سيڪشن: ادب

ڪتاب: ادب ۽ تنقيد

باب:

صفحو:23 

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي دلجوئي ڪرڻ ۾ ويھن ننھن جو زور لڳايو آھي، بلڪھ قارئين کان معافي گھرندي ھڪ ڳالھھ چوڻ تھ مون کي ڊاڪٽر دائود پوٽھ جي مخالفن مجبور ڪيو آھي تھ دلجوئي کان وڌيڪ خوشامد ٿي رھي آھي، ڇاڪاڻ تھ رسالي کان سواءِ زندگي جي ٻين معاملن ۾ مدد جي اميد جي ڇا معنيٰ آھي؟ ھيءُ خوشامد جو ھڪ قرينو آھي. ھن گستاخيءَ جي پنھنجي استاد ڊاڪٽر گربخشانيءَ جي روح کان بھ معاف گھران ٿو. قرآن شريف جي تعليم آھي تھ:

”والحق احق ان يتبع.“

حق ھن ڳالھھ جو وڌيڪ حقدار آھي تھ ان جي پيروي ڪئي وڃي.

جڏھن ڊاڪٽر شام صاحب ڏٺو تھ باوجود غلط بياني جي ڊاڪٽر دائود پوٽي تي الزام نٿو اچي سگھي تھ ”گھڻو ڪم منھنجو آھي“ کي تڙ تڪڙ ۾ ڇڏي تضاد جو الزام رکندي ٻھ گواھ پروفيسر محبوب علي چنھ ۽ غلام محمد شاھواڻي جون گواھيون پيش ڪري ڇڏيائين. اھو ڪين ڏٺائين تھ پروفيسر چنھ پنھنجي عبارت ۾ ”معلوم ٿيو آھي“ لکيو آھي ۽ شاھواڻي صاحب ”چيو وڃي ٿو.“

تاريخي نڪتو آھي تھ جڏھن ڪو شخص پنھنجي بيان ۾ لکي ٿو تھ: ١- روايت آھي ٢- بيان ڪيو وڃي ٿو ٣- معلوم ٿيو آھي ٤- چيو وڃي ٿو ٥- چئجي ٿو وغيرھ وغيره.

انھيءَ قسم جون ٻيون عبارتون جڏھن ڪن بيانن جي منڍ ۾ اچن ٿيون تھ اھي جنھن واقعي جي لاءِ استعمال ڪيون وڃن ٿيون تھ اھو واقعو يقيني نھ ھوندو آھي، بلڪھ مؤرخ يا سوانح نگار جو شڪ شبھو يا غير يقيني ھجڻ ثابت ڪندو آھي. يعني روايتن جو صحيح ماخذ معلوم نھ ھوندو آھي تھ مؤرخ يا سوانح نگار پنھنجي بيان کي اھڙن جملن سان شروع ڪندو آھي، جيئن پروفيسر چنھ ڪيو آھي. انھيءَ ڳالھھ شام صاحب جي غلط بياني واضح ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر گربخشاڻي جي خط معاملو صاف ڪري ڇڏيو.

شام صاحب ھڪ وڏو اعتراض ڊاڪٽر دائود پوٽي تي ھي بھ ڪيو آھي تھ ”شاھ جو ”مذھب“ ۽ ”ويدانت“ بابت ڪابھ چٽائي ڪيل نھ آھي، ڇاڪاڻ جو ان تي اعتراض آھن.“[1] ھن جو ڪجھھ جواب مٿي ڏنل آھي ۽ باقي ھتي ڏجي ٿو. شاھ جو مذھب لاءِ پڇاڙي ۾ ڪجھھ ڏنو ويندو. ھيءُ الزام بھ دائود پوٽي تي اجايو آھي، ڇاڪاڻ تھ اسلامي تصوف ۽ ويدانت کي ھڪ ڪري ڏيکارڻ ۾ گربخشاڻي صاحب جو ھٿ ھو.

ڊاڪٽر دائود پوٽو اسلامي تصوف ۽ اسلامي عقيدن کي ڪيترو سمجھندو ھو؟ سو سنڌ جي ھڪ عالم مولوي غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جو ھيءُ رايو آھي:

”پر منھنجي حيرت ۽ اچرج جي انتھا نھ رھي، جو جڏھن بھ علمي مجلسن ۾ ڊاڪٽر صاحب (ڊاڪٽر دائود پوٽھ – خليل) سان تفسير، حديث، تصوف، تاريخ، نحو، معاني، بيان، بديع ۽ ٻين علمن جي مسئلن متعلق ڪا بھ گفتگو ٿي تھ مون کيس يگانھ روزگار ڄاتو.“[2]

ھن بيان مان ثابت آھي تھ ڊاڪٽر دائود پوٽھ موصوف جي سامھون تصوف جو بيان اھڙيءَ طرح ڪيو آھي، جو موصوف جي سامھون مڃڻ جي قابل ھو ۽ اسلامي نقطھ نظر سان ان تي اعتراض ڪونھ ٿي سگھيو ٿي.

گربخشاڻي جو خط نمبر٣

اسٽريچن روڊ ڪراچي

مون ٽئين جلد جو خيال ڏينھن مقرر ڪرڻ بنان لاھي ڇڏيو آھي.

ڊاڪٽر دائود پوٽھ جي متحرڪ طاقت دستياب نھ ھجڻ جي سبب، ڊاڪٽر گربخشاڻي بيوس ٿي پيو ۽ ان جلد جي تياري ۾ من لڳائي نھ سگھيو. حقيقت ۾ دائود پوٽھ جي مدد کان سواءِ ھو ھڪ قدم بھ اڳتي وڌي ڪين ٿي سگھيو. ٽئين جلد لکڻ جي خيال لاھي ڇڏڻ کان سواءِ ٻيو چاڙھو ڪونھ ھو، نھ تھ سڄا سارا ٽي سال پيا ھئا جو ٽيون جلد لکي سگھي ھا. ڇاڪاڻ تھ ٻيو جلد ١٩٢٥ع تائين ڇپجي چڪو ھو. اصل ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽھ جي اچڻ تائين ترسيل ھو. تاريخ تي نظر وجھڻ سان خبر پوندي تھ ولايت مان موٽڻ بعد ١٩٢٧ع ۾ ٽيون جلد سواءِ سر ڪيڏاري جي لکي ورتائين. سر ڪيڏاري تان اختلاف ٿيو. سر ڪيڏاري لکڻ ۾ غلام دستگير مدد ڪيس. اھو ٽيون جلد ١٩٣١ع ۾ ڇپيو تھ انھيءَ جي منڍ ۾ غلام دستگير بابت بيجا تعريف تي ڊاڪٽر دائود پوٽي کيس ٻھ خط لکيا. ھڪڙو ٣٠ مئي ١٩٣١ع ۽ ٻيو ٦ جون ١٩٣١ع، جن جو اقتباس پروفيسر بدوي سيپٽمبر ١٩٥٠ع ۾ عام راءِ رسالي ۾ ڇاپايو. ڌيان جي قابل ڳالھھ ھيءَ آھي تھ تاريخون سلسلي وارن ملن ٿيون، جن کان پروفيسر اجواڻي ۽ شام ٻنھي اک ٻوٽ ڪئي آھي. ھن تي اڳي ئي مٿي تبصرو ڪيل آھي.

ان مان ظاھر آھي تھ سر ڪيڏاري کان سواءِ ٽئين جلد تي ٻنھي ڊاڪٽرن جو ڪم ڪيل آھي.

گربخشاڻي جو خط نمبر٤

لنڊن، اين ڊبليو ٦

ترت جواب ڏيڻ جو گھڻو شڪريو. رسالي جي ڪاپي جي غير موجودگيءَ ۾ حالت جو گھڻو فائدو وٺبو، پر وڏيون تڪليفون ٿينديون جو ابيات جي ترتيب بي – ايم مسوده کان بلڪل مختلف آھي. ان کان سواءِ گھڻو ڪري ھيڻائي محسوس ڪريان ٿو.

جڏھن کان آيو آھيان، ڏسان ٿو تھ منھنجا ڏند تمام گھڻو خراب ٿي پيا آھن.

مون ھاڻي قطعا جھاز جي مسافري لاءِ پي – ائنڊ – او جھاز مئسيڊونيا جي رستي ٽڪيٽ وٺي ڇڏي آھي ۽ لنڊن ٢٣ تاريخ ڇڏڻ جو ارادو آھي. واٽ تي ٿورا ڏينھن پئرس ۾ گذارڻ گھرندس. توکي وڃڻ کان اڳي ڪيمبرج ۾ ملندس.

گربخشاڻي جو خط نمبر٥

گاور اسٽريٽ لنڊن

خراب صحت جي ڪري سوکو وقت پيو گذاريان ۽ ميوزيم ۾ ڪم نٿو ڪريان. ميوزيم جي فوٽو گرافر کي وٺي رسالي جي عڪس وٺڻ جو تخمينو پڇيم. ١٣ پائونڊ ١٠ شلنگ ٿئي ٿو. پر نھ ايترو خرچ برداشت ڪري سگھان ٿو، نڪو تندرستي جي حالت ۾ آھيان جو مسوده ڪاپي ڪري سگھان. جڏھن ملنداسين تھ ڳالھھ ڪنداسين تھ حالتن کي بھترين نموني سان ڪيئن منھن ڏجي؟

ايڊنبرگ وڃڻ جو خيال لاھي ڇڏيو اٿم ۽ شايد ڪيمبرج بھ آخرڪار نھ اچين، جيتوڻيڪ شرم جي ڳالھھ ٿيندي جو توکي تنھنجي ماحول ۾ نھ ڏسندس. ھي پيسن جو سوال آھي.

انھن ٻنھي خطن مان پتو پوي ٿو تھ گربخشاڻيءَ وٽ شاھ جي رسالي جي ڪاپي ڪانھ ھئي، سو دائود پوٽي کان پڇيو اٿس جنھن ترت جواب ڏنو اٿس. ميوزيم ۾ شاھ جي رسالي جي ڪاپي سان شايد ڀيٽڻ ٿي گھريائين. بي – ايم جي مسودي کان ميوزيم وارو نسخو جدا ٿي معلوم ٿيس. گربخشاڻي جي طبيعت ڪمزور ھئي ۽ ڏند بھ خراب ھئا. واپس ورڻ لاءِ ٽڪيٽ وٺي ڇڏي ھئائين. صحت خراب ھئڻ جي ڪري ميوزيم وارو رسالو ڪاپي ڪري نٿي سگھيائين، تنھن ڪري فوٽو ڪاپي ڪڍائڻ ٿي گھريائين، پر خرچ برداشت نھ ڪري سگھيو. مالي حالت جي ڪري نھ ايڊنبرگ وڃي ٿي سگھيو ۽ نھ دائود پوٽي کي ڏسڻ لاءِ ڪيمبرج.

(اھڙا خط ھٿ نھ آيا آھن جنھن مان پتو پوي تھ دائود پوٽي کي ڪيمبرج وڃي گڏيو آھي يا نھ؟ - خليل)

گربخشاڻي جو خط نمبر٦

اسٽريچن روڊ ڪراچي

سمجھي نٿو سگھان تھ تون مشڪل مان ڪيئن پار پئي سگھندين؟

شاھ جي رسالي جي ڪاپي موڪليان ٿو پر آءٌ نٿو ڀانيان تھ تو وٽ ايترو وقت ھوندو جو انھيءَ ڪم کي منھن ڏيئي سگھندين. ڪيئن بھ ھجي، جيڪي ٿي سگھي سو ڪر.

وسھان ٿو تھ تون ٢٨ تاريخ جھاز رستي روانو ٿيندي، تنھن ڪري اھو گھڻو ڪري توکي منھنجو پويون خط ھوندو. انتظار رھندو تھ توکي ھتي جلد ڏسنداسين.

پوئين خط مان قرينن مان معلوم ٿئي ٿو تھ ٻنھي ڪيمبرج ۾ گڏجي مشورو ڪيو آھي، تنھن ڪري ڪراچي پھچي شاھ جو رسالو موڪليو ويو تھ ميوزيم جي رسالي سان ڀيٽ ڪري نوٽ لکي وٺجن. گربخشاڻي کي ڊپ ٿيو آھي تھ دائود پوٽو ٢٨ جولاءِ تي موٽڻو آھي، تنھن ڪري لکيائين تھ: ”ڪيئن بھ ھجي، جيڪي ٿي سگھي سو ڪر.“

ڊاڪٽر دائود پوٽي ڏٺو تھ ڪم پورو ڪين ٿي سگھندو، تنھن ڪري رھجي پيو. سيپٽمبر ١٩٢٧ع ۾ موٽيو، تنھن جو مطلب پنھنجي استاد جي چوڻ تي ٻھ مھينا وڌيڪ ولايت رھيو ۽ ڪم پورو ڪري ورتائين. انھيءَ جي شڪايت پنھنجي ٻئي خط ٦ جون ١٩٣١ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي سان ڪئي اٿس. حقيقت ۾ ٻھ مھينا ترسي، ميوزيم واري رسالي جو ڪم شاھ جي موڪليل رسالي سان نھ رڳو ڀيٽي بلڪھ پورا نوٽ وٺي آيو. ھڪ سعادتمند شاگرد، جيڪو پاڻ غريب ۽ مسڪين ھو، ٻھ مھينا رھي، جاني ۽ مالي قرباني ڪئي اٿس.

ڊاڪٽر دائود پوٽي جيڪي ڪي لکي دعويٰ ڪئي آھي، سا ڊاڪٽر گربخشاڻي جي مٿين خطن جي روشنيءَ ۾ حرف بحرف صھيح آھي. سندس دشمنن تحقيق ۽ تدقيق ڪرڻ جي بجاءِ، مکڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ويھي پاڻي ولوڙھيو اٿن. سندس ڪردار جو ماڻھو اڄ سڄي سنڌ ۾ مشڪل سان لڀندو. جن ساڻس خواه مخواه دشمني نڀائي، تن جو ڪردار سنڌ واسين کان لڪل ناھي. رھي نانءُ سائين جو.

شاھ جو مذھب:

ھن موضوع تي پھرين ڇاپي ۾ گھڻو ئي ڪجھھ لکيو ويو آھي، پر ڊاڪٽر دائود پوٽي تي اعتراض جو جواب ڏيڻ ضروري آھي. ھن تي اعتراض آھي تھ: ”جنھن حالت ۾ شاھ جو مذھب ۽ ويدانت تي اعتراض آھن، تنھن ڪري ڊاڪٽر صاحب وضاحت نھ ڪئي آھي تھ اھي ھن جا لکيل آھن يا ڊاڪٽر گربخشاڻي جا؟“

ھن جو جواب مٿي ڏنل آھي. حقيقت ۾ ڊاڪٽر صاحب کي جواب ڏيڻ بھ نھ کپندو ھو، ڇاڪان تھ عيان را چھ بيان. ڊاڪٽر گربخشاڻي ھندو ھئڻ جي ڪري اسلامي عقيدا نھ ڄاڻندو ھو، پر حيرت ڊاڪٽر عبدالجبار تي آھي جو ڪنز اللطيف جي صفحي ٣١ کان ٣٤ تائين جيڪا گوھر افشاني ڪئي اٿس، تنھن مان ھن کي خود ڪا خبر نھ پئي آھي تھ ڇا چئي رھيو آھي؟ شاھ سني ھو يا شيعو؟ تنھن جي بھ ھن کي خبر نھ آھي.

اسان جي بحث جي پھرين ڇاپي ۾ ۽ مولانا دين محمد وفائي جي لطف اللطيف جي فصل ٽئين، چوٿين ۽ نائين جي بحث کي سمجھيو ئي ڪونھ اٿس. مسلمان ٿي انھن بحثن کي نھ سمجھڻ حيرت ۾ وجھندڙ ڳالھھ آھي. مولانا وفائي لاءِ چوي ٿو تھ: ”شاھ صاحب چئن يارن ۽ پنجتن جو مڃيندڙ ۽ عزت ڪندڙ صوفي آھي. ڊاڪٽر گربخشاڻي ان کان انڪار ڪونھ ڪيو آھي. شاھ کي خليفن لاءِ وڏي عزت ھئي ۽ ڪڏھن بھ پنھنجي زبان سان نڪتھ چيني نھ ڪيائين.“

اجھو مولانا کي ھي سمجھيو اٿس. مولانا جا تھ اھي اعتراض آھن ئي ڪين. عبدالجبار صاحب کي گھٽ ۾ گھٽ سمجھڻ کپندو ھو تھ مولانا وفائي جي ڀيٽ ۾ جتي مذھب جو سوال آھي، سندس ڪا حيثيت ڪانھ آھي.

مولانا وفائي صاحب ٻڌائي ڇڏيو آھي تھ شاھ جو مذھب سواءِ اھل سنت والجماعت جي ٻيو ڪجھھ نھ آھي، جنھن جي ثبوت ۾ فرمايو اٿس تھ: ”شاھ صاحب قادريھ طريقي جو مرشد ۽ شريعت جو پابند صوفي بزرگ آھي. اسان ڏيکاريو آھي تھ شيعي مذھب ۾ تصوف ٿيندو ئي ڪونھ آھي. خصوصا اھڙو طريقو جنھن جو ڳانڍاپو وڃي شيخ عبدالقادر جيلاني سان ٿئي.“

عبدالجبار صاحب لکي ٿو تھ: ”ھروڀرو ضروري ڪونھي تھ گربخشاڻي شاھ صاحب کي ڪنھن فرقي سان منسوب ڪري.“

جڏھن ڊاڪٽر گربخشاڻي ھڪ باب جو عنوان مقرر ڪري ٿو ”شاھ جو مذھب“، ھن جي عام طرح ڇا معنيٰ ٿي سگھي ٿي؟ اھو عناون ڏيئي مونجھارو ئي مونجھارو پيدا ڪيو اٿس. تنھن مان گربخشاڻي جو ڪو مقصد بھ ھو يا نھ؟

عبدالجبار صاحب لکي ٿو تھ ”مگر ڪن ڳالھين ۾ سندس (شاھ جي) روش شيعن جھڙي ھئي. محرم ۾ سارو مھينو شيعن وانگر ماتم ۾ گذاريندو ھو.“

ڪنھن بھ سوانح نگار لفظ ماتم جي پوري تشريح نھ ڪئي آھي. ڇا شاھ صاحب مٿو ۽ ڇاتي پٽيندو ھو؟ انھيءَ حالت ۾ ڪنھن ھن کي ڏٺو ھو؟ انھيءَ ڳالھھ تي سڀ سوانح نگار خاموش آھن ۽ ائين نھ ھو، ڇاڪاڻ تھ شاھھ عاشق رسول ھو ۽ پان سڳورن ان کان سخت منع ڪئي آھي. تنھن ڪري ائين ڪڏھن نھ ڪيو ھوندائين. ماتم جي ھتي معنيٰ رنج وغم آھي. رنج وغم ۾ رھڻ ۽ ڪارا ڪپڙا ڍڪڻ اھل تشيعت جي نشاني نھ آھي. بني عباس جا ڪي خليفا، خصوصيت سان ھارون الرشيد ڪارا ڪپڙا پائيندو ھو، پر پڪو سني ھو. ڪيترا ماڻھو محرم ۾ ڪارا ڪپڙا پائيندا آھن. سڀ شيعا نھ آھن، انھن ۾ سي بھ آھن جيڪي ڪارا ڪپڙا نھ پائيندا آھن پر انھن ۾ شيعا بھ ھوندا آھن. محرم ۾ غم ورنج ڪيترا بزرگ ڪندا آھن، باوجود ان جي جو ھو سني ھوندا آھن. تاريخ اھڙن مثالن سان ڀري پئي آھي. تنھن ڪري رنج وغم ۾ ڪارا ڪپڙا پائڻ جي ڪري ڪو شيعو نھ ٿيندو آھي.

عبدالجبار صاحب لکي ٿو تھ” اتي تنقيد ڪرڻ وارن کي ڪھڙو ڏوھ ڏبو جو ھو ساڳئي صفحي تي لکيل انھن اکرن کي ليکين ڪين ٿا ”روايت آھي“ تھ شاھ صاحب پنھنجن ابن ڏاڏن وانگر سني مذھب جو ھو.“

عبدالجبار صاحب کي خبر نھ آھي تھ ان مان مني معنيٰ نڪري ٿي نھ مثبت. ”روايت آھي“ جملو نھ ھجي ھا تھ ڳالھھ ٻي ٿي پوي ھا. اھو نڪتو مٿي سمجھائي آيا آھيون. ساڳي ڳڙٻڙ محترم چنھ واري عبارت ۾ بھ ڪري آيو آھي.

حقيقت ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي اندا تحرير ۽ بغض ترڪ واختيار جي عمل ھي بحث پيدا ڪيو تھ شاھ صاحب سني ھو يا شيعو؟ صحابن سٿ وارو بيت ڪڍي ڇڏيائين، جيتوڻيڪ مرزا قليچ بيگ صاحب شيعو ھوندي بھ اھو رکيو. ڪن ناقدن ھي بيت بھ رکيو آھي:

پائي پانڌ ڳچي ۾ ڪرنت نيازي

اڳيان احمد آڻج آزي

چئن پنجن جو ٿي تون پاري.

جنھن ۾ پنج سان گڏ چئن جو لفظ بھ موجود آھي. ان مان چئن يارن جي عقيدي جي تائيد ٿئي ٿي. سر ڪيڏاري بابت تمام وڏن اديبن جو رايو آھي تھ تمام گھڻا بيت شاھ جا نھ آھن. جھڙوڪ علامھ دائود پوٽھ، علامھ وفائي، علامھ آئي آئي قاضي، مخدوم صالح محمد ڀٽي ۽ ڪيترا ٻيا، حتيٰ ڪھ مرزا قڪيڇ بيگ بھ انھيءَ خيال جو نظر اچي ٿو. شيعن صاحبان سمجھيو تھ اھو رکڻ سان شاھ شيعو ثابت ٿيندو. حالانڪھ شاھ صاحب جي سوانح حيات ۾ اھڙا واقعا ناقابل ترديد حيثيت سان ملن ٿا، جيڪي ھن کي سني ثابت ڪن ٿا. صحابن سٿ وارو بيت نھ ھجڻ يا سر ڪيڏاري جي ھجڻ ۾ فرق نٿو اچي. مرزا قليچ بيگ صاحب ٿو چوي تھ ھو ھٿ ٻڌي نماز پڙھندو ھو، اھو سنين جو طريقو ٿيندو آھي. چوندا آھن:

کند ھمجنس با ھمجنس پرواز

کبوتر يا کبور باز با باز

شاھ صاحب جو اٿڻ ويھڻ، ملان معين سان گھڻو ھو. ايترو جو ھن جي جنازه نماز بھ پاڻ پاڙھي ھئائين. ھو نقشبنديھ طريقي جو بزرگ ھو، جيڪي سني ھوندا ھئا. مخدوم محمد زمان لنواري شريف سان گڏيو آھي، جو نقشبنديھ بزرگ ھو. کھڙن جي بزرگ سان ملاقات ڪئي اٿس، جيڪو سني ھو. اھڙو ڪو شيعو بزرگ نظر نٿو اچي، جيڪو شيعو ھجي، جنھن سان ملاقات ڪئي ھجي.

پاڻ قادريھ سلسلي ۾ پھريائين بيعت ھو، جيڪو حضرت غوث اعظم جي توسط سان حضرت علي تي منتھي ٿئي ٿو جنھن ۾ پيري مريدي جو دستور ھوندو آھي. مگر بقول شيعن جي، شھيد ثالث ملا نور الله شستري مجالس المؤمنين ۾ ھن عقيدي جي تشريح ڪئي آھي تھ بيعت صرف امام معصوم جو حق آھي. امام معصوم جو حقيقي ڀاءُ بھ بيعت نٿو وٺي سگھي. انھيءَ ڪري شيعھ حضرات حضرت امام باقر جي حقيقي ننڍي ڀاءَ حضرت امام زين العابدين جي ننڍي پٽ ۽ حضرت امام حسين رضي الله عنه جي ننڍي پوٽي حضرت زيد کي ڪافر چون ٿا. ھن جي خلود في النار جا قائل آھن، ڇاڪاڻ تھ حضرت زيد بني اميھ کان جنگ ڪرڻ لاءِ مسلمانن کان بيعت ورتي ھئي.[3]

شاھ صاحب راڳ ٻڌندو ھو ۽ ان کي عبادت سمجھندو ھو ۽ اھو خاص صوفيان اھل سنت جو طريقو آھي. چشتيھ طريقو آھي. چشتيھ طريقي وارا جيڪي سني آھن، ائين ڪندا آھن. صوفي ھميشھ سني مذھب جو ھوندو آھي، ڇاڪان تھ ھن جي مذھب ۾ پيري مريدي واجب آھي ۽ شيعھ مذھب ۾ ائمھ اثنا عشريھ جو حق آھي. صوفي سڀئي اصحاب رسول جا معتقد ھوندا آھن ۽ پنجتن پاڪ جي محبت انھن جي طريقي جو ھڪ خاص عقيدو آھي، باوجود ان جي تھ ھو پنجتن پاڪ ۽ چار يار جا معتقد ھوندا آھن. انھن جو سلسلھ طريقت حضرت علي سان ماخوذ آھي، انھيءَ ڪري انھن جو تعلق حضرت علي سان خاص ھوندو آھي. ھي صوفين جو عام مذھب آھي.

حضرت مولانا شاھ نياز احم بريلوي، جيڪو حضرت نظام الدين اولياءَ دھلوي جي سلسلھ جو مشھور صوفي بزرگ آھي، پنھنجي ديوان ۾ لکي ٿو تھ:

زھي عزو جلال بر تراب فخر انسانڍ

علي المرتضي مشکل کشائڍ شير يزدانڍ

 

حضرت امام حسين رضھ جي شان ۾ چوي ٿو:

اڍ دل بگير دامن سلطان اولياء

يعني حسين ابن علي جان اولياء

 

حضرت غوث الاعظم جي شان ۾ منقب جو مطلع آھي:

بده دست يقين اي دل بدست شاھ جيلاني

کھ دست او بود اندر حقيقت دست يزداني

 

نظام الدين اولياءِ لاءِ منقبت:

زھڍ عز وعلائڍ منتھائڍ اوج انساني

نظام الدين والملت عليه رحمت اللھي

ثابت آھي تھ صوفيائي ڪرام اصحاب ڪبار جي تعظيم سان گڏوگڏ ائمھ طيبين وطاھرين سان بھ عقيدتمندي رکن ٿا. جيڪو شخص اصحاب ڪرام ۽ آل رسول سان محبت رکي ٿو ۽ صوفي آھي تھ ھن جو مذھب قطعا اھل سنت والجماعت ٿئي ٿو، ھو شيعو ھرگز ٿي نٿو سگھي.

شيعن جو عقيدو آھي تھ: ”مذھب صوفيھ ڪفر است“ تڏھن ھڪ مشھور شيعي شاعر چيو آھي:

اين کلام صوفيان شرم نيست

مثنوي مولوي روم نيست

مولانا روم دنيا جي مشھور ترين صوفين مان ھڪ آھي ۽ ڀٽائي ھن جو معتقد آھي. اھو ئي مولانا وفائي لطف اللطيف جي صفحي ١٤٢ تي لکيو آھي، جنھن کي شام صاحب سمجھي نھ سگھيو آھي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي ھڪ باب ۾ ”شاھ جو مذھب“ لکي، ھيءُ تاثر پيدا ڪيو آھي تھ شاھ صاحب شيعو ھو. ھن باب جي آڻڻ جي ضرورت ئي نھ ھئي، ڇاڪاڻ تھ ان ۾ جيڪي لکيل آھي، سو از خود ھي مسئلو پيدا ٿو ڪري ۽ اسان کي بھ لاچار جواب ڏيڻو پيو. شاھ صاحب خود اھو مسئلو آندو ئي ڪين آھي، تڏھن تھ ھر ترڪي ۽ مذھب جا کيس مڃيندا ھئا.

خان بھادر محمد صديق چوي ٿو تھ: ”ڪيڏاري جو سر جو سمورو احسان فقير جو آھي، سو بنان جانچ جونچ جي ڪھڙي ارادي سان داخل ڪيو اٿس؟ تنھن جو جواب بھ پنھنجي زندگيءَ ۾ ئي ڏئي سگھيو. چوندو ھو تھ اھو سر برابر شاھ جو نھ آھي، پر درگاھ جا ھاڻوڪا پير انھيءَ ڳالھھ تي اصرار ڪن ٿا تھ اھي بيت ضرور داخل ڪن، تنھن ڪري مجبور ٿي ائين ڪيو اٿم.“

ڊاڪٽر دائود پوٽو جڏھن اھو مخدوم محمد صالح کان ٻڌو جو سنڌ مدرسھ ۾ ھن جو استاد ھو تھ پوري تحقيق وتدقيق کان پوءِ قائل ٿيو تھ سر ڪيڏارو شاھ جو نھ آھي. اھڙي طرح ٻنھي ڊاڪٽرن جو اختلاف ٿيو.

انھن ڏينھن ۾ ھيءَ افواھ عام ھئي تھ درگاھ جي سجاده نشين ڀٽ شاھ وارو گنج انھيءَ وعدي تي ڏيڻو ڪيو ھو تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي سر ڪيڏارو پنھنجي مرتب رسالي ۾ ضرور رکندو. ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڳالھھ نھ مڃيائين ۽ پوءِ جيڪي ٿيو دنيا ڏٺو. ڊاڪٽر دائود پوٽو پوءِ پنھنجو رسالو لکيو ۽ جنھن ھن جي رسالي ۾ ٽٻيون ھنيون ۽ جيڪو ڪم ڪيائون، سو اسان کي معلوم آھي، ڇاڪاڻ تھ رسالي تي سندس ڪم ڪيل منھنجي نظر مان گذريل آھي ۽ خانم ڊاڪٽر دائود پوٽھ جي سادگيءَ جو معاملو گھٽ ۾ گھٽ مون کان لڪل نھ آھي. ان تي جيترو ماٺ ڪجي، اوترو بھتر آھي. ڊاڪٽر دائود پوٽھ جي وفات کان پوءِ جيڪي ڪي لکيو ويو آھي، سو ڊاڪٽر دائود پوٽھ جو رھين منت آھي. عاقل را اشارت بس است!

ڪليات عزيز:

تنقيد جو فن ھڪ نھايت مشڪل ۽ ڪٺن فن آھي. ڪي ماڻھو رڳو اعتراض وٺڻ کي تنقيد سمجھن ٿا ۽ دليلن ۽ ثابتين کي ليکي ۾ نٿا آڻين. تنقيد جي فن مان ڪھڙو فائدو يا نقصان آھي؟ تنھن تي اسين مٿي ڪافي بحث ڪري آيا آھيون ۽ جن ڪتابن تي مٿي تنقيد ڪئي اٿئون، سي گھڻو ڪري نثر جا آھن. تنھن ڪري نظم تي بھ تنقيد ڪري ڏيکارڻ گھرجي، جنھن جي ڪري عيب يا ثواب ڳولڻ ۽ انھن کي نروار ڪرڻ جو صحيح طريقو معلوم ٿئي. انھيءَ سلسلي ۾ غلام محمد شاھ گدا جي ھڪ غزل تي پھرئين ڇاپي ۾ تنقيدي نظر وجھي آيا آھيون، ھاڻي ليکراج ڪشنچند عزيز جي ڪليات تي ڪجھھ لکون ٿا. نظم جي ڪتابن مان ”ڪليات عزيز“ کي نظر ھيٺ رکيو ويو آھي. ان جو خاص ۽ وڏو سبب ھيءُ آھي تھ ڪتاب جو جوڙيندڙ ليکراج ڪشنچند تخلص ”عزيز مير چنداڻي“ حيدرآباد جي عاملن ۾ سندس خيال موجب ھڪ زبردست ۽ قابل شاعر آھي. ”ڪليات عزيز“ کي خاص ڪوشش ۽ توجھ سان گڏ ڪري، چڱي اھتمام سان ٻن ڀاڱن ۾ سٺي ڪاغذ تي ڇپايو ويو آھي. پھرين ڀاڱي ۾ غزليات ۽ ٻئي ۾ مثنويون ڏنل آھن. مثنوين تي اسان سنڌي مثنوين ۾ تنقيد ڪئي آھي، باقي پھرين ڀاڱي تي پنھنجا خيال ظاھر ڪريون ٿا.

موجوده دور جي سنڌي ھندئن ۾ ورلي ڪو اھڙو فرد ھوندو، جنھن کي فارسيءَ تي پورو عبور يا شعر وسخن تي دسترس ھجي. ڪيترن ھندئن جھڙوڪ ”بيوس“، ”دکايل“، ”ڦٽيل“، ”خادم“ يا ”عاصي“ شعر چيو آھي، پر حق ھي آھي تھ انھن جي شاعري ”عزيز“ جي شاعري اڳيان ھيچ آھي. ”ڪليات عزيز“ کي مطلع ڪرڻ کان پوءِ اسان کي اعتراف ڪرڻو پوندو تھ سنڌي ھندئن ۾ ھن پايھ جو شاعر مشڪل سان لڀندو. انھيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونھي تھ ”عزيز“ نئين تعليم جي زماني جو ٿي، شعر جي فني سرمايھ کان تھي دامن پرڳڻي ۾ رھي، ھندو سوسائٽي جي غلط گو شاعرن جو پاءُ ٿي، فارسي تتبع تي انھيءَ نموني جي شاعري ڪري ڪمال فن جو ھڪ مثال قائم ڪري ڏيکاريو آھي.

”ڪليات عزيز“ ھڪ اھڙو ڪتاب آھي، جنھن ۾ فن شاعري بابت ھڪ طرف بي شمار عجيب ۽ عمده مثال موجود آھن تھ ٻي طرف اھڙا بھ ڪئين بيت آھن، جي غلطين سان ڀريل ۽ فني اصول کان ڪريل آھن. ان جو سبب مون کي فقط اھو نظر ٿو اچي تھ ”عزيز“ نھ ڪنھن وٽ باقاعده فن شاعري حاصل ڪيو آھي ۽ نھ وري پنھنجو ڪتاب ڪنھن استاد کي ڏيکاريو اٿس جو منجھائنس اھي غلطيون ڪڍي ھا.

ھڪ نقاد جو فرض آھي تھ زير نظر ڪتاب جي ھر ھڪ حسن ۽ قبح کي بنان ڪنھن روءِ رعايت جي منصفانھ طور ڪڍي نروار ڪري. اميد تھ اسين پنھنجي طاقت آھر اھو ئي رستو ڪڍنداسين، جيڪو انصاف طور صحيح ھوندو.

ڪتاب تي سرسري نظر وجھبي تھ معلوم ٿيندو تھ منجھس گھڻن قسمن جي غلطين سان گڏوگڏ خوبيون بھ آھن. غلطين ۾ ھيٺين قسمن جون گرامر جون غلطيون، محاورن جون غلطيون، فني غلطيون وغيره نظر اينديون.

اسان لاءِ ھر قسم جون غلطيون ڏيکارڻ ممڪن نھ آھي. مختصر مضمون ۾ ”مشتي نمونھ از خرواري“ ڏيکارينداسون.

آڳاٽن شاعرن جو دستور ھوندو ھو تھ جا ۽ بيجا لفظ ڪيرائيندا ھئا، جھڙوڪ گل محمد ھالائي ۽ مرزا قليچ بيگ. مگر تعجب آھي تھ موجوده دور ۾ عزيز بھ انھيءَ غلطيءَ کان پنھنجي دامن کي آجو نھ رکي سگھيو آھي، جنھن کان ھن کي ھر طرح بچڻ کپندو ھو.

(الف) روز تنھنجو ٿو وڃي حسن سوايو ٿيندو

ڦاڙيان جو پن، ٿو چوي ننگ قبا ڪھڙي طرح

 

(ب)    تنھنجي بيمار چشم جو ڪونھ اگھو ڪڏھن ڇٽو

زلف جو پڻ نھ قيدي ڪو گاھي ٿيو رھا مٺا

مٿين ٻن شعرن ۾ ڦاڙيان مان (ي ا ن) ۽ بيمار مان (ي) ڪرن ٿيون ۽ لفظ قيدي مان (ي) ڪيرائڻ ۾ احتياط رکڻ کپندو ھو. اھڙيءَ طرح (ي) ڪيرائڻ قاعدي جي برخلاف آھي. اھڙي طرح لفظن ڪيرائڻ مان نھ رڳو رواني ۽ سلاست ۾ فرق ٿو اچي، بلڪھ شعر بھ پڙھڻ ۾ ناموزون ٿيو پوي. ”عزيز“ جي ڪلام ۾ انھيءَ قسم جون غلطيون نظر اچن ٿيون، جنھن جي ڪري سندس ڪلام ۾ اھا رواني ۽ سلاست ڪٿي ڪٿي نھ رھي آھي. تنھن ڪري سندس شعر فصاحت جي درجي کان ڪريل نظر اچن ٿا.

شعر جي ٻنھي مصرعن ۾ لاڳاپو ھجڻ ضروري آھي، نھ تھ شعر غلط ليکيو ويندو ۽ دولخت ٿي پوندو. پر اڄ ڪلھھ سنڌي شاعرن ۾ اھا ڳلطي عام طرح گھڻي نظر اچي ٿي ۽ ”عزيز“ بھ پاڻ کي انھيءَ کان بچائي نھ سگھيو آھي.

(الف) مثال شمع ڳرندا ئي رھياسون پر نھ کل ۾ ڀي

پڇيو ظالم اوھين روئي اکين کي ڦر ڪريو ڇو ٿا

شمع جي ڳرڻ کي اکين کي روئي تر ڪرڻ سان تشبيھھ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس، مگر لاڳاپو پيدا ڪري نھ سگھيو آھي.

شمع جو ڳرڻ ڏيکاري، يڪدم ٻي مصرع ۾ روئي اکيون تر ٿو ڪري اھو ”اجتماع ضدين“ آھي. جڏھن شمع جو جلڻ ۽ ڳرڻ ڏيکاريو ويو آھي، تڏھن ٻي مصرع ۾ بھ ان جو ڪو لوازمو قائم رکي ھا تھ شعر صحيح ٿئي ھا. ھاڻي تھ بيت دولخت ٿي پيو آھي.

(ب)    دست قاصد کي ڏئي بريد جي چوٽ،

ٿو لڳائي مون کي رسيد جي چوٽ.

شعر آھي يا مزخرف. شعر جي معنيٰ ۽ ٻنھي مصرعن جو تعلق ثابت ڪرڻ ڏکيو ڪم آھي. ”قاصد“ جي ھٿ کي بريد (وڍڻ) جي چوٽ ڏيئي، شاعر صاحب کي رسيد جي چوٽ لڳائي. رسيد جون ٻھ معنائون آھن: ھڪ پھچ يعني خط جي پھچڻ جي ثابتي ۽ ”رسيد“ سنڌي محاوري موجب فلاڻي کي ....... رسيد ٿيو يعني لڳو. ھاڻي پتو نٿو پوي تھ شاعر جي رسيد ڪھڙي معنيٰ ۾ استعمال ڪجي؟ خير! ڪھڙي معنيٰ بھ وٺجي مگر قاصد جي ھٿ کي پھچ جي چوٽ لڳائڻ يا ڌڪ ھڻڻ سان الائي ڪھڙو واسطو آھي؟ شعر ۾ معنوي تعقيد جو عيب بھ آھي.

شعرن ۾ فقدان معنيٰ ھجڻ، يعني شعر جو مطلب سمجھھ ۾ تھ نھ اچڻ. انھيءَ قسم جا شعر ”عزيز“ جي ڪليات ۾ گھڻا لڀندا.

(الف) دٻائي سوز بنھان کي ھلو ٿا سرد مھري سان

لڪائي آگ پنھنجي دل پرين پٿر ڪريو ڇو ٿا

پھرين مصرع ۾ محبوب کي مخاطب ٿي چوي ٿو تھ ”تون سوز پنھان کي دٻائي، سرد مھري سان ھلين ٿو“ پر محبوب ۾ اھو سوز پنھان ڪٿان آيو؟ ان جو ڪو قرينو يا ثبوت ھئڻ کپندو ھو، جو ندارد آھي. تنھن ڪري شعر عجيب قسم، جو ”چيستان“ ٿي پيو آھي ۽ وري سوز پنھان کي دٻائي، سرد مھري سان ھلڻ بھ نئين ۽ بيڪار ايجاد آھي.

ٻي مصراع ۾ باھ کي لڪائڻ سان پٿر پيدا ڪيو اٿس. اھا دعويٰ بھ تجربي جي خلاف آھي. باھ کي لڪائڻ يعني پورڻ سان اندر پيل شيءِ سڙي رک يا اڱر ٿي ويندي، مگر پٿر ڪانھ ٿيندي.

(ب)    وسائي ڇڏ ڪيم داغ سرسا شب الم، آھ سرد دل جا

چراغ بزم حيات آھي، ھوائي موج فضا سندو ڊپ

لفظن جو انتظاب اھڙو ٿيل آھي ۽ سندن بيھڪ ڪجھھ اھڙي نموني جي اچي ويئي آھي، جو ذھن تي گھڻو زور ڏيئي سمجھڻو پوي ٿو، نھ تھ شعر جي معنيٰ سمجھڻ مشڪل ٿي پوي. تنھن ھوندي بھ شعر بنھھ منجھيل آھي. نثر ائين ٿيندو: شب الم، آھ سرد، دل جا سرسا داغ وسائي ڪيم ڇڏي. داغ ٻرندڙ شيءِ نھ آھن جو وسائي ڇڏجن. داغن کي مٽائي سگھجي ٿو. آھ سرد کڻي وسائي سگھجي ٿي، مگر شب الم ڪيئن وسائبي؟ شب الم، آھ سرد جي وچ ۾ حرف عطف ھئڻ کپندو ھو ۽ انھن جي اڳيان حرف ندا ”اي“ آڻڻ کپندو ھو، جيئن پتو پوي تھ شاعر کين مخاطب ٿي چوي ٿو. ٻي مصرع وڌيڪ منجھيل آھي، ڇاڪاڻ تھ شاعر لفظ حيات کان پوءِ لفظ نھ آندو آھي، جو واضح ٿئي تھ چراغ بزم حيات کي ھوا ۽ موج فضا سندو ڊپ آھي. يعني فضا جي ھوا کي چراغ حيات جو ڊپ آھي، جا ھڪ لغو ڳالھھ ٿيو پوي. مگر شاعر جي معنيٰ ٻي آھي جا اسين اڳ ۾ مٿي ڏيکاري آيا آھيون، جنھن کي ھو لفظ ”کي“ جي نھ آڻڻ ڪري منجھائي ويٺو آھي.

ڪتاب ۾ محاورن جون غلطيون بھ جام اٿس:

(الف) شمعون ٿيون بي زبان ڪھڙي سبب

چپ ٿيا اھل دھان ڪھڙي سبب

ھن شعر ۾ محاوري جي غلطي سان گڏ ٻيون غلطيون بھ گھڻيون آھن. محاورو اھل دھان نھ آھي، بلڪھ اھل زبان چئبو آھي. شمعون ۽ ٿيون، ”شم“ ”ٿ“ ڪري پڙھڻ ۾ ٿا اچن ”شمعون“ مان ”ع، و ۽ ن“ ھڪ وقت ڪيرائڻ جائز نھ آھي ۽ ”ٿيون“ مان ”ي، و ۽ ن“ ڪيرائڻ ۾ احتياط ضروري آھي. شعر انھيءَ ڪري ناموزون ٿي پيو آھي. ان کان سواءِ معنيٰ جي لحاظ کان بھ شعر غلط آھي. شمع بي زبان نھ آھي، شمع جي شڪل ۽ ان جي لاٽ کي زبان سڏيندا آھن. البتھ اھل دھان نھ آھي. شاعر کي خبر ھئڻ کپندي ھئي تھ ماڻھن جي وات ۾ زبان ئي ڳالھائي ٿي، گنگن کي وات آھي، پر زبان ۾ گويائي جي طاقت نھ ھوندي آھي. شاعر جي دعويٰ ۽ ثبوت ٻئي غلط آھن. شمع کي زبان آھي پر ذھن ڪونھ ھوندو آھي ۽ اھل دھان جو چپ ٿيڻ چوڻ بھ غلط آھي.

(ب)    ڪنھن کي شبنم روئي ٿي ساري رات

ڦول ٿيا خون چڪان ڪھڙي سبب

ھن شعر ۾ نھ رڳو محاوري جي غلطي آھي، بد فضائيءَ جو عيب بھ موجود آھي. ڪنھن کي رئڻ محاوري جي خلاف آھي. ڪنھن لاءِ يا ڪنھن تي رئڻ چئبو آھي. شبنم يعني ماڪ روئي ڪانھ ٿي، ڇاڪاڻ تھ ذي روح نھ آھي، بلڪھ اھا ماڪ خود ڪنھن جي روئڻ جو نتيجو آھي. ٻيو تھ ماڪ سڄي رات نھ پوندي آھي، بلڪھ رات جي پوئين حصي ۾ پوندي آھي.

عزيز جي ڪلام ۾ لفظي ۽ معنوي تعقيد جو عيب بھ گھڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

(الف) ڪارا وڃن سفيد ٿا ٿيندا عزيز وار

سٿي مشڪ بي خطا پئي تاتار کان جدا

گرامر جي قاعدي مطابق صفت ۽ موصوف گڏ اچڻ گھرجن ۽ ڇيٽو انھن جي وچ ۾ لفظي تعقيب يا تعقيد پيدا ڪري ٿو. پھرين مصرع ۾ صفت ڪارا منڍ ۾ آئي آھي تھ وار پڇاڙيءَ ۾. صفت ۽ موصوف جي وچ ۾ ايترو فاصلو نھ ھئڻ گھرجي.

(ب)    ٿا ڪھڙا ڪھڙا زخم جگر منھنجي کي ڏسين

پئجي وڃي نظر نھ ڪا بازوءِ يار ۾

ھن شعر ۾ معنوي تعقيد آھي، ڇاڪاڻ تھ شعر جو مفھون ڪن ڪڙين جي گم ھئڻ سبب يڪدم ۽ صاف سمجھھ ۾ نٿو اچي. گھڻي ويچار ۽ غور کان پوءِ معنيٰ واضح ٿئي ٿي تھ منھنجي جگر ۾ زخم لڳل آھن، جن کي ڪھڙا ڪھڙا ماڻھو نھ ويٺا ڏسن. انھن کي ڏسي اھي عش عش ڪندا ۽ حيران ٿيندا ھوندا تھ جنھن بھ شخص اھي ڌڪ ھنيا ھوندا، تنھن جا بازو ضرور ڏاڍا مضبوط ھوندا، مگر جنھن ڌڪ ھنيا آھن، سو منھنجو يار آھي، تنھن ڪري متان انھن ماڻھن جي نظر يار جي بازو کي نھ لڳي وڃي. ھن شعر ۾ محاوري جي بھ غلطي آھي. نظر پئجي وڃڻ ڪونھ چئبو آھي بلڪھ نظر لڳي وڃڻ چئبو آھي. شاعر کي انھيءَ محاوري جي خبر آھي، پر رديز جي مجبوري جي ڪري نٿو آڻي، ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن نظر لڳي وڃڻ ٿو آڻي تھ رديف ”کي“ آڻڻي پوندي، تنھن ڪري رديف رعايت جي سبب ”نظر پئجي وڃڻ“ ٿو آڻي، جيئن رديف ”۾“ اچي سگھي.

گرامر جون ٻيون غلطيون بھ ڪيون اٿس، جھڙوڪ:

(الف)  دامن صبر ويو ڇٽي، چين بھ دل جو پيو ٽٽي

ھاءِ ڪليجو پيو ڦٽي، جڏھن کان ٿئين جدا مٺا!

ڪليجو ڦٽي پيو ڪونھ چئبو آھي، بلڪھ ڪليجو ڦٽجي پيو يا ڦاٽي پيو.

(ب)    اھا آب آئينھ جيئن ڪھڙي نسبت

اسين محو ۽ تون نيارو ڪئيا

سڌي گرامر موجب ٻي مصرع ۾ ”اسين محو تو ۾“ چوڻ کپندو ھو، جيئن شاعر جو مفھوم ھر ڪنھن کي ذھن نشين ٿي سگھي. مصرع جي معنيٰ ڪبي تھ ھيئن چوڻو پوندو تھ: ”اسين تو ۾ يعني تنھنجي خيال ۾ يا يادگيري ۾ يا سڪ ۾ محو آھيون ۽ تون اسان کان نيارو (جدا) آھين.“ ھتي شاعر جي طبيعت ۾ جيڪا کوٽ آھي، سا ظاھر ٿي پيئي آھي، ڇاڪاڻ تھ سندس دل ۾ جيڪو مطلب آھي، تنھن لاءِ شايد کيس لفظ ملي نھ سگھيا آھن، تنھن ڪري لاچار ٿي، قافيھ پيمائي کان ڪم وٺي بيت پورو ڪيو اٿس، ڇاڪاڻ تھ نيارو فقط عليحدگي جي معنيٰ ۾ مستعمل آھي. ھيئن ڪونھ چوندا تھ ”تون اسان کان نيارو پيو گذارين“ بلڪھ نيارو لفظ تعريف جي مھل استعمال ڪندا آھن، جيئن تھ فلاڻي جا اخلاق نيارا آھن، ھن جو حسن سڀ کان نيارو آھي، فلاڻي جي رھڻي ڪھڻي ۽ اٿڻ ويھڻ سڀ کان نيارو آھي. يعني ٻئي نموني جو، پر ھن بيت ۾ نيارو ڌار جي معنيٰ ۾ ورتو ويو آھي، جا معنيٰ ھتي غلط آھي. پھرين مصرع تشبيھي رنگ ۾ آھي پر غلط آھي ۽ ان ۾ نسبت جو لفظ بلڪل بي محل ۽ بي موقعي آندو ويو آھي ۽ ”عزيز“ پنھنجي ڪلام ۾ اڪثر لفظ بي محل ۽ بي موقعي استعمال ڪيا آھن.

بيت جو شرح ٿيندو: اي ڪنيئا! تنھنجي آب ۽ آئينھ سان ڪھڙي نسبت آھي؟ ڇاڪاڻ تھ اسين پنھنجي خيال ۾ محو آھيون ۽ تون اسان کان ڌار آھين. سوال آھي تھ پاڻي ۽ آئينھ جي محويت ۽ نياري رھڻ سان ڪھڙي نسبت آھي؟ آرسيءَ ۾ محويت فقط تيسين تائين قائم آھي، جيسين تائين ڏسندڙ جو منھن آرسيءَ ۾ آھي، پر پاڻيءَ ۾ نڪا محويت جي ڪا نشاني آھي ۽ نھ وري نيارو (ڌار) رھي سگھي ٿو. پانيءَ ۾ ھٿ وجھبو تھ ھٿ آلو ٿي پوندو، اھو پاڻيءَ جو چھٽي وڃڻ چئبو ۽ نيارو رھڻ خبر نھ آھي تھ شاعر ڇا سمجھيو آھي ۽ ڇا لکيو آھي؟

جا بجا بي محل ۽ بي موقعي لفظ آندا اٿس.

(الف) منھنجي جنازي تي ھو عيادت لئي آيو نيٺ

آخر منھن جو پڇيائين ڀي بعد فنا مزاج

جنازي تي عيادت لاءِ ڪونھ وڃبو آھي، پر بيمار کي پڇڻ لاءِ وڃبو آھي. تنھن ڪري ھتي عيادت جو لفظ بي محل آھي. معلوم ٿيو تھ ”عزيز“ کي لفظ عيادت جي معنيٰ ڪانھ ايندي ھئي.

(ب)    رات ساري ڪيو اٿئي ڇا اعتڪاف ميڪده

شيخ جي! ڏسجي ٿي تنھنجي چشم بيدار سرخ

ميڪده جو اعتڪاف ڪونھ چئبو آھي، بلڪھ ميڪدھ اعتڪاف. وري ساري رات مان ھڪ رات مفھوم نٿو نڪري. اعتڪاف ڏھ راتيون ڪندا آھن. ھتي بھ اعتڪاف جو لفظ بي محل آھي.

ڪيترن ھنڌن تي غير شاعرانھ يا غير مانوس لفظ ڪتب آندا اٿس.

(الف)  جي اٿن لھرون ڪنار آب جو

ٿيون جناغ قيس جي جان ھو بھ ھو

(ب)    دل جگر ۾ داغ باقي ٿو ڏسان

انصرام آشنائي ڪيم پڇ

جناغ، قيس ۽ انصرام آشنائي لفظ طبيعت کي ناگوار ٿا گذرن ۽ نامانوس ٿا لڳن ۽ جناغ جي معنيٰ الائي ڪھڙي آھي؟

ڪٿي ڪٿي معنوي تڪرار ۽ ڀرتي جا لفظ آڻي، شعر کي غير فصيح ڪري ڇڏيو اٿس.

(الف) ڇا تمنا وئي ھلي دل مان

ڇو ٿي بي خانمان ڪھڙي سبب

ٻي مصرع ۾ ڇو ۽ ڪھڙي سبب معنوي تڪرار اجايو آيل آھي.

(ب)    ڏسي گل سان بلبل ٿا پرچن رٺل ڪل

سڄڻ جي نھ ڪا ڪل سا مٽ ڪن ٿا سنپل

پھرين مصرع ۾ لفظ ڪل حشو آھي ۽ نھايت غير فصيح ٿو معلوم ٿئي.

فارسي ترڪيبون آنديون اٿس، پر گرامر جو خيال نھ رکيو اٿس.

(الف) عيان رخ آتشين پنھنجو سر محشر ڪريو ڇو ٿا

قيامت ۾ قيامت جي تپش دلبر ڪريو ڇو ٿا

رخ آتشيم فارسي قاعدي موجب غلط آھي، ڇاڪاڻ تھ ان ۾ ھڪ اضافت آھي. ”آتشين رخسار يا روءِ آتشناڪ“ آڻي ھا تھ صحيح ٿئي ھا.

(ب)    ساري گلستان جو مزو ھڪ گل اندر ڄڻ مون ڏٺو

ھن مه لقا جي منھن ۾ رنگ رخ خومان سڀ

”رنگ رخ خوبان سڀ“ غلط ترڪيب آھي. ھتي سڀ بھ معنيٰ سمورو آھي، حالانڪھ چوڻ گھرجي تھ سڀني خوبان جو رنگ رخ. ان کان سواءِ رنگ رخ جو خوبان فارسي جملو ۽ مضاف آھي، تنھن ڪري ان جو مضاف اليه بھ فارسي ھئڻ کپندو ھو. سڀ سنڌي لفظ کي فارسي ترڪيب ۾ آڻڻ جائز ڪونھي. ”رنگ رخ خوبان ھم“ چوي ھا تھ صحيح ھو.

(ج)    ماتا جي پير ھيٺان آھي بھشت غافل

اٿ ٿي سدا ادب سان خدمت گذار ماتا

ھن شعر ۾ قافيھ جو عجيب غلو اچي ويو آھي. جاچي ڏسو تھ سڄي غزل ۾ قافيھ جي (ر) ساڪن آھي، مگر ھن بيت ۾ زير اضافت جي ڪري (ر) متحرڪ ٿي پئي آھي. ٻيو تھ فارسي ترڪيب ۽ ھندي لفظ ۾ زير اضافت ڪانھ آڻبي آھي، جيئن خذمت گذار فارسي آھي تھ ماتا ھندي.

مٿي ڪي ٿوريون فني ۽ لساني غلطيون ڏيکاريون ويون آھن. ”ڪليات عزيز“ ۾ جتي اھڙا ”خزف“ پارا ٽڙيا پکڙيا پيا آھن، اتي ڪٿي ڪٿي ناياب لعلون ۽ آبدار موتي بھ لبن ٿا. انسان غلطين ۽ خطائن جو گھر آھي ۽ اھي شيون ھر بلند پايھ شاعر جي ڪلام ۾ نظر اچن ٿيون، تنھن ڪري ڪو تعجب ڪونھي جو ”عزيز“ بھ ان جو مرتڪب ٿيو آھي. پر اھا ڳالھھ ڪو ”عزيز“ کي شاعريءَ جي درجي تائين ڪيرائي نٿي سگھي. تعصب کي دور ڪري، جيڪڏھن ”عزيز“ جي ڪلام کي جاچيو تھ نظر ايندو تھ ھن جو ڪلام درز ادا جي ندرت، مضمون جي بلندي، بندش جي خوبي، تخيل، جوش بيان، تشبيھھ، استعاري ۽ تصوف وغيره جي نڪتي سان ڀريو پيو آھي. ڪلام جي مطالع مان معلوم ٿيندو تھ شعر جي ھر صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس، جا ڳالھھ سنڌ جي ڪن ٿورن شاعرن کي نصيب ٿيل آھي. ھيٺين شعرن جي رواني، سادگي ۽ تخيل جي بلند پروازيءَ ڏانھن غور ڪريو تھ معلوم ٿيندو تھ واقعي قابل قدر آھن:

جلوه محبوب جو پيچ تاب مون کان ڪينڪي

چشم تر ۾ آھ ساري حسرت ديدار بند

ھي بيت لاجواب آھي. محبوب جي بي مثالي جو جامع بيان ۽ ان جي ديدار جي حسرت جو ڊگھو داستان فقط چشم تر ۾ آھي. يعني اھڙو حسن بي مثال اٿس، جنھن جي ديدار ۾ اکيون سدائين آليون رھن ٿيون.

ھڪ نقش جفا تنھن جو ھڪ نقش وفا منھنجو

ھڪ داغ دل مضطر، ھڪ داغ جبين سائي

 

ھـڪ مـان ۽ ٻـھ بيمار وڃان ڪاڏي ڪريان ڇا؟

دل کي مان سنڀاليان يا سنڀاليان مان جگر کي؟

 

ظاھر ٿئي ھن تي راز اگر ھست وبود جو

بـنـدو ٿـئي خود آدمي پنھنجي وجود جو

انسان پنھنجي جسم کي خود پوڄڻ لڳي، جيڪڏھن ھن کي اھو راز معلوم ٿي وڃي تھ ھو ڇو خلقيو ويو آھي؟ ھي شعر تصوف جي رنگ ۾ لکيو ويو اھي، جنھن ۾ صوفين وارو ”ھمھ اوست“ جو مسئلو سمايل آھي، جنھن جو تعلق ان ڳالھھ سان آھي تھ خدا پاڻ کي ظاھر ڪرڻ لاءِ انسان کي خلقيو، جيئن خبر پوي تھ خدا ڇا آھي؟

اسان عرض ڪري آيا آھيون تھ ”عزيز“ جو شاعريءَ ۾ مرتبو ڪافي بلند آھي. ھتي سندس غل جي بدران ھڪ قصيدي جي تشبيب وٺي جائزو وٺون ٿا تاڪھ ھن جي ڪلام جو اصل مقام معلوم ٿي سگھي.

قصيدو شاعريءَ جي مشڪل صنفن مان ھڪ صنف آھي. قصيدي جي ٻولي، انداز بيان ۽ ترتيب سڀني سخن جي صنفن کان جدا ٿئي ٿي. لفظن جو شان وشوڪت، مضمونن جي عظمت ۽ باريڪي، پيرايھ بيان، حسن گريز وغيره غزل ۽ ٻين صنفن کان جدا ٿئي ٿو. ”عزيز“ جي ھن قصيدي مان ظاھر آھي تھ ھو قصيدي جي اھميت کي سمجھندو ھو، تنھن ڪري نھايت گھڻو زور لڳائي قصيدي کي ان جي صحيح مقام تي پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس.

قصيدن کي فارسي ٻوليءَ ۾ ڏاڍي اوج تي پھچايو ويو. اردو ٻوليءَ ۾ ڏاڍي ڌام ڌوم سان سودا، ذوق ۽ مؤمن قصيدا لکيا آھن، پر ٻين شاعرن کان قصيدي جو حق ادا ڪين ٿي سگھيو آھي، جنھن ۾ مير تقي مير کان وٺي داغ ۽ امير تائين سڀئي شاعر اچي وڃن ٿا. ڪن فلسفيان ادب جي راءِ جي مطابق قصيدو پڇاڙي جي زماني ۾ غزل بنجي رھجي ويو.

اھو ئي حال سنڌي ٻوليءَ جو بھ آھي. مون سنڌي ٻوليءَ جا قصيدا اڪثر نظر مان ڪڍيا آھن، مگر ڪنھن قصيدي ۾ بھ خاقاني، انوري، عرفي، فاآني، سودا، ذوق ۽ مؤمن جھڙي خصوصيت ڪانھ ڏٺي اٿم پر ليکراج عزيز جو قصيدو سني ٻوليءَ جي قصيدن جي ڀيٽ ۾ ڪجھھ غنيمت آھي.

لفظن جو شان وشوڪت، جملن جو دروبست، معاني جي بلندي ۽ نزاڪت، تشبيھن جي دلنشيني، استعارن جي قدرت ۽ اسلوب بيان جو تنوع ”عزيز“ جي قصيدي جون خصوصيتون آھن. تنوع بيان يا اسلوب جو تنوع ھڪ اھڙي صفت آھي، جيڪا ڪلام کي بيحد دلچسپ بنائي ٿي ڇڏي. ”غالب“ ۽ ”فاني“ جا غزل انھيءَ اسلوب بيان جي تنوع جي سبب وڌيڪ مؤثر ۽ وڌيڪ ھر دلعزيز آھن. بھرحال! ”عزيز“ جي قصيدي جو ھي نمونو آھي. مان ھر شعر سان ھن جي ظاھري ۽ باطني خوبين ۽ عيبن تي بحث ڪندس ۽ ڪوشش ڪندس تھ ڪا ڳالھھ بنا دليل رھجي نھ وڃي.

حبذا وقت طراوت، مرحبا فصل بھار

خوشنما اي دؤر راحت، جانفزا اي روزگار

عجيب اتفاق آھي تھ قصيدي جو مطالع بادي النظر ۾ نھايت شاندار ۽ پروقار معلوم ٿو ٿئي. ان ۾ صنعت ترصيع جي بھ جھلڪ موجود آھي ۽ سجع جي بھ، پر ”عزيز“ نھايت تعجب آھي تھ مطلع ۾ ئي ڪن لفظن جو استعمال غلط ٿيو آھي. جيتوڻيڪ مٿي سندم راين جي خلاف ڳالھھ نظر ايندي، پر ناظرين کي ٿورو صبر کان ڪم وٺڻو پوندو. مان ڪوشش ڪندس تھ کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ڌار ٿي وڃي.

مرحبا، جندا، خوشنا ۽ جانفزا ۾ صنعت ترصيع آھي. بھار ۽ روزگار ھم قافيھ آھن ۽ طراوت ۽ راحت بھ ھم قافيھ آھن. مجموعي طرح شعر جا سڀئي لفظ پاڻ ۾ متناسب آھن، تنھن ڪري مراه النظير جو سٺو مثال آھي. ٻھ عزيز جي ٻي مصرع ۾ جانفزا اي روزگار جو ٽڪرو مھمل نظر ٿو اچي. ڇو؟ سو ٻڌو:

حبذا ھڪ اھڙو لفظ آھي جنھن وقت طراوت جي تحسين ڪئي آھي ۽ ساڳيءَ طرح مرحبا، فصل بھار جي تحسين ڪئي آھي. پر ٻي مصرع ۾ خوشنما ۽ جانفزا تحسين جا ڪلما نھ آھن، بلڪھ اھي ٻئي صفتن جا لفظ آھن. تنھن ڪري ائين چئي ڪين سگھبو تھ: ”اي دور راحت! تون خوشنما آھين ۽ اي روزگار! تون جانفزا آھين.“ ان جو سبب ھي آھي تھ شاعر پنھنجي پھرين مصرع کي ائين شروع ٿو ڪري تھ اي وقت طراوت! توکي آفرين آھي ۽ اي فصل بھار! توکي آفرين آھي. اھي ٻئي جملا انشائيھ آھن.

پر ٻي مصرع جي ساخت ائين نھ آھي. بلڪھ شاعر ٿو چوي: ”خوشنما اي دور راحت“ ان مان ڪا خاص معنيٰ نٿي ٿئي. ھن جي ھيءَ تشريح آھي تھ جنھن طرح وقت طراوت ۽ فصل بھار کي آفرين چيو ويو آھي، ساڳي طرح دؤر راحت ۽ روزگار کي بھ آفرين چوڻ کپندو ھو. اھڙيءَ حالت ۾ نحوي قاعدي جي مطابق پورو ھڪ جملئھ انشائيھ ٿي وڃي ھا. مگر خوشنما ۽ جانفزا جنھن حالت ۾ ڪلمات تحسين نھ آھن، تنھن ڪري شاعر جي طرفداري ۾ انھن ٻنھي لفظن جو تاويل گھڻي کان گھڻو ايترو ڪري سگھجي تھ اي دؤر راحت! تون گھڻو خوشنما آھين ۽ اي روزگار! تون جانفزا آھين، مگر اھا تاويل انھيءَ ڪري نٿي ڪري سگھجي، ڇاڪاڻ تھ اي دؤر راحت! تون خوشنما آھين ھجي ھا تھ اھو تاويل درست ھجي ھا. پر شاعر حرف ندا خوشنما ۽ جانفزا تي مقدم ڪري انھيءَ تاويل کان روڪي ڇڏيو، تنھن ڪري ٻي مصرع پھرين مصرع کان پري جو واسطو بھ نٿي رکي. يعني ان ۾ ٻھ خرابيون اچي ويون آھن:

پھرين مصرع ۾ ٻھ ڪلمات تحسين آھن، جڏھن تھ ٻي مصرع ۾ ٻنھي حرف تحسين جي مقابلي ۾ ٻھ اھڙا لفظ آندا ويا آھن، جيڪي جملي ۾ خير جي حيثيت رکن ٿا.

جملن جو اختلاف ھڪ ئي معنيٰ جي ادا ڪرڻ ۾ جائز نھ آھي. جيڪڏھن ھڪ معنيٰ جملھ انشائيھ ۾ ادا ڪئي ويئي آھي تھ حالت عطف ۾ ٻئي جملي کي بھ جملھ انشائيھ ۾ اچڻ کپندو ھو. پر عزيز جي مطلع جي پھرين مصرع جملھ انشائيھ ۾ آھي، ڇاڪاڻ تھ ان ۾ حرف تحسين ۽ حرف ندا ٻئي موجود آھن. جڏھن تھ ٻي مصرع ۾ حرف تحسين غائب آھي ۽ ان جي باوجود حرف ندا موجود آھي، جيڪو ڪا ضروري پوري نٿو ڪري.

انھيءَ سڄي بحث جو نتيجو ھي ٿو نڪري تھ مطلع جون ٻئي مصراعون ساخت جي اعتبار کان بلڪل جدا آھن. پر عزيز جو ٻيو شعر ملاحظھ فرمايو:

عالم امڪان جو خوش منظر کلي ٿيو دلفريب

تختــھ صحرائي جنت ڪيو زمين کي سبزه زار

شاعر فصل بھار جي توضيح ڪندي چوي ٿو تھ سڄو عالم امڪان ھڪ منظر بنجي ويو آھي ۽ جنگل جو ميدان تختئھ جنت نظر ٿو اچي، ڇو تھ ان ۾ جنت جھڙو سبزه زار پيدا ٿي پيو آھي.

پوري عالم امڪان کي ھڪ خوشنما منظر سان تشبيھھ ڏيڻ ۽ صحرا کي جنت جي جنگل جو تختو چوڻ ھن ڳالھھ کي ظاھر ڪري ٿو تھ جيڪڏھن جنت جي وسعت ۾ ڪو تختئھ صحرا ھوندو تھ اھو بھ جنت جي باغ وانگر سرسبز ھوندو. انھيءَ جنت جي جنگل جي ٽڪري سڄي عالم امڪان کي سبزه زار بنائي ڇڏيو آھي. ڪو شڪ نھ آھي تھ ھن شعر ۾ اھا معنيٰ آفريني موجود آھي، جيڪا قصيدي جو لوازمو آھي. خاص ڪري تختئھ صحرائي جنت جو ٽڪرو معنيٰ آفريني جو ھڪ سٺو مثال آھي. ھن کان سواءِ شعر ۾ جيترا لفظ آھن، سي ھڪ ٻئي سان مناسبت رکن ٿا. سبزه زار، جنت، تختو، صحرا، منظر، دلفريب ۽ عالم امڪان. انھن سڀني سان ڪونھ ڪو واسطو موجود آھي.

شان عطاري سان شايد آھ گل ٿيو جلوه گر

عطر بيزيءَ جو صبا ڏيندي رھي ٿي اشتھار

مطلع جو انداز بيان ٻئي شعر کان جدا آھي. ٻئي شعر کان ٽئين شعر جو اسلوب اظھار مختلف آھي، جنھن جي تشريح ھيءَ آھي تھ:


[1]  ڪنز اللطيف مؤلف شام حاشيھ٢٨

[2]  عالمن جو آفتاب مرتب خديجھ بيگم ص٩

[3]  ھن جي تشريح تحفئھ اثنا عشريھ محدث عبدالعزيز دھلوي ۾ ملي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org