، مثلاً (9) ايرائون = ڪدو. (11) اول = مخالف حاڪمن جا ماڻهو جن کي ضمانت طور پاڻ وٽ رکجي. نادر شاهه، سنڌ مان ميان محمد مراد ياب، ميان غلام شاهه ۽ ڄام نندي ٽالپور کي ’اول‘ ڪري وٺي ويو هو. (21) ٻِروُن = ٻُلهڻ. (22) ڇاڱو = ڦاڙهو (شاخدار سڱن وارو). (34) پَريو = پوڙهو. مضمون نويسي ۽ عبارت آرائي (انشاء) جي سکيا بابت منشي جامع ڪتابڙو لکيو (1) جنهن ۾ هڪ نئين سکندڙ کي فن انشاء جي تعليم ڏيڻ خاطر عبارت - نويسي جا الفاظ، اصطلاح ۽ محاورا گڏ ڪيل جنهن ۾ هم معنيٰ سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن ذريعي ذهن نشين ڪرايو ويو آهي: يعني ته فارسي ۾ انشاء جي تعليم سنڌي ذريعي ڏنل آهي. فارسي لفظن جي معنيٰ سمجهائڻ لاءِ هيٺينءَ طور هم - معنيٰ سنڌي لفظ آندل آهن.

گذران = حال چال              ظرف = ٿانءُ

پيوستہ = لڳل        تمهيدات =سانباها

دوستار = ڀُتار         واڙگون = ابتڙ 

جنبيدن = لُڇڻ                دار = سُورِي، ڪالُورُ

رفتنيها = پنڌ         لرزه = ڏڪڻي

کد خدائي زن = پرڻہ (پرڻو)   بدل = مٽجڻ

کش مکڻ = ڇڪتاڻ  نيام = مياڻ

خسوف = چنڊ گرهڻ   مَشرب = تڙ

مَجمع = ميڙ          نمونه = وَڻِڪ

معهد = گُجي         بلندي = چوٽي

مِحَک = ڪسوٽي            هالہ = پِڙُ _چنڊر جو)

تعلق = لاڳاپو         سُبکسار = هلڪو

                        مَجۡمَر = ڊَهو، بٺي

3. آخوند عبدالرحيم عباسي جي ”جواهر لغات سنڌي اڪيچار“. آخوند عبدالرحيم ولد محمد وفا عباسي هيءَ لغات يقيني طور 70- 1269ه (54-1853ع) وارن سالن کان اڳ لکي، ڇاڪاڻ جو انهن سالن ۾ سنڌي الف - بي واري تختي سرڪاري طور مقرر ٿي چڪي هئي؛ پر آخوند عبدالرحيم ان تختي کان جدا صورتخطي واري الف - بي استعمال ڪئي آهي ۽ سنڌي لفظ به ان موجب الف - بي وار ڪري لکيا اٿس. هن تصنيف جي اها خصوصيت آهي جو هڪ ته سنڌيءَ ۾ هيءَ پهرين آڳاٽي ۾ آڳاٽي ۽ پوري الف - بي واري لغات آهي، ۽ ٻيو ته هن ۾ سنڌي لفظن جون معنائون فارسي ۾ ڏنل آهن. انهيءَ لحاظ سان، مصنف سنڌي لغات کي سمجهائڻ لاءِ فارسي زبان کي ذريعو بنايو آهي. جيتوڻيڪ ’جواهر لغات‘ جي شروع ۾ ڏنل صرف - نحو واريون ڪي سمجهاڻيون توڙي ڪن لفظن جون معنائون صحيح ناهن، تنهن هوندي به سنڌي لغات جي سلسلي ۾ هيءُ پهريون اعليٰ علمي ڪارنامو آهي.

عالمن طرفان لغت نويسي جو هيءُ ساڳيو سلسلو هن دو ربعد پوءِ به جاري رهيو جنهن جا مثال هيٺيون تصنيفون آهن.

4- آخوند محمد حسن سانوڻي جو ڪتاب ”حسن الفوئدواحسن تعليم الصبيان“. هالن پراڻن جي عالم ۽ استاد آخوند محمد حسن سانوڻي هي ڪتاب خاص طرح تعليم ۽ تدريس ۾ آساني خاطر تصنيف ڪيو ۽ تاريخ پهرين رمضان سنه 1293هه تي کي پورو ڪيو. مقصد هو ته جئن سنڌي ذريعي فارسي لفظن جون معنائون آساني سان سمجهه ۾ اچن. راقم جيڪو قلمي نسخو ڏٺو سو ڪتاب جو ڄڻ اوائلي مسودو آهي جنهن ۾ الفاظ ’الف - بي وار‘ نه بلڪ بنان ترتيب جي قلمبند ٿيل آهن. هي سنڌي لغات جو هڪ چڱو وڏو ذخيرو آهي، جنهن مان ڪن سنڌي لفظن جي ماهيت ۽ معنيٰ وڌيڪ چٽائي سان معلوم ٿئي ٿي. مثلاً

نرغول =       نربانڀ (جانور)

ممول =        ملهالي (پکي)

خَرِتُن =        ٻِرُو (يعني ٻِرُون يا ٻُلهڻ جانور)

محصول = رائُڙ (جيڪو حاڪم، حقي توڙي ناحقي وٺي)

دَلمل =        اَڀون

دَلمل نيم پخته =     ڏڌور آڀون (’ڏڌور‘ جي لحاظ سان خاص نالو’ڏڌڙي‘ مٽرن جي)

نيلوفر =               ڪُوڻِي

5- عبدالغفور همايوني صاحب جو ’الفاظ اَدوِيہ‘، طب جو علم ۽ شعل سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي عام مقبول رهيا ، جنهن ڪري جڙين ٻوٽين ، ڊرڀن ۽ دوائن جا نالا پڻ سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي رائج ٿا 40 صدي هجري (10- عيسور ۾ عبدالوهاب فزاري ۽ 5- صدي هجري (11- عيسوي) ۾ ابوريحان بيروني پنهنجن ڪتابن ۾ جڏهن جڙين ٻوٽين ۽ دوائن جا سنڌي نالا پڻ نائون. ان وقت گذرڻ سان، سنڌ ۾ غالباً طبي علم ايترو اوج تي نه رهيو جنهنڪري سنڌي ۾ طبي نالا به ايترو عام رائج نه رهيا ۽ اڪثر عربي فارسي نالن کان ڪم ورتو ويو. هن پوئين ويجھي دور ۾ سنڌ جي بيبن وري سنڌي لغات طرف توجھ ڪيو ۽ ’فرهنگ جعفري‘ جهڙن ڪتابن ۾ جڙين ٻوٽين ۽ دوائن جا سنڌي نالا به آندا ويا. همايوني صاحب جو ڪتاب ’الفاظ ادويہ‘ (’دوائن جا نالا‘) انهي ڪري اهم آهي جو مصنف هيءَ ڪتاب لکيو ئي انهي ڪري ته جيئن عربي ۽ فارسي نالن سان گڏ دوائن جا سنڌي نالا به معلوم ٿي سگھن. شروع ۾ ڄاڻايو اٿس ته: ”ڪن مصجفن (طب جي ) عربي، يوناني ۽ فارسي لغات کي هندي (اردو) ۾ ترجمو ڪيو آهي، مگر سنڌ وارن کي ان مان ڪو فائدو ڪونه ٿو پهچي. باوجود انهيءَ جي اڄ تائين ڪنهن اها ڪوشش نه ڪئي آهي جو فارسي، يوناني لغات لغات کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪن ته جيئن هت عام فائدو ٿئي. انهيءَ ڪري ڪن سڄڻن جي تقاضا تي، جيڪي شال سلامت هجن، هن فقير حقير هن ڪم ۾ اڳتي قدم وڌايو آهي.“

همايوني صاحب جي هيءَ طبي البت مختصر آهي. ان جي شروعات ’الف‘ سان هن طرح ٿئي ٿي:

آرغيس = هي ’زرشڪ‘ وڻ جي پاڙ آهي جنهن کي سنڌي ۾ به زرشڪ چئجي [راقم کي اهو علوم ڪونهي].

آلسن = هر مل [هر ملو به چون]

آطِر ايلال = هڪ قسم جو گاهه، سنڌي ۾ ’ڪانو پير‘

هن ڪتاب جي آخر ۾ ’ه‘  ۽ ’ي‘ جا لفظ هن طرح آندل آهن:

هيضہ = سنڌي ۾ ’ڏاڪي ‘ جنهن کي عام ’ويا‘ چون

يرقان = ڪامڻ [’سائي‘ به چون]

يرقان = صفر هيڊرو ڪامڻ

يرقان اسود = ڪارو ڪامڻ

 

10.سنڌ جي روايتي ادبي ذخيري ۾ تفصيلي ۽ تخليقي واڌارو

مٿي باب چوٿين هيٺ بيان ٿي چڪو آهي ته سومرن وارو دور قصن ۽ داستانن وارو بنيادي دور هو، جنهن ۾ سسئي - پنهون، سورٺ - راءِ ڏياج، مومل - راڻو، ليلان - چنيسر، عمر - مارئي، مورڙي - مانگر مڇ ۽ دودي - چنيسر واريون ڳالهيون شروع  ٿيون. ان بعد سمن واري دور ۾ نوري - ڄام تماچي جو نئون داستان اُسريو ۽ ڀٽن ڀانن کي انعام اڪرام مليا جن اڳين ڄامن سٻڙ ۽ فکري جي سخا کي ساراهيو، ۽ پڻ لاکي - اوڏڻ ۽ اُڍي - هوٿل پري جي قصن کي نئين سر بيان ڪو. دولهه درياخان - همون راٺوڙ جو داستان سمن جي دور جي بالڪل آخر ۾ اسريو، ۽ پوءِ بڊاماڻي - پنري جو سورهيائي وارو واقعو اغون - ترخانن - مغلن وار دور ۾ ٿيو: اهي ٻئي ڳالهيو (جن ۾ مغلن خلاف واقعن جو ذڪر هو) غالباً مغلن جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ سنڌ جي پنهنجن حڪمرانن ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن جي دور ۾ ڳائجڻ لڳيون، مغلن واري دور ۾ موکي - متارا داستان اسريو ۽ ٽالپورن واري دور ۾ ’سنڌ راڻي - مير باگي‘ جو داستان مشهور ٿيو. پر ڪلهوڙن ٽالپورن واري دور ۾ وڏي اهتمام سان ڳايون ۽ ٻڌايون ويون .. .1990 - 1957ع دوران لوڪ ادب جي تفصيلي مطالعي حڪايتون ۽ منظوم روايتون، گهڻو ڪري 12 صدي (18- صدي عيسوي) کان شروع ٿيو، ۽ ان وقت کان وٺي هن روايتي ذخيري ۾ ’تفصيلي‘ ۽ تخليقي‘ اضافا ٿيا.

(الف) بيان جي تفصيل ۾ واڌارا. هر ڳالهه، قصي يا داستان جي شروعات ڪن ٿورن ٽاڻن ۽ مختصر بيانن سان ٿي، پر جئن پوءِ تئن سگھڙن ۽ شاعرن جڏهن انهن کي نظم يا نثر ۾ بيان ڪرڻ شروع ڪيو ته هر هڪ پنهنجي ٻُڌ سُڌ ۽ ذاتي ذوق مطابق انهن کي ٺاهڻ جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ وڌيڪ تفصيل سان وڌائي وڏو ڪيو. مٿي باب ڇهين هيٺ بيان ٿي چڪو آهي تي پهريائين ارغونن - ترخانن - مغلن واري دور ۾ - ليلان - چنيسر، سسئي - پنهون، عمر - مارئي ، مومل - راڻي جي داستان کي توڙي دودي - چنيسر  کي فارسي نظم يا نثر ۾ آندو ويو. انهيءَ ڪوشش ۽ ڪاوش ۾ ، فارسي داستان - گوئي جي اثر هيٺ، انهن قصن ۽ داستانن جي بيانن ۾ واڌ ٿي. ان بعد 13- صدي (18- صدي عيسوي) کان وٺي جڏهن شاعرن سگھڙن انهن کي سنڌي منظوم بندن ۽ بتن ۾ بيان ڪيو ته انهن کي وڌيڪ تفصيل سان ڳيجھايو ۽ وهڃايو. پڻ هن دور ۾ ڪن ٻاهرين قصن جهروڪ يوسف - زليخا، سڪندر بادشاهه، شاهه بهرام، شيرين - فرهاد، ليليٰ - مجنون، سيف الملوڪ، جمجنہ سلطان وغيره کي، جيڪي اڳ عربي فارسي شعر ذريعي مشهور هئا، هن دور جي سگھڙ شاعرن نئين سر سنڌي منظوم بندن، بيتن ۽ مثنوين ۾ بيان ڪيو. مثلاً:


(1) . راقم جي آڏو ستن قلمي ورقن ۾ سمايل هي ڪتابڙو آهي جنهن تي منشي عبدالرؤف جي مهر لڳل آهي جنهن ۾ سال 1174هه ڏنل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org