سيڪشن: ادب

ڪتاب: ادب ۽ تنقيد

باب:

صفحو:20 

وري ويدانت مان مطلب اپشند آھن، جا ڳالھھ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ بھ لکي آھي. ويدانت ۾ بھ توحيد آھي تھ اسلام ۾ بھ، پر انھن ۾ بھ وڏو فرق آھي. ڇاڪاڻ تھ شنڪر آچاريھ جي توحيد، نيٺ مايا، آوديا ۽ برھم جو مرڪب بنجي رھجي ويئي.[1] چون ٿا تھ اپنشد ھڪ سؤ اٺ يا ھڪ سؤ ٻارھن آھن.[2] انھن اپنشدن ۾ مختلف فلسفيانھ خيالات وراھجي ويا آھن. اھي توحيد ثنويت ۽ ڪثرتيتي تي مشتمل آھن، تنھن ڪري انھن جا مختلف نظريا ٿي پيا آھن ۽ مختلف طرز بيان رکن ٿا. تنھن ڪري اسلامي روحيد جو اپنشدن جي توحيد سان واسطو ڪونھي.[3]

امام بخاري جي حديث آھي، جيڪا ٽن ھنڌن تي آيل آھي تھ سڀ کان سچي ڳالھھ جيڪا شاعر ڪئي آھي، سا لبيد جي ڳالھھ آھي تھ:

”الا کل شيء ما خلا الله باطل“

(الله کان سواءِ ھر شيءِ باطل آھي)[4]

ھن جي حضور ' تصديق ڪرڻ فرمائي. ھن عقيدي کي غير فاني بنائي ڇڏيو آھي. شنڪر آچاريھ وٽ نجات ترڪ عمل ۽ تناسخ (آواگون) جو تصور آھي. انھن مسئلن کي وحدت الوجود جو جز سمجھڻ غلط آھي، جيئن ھو ٿو سمجھي.

شنڪر آچاريھ جي نظرين جو بنياد اپنشدن تي آھي ۽ اسلامي تصوف جو بنياد قرآن شريف ۽ حديث مبارڪ تي آھي. اسلام جو اھم ترين اصول ”لا اله الا الله“ آھي ۽ اپنشدن جو تنويت تي، جيڪو مٿي لکي آيا آھيون. حقيقت ۾ اسلامي تصوف جو ھي نظريو نھ آھي تھ انا جو تعين عمل سان آھي، ڇاڪاڻ تھ ان جي ويجھو تناسخ نھ آھي، نھ ان جي ويجھو انا عالم تخيل جو فريب آھي يا غير حق آھي، بلڪھ ان ۾ عالم کي عين حق ۽ انا کي اتم مظھر سمجھيو وڃي ٿو. تنھن ڪري انا کان نجات حاصل ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ھن نقطي تي حقيقي وجود برھمھ يا حق تعاليٰ جو ئي آھي. تصوف ۽ ويدانت ڪن ھڪ جھڙن لفظن ھجڻ جي ڪري کڻي متفق ھجن، پر عالم ۽ انسان انا جي حقيقت بابت انھن ۾ گھڻو فرق آھي. شنڪر آچاريھ عالم ۽ خودي (انا) کي مايا، التباس ۽ غير حق سمجھي ٿو. تصوف ان کي عين حق سمجھي ٿو. ببين تفاوت ره از کجا ست تابھ کجا. تنھن ڪري تصوف ۾ نجات جو مفھوم ھستيءَ کان نجات حاصل ڪرڻ نھ آھي، ڇاڪاڻ تھ ھستي عين حق آھي. وري وري پيدا ٿيڻ (آواگون) کان بھ نجات حاصل ڪرڻ مقصد نھ آھي، ڇاڪاڻ تھ اسلام تناسخ جو قائل نھ آھي، بلڪھ تصوف فنا کي آخري منزل بھ نٿو سمجھي، جيئن ويدانت ۾ سمجھيو وڃي ٿو. تصوف ۾ علم سان گڏ عمل کي ضروري ٺھرايو ويو آھي ۽ ڪنھن منزل تي بھ عمل سان بي تعلقي کي برداشت نھ ڪيو ويو آھي.[5]

تصوف جي آخري منزل فنا نھ آھي، جيئن ويدانت وارا سمجھن ٿا. بلڪھ بقا آھي. ساڳي ريت تصوف جو ترڪ عمل سان ڪو لاڳو ڪونھي.[6] انھيءَ سڄي مسئلي کي ڊاڪٽر گربخشاڻي سمجھيو ئي نھ آھي ۽ انھيءَ شوق ۾ ويدانت ۽ تصوف کي ھڪ ئي ڪري ڏيکارجي، مسئلي کي چڱو منجھائي ڇڏيو آھي. ڊاڪٽر شام صاحب ان ۾ پنھنجي ڪا ذاتي راءِ نٿو رکي، بلڪھ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي نقش قدم تي ھلي سمجھي ٿو تھ ويدانت ۽ تصوف ساڳي ڳالھھ آھي. رڳو انھيءَ آڌار تي وڏن عالمن ۽ ڄاڻو اديبن تي تنقيد ڪري ٿو تھ: ”مذھب جي بنياد تي ابتو قلم وھائڻ وارن جو تعداد گھڻو آھي. ھنن مفت ۾ ڊاڪٽر صاحب جي روح سان چڪريون کاڌيون آھن.“[7] اسين شام صاحب کان مٿئين وضاحت کان پوءِ پڇون ٿا تھ مذھب جي بنياد تي ابتو قلم ڪنھن وھايو آھي؟ ھندئن يا مسلمانن؟

ڊاڪٽر شام صاحب جو خيال آھي تھ جيڪي ناحق ٻين جي مذھب کي نھ سمجھي غلط بياني ڪن، تن کي ڇوٽ ڇڏي ڏجي تھ خود مسلمانن کي ورغلائين. اسين خود ڊاڪٽر شام کان پڇون ٿا تھ ڇا پاڻ ڪڏھن اسلامي جي حقيقت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس؟

اسان جيڪي ڪي لکيو آھي، سا معمولي ڳالھھ نھ آھي. بلڪھ تصوف ۽ ويدانت ۾ تمام گھڻو بنيادي فرق آھي، جنھن تي شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي سرن ۽ ھن جي فلسفھ جو دارومدار آھي، تنھن ڪري جيڪي ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو، تنھن تي جيڪڏھن شاگرد عمل ڪندا تھ نھ رڳو شاھ صاحب جي تصوف ۽ فلسفھ کي غلط سمجھندا، پر پنھنجي دين کان بھ پري وڃي پوندا. شايد ڊاڪٽر شام صاحب ان ۾ راضي ٿو ڏسجي، جو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي طرفداري ٿو ڪري. عالم دين جا انھيءَ ڪري اعتراض ھئا جو انھن اسلامي تصوف ۽ ويدانت جو فرق سمجھي اعتراض ڪيا ھئا. اديبن بھ اسلامي تصوف ۽ ويدانت جو مطالعو ڪري، پوءِ اعتراض ڪيا ھئا. ڊاڪٽر شام صاحب بنان تحقيق ۽ تدقيق جي لکي ڇڏيو تھ: ”شاھ جي مذھب، ويدانت ۽ تصوف وارن فصلن تي تمام گھڻا ۽ اجايا اعتراض ڪيا ويا آھن. معلوم ائين ٿو ٿئي تھ اسان جن معترضن جيڪي گربخشاڻيءَ تي تعصب ۽ تنگ نظري جو ٺڪر ڀڃن ٿا، تن مقدمھ جو مطالعو حاضر دماغي سان نھ ڪيو آھي.“[8] (انھن جڏھن مقدمھ کي پوريءَ طرح سان پڙھي سمجھيو آھي، تڏھن تھ اعتراض ڪيو اٿن- خليل)

تصوف آڳاٽين قومن وٽ بھ ھو، جھڙوڪ: يوناني، ايرانين ۽ ھندوئن وغيره وٽ. انھن جو بھ ھڪ ٻئي ۾ وڏو فرق آھي. انھيءَ تصوف جو اسلامي تصوف سان ڪو واسطو نھ آھي. خود اسلام جا عالم بھ ھڪ ٻي سان اختلاف رکن ٿا. ڪي ھمھ اوست جا قائل آھن، ڪي ھمھ اوست جا نھ. تنھن ڪري تمام ضروري آھي تھ معلوم ڪرڻ گھرجي تھ اسلامي تصوف ڇا آھي؟ خود مسلمان عالمن جو ان بابت ڪھڙو رايو آھي؟ ٻين آڳاٽن مذھبن ۾ جيڪو تصوف آھي، تنھن ۾ ڪھڙو فرق آھي؟ اھو بھ معلوم ڪرڻ گھرجي تھ اسلامي ۽ ويدانتي عقيدن ۾ ڪھڙو فرق آھي؟ خواه مخواه ڪنھن کي گھٽ وڌ نھ چوڻ گھرجي ۽ نھ سمجھڻ گھرجي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي مقدمھ جي صفحھ٨٢ تي عجيب ڳالھھ ڪري ويو آھي تھ: ”ھر ڪنھن دين جا معنوي اصول ساڳيا آھن، پر انھن جو مذھب سان ڪو واسطو ڪونھي. جيڪڏھن انھن جو لاڳاپو دين سان رکبو تھ اھي گلي جا گھنگھرو ٿي پوندا، تنھن ڪري انھن کي لاھي ڦٽو ڪجي جيئن ٻين مذھبن ڪيو آھي. جھڙوڪ: قديم يھودي، يوناني، عيسائي، جرمن، فرانسيسي، ھندستاني، ايراني وغيره ۽ شاھ بھ ڏسيو آھي تھ الله تعاليٰ کي پسڻ جو فھم ئي ٻيو آھي.“ باوجود انھيءَ غير اسلامي نظريھ جي  ڊاڪٽر شام صاحب اسان تي اعتراض ٿو ڪري تھ: ”ادب ۽ تنقيد جو مصنف مقدمھ لطيفي مان صفحو ڄاڻائڻ کان سواءِ اڻپورا حوالا پيش ڪري ٿو. پاڻ ئي نقاد جون وصفون ٻڌائي ٿو ۽ پاڻ ئي ان جي ابتڙ ھلي، تنقيد جي فن جي بي عزتي ڪري ٿو. تنقيد جو ڪوبھ لوازمو ادا نٿو ڪري. ڪاوڙ ۽ جوڙ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي شرح کي غلط سمجھندو ۽ بحث ۾ پوندو وڃي. فاضل مصنف لکي ٿو- ع“[9]

روزا ۽ نمازون، اي پڻ چڱو ڪم

پر اوڪو ٻيو فھم، جنھن سان پسين پرين کي[10]

مٿئين اقتباس جي روشنيءَ ۾ سوال ٿو اٿي تھ ڇا ڊاڪٽر گربخشاڻي مٿي ڏنل بيت کي اسلامي نقطھ نظر کان سمجھڻ کان پوءِ عبارت جو قرينو ائين بيھاريو آھي جو چوي ٿو تھ ”فقط ڪنھن مذھب جي سکڻي پيروي ۽ تقليد يا صرف عقل جي کيڏ سان انھيءَ منزل تي رسڻ محال آھي. جيتوڻيڪ اوائل ۾ انھن ڳالھين جو قدرتي ضرور ٿئي ٿو، تڏھن بھ آخر ۾ اٽلو ڳچيءَ جو گھنگھرو بنجيو پون ۽ ماڻھو کي متعصب ۽ تنگ دل ڪيو ڇڏين.“[11]

انھيءَ لکڻ کان پوءِ شاھ صاحب انھيءَ مشھور بيت جو حوالو ٿو ڏئي، جنھن جو حوالو اسان صفحي ١٩٣ تي، صفحي٨٣ تي ڏنو آھي. ڊاڪٽر گربخشاڻي اتي ئي بس نٿو ڪري، پر جيڪو مٿي چئي آيو آھي، تنھن کي وڌيڪ ٽيڪ ڏيڻ لاءِ مثال ٿو پيش ڪري تھ: ”ھر زمان ۽ ھر مڪان ۾ انھن معنوي اصولن پاڻ کي نون نون نالن ۽ ويسن ۾ ظاھر ڪيو آھي.“[12]

 (الف) قديم يھودين ۾ ايسيني (ب) يونان ۾ فيثا غورث ۽ افلاطون (ج) عيسائي مذھب (د) جرمن ملڪ ۾ ميسٽرا يڪھرٽ (ھ) مادم گيئان (٩) ھندستان ۽ ايران. جيڪا ڳالھھ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڪتاب مان ھڪ مشھور ۽ معروف بيت تي تنقيد ڪيل ھجي، تنھن جي حوالي ۾ ڊاڪٽر شام کي ضرورت پئجي سگھي ٿي. جيڪڏھن حوالو نھ سمجھيو ھئائين تھ پاڻ بيت ڪيئن ڏنائين؟

اسان ڊاڪٽر شام صاحب جي جوابن جو مسڪت جواب ڏيئي ڇڏيو آھي. انھن کي سمجھڻ ھاڻي ھن جو ڪم آھي.

شمس العلماءُ ڊاڪٽر دائود پوٽھ ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار شام:

ڊاڪٽر شام صاحب ڊاڪر گربخشاڻي جي تعريف ۾ لکيو آھي: ”ڊاڪٽر ھوتچند گربخشاڻي اھو پھريون شارح آھي، جنھن شاھ جو ڪلام ۾ مڪمل معنيٰ، شرح، سمجھاڻين، لوڪ ڪھاڻين، انھن جي روحاني رازن ۽ ڪٿي ڪٿي تاريخي پس منظر پيش ڪيو آھي. ھن صاحب مختلف قلمي ۽ ڇاپي نسخن جون جدا جدا پڙھڻيون حاشين ۾ ڏنيون آھن. سندس نظر مان نھ رڳو ڇاپي رسالا گذريا، پر قلمي نسخا ڀيٽي تسلي ڪيائين. جھڙوڪ: مير عبدالحسين وارو نسخو، بلڙي وارو نسخو، ڀٽ وارو نسخو، برٽس ميوزيم وارو نسخو وغيره. ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب پنھنجي تحقيقي راءِ جو وڏو دخل رکيو آھي. اھا ئي ڳالھھ آھي جيڪا کيس مقلد مرتبن کان ممتاز ڪري ٿي. سندس جوڙيل رسالي جا ٽي جلد ١٩٢٣ع، ١٩٢٤ع ۽ ١٩٣١ع ۾ ترتيبوار شايع ٿيا، پر چوٿون (شايد آخري) جلد رھجي ويو ۽ ڊاڪٽر صاحب گذاري ويو. ڪجھھ وقت اڳي افواه اٿيا ھئا تھ ڀارت ۾ گربخشاڻيءَ جي تيار ڪيل رسالي جو چوٿون جلد ڇپيو آھي،. پر انھيءَ ڳالھھ جي ڪنھن بھ ادبي ۽ علمي حلقن تصديق نھ ڪئي آھي.“[13]

ھي دلڪش بيان جوش وخروش سان لکيل آھي، پر ڊاڪٽر شام صاحب جو ذاتي احساس آھي، جو سندس عقيدت جي اعتراف جو تمسڪ نامو آھي. پر اھو غلط تاثر ويھارڻ جي خاطر لکيو ويو آھي، ڇاڪاڻ تھ ان ۾ گھڻيون غلط ڳالھيون لکيون ويون آھن.

ڊاڪٽر شام جي تحريرن ۾ ھڪ نقص نظر ايندو آھي. ”وضع الشيءَ في غير محلھ“ يعني ھو شين کي پنھنجي مقام تي رکڻ جو عادي نھ آھي، تنھن ڪري ھن کي ٻين جي ڪلام ۾ تضاد نظر ايندو آھي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي شاھ جي رسالي جي تيار ڪرڻ جو عزم ڪيو. ضروري ڳالھھ آھي تھ ڪم ڪرڻ جو ھن وٽ ڪو خاڪو ھوندو، جنھن جي مطابق ھن رسالي تي ڪم شروع ڪيو ھوندو. ھيءَ ھڪ سادي ڳالھھ آھي، جنھن ۾ شڪ ڪرڻ جي گنجائش ڪانھي. ڪوبھ پروفيسر يا وڏو اديب ڪو اھم ڪم ھٿ ۾ کڻندو آھي تھ پنھنجن دوستن يا شاگردن کان ڪم وٺندو آھي. ھن ڪم کي وراھڻ جو عام فائدو ۽ سٺو طريقو آھي.

شاھ ڀٽائي جو نئون رسالو تيار ڪرڻو ھو، تنھن ڪري ڊاڪٽر گربخشاڻي ڪم شروع ڪرڻ کان اڳي شاھ جا رسالا ۽ ڪو قلمي رسالو ھٿ ڪيا ھوندا ۽ ٻين کي بھ ھٿ ڪرڻ لاءِ چيو ھوندائين. ممڪن آھي تھ ڪن ھوشيار شاگردن کي پوءِ ھڪ يا وڌيڪ ملي ويا ھجن. رسالي جي پروفن پڙھڻ، مشڪل لفظن ۽ محاورن جي معنيٰ ۽ تلميحون گڏ ڪرڻ جو ڪم، ترجمي ڪرڻ ۽ ڪن ڳالھين جي شرح جو فرض سپرد ڪيو ھجي. ڪڏھن شاگرد جو ڪم پروفيسر جيترو يا ھن کان بھ وڌيڪ ھوندو آھي. انھيءَ قسم جي ڪم وٺڻ ۾ عيب ڪونھي، بلڪھ پروفيسر جي دانائي آھي. اڪثر پروفيسرن کي ڪن تجربيڪار ۽ ڄاڻو شاگرد جي خبر ھوندي، جن تي ھن کي ڀروسو ھوندو آھي تھ اھي اطمينان ۽ قابل طريقي سان ڪم ڪري سگھندا. اھڙو معاملو ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ دائود پوٽ جي وچ ۾ ھو، جنھن جا ٻھ ثبوت موجود آھن. ھڪڙو محمد صديق ميمڻ لکيو آھي تھ ”منھنجي اکين ڏٺو واقعو آھي تھ ڊاڪٽر دائود پوٽھ سنڌ ڪاليج مان روزانو پڙھي فارغ ٿي جڏھن ھاسٽل ۾ ايندو ھو، تڏھن شاھ جي رسالي جا ٽي چار نسخا کٽ تي رکيو ويٺو ھوندو ھو ۽ ڏسندو ھوس تھ نسخي جي ڪتابن ٺاھي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي ڏيندو ھو. جدا جدا پڙھڻيون مطالع ڪري، انھن کي شاھ جي زبان ۽ مطالبي جي لحاظ تي تنقيد جي تارازي ۾ توري ڇنڊي ڇاڻي يڪجا گڏ ڪرڻ آسان ڪم نھ ھو.“[14]

ٻيو خود ڊاڪٽر گربخشاڻي انھيءَ ڳالھھ بابت قبول ڪيو آھي جو ھن ھر جلد جي منڍ ۾ لکي ڇڏيو آھي تھ دائود پوٽھ صاحب ھن جي ڪھڙي مدد ڪئي آھي؟ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي لکڻ جي مقابلي ۾ ڊاڪٽر شام جو لکڻ ڪابھ حيثيت نٿو رکي. ڊاڪٽر شام صفحي٢٣ تي جيڪي لکيو آھي، تنھن مان ائين ٿو معلوم ٿئي تھ سڀ ڪجھھ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پاڻ ڪيو آھي ۽ سڀيئي ڇپيل رسالا ۽ ٻيا مسودا اڳيئي وٽس موجود ھئا، جيڪا ڳالھھ صحيح نھ آھي. انھيءَ سڄي معاملي کي منڍ کان ئي منجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي، تاڪھ ائين معلوم ٿئي تھ ڊاڪٽر دائود پوٽھ پيو چوي سو غلط آھي. جيڪو شخص انھيءَ ارادي سان لکي ٿو، سو ڪڏھن انصاف سان تنقيد نٿو ڪري سگھي.

ڊاڪٽر شام کان اڳي بھ ڪن اھڙي روش ڊاڪٽر دائود پوٽھ سان اختيار ڪئي، جنھن جي ڪري نيٺ مجبور ٿي ھن ڪي اھڙيون ڳالھيون تحرير ۾ آڻي ڇڏيون، جنھن کي ھاڻي تضاد جي بھاني سان غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي، پر اھي ڊاڪٽر دائود پوٽھ جي دعويٰ کي مضبوط ڪنديون وڃن. سچ تري جي ھيٺ لڪي نٿو سگھي.

ڊاڪٽر شام صاحب جي تنقيد جو عجيب ۽ نرالو ڍنگ آھي، جو ھن ڪنز اللطيف ۾ اختيار ڪيو آھي تھ ھڪ عبارت پاڻ لکي، پوءِ ٻين جي طرف منسوب ڪندو آھي. ٻي خصوصيت اھڙي آھي، جا ڪنھن بھ بلند مرتبھ تنقيد نگار کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪافي ٿيندي آھي. ناقد کي ھر ھڪ حقيقت اڳيان آڻي پوءِ تنقيد ڪرڻي آھي، پر ڊاڪٽر شام اھي لڪائي ڇڏيندو آھي ۽ مطلب جي شيءِ ظاھر ڪندو آھي. ان جو وڏو خطرو ھي آھي تھ خدانخواستھ اھي ظاھر ٿي پون تھ ناقد جي حيثيت غير معتبر ٿيو پوي.

ڪنز اللطيف جي صفحي ٢٣-٢٤ تي جيڪا عبارت لکي ختم ڪئي اٿس، تنھن جي پڇاڙيءَ ۾ ڏنگين ۾ ھڪ جو انگ ڏيئي صفحي٢٤ جي فٽ نوٽ ۾ پنھنجي طرفان لکيو اٿس تھ: ڊاڪٽر محمد دائود پوٽھ لکي ٿو تھ منھنجي حمايت کان سواءِ استاد گربخشاڻي چوٿون جلد تيار ڪري نھ سگھيو. (نئين زندگي نومبر ١٩٥٣ع)“[15]

جڏھن اھو حوالو جاچيو ويو تھ سراسر غلط نڪتو. ڊاڪٽر دائود پوٽي اھڙي ڪابھ ڳالھھ نھ ڪئي آھي. غلط حوالي مان ڪيترين ٻين ڳالھين جو انڪشاف ٿي پيو آھي. انھيءَ حوالي جو اختصار ٿو ڏجي:

١- سنھ ١٩٢٣ع ۾ پروفيسر گربخشاڻي شاھ جي رسالي جي تصحيح ۽ تشريح جو ڪم خود پنھنجي ذمي ورتو. ٢- ڊاڪٽر دائود پوٽي جي حمايت سان سنھ ١٩٣١ع تائين رسالي جا ٽي جلد شايع ٿي عوام جي ھٿن تائين پھتا. ٣- ڪن نامعلوم سببن جي بنياد تي ڊاڪٽر گربخشاڻي ٽيون جلد ڇپائي نھ سگھيو. ٤- ١٩٢٣ع ۾ جڏھن پھريون جلد ڇاپيو تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي وٽ رڳو بلڙي ۽ ڀٽ وارا دستخطي نسخا ۽ ٽرمپ ۽ بمبئي ڇاپي رسالا موجود ھئا. ٥- ٻئي جلد جي تياري وقت مير عبدالحسين وارو دستخط نسخو مليو. ٦- ٽئين جلد جي تياري وقت ڊاڪٽر دائود پوٽھ انگليش ۾ ھو، جتان موصوف برٽس ميوزيم جون مختلف پڙھڻيون ۽ ڏنل معنائون ڊاڪٽر گربخشاڻي کي ڏياري موڪليون.[16]

ڊاڪٽر دائود پوٽي جي انھيءَ لکڻي مان جيڪي ڊاڪٽر شام صاحب منجھائڻ لاءِ ڪنز اللطيف جي صفحي٢٣ تي لکيو ھو، صاف ٿي وڃي ٿو ۽ جڏھن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جا ڊاڪٽر دائود پوٽي کي لکيل خطن جون فوٽو اسٽئٽ ڪاپيون منظر عام تي اينديون تھ شڪ جي گنجائش ئي نھ رھندي.

ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ ڊاڪٽر شام جي تحريرن جو جائزو وٺجي ٿو. برٽس ميوزيم واري مواد جو ذڪر ڊاڪٽر گربخشاڻي ڪٿي بھ ڪونھ ڪيو آھي. تنھن مان ظاھر آھي تھ ٻن جلدن جي ڇپجڻ تائين وٽس ڪونھ ھو. ڊاڪٽر دائود پوٽو جيڪي لکي ٿو سو سچ آھي، ڇاڪاڻ تھ جيڪو دائود پوٽي جي خط جو نقل محترم لطف الله بدوي عام راءِ ۾ ڇاپيو ھو، تنھن جي شڪايت (جا اڳتي ايندي- خليل) مٿي جيڪي دائود پوٽي لکيو آھي ۽ اھي خط گربخشاڻي جا (جي اڳتي ڏبا) ڊاڪٽر دائود پوٽي کي سچو ثابت ڪن ٿا. جڏھن بقول ڊاڪٽر شام صاحب جي تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي کي پنھنجي تحقيقي راءِ جو وڏو دخل ھو ۽ کيس مقلد مرتبن کان ممتاز ڪري ٿي[17] ۽ بقول پروفيسر اجواڻي جي[18] تھ گھڻي ئي شاگرد جن جي عربي، پارسي ۾ دلچسپي ھئي، سي ساڻس روز گڏبا ھئا. انھن کي ڊاڪٽر صاحب رسالي جي نسخن ڀيٽڻ، جلد کي خوش خط لکڻ، زيرن زبرن ڏيڻ، پروفن پرھڻ، سندس ھدايت موجب ڊڪشنرين ۽ ڪتابن مان حوالا ڪڍڻ ۽ ڪن ٽڪرن جا ترجما وغيره ڪرڻ جھڙن ڪمن ۾ سيڙايو ھو. مصالحو پاڻ گڏ ڪيو ھئائين، تربيت سندس ھئي، ڇا رسالي ۾ وجھجي، ڇا ڦٽو ڪجي؟ تنھن جو منصف پاڻ ھو.“[19]

جڏھن اھي سڀئي ڳالھيون موجود ھيون ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي مدد جي ضرورت ڪانھ ھئي تھ ڪھڙي ضرورت پئي ھئي جو ١٩٢٤ع کان ١٩٢٧ع تائين ترسيو ويٺو ھو تھ ڊاڪٽر دائود پوٽھ موٽي اچي، ٽيون جلد ڇپجي وڃي ٿو. ١٩٣١ع ۾ ١٩٢٧ع کان ١٩٣٠ع تائين ڊاڪٽر دائود پوٽو سنڌ مدرسي جو پرنسپال ٿي رھيو ۽ ٽئين جلد تي ڪم پئي ڪيائين. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي ايترو وقت ترسڻ ئي نھ کپندو ھو. ان کي ترت ڇپائي ڇڏڻ کپندو ھو. سنھ ١٩٢٤ع کان ١٩٣١ع تائين ڇا ويٺي ڪيائين؟ ڇو رسالو نھ ڇاپائي ڇڏيائين؟ ڊاڪٽر شام کي ان تي ويچار ڪرڻ کپندو ھو. سنھ ١٩١٧ع ۾ رسالي تي ڪم شروع ٿيو ھو ۽ ١٩٣١ع تائين ٽي جلد ڇپجي ويا ھئا. يعني سڄا ١٥ سال! ١٩٣١ع کان ١٩٤٧ تائين ڊاڪٽر گربخشاڻي ماٺ ڪيو ويٺو ھو. جڏھن ١٥ سالن ۾ ٽي جلد نڪري ويا ھئا تھ ٻين ١٥ سالن ۾ ھڪ باقي رھيل جلد ڇو نھ ڪڍي سگھيو؟

جيڪڏھن ڊاڪٽر دائود پوٽي چيو آھي تھ: ”منھنجي حمايت کان سواءِ استاد گربخشاڻي چوٿون جلد تيار ڪري نھ سگھيو“ تھ صحيح چيو اٿس، جا ڳالھھ اسان جي مٿي سمجھايل روشني ۾ پروفيسر ڊاڪٽر شام کي غلط ثابت ڪرڻ گھرجي، جنھن جي بدران غلط بحث ڪري تضاد جو الزام ڊاڪٽر دائود پوٽي تي مڙھيو ويو آھي.

ڊاڪٽر شام صاحب پنھنجي ھميشھ جي عادت مطابق ھڪ تحرير پنھنجي طرفان لکي، ٻئي جي طرف منسوب ڪري ٿو. محترم پروفيسر محبوب علي چنھ جي لاءِ لکي ٿو تھ ھو چوي ٿو تھ: ”معلوم ٿيو آھي تھ گربخشاڻي جو ٺاھيل چوٿون جلد سندس فرزند جي حوالي پيو آھي.[20] چوي ٿو تھ ”معلوم ٿيو آھي.“ ھن عبارت جو ھرگز اھو مطلب نھ آھي تھ ڊاڪٽر دائود پوٽھ کان معلوم ٿيو آھي. وري ڊاڪٽر صاحب پنھنجن لفظن ۾ ھيءَ عبارت لکي ٿو: ”چنھ صاحب بھ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي دعويٰ کي مڃي ٿو، جنھن جي چٽائي ھو ”لطيفي لنؤ“ جي ساڳي صفحي تي ڪري ٿو.“[21]

سڄي عبارت منجھائي لکيل آھي، جنھن کي چٽو لکي ھا تھ چنھ صاحب ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڪھڙي عبارت کي مڃي ٿو؟ چنھ صاحب جي ھيءَ عبارت ملي ٿي: ”شاھ صاحب جي رسالي جو آخري نسخو پيش ڪريان ٿو، جو ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي ۽ اسان جي ديس جي جيد فاضل شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽھ جي نيڪ ڪوششن سان تيار ٿيو.“[22]

لطيفي لنؤ ۾ ٻي ڪا دعويٰ نٿي ملي. ايترو معلوم ٿو ئي تھ ٻنھي ڊاڪٽرن گڏجي رسالي لاءِ ڪم ڪيو. چنھ صاحب جي لکڻي مان اھو ھرگز نٿو ملي تھ ڊاڪٽر دائود پوٽو چوي ٿو تھ رسالي ۾ گھڻو ڪم منھنجو آھي يا اھا ڪھڙي دعويٰ آھي جا ڪن ھئي آھي؟ ھي پتو پوي ٿو تھ: ”معلوم ٿيو آھي تھ آنجھاني جو چوٿون جلد تيار ٿيل سندس فرزند جي حوالي پيو آھي.“ ڪنھن کان معلوم ٿيو آھي؟ تنھن جي خبر نٿي پوي. ڊاڪٽر شام صاحب ڪھڙي آڌار تي محترم چنھ صاحب کي ڊاڪٽر دائود پوٽھ جي خلاف پنھنجو گواھ بيھارڻ ٿو گھري؟

ڊاڪٽر شام صاحب لکيو آھي تھ: ”ڊاڪٽر دائود پوٽو ٿو چوي تھ رسالي ۾ گھڻو ڪم منھنجو آھي.“[23] اھا ڳالھھ دل سان لڳي ٿي. پروفيسر شام صاحب جي نظرن مان جيترا بحث انھن ڳالھين بابت گذريا آھن، سي انھيءَ دعويٰ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن. پر ڊاڪٽر شام صاحب ۽ پروفيسر لالسنگ اجواڻي ان ڳالھھ کي مڃڻ لاءِ تيار نھ آھن، جنھن تي غور ڪرڻ جي ضرورت آھي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي رسالي جي ٽنھي جلدن جي منڍ ۾ جيڪو ڪم دائود پوٽي ڪيو آھي، سو لکي ڇڏيو آھي. ان جي تفصيل تي بحث ڪريون ٿا:

1)        سڀ کان پھرين شاھ صاحب جو ڪو نھ ڪو رسالو معيار جي طور تي اختيار ڪيو ويو ھوندو، تاڪھ ھن جي بنياد تي جيترا ٻيا رسالھ دستياب ٿي سگھيا ھوندا، تن سان ڀيٽ ڪيو ويو ھوندو.

2)       پھرين شاھ صاحب جي سرن جو تعداد معلوم ڪيو ويندو. پوءِ ان رسالي سان باقي رسالن جي سرن جي تعداد جي ڀيٽ ڪئي ويئي ھوندي ۽ اھو ڏٺو ويو ھوندو تھ ھن رسالي ۾ جيڪو بنيادي طرح اختيار ڪيو ويو آھي، تنھن ۾ سڀئي سر موجود آھن يا نھ جيڪي باقي رسالن ۾ ملن ٿا؟ جيڪڏھن ڪو سر وڌيڪ ملي ٿو تھ تحقيقات ڪرڻ کان پوءِ زير ترتيب رسالي ۾ شامل ڪيو ويندو.

3)       جيڪڏھن ڪو اھڙو سر ملي ٿو جيڪو شاھ صاحب جو نھ آھي ۽ امتداد زمانھ جي سبب يا شھرت جي سبب يا ڪنھن ٻئي سبب کان ڪنھن رسالي ۾ داخل ٿي ويو آھي تھ ان کي زير ترتيب رسالي ۾ تحقيق کان پوءِ داخل نھ ڪيو ويندو.

4)       جڏھن سرن بابت فيصلي تي پھچي وڃبو تھ پوءِ زير ترتيب رسالي جي سرن جي ھر ھڪ بيت کي ھٿ ۾ کنيو ويندو ۽ باقي سڀني رسالن جي مقرر ٿيل سرن جي بيتن سان مقابلو ڪيو ويندو. جيڪو بيت گھٽ ھوندو، سو تحقيق کان پوءِ داخل ڪيو ويندو. پر جيڪو بيت شاھ صاحب جو ثابت نھ ٿيندو تھ تحقيق کان پوءِ ان کي خارج ڪيو ويندو.

5)       ھن کان پوءِ رسالي جي ھڪ ھڪ بيت جي ھڪ ھڪ سٽ جي ڀيٽ ڪئي ويندي ۽ ان جي تصحيح بھ تحقيق سان ڪئي ويندي ۽ ترڪ واختيار جو عمل بھ ان ۾ جاري رھندو.

مٿيون سڄو بيان پڙھڻ ۾ نھ ڏکيو آھي نھ وقت ٿو لڳي، پر ان کي عملا ڪيو ويندو تھ خبر پوندي تھ ڪيترو نھ ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ آھي ۽ ڪيترو نھ وقت وٺي ٿو.

6)       جڏھن ڪافي وقت ۽ محنت کان پوءِ رسالي جي ھڪ صورت تيار ٿي ويندي تھ پوءِ ھر ھڪ سر جي مشڪل لفظن تي ڌيان ڏبو، ڇاڪاڻ تھ ترڪ واختيار جو عمل پورو ٿي چڪو ھوندو ۽ مشڪل لفظن جي شرح جو وارو ايندو. مختلف سرن ۾ جنھن بھ لفظ جو شرح ملندو ويندو، تنھن کي تحقيق بعد ان سر ۾ داخل ڪيو ويندو. باقي رھيل لفظن جي شرح لاءِ معتبر لغتن جي ورق گرداني ڪئي ويندي. ھر ڪم بھ جيترو آسان لڳي ٿو، اوترو ڏکيو آھي. ھن شرح ۾ اسماءُ مشتقات جو مصدر ۽ لفظ مشتق جي تشريح داخل ڪئي ويندي ۽ جامد لفظن جي تشريح بھ جدا ڪئي ويندي ۽ لفطن جي تذڪير وتانيث بھ تحقيقن کان پوءِ درج ڪرڻ ۾ ايندي.

7)       اصطلاحات جي تحقيق تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو ۽ انھن جي آسان سمجھاڻي ڏيئي معنيٰ لکي ويندي.

8)       ضرب الامثال ۽ چوثين کي ڌار لکي ھر ھڪ تي جدا جدا تحقيق ڪري اصطلاحات وانگر سمجھائي معنيٰ ڪئي ويندي.

9)       تلميحات کي مٿين ڳالھين کان الڳ ڪري، شرح ڪيو ويندو.

10)   عربي عبارتن جو ترجمو ڪيو ويندو.

11)    عربي عبارتن ۽ قرآن حڪيم، حديث مبارڪ ۽ ٻين عربي قولن کان ھڪ ٻئي کي الڳ الڳ ڪري سمجھايو ويندو.

ھڪ نئين رسالي جي ترتيب لاءِ مٿيان يارھن نڪتا بيحد اھم آھن. انھن ۾ اضافو تھ ڪري سگھجي ٿو، پر ڪن کي گھٽ ڪرڻ مشڪل آھي. ڊاڪٽر گربخشاڻي ٽن جلدن جي منڍ ۾ صاف ٻڌائي ڇڏيو آھي تھ ڊاڪٽر دائود پوٽي ڇا ڇا ڪيو آھي؟ جنھن جو تفصيل اسان مٿي يارھن نڪتن ۾ ڏيکاريو آھي، جنھن کان ڊاڪٽر شام اک ٻوٽي ڪنز اللطيف جي صفحي٢٣ تي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي طرف منسوب ڪيو آھي.

12)   تشبيھھ ۽ استعارا جيڪي شاھ صاحب استعمال ڪيا آھن، تن کي سمجھائڻ.

13)   لفظي ۽ معنوي صنعتن جي سمجھاڻي.

14)   موجز بياني يعني عبارت جو ضرورت کان وڌيڪ ھجڻ جي حالت ۾ گھٽ ڪري بيان ڪرڻ، اھڙي طرح جو ڪلام جي خوبي ۾ ڪابھ گھٽتائي نظر نھ اچي بلڪھ وڌيڪ معنيٰ معلوم ٿئي. جنھن کي اھو ئي چڱي طرح سمجھي سگھندو، جيڪو عربي تي عبور رکندو ھجي.

15)   ڪلام ۾ فصاحت جو بيان سمجھائڻ، يعني لفظن ۾ رواني ۽ غنايت جي سمائڻ کي سمجھائڻ.

16)   ڪلام ۾ بلاغت ڏيکارڻ يعني عبادت ۾ لفظن جو اھڙي استعمال استعمال، جو مفھوم کي ادا ڪرڻ ۾ مدد ڏئي. بلغا جي ڪلام مان ھڪ لفظ ڪڍي ڇڏجي تھ مقصد فوت ٿي ويندو.

17)   سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ مشڪل ڪم جو مؤلف کي پيش اچي ٿو ۽ ڪتاب جي داخليت سان واسطو رکي ٿو، سو آھي مشڪل مقامات جي تشريح. مشڪل مقامات جي تشريح جو ھي عالم آھي تھ تشريح ڪرڻ وارو ھڪ ھڪ سر جو مرڪزي خيال سمجھندو ھجي، ان کان پوءِ ھر بيت بابت سمجھندو ھجي تھ جنھن بيت کي جنھن مقام تي لکيو ويو آھي، تنھن کي ان مقام تي ھجڻ گھرجي. ايترين ڳالھين سمجھڻ کان پوءِ تشريح جو حق ادا ٿي سگھي ٿو.

جيڪڏھن شرح ڪندڙ شاھ صاحب جي وائي جو مفھوم ۽ ضرورت نٿو سمجھي تھ ان قسم جي سڄي تشريح تشنيھ رھجي ٿي وڃي. زير بحث مقام بابت اسان مٿي جيڪي ڏيکاريو آھي، تنھن مان نوجوان دائود پوٽي کي جنسي لنگھڻو پيو آھي ۽ خود ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ لکي ڇڏيو آھي تھ دائود پوٽي منھنجي مدد ڪئي آھي. اسان رڳو تفصيل ڏيکاريو آھي، اڃا پروف پڙھڻ ۽ ان کي درست ڪرڻ جدا آھي.

اسان مٿي جيڪي ڏيکاري آيا آھيون، تنھن مان صاف ظاھر آھي تھ رسالي جو اسي فيصد حصو ڊاڪٽر دائود پوٽي جو لکيل ثابت ٿي وڃي ٿو. اسان کي ڊاڪٽر گربخشاڻي جا جيڪي خط ھن ڊاڪٽر دائود پوٽي کي لکيا آھن، ھٿ آيا آھن. سي صاف ڏيکارين ٿا تھ معاملو ڇا ھو؟ اھي اڳتي ھلي ڏيکاربا.

ڊاڪٽر شام صاحب اھڙي طرح لائي ڳالھائي ويو آھي، ڄڻ تھ ڊاڪٽر دائود پوٽو ڪوڙ ٿو چوي. ھڪڙي ھنڌ لکي ويو آھي تھ ڊاڪٽر دائود پوٽو ٿو چوي تھ رسالي ۾ گھڻو ڪم منھنجو آھي. (ڪنز اللطيف ص٢٥) انھيءَ بحث کي توڙ تي پھچائڻ جي بدران ٻئي بحث ۾ وڃي پيو آھي تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي چوٿون جلد بھ لکيو ھو ۽ وري پنھنجي طرفان ھڪ بيان ڏئي، ڊاڪٽر دائود پوٽھ جي طرف منسوب ٿو ڪري، تاڪھ ناظرين جو ڌيان تھ ”گھڻو ڪم دائود پوٽي جو آھي“ اتي ئي رھجي وڃي ۽ ڦري ان پاسي ٿئي تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي چوٿون جلد بھ لکيو ھو. ڊاڪٽر دائود پوٽي تي الزام ٿو رکي تھ ھو پنھنجي پھرين مؤقف کان ڦري ويو آھي.

اسان ثبوت ڏنو آھي تھ رسالي تي گھڻو ڪم ڊاڪٽر دائود پوٽي جو آھي ۽ ھاڻي نئين الزام تي اچون ٿا. اسان ثابت ڪري ڏيکاريو آھي تھ محترم محبوب علي چنھ ڪٿي بھ ڪونھ چيو تھ ڊاڪٽر دائود پوٽو ٿو چوي تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي چوٿون جلد لکيو آھي.

ڊاڪٽر شام صاحب چوي ٿو تھ: ”وري ٻئي ھنڌ ڊاڪٽر دائود پوٽھ پنھنجي پھرين راءِ جي ابتڙ راءِ ظاھر ڪري ٿو. ھو چوي ٿو تھ گربخشاڻي چوٿون جلد بھ تيار ڪيو ھو.“[24] ياد رکڻ گھرجي تھ ڊاڪٽر شام صاحب پنھنجي سڄي ڪتاب ۾ ڪنھن بھ حوالي سان ڪونھ ڏيکاريو آھي تھ ڊاڪٽر دائود پوٽھ جي پھرين راءِ ڪھڙي آھي، جنھن جي ابتڙ ھو ٻي راءِ ڏئي ٿو.


 


[1]   علامھ اقبال پھريون ڇاپو ص٥٠-٥١

[2]   ساڳيو

[3]   ساڳيو

[4]   تحفه مرسد مصنف ابو سعيد ابو الخير مولانا محمد عبدالعزيز ص١٠٣

[5]   نقد اقبال مؤلف مولانا محمد علي ميڪش ڇاپو پھريون ص١-٢

[6]   ساڳيو

[7]   ڪنز اللطيف ص٣٤

[8]   ڪنز اللطيف مؤلف شام ص٣١

[9]   ڪنز اللطيف مؤلف شام ص٣٣-٣٤

[10]   ساڳيو

[11]   ساڳيو

[12]   ڪنز اللطيف مؤلف شام ص٣٣-٣٤

[13]   ڪنز اللطيف مؤلف شام ص٢٣-٢٤

[14]   سنڌي ادبي رسالو جون ١٩٥١ع ص٩

[15]   ڪنز اللطيف فٽ نوٽ ص٢٣

[16]   نئين زندگي نومبر ١٩٥٣ع ص٦

[17]   ڪنز اللطيف ص٢٣، ٢٩، ٣٠

[18]   ساڳيو

[19]   ڪنز اللطيف ص٣٠

[20]   لطيفي لؤ مؤلف پروفيسر محبوب علي چنھ ص٣٩

[21]   ساڳيو

[22]   ساڳيو

[23]   ڪنز اللطيف ص٢٥

[24]   ڪنز اللطيف ص٢٥-٢٦

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org