سيڪشن: ادب

ڪتاب: ادب ۽ تنقيد

باب:

صفحو:2 

حقيقت ھيءَ آھي تھ نڪو سڄو ۽ نڪو سڄي شعر جو ذخيرو انسان کي بڇڙن اخلاقن تي اڀاري ٿو ۽ نھ ادب ۾ سڄي شعر جي ذخيري مان انسان کي نقصان پھچي سگھي ٿو. البتھ ان کان انڪار ڪري نٿو سگھجي تھ شعر جي ذخيري ۾، ادب ۾ بعض اھڙيون ڳالھيون موجود آھن، جي بي معنيٰ ۽ ناقص آھن. پر ان ۾ ڪو شڪ نھ آھي تھ شعر جي ذخيري ۾ ھڪ وڏو ڀاڱو اھڙو آھي جو قيمتي آھي، جو يونان جي انھن شاعرن جي ڪلام کان گھڻو فائديمند ۽ بھتر آھي، جيڪي ديوي ۽ ديوتائن جي تعريف ڪندا ھئا.

ھن بحث جو ھي نتيجو آھي تھ جيتوڻيڪ ”ارسطو“، ”افلاطون“ جي سڀني اعتراضن جو گھڻي تحقيق سان جواب ڏنو آھي، جنھن مان ثابت ٿو ٿئي تھ ”ارسطو“ جا جواب انساني حياتيءَ جي ترجماني ۽ اخلاقي قدرن جا بھترين ثبوت آھن، پر ان مان ھميشھ جي لاءِ فڪر جا ٻھ مڪتب قائم ٿي ويا آھن. ھڪڙا افلاطوني نظريي جا مڃڻ وارا، جي اڄ بھ موجود آھن، جي شاعريءَ ۽ مصوريءَ کي غير ضروري ۽ لغو سمجھن ٿا.

ٻيا ”ارسطو“ جي نظريي جا مڃڻ وارا، جي شاعريءَ ۽ مصوريءَ کي انساني حياتي جو ترجمان سمجھن ٿا ۽ ان جي افاديت کي مڃن ٿا.

”ارسطو“ کان پوءِ اڄ تائين مغرب ۾ ڪيترا ئي اھڙا محقق ۽ مفڪر پيدا ٿيا آھن، جن ”ارسطو“ جي بنياد تي وڏيون عاليشان عمارتون اڏيون آھن.

عربي حڪيمن جا رايا:

علامه ”شبلي نعماني“ جي چوڻ مطابق اسلام ھڪ اھڙو ڪڪر ھو، جو جنھن سرزمين تي وٺو، تنھن سرزمين جي صلاحيت مطابق ان جي اپت کي وڌائي ڇڏيائين. ھڪ طرف صنعت وحرفت کي ترقي ٿي تھ ٻئي طرف نظم ونسق کي. سلطنت جا نوان نوان اصل پيا ٿيا. معاشيات ومعاشرت، عمل واخلاق، سياست ودفاع، مطلب تھ انساني زندگيءَ جي ھر شعبي جي ضرورتن جو اسلام نئين سر جائزو ورتو ۽ ان جي لاءِ اھڙا قدر مقرر ڪيا جيڪي انساني نسلن جي لاءِ ان وقت تائين ڪارائتا رھندا، جيسين انسان ۾ برائيءَ ۽ ڀلائيءَ جو فرق باقي رھندو، ان ۾ ادب بھ داخل آھي.

ادب جي تعريف ھتي ايترو وڌيڪ وڌائي سگھجي ٿي، جا ھتي نگاھ جي حد تائين نھ آھي، بلڪھ ادب ڪن اھڙن اصولن ۽ قاعدن جو نالو آھي، جي انساني زندگيءَ جي ضرورتن جي قدرن کي ھڪ ٻئي کان ممتاز ڪري سگھن ۽ ھر ھڪ جي لاءِ ھڪ خاص حد مقرر ڪري ڇڏيائين. ٻين لفظن ۾ چئي سگھجي ٿو تھ ادب انھن قاعدن ۽ ضابطن جو نالو آھي، جن مان نظم ۽ نثر جو فرق، صوتيات ۽ حرفن جو مقرر ٿيڻ، لفظن جون صحيح صورتون ۽ ڪلمن جو صحيح حال ۽ جملن ۽ ڪلام جون حدون ۽ افھام ۽ تفھيم جا قاعدا ۽ پنھنجي مطلب کي مخاطب جي ذھن ۾ سولائيءَ سان منتقل ڪرڻ. ڪلام ۾ رڳو ضروري لفظن جي موقعي جي مطابق استعمال ۽ ھڪ لفظ جون مختلف معنائون ۽ مختلف معنائن جي لاءِ ھڪ لفظ تجويز ڪرڻ ۾ وچولي درجي جو انسان ڪامياب ٿي سگھي.

لفظ ”ادب“ اسان کي عربي ٻوليءَ کان مليل آھي ۽ لغت ۾ ھن جي معنيٰ طعام جي دعوت آھي. لفظ ”سادبه“ بھ انھيءَ مان نڪتل آھي، جنھن جي معنيٰ مھماني جو کاڌو آھي. عرب مھمان نوازيءَ کي حسن اخلاق سمجھندا ھئا، تنھن ڪري ادب آھستي آھستي تھذيب ۽ حسن اخلاق جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو. تنھن ڪري الادب اھا اخلاقي قابليت آھي، جا ھر ھڪ ناشائستھ ڳالھھ کان انسان کي روڪي ۽ چڱي روش، دانش وغيره کي بھ چئبو آھي.

آداب جو اطلاق ھر قسم جي علمن ۽ فنن تي بھ ٿئي ٿو يا ان جي ڪنھن دلچسپ ڀاڱي تي. ڪنھن شخص يا ڪنھن شخص جي مخصوص قاعدن کي بھ آداب سان تعبير ڪيو وڃي ٿو، مثلا آداب الدرس، آداب القاضي وغيره.

”علوم الادب“ انھيءَ علم کي چيو ويندو آھي، جنھن جي ذريعي ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ تحريري غلطين ۽ لغو کان بچجي.

انھن معنائن ۾ ادب جيتوڻيڪ ھڪ خارجي فعل آھي ۽ طريقن ۽ عادتن جي ھڪ منظم مناظري جو نالو آھي، جنھن جو واسطو مجلس ۽ اجتماع سان آھي، تنھن ھوندي بھ ان ۾ ڪو شڪ نھ آھي تھ ھن مجلسي عمل (دعوت طعام ۽ مھمانداريءَ جي خارجي رسمن) کي ذھني تربيت ۽ ارادي کان ڌار ڪري نٿو سگھجي. مقصد ھي آھي تھ ادب جو پھريون (غير ادبي ۽ غير علمي) مفھوم جيتوڻيڪ گھڻي حد تائين افادي، خارجي ۽ مقصدي ئي ھو، پر ان جي خارجيت بھ داخلي محرڪات کان بي نياز نھ ھئي ۽ بعد ۾ جڏھن ادب کي بيان ۽ اظھار جي ”تحريري ذريعي“ جي مترادف ٺھرايو ويو تھ تھذيب، اخلاق ۽ تزڪيھ نفس جو بنيادي تصور ان ۾ داخلي ڪيفيت جي حيثيت سان لازمي طرح موجود رھيو.

اسلام جي پھرينءَ صديءَ ۾ ئي تعليم جو مفھوم ادب ۾ داخل ٿي ويو. عربي ۽ فارسيءَ ۾ لفظ ”اديب“ معلم جي معنيٰ ۾ ڪم آيو آھي. ادب ۾ اديب جو اھو مفھوم ادب جي خالص، جديد ۽ خاص مفھوم جي رائج ٿيڻ تائين برابر عربي، فارسي ۽ اردو ۾ بھ جاري رھيو آھي.

”نظيري“ چيو آھي:

درس اديب اگر بود زمزمھ مجتبيٰ

جمعھ بھ مکتب آورد طفل گريز پاي را

ھن شعر ۾ ”اديب“ معلم جي معنيٰ ۾ آيل آھي.

”ناسخ“ جو ھڪ شعر آھي:

کيون نھ ھو طفل اشک آواره

کھ معلم نھين اديب نھين

ھتي ”اديب“ علم ادب ڄاڻڻ واري يا سيکارڻ واري جي معنيٰ ۾ آيو آھي.

ناصر جو ھڪ شعر آھي:

اپنڍ علم کو کامل کيا – ساتھھ منطق کڍ ادب حاصل کيا

ھتي لفظ ”ادب“ ٻوليءَ جي علم لاءِ آيو آھي، جنھن ۾ صرف ونحو، لغت، عروض، انشا ۽ معاني وغيره داخل آھن.

فارسيءَ ۾ ادب جون ٽي معنائون سمجھايون ويون آھن: (١) اندازھ وحد ھر چيز نگھ داشتن (٢) اطوار پسنديدھ (٣) علوم عربيھ کھ بدان از خلل در کلام عرب محفوظ باشند.

مثلا صرف ونحو ۽ بيان و معاني. ھتي پڻ ادب جي مفھوم ۾ ذھن ۽ باطن جي ھڪ خاص تربيت ۽ عادتن جو حسن تناسب ۽ سليقو شامل آھي. ظاھر آھي تھ ھن جي اظھار جي واسطي زبان ۽ بيان تي پوري قدرت ھئڻ گھرجي، تنھن ڪري اھي سڀئي علم جن کان سواءِ اھا قدرت حاصل ٿي نٿي سگھي، ادب جي مفھوم ۾ شامل آھن. ”اندازھ وحد ھر چيز نگھ داشتن“ مان مطلب اھا دانائي آھي جا عمدي علم سکڻ لاءِ، بلڪھ اعليٰ تعليم جو لازمي نتيجو آھي، ڄڻ تھ ھي وسيلو ناھي نتيجو آھي.

مٿي ٻڌائي آيا آھيون تھ ادب جو مطلب اھي عربي علم بھ آھن، جن جي مدد سان عربي زبان تي پوري قدرت حاصل ٿئي ٿي. اھا آڳاٽي ۾ آڳاٽي معنيٰ آھي ۽ حقيقت ۾ وڏي اھميت رکي ٿي ۽ اسان جي ھزارن سالن جي ادب ۽ اسلوب جي قديم نظرين جو بنيادي پٿر آھي.

عرب ۽ عجم جي ميلاپ مان عجمين ۾ ھڪ ڳالھھ جو احساس پيدا ٿيو تھ عرب سان ڪلھو ڪلھي ۾ ڏيئي بيھڻ لاءِ ضروري آھي تھ عربي زبان ۾ مھارت حاصل ڪرڻ گھرجي، جنھن جي ڪري انھن سڀني علمن جي ضرورت محسوس ٿي. انھيءَ ڪري ئي لفظ ”ادب“ زبان سکڻ ۽ سيکارڻ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو. ڇھين ستين ھجري ۾ فارسيءَ جي اديبن ۽ انشا پردازن علم ادب کي، علم العربيھ جي قيد کان نجات ڏياري ۽ پوءِ رڳو عربي ۾ نھ پر ھر ھڪ ٻوليءَ ۾ ڪامل مھارت ۽ قدرت، ادب جو مطلب ۽ مقصد مقرر ٿيو. انھيءَ ھوندي بھ ادب ۾ سليقو، شائستگي ۽ حسن اخلاق جو مفھوم تڏھن بھ قائم رھيو ۽ اڄ ڏينھن سوڌو زنده آھي.

عرب مصنفن وٽ ادب جا تيرنھن قسم آھن:

(١) علم لغت (٢) علم خط (٣) علم قرض الشعر (ياد داشت شعر) (٤) علم العروض (٥) علم قافيھ (٦) علم نحو (٧) علم الصرف (٨) علم الاشتقاق (٩) علم المعاني (١٠) علم البيان (١١) علم بديع (١٢) علم محاضرات (١٣) انشاي عنثر.

علامھ ”سخاوي“ جو متاخرين مان ھو، تنھن ادب کي ڏھن قسمن ۾ ورھايو آھي. چوڻ جي لاءِ ”علم ادب“ ڏھن قسمن ۾ ورھايو ويو آھي پر مختلف حالتن ۽ مختلف ٻولين ۾ ادب، علوم طبيعھ کان سواءِ ھر قسم جي تحريرن تي حاوي ھو. انھيءَ ڪري ئي ”ابن خلدون“ لکيو ھو تھ ”ھي علم ايترو وسيع آھي جو ان جي موضوع کي مقرر ڪرڻ مشڪل آھي.“

باوجود ھن جي انھيءَ قول کي قبول ڪندي بھ چوڻو ٿو پوي تھ ادب جي تحصيل ۽ تدريس سان ئي لاڳاپو رکي ٿو. تنھن ڪري بنيادي طرح رڳو انھن علمن يا فنن جو نالو ھو، جن جي مدد سان زبان سکڻ ۾ ايندي ھئي ۽ ان جو اھو نتيجو ٿيندو ھو جو انھن سان شائستگي پيدا ٿيندي ھئي ۽ علم، مجلس ۽ آدابِ معاشرت جي واقفيت حاصل ٿيندي ھئي. انھيءَ لھاظ کان ادب اظھار ۽ بيان جو وسيلو بنيو رھيو ۽ پاڻ اظھار ۾ بيان نھ سمجھيو ويو.

ڪتاب ”خزانت الادب“ ۾ جيڪو ”عبدالقادر بغدادي“ جو لکيل آھي، رڳو صرف ونحو ۽ اشتقاق کي مرڪزي اھميت حاصل آھي، تنھن ھوندي بھ پراڻي تصور جي مطابق ان کي ادب جو ڪتاب چئي سگھبو.

”ابن ولاد“ مصري، ”الاصمعي“، ”ابن الاعرابي“، ”ابن سلام“، ”السجستاني“ ۽ ”جاحظ“ وغيره جن گھڻو ڪري زبان ۽ لغت جي خدمت ڪئي آھي، جنھن جي ڪري انھن صھيح زبان سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، تنھن ڪري انھن کي بھ اديب ڪوٺيو ويو. انھيءَ لاءِ نھ تھ انھن ادب پيدا ڪيو. مطلب تھ ادب جي ھڪ تربيت آھي ۽ ”علم الادب“ انھن علمن جو تحصيل آھي، جن سان اھو تحصيل ممڪن آھي.

مٿي جيڪي ڪي بيان ڪيو ويو آھي، تنھن مان ظاھر آھي تھ ادب کي ”علم“ يا ”علوم“ جو مجموعو سمجھيو ويندو ھو، جنھن جو حاصل ڪرڻ يا پڙھڻ، شائستگي ۽ زباندانيءَ جي لاءِ ضروري ھو. ليڪن ادب ۾ ”تخليق“ جو مفھوم ڪڏھن پيدا ٿيو؟ ۽ جنھن تخليق کي اسين ادب چئون ٿا، انھيءَ تي ڪڏھن لفظ ”ادب“ جو اطلاق ٿيو بھ يا نھ؟ انھيءَ جو جواب ڊاڪٽر عبدالله پنھنجي ڪتاب ”اشارات تنقيد“ ۾ ھيئن ڏنو آھي:

”اھو صحيح آھي تھ علم ادب ۽ فھرست ۾ اسين شاعريءَ ۾ انشا کي موجود ڏسون ٿا، پر منھنجو شڪ آھي تھ شاعري ڪرڻ ۽ انشا لکڻ شايد ادب نھ ھو.“

ٻين جا شعر ياد ڪرڻ ۽ ٻين جي لکيل تحريرن کي تحصيل جو ذريعو بنائڻ ”ادب“ ھو. ”ابن النديم“ جي ڪتاب ”الفھرست“ ۾ ادب جي فنن ۾ افساني ۽ علم نير نجات وغيره کي بھ شامل ڪيو ويو آھي، پر ھتي وري ساڳيو مشڪل اڳيان اچي ٿو تھ شايد ھتي بھ افساني جي تخليق مصنف جي اڳيان نھ آھي. فنون ادبيھ مان ھن جو مطلب رڳو اھي فنون آھي، جيڪي ادب سيکارڻ ۾ مدد ڪرڻ وارا آھن ۽ افسانون بھ زباندانيءَ ۾ معاون ٿي سگھي ٿو. باقي ادب ۾ ”تخليق“ يا ادب پيدا ڪرڻ جو مفھوم ڪڏھن داخل ٿيو؟ قياس ٻڌائي ٿو تھ عباسين جي زماني ۾ معنيٰ بدلجڻ جو عمل واقع ٿي ويو ھوندو، ڇاڪاڻ تھ اعليٰ تحريرن جي مطالعي ۽ تدريس کي جڏھن ادب سمجھيو ويندو ھو تھ قرين قراس آھي تھ اعليٰ تحريرن جي تخليق تي بھ ادب جو اطلاق ٿيڻ لڳو ھوندو، پر دلالت جي بدلجڻ جي صھيح تاريخ مقرر ڪري نٿي سگھجي.

واضح ھجي تھ قديم ادبيات ۾ ادب کي عموما علم سان تعبير ڪيو ويو آھي. ڪن ڪتابن ۾ ادب کي فن ۽ ان جي مختلف شاخن کي ”فنون الادبيھ“ بھ چيو ويو آھي، پر اھي ٻئي اصطلاح فن جي جديد تعريف سان ڪا مطابقت نٿا رکن. پراڻي ورھاڱي جي خيال کان علوم اصل ۽ فنون شاخون آھن، تنھن ڪري علم جو اطلاق اھم ۽ افصل ضابطھ معلومات تي ٿيندو ھو ۽ فن ثانوي درجي جي تحصيل ۽ اڪتساب بابت ھو.

شرعي علمن کان پوءِ ادبي علم، پوءِ طبيعي علم، ان کان پوءِ فنون ۽ پوءِ صنائع جو نمبر اچي ٿو. اھو ظاھر ڪرڻ مان مطلب ھي آھي تھ قديم زماني ۾ ادب جي ڏاڍي اھميت ھئي، پر اھو علم ھو. ان کي ڪڏھن ڪڏھن فن جي حيثيت حاصل ھئي. ان جو طبب ظاھر آھي تھ جڏھن ھي تسليم ٿي چڪو آھي تھ زباندانيءَ جو علم سڀني مجلسي علمن ۽ ادبن جو چشمو ۽ مخزن ھو ۽ ان کي گھڻو ضروري خيال ڪيو ويندو ھو ۽ ان کان سواءِ اھو ثقافت ۽ تھذيب جو وسيلو بھ ھو تھ پوءِ ھن ڳالھھ کي سمجھڻ ۾ مشڪل نھ ٿيڻ گھرجي تھ ان کي بلند تر لفظ (علم“ ئي سان ياد ڪري سگھجي ھا، ڇاڪان تھ فن جي مفھوم ۾ ساختگي، ڪمتري ۽ بنيادي طور تي ذم جي آميزش بھ ملي ٿي. مثلا مڪر وفن ۽ انھيءَ قسم جي ٻين مرڪبات مان ثابت ٿئي ٿو، جنھن جي ڪري ان کي قدرتا فن سمجھي نھ سگھجي ھا.

فن بابت ڏسجي ٿو تھ ان جي اطلاق ۾ وڏو اختلاف ۽ تنوع آھي. ھڪ طرف تھ فن ۾ علم جي ڀيٽ ۾ ادنيٰ ھجڻ جو پھلو ملي ٿو، پر ٻئي طرف شاعريءَ جي ”جوھر لطيف“ کي عموما فن ٺھرايو ويو آھي. ڪن تصنيفن ۾ علم الشعر يا علوم شعريھ جو اھو اصطلاح ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر ان جو مطلب اھي معاون آھن، جو شعر جي سمجھڻ ۾ مدد ڏين ٿا. شاعريءَ بابت آڳاٽن جا خيال مختلف ۽ متنوع آھن. اسان جن آڳاٽن نقادن جھڙوڪ ”المعجم في معايير اشعار العجم“ جي مصنف ”شمس الدين محمد ابن قيس الرازي“، ”چھار مقالھ“ جي مصنف ”نظامي“ عروضي ۽ ڪتاب ”العمده“ جي مصنف ”ابن رشيق“ شاعريءَ بابت پنھنجا پنھنجا تصور پيش ڪيا آھن، پر بنيادي طرح سڀئي شاعريءَ کي فن ۽ صنعت ٺھرائين ٿا.

ادب جي ھڪ ٻي وڏي صنف افسانو آھي. قديم ادبيات ۾ ان جو شمار ادب ۾ ٿئي ٿو، پر عموما انشا جي وسيلي سان ڪن مصنفن ان جي تخيلي عنصر جي سبب ان کي ”فنون ادبيھ“ ۾ شمار ڪيو آھي. پر ان جي ادبي اھميت جو وڌيڪ اعتراف ان وقت ٿيو، جڏھن ان ۾ اسلوب جون خوبيون بھ معلوم ٿيون. افسانھ نويسي ۽ داستان نويسي اديبن جو خاص فن سمجھيو ويندو ھو ۽ بعض قصن جا ڪتاب اسلوب جا عمدا نمونا آھن.

ھيءُ آھي اجمالا ادب جو قديم تصور. ان ادب جو، جنھن جي لاءِ لفظ ”ادب“ استعمال ٿيو ۽ ان ادب جو پڻ جنھن جي لاءِ بين اصطلاحن کان ڪم ورتو ويو. ادب جي قديم تصور بابت ھي مختصر تبصرو آھي.

يورپ جي محققن جا رايا:

يورپ جي محققن جا رايا وري بي طرح جا آھن، جيڪي گذريل ۽ موجوده صديءَ جي ايجادن مان اثر پذير ڏسجن ٿا. البتھ انھن انان جي اڳيان ادب جا رستا کوليا آھن، جي خيالن ۾ وڏا انقلاب پيدا ڪندڙ آھن، جيتوڻيڪ انھن جا رايا بھ ھڪ ٻئي کان گھڻو مختلف آھن، پر تڏھن بھ ھڪ حد تائين علم ادب جي سچي پچي تعريف چئي سگھجن ٿا. ”ميٿو آرنولڊ“ چوي ٿو تھ ”ادب انساني زندگيءَ جو تفسير آھي.“ ”مياڪن“ انھيءَ قول جي چٽائي ھن طرح ڪري ٿو: ”قدرت انسان ۾ جن سرمدي شين کي امانت رکيو آھي، تن جي اظھار کي ئي ادب لطيف چيو وڃي ٿو.“

آئرلينڊ جو مشھور شاعر ”ايٽس“ لکي ٿو تھ ”ادب ۾ ٻوليءَ کي ٻوليءَ جي حيثيت سان نٿو ڏٺو وڃي، بلڪھ فن لطيف جي حيثيت سان ۽ اھو فن لطيف، جو ٻوليءَ جي ذريعي ظاھر ڪيو وڃي ٿو، سو لٽريچر (ادب) سڏجن ٿو.“

”سخاوي“ پنھنجي ڪتاب ”ارشاد القاصد“ ۾ جيڪا ڳالھھ لکي آھي، سا بھ ساڳي معنيٰ ڏئي ٿي. مشھور جرمن فيلسوف ”ھيگل“ چوي ٿو تھ: ”ادب ھڪ تاريخ اھي، جنھن مان ڪنھن ملڪ يا قوم جي وقت بوقت بدلجندڙ تمدن جون لڳو لڳ تصويرون ڏسي سگھجن ٿيون. ادب قومن جي عروج ۽ زوال جو آئينو ضرور آھي.“

”ايمرسن“ چوي ٿو تھ: ”ادب جيڪڏھن ملڪ ۽ وقت جي نازڪ فڪرن يعني اجتماعي خيالن ۽ فڪرن جو حاصل نھ آھي تھ صحيح معنيٰ موجب ان کي ادب چئي نٿو سگھجي.“ ھن مان ھي معلوم ٿيو تھ حسن، خير ۽ حقيقت ٽنھي کي ھڪ آواز بنائي پيش ڪرڻ جو نالو ادب آھي. سڀ کان وڏو اديب اھو چئبو، جو ساڳئي وقت اسان جي ذوق حسن، ذوق فڪر ۽ ذوق عمل کي نھ رڳو آسودو ڪري، بلڪھ انھن ۾ وڌيڪ حرڪت پيدا ڪري. خيال حسن ۽ حسن عمل جو پاڻ ۾ چولي ۽ دامن جو لاڳاپو آھي. ادبيات کي بنان ڪنھن غرض ۽ غايت ھوندي بھ ميلاناتي ٿيڻو آھي. يعني ان ۾ ھڪ دٻيل غايتي ميلان جو ھجڻ ضروري آھي.

قابل اديب قومي عمارت اڏڻ لاءِ ھڪ استاد، معمار يا قابل انجنيئر جو ڪم ڏئي ٿو. ھو قوم ۾ خلق، سچائي ۽ قوت عمل جو روخ وجھي ٿو. انساني جذبن تي وسعت قلب، سھڻي ۽ سنجيدي دماغ ۽ بيان جي وڻندڙ ۽ موھيندڙ طرز سان بحث ڪري، انھن کي اڀاري ٿو. ھن بابت ھي تازو مثال بھ پڙھو: ”سرسيد“ ۽ ”حالي“ جديد اردو ادب جي پھرئين دور جا نمائندا ھئا ۽ انھن جيڪي ملڪ کي ڏٺو، سو انھيءَ موقعي ۽ وقت جي لحاظ ڪري درست ھو، مگر اڳتي ھلي اھو ادب قوم لاءِ ڪارگر نھ ٿيو، ڇاڪاڻ تھ انھن جي روش مذھب جي انڌي تقليد نھ ھئي. جڏھن ”شبلي“ ۽ ”اڪبر اله آبادي“ جو دور دورو ٿيو، تڏھن انھن فرنگ جي تھذيب جي مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ تھ اسان پنھنجي ادبي علم جي بدران مغربي علم سکون ٿا ۽ ان جي پابندي ڪريون ٿا، حالانڪھ ائين ڪڏھن بھ ممڪن ٿي نٿو سگھي. ڇاڪاڻ تھ مغربي زبانن ۽ مشرقي زبانن ۾ ۽ انھن جي تھذيب ۽ معاشري ۾ ۽ نيز انھن جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ ۾ تمام گھڻو فرق آھي؛ رسم ۽ رواج ۽ معاشرت جا طريقا بھ مشرق ۽ مغرب جا جدا جدا آھن. اھو ئي حال اخلاق ۽ روز مره جي گفتگو جو آھي. مشرق ۽ مغرب جون اھي سڀئي شيون ھڪ ٻئي کان بلڪل الڳ آھن. انھن کي ھڪ ڪرڻ جي ڪوشش ملڪ ۽ قوم ۾ بحران ۽ انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آھي. ٻار پنھنجي ماءُ جي پيٽ مان ھڪ قسم جو علم وٺي پيدا ٿيندو آھي، مثلا ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ متاثر ٿيڻ يا سخي ۽ بخيل ٿيڻ وغيره، اھي علم حضوري سڏجن ٿا.

”شبلي“ شريعت جي طرف ۽ ”اڪبر“ شريعت ۽ تصوف جي طرف مائل ھئا. ”اڪبر اله آبادي“ ڪيترن سالن تائين مسلمانن کي ياس جو نغمو ٻڌائيندو رھيو پر اسلامي دنيا انھن مايوس ڪندڙ نغمن ٻڌڻ کان بيزار ٿي پيئي. ھن جون نگاھون ڪنھن اھڙي سخت ھمت ۽ اولو العزم کي ڳولي رھيون ھيون، جيڪو کين مردانگي جي رستي تي آڻي.

”اڪبر اله آبادي“ جو چوڻ آھي:

تمھيڻ کو ناز اڍ نوجوان اس طريقڍ پر

مري اميد تو نغمھ خوشي کا گا نھيڻ سکتي

اھڙي حزنيھ شاعري ھڪ مغلوب قوم کي، جا اڳي ئي پست ھمتي ۽ بي حوصلگيءَ جو شڪار ھجي، تنازع البقا جي جنگي ميدان ۾ ھرگز حوصلھ مند نٿي ڪري سگھي. جيڪڏھن اردو شاعر ”اڪبر اله آبادي“ جي نقش قدم تي ھلي ھا ۽ ان جي ساز مان نڪتل مسئلن جي خوش الحانيءَ ۾ محو ٿي وڃي ھا، يا ان جي تارن مان شڪست دل، شڪست جان ۽ شڪست روح جي اوندوھگين راڳڻي ٻڌڻ تي موھجي وڃي ھا تھ مسلمانن جو مستقبل بھ حال وانگر ترين ڀر ڪريل ڏسڻ ۾ اچي ٿا.

مسلمانن کي ھڪ اھڙي آتشين فطرت نواسنج جي ڀڙڪائيندڙ رجز جي ٻڌڻ جي ضرورت ھئي، جو انھن افسرده رڳن ۾ زندگيءَ جي برق تپان ڊوڙائي ۽ سندن بي حس جس کي، جنھن ۾ جمود جي ٿڌاڻ سمايل ھئي، تنھن ۾ پنھنجي نفس شعلھ بار سان سيماب جھڙي بيتابي عطا ڪري.

وقت جي انھيءَ مذاق ۽ تقاضا ھڪ اھڙو مرد ميدان ۾ آندو، جنھن نشتر ھڻي ستلن کي ننڊ مان جاڳايو ۽ ھٿ ۾ جوھردار ترار ڏيئي، کين جنگ جي ميدان ۾ بيھاري، سرفروشيءَ تي تيار ڪيو. ھن ”اڪبر اله آبادي“ وارو ھمت شڪن پيغام نھ ڏنو. بلڪھ ھڪل ڪري للڪاريو:

عقابي روھ جب بيدا ھوتي ھڍ جوانوڻ ميڻ

نظر آتي ھڍ ان کو اپني منزل آسمانوڻ ميڻ

نھيڻ تيرا نشيمن قطر سلطاني کڍ گنبذ پر

تو شاھين ھڍ بسيرا کر پھاڙوڻ کي چٽانوڻ پر

آ تجھھ کو بتائوڻ ميڻ تقدير امم کيا ھڍ

شمشير وسنا اول طائوس ورباب آخر

انھيءَ ”بانگ درا“ جي حوصلھ افزا آواز جو نتيجو اڄ ”پاڪستان“ جي حصول ۽ مڪمل آزاديءَ جي شڪل ۾ سڄي دنيا ڏسي رھي آھي.

يورپ جي عالمن جا ادب بابت رايا ھيٺ ڏجن ٿا:

”آرنلڊ“ پنھنجي ڪتاب ”ڊسڪورس ان آمريڪا“ ۾ ص٩٠ تي لکي ٿو تھ: ”اھا سڄي معلومات، جا ڪتابن مان حاصل ٿئي ٿي، سا ادب آھي.“

”بروڪ“ پنھنجي تصنيف ”انگلش لٽريچر“ ۾ چوي ٿو تھ: ”لائق مردن ۽ عورتن جي لکيل احساسن ۽ خيالن کي اھڙي نموني سان ترتيب ڏيڻ، جو پڙھندڙن کي خوشي حاصل ٿئي، ادب آھي.“

”نيومن“ پنھنجي ڪتاب ”آئيڊيا آف اي يونيورسٽي“ ۾ بيان ٿو ڪري تھ ”ادب جو مطلب آھي تھ ٻوليءَ جي رستي خيال کي ظاھر ڪرڻ. خيال مان منھنجو مطلب آھي احساس، تخيل، راءِ، دليل ۽ انساني دماغ جي ٻين شاخن سان.“

”جان مارلي“ پنھنجي ڪتاب ”آن دي اسٽدي آف لٽريچر“ ۾ چوي ٿو تھ: ”ادب ۾ اھي سڀ ڪتاب داخل آھن، جن ۾ ڪشادھ دلي، سنجيدگي ۽ دلچسپ طرز بيان سان سچائيءَ جي عادت ۽ نفساني جذبن تي بحث ڪيو ويو ھجي.“

”باسنٽ“ پنھنجي تصنيف” ڪمپريٽؤ لٽريچر“ ۾ چوي ٿو تھ: ”ادب نظم ۽ نٿر جي انھن ڪارنامن کي چئجي ٿو، جيڪي تخيل جي پيداوار اھن ۽ قوم جي وڌيڪ تعداد کي بنسبت عام معلومات جي پوري ڪرڻ جي طرف متوجھ ڪن ٿا.“

”ايمرسن“ پنھنجي مقالي ۾ چوي ٿو تھ: ”ادب انسان جي اھا ڪوشش آھي، جنھن ۾ ھو پنھنجي حالت جي غلطين جي تلافي ڪري ٿو.“

”ڪوسائين“ جو چوڻ آھي تھ: ”ادب خصوصا شعر ۽ ڊرامن سان لاڳاپو رکندڙ ادب، روحاني ۽ ذھنياتي شخصيت جي ميلاپ کي حرفن جي رستي ظاھر ڪرڻ کي چئبو آھي.“

”ھڊسن“ پنھنجي ڪتاب ”اسٽڊي آف لٽريچر“ ۾ چوي ٿو تھ: ”ادب رڳو انھن ڪتابن تي مدار رکي ٿو، جيڪي پھريائين پنھنجي موضوع ۽ طرز بيان جي لحاظ کان عام انساني مذاق جي موافق ھجن ۽ ٻيو ھي تھ ٻولي ۽ ٻيان جي لطافتن کي بنيادي اصول مقرر ڪيو ويو ھجي. ھڪڙو ادبي ٽڪرو علم ھيئت، معاشيات، فلسفو يا تاريخ جي مضمونن کان انھيءَ ڪري مختلف ٿو ٿئي جو اھو رڳو مطالعو ڪندڙن جي ھڪ جماعت کي محفوظ نٿو ڪري، بلڪھ عام مردن ۽ عورتن کي بھ.

ٻيو انھيءَ سبب کان بھ تھ علم ھيئت يا تاريخ وغيرھ جي مضمونن جو ڪم آھي رڳو معلومات وڌائڻ. پر ادب جو مقصد ھي آھي تھ معلومات ۾ ترقي ٿئي يا نھ ٿئي، پر اھو جنھن نموني سان موضوع پيش ڪريو رھيو آھي، سو ايترو دلچسپ ھجي جو انسان جي جمالياتي ذوق جي اڃ کي اجھائي ڇڏي.“

محققن جي مٿين راين کان پوءِ اسان جي پنھنجي راءِ ھيءَ آھي تھ ادب ان علم جو نالو آھي، جنھن مان اسان کي روحاني آرام ۽ خوشي حاصل ٿئي. جيتوڻيڪ عملي دنيا ۾ ان مان ڪوبھ فائدو نھ پھچندو ھجي، پر حقيقت ۾ اھڙيون حقيقتون پڌريون ٿين، جن مان اسان جو دماغ، تھذيب ۽ تربيت حاصل ڪري. گويا ”الجرجاني“ جي تعريف موجب جيڪڏھن ادب اسان جي غلطين کي روڪي نٿو، تڏھن بھ اسان جي غلطين جي تلافي ضرور ڪري ٿو.

ادب ۽ فن لطيف

خداوند ڪريم دنيا ۾ جدا جدا قسمن جا انسان پيدا ڪيا آھن، جيڪي جدا جدا قابليتن ۽ وصفن جا مالڪ آھن. ھر ھڪ انسان پنھنجي خاص قابليت ۽ وصف سان ٻين جي ضرورتن پوري ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. جن ماڻھن ۾ ڪنھن فن لطيف جي ڏات قدرت امانت طور رکي آھي، سي ماڻھو اسان جي روحاني ۽ جماليات جي شوق کي قائم رکڻ جو سامان ڪٺو ڪن ٿا. ھن مان سمجھو تھ فن لطيف جو تعلق اسان جي جماليات ۽ ذھنيات سان آھي ۽ ٻين فنن جو واسطو اسان جي زندگيءَ جي مادي ضرورتن سان آھي.

ادب جا سڀئي عالم ھن ڳالھھ تي متفق آھن تھ ٻين فنن جي مقابلي ۾ ادب جو دائرو گھڻو وسيع آھي؛ ڇاڪاڻ تھ انساني زندگيءَ جو ھر ھڪ عمل، ڪنھن نھ ڪنھن طرح سان ادب جي دائري سان ٿورو گھڻو تعلق ضرور رکي ٿو. ادب لطيف فنن ۾ داخل آھي؛ ھو رڳو لطيف فن نھ آھي، بلڪھ سائنس بھ آھي تھ علم بھ آھي. اھو ئي سبب آھي جو ٻين علمن ۽ فنن جي چاھيندڙن کان ادب پسند ماڻھن جو تعداد گھڻو آھي، ڇاڪاڻ تھ ٻين لطيف فنن جي مقابلي ۾ ادب جو ذوق آسانيءَ سان پيدا ٿي سگھي ٿو، جنھن ڪري عام طرح ھن ڏي دلچسپي وڌي ٿي. اھا ئي ادب جي خوبي آھي، جو ٻين فنن جي ڪري ادب سولائيءَ سان حاصل ڪري سگھجي ٿو.

لطيف ۽ غير لطيف فن

فنن جي عالمن فنن کي ٻن قسمن ۾ ورھايو آھي:

(١) لطيف فن (٢) غير لطيف فن

لطيف فنن جي فھرست ۾ فن تعميرات (اڏاوتن جو علم)، بت تراشي، مصوري، موسيقي ۽ شاعري داخل آھن جن ۾ خطابت (تقرير ڪرڻ) ۽ رقاصي کي بھ شامل ڪيو ويو آھي.

غير لطيف فنن ۾ لوھار، واڍو، ڪنڀر، درزي، تڏائي ۽ سوناري وغيره جا نالا ڳڻيا اٿن.

ٻنھي قسمن جي فنن ۾ ھيءُ تفاوت آھي جو لطيف ۽ اعليٰ درجي جا فن انسان ذات لاءِ فرھت ۽ خوشي پيدا ڪندڙ آھن ۽ غير لطيف يا گھٽ درجي وارا فن ضرورتن پوري ڪرڻ جو وسيلو آھن. يا ھيئن چئجي تھ ھڪڙا فن انسان جي ذھني ارتقا جو ذريعو آھن تھ ٻيا سندس جسماني ۽ مادي ترقي ۾ مدد ڪن ٿا. غير لطيف فنن جو مطلب ماڻھوءَ لاءِ ڪارائتو ٿيڻو آھي، جنھن ڪري ھنن کي مفيد فن بھ چيو وڃي ٿو. ڇاڪان تھ جيترو انھن مان وڌيڪ نفعو پھچندو، اوترو وڌيڪ بھتر ۽ مفيد سڏيا ويندا.

عيني ۽ سماعي فن:

لطيف فنن جا ٻھ قسم آھن: (١) عيني يعني جن جو اکين سان تعلق آھي (٢) سماعي جن جو لاڳاپو ڪنن سان آھي. مطلب تھ دل تائين پھچڻ لاءِ اکين يا ڪنن مان جنھن کي بھ ذريعو بنائبو، تنھن مناسبت جي ڪري انھن کي اھو ئي نالو ڏنو ويو آھي.

انھيءَ ورھاڱي موجب فن تعمير، بت تراشي ۽ مصوري، شاعري ۽ موسيقيءَ کان بلڪل جدا حيثيت جون ٿي ويون آھن. ھڪ ٻي بھ حيثيت آھي، جنھن جي ڪري لطيف فنن جي تقسيم اعليٰ ۽ ادنيٰ نمونن ۾ ڪئي وڃي ٿي.

”اعليٰ فن“ اھي آھن، جيڪي پنھنجي مقصد جي تڪميل لاءِ گھٽ ۾ گھٽ مادي ذريعا استعمال ڪندا ھجن ۽ ”ادنيٰ فن“ ۾ اھي فن آھن، جن جو وجود ئي مادي ذريعن تي رکيل ھجي.

انھيءَ اصول پٽاندڙ ”ھيگل“ شاعريءَ کي اعليٰ ترين فنن ۾ داخل ڪيو آھي ۽ فن تعميرات کي ادنيٰ ترين فن ۾ شمار ڪري ٿو. فن تعميرات کي ادنيٰ ترين فن سڏڻ لاءِ ھن جو چوڻ آھي تھ: ھن فن لاءِ مادي ذريعا بلڪل پڌرا آھن. ان کان ٿورو مٿي بت تراشي آھي، جنھن جو بنياد بھ مادي ذريعي تي آھي. بت تراش پٿر جي شڪل مٽايو ڇڏي، بي جان شين ۾ شاھ وارين شين جي مشابھست پيدا ڪري ٿو. بت تراشيءَ کان مصوري ٿوري مٿڀري آھي، جنھن جو مادي ذريعو گھٽ ٿئي ٿو. حجم ۽ ضخامت نٿي رھي. رڳو ڪاغذ يا ڪپڙي جي سطح يعني ڊگھائي ۽ ويڪر باقي رھي ٿي، پر انھيءَ سطح تي مادي شين جون شڪليون پيدا ڪري ٿو، جن ۾ شڪل، صورت، ٿولھھ، سڀ شيون موجود رھن ٿيون. انھيءَ کان مٿي ”موسيقي“ جو درجو آھي. ان جو مادي ذريعو فقط آواز جو مقدار آھي. ان کان پوءِ شاعري آھي، جيڪا مادي جي ذريعي کان گھڻو جدا آھي. ھن جي ظاھري ٿيڻ جو اڪيلو ذريعو (بحر کان سواءِ) فقط الفاظ آھن، جيڪي خيالن ڏي ذھن کي منتقل ڪن ٿا.

فن جي انھيءَ پوئين ورھاڱي سان اوھين سمجھي ويا ھوندا تھ لطيف فنن کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ مادي بنياد جي ضرورت ٿئي ٿي، جيئن تھ تعمير جي فن لاءِ سرون يا پٿر کپن، تيئن شاعريءَ لاءِ لفظن جون علامتون گھرجن. ٻي ھيءَ ڳالھھ بھ پڌري ٿئي ٿي تھ ذھن تائين پھچن لاءِ اکين ۽ ڪنن مان ڪنھن ھڪ جر ھروڀرو ضرورت ٿئي ٿي، پر انھن سڀني کان وڏي ٽين ڳالھھ ھيءَ آھي تھ فنن جي مادي بنياد يا ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جون واٽون فقط وسيلا آھن، جن جي آڌار تي ڪاريگر جي دماغ يا ڏسندڙ جي دماغ ۾ واٽ پيدا ٿئي ٿي، جيئن تھ فنن جي مادي صورت ھڪ قديم عمارت کان وٺي، ھڪ غزل تائين فقط اشارن ۽ علامتن جو ڪم ڏئي ٿي. اھا حقيقي شيءِ نھ آھي، جنھن کي رڳو ظاھري حواس محسوس ڪري سگھن. بلڪھ انھن جو اھو ڳجھو اثر آھي، جو دل ۽ دماغ سان ڳالھائي ٿو، جنھن مان رڳو دل ۽ دماغ لطف پرائين ٿا. ھاڻي چئبو تھ فن ذھنيءَ ۾ باطني پھلوءَ سان وجود جي حقيقت کي ظاھر ڪرڻ آھي.

مٿئين بحث کي سمجھڻ کان پوءِ ھيءَ ڳالھھ غور ھيٺ آڻڻ گھرجي تھ اسين پنھنجي ذات کان سواءِ دنيا جي سڀني شين کي ٻن نمونن سان ڏسون ٿا: ھڪ خارجي ٻيو داخلي. مادي شين جو احساس توڙي ساھ واريون ھجن يا بي جان، خارجي نمونو آھي ۽ اھي ذھني شڪليون جن جو عڪس اسان جي دماغ تي پوي ٿو، داخلي نموني سان تعلق رکن ٿيون.

غور ڪرن سان ھن نتيجي تي پھچنداسون تھ جڏھن دنيا تي اسين ذھن ۽ عقل جي مدد سان موجودات عالم جو ھڪ غير محدود عڪس، اسان جي نظر اڳيان ايندو آھي، جنھن جي وسعت جو ڇيھھ ئي ڪونھي. ھن وقت جڏھن آءٌ لکان، ويٺو پنھنجي چوڌاري ظاھري حواس جي مدد سان ڏسندس تھ منھنجي نظر فقط ڪمري جي چارديواريءَ ۾ محدود رھندي. پنھنجي ڌيان کي سادي شين کان ھٽائي سوچيندس تھ منھنجي معلومات، منھنجي خيالن پٽاندڙ زمان ۽ مڪان جي قيدن کان آزاد ٿي ويندي ۽ آءٌ سڄي عالم جي موجودات کان ڦري ويندس. داخلي مناظر (اندريان ڏيک) رڳو منھنجي وقتي احساسن تائين محدود ڪونھ رھندا، بلڪھ پنھنجن گذريل احساسن کان بھ فائدو وٺي سگھندس ۽ ان کان بھ وڌيڪ ھيءَ ڳالھھ آھي جو آءٌ ٻين جي احساسن مان بھ فائدو پرائي سگھندس، پوءِ کڻي اھي ڪھڙي بھ زماني ۾ گذريا ھجن ۽ ڪھڙي بھ قوم يا نسل جا ڇو نھ ھجن، ڇاڪاڻ تھ ھر ھڪ زماني ۽ ھر ھڪ قوم جي فردن جا خيال ۽ آزمودا عمارتن ۾، فنن ۾، رسم ۽ رواج ۾ ۽ خاص طرح انھن جي تحريرن ۾ ڏٺا وڃن ٿا، جيڪي ڪتابن ۽ ڪتبن ۾ محفوظ رھن ٿا. احساس جي انھن سڀني خارجي ذريعن مان پويون ذريعو، جنھن جي گڏيل مفھوم کي ادا ڪرڻ لاءِ اسين اصطلاح طور ادب جي نالي سان سڏيون ٿا، سڀ کان وڌيڪ اثرائتو ۽ ڪارائتو آھي. انھيءَ جي وسعت ۾ سڀئي انساني اعمال ۽ خيال اچي وڃن ٿا.

ھاڻي ثابت ٿيو تھ ادب يا شاعري، جيڪا ادب جي ھڪ وڏي ۾ وڏي صنف آھي، سا سموري داخلي ڪيفيتن سان ڀريل آھي ۽ گھٽ ۾ گھٽ يا ھلڪي ۾ ھلڪي مادي ذريعي کي استعمال ڪري، پاڻ کي ظاھر ڪري ٿي.

مصنف جنھن شيءِ کي لفظن جي اشارن ۽ نشانين جي وسيلي ظاھر ڪري ٿو، اھا واقعن يا حالتن يا موجودات جو خارجي يا ٻاھريون ڏيک نھ آھي، بلڪھ انھن جو نقش ۽ اثر آھي، جيڪو انسان جي دل ۽ دماغ تي حاوي ٿي ويو ھو، جنھن کي ظاھر ڪرڻ تي مجبور ٿيو آھي.

ھو عمارت يا جنگ يا جبل، درياءَ يا واديءَ جو نقشو نٿو ڪڍي، بلڪھ انھن شين سندس دل تي جيڪو اثر ڪيو ھو، ان کي لفظن ۾ ڀري ٿو. اھو آھي ادب! ھيتري بحث جو آخرين ھي فيصلو ٿيو تھ ادب آھي موجودات جو نقش ۽ اثرن ۽ انھن مان پيدا ٿيل خيالن جي روداد ڏيکارڻ جو طريقو جيڪي انسان جي دل ۽ دماغ ۾ پيدا ٿيا ھئا.

ادب جي پيدائش

يونان جي مشھور فيلسوف ”ارسطو“ پنھنجي ڪتاب ”شعريات“

۾ ادب جي پيدائش بابت ڪافي بحث ڪيو آھي. ان ڪتاب ۾ ھن پھريائين ھر قسم جي شاعريءَ تي بحث ڪيو آھي ۽ ھر شاعر جي ڪلام تي تبصرو ڪيو آھي. ان کان پوءِ جن نتيجن تي پھتو آھي، تن کي ڏاڍي خوشيءَ سان قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. ھو لکي ٿو تھ اھا ڳالھھ جيڪا ماڻھن کي ادب پيدا ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي، سا ڪھڙي ڳالھھ آھي؟ يعني ادبي تصنيفون ماڻھو ڇا لاءِ لکن ٿا؟ انھيءَ سوال جو جواب ڏيندي ”ارسطو“ ھي خيال ظاھر ڪري ٿو.

ھو چوي ٿو تھ سڀئي لطيف فن، فطرت جا محاڪات آھن؛ انسان کي نقل ڪرڻ ۾ مزو اچي ٿو، تنھن ڪري ڪا شيءِ جا مٿس اثر ڪري ٿي، تنھن کي نقل ڪرڻ لڳي ٿو. اھو تقليدي مادو ھن جي ھر ھڪ ترقيءَ جو بنياد آھي. ھيءَ عجب جھڙي ڳالھھ آھي تھ انسان کي جيڪا شيءِ سھڻي لڳي ٿي، ان ڏي ٻين کي ڌيان ڏيڻ تي مجبور ڪري ٿو، جيتوڻيڪ ان ۾ ظاھري طرھ کيس ڪوبھ فائدو ڪونھي. ٻين کي لذت وٺائڻ جي اھا خواھش جيڪڏھن انسان ۾ نھ ھجي ھا، اڄ بھ ادبي قصي جو دنيا ۾ وجود ڪونھ ھجي ھا. نھ رڳو ايترو بلڪھ سڄي ڪائنات جو ڪاروبار ڪمال بلنديءَ تي پھتل ڪونھ ڏسجي ھا.

انساني ذھنيت ھن ڳالھھ ڏي مائل رھي ٿي تھ فطرت جي انھن نقشن، جن مٿس اثر ڪيو، تن جو عڪس ٻين جي دماغن تي بھ وجھي. انھيءَ ڪوشش جو نتيجو ادب آھي، پوءِ اھو نثر ھجي يا نظم. مطلب تھ ادب جي ابتدا غير ارادي طرح انھيءَ شيءِ جي جنسي تقليد تي آھي، جيڪا انسان جي محسوسات تي اثر ڪري ٿي. ڪن حالتن ۾ اھو اثر اصلي صورت نٿو وٺي سگھي تھ ڏسڻ ۾ ايندو تھ ڪاريگر پنھنجو دماغ آزادي سان ھلائي، ان جو نقل اھڙي ڪاريگريءَ سان ڪيو آھي، جو معلوم ٿيندو تھ جنسي عڪس ڪڍيو اٿس. حالانڪھ اھو عڪس نھ آھي، بلڪھ نقل آھي جنھن جي نقاشي ڪندي ڪاريگر جي دماغ ڏاڍي قابليت ڏيکاري آھي.

ادب جي پيدائش بابت ٻئي ھڪ انشا پرداز جي راءِ آھي تھ انساني روح کي دنياوي حسن مان تسلي نٿي ٿئي، جنھن ڪري پنھنجي تسليءَ لاءِ ڪائنات جي حسن ۾ اضافي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، انھيءَ ڪوشش جي نتيجي جو نالو ادب آھي.

”نيوسن“ جو چوڻ آھي تھ جو ڪجھھ چيو وڃي ٿو، سو چوندڙ جي آواز کان پري نٿو وڃي. جڏھن لفظ ڪن ڊگھن خيالن جي سلسلي کي ظاھر ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا ۽ انھن کي دنيا جي ھڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين پھچائڻو پوي ٿو يا ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ رکڻ ضروري سمجھيو وڃي ٿو، تڏھن انھن کي لکي ڇڏين ٿا. اھو لکيو اڳتي ھلي، ادب جو نالو وٺي ٿو.

ادب جي پيدائش بابت ”ڪوسائين“ لکي ٿو تھ رڳو فطرت جي خوبين جي تقليد ۽ خوبصورت منظرن جي ڏسڻ جي خوشي، لطيف فنن جي پيدا ٿيڻ جو اصلي سرچشمو نھ آھن، بلڪھ پھريائين اسان جو دماغ انھن جو مطالعو ڪري ٿو، پوءِ انھن جي ترجماني ڪرڻ جي خواھش سببان ادب جي ابتدا ٿئي ٿي. يعني ڪنھن شيءِ جي ڏسڻ کان پوءِ ان بابت جيڪي خيال اسان جي دل ۽ دماغ ۾ پيدا ٿين ٿا، انھن کي بلڪل سھڻن ۽ شاندار لفظن ۾ قلمبند ڪرڻ مان ادب پيدا ٿئي ٿو. ادب جي انھيءَ عالم جو خيال آھي تھ جسماني ۽ فطري حسن ۾ ھڪ قسم جي گھٽتائي رھي ٿي، جنھن کي لاھڻ جي ڪوشش ڪرڻ ادب جي ابتدا آھي.

فطرت ۽ جسماني حسن جي گھٽتائيءَ بابت سندس ھيءُ چوڻ آھي تھ حسن سيرت ۾ ھڪ خيال ٿئي ٿو، جنھن کي ڀرڻ لاءِ انساني روح ڪوشش ڪري ٿو تھ سيرت جو حسن، صورت جي حسن جو مظھر ٿي پوي ٿو.

ھندستان جو ھڪ اديب، ادب جي پيدائش کي انسان جي پيٽ جي ھلڪائي جو سبب چوي ٿو. ھن جو خيال آھي تھ انسان فطرتا پيٽ جو ھلڪو آھي، جيئن تھ ھن جي پيٽ ۾ ڪابھ ڳالھھ ٽڪي نٿي سگھي. جڏھن ھن جي دل ۾ ڪا نئين ڳالھھ اچيو لفظن جو جامو ڍڪي ٿي تھ ھن جو پيت واءُ سان ڀرجيو پوي. اھو واءُ وڌي پيٽ جو سور پيدا ڪري ٿو. اھڙي حال ۾ پيٽ کي ھلڪي ڪرڻ لاءِ ھو لاچار ٿي، انھيءَ ڳالھھ کي جنھن مان درد پيدا ٿئي ٿو، تحرير يا تقرير جي ذريعي ٻين تائين پھچائي ٿو، تھ جيئن سندس پيٽ جي ڳرائي ۽ درد لھي وڃي ۽ طبيعت ھلڪي ٿئي. اھو آھي ادب جي پيدا ٿيڻ جو سبب. ٻيا اديب چون ٿا تھ فطرتا انسان جي طبيعت ۾ ڏيکاءَ جي خواھش پيدا ٿئي ٿي. انھيءَ خواھش کي پوري ڪرڻ مان ادب پيدا ٿئي ٿو.

”ارسطو“ ۽ ”افلاطون“ جو پاڻ ۾ اختلاف آھي. ”افلاطون“ تقليد کي اعتماد جوڳو نٿو سمجھي، انھيءَ ڪري فيصلو ٿو ڏئي تھ: ”پيدائشي ۽ خيالي ادب نفرت جوڳو آھي، ڇاڪاڻ تھ اھو خالي ڌوڪو آھي جنھن ۾ ڪابھ سچائي ڪانھي.“ انھيءَ جو جواب ”ارسطو“ سھڻي نموني ۾ ڏئي ٿو تھ بيشڪ ڪنھن لطيف فن ۾ ظاھري سچائي ڪانھي، پر جيڪا ٿوري گھڻي سچائي ھوندي، اھا ايتريقدر عظيم الشان آھي جنھن کي ضرور پڙھڻ ۽ سمجھڻ گھرجي.

”افلاطون“ ڊرامھ کان نفرت ڏيکاري ٿو تھ اھو اجايو ڌوڪو آھي، پر ”ارسطو“ انھيءَ فيصلي کي غلط سڏي چوي ٿو تھ ناٽڪن ۾ بھ اصلي سچائي ضرور موجود آھي ۽ ھوءَ بلڪل بيڪار شيءِ نھ آھي. ڊرامھ جي آڌار تي ماڻھن جي خوشي يا غم جي جذبن جي اصلاح ٿئي ٿي، جن مان خوف ھو تھ ھنن جي خانگي ڪمن ۾ ڪو نقصان نھ پوي.

مثال طور ناٽڪ ۾ ڪو رنج ۽ الم جو منظر اچي ٿو تھ ان کي ڏسي، ڏسندڙ جي دل کي ڌڪ لڳي ٿو. ٻين کي رنج ۽ ڏک جي حالت ۾ ڏسي، ھنن جو ھنيو ڀرجيو پوي ۽ روئي پنھنجي دل ۽ دماغ تان اھو غم جو بار لاھي، ھلڪو ۽ تازو ٿي، پنھنجي روز مره جي ڪمن ۾ خوشي سان مشغول ٿئي ٿو ۽ رات ڏينھن جي مشغوليت جڏھن ماڻھوءَ کي ٿڪائي ٿي تھ ناٽڪ جي رستي پيٽ ڀري کلي ٿو، جنھن جي ڪري پنھنجي خانگي ڪمن ڪرڻ ۾ ھن کي اطمينان حاصل ٿيو وڃي ۽ ماڻھو محنت ڪرڻ جھڙو ٿيو پوي. اھي ئي سبب آھن جن جي ڪري دنيا جي گھڻين قومن ۾ اھڙيون رسمون ۽ رواج جاري ٿي ويا آھن، جيڪي ظاھر ۾ ذليل ۽ کيل جھڙا ڏسجن ٿا، جن مان نٿو سمجھجي تھ قومي واڌاري ۽ تھذيب ۾ ڪو فائدو پھچندو. پر معلوم ٿئي ٿو تھ انھيءَ رواج ماڻھن جي ٿڪ ڀڃڻ ۽ دل مان نا اميدي ۽ ماندگي لاھڻ جا وسيلا پيدا ڪيا آھن، نھ تھ انسان جي خوشي ۽ متانت نااميدي جي بار ھيٺان اچي، دٻجي وڃي ھا.

ھاڻي چاھي ”ارسطو“ جي چوڻ موجب ادب کي تقليدي مادي جو ڪرشمو چيو وڃي يا ڪائنات جي ڪاروبار مان انساني قلب جي اثر پرائڻ جو نتيجو يا فطري ۽ جسماني حسن جي وچ جي ڪڙي سمجھيو وڃي يا ڪائنات جي تسلي ڏيندڙ سينگار يا انسان جي پيٽ جي ھلڪائي يا ڏيکاءَ جي خواھش کي ان جي پيدا ٿيڻ جو سبب چيو وڃي. ھيءُ مڃڻو  پوندو تھ فطرت جا نقش ونگار ۽ ڪائنات جي ڪاروبار جون بوقلمونپون، انسان جي دل ۽ دماغ تي گھرو اثر وجھن ٿيون، مگر اھو اثر جدا جدا نمونن جو ٿئي ٿو ۽ انھن اثرن جي ڪري انسان تي ھڪ قسم جي خوشيءَ جي ڪيفيت غالب ٿي وڃي ٿي، جنھن ڪري ھو مجبور ٿئي ٿو تھ پنھنجي انھن دماغي اثرن ۽ قلب جي حقيقتن جو ٻين تي بھ ساڳيو اثر وجھي، انھن کي بھ مسرور ڪري. انھيءَ اثر وجھڻ مان ادب شروع ٿئي ٿو.

پر ھي ياد رھي تھ انسانن جي انھن اثرن جو نتيجو، انھن ڳالھين جي پوري نقالي نھ آھي، جن سندس دل ۽ دماغ تي گھاٽو اثر ڪيو ھو، بلڪھ سندس طبيعت جي شوخي، دماغ جي ڪاريگري، طرز بيان جي سھڻائي، خيال جي بلندي ۽ قلب جون خاص حالتون، انھن ڳالھين جي ظاھر ڪرڻ ۾ پنھنجون حقيقتون ڏيکارين ٿيون. انھن اثرن جي نمائش جو نالو ادب آھي ۽ اھي ئي ادب جي پيدائش جو سبب آھن.

ادب تي مذاق جو اثر:

جيئن جيئن وقت ڦرندو ٿو رھي، تيئن تيئن ماڻھن جو مذاق بھ بدلبو رھي ٿو. اڄ ھڪڙي اديب جو رنگ مقبول آھي تھ سڀاڻي ٻي ادبي طرز کي مقبوليت ملي ٿي.

جيڪو اديب وقت جي مذاق ۽ عام لاڙي موجب ادب پيدا ڪندو آھي تھ ھن جي ادبي ڪارنامن کي ڏاڍي عزت ملندي آھي ۽ اھي پسند ڪيا ويندا آھن. باقي ٻئي قسم جا اديب گمناميءَ جي حالت ۾ فنا ٿي ويندا آھن.

انھيءَ دعويٰ جو تاريخي دليل ”شاھنامو“ ۽ ”داستان امير حمزه“ آھن. شاھنامو انھيءَ وقت جي عام مذاق جو نتيجو آھي، جڏھن مسلمانن جو ٻچو ٻچو جھاد ۽ جنگ جو ڪوڏيو ھو. ”محمود غزنويءَ“ جي فتحمند فوجن ھندوستان ۽ ترڪستان جي سرزمين ڏڪائي ڇڏي ھئي. ھندوستان جا بھادر راجپوت راجائون ۽ مغرور سورمان، افغان سپاھين جي پيرن ھيٺ لتاڙجي رھيا ھئا. اھڙي عام جنگي مذاق ”شاھنامي“ جھڙو ڪتاب پيدا ڪيو، جنھن جو مثال ڪنھن بھ زبان ۾ ھرگز ملي نٿو سگھي ۽ ”امير حمزه جو داستان“ بھ ”محمود غزنويءَ“ جي جھادي جوش وڌائڻ ۽ پٺاڻ بھادرن کي غزا تي آماده ڪرڻ لاءِ لکيو ويو.

ھڪ مشھور اديب ھر ڪنھن وقت جي ادبي مذاق جي چٽائي ھڪ نھايت لطيف ۽ دلچسپ مثال سان ڪئي آھي. ھو چوي ٿو تھ ھر ڪنھن زماني جو خاص ادبي ذوق، جنھن جي پردي ۾ گھڻا اديب گمنام ٿي ھميشھ لاءِ فنا ٿي ويندا آھن، سو گھڻن اديبن جي ذھانت ۽ خاص طرز جي زور ڪري بدلجي ويندو آھي. انھيءَ خيال جو تفصيل ھي آھي: ھوشيار ڪاريگر عام ضرورت واريون شيون نٿو ٺاھي، بلڪھ ھو ڪوشش ڪري ٿو تھ منھنجيون نئين نموني جون تيار ڪيل شيون ملڪ ۾ وڌيڪ کپن ۽ ماڻھو چاھ سان وٺن. ساڳيءَ طرح ھڪ ذھين ۽ ھوسيار اديب، جنھن جو مذاق عام ملڪي مذاق کان مختلف ھوندو آھي، پنھنجي نئين طرز ۽ زور بيان ۽ جدتِ فڪر جي ڪوشش سان عام مذاق کي ڦيرايو ڇڏي. ھو پنھنجي غير معمولي قوت جي آڌار تي اھو ڪليھ قاعدو ڀڃي ڇڏي ٿو، جنھن قاعدي جي خلاف مذاق ادب مقبول ٿي نٿو سگھي. اھڙي زوردار ۽ موجد اديب جي ڪوشش ۽ دماغ بھ ڏاڍو دلچسپ ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ تھ ان وقت جو عام مذاق ھن کي پنھنجي مجلس ۾ پير پائڻ جي ڪابھ واٽ نٿو ڏئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org