سيڪشن: ادب

ڪتاب: ڏکن کان ڏور

باب:

صفحو:13 

ھڪ ٻئي ماڻھوءَ ڪوني سيڪ مون کي ٻڌايو تھ ھو ننڊ ڪرڻ کان اڳ سدائين عبادت ڪندو آھي. ايڊي رڪنيلر چيو تھ سندس حياتي عبادتن جي بچايل آھي. ايڊورڊ آمريڪا جي ھڪ اڳوڻي خارجي وزير ٻڌايو تھ ھو روزانو صبح ۽ شام، رھنمائي ۽ فھم حاصل ڪرڻ ڪاڻ عبادت ڪندو آھي.

آئزن ھاور، آمريڪا جي اڳوڻي صدر، جڏھن آمريڪي ۽ برطانوي فوج جي ڪمانڊ سنڀالڻ لاءِ انگلينڊ ويو تھ ان جي جھاز ۾ ان وٽ ھڪڙو ئي ڪتاب انجيل مقدس ھو. جنرل مارڪ ڪلارڪ ٻڌايو تھ ٻي مھا ڀاري لڙائيءَ دوران ھو روزانو انجيل پڙھندو ھو ۽ عبادتون ڪندو ھو. چيانگ ڪائي شيڪ ۽ جنرل ميٽگمري بھ عبادتون ڪندا ھئا. لارڊ نيلسن، ٽريفلگر جي محاذ تي وڙھڻ دوران بھ عبادتون ڪندو ھو. انھيءَ نموني جنرل واشنگٽن، رابرٽ اي لي اسٽولا، ويل جيڪسن ۽ ڪوڙين ٻيا جرنل ٻي مھا ڀاري جنگ دوران جنگ جي محاذ تي عبادتون ڪندا ھئا.

انھن نامڪٺين ھستين، سر وليم جيمز جي انھن لفظن جي سچائي ڳولھي لڌي. اسان جي رب جو اسان سان ھڪ ڪاروباري رشتو (نعوذ بالله) آھي ۽ اسان پاڻ کي ان جي اثر جي دائري ۾ رکون تھ محسوس ٿيندو تھ ڄڻ ڪ اسان روح جي گھرائين تائين سيراب ٿي وڃون ٿا.

گھڻا ئي ماڻھو اھا سچائي اپنائين ٿا. ھن وقت آمريڪا ۾ گرجا ويندڙن جو تعداد لڳ ڀڳ ساڍا ست ڪروڙ آھي، جيڪو ھڪ رڪارڊ آھي. جيئن تھ اڳ ۾ بيان ڪري چڪو آھيان تھ سائنس دان اڃا تائين مذھب ڏانھن موٽن ٿا.

ڊاڪٽر اليڪسز ڪارل جا مثال وٺو، جنھن Man the Unknown نالي ڪتاب لکي عالمي شھرت ورتي. ھن ڪتاب لکڻ تي کيس نوبل انعام مليو. ڊاڪٽر ڪارل ”ريڊرز ڊائجسٽ“ ۾ پنھنجي ھڪ ٻئي آرٽيڪل ۾ لکيو تھ: ”عبادت، سگھھ جي ھڪ طاقتور شڪل آھي، جيڪا اسان حاصل ڪندا آھيون ۽ اھا ھڪ سچي طاقت آھي.“ ھڪ ڊاڪٽر ھئن ناتي چوي ٿو تھ مون سوين مريض ڏٺا آھن، جيڪي علاج سان ٺيڪ نھ ٿيا، مگر دعائن ۽ عبادتن ذريعي ٺيڪ ٿي ويا. اسان عبادت ڇو ڪندا آھيون؟ اسان دعائون گھرندا آھيون تھ خدا پاڪ پنھنجي بي پناھ طاقتن جو ھڪڙو حصو اسان جي ضرورتن لاءِ وقف ڪري ڇڏي. (غلط ڪاٿو) تانجو دعا ڪرڻ وقت اسان جون انساني ڪمزوريون ڪافور ٿي وڃن ٿيون ۽ اسان طاقت ۽ سڪون محسوس ڪندا آھيون. اھو ڪڏھن بھ ٿي نٿو سگھي تھ ڪوبھ مرد يا عورت ھڪ پل ڪاڻ بھ بنان ڪنھن غرض جي عبادت ڪندو ھجي.

ايڊمرل برڊ ڄاڻي ٿو تھ پاڻ کي ھڪ تقسيم نھ ٿيندڙ طاقت سان جوڙڻ ڪري ڪنھن نھ ڪنھن طرح اسان جي اندر اڻ ٿيڻي سگھھ پيدا ٿيندي آھي. زندگي ڪٺن رستن تي صحيح ۽ ڪامياب رستو ڏيندي آھي. ھو پنھنجي ڪتاب ۾ ”ھيکل“ ھڪ ڪھاڻي ٻڌائي ٿو.

1934ع ۾ ھن انٽارڪٽڪ جي برفاني ڇپن ھيٺان ھڪڙي گھر ۾ پنج مھينا گذاريا. اتي تقريبًا روزانو برفاني طوفان ايندا ھئا. اتان جو گرميءَ وارو پد ڪاٽو 82 ڊگريون ھو ۽ ھڪ کٽڻ نھ جھڙي رات ھئي. ھن ڏٺو تھ سندس اسٽوو مان نڪرندڙ زھريلو گيس ڪاربان مونو آڪسائيڊ سندس غار ۾ پکڙجي پئي ھا تھ ڇا پئي ڪري سگھيو؟ ويجھي ۾ ويجھي جاءِ، جتان کيس ڪابھ مدد ملي پئي سگھي، 123 ميل دور ھئي. ھو ڪيترن مھينن کان پوءِ بھ اتي ڪونھ پئي پھچي سگھيو. ھن پنھنجي اسٽوو کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪابھ ڪاميابي نھ ملي سگھيس.  ھاڻي ھو تقريبًا مدھوش ٿيو زمين تي پيو ھو. ھو ڪجھھ ڪونھ پئي ڪري سگھيو ۽ نڪو سمھي پئي سگھيو. ايترو نٻل ھو جو مس مس غار کان ٻاھر نڪري پئي سگھيو. سوچيائين پئي تھ صبح تائين جيئرو ڪونھ رھندو. پڪ ھئس تھ غار ۾ ئي مري ويندو ۽ سندس لاش برف ھيٺان دٻجي ويندو.

ھن جي زندگي ڪيئن بچي؟ ھڪ ڏينھن مايوسيءَ جي حالت ۾ پنھنجي ڊائري کوليائين ۽ زندگيءَ جي باري ۾ پنھنجو فلسفو پڙھڻ شروع ڪيائين: ”انساني نسل ھن دنيا ۾ ھيکلو ڪونھي.“ ھن آسمان ۾ چمڪندڙ ستارن ۽ سندن ارد گرد سيارن جي جھرمٽن بابت سوچڻ شروع ڪيو. ھن سوچڻ شروع ڪيو تھ سج پنھنجي مقرر وقت تي ضرور اڀرندو. پوءِ ھن پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکيو تھ: ”مان اڪيلو نھ آھيان.“

اھا ئي سوچ ھئي جنھن رچرڊ برٽن کي برفاني ڇپن سان ڍڪيل ان غار ۾ محفوظ رکيو. ھن لکيو تھ ان سوچ مون کي مايوسيءَ کان بچائي ورتو. ھن وڌيڪ لکيو تھ تمام ٿورا ماڻھو اھڙا ھوندا آھن، جيڪي پنھنجي زندگيءَ ۾ پاڻ ۾ موجود طاقت کي تقريبًا ختم ٿيندي محسوس ڪندا آھن، پر کين خبر ڪانھ ھوندي آھي تھ انھن اندر بيپناھ طاقت موجود ھوندي آھي، جنھن کي اھي ڪڏھن ڪتب ڪونھ آڻيندا آھن. رچرڊ برٽن ان طاقت کي رب ڏانھن رجوع ڪرڻ کان پوءِ سڃاتو.

گلين آرنلڊ ھن طرح جو ھڪ سبق رياست المينور جي پوکن ۾ سکيو. آرنلڊ جيڪو ھڪ انشورنس ايجنٽ ھو، ان پريشانين تي قابو پائڻ جي باري ۾ ھن طرح ٻڌايو:

اٺ سال اڳ مون پنھنجي گھر جي در کي آخري ڀيرو کوليو. ان کان پوءِ پنھنجي ڪار ۾ چڙھي درياءَ طرف ھليو ويس. مان ھڪ وڌ ۾ وڌ ناڪام ماڻھو ھوس. رڳو ھڪ سال اڳ ۾ منھنجو بجلي جي سامان جو ڪاروبار ٺپ ٿي بيھي رھيو ھو، ماءُ سڪرات ۾ ھئي، زال کي ٻيو ٻار ڄمڻ وارو ھو، ڊاڪٽر جو بل گھڻو وڌيڪ ھو. اسان ھر ھڪ شيءِ گروي رکي ڇڏي ھئي. ڪار توڙي فرنيچر سڀ گروي ھئا، تانجو مون پنھنجي انشورنس پاليسيءَ بدران بھ قرض وٺي ڇڏيو ھو. ھاڻي ھر شيءِ ختم چڪي ھئي ۽ گھڻي دير تائين برداشت ڪري ڪونھ پئي سگھيس، تنھن ڪري ڪار ھلائيندو درياھ ڏانھن ھليس تھ جيئن پنھنجي حياتي ختم ڪريان.

ڪجھھ ميل ڪار ھلائڻ کان پوءِ شھر کان ٻاھر پھچي ھڪ جاءِ تي مون ڪار روڪي. ڪار مان نڪتس ۽ زمين تي ويھي ٻارن جيان اوڇنگارون ڏئي رنس. ان کان پوءِ درياءَ ڏانھن وڃڻ بدران سوچڻ شروع ڪيم. مون ڪوشش ڪئي تھ پنھنجي پريشانين بابت تعميري انداز سان سوچيان...... منھنجي پوزيشن ڪيتري خراب ھئي؟ ڇا اھا واقعي مايوس ڪندڙ ھئي ۽ ان جي بھتر ٿيڻ جي ڪا اميد باقي ڪانھ ھئي؟ ان کي بھتر بڻائڻ ڪاڻ ڇا ڇا ڪري پئي سگھيس؟ ذھن ۾ سوال اڀرندا رھيا ۽ مان انھن جا جواب لھڻ جي ڪوشش ڪندو رھيس.

اتي ويٺي ويٺي مون فيصلو ڪيو تھ ڇا مان پنھنجو مسئلو پنھنجي رب کي سونپي ڇڏيان ۽ انھيءَ کان مدد گھران؟ مون عبادت ڪرڻ شروع ڪئي. مون اھڙي طرح عبادت پئي ڪئي، جھڙوڪ منھنجي زندگيءَ جو دارومدار انھيءَ تي ھيو، جيڪو سچ پچ تھ ائين ئي ھو. تڏھن ھڪ حيرت ۾ وجھندڙ ڳالھھ ٿي. جيئن جو مون پنھنجا مسئلا ھڪ وڏيءَ طاقت جي حوالي ڪيا، جيڪا مون کان اربين کربين ڀيرا وڌيڪ سگھاري آھي، (ڀيٽ نامناسب ۽ بلڪل غلط آھي) فورا ئي مون پنھنجي ذھن ۾ ھڪ طرح جو سڪون محسوس ڪئي. (سڀئي سبحان جي ڪر حوالي ڪم- شاھ) مون اتي اڌ ڪلاڪ ويھي عبادت ڪئي ۽ روئندو رھيس. ان کان پوءِ گھر ھليو آيس ۽ ھڪ ٻار وانگر ٿي پيس.

ٻئي ڏينھن صبح جو وڏي اعتماد سان ننڊ مان جاڳيس. ھاڻي مون کي ڪنھن کان ڊڄڻ جي گھرج ڪانھ ھئي، ڇاڪاڻ جو منھنجو دارومدار صرف ۽ صرف خدا پاڪ تي ھو. ان صبح جو ھڪ مقامي ڊيپارٽمينٽل اسٽور ۾ ويس. اتي منھنجي ھڪ سيلزمين جي نوڪريءَ لاءِ درخواست ڪيل ھئي. مون کي ڪامل يقين ھو تھ مون کي نوڪري ملندي ۽ منھنجو يقين غلط بھ ڪونھ ھيو. مون کي نوڪري ملي ويئي. مون ڀرپور ڪم ڪيو، پر پوءِ ٻي جنگ عظيم کان پوءِ سارو ڊيپارٽمينٽل اسٽور تباھ ٿي ويو. انھيءَ کان پوءِ مون انشورنس ايجنٽ طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ان ۾ مون کي ايتري قدر آمدني ٿي جو منھنجو سمورو قرض لھي ويو. اڄ مون کي ٽي پيارا پيارا ٻار آھن، پنھنجو گھر آھي، پنھنجي ڪار آھي.

جڏھن پوئتي مھڙ ڪري ڏسندو آھيان تھ مون کي وڏي خوشي ٿيندي آھي. ھڪ وقت ھو جو دلبرداشتو ٿي آپگھات ڪرڻ ڪاڻ درياءَ تي آيس. مگر منھنجي پريشانين مون کي رب تي ڀاڙڻ ۾ مدد ڏني ۽ ھاڻي ايڏو پراعتماد ۽ پر سڪون آھيان جيترو مون سوچيو بھ ڪونھ ھو.

مذھب اسان جي اندر ۾ ايتري قدر سڪون ۽ اعتماد پيدا ڪري ٿو جو اسان پنھنجي سورين محرومين ۽ مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ ڪاڻ اندر ۾ ھڪ خاص قسم جي قوت محسوس ڪريون ٿا، جيڪا پھريائين ڪڏھن بھ محسوس ڪانھ ٿي ھئي. جيڪڏھن مايوس ۽ پريشان ھجون تھ خدا پاڪ ڏانھن موٽڻ گھرجي. ڪانٽ وانگر اسان کي اھا ڳالھھ مڃڻ گھرجي تھ خدا پاڪ تي ايمان آڻڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ اسان کي ان ايمان جي ضرورت آھي. ڇو نھ ھاڻي ئي ايمان آڻيون تھ اسان جي مسئلن جي حل ۾ وڏي ۾ وڏي سگھھ واري ھستي اسان جي رھبري ڪري.

جيڪڏھن اوھان تربيت ۽ طبيعت جي لحاظ کان مذھبي نھ آھيو، تڏھن بھ عبادت اوھان جي ايتري مدد ڪري سگھي ٿي جو اوھان کي ويساھ ئي ڪونھ ايندو. اوھان ان جو تجربو ڪري سگھو ٿا. تجربي مان منھنجي مراد ٽي بنيادي نفسياتي ضرورتون آھن، جيڪي عبادت پوريون ڪندي آھي، توڻي اسان خدا پاڪ تي ويساھ رکون يا نھ رکون.

1.        عبادت اسان جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ صحيح نموني اسان جي مدد ڪندي آھي. اسان چوٿين باب ۾ پڙھيو آھي تھ ڪنھن مسئلي سان تيستائين نبرڻ محال آھي، جيستائين ڪ اھو غير مبھم نھ ھجي. عبادت ڪرڻ بلڪل ان طرح آھي، جيئن اسان ڪاغذ تي ڪجھھ لکندا ھجون. جيڪڏھن خدا پاڪ کان پنھنجي مسئلي جي حل ڪرڻ ڪاڻ مدد گھرندا آھيون تھ اسان کي لفظ ادا ڪرڻ کپن.

2.       عبادت سان اسان کي پنھنجي مشڪلن جي باري ۾ ھڪ طرح سان ورھائجي وڃڻ جو احساس ٿئي ٿو. اسان مان چند ايتري قدر مضبوط ھوندا آھن، جيڪي پنھنجي مشڪلاتن جو بار کڻي سگھندا آھن. ڪڏھن تھ اسان جا مسئلا ايترا ذاتي نوعيت جا ھوندا آھن، جيڪي اسان پنھنجي ويجھي ۾ ويجھي مائٽ ۽ عزيز ترين دوست کي بھ ڪونھ ٻڌائيندا آھيون. ان وقت رڳو عبادت ئي اھڙو سھارو ھوندي آھي. نفسيات دان اھو ٻڌائين ٿا تھ جڏھن اسان تمام گھڻي بيچيني محسوس ڪيون تھ پنھنجو مسئلو ڪنھن کي ٻڌائڻ گھرجي تھ گھٽ ۾ گھٽ دماغ ۽ دل جو ٻوجھھ ھلڪو ٿي پئي.

3.       عبادت عمل ڪرڻ جي ھڪ مؤثر اصول کي طاقت بخشيندي آھي. اھو عمل ڪرڻ ڪاڻ پھريون قدم ھوندو آھي. مشھور سائنسدان ڊاڪٽر ڪارل جو چوڻ آھي تھ: ”عبادت ھڪ نھايت طاقتور طاقت آھي، جيڪا اسان ۾ پيدا ٿيندي آھي.“ ان ڪري اسان ان کي استعمال ڇو نھ ڪريون؟

ڇو نھ ھن ڪتاب کي ھاڻي ئي پڙھڻ بند ڪيون ۽ دروازو بند ڪري عبادت ڪرڻ شروع ڪريون؟ جيڪڏھن اوھان بي اعتماديءَ جو شڪار آھيو تھ رب پاڪ کان دعا گھرو تھ اوھان جو اعتماد بحال ٿئي. سينٽ فرانسز اڄ کان ست سؤ سال اڳي جيڪا دعا گھري، اھا ھيءَ ھئي: ”اي ڌڻي! مون کي امن ۽ سڪون جو مھرو بناءِ. جتي نفرتون ھجن، اتي الفتون يپدا ڪري سگھان، جتي اونداھيون ھجن، اتي روشني پکيڙي سگھان، جتي مايوسيون ھجن، اتي اميدن جون جوتيون جاڳائي سگھان، جتي شڪ ھجي، اتي عقيدو پيدا ڪري سگھان ۽ جتي اداسيون ھجن، اتي خوشين جو ڪارڻ بگڻجان. اي منھنجا رب! مون کي اھڙو عقل عطا ڪر، جيڪو مون کي اچڻ گھرجي. مون کي اھا محبت ڏي جيڪا ڪري سگھان ۽ ٿي سگھندي ھجي.“

ويھون باب

ياد رکو تھ مئي ڪتي کي ڪوبھ ٿڏو ڪونھ ھڻندو آھي

1929ع ۾ آمريڪا ۾ ھڪ اھڙو واقعو رونما ٿيو، جنھن تعليم جي کيتر ۾ قومي سطح تي ھڪ ھيجان برپا ڪري ڇڏيو. آمريڪا جا انيڪ پڙھيا لکيا ماڻھو اھو معاملو ڏسڻ شڪاگو پھتا. ڪجھھ ورھيھ اڳ رابرٽ نالي ھڪ شخص جيڪو سيل ۾ ھڪ معمولي ويٽر ھو، پوءِ ھن سيلزمين جو ڌنڌو ڪيو. ان کان پوءِ ٻارن کي ٽيوشن پڙھائيندو رھيو. ھاڻي ڇڙا اٺ سال پوءِ شڪاگو يونيورسٽيءَ جو صدر بڻجي ويو ھو ۽ سندس عمر رڳو ٽيھھ ورھيھ ھئي. پراڻن تعليمي ماھرن منھن مٿو پٽيو. ھن ٽيھن سالن جي جوان تي نڪتھ چينيون پئي ٿيون. ھو اڳ ۾ ھي ھيو، پوءِ ھو ھيو، ھو گھڻو ننڍو، اڻ تجربيڪار آھي. تانجو اخبارون بھ تنقيد ۾ شامل ٿي ويون.

جنھن ڏينھن ھو شڪاگو يونيورسٽيءَ جو صدر پئي ٿيو تھ سندس ھڪ دوست سندس والد کي چيو تھ: ”اڄ مون کي اخباري ادارن ۾ اوھان جي پٽ خلاف پڙھي ڏاڍو صدمو رسيو آھي.“ ”ھا اھو درست آھي.“ رابرٽ جي پيءُ چيو. ”پر ياد رک تھ مئي ڪتي کي ڪنھن ڪڏھن ٿڏو بھ ڪونھ ھنيو آھي.“

ھائو! اھو بلڪل درست آھي تھ جيڏو اھم ڪو ھوندو، اوترو ئي ان کي ٿڏڻ سان اسان کي آٿت ٿيندو آھي. اسان اوھان کي پرنس آف ويلز جو واقعو ٻڌايون ٿا، جيڪو پوءِ ايڊورڊ اٺين جي نالي سان انگلينڊ جو بادشاھ ٿيو. چوڏھن ورھين جي عمر ۾ جڏھن ھو ديون شائر جي ڊار مائوٿ ڪاليج ۾ پڙھندڙ ھڪ ڪيڊٽ ھيو تھ ھڪ ڏينھن پنھنجي نيول آفيسر کيس رڙيون ڪندي ٻڌو ۽ پڇيائينس تھ ڇا ٿيو آھي؟ پرنس آف ويلز پھريون تھ ڪجھھ ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو، پر جڏھن زور ڀريو ويس تھ ٻڌايائين تھ ڪن نيول ڪيڊٽن کيس ٿا. ھنيا آھن. ڪاليج جي ڪمانڊر انھن ڪيڊٽن کي گھرائي پڇيو تھ کيس ٻڌايو وڃي تھ پرنس آف ويلز سان اھو سلوڪ ڇو ڪيو ويو آھي؟

گھڻيءَ ڦٺ جٺ کان پوءِ انھن ٻڌايو تھ جڏھن اھي بادشاھ ايڊورڊ اٺين جي بحريا ۾ ڪمانڊر ۽ ڪپتان ٿيندا تھ فخر سان چئي سگھندا تھ اسان بادشاھ کي ٿڏا ھنيا ھئا.

ان ڪري جڏھن اوھان تي نڪتھ چيني ڪئي وڃي تھ ياد رکو تھ اھي ان ڪري ائين پيا ڪن تھ ان نموني کين پنھنجي اھميت جو احساس ٿيندو آھي. ان جو مطلب اھو آھي تھ اوھان ماڻھن جو ڌيان ڇڪائڻ جھڙا آھيو. ڪي ماڻھو وري انھن ماڻھن تي، جيڪي کانئن وڌيڪ پڙھيا لکيا ۽ ڪامياب ھوندا آھن، مٿن نڪتھ چيني ڪرڻ ۾ وڏو اطمينان محسوس ڪندا آھن. مثال طور: جڏھن مون ھي باب پئي لکيو تھ مون کي ھڪ عورت جو خط مليو. ھن سالويشن آرمي جي بانيڪار جنرل وليم يوٿ تي نڪتھ چيني ڪئي ھئي. مان جنرل يوٿ جي تعريف ۾ گھڻو ڪجھھ چئي چڪو ھوس. ھن عورت لکيو ھو تھ جنرل وليم غريب ماڻھن ڪاڻ ڪيل چندي جي رقم مان ويھھ لک ڊالر خورد برد ڪيا ھئا. اھو الزام بيشڪ سنگين ھو، پر ان ۾ سچائي ڪانھ ھئي. مون اھو خط رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلي ڇڏيو ۽ خدا جو شڪر ڪيو تھ اھا عورت منھنجي زال ڪانھ ھئي. ھن جي خط مون کي جنرل وليم بابت ايتري ڄاڻ ڪانھ ڏني، جيترو مون کي ان عورت بابت معلوم ٿي ويو. شوفخر گھڻو اڳ ۾ چئي ڇڏيو ھو تھ: ”برا ماڻھو عظيم انسانن جون غلطيون اڇالي گھڻو خوش ٿيندا آھن.“

ييل جي صدر بابت شايد ئي ڪو سوچي سگھندو تھ ھڪ خراب ماڻھو آھي. پر ييل جي ھڪ اڳوڻي صدر ٽموٽي ڊائيٽ آمريڪا جي صدارت واسطي ھڪ اميدوار تي کلئي پلئھ تنقيد ڪئي ۽ ان ۾ اطمينان محسوس ڪيو. ھن خبردار ڪيو تھ جيڪڏھن ھي شخص آمريڪا جو صدر چونڊجي ويو تھ اسان کي پنھنجي زالن ۽ ڌيئرن کي قانوني طور طوائفون بنائڻ تي مجبور ڪيو ويندو ۽ ڏاڍي سٺي ۽ شائستي نموني سندس عزتون تار تار ڪيون وينديون.

اوھان سوچيندؤ تھ ھي شايد ھٽلر جھڙو ڪو ماڻھو ھوندو. نھ! اھا غيبت ۽ طعني زني ٿامس جيفرس ڪاڻ ڪئي وئي ھئي. ان ٽامسن جيفرسن تي جيڪو پوءِ ان آمريڪا جو صدر بڻيو، جنھن آمريڪا جي آزاديءَ ڪاڻ اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ جيڪو آمريڪا ۾ جمھوريت جو سرپرست ھيو.

ڇا اوھان سمجھو ٿا تھ آمريڪي ماڻھو ڪنھن شخص کي گھٽ وڌ ڳالھائي دوغلي پڻ جو مظاھرو ڪندا آھن؟ ھڪ اخباري ڪارٽون ۾ ھڪ شخص کي ڦاسي جي ڦندي وٽ بيٺو ڏيکاريو ويو ۽ ھڪ ماڻھو وڏو خنجر سندس سر الڳ ڪرڻ لاءِ رکيل بھ ڏيکاريو ويو ھو. ڪارٽون ۾ ماڻھو مٿس چٿرون ڪري پنھنجي نفرت پيا ظاھر ڪن. ڄاڻو ٿا تھ اھو شخص ڪير ھو؟ آمريڪا جو صدر جارج واشنگٽن.

پر اھو واقعو ڊگھو عرصو اڳ ۾ ظاھر ٿي پئي سگھيو، جو ھاڻي انساني فطرت اڳي کان قدري بھتري ٿي وئي آھي. مثال طور: اسان ايڊمرل پيري جو واقعو ئي وٺون ٿا. ايڊمرل پيري اھو ماڻھو آھي، جنھن 6 اپريل 1909ع ۾ ھڪ ڪتي سان گڏجي شمالي قطب تائين پھچي دنيا کي ڏندين آڱريون ڏياريون ھيون. ھي ھڪ اھڙو ڪارنامو ھو، جنھن کي وڏا وڏا بھادر ماڻھو صدين کان سرانجام ڏيڻ ڪاڻ پنھنجيون جانيون وڃائيندا پئي آيا. ڄڻ تھ سرن جي ڀيٽا پئي ڏنائون. اھو ڪارنامو ڪرڻ ڪاڻ پيريءَ کي بھ سخت سيءُ ۽ بيپناھ بکون برداشت ڪرڻيون پيون. ٿڌ سببان سندس پيرن جون اٺ آڱريون ڄمي ويون ھيون ۽ وڏين ڪوششن ڪرڻ سان بھ الڳ الڳ ڪونھ ٿيون. پيري پنھنجن سمورين آڱرين کي ڪٽي ڇڏيو ھو. بدقسمتيءَ ۽ مايوسيءَ ۾ ايترو ٻڏي چڪو ھو جو پڪ ھئس تھ پاڳل ٿي ويندو. جڏھن تھ ٻئي طرف ان جا وڏا وڏا آفيسر ان ڳالھھ تي سڙن کامن پڄرن پيا. پر ان وڏي شاندار ڪارنامي ڪرڻ کان پوءِ ھر قسم جي تعريف، مشھوري، عزت ۽ احترام حاصل پيو ڪري. پر انھن پيريءَ تي الزام مڙھڻ شروع ڪيا تھ ھو سائنسي مھم جي نالي تي پئسا ڪٺا ڪرڻ بعد اتر قطب ۾ عيش پيو ڪري. انھن جي پيريءَ کي رسوا ڪرڻ جي اھا مھم ايتري تھ اثرائتي ھئي، جو ماڻھن ۾ اتي ان جو منفي اثر ڀرڻ لڳو ۽ پيريءَ جي خلاف ٿي پيا. پر ان مرحلي تي آمريڪي صدر کي مداخلت ڪرڻي پئي ۽ ھن پيريءَ کي پنھنجي مھم جاري رکڻ جو حڪم ڏنو.

ڇا ملازمت دوران بھ پيري تي ڪا ڦٺ لعنت ٿي ھئي؟ ان جو جواب انڪار ۾ آھي، ڇو تھ ان وقت پيري ايڏي اھميت وارو ماڻھو ڪونھ ھو.

جنرل گرانٽ کي ايڊمرل پيريءَ کان وڌيڪ خوفائتو تجربو ٿيو. 1862ع ۾ جنرل گرانٽ پھرين عظيم فتح حاصل ڪئي، جيڪا صرف ھڪ ڏينھن ۾ حاصل ٿي ھئي. انھيءَ شاندار فتح جنرل گرانٽ کي ھڪ قومي ھيرو ڪري ڇڏيو. رات جي پيٽ ۾ ساري آمريڪا ۾ مشھور ٿي ويو، پر ھڪ عظيم ڪاميابيءَ کان رڳو ڇھھ ھفتا پوءِ وليم گرانٽ جيڪو قومي ھيرو ھو، گرفتار ڪيو ويو. ڪمانڊ کسجي ويس. ان وقت ھو پنھنجي ذلت سھي نھ سگھيو ۽ بيحد مايوسيءَ جي حالت ۾ روئڻ لڳو.

جنرل گرانٽ کي ڇو گرفتار يو ويو؟ جيتوڻيل رڳو ڇھھ ھفتا اڳ پنھنجي قوم کي عظيم ڪاميابي ڏياري ھئي، مگر ان عظيم ڪاميابيءَ ڪري ٻين سينيئر آفيسرن ۾ جنرل گرانٽ خلاف حسد پيدا ٿيو ۽ انھن کيس گرفتار ڪري ورتو.

جيڪڏھن اسان ھروڀرو نڪتھ چينيءَ سان دل شڪن ٿيون ٿا تھ ان جو ھڪ وڏو اھم نفسياتي علاج آھي. ان دل برداشتگي کان بچڻ ڪاڻ اصول نمبر1 ياد رکو.

”ھرون ڀرون جي نڪتھ چينيءَ ۾ بھ ھڪ پاسي اوھان جي صلاحيتن جو اعتراف موجود آھي. ياد رکو تھ مئي ڪتي کي ڪو بھ ٿڏو ڪونھ ھڻندو آھي.“

 

ايڪھيون باب

نڪتھ چيني اوھان کي ڪجھھ ڪونھ ڪندي

ھڪ ڀيري مون آمريڪي ميجر جنرل سيڊلر بٽلر جو انٽرويو ورتو. ميجر جنرل سيڊلر بٽلر ڪنھن وڌاءَ کان سواءِ آمريڪي بحريھ ۾ سڀ کان وڏو بانڪو ۽ کل مک ڪمانڊر ھو. ان مون کي ٻڌايو تھ جڏھن ھو نوجوان ھو تھ ان ڳالھھ جو حد درجي خواھشمند ھو تھ سمورن دوستن ۾ نمايان نظر اچي. ماڻھو سندس تعريفون ڪن. ھو چاھي پيو تھ اھڙا اھڙا ڪم ڪري، جن سان ماڻھن ۾ سندس باري ۾ خوشگوار قسم جو تاثر پيدا ٿئي. تن ڏينھن ۾ تمام معمولي تنقيد بھ کيس گران گذرندي ھئي. پر ھن انٽرويو دوران مڃيو تھ بحريھ ۾ ٽيھن سالن جي ملازمت کيس تبديل ڪري ڇڏيو. ان وچ ۾ بيشمار تجربا ٿيا، جن مان ھن گھڻو ڪجھھ پرايو. ان وچ ۾ ڪيترا ئي ڀيرا منھنجي صلاحيتن بابت غلط اندازا لڳائي، منھنجي بي عزتي ڪئي وئي. مون کي ڪتو، نانگ ۽ ذليل شخص تائين ڪوٺيو ويو. آفيسر مون کي ڦٺ جٺ ڪندا ھئا. انگريزي لغت ۾ ڪوبھ اھڙو برو لفظ ڪونھي، جيڪو مون لاءِ نھ آيو ھجي. اڄ ٽيھن ورھين جي نوڪريءَ کان پوءِ جڏھن ڪوبھ مون کي برن لفظن سان سڏيندو آھي تھ مان ڪنڌ ڦيرائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪانھ ڪندو آھيان تھ اھو ڪير پيو چئي؟

ٿي سگھي ٿو تھ بٽلر تنقيد کان صفا بي تعلق ٿي ويو ھجي، پر ھڪ ڳالھھ يقيني آھي تھ ڪڏھن ڪڏھن پر جڏھن ڪڏھن عام چرچن تي بھ ماڻھو چڙي پوندا آھن. مون کي ياد آھي تھ ڪئين سال اڳ نيويارڪ مان نڪرندڙ ھڪ اخبار ”سن“ جي رپورٽر بالغن جي تعليم جي سلسلي ۾ منھنجي ھڪ سيمينار ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان کان پوءِ ھن پنھنجيءَ اخبار ۾ منھنجي ۽ منھنجي ڪم جي باري ۾ سخت ترين لفظن ۾ چٿرون ڪيون ۽ مون تي شديد نڪتھ چيني ڪئي. مون ان کي ذاتي توھين سمجھيو. مون ان اخبار جي ايگزيڪٽو ڪاميٽيءَ جي چيئرمين کي فون ڪيو ۽ مطالبو ڪيو تھ ھو منھنجي ڪم تي ٽوڪون ڪرڻ بدران حقيقت تي مبني ڪو آرٽيڪل شايع ڪن. مون قصور وار کي سندس جرم جي سزا ڏيڻ جو پڪو پھھ ڪيو ھو. پر اڄ مون کي ان تي بيحد شرمندگي آھي. مون محسوس ڪيو تھ سن اخبار جا اڌ کان وڌيڪ پڙھندڙن مون لاءِ لکيل مضمون ڪونھ پڙھيو ھو ۽ جن ان آرٽيڪل کي پڙھيو ھو، انھن بھ ان کي ھڪ رپورٽر جو چرچو سمجھي ۽ باقين ان آرٽيڪل کي پڙھڻ کان پوءِ ٿورن ئي ڏينھن ۾ وساري ڇڏيو تھ ان ۾ ڇا لکيو ويو ھو؟

ھاڻي محسوس ٿو ڪيان تھ ماڻھن کي اسان ڪاڻ ايڏو تجسس ڪونھ ھوندو آھي. اھي ان ڳالھھ جي ڪا پرواھ ڪونھ ڪندا آھن تھ اسان جي باري ۾ ڇا لکيو ويو آھي؟ اھي نيرن کان اڳ ۾، نيرن ڪري اٿڻ کان پوءِ، رات جو سمھڻ کان ڏھھ منٽ اڳ تائين پنھنجي ۽ رڳو پنھنجي باري ۾ سوچيندا آھن. اھي منھنجي يا اسان مان ڪنھن جي موت بابت اخبار ۾ پڙھڻ کان پوءِ ان جو اثر قبول ڪرڻ بدران پنھنجي مٿي ۾ پوندر معمولي سور جو وڌيڪ فڪر ڪندا آھن.

جيڪڏھن اوھان تي ڪو ڪوڙو الزام لڳايو ويو آھي تھ اوھان جي ڪنھن ويجھي دوست اوھان سان دغا ڪئي آھي. اوھان کي ھرون ڀرون چڙڻ ڪونھ کپي. ان بدران رڳو اھو سوچڻ گھرجي تھ حضرت عيسيٰ سان سندس دوستن ڇا ڪيو ھو؟ حصرت عيسيٰ جي ٻارھن دوستن مان ھڪ دوست تمام معمولي رشوت وٺي، جيڪا اڄوڪي جديد دور ۾ 19 ڊالر بڻجي ٿي، حضرت عيسيٰ سان غداري ڪئي ۽ ھڪ دوست حضرت عيسيٰ جو عين ان وقت ساٿ ڇڏيو، جڏھن کين تڪليفون ڀوڳڻيون پيون. ھن وقت جي حاڪم آڏو ٽي ڀيرا اھو بھ چيو تھ اھو حضرت عيسيٰ کي سڃاڻندو ئي ڪونھي. اھو تھ حضرت عيسيٰ سان ٿيو. ھن دنيا ۾ اسان پنھنجن ملڻ جلڻ وارن دوستن، عزيزن قريبن کان ان کان بھتر سلوڪ جي ڪھڙي اميد رکي ٿا سگھون؟

مون ڪئين سال اڳ ۾ اھو سوچيو تھ جيتوڻيڪ مان ماڻھن کي پاڻ مٿان ھرون ڀرون ڪرڻ واري تنقيد کي روڪي ڪونھ ٿو سگھان تھ مون کي ڪو وڌيڪ اھم ڪم ڪرڻ کپي. مون پڪو پھھ ڪيو تھ مان اجائي سجائي نڪتھ چيني ڪرڻ وارن کي پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ڪونھ ٿيڻ ڏيندس. جيڪو ھو مون کي ڪاوڙ ڏيارڻ سان حاصل ڪرڻ چاھين ٿا.

اچو تھ پاڻ ان باري ۾ پنھنجن ذھنن کي صاف ڪري ڇڏيون ۽ واضح ڪري وٺون تھ ان جو مطلب اھو ڪونھي جو ھر قسم جي نڪتھ چينيءَ کي يڪسر نظر انداز ڪري ڇڏڻ گھرجي. ھتي رڳو ان نڪتھ چيني کي نظر انداز ڪرڻ جي وڪالت پيو ڪريان، جيڪا اجايو ڪئي ويندي آھي.

ھڪ ڀيري مون روز ويلٽ کان پڇيو تھ ھوءَ غلط قسم جي نڪتھ چينيءَ سان ڪيئن نبرندي ھئي؟ ۽ رب ئي ڄاڻي ٿو تھ کيس فضول نڪتھ چيني ڪيتري قدر سھڻي پئي ٿي. ھن جا جيترا بھ پرجوش دوست ھئا، اوترا ئي پرجوش دشمن بھ ھن مٿان نڪتھ چيني ڪرڻ جو ڪوبھ موقعو ھٿان ڪونھ وڃائيندا ھئا. وائيٽ ھائوس ۾ آمريڪا جي ان خاتون کي جيڪو وقت گذارڻو پيو، اھو شايد ئي ڪنھن خاتون وائيٽ ھائوس ۾ گذاريو ھوندو.

ايليز روز ويلٽ مون کي ٻڌايو تھ نوجوانيءَ ۾ ھوءَ بيماريءَ جي حد تائين شرميلي ھئي ۽ ان ڳالھھ کان ڊڄندي ھئي تھ ماڻھو سندس باري ۾ ڇا ٿا سوچين؟ ھوءَ نڪتھ چينيءَ کان ايترو ڊڄندي ھئي جو ھڪ دفعي ھن پنھنجي ماسيءَ، جيڪا صدر روز ويلٽ جي ڀيڻ ھئي، سان صلاح ڪئي تھ پنھنجو اھو ڊڄڻ ڪيئن دور ڪري؟ ھن پنھنجيءَ ماسيءَ کي ٻڌايو تھ ھوءَ ڪيترا ئي ڪم ڪرڻ چاھي ٿي پر ان کي ماڻھن جي نڪتھ چينيءَ کان ڀؤ پيو ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org