سيڪشن: ادب

ڪتاب: ڏکن کان ڏور

باب:

صفحو:19 

منھنجي باس ڳالھين ھلندي مون کي ھڪ خط ڏنو، جيڪو کيس انھيءَ صبح جو مليو ھو ۽ مون کي پڙھڻ جو چيائين.

ھي سخت چڙ ۾ لکيل ھڪ خط ھو ۽ ان ۾ گھڻيون اھڙيون ڳالھيون ھيون، جيڪي منھنجي باس جي لاءِ ڦڪائيءَ جون ھيون. جيڪڏھن ڪو مون کي اھڙي قسم جو خط لکي ھا تھ منھنجو ڪاوڙ ۽ شرمندگيءَ ڪري بڇڙو حال ٿئي ھا.

ھن مون کي ٻڌايو تھ ان خط جو ڪيئن جواب لکندو؟ ۽ اھا ڳالھھ مون لاءِ حيرت جو ڪارڻ ھئي. ھن چيو تھ ”بل!“ مان توکي ھڪ راز ٻڌايان ٿو. اڳتي بھ جيڪڏھن توکي ڪڏھن بھ واقعي ڪا پريشاني ٿئي تھ ھڪ ڪاغذ ۽ پينسل کڻي ويھجانءِ ۽ پوري تفصيل سان لکندو رھجانءِ تھ توکي ڪھڙي پريشاني آھي؟ ھاڻي اھو ڪاغذ پنھنجي ميز جي ڪنھن خاني ۾ رکي ڇڏ. ٻھ ھفتا انتظار ڪر ۽ پوءِ ڏس تھ جيڪڏھن اڃا بھ توکي اھا ئي پريشاني لاڳو آھي، جيڪا ٻھ ھفتا اڳ ۾ ھئي تھ اھو ڪاغذ وري ميز جي خاني ۾ رکي ڇڏ ۽ وڌيڪ ٻھ ھفتا اتي ئي رھڻ ڏي. اھو اتي ئي محفوظ رھندو ۽ ان کي ڪجھھ ڪونھ ٿيندو. پر ان عرصي ۾ تنھنجي پريشانيءَ جو ڪو نھ ڪو حل نڪري سگھي ٿو. مون اھا ئي ڳالھھ نوٽ ڪئي آھي تھ جيڪڏھن مون ۾ ٿورو بھ حوصلو آھي تھ اھا پريشاني جيڪا مون کي ستائي پئي، ختم ٿي ويندي.

ان مشوري مون تي ڏاڍو اثر ڪيو. مان سالن کان ان صلاح تي عمل پيو ڪريان. مون کي تمام گھٽ پريشاني ٿيندي آھي. اھو ڪونھي تھ منھنجي زندگيءَ مان پريشاني بلڪل ختم ٿي وئي آھي، پر اھو ضرور آھي تھ مان پنھنجي پريشانيءَ کي ھڪدم ڇنڊي ڇڏيندو آھيان.

وقت ھڪ وڏي مرھم آھي. وقت جو ڌارو گھڻين ئي ڳالھين کي بدلائي ڇڏيندو آھي ۽ وقت جي گذرڻ سان گھڻين ئي پريشانين تي قابو پائي وٺندا آھيون، يا اھي وسري وينديون اٿئون.

مون کي چتاءُ ڏنو ويو تھ ڪجھھ بھ ڪونھ ڳالھايان، تانجو آڱر بھ ڪونھ چوريان

ڪئين سال اڳ جوزف ايل ھتي مون وٽ آيو. ھو پنھنجي بيماريءَ جي ڪري بيحد پريشان رھندو ھو. ھن ڪتاب لکڻ کان ڪجھھ مھينا اڳ مون سان مليو تھ ڏاڍو خوش، مگن ھو. گھڻو کلائي پيو. مون کي ان اندر تبديلي ڏسي ڏاڍي حيرت لڳي. مون سندس انٽرويو ورتو. ھن جيڪو ڪجھھ ٻڌايو، مان اوھان آڏو سندس لفظن ۾ بيان ڪريان ٿو.

ڪئين سال اڳ مان ھڪ ڪيس ۾ شاھد ھوس ۽ مون کي بار بار عدالت ۾ حاضري ڏيڻي پوندي ھئي، تنھن ڪري منھنجي ذھن تي ڏاڍو دٻاءُ ھو ۽ مان پريشان رھندو ھوس. جڏھن اھو مقدمو ختم ٿيو ۽ مان ريل ۾ چڙھي گھر پئي موٽيس تھ اوچتو مون کي دل جو شديد دورو پيو ۽ مان ڪري پيس. مون لاءِ ساھ کڻڻ بھ دشوار ھو. ماڻھن ھٿ پير مھٽي مون کي ھوش ۾ آندو.

گھر پھتس تھ ڊاڪٽر مون کي انجيڪشن لڳائي. مون کي بستري تي ليٽڻ کان منع ڪئي ۽ سخت تاڪيد ڪيو ويو تھ صوفي تي ويٺو رھان ۽ چرڻ پرڻ جي ڪوشش بھ نھ ڪيان، پر ان کان پوءِ وري دورو پيو ۽ بيھوش ٿي ويس. منھنجي گھر وارن سمجھيو تھ مان موڪلائي ويو آھيان ۽ انھن مٽن مائٽن، يارن دوستن کي اطلاع ڏيڻ شروع ڪيا. ٿوريءَ دير کان پوءِ مون کي ھوش آيو تھ مون ڏٺو تھ منھنجي تڙ ڏيارڻ جو ڪم بلڪل تيار آھي ۽ تڙ ڏياريندڙ خاص ھمراھ بھ ويٺو آھي.

منھنجن مائٽن جا مک سوڳوار ھئا. پوءِ پتو پيو تھ ڊاڪٽر منھنجي زال کي ان حقيقت کان واقف ڪيو ھو تھ ان دوري کان اڌ ڪلاڪ پوءِ مان مري ويندس. منھنجي دل ايتري ڪمزور ھئي جو مون کي سخت تاڪيد ڪيو ھئائون تھ پنھنجي جاءِ تان بلڪل نھ چران ۽ آڱر بھ نھ لوڏيان.

مان ڪڏھن بھ ڪو متقي يا پرھيزگار ماڻھو ڪونھ ھوس، پر مون پنھنجي زندگيءَ ۾ اھو سبق ضرور پرايو ھو تھ رب پاڪ جي ڪمن اندر ڪوبھ دخل ڏئي ڪونھ ٿو سگھي. ان ڪري مون پنھنجيون اکيون بند ڪري چيو تھ جيڪڏھن منھنجي موت جو وقت آيو آھي تھ ان کي ڪوبھ ٽاري ڪونھ ٿو سگھي.

جيئن ئي مون اھا ڳالھھ ڪئي، مون کي قرار اچڻ شروع ٿيو. سڄو خوف ھڪدم ختم ٿي ويو ۽ مون پاڻ کي ھوريان چيو تھ وڌ ۾ وڌ ڪھڙي خراب ڳالھھ ٿي سگھي ٿي؟ اھا نھ تھ مون کي ڏاڍو سور ٿيندو، دورا پوندا ۽ پوءِ سڀ ڪجھھ ختم ٿي ويندو. مان پنھنجي خالق وٽ ويندس ۽ اتي سڪون سان رھندس ۽ اتي مون کي ڪا تڪليف ڪانھ ھوندي، نھ پريشاني.

مان ھڪ ڪلاڪ تائين صوفي تي ويٺو رھيس، پر ٻيھر سور ڪونھ پيو. آخر مون پاڻ کان پڇيو تھ جيڪڏھن مئو نھ آھيان تھ پنھنجي زندگي ڪيئن گذارڻ کپي؟ مون ارادو ڪيو تھ پنھنجي وڃايل صحت وري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ پنھنجي پاران ڪا ڪسر ڪونھ ڇڏيندس. مان پريشاني يا تڪليف جي ڪا شڪايت ڪانھ ڪندس ۽ ٻيھر طاقتور ٿيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس.

اھا چار سال اڳ جي ڳالھھ آھي. مون ھاڻي پنھنجي صحت سٺي سنواري ڇڏي آھي، تانجو منھنجو ڊاڪٽر پڻ حيران آھي ۽ ھن مون کي پنھنجو ڪارڊيو گرام ڏيکاريو، جنھن مان صاف ظاھر ھو تھ منھنجي دل جي تڪليف بھ گھٽجي پئي وڃي. مون کي ڪا پريشاني بھ ڪانھي. ھاڻي زندگيءَ گذارڻ جو نئون حوصلو ۽ جذبو اٿم، پر ھڪڙي ڳالھھ پوري ايمانداريءَ سان چوان ٿو تھ جيڪڏھن مون موت کي ايترو قريب نھ ڏٺو ھجي ھا تھ پنھنجي صحت سڌارڻ جي ايڏي ڪوشش ڪونھ ڪريان ھا تھ اڄ اوھان آڏو ڪونھ ھجان ھا. جيڪڏھن مون موت جي حقيقت تسليم نھ ڪئي ھجي ھا تھ مون کي پڪ آھي تھ مان رڳو سور ۽ خوف وچان ئي مري وڃان ھا.

مسٽر ريان اڄ بھ جڙيو جيئرو آھي، ڇاڪاڻ تھ ھن بدترين حالتن جو بھ سدراڻي نموني مقابلو ڪرڻ سکي ورتو آھي.

ڪابھ ڳالھھ گھڻو جلدي دل تان ريٽي ڇڏيندو آھيان

گراھم ڊلي ٻڌايو تھ ھو ڏاڍو پريشان رھندو ھو. ان کي انيڪ پريشانيون ھيون. ھن جيڪي ڪجھھ پنھنجي باري ۾ ٻڌايو، اھو ھتي بيان ڪريان ٿو.

پريشان ھجڻ ھڪ عادت آھي پر اھا عادت مون گھڻو اڳ ۾ ختم ڪري ڇڏي آھي. مون پنھنجي پريشانين مان ڪيئن جند ڇڏائي؟ ان لاءِ مون ٽي طريقا اختيار ڪيا، جن مون کي پريشانين کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ بيحد مدد ڪئي.

1.        مان پنھنجي ڪمن کي اھميت پٽاندڙ ترتيب ڏيندو آھيان تھ جيئن اھي ڪرڻ ۾ آسان لڳن، پر انھن ڪمن ڪرڻ ۾ رڌل رھندو آھيان.

منھنجا ٽي وڏا ڪم ھوندا آھن. ٽنھي ڪمن کي پوري ڪرڻ ڪاڻ مون کي پورو پورو وقت کپندو آھي. مان نيويارڪ شھر جي ھائر سيڪنڊري تعليم جي بورڊ جو چيئرمين آھيان. ان کان سواءِ مان ھڪ مشھور فرم ھارپر اينڊ برادرز نالي اشاعتي اداري جي ھڪ اھڙي کاتي جو سربراھ پڻ آھيان، جتي اقتصاديات ۽ سماجيات تي ڪتاب ڇاپبا آھن. اھي ٽيئي ڪم پورا ڪرڻ ھڪ وڏي ذميواري آھي ۽ مان پنھنجو ڪم پوري ڌيان سان ڪندو آھيان. ان لاءِ مون وٽ پنھنجي پريشانين تي پچڻ پڄرڻ لاءِ تمام ٿورو وقت ھوندو آھي.

2.       مان ڪابھ ڳالھھ دماغ مان جلدي ڪڍي سگھندو آھيان. جڏھن ھڪڙو ڪم پورو ڪري ٻيو شروع ڪندو آھيان تھ ڪم دوران پيش ايندڙ امڪاني مشڪلن ۽ ذھن ۾ ايندڙ خيالن کي دل ۽ دماع مان ڌڪي ڇڏيندو آھيان ۽ ان نموني ٻئي ڪم ڪرڻ ڪاڻ بلڪل تازو، توانو ھوندو آھيان.

3.       جڏھن پنھنجي آفيس ۾ ڪم ختم ڪندو آھيان تھ پنھنجي ذھن مان سمورا غير ضروري خيال ۽ پريشانيون ڪڍڻ ڪاڻ پنھنجي تربيت ڪندو آھيان ۽ سکيا جو اھو سلسلو جاري رھندو آھي. مان پنھنجي ھر ڪم ۾ ايترو رڌل ھوندو آھيان ۽ منھنجي ڪم جي تقاضا بھ اھا ئي آھي تھ پوري دلجمعيءَ سان ۽ ذميواريءَ سان ڪم ڪريان. جيڪڏھن مان انھن سمورن معاملن ۽ پريشانين کي گھر کڻي وڃان تھ منھنجي صحت خراب ٿي ويندي ۽ ان سان گڏ منھنجي اندرين صلاحيتن کي زنگ لڳي ويندو ۽ منھنجو ڪم متاثر ٿيندو.

جيڪڏھن پنھنجيون پريشانيون ختم نھ ڪيان ھا تھ گھڻو اڳ مران ھا

بيس بال جي ھڪ بيحد مشھور رانديگر ڪوني ميڪ پنھنجي پريشانين کان ڪيئن ڇوٽڪارو حاصل ڪيو؟ اھو سندس زباني ٻڌو:

مان گذريل ٽيھٺ ورھين کان ھڪ پيشھ ور رانديگر جي حيثيت سان بيس بال کيڏندو اچان ٿو. جڏھن مون اھا راند کيڏڻ شروع ڪئي تھ منھنجي ڪابھ پگھار ڪانھ ھئي. اسان رڳو خالي جاين تي کيڏندا ھئاسون. بيئر جي خالي دٻن کي بال ۽ ڪاٺي کي بيس بال بيٽ ڪري ڪم آنيندا ھئاسون. مان پنھنجي پوڙھيءَ رن زال ماءُ جو واحد سھارو ھوس. ننڍا ڀائر ۽ ڀينر الڳ ھيون. ڪڏھن ڪڏھن اسان مئچ کيڏڻ وقت کائڻ پيئڻ جي ڪنھن شيءِ تي شرط ٻڌندا ھئاسون ۽ جيڪڏھن کٽي ويندو ھوس تھ شيون گھر کڻي ويندو ھوس تھ گھر ڀاتين کي ڪجھھ کارائي سگھان.

منھنجي پريشان ٿيڻ جا ڪيترا ئي سبب ھئا. ٿوري وقت کان پوءِ مان بيس بال ٽيم جو مئنيجر بڻجي ويس تھ ٽيم لڳاتار ستن سالن کان ھارائيندي پئي اچي. منھنجي ٽيم اٺن سالن ۾ اٺ سؤ رانديون ھارائي وئي. انھن لڳاتار ھارن کان پوءِ ڏاڍو پريشان رھندو ھوس، تانجو ماني کائڻ بھ وسري ويندي ھئي ۽ ننڊ تھ ڪوھين ڏور ھوندي ھئي. پر مون پنجويھھ سال اڳ پريشان ٿيڻ ڇڏي ڏنو ھو. مون ايمانداريءَ سان سوچيو تھ جيڪڏھن مون پنھنجي فڪرن ۽ پريشانين مان جند نھ ڇڏائي تھ تمام جلد دنيا کان موڪلائي ويندس. مون ڪجھھ اھڙين ڳالھين جو خيال رکيو، جن سان منھنجيون پريشانيون ختم ٿي ويون.

1.        مون پنھنجي پريشانين جو ڳوڙھو جائزو ورتو ۽ انھن تي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پھتس تھ انھن پريشانين ۾ ڪابھ حقيقت ڪانھ آھي ۽ مان ھرو ڀرون پريشان رھندو آھيان. جيڪڏھن مون انھن تي ضابطو نھ آندو تھ منھنجو ڪيريئر برباد ٿي ويندو.

2.       مون محسوس ڪيو تھ انھن فڪرن ۽ پريشانين ڪري منھنجي صحت بھ برباد پئي ٿئي.

3.       مون مستقبل جي رٿابندي ڪرڻ شروع ڪئي تھ پنھنجي ٽيم کي ڪھڙي نموني کيڏايو وڃي ۽ ڪھڙي کيڏاريءَ کي ٽيم ۾ رکڻو آھي ۽ ڪنھن کي ڊراپ ڪرڻو آھي؟ مون پنھنجي رانديگرن جي سکيا ڏيڻ تي بيحد ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. منھنجي آڏو فقط ھڪڙو ٽارگيٽ ھو تھ ھاڻي ھر حالت ۾ بس کٽڻو آھي. مون گذريل شڪستن کي يڪسر وساري ڇڏيو ۽ آئندي کي آڏو رکندي پوري محنت سان رٿابندي ڪرڻ شروع ڪئي.

4.       گھڻي سوچ ويچار بعد مون فيصلو ڪيو تھ مئچ دوران پنھنجي ڪنھن بھ رانديگر کي تنبيھھ ڪونھ ڪندس، پر سندس حوصلو وڌائيندس ۽ وري اھا غلطي نھ ورجائڻ جي تلقين ڪندس. پر مئچ ختم ٿيڻ کان چوويھھ ڪلاڪ پوءِ ان رانديگر سان ان غلطي تي بحث مباحثو ڪندس. شروع ۾ مان پنھنجي رانديگرن آڏو ڪپڙا بدلائيندو ھوس. ان مان اھو نقصان ھو تھ رانديگرن سان فري ھجڻ ڪري مٿن تنقيد ۽ راند ۾ ھارائڻ کان پوءِ ان ھارائڻ تي تکو مٺو بحث ڪندو ھوس ۽ ڪجھھ چوڻ کان ڪونھ گسندو ھوس ۽ ان سان منھنجي پريشانين ۾ واڌ ايندي ھئي ۽ انھيءَ سلسلي جو جاري رھڻي منھنجي صحت لاءِ بھ جوکائتو ھو.

مون محسوس ڪيو تھ ڪنھن بھ رانديگر کي ٻين آڏو سندس خراب ڪارڪردگي تي گھٽ وڌ چوڻ سٺي ڳالھھ ڪانھي. ان سان نھ رڳو رانديگر جي انا متاثر ٿئي ٿي، پر ھو دل شڪستو ٿي راند ۾ دل سان بھرو ڪونھ ٿو وٺي سگھي. مانم جيئن تھ زباني تنقيد ڪرڻ کان ڪونھ مڙندو ھوس، تنھن ڪري ان ڏينھن کان پوءِ ھڪ اصول بنايو ۽ ان تي وڏيءَ سختيءَ سان عمل بھ ڪيو.

مون فيصلو ڪيو تھ آئينده ڪنھن بھ مئچ کي ھارائڻ کان ھڪدم پوءِ انھن سان ڪونھ ملندس. صبح تائين پنھنجي جذبن جي ٿڌي ٿيڻ تائين انتظار ڪندس، ڇاڪاڻ جو صبح تائين ھر ھڪ رانديگر کي بھ پنھنجي غلطيءَ جو احساس ٿي چڪندو ۽ پوءِ اسان پاڻ ۾ ويھي سڪون سانت سان ۽ دوستاڻي ماحول ۾ پنھنجي ان شڪست جي سببن تي ويچار ڪنداسون ۽ ايندڙ مئچ لاءِ رٿابندي ڪنداسون.

5.        مون پنھنجي کيڏارن کي سندن ڳڻن کي اجاگر ڪندس ۽ انھن تي سندن تعريفون ڪندس تھ سندن حوصلو وڌندو ۽ اھي پنھنجي ڪارڪردگيءَ کي بھتر کان بھتر بنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا.

6.       مون محسوس ڪيو تھ جڏھن مان ٿڪجي پوندو آھيان تھ وڌيڪ پريشان ٿيندو آھيان، تنھن ڪري پنھنجي ٿڪ لاھڻ لاءِ ڏھن ڪلاڪن تائين سمھندو آھيان ۽ ٻن پھرن جو ٿوري دير لاءِ ننڊ ضرور ڪندو آھيان، تانجو رڳو پنجن منٽن جي اک ڇنڀ بيحد آرام ڏيندي آھي.

7.       مون کي ويساھ آھي تھ مان پنھنجين پريشانين تي قابو پائي پنھنجي زندگيءَ ۾ واڌارو ڪيو آھي. ھاڻي منھنجي ڄمار پنجاسي سال آھي، پر اڃا منھنجو رٽائر ٿيڻ جو ڪوبھ ارادو ڪونھي، ڇاڪاڻ تھ منھنجيون سموريون سرگرميون ختم ٿينديون تھ سندم جوش جذبو، عزم ۽ ولولو ماٺو پئجي ويندو ۽ مان پاڻ کي پوڙھو سمجھڻ لڳندس، جيڪو مون کي ڪڏھن منظور ڪونھي. جيسين جيئرو آھيان، بيڪار ٿي گھر ۾ ڪونھ ويھندس.

اوھان بھ ميڪ وانگر پنھنجا اصول جوڙيو ۽ پريشانين تي قابو پايو.

مون پنھنجي ذھني سوچ ۽ ملازمت بدلائي پنھنجي پريشانين ۽ معدي جي السر کان ڇوٽڪارو ورتو

مان آرنلڊ ڊبليو شارپ کي گھڻي وقت کان سڃاڻان ٿو ۽ اسان اڪثر ڪري ھڪ ٻئي سان ملندا رھندا ھئاسون، پر ھڪ ڏينھن ھو اوچتو غائب ٿي ويو ۽ ڪيترن سالن ۾ سندس ڪو پتو ڪونھ پيو. ھڪ ڏينھن اوچتو منھنجي آفيس ۾ آيو. ان مون کي جيڪا ڪٿا ٻڌائي، اھا اکر اکر اوھان آڏو آڻيان ٿو.

پنج سال اڳ مان بيمار، پريشان ۽ مايوس رھندو ھوس. ڊاڪٽرن ٻڌايو تھ مون کي معدي جو السر آھي. ھنن منھنجي خوراڪ جو ھڪ خاص چارٽ ٺاھي ڏنو ۽ سخت تاڪيد ڪيو تھ ان چارٽ پٽاندڙ پنھنجي خوراڪ استعمال ڪريان. مون کي رڳو آنن کائڻ ۽ کير پيئڻ جي موڪل ھئي، پر مون کي ڪوبھ افاقو ڪونھ ٿيو. ھڪ ڏينھن مون ڪينسر بابت ھڪ مضمون پڙھيو. مون کي خيال آيو تھ ڪينسر وارا سمورا اثر مون ۾ موجود آھن. ھاڻي تھ مان پريشان کان وڌيڪ خوفزده ۽ ھيسيل ڊنل رھندو ھوس. جڏھن تھ آرمي سيلڪشن بورد جسماني سبب ڄاڻائي مون کي مسترد ڪري ڇڏيو. منھنجي عمر چوويھھ ورھيھ ھئي، پر بدني طرح بيڪار بڻجي چڪو ھوس، جڏھن تھ ان عمر ۾ مون کي جسماني طرح تمام وڌيڪ مستحڪم ھئڻ گھربو ھو.

منھنجي مايوسيءَ جي ڪا انتھا ڪانھ رھي ھئي ۽ ڪوبھ اميد ڀريو ڪرڻو ڪونھ پئي ڏٺو. انھيءَ ڪيفيت ۾ سوچڻ لڳس تھ ان حال تي ڪيئن ۽ ڇو پھتو آھيان؟ اھي ڪھڙا عمل ۽ اسباب آھن، جن منھنجو اھڙو حال ڪيو آھي؟ آھستي آھستي کلڻ لڳو تھ رڳو ٻھ سال اڳ ۾ مان ڏاڍو خوش ۽ صحتمند ھوس. مان ھڪ سيلزمين ھوس، پر جنگ سببان شين جي وڪري ۾ گھٽتائي ڪري مون ھڪ فيڪٽريءَ ۾ نوڪري ڪئي ھئي. مون کي فيڪٽريءَ جي ڪم کان نفرت ھوندي ھئي. بس اتان ئي معاملا بگڙڻ شروع ٿيا. فيڪٽري ۾ منھنجا دوست منفي سوچون رکندا ھئا ۽ منھنجي نڀاڳ ڪري منھنجي ئي شعبي ۾ ڪم ڪندا ھئا. اڳ ۾ انھن سان واقفيت وڌي، پوءِ چڱي خاصي دوستي ٿي وئي. اھي ھر ھڪ ڪم مان وڏون ڪڍندا ھئا. اھي مسلسل ملازمت کي پاراتا ڏيندا ھئا، پگھار تي مالڪن تي ۽ ڪڏھن تھ ھر شيءِ تي لعنتون وجھندا ڪونھ ٿڪبا ھئا. مان بھ لاشعوري طور سندن بغضن ۽ حسدن ۾ پيھي پيس.

ھوريان ھوريان مون محسوس ڪيو تھ منھنجي منفي سوچ ۽ تلخ جذبات ئي منھنجي السر جو سبب آھن. ان کان پوءِ مون فيصلو ڪيو تھ مان پنھنجي ڪم تي ٻيھر موٽي ويندس، جنھن کي پسند ڪندو ھوس. مون ٻيھر سيلزمين وارو ڪم شروع ڪيو ۽ اھڙن ماڻھن سان وڌيڪ ميل ميلاپ رکڻ لڳس، جن جون سوچون مثبت ۽ تعميري ھونديون ھجن. منھنجي انھيءَ فيصلي منھنجي زندگي بدلائي ڇڏي. مون ڄاڻي واڻي اھڙا ماڻھو تلاش ڪري ساڻن دوستي رکي، جن جي سوچ ترقي پسند ھجي، خوش رھندا ھجن ۽ سھڻا خيال رکندا ھجن، جن کي ڪا پريشاني ڪانھ ھجي، نڪا السر جي شڪايت.

جيئن جو منھنجي جذبن ۾ تبديلي آئي، منھنجو موڊ خود بخود بدلجي ويو. جلد ئي معلوم ٿي ويو تھ اسان خوشي، صحت ۽ ڪاميابي پڻ اھڙيءَ طرح حاصل ڪري سگھون ٿا، جھڙي طرح اسان تلخيون، پريشانيون ۽ ناڪاميون حاصل ڪندا آھيون. ھي ھڪ اھم سبق آھي، جيڪو مون سکيو آھي. مون کي گھڻو اڳ ۾ سکڻ کپندو ھو. مون ان بابت گھڻو ڪجھھ پڙھيو ھو، پر سکڻ سمجھڻ ڪاڻ پريشانين ۽ مشڪلاتن مان گذرڻو پيو.

آئون، ھاڻي

جوزف ايم ڪوٽر مون کي پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائي، اھا اوھان آڏو بيان ڪريان ٿو.

ٻالڪپڻي کان ئي مون کي پريشان رھڻ جي عادت ھئي. نوجوانيءَ ۾ اھا ئي عادت ھئي، تانجو ڪرڙوڍ ٿيس، تڏھن بھ پريشان رھندو ھوس. منھنجيون انيڪ ۽ مختلف پريشانيون ھيون. انھن مان ڪي جائز بھ ھيون، پر انھن مان گھڻيون ھٿرادو بھ ھيون. زندگيءَ ۾ اھڙا موقعا نالي ماتر آيا جو مان پريشان نھ ٿيو ھجان، پر ان دوران اھو ڊپ بھ رھندو ھو تھ ڪا اھم ڳالھھ وساريان تھ ڪونھ ٿو يا ڪو اھم ڪم ياد ئي ڪونھ پيو اچي يا ڪنھن سان ڪا ڳالھھ ڪرڻي اٿم، پر اھا ڪھڙي ڳالھھ آھي؟ اھو ئي سوچيندو رھندو ھوس. پوءِ اھا سوچ ئي منھنجي پريشاني ۽ پريشانيءَ جو سبب ٿيندي ھئي.

پوءِ ٻھ سال اڳ مون پنھنجي زندگيءَ جو ڍنگ ئي بدلائي ڇڏيو. ان لاءِ مون سمورين ڪوتاھين جو وڏيءَ ايمانداريءَ سان جائزو ورتو. ان وچ ۾ مون کي نھ رڳو پنھنجين غلطين جو احساس ٿيو، پر ان سان گڏ منھنجو ذھن پڻ کلي ويو، ڄڻ تھ ڪواڙ کلي پيا ھئم، ڄڻ ننڊ مان ڪر موڙي اٿيو ھوس. منھنجيون ستل صلاحيتون بيدار ٿيون ۽ ساري ڳالھھ سمجھھ ۾ اچي وئي تھ مان ڇو پريشان رھندو ھوس؟

اصل ڳالھھ اھا ھئي تھ مان اڄ جي سھاري زندگي ڪونھ گذاريندو ھوس، پر مون کي ماضيءَ جون تلخيون پريشان رکنديون ھيون ۽ آئيندي جي اڻتڻ جو شڪار رھندو ھوس. منھنجي دوستن صلاح ڏني تھ چوويھن ڪلاڪن جو ٽائيم ٽيبل ٺاھيان. انھن دوستن سمجھايو تھ رڳو اڄ تنھنجي قبضي ۾ آھي، ڪالھھ تنھنجي ڪنٽرول مان نڪري ويئي ۽ سڀاڻي ڪوھين ڏور آھي. ان لاءِ صرف ”اڄ“ تنھنجي ھٿ ۾ آھي. اڄ ئي تنھنجي ملڪيت آھي، ان ۾ بھترين صلاحيتون استعمال ڪر، ان کي سٺي کان سٺو بڻاءِ ۽ اڄوڪي ڏينھن تي ملندڙ سمورن موقعن مان فائدو وٺ.

مون کي منھنجن دوستن ٻڌايو تھ جيڪڏھن ائين ڪندس تھ منھنجي مصروفيت ۾ واڌ ايندي. اھا صلاح مون کي پسند آئي. ان ۾ اھو منطق ھو تھ ڪالھھ جيڪي گذري چڪو، ان تي پڇتائڻ جو ڪوبھ فائدو ڪونھي. اھو ڏينھن ڪونھ موٽندو. سڀاڻي جيڪا اچڻ واري آھي، ان جي باري ۾ رب ئي بھتر ٿو ڄاڻي، تنھن ڪري ان لاءِ پريشان ٿيڻ جي ڪا ضرورت ڪانھي. پر مون لاءِ ڏکيو پئي ٿيو تھ ان صلاح کي صحيح سمجھندي بھ ان تي عمل ڪريان.

پوءِ ھڪ ڏينھن اوچتو ئي اوچتو جيئن ڪار اونداھيءَ ۾ ڪو ڪرڻو ڏسبو آھي، ٻاٽ ۾ ڪا لاٽ نظر ايندي آھي، ڪو ٽانڊاڻو چمڪا ڏيندو آھي، مون کي بھ پنھنجي مشڪل جو حل ملي ويو. اھو ايڪٽيھين مئي جي شام جو ستين وڳين جو وقت ھو، جڏھن مان لاس اينجلز وڃڻ لاءِ ريلوي اسٽيشن تي ريل جو منتظر ھوس. اھو منھنجي زندگيءَ جو اھم ترين لمحو ھو، تنھن ڪري اڃا تائين ياد اٿم.

اسان ڪجھھ دوستن پليٽ فارم تي بيٺي ڳالھيون پئي ڪيون. جنگ جو زمانو ھو، گاڏين ۾ ڪافي رش ھوندي ھئي. جڏھن ريل پليٽ فارم تي اچي بيٺي تھ مان پنھنجي زال کي ريل ۾ چارھڻ بدران پاڻ انجڻ آڏو پٽڙيءَ تي بيھي رھيس ۽ ھڪ منٽ تائين انجڻ کي غور سان ڏسندو رھيس. ان کان پوءِ انجڻ ڪوڪ ڪئي ۽ مون پليٽ فارم تي اچي پاڻان پري ھڪ سنگنل کي ڏٺو. ڳاڙھي مان ڦري سائو ٿيو ھو. انجڻ جي ڪوڪ سان گڏ ئي گارڊ بھ پنھنجي سيٽي وڄائي، جنھن جو مطلب ھو تھ سمورا مسافر ريل ۾ چڙھي چڪا آھن. ان سان گڏ ھن سائي جھنڊي لوڏي ۽ انجڻ چرڻ شروع ڪيو ۽ اسان ٽيويھھ سؤ ميل پري پنھنجي ڊگھي سفر تي روانا ٿي وياسون.

منھنجو ذھن تيز تيز پئي ھليو ۽ ھڪڙي ڳالھھ سمجھھ ۾ پئي آئي. ھڪ معجزو ھو، جيڪو مون کي نظر پئي آيو. اوچتو مون تي نروار ٿيو. ان گارڊ منھنجي سمورين پريشانين جو حل ٻڌائي ڇڏيو ھو. ھو ايڏي ڊگھي سفر تي رڳو ھڪ سائيءَ جھنڊيءَ سان پئي ويو. جيڪڏھن مان سندس جاءِ تي ھجان ھا تھ ھر جڳھھ صرف سايون بتيون ڏسڻ چاھيان ھا، جيڪا اڻ ٿيڻي ڳالھھ ھئي ۽ اھو ئي سڀ ڪجھھ مون پنھنجي زندگيءَ سان پئي ڪيو، ڇا لاءِ جو مون سڀاڻي لاءِ ڄاڻڻ جي پوري پوري ڪوشش پئي ڪئي.

منھنجي ذھن ۾ مختلف قسمن جا خيال پئي آيا. ان گارڊ کي ڪو پتو ڪونھ ھو تھ رستي ۾ ڪھڙيون ڪھڙيون مشڪلاتون کيس اچي سگھن ٿيون؟ ٿي سگھي ٿو تھ ريل کي ڪو نقصان رسي يا ليٽ ٿئي. آئون سوچڻ لڳس تھ ڳاڙھي سگنل تي ريل بيھي رھي ٿي، جنھن جو مطلب آھي تھ اڳتي لائين خالي ڪانھي ۽ ڳاڙھي اشاري جي پرواه ڪرڻ کان سواءِ اڳتي ھلائي وڃي تھ ڪو حادثو بھ ٿي سگھي ٿو. مون کي احساس ٿيو تھ ان ڪري ريل جو سفر ايترو محفوظ ھوندو آھي، ڇا لاءِ تھ ان ۾ سگنل جو سرشتو ڏاڍو سٺو ھوندو آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org