سيڪشن: ادب

ڪتاب: ڏکن کان ڏور

باب:

صفحو:14 

ھن جي ماسيءَ سندس اکين ۾ ڏٺو ۽ چيو تھ جڏھن تون ايمانداريءَ سان پنھنجي دل جي گھرائين سان سمجھين ٿي تھ تون ٺيڪ ٿي ڪرين تھ ماڻھن جي نڪتھ چينيءَ کان ھرگز ھرگز نھ گھٻراءِ. بلڪل پرواھ نھ ڪر تھ اھي ڇا ڇا بڪن ٿا؟ ايليز روز ويلٽ مون کي ٻڌايو تھ سندس ماسيءَ جي اھا صلاح ان لاءِ بيحد فائديمند ثابت ٿي ۽ ڪيترا سال پوءِ جڏھن مون وائيٽ ھائوس ۾ رھڻ شروع ڪيو تھ مون پاڻ تي ھرو ڀرو ٿيندڙ تنقيد جي ڪڏھن بھ پرواھ ڪانھ ڪئي. ھن چيو تھ اوھان جيڪي پنھنجي من ۾ صحيح سمجھو ٿا، اھو ئي ڪيو، ڇاڪاڻ تھ اوھان تي تنقيد تھ ٿيڻي ئي آھي، چاھي اوھان صحيح ڪم ڪيو يا غلط. اوھان تي نڪتھ چيني ٿيندي، جيڪڏھن اوھان ڪو ڪم ڪيو ۽ اگر اوھان ڪو ڪم ڪونھ ڪيو، تڏھن بھ اوھان تي تنقيد ٿيندي. ان ڪري جڏھن اوھان پنھنجي اندر ۾ پنھنجي عمل جي سچائي محسوس ڪيو تھ ڪنھن بھ قسم جو فڪر ڪرڻ کان سواءِ عمل ڪري وجھو، اھا ئي منھنجي صلاح اٿو.

جڏھن مرحوم ميٿوسي برٽش آمريڪن انٽرنيشنل ڪارپوريشن جو صدر ٿيو تھ مون ھڪ ڀيري سندس انٽرويو ورتو. مون ان کان پڇيو تھ ڇا ھو ڪڏھن بھ نڪتھ چينيءَ کان ڊنو آھي؟ ھن ورندي ڏني تھ پنھنجي شروع وارن ڏينھن ۾ پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد بابت ڏاڍو حساس ھئس. مون چاھيو پئي تھ جيترن ماڻھن کي مان ان لائق سمجھان، انھن کي نوڪري ملڻ گھرجي. انھن کي ملازمتون ملي وڃڻ گھرجن. جيڪڏھن انھن سڀني کي ملازمت نھ ملندي ھئي تھ مون کي پريشاني ٿيندي ھئي ۽ مان پاڻ تي تنقيد ڪندڙ شخص سان پھريون تھ صلح صفائيءَ جي ڪوشش ڪندس تھ ٻيا ناراض ٿي ويندا ۽ مون تي نڪتھ چيني شروع ڪندا. نيٺ مون سوچيو تھ جيتري قدر مان پاڻ تي تنقيد ڪندڙن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، اوترو ئي پنھنجن مخالفن جي انگ کي وڌائيندس. ان کان پوءِ مون فيصلو ڪيو تھ مان پنھنجي بھترين صلاحيتن ۽ ايمانداريءَ سان فيصلو ڪندس ۽ ان کان پوءِ ان ڳالھھ جي پرواھ بلڪل ڪونھ ڪندس تھ مون تي ڪھڙي تنقيد ڪئي پئي وڃي؟ انھيءَ فيصلي سموري زندگي منھنجي بيحد مدد ڪئي ۽ ان کان پوءِ مون ڪڏھن بھ تنقيد کان ڪونھ گھٻرايو.

ڊيمز ٽيلر ان کان بھ وڏي ڳالھھ ٿو ڪري. ھو پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد تي ٽھڪ ڏيندو ھو. جيڪڏھن گھڻن ماڻھن ۾ مٿس تنقيد ڪئي ويندي ھئي، اھا بھ کلي ٽاري ڇڏيندو ھو. ھڪڙي ڀيري جڏھن ھن ريڊيو نيويارڪ تي ھڪ ميوزڪ ڪنسرٽ بابت روان تبصرو پئي ڪيو تھ ھڪ عورت خط لکيس، جنھن ۾ ھن کي ڪوڙو، نانگ، غدار ۽ دغا باز ڪوٺيو ويو ھو. مسٽر ٽيلر پنھنجي ھڪ ڪتاب Of men and Music ۾ لکيو تھ کيس گمان آھي تھ ھن عورت کي پنھنجي لفظن جي باري ۾ ڪابھ پرواھ ڪانھي. ان کان ھڪ ھفتو پوءِ مسٽر ٽيلر ريڊيو پروگرام دوران اھو خط پڙھيو، جنھن کي لکين ٻڌندڙن ٻڌو. ان کان ڪجھھ ڏينھن پوءِ کيس انھيءَ عورت جو ٻيو خط مليو، جنھن ۾ ھن پنھنجي نھ بدلجڻ جھڙي راءِ جو اظھار ڪيو. مسٽر ٽيلر ٻڌايو تھ ان عورت جي نظرن ۾ ھو اڃا بھ ھڪ ڪوڙو، دغا باز، نانگ ۽ ڪمينو ھو. اسان ھڪ اھڙي شخص جي تعريف ڪرڻ بنان رھي ڪونھ ٿا سگھون، جيڪو تنقيد کي اھڙي نموني برداشت ڪندو ھو. اسان سندس سچائي، ايمانداري، سندس اطمينان ۽ عمدي مذاق جو داد ڏيڻ کان نٿا رھي سگھون.

چارلس شيوب ھڪ ڀيري جڏھن پرسنٽن يونيورسٽي ۾ شاگردن کي خطاب پئي ڪيو تھ ھن تسليم ڪيو تھ سندس زندگيءَ جو سڀ کان اھم تجربو پنھنجيءَ ئي فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ ھڪ پوڙھي جرمن کان سکيو. ھن ڪراڙي جرمن فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ ٻين ماڻھن کان گھڻو تيز بحث پئي ڪيو. تن کيس کڻي درياءَ ۾ اڇلايو. ھو جڏھن منھنجي آفيس ۾ آيو تھ سندس منھن ۽ ڪپڙا گپ ۾ ڀريا پيا ھئا. مون ان کان پڇيو تھ توھان ھنن کي اھڙي ڪھڙي ڳالھھ ڪئي جو ھنن توھان کي کڻي درياءَ ۾ اڇلايو؟ ھن چيو تھ مون ھڪڙو ٽھڪ ڏنو ھو.

مسٽر شيوب ٻڌايو تھ مون ان پوڙھي جرمن جي جواب ۾ اصول بڻايو: ”رڳو مسڪرايو.“

ھي اصول ان وقت ڪارائتو ٿيندو آھي، جڏھن اوھان تي اجائي تنقيد ڪئي پئي وڃي. اوھان ان شخص کي جواب ڏئي سگھو ٿا، جيڪو اوھان جي باري ۾ ڳالھھ پيو ڪري، پر جيڪو شخص رڳو مسڪرائي پيو. ان جي باري ۾ اوھان ڇا ٿا چئي سگھو؟

ليڪن جيڪڏھن پنھنجي خلاف ٿيندڙ سخت سردي جي پرواھ ڪرڻ شروع ڪري ھا تھ بلڪل ٽٽي ڦاٽي پوي ھا. جنھن نموني ان پاڻ مٿان تنقيد ڪندڙن سان مقابلو ڪيو، اھو ھڪ زبردست ڪارنامو آھي ۽ اڄ اھو ھڪ مثال بڻجي چڪو آھي. جنرل ميڪارٿر جنگ جي ڏينھن ۾ پنھنجي ھيڊ ڪوارٽر ۾ لنڪن جي لفظن جي ھڪ ڪاپي ميز تي رکي ڇڏي ھئي ۽ ونسنٽ چرچل ان کي پنھنجي لائبريريءَ ۾ ڀت تي ٽنگي ڇڏيو آھي. لنڪن جا لفظ ھي آھن تھ: ”جيڪڏھن مان پاڻ تي تيندڙ سموري تنقيد جو جواب ڏيڻ بدران رڳو سمجھڻ جي ڪوشش ڪريان تھ اھا جلدي ختم ٿي سگھي ٿي. مان جو ڪجھھ صحيح محسوس ڪيان ٿو، ان کي پوري ايمانداري ۽ بھترين صلاحيتن سان پورو ڪريان ٿو. آخر ۾ جيڪڏھن ٺيڪ نتيجو نڪري تھ مون تي ٿيندڙ تنقيد پنھنجي موت مري ويندي آھي ۽ جيڪڏھن ان جو غلط نتيجو نڪتو تھ پوءِ آسمان مان ڏھ ملائڪ لھي اچي قسم کڻن تھ مون جيڪو ڪيو، سو صحيح ڪيو آھي تھ ان سان ڪوبھ فرق ڪونھ پوندو.

جڏھن اوھان تي اجائي تنقيد ٿيندي ھجي تھ اصول نمبر2 ياد رکو:

”پنھنجي بھترين صلاحيتن سان جيڪي بھتر سمجھو ٿا، ڪندا رھو ۽ پاڻ مٿان ٿيندڙ تنقيدن جي پرواھ نھ ڪريو.“

ٻاويھون باب

احمقاڻيون حرڪتون مون کان ٿيون

منھنجي آفيس ۾ فائيلن رکڻ واري الماڙي آھي، جنھن ۾ مون ھڪ فولڊر رکيو آھي، جنھن مٿان FTD لکيل آھي، جيڪو مخفف آھي: “Fool things have done” جنھن جو مطلب آھي تھ جيڪي احمقاڻيون حرڪتون مون کان سرزد ٿيون آھن، ان فولڊ ۾ انھن سمورين حرڪتن جو رڪارڊ رکندو آھيان. ڪڏھن مان پنھنجيون ياد داشتون پنھنجيءَ سيڪريٽريءَ کان لکائيندو آھيان، پر ڪڏھن ڪڏھن اھي ايتريون احمقاڻيون ۽ ذاتي ھونديون آھن جو سيڪريٽريءَ کي لکائيندي بھ لڄ ٿيندي آھي، تنھن ڪري گھڻي ڀاڱي پاڻ لکندو آھيان.

مون وٽ انھن احمقاڻين حرڪتن جو پندرھن سالن جو رڪارڊ موجود آھي. جيڪڏھن مان ايماندار ھجان ھا تھ منھنجي الماڙي منھنجي احمقاڻين حرڪتن جي رڪارڊ سان ڀريل ھجي ھا. جڏھن مان پنھنجو ايف ٽي ڊي فولڊر کولي پاڻ مٿان ٿيندڙ تنقيدن کي ٻيھر پڙھندو آھيان، تھ ان وقت مون کي درپيش مسئلن سان نبرڻ ۾ آساني ٿيندي آھي.

مان پنھنجن مسئلن جو ذميوار ٻين کي ڪندو ھوس، پر جيئن جيئن منھنجي عمر وڌندي ويئي، مون ۾ فھم ۽ فراست ايندي ويئي تھ مون پنھنجو ڀرپور جائزو وٺڻ کان پوءِ محسوس ڪيو تھ مان پنھنجين سمورين مشڪلاتن ۽ غلطين جو پاڻ ذميوار آھيان. گھڻا ماڻھو جڏھن پوڙھا ٿيندا آھن تھ کين ان ڳالھھ جو احساس ٿيندو آھي تھ ماضيءَ ۾ ڪيل پنھنجين غلطين جا اھي پاڻ ذميوار آھن. سينٽ ھيلينا ۾ نيپولين بونا پارٽ چيو ھو تھ: ”منھنجي زوال جو ڪوئي ٻيو ذميوار ڪونھي، پر مان پاڻ آھيان. مان پاڻ ئي پنھنجو وڏي ۾ وڏو دشمن آھيان ۽ پنھنجي رسوا ڪندڙ پڄاڻي جو ذميوار بھ پاڻ آھيان.“

مان اوھان کي ھڪ اھڙي ماڻھوءَ جي باري ۾ ٻڌايان ٿو، جيڪو ھڪ آرٽسٽ ھو. سندس نالو ايچ، پي ھوول ھو. جڏھن 31 جولاءِ 1944ع تي نيويارڪ جي ايمبيڊر ھوٽل جي ھڪ ڊرگ اسٽور ۾ سندس اوچتي موت جي خبر اخبارن ۾ آئي تھ وال اسٽريٽ ۾ ماتم پئجي ويو، ڇاڪاڻ جو ھو اقتصاديات جو وڏو ماھر ھو. ڪمرشل نيشنل بئنڪ ۾ ٽرسٽ ڪمپنيءَ جي گورنرن جي بورڊ جو چيئرمين ھو ۽ انيڪ ڪمپنين جو ڊائريڪٽر ھو. ھن جي تعليم نالي ماتر ھئي. ھن نوڪريءَ جي شروعات ھڪ اسٽور ۾ ڪلارڪيءَ سان ڪئي ھئي. پوءِ ترقي ڪندو وڃي سرڪاري اسٽيل مل جو ڪريڊٽ مئنيجر ٿيو ۽ وري ترقي ڪندو اچي ان رتبي کي پھتو.

ھڪڙي ڀيري مون جڏھن مسٽر ھوول کان انٽرويو ورتو تھ مون ان کي چيو تھ ھو سندس ڪاميابيءَ جو راز ٻڏائي. ھن ٻڌايو تھ مان پنھنجي سڄي ڏينھن جي ڪمن جو رڪارڊ رکندو ھوس تھ مون کي ڪٿي ڪٿي وڃڻو آھي؟ مون کي سڄي ڏينھن ۾ ڪاٿي، ڪنھن وقت، ڪھڙن ڪھڙن ماڻھن سان ملڻو آھي؟ ڇنڇر جي رات منھنجي آڪھھ جو مون سان ڪوبھ پروگرام ڪونھ ھوندو آھي، جو خبر اٿن تھ ھر ڇنڇر جي شام جو سڄو ھفتو مڪمل ٿيندڙ پنھنجي مصروفيتن جو جائزو وٺندو آھيان. رات جي ماني کائڻ کان پوءِ پنھنجي ڊائري کولي گذريل سومر کان اڄ تائين ٿيڻ وارا پنھنجا انٽرويو، ملاقاتيون ۽ انھن ۾ ٿيندڙ ڳالھھ ٻولھھ جو جائزو وٺندو آھيان. ان کان پوءِ پاڻ کان پڇندو آھيان تھ گذريل ھفتي ۾ مون کان ڪيتريون غلطيون ٿيون ۽ ڪھڙن فيصلن ۽ ڪمن کي درست نموني ڪيم ۽ ڪھڙيءَ طرح پنھنجي ڪارڪردگيءَ کي وڌيڪ بھتر بنائي سگھان ٿو؟ مان پنھنجي تجربي مان ڪھڙو سبق پرائي سگھان ٿو؟ ڪڏھن ڪڏھن تھ اھو ھفتيوار جائزو ڏاڍو اڻ وڻندڙ لڳندو آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن پنھنجين غلطين تي حيران ٿيندو آھيان.

ان ھوندي بھ جيئن جيئن عمر وڌندي وئي تھ غلطين جو ڳاڻيٽو بھ کٽندو ويو. ورھين کان ڪڙي خود احتسابي جي ان عمل مان مون کي ٻي ڪنھن بھ ڳالھھ کان وڌيڪ لاڀ پيو آھي.

ٿي سگھي ٿو تھ ايڇ پي ھوول، بن فرينڪلن کان اھو نظريو ورتو ھجي، ڇاڪاڻ جو فرينڪلن ئي اھڙو ماڻھو ھو، جيڪو ھر ڇنڇر جي رات جو انتظار ڪونھ ڪندو ھو، پر ھو روزانو رات جو پنھنجي سڄي ڏينھن جي مصروفيتن ۽ فيصلن جو جائزو وٺندو ھو. ان وچ ۾ کيس پتو پيو تھ ان جي اندر ۾ تيرھن وڏيون ۽ سنگين اوڻايون آھن. انھن مان ٽي ھت بيان ڪريون ٿا:

”وقت جو زيان“ ماڻھن سان اجايو بحث ڪرڻ، کين غلط ڪرڻ، ننڍين ڳالھين تي چڙڻ، وڙھڻ، چيٽ پوڻ. فرينڪلن جلدي محسوس ڪري ورتو تھ جيستائين ڪھ ھو پنھنجين انھن ٽنھي اوڻائين تي ضابطو نھ آڻيندو تھ زندگيءَ ۾ ڪڏھن سڦلو ڪونھ ٿيندو. تنھن ڪري ھن فيصلو ڪيو تھ ھو انھن مان ھڪ غلطي ھڪ ھفتو ڪونھ ورجائيندو ۽ ان وچ ۾ ان ڳالھھ جو خيال ڪندو تھ اھا غلطي نھ ٿئيس. ھن روزانو ان ڳالھھ جو خيال رکڻ شروع ڪيو تھ اھا غلطي ٿئي تھ ھو ارادي جي قوت سان ان کي روڪي ٿو وڃي. ايندڙ ھفتي ھن ٻي غلطي روڪڻ ڪاڻ اھو ئي طريقو اختيار ڪيو. اھو سلسلو ٻن سالن تائين جاري رھيو ۽ ھن نھ رڳو پنھنجي غلطين تي ضابطو آندو، پر سندس قوم بھ ساڻس محبت ڪرڻ لڳي ۽ ھو ان وقت آمريڪا ۾ ھڪ بيحد بااثر ماڻھو ھو.

البرٽ ھيرڊ جو چوڻ آھي تھ: ”ھر ھڪ ماڻھو روزانو گھٽ ۾ گھٽ پنجن منٽن لاءِ بيوقوف بڻبو آھي.“

ننڍو ماڻھو بلڪل معمولي ڳالھھ تان بھ آپي کان نڪري پوندو آھي ۽ عقلمند انھن مان ڪجھھ سکڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، جيڪي ساڻس اختلاف ڪندا آھن. والٽ وٽمين ان صورتحال کي ھيئن ٿو ٻڌائي تھ: ”ڇا اوھان رڳو انھن ماڻھن جي ڳالھين مان سبق ٿا وٺو، جيڪي اوھان جي تعريف ڪندا آھن، اوھان تي مھربان ھوندا آھن ۽ اوھان جو ساٿ ڏيندا آھن؟ ڇا اوھان انھن مان سبق ڪونھ پرائيندا آھيو، جيڪي اوھان کي رد ڪندا آھن، اوھان جي راءِ سان اختلاف ڪندا آھن ۽ اوھان کان بلڪل جدا رستو اختيار ڪندا آھن؟“

پنھنجي دشمنن پاران تنقيد جو انتظار ڪرڻ بدران انھن جو ٽوڙ ڪرڻ کپي. جيئن مخالفن کي اسان تي تنقيد ڪرڻ جو وجھھ ئي ڪونھ ملي. اھو ئي طريقو چارلس ڊارون اختيار ڪيو. ھن پندرھن ورھيھ ٻين تي تنقيد ڪندي گذاريا. جڏھن ڊارون پنھنجي لازوال ڪتاب The Origin of Spects جو مسودو پورو ڪيو تھ ھن محسوس ڪيو تھ سندس ان ڪتاب جي ڇپجڻ سان انساني خلقت بابت سندس نظريو مذھبي دانشورن جي دنيا ۾ ڦڙڦوٽ وجھندو. ھو پنھنجو نقاد پاڻ بڻجي پيو ۽ پندرھن سالن تائين پنھنجي مسودي تي سوچ ويچار ڪندو رھيو ۽ ان وچ ۾ پنھنجي ڏنل بيانن ۽ دليلن جو نئين سر جائزو ورتو.

سمجھو تھ ڪو ماڻھو اوھان کي بيوقوف ڪوٺي ٿو تھ اوھان ڇا ڪندؤ؟ ڪاوڙ يا بڇان ظاھر ڪندؤ؟ اھو ئي لنڪن ڪيو. سندس ھڪ سيڪريٽري ايڊورڊ ايم اسٽينٽون کي ھڪ ڀيري بيوقوف چئي ڏنائين. اسٽينٽون کي اھا ڳالھھ ڳري لڳي تھ لنڪن سندس معاملن ۾ ھرو ڀرو دخل ڏيندو ھو. ھڪ خود غرض قسم جي سياستدان کي خوش ڪرڻ ڪاڻ لنڪن ڪجھھ ريجمينٽن جي تبديلين جي حڪمن تي صحيحون ڪيون. اسٽينٽون نھ رڳو لنڪن جي حڪمن مڃڻ کان انڪار ڪيو، پر ان کي بيوقوف بھ ڪوٺيو. ان کان پوءِ ڇا ٿيو؟ جڏھن لنڪن کي اسٽينٽون جي انڪار ۽ سندس راين بابت ٻڌايو ويو تھ لنڪن وڏي سڪون سان جواب ڏنو تھ: ”جيڪڏھن اسٽينٽون مون کي بيوقوف سمجھي ٿو تھ مون کي بيوقوف ھجڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ اسٽينٽون سدائين صحيح چوندو آھي، پر مون کي ٿورو مٿي پنھنجي اکين ساڻ بھ ڏسڻو پوندو آھي.“

ان کان پوءِ لنڪن اسٽينٽون سان ملڻ ويو. اسٽينٽون کيس قائل ڪيو تھ سندس حڪم غلط آھن ۽ لنڪن اھي واپس ورتا. لنڪن سدائين نڪتھ چيني پسند ڪندو ھو جيڪڏھن پرخلوص ھجي.

اسان کي بھ اھڙيءَ تنقيد کي پسند ڪرڻ گھرجي، ڇو تھ اسان ھر وقت صحيح ٿي ڪونھ ٿا سگھون. ٿيو ڊور روز ويلٽ جڏھن وائيٽ ھائوس ۾ ھيو تھ اھا توقع ڪندو ھو تھ سندس ھر قدم درست ھوندو. آئن اسٽائن اھو تسليم ڪيو تھ سندس ڪم ۾ انيڪ اوڻايون ھونديون آھن.

”اسان جا دشمن اسان جي باري ۾ جيڪا راءِ ڏيندا آھن، اھا اسان جي پنھنجي راءِ کان سچائي جي وڌيڪ ويجھي ھوندي آھي...........“

مان سمجھان ٿو تھ اھو بيان ڪيترا ئي ڀيرا صحيح ٿي سگھي ٿو، پر ھاڻي بھ جڏھن ڪوئي مون تي تنقيد شروع ڪندو آھي تھ جيڪڏھن مان پنھنجو جائزو وٺان ۽ ھڪدم دفاعي رخ اختيار ڪندس. جڏھن بھ ائين ڪندو آھيان تھ پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳندي آھي. اسان سڀ تنقيد کي سخت ناپسند ڪندا آھيون. ان جي ابتڙ رڳو تعريفون ٻڌڻ چاھيندا آھيون. ان ۾ اھو بھ ڪونھ سوچيندا آھيون تھ تنقيد يا تعريف ايمانداريءَ سان پئي ٿئي يا نھ؟ اسان منطق جي جوڙ ناھيون، پر اسان جذبن جي جوڙ آھيون. اسان جو منطق باس مان ٺھيل ٻيڙي آھي، جنھن کي طوفان گھري سمنڊ ۾ اڇلائيندو آھي.

جيڪڏھن اسان ٻڌئون تھ ڪنھن اسان لاءِ غلط سلط ڳالھھ ڪئي آھي تھ اسان کي پنھنجو دفاع نھ ڪرڻ کپي. ھرڪو بيوقوف ائين ئي ڪندو آھي. ان وقت ڌيان ۽ عاجزيءَ وارو رويو وٺڻ گھرجي. اسان پرسڪون رھي، دشمن کي حيران ڪري ڇڏيون، ڇو تھ اڪثر ڪري ڏٺو اھو ئي ويو آھي تھ تنقيد رڳو چيڙائڻ واسطي ڪئي ويندي آھي.

گذريل بابن ۾ بحث ڪيو اٿم تھ اسان تي جڏھن سجائي سجائي تنقيد ڪئي وڃي تھ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ پر ھتي ھڪ ٻيو ئي نظريو پيش ڪيو ٿو وڃي. جڏھن اجائي تنقيد تي اوھان کي چڙ اچي تھ ھڪ لمحي لاءِ پرسڪون ٿي، پنھنجي مخالف کي چئو: ”ھڪڙو منٽ ترسو، مون کان ڀل ٿي آھي. جيڪڏھن آئن اسٽائن پنھنجي غلطي مڃي ٿو ۽ وقت سارو سٺو فيصلو ڪري ٿو تھ پاڻ نوي سيڪڙو غلط آھي. شايد مان ان تنقيد جو سزاوار آھيان.“

چارلس ليوڪ مين جيڪو ھڪڙو ريڊيو پروگرام ڪندو ھو، اھو ڪڏھن بھ پروگرام ۾ ايندڙ خطن تي ڌيان ڪونھ ڏيندو ھو، جيڪي سندس تعريف ۾ ايندا ھئا. پر سدائين تنقيدي خطن تي توجھ ڏيندو ھو، ڇو تھ کيس خبر ھئي تھ انھن خطن سان ھو پنھنجو پروگرام وڌيڪ بھتر بنائي سگھي ٿو.

فورڊ ڪمپنيءَ جي انتظاميھ پنھنجي ڪوتاھين کي ڄاڻڻ ڪاڻ پنھنجي ملازمن جو رايو ورتو، جنھن ۾ انھن کلئي پلئھ انتظامي معاملن جون ڪي غلطيون ۽ پنھنجيون شڪايتون کولي ٻڌايون.

مان صابڻ وڪڻندڙ ھڪ سيلزمين کي سڃاڻان ٿو. جڏھن ھن صابڻ وڪڻڻ شروع ڪيو تھ کيس تمام ٿورا آرڊر مليا، جنھن ڪري ھو پنھنجي ملازمت ختم ٿيڻ بابت ڳڻتي ڪندو ھو. کيس ويساھ ھو تھ صابڻ ۽ ان جي قيمت بابت ڪابھ شڪايت ڪانھي. سندس طريقي ۾ ئي ڪا اوڻائي آھي. جڏھن بھ صابڻ وڪڻڻ ۾ ناڪام ٿيندو ھو تھ اڪثر سوچيندو ھو تھ مون ۾ ڪھڙي ڪوتاھي آھي؟ ڇا مان گھڻي غير واضح گفتگو ڪندو آھيان يا گفتگو ۾ وزن ڪونھي؟ ڪڏھن ڪڏھن تھ ڪنھن اسٽور تي وڃي چوندو ھو تھ ھو ھتي صابڻ وڪڻڻ نھ، پر صلاھ ڪرڻ آيو آھي. ”ڇا اوھان ٻڌائڻ پسند ڪندؤ تھ ڪجھھ منٽ اڳ ۾ جڏھن مون اوھان کي صابڻ وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي تھ مون کان ڪھڙي غلطي ٿي؟ اوھان مون کان وڌيڪ تجربيڪار ۽ ڪامياب آھيو. مون کي اوھان جي رھنمائيءَ جي ضرورت آھي. مھرباني فرمائي بنان روڪ ٽوڪ مون کي پنھنجي رايي کان آگاھ ڪريو.“

ان رويي سان بيشمار ماڻھو سندس دوست بنجي ويا. ھن بنان ڪنھن معاوضي جي ڪيتريون ئي ڪم جون ڳالھيون سکي ورتيون. اوھان سمجھي سگھو ٿا تھ ھن سان ڇا ٿيو؟ اھو شخص دنيا جي سڀ کان وڏي صابڻ ساز ڪمپنيءَ جو صدر بڻجي ويو. سندس نالو جي – ايڇ لٽل ھو.

تنقيد سبب گھٻرائڻ کان بچڻ واسطي اصول نمبر3 ياد رکو:

اھڙين سمورين غلطين جو رڪارد رکو، جيڪي اسان ڪري چڪا آھيون ۽ گڏوگڏ پاڻ تي تنقيد ڪندا رھو، ڇاڪاڻ تھ اسان بلڪل صحيح ھئڻ جي اميد نٿا ڪريون. ان لاءِ اسان کي اھو ئي ڪرڻ گھرجي، جيڪي جي ايڇ لٽل ڪيو ھو. اسان کي ايمانداري ۽ خلوص سان بنان ڪنھن تعصب جي ٿيندڙ تنقيد جي آجيان ڪرڻ گھرجي.

ٽيويھون باب

پنھنجي مرڪندڙ ۽ ٽڙندڙ جيون ۾ ڪھڙيءَ طرح روزانو ھڪ ڪلاڪ جو واڌارو ڪري سگھجي ٿو؟

مان ھن ڪتاب جي ٿڪ ڀڃڻ يا ان کان بچڻ جي باري ۾ ھڪڙو باب رقم پيو ڪريان. اھا ڏاڍي سادي ڳالھھ آھي، ڇاڪان تھ ٿڪ سدائين پريشان ڪندو آھي ۽ پريشانيءَ ڏانھن گھليندو آھي. ميڊيڪل جو ڪو شاگرد اوھان کي ٻڌائيندو تھ ٿڪ اسان جي بدن مان مدافعت جي سگھھ گھٽائيندو آھي ۽ اسان زڪام سميت انيڪ بيمارين جو شڪار ٿيندا آھيون ۽ ھڪ نفسيات جو ماھر اھو ٻڌائيندو تھ ٿڪ، خوف ۽ پريشاني جي باري ۾ اسان جي دفاع واري سگھھ کي گھٽائيندو آھي، ان ڪري ٿڪ کي روڪڻ ڄڻ تھ پريشانيءَ کي روڪڻ آھي.

ڊاڪٽر ائمبد جيڪسن تفريح بابت ٻھ ڪتاب لکيا آھن: ”ترقي پسنداڻي تفريح“ ۽ ”اوھان کي تفريح ڪرڻ کپي“. شڪاگو يونيورسٽيءَ جي ڪلينڪل فزالاجي جي تجربيگاھ جي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان تفريح کي ميڊيڪل پريڪٽس ھڪ طريقي طور ڪم آڻڻ ڪاڻ ڪئين سال تحقيق ڪئي. ھو چوي ٿو تھ مڪمل تفريح جي موجود ھئن ڪري اسان جي نروس ۽ جذباتي ڪيفيت برقرار ڪانھ رھندي آھي. ان کي ھيئن بھ چئي سگھجي ٿو تھ جيڪڏھن اوھان تفريح ڪريو تھ پريشاني اوڏي ڪانھ ايندو. ان ڪري ٿڪاوٽ ۽ ان کان پوءِ پريشاني کي روڪڻ ڪاڻ پھريون اصول اھو آھي تھ ٿڪجڻ کان اڳ ۾ آرام ڪريون. ان کان اڳ ۾ جو ٿڪجڻ کان پوءِ آرام ڪاڻ آتا ٿيون. اھو ايترو اھم ڇو آھي؟

ان ڪري جو ٿڪاوٽ اسان تي حيران ڪندڙ تيزيءَ سان طاري ٿيندي آھي. آمريڪي فوج بار بار جي تجربن مان اھو نتيجو ڪڍيو آھي تھ نوجوان سپاھي پنڌ ھلندي جيڪڏھن ھڪ ڪلاڪ کان پوءِ صرف ڏھ منٽ پنھنجو سامان رکي آرام ڪن تھ وڌيڪ بھتر ڪارڪردگي ظاھر ڪري سگھن ٿا. ان ڪري آمريڪي فوجين اھو طريقو اختيار ڪيو. اوھان جي دل بھ آمريڪي فوجين ساڻ ڌڙڪي ٿي. اسان جي جسم ۾ سڄو ڏينھن ايترو رت پڄائيندي آھي جو ان مان ھڪ ڪار جي پيٽرول جي ٽانڪي ڀرجي سگھي ٿي. اھا چوويھن ڪلاڪن ۾ اسان جي بدن کي ايتري توانائي ڏئي ٿي، جو ان سان ويھھ ٽن ڪوئلو بيلچن سان ٽي فوٽ اوچائيءَ تي اڇلائي سگھجي ٿو. اھو ڪھڙيءَ طرح ٿيندو آھي؟ ھارورڊ ميڊيڪل اسڪول جي ڊاڪٽر والٽر بي ڪنن ان جي وضاحت ھن طرح ڪري ٿو:

گھڻا تڻا ماڻھو اھو سمجھندا آھن تھ اسان جي دل ھر وقت ڪم ڪندي آھي، پر حقيقت ۾ ھر 284 ڌڪن کان پوءِ آرام ڪندي آھي. جڏھن اسان جي دل ھر منٽ ۾ لڳ ڀڳ ستر ڀيرا ڌڙڪندي آھي، جيڪو رواجي عمل آھي. تقريبًا چوويھن ڪلاڪن ۾ رڳو نو ڪلاڪ ڪم ڪندي آھي. ان طرح سراسري پندرنھن ڪلاڪ ڪم ڪندي آھي.

ٻي وڏي جنگ ھلندي ونسٽن چرچل لڳ ڀڳ ستر ورھين جو ھيو. ان عمر ۾ بھ سورنھن سورنھن ڪلاڪ روزانو ڪم ڪندو ھو ۽ جنگي چالين بابت ھدايتون جاري ڪندو ھو، جيڪو ھڪ رڪارڊ آھي. ھو صبح جو جاڳڻ کان پوءِ يارھين وڳي تائين بستري تي سمھندي ئي مختلف ماڻھن سان فون تي رابطا ڪندو ھو ۽ کين جنگ بنسبت ھدايتون ڏيندو ھو. ان کان پوءِ اھم ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيندو ھو. منجھند جي ماني کان پوءِ ڪلاڪ کن آرام ڪندو ھو. شام و ٻيھر ٻھ ڪلاڪ کن سمھندو ھو. اٺين بجي رات جو کاڌو کائيندو ھو. کيس ٿڪاوٽ ڪانھ ٿيندي ھئي ۽ نڪي سندس علاج ڪرائڻو پوندو ھو. ھن ٿڪ تي قابو پاتو ھو، ڇاڪاڻ تھ اڪثر آرام بھ ڪندو ھو ۽ ٻھ ٻھ ڀيرا تازو توانو ٿي رات جو دير تائين ڪم ڪندو ھو.

ايملي جان ڊي راڪفيلر جا ٻھ غير معمولي رڪارڊ آھن. ھو اٺانوي ورھين تائين جڙيو جيئرو رھيو ۽ دنيا ۾ رڪارڊ دولت ڪمايائين. ھو ايڏي دولت ڪمائڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿيو؟ ان جو سبب شايد اھو ھو جو ھو ايترو وقت جيئرو رھيو ۽ اھا شيءِ کيس ورثي ۾ ملي ھئي. ٻيو سبب سندس منجھند جي ننڊ جي عادت ھئي ۽ گھڻو ڪري پنھنجي آفيس ۾ بھ ننڊ ڪندو ھو ۽ ان وچ ۾ آمريڪي صدر جو ٽيليفون بھ ننڊ ڦٽائي ڪونھ سگھندو ھوس.

ڊئيل ڊبليو جوزلين پنھنجي ڪتاب ”اسان ڇو ٿا ٿڪجون؟“ ۾ لکيو آھي تھ آرام ڪرڻ جو مطلب اھو بلڪل ڪونھي تھ اسان ڪجھھ بھ ڪونھ ٿا ڪريون. آرام ڪرڻ جو مطلب ھي آھي تھ ڪم ڪندي اسان جو جسم ٿڪجي پوندو آھي تھ اسان ان کي ٻيھر ڪم ڪرڻ جي قابل ڪرڻ ڪاڻ تھ تازو توانو ٿي وري روز مره جا ڪم ڪار ڪري سگھون. ڪم ڪرڻ کان پوءِ آرام ڪرڻ ۾ ايڏو فائدو آھي جو رڳو پنجن منٽن لاءِ ئي اکيون پورڻ سان ئي اسان جي سموري ٿڪاوٽ ڪافور ٿي سگھندي آھي.

جڏھن مون ايليز روز ويلٽ کان پڇيو تھ اھا ڪنھن طرح ٻارنھن سالن تائين وائيٽ ھائوس جي بيحد مصروف زندگيءَ ۾ پنھنڪي ٿڪائيندڙ معمول موجب حياتي گذاريندي رھي؟ ان مون کي ٻڌايو تھ ڪنھن بھ ميڙاڪي کي خطاب ڪرڻ کان اڳ اھا گھڻو ڪري ڪنھن ڪرسيءَ تي ويھي ويھن منٽن تائين اکيون پوري آرام ڪري وٺندي ھئي.

ھڪ لڱا مون بارجين الٽري سان ميڊلين اسڪوائر گارڊن ۾ سندس ڊرائينگ روم ۾ انٽرويو ڪيو. مون سندس ڪمري ۾ فوجي ڪوٽ ڏٺو. جين الٽري مون کي ٻڌايو تھ مان روزانو ٻن پھرن جو ھڪ ڪلاڪ تائين ننڊ ڪندو آھيان. جڏھن مان ھالي ووڊ ۾ فلمون ٺاھيندو ھوس تھ گھڻو ڪري ھڪ آرام ڪرسيءَ تي ويھي ٻھ ٽي ڀيرا ڏھن ڏھن منٽن لاءِ ئي جھوٽو کائي وٺندو ھوس. ان سان مون کي ڏاڍو سڪون ايندو ھو ۽ منھنجي ڪارڪردگيءَ ۾ واڌ ٿيندي ھئي.

ايڊلنن پنھنجي توانائي ۽ بلند حوصلي کي پنھنجي ان عادت سان لاڳاپي ٿو تھ ھو جڏھن ۽ جتي چاھيندو ھو، سمھي پوندو ھو.

مون ھينري فورڊ کان سندس ھڪ سئين جنم ڏڻ کان ٿورو اڳ ۾ ھڪ انٽرويو ڪيو. مون کي اھو ڏسي حيرت لڳي تھ ھو بلڪل تازو توانو ۽ صحتمند پئي لڳيو. مون کانئس ان جو راز دريافت ڪيو تھ ھن وراڻيو تھ: ”مان تيستائين بيھي ڪونھ سگھندو آھيان، جيستائين ڪھ ويھي نھ رھان. ويھندو آھيان تھ ويھي نھ سگھندو آھيان، جيستائين ڪھ سمھي نھ پوان.“

لوريڪ مان، جيڪو جديد تعليم جو باني سمجھيو وڃي ٿو، جڏھن ڪراڙپ کي پھچڻ لڳو تھ ان انھيءَ اصول تي عمل ڪيو. جڏھن ھڪ ڪاليج جو صدر ٿيو تھ شاگردن سان گفتگو ڪرڻ وقت ھڪ ڪرسيءَ تي ٽنگون ڊگھيري ويھندو ھو.

مون ھالي ووڊ ۾ موشن پڪچرز جي ھڪ ڊائريڪٽر کي چيو تھ ھو اھا ٽينڪنڪ ڪم آڻي. ھن تسليم ڪيو تھ ان سان حيرت انگيز فائدو ٿيو آھي. اھو ڊائريڪٽر جيڪ چئرٽوڪ ھيو، جيڪو ڪيترا سال اڳ مون سان ملڻ لاءِ آيو ھو تھ نيچر فلمون ٺاھيندڙ ھڪ اداري ايم جي ايم سان لاڳاپيل ھو. ھو ڏاڍو ٻنل ۽ ٿڪل ھو. ھن ھر قسم جون ٽانڪون ۽ دوائون استعمال ڪيون ھيون، پر افاقو ڪونھ ٿيو ھوس. مون کيس ڪم دوران روزانو آرام ڪرڻ جي صلاح ڏني.

مون ٻھ سال پوءِ جڏھن ساڻس ملاقا ڪئي تھ ھن چيو تھ: ”ھڪ معجزو ٿي ويو. منھنجو معالج تھ گھٽ ۾ گھٽ اھو ئي سمجھندو آھي. مان اڳ کان بھتر ٿي ويو آھيان. ڪنھن کي ويساھ ئي نٿو اچي تھ مان اھو ساڳيو ئي جيڪ آھيان.“ ھن ٻڌايو تھ مان پنھنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس دوران فيچر فلمن بابت گفتگو ڪرڻ وقت ھڪ آرام ڪرسيءَ تي ويھي پير ڊگھا ڪندو آھيان. اھڙي طرح گذريل ويھن سالن جي مقابلي ۾ وڌيڪ سڪون محسوس ڪندو آھيان. ھن مون کي ٻڌايو تھ ھاڻي مان ٻھ ٻھ ڪلاڪ لڳاتار ڪم ڪري بھ ڪونھ ٿڪندو آھيان.

اوھان پنھنجي ڪم دوران اھو ڪيئن ڪري ٿا سگھو؟ جيڪڏھن اوھان اسٽيو گرافر آھيو، اوھان ليڊلين وانگر پنھنجي آفيس ۾ ٿوريءَ دير تائين گھيبرٽ ۾ اچي سگھو ٿا، جھوٽو کائي سگھو ٿا. جيڪڏھن اوھان اڪائونٽنٽ آھيو تھ پنھنجي صاحب سان ڳالھائيندي پير پساري سگھو ٿا. جيڪڏھن ڪنھن ننڍي شھر ۾ رھندا آھيو ۽ منجھند جي ماني کائڻ ويندا آھيو تھ کاڌي کائڻ کان پوءِ ڏھن منٽن تائين گھيرٽ ۾ وڃي سگھو ٿا.

جرنل جارج سي مارشل جو بھ اھو ساڳيو طريقو ھو. ھن محسوس ڪيو تھ ھو جنگ ھلندي آمريڪي فوجين کي ھدايتون ڏيندي ايترو مصروف ھوندو آھي، تنھن ڪري کيس منجھند جو سمھڻ گھرجي. جيڪڏھن اوھان جي عمر پنجاھ سالن کان وڌيڪ آھي ۽ اوھان تي ڪم جو ٻوجھھ آھي تھ فوري طور جيتريون بھ انشورنس پاليسيون خريد ڪري سگھو ٿا، خريد ڪريو.

جيڪڏھن اوھان منجھند جو ٿورو وقت اک نٿا ٻوٽي سگھو تھ گھٽ ۾ گھٽ ڪلاڪ کن ليٽي تھ سگھو ٿا. جيڪڏھن سڄو ڏينھن ڪم ڪرڻ کان پوءِ اوھان کي پنجين، ڇھين يا ستين وڳي وچ ۾ ڪلاڪ کن ننڊ اچي وڃي تھ اوھان پنھنجي جاڳڻ واري حياتيءَ ۾ روزانو ھڪ ڪلاڪ واڌ ڪري سگھو ٿا. ڪيئن؟ جيئن شام جو مانيءَ کان اڳ ۾ ھڪ ڪلاڪ جي ننڊ سميت ڇھن ڪلاڪن جي ڀرپور ننڊ اوھان کي ايتري تھ سگھھ ڏيندي، جيڪا اٺن ڪلاڪن جي بيچيني واري اڌوڳابري ننڊ ڪونھ ڏيندي.

جسماني ڪم ڪندڙ ڪو ماڻھو جيڪڏھن گھڻو ڪم ڪري تھ ڪري سگھي ٿو. فريڊرڪ ٽيلر ليٿيم اسٽيل ڪمپني جي انتظاميھ ۾ سائينٽيفڪ انجنيئر جي حيثيت سان ڪم ڪندي ائين ئي ڪندو ھو. ھن مشاھدو ڪيو تھ مزوري ڪندڙ مزور روزانو تقريبًا ساڍا ٻارنھن ٽن ڪڇولون کڻي ٽرڪن تي رکندا آھن ۽ ٻن پھرن تائين ٿڪجي چور ٿي ويندا آھن. ھن انھيءَ سڄي ٿڪاوٽ جي سمورين رخن جو سائنسي اڀياس ڪيو ۽ اعلان ڪيو تھ مزور ساڍن ٻارھن ٽنن بدران ٻائيتاليھھ ٽن ڪچولون کڻي ٽرڪن تي رکي سگھن ٿا. ٽيلر اھو ھيئن ثابت ڪيو:

ھن ھڪ ماڻھو شمٽ کي چونڊيو، جنھن کي اسٽاپ واچ وانگر ڪم ڪرڻو ھو. شمٽ کي ٻڌايو ويو تھ کيس ڪچولون کڻي ٽرڪن تي رکڻو آھي. ان کان پوءِ ويھڻو ۽ آرام ڪرڻو آھي. پوءِ ڪچولون کڻي رکڻيون ۽ وري ويھي قرار ڪرڻو آھي.

ڄاڻو ٿا تھ ان جو ڪھڙو نتيجو نڪتو؟ شمٽ ستيتاليھھ ٽن لوھ روزانو کڻي لوڊ ڪيو، جڏھن تھ ٻين مزدورن رواجي طرح ساڍا بارنھن ٽن لوھ کڻي لوڊ ڪيو. مزي جي ڳالھھ اھا آھي تھ شمٽ ٽن سالن تائين ساڳيءَ رفتار سان ڪم ڪندو رھيو ۽ ايترو ئي بار کڻندو رھيو. ھو ڪلاڪ ۾ لڳ ڀڳ ڇويھھ منٽ ڪم ڪندو ھو ۽ چوٽيھھ منٽ آرام ڪندو ھو. ھو ڪم کان وڌيڪ آرام ڪندو ھو، ان ھوندي بھ ٻين جي نسبت ۾ چوڻو ڪم ڪندو ھو.

اسان کي اھو اصول ٻيھر ورجائڻ ڏيو تھ اھو ئي ڪيو، جيڪي فوج ڪندي آھي. وڌيڪ آرام ڪريو، جيڪي چاھيو ٿا اھو ئي ڪيو، ان کان اڳ جو ٿڪجي پئو، آرام ڪري وٺندا ڪريو. اھڙي نموني اوھان پنھنجي جاڳڻ جي زندگيءَ ۾ روزانو ھڪ ڪلاڪ واڌ ڪري سگھو ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org