سيڪشن: ادب

ڪتاب: ڏکن کان ڏور

باب:

صفحو:5 

ھڪ عام انسان جو انڌپڻ ۾ ٻارنھن کان وڌيڪ آپريشن ڪرائڻ سان نروس سسٽم تباھ ٿي پئي سگھيو، تنھن ھوندي بھ تارنگٽن چيو تھ مان ان سانحي کي خوشيءَ طور قبول نھ ڪريان. ھن ھر حالت سان متفق ٿيڻ سيکاريو. ان کيس سيکاريو تھ ڪابھ تڪليف انسان جي سھپ کان ٻاھر نھ ھوندي آھي. ھن سانحي کيس سيکاريو تھ جيئن جان ملٽن وٽ انڌو ٿيڻ مصيبت نھ پر انڌائپ کي سھڻ مصيبت آھي.

جيڪڏھن اسان ڪنھن مصيبت کان بيزار ٿي موڊ خراب ڪندا وتئون، تڏھن بھ اڻٽر حالتون بدلجي ڪونھ سگھنديون، پر پاڻ کي بدلڻو پوندو. مان ڄاڻان ٿو تھ مون ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

مون ھڪ مشڪل ۾ مبتلا ھئڻ دوران ان سان سھمت ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مون جھنم ۾ راتيون ڪاٽيون. مون ھر اڻوڻندڙ شيءِ کي پاڻ تي حاوي ڪيو.

ھڪ سال پاڻ کي ايذائڻ بعد مون کي ٻاھرين حالتن کي قبول ڪرڻو پيو. مون وٽ انھن کي بدلائڻ ممڪن ڪونھ ھو. مون کي ڪئين سال اڳ والٽ وٽ سان گڏجي ھي نعرو ھڻڻ کپي ھا:

اوه! وڻن ۽ جانورن وانگر راتين، فاقن، طوفانن، مذاقن ۽ حادثن سان بھ ٺاھ ڪري ڇڏيون.

مون ٻارنھن سال رڍن ٻڪرين جي وچ ۾ گذاريا. ان وچ ۾ مون ڪڏھن بھ ڪنھن جرسي ڳئون کي غصي ۾ ڊوڙندي ڪونھ ڏٺو، ڇاڪاڻ جو بارش جي کوٽ سبب چراگاھ گرم ھئي يا سندس دوست ڪنھن دوست وھڙي کي وڌيڪ ڀانئي رھيو ھو. جانور رات، بک، طوفان سڀ ڪجھھ صبر سان سھي ويندا آھن، ان ڪري انھن جو نروس بريڪ ڪڏھن بھ ڊائون ڪونھ ٿيندو آھي. انھن کي معدي جو السر بھ ڪونھ ٿيندو آھي. اھي ڪڏھن چريا بھ ڪونھ ٿيندا آھن. ڇا مان اھو چوڻ ٿو چاھيان تھ جھڙيون حالتون بھ ھجن، انھن آڏو جھڪڻ گھرجي؟ بلڪل نھ اھو تھ نھايت ھاڃيڪار ثابت ٿيندو. جيستائين ٿي سگھي، حالتن سان وڙھي، مشڪلن کان نڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. پر جڏھن عام فھم اھا ڳالھھ ھجي تھ اسان ڪنھن شيءِ جي خلاف پيا وڃون ۽ ان سان سمجھوتو ڪرڻ بنان چارو نھ ھجي تھ خدا واسطي پاڻ کي تڪليف نھ ڏجو.

ڪولمبيا يونيورسٽي جي ڊين ھاڪس مون کي ٻڌايو تھ ھن پنھنجو اھو اصول ڪري رکيو آھي.

ھن دنيا ۾ ھر شخص کي مصيبت کان يا ڪنھن بھ مصيبت مان گذرڻو نٿو پئي. جيڪڏھن ڪا مصيبت ھجي تھ ان جو حل ڳولھيو ۽ جيڪڏھن ناھي تھ ڌيان نھ ڏيو.

ھن ڪتاب لکڻ دوران مون آمريڪا جي وڏن وڏن واپارين کان انٽرويو ورتا ۽ مان ان ڳالھھ کان گھڻو متاثر ٿيس تھ انھن اڻٽر حالتن سان سمجھوتو ڪيو ھو ۽ زندگيءَ کي فڪرن کان آجو رکيو ھو. جيڪڏھن انھن ائين نھ ڪيو ھجي ھا تھ ٻوجھھ ھيٺان دٻجي پاڻ کي تھس نھس ڪن ھا. وڌيڪ وضاحتن لاءِ ڪجھھ مثال پيش ڪريان ٿو:

ھسينيءَ جي بانيڪار جي، سي، ھسينيءَ مون کي چيو تھ: جيڪڏھن مون وٽ ھڪ ٽڪو بھ نھ ھجي، تڏھن بھ مان پريشان ڪونھ ٿيندس. ڇاڪاڻ جو مان سمجھان ٿو تھ ڏک ڪرڻ مان ڪجھھ ڪونھ ورندو. ممڪن حد تائين پوري ڪوشش ڪندو ۽ ان جو نتيجو پنھنجي رب پاڪ تي ڇڏيندو آھيان.

ھينري فورڊ بھ مون کي اھا ئي ڳالھھ ٻڌائي تھ جڏھن حالتون منھنجي ھٿان نڪري وينديون آھن تھ مان انھن کي ان جي حوالي ڪري ڇڏيندو آھيان.

جڏھن مون ڪي ٽي ڪيلر ڪرسلر ڪارپوريشن جي صدر کان پڇيو تھ اوھان پنھنجن غمن کي پاڻ کان پري رکيو آھي؟ تھ ان جواب ڏنو: جڏھن بھ مان سخت مشڪل ۾ ھوندو آھيان تھ جوڪجھھ بھ ڪرڻ منھنجي وس ۾ ھوندو آھي، ڪندو آھيان. جيڪڏھن نٿو ڪري سگھان تھ يڪسر وساري ڇڏيندو آھيان. مان آئيندي ڪاڻ ڪڏھن بھ پريشان ڪونھ ٿيندو آھيان، ڇاڪاڻ تھ جيئرو جاڳندو انسان اھو ڪونھ ٿو ڄاڻي تھ مستقبل ۾ ان سان ڇا ٿيڻ وارو آھي؟ ڪابھ قوت مستقبل تي اثر وجھي سگھي ٿي. ڪوئي ڪونھ ٿو ڄاڻي تھ اھا قوت ڪھڙي ڏس کان ايندي؟ ڪوبھ ان کي سمجھي ڪونھ سگھيو آھي، ان ڪري پريشان ڇو ٿجي؟

ڪي ٽي ڪيلر کي اوھان جيڪڏھن فلسفي سڏيو تھ ھو شرمائيندو. ھو ھڪ سٺو واپاري آھي، ان ھوندي بھ ھن اڄ کان اوڻيھھ سؤ سال اڳوڻي Ekietetvs (ايڪيٽيٽو) واري فلسفي تي عمل ڪيو، جيڪو ھن روم ۾ سکيو ھو تھ خوش رھڻ جو ھڪڙو ئي رستو آھي ۽ اھو ھيءُ آھي تھ پنھنجي طاقت کان ٻاھرين ڳالھين جو غم نھ ڪريو.

سارا برن ھارٽ اڻٽر حالتن سان ٺاھ ڪرڻ واري ھڪ بي مثال عورت آھي. ھوءَ دنيا جي مڃايل چئن کنڊن جي ٿيٽرن تي حڪومت ڪندڙ اداڪاره ھئي. 71 ورھين جي عمر ۾ سڀ ڪجھھ ھٿان وڃائي ويٺي. سندس سموري دولت کپي چڪي ھئي. طوفان ۾ عرشو ٽپندي ڪري پئي ۽ سندس ڄنگھھ سخت زخمي ٿي پئي. سندس ڄنگھھ سڄي ويئي ايڏو شديد سور ھيس جو ڊاڪٽرن ڄنگھھ ڪاٽڻ بابت سوچيو، پر سارا کي ٻڌائيندي ڊنا پئي. کين خدشو ھو تھ اھا خوفناڪ خبر کيس ھسٽريا جو مريض بنائي ڇڏيندي. پر سندن اھا سوچ غلط ثابت ٿي. ساره ھڪ لمحي لاءِ ڊاڪٽر ڏانھن ڏٺو ۽ وڏي بردباريءَ سان چيائين تھ جيڪڏھن ائين ٿيڻو آھي تھ ٿيڻو ئي آھي. قسمت ۾ اھو ئي لکيل آھي.

جڏھن کيس ڦيٿن واريءَ ڪرسيءَ تي ويھاري نيو پئي ويو تھ بھ سندس پٽ بشو روئي پيو. ھن مشڪندي پٽ ڏانھن ھٿ لوڏيو ۽ چيائين تھ پري نھ وڃ، مان بلڪل ٺيڪ ٺاڪ ٿي موٽي آھيان.

آپريشنگ روم ڏانھن ويندي پنھنجي ڊرامي جو ھڪ سين پئي جھونگاريائين. ڪنھن پڇيس تھ ڇا پاڻ کي خوش ڪرڻ ڪاڻ ائين پئي ڪرين؟ جواب ڏنائين تھ نھ نھ، ڊاڪٽرن ۽ نرسن کي خوش ڪرڻ ڪاڻ ورنھ مٿن ان جو ٻوجھھ رھندو.

آپريشن مان صحت ياب ٿيڻ بعد ست سال وڌيڪ دنيا جو سفر ڪري پنھنجن ٻڌندڙن جون دليون وندرائيون.

ريڊرز ڊائجسٽ جي ھڪ مضمون ۾ السي ميڪ ڪورمڪ چوي ٿي: جڏھن اسان اڻٽر حالتن سان مقابلو ڪرڻ ڇڏيون ٿا تھ پنھنجي سگھھ کي ٽيڪو بخشيون ٿا، جيڪا اسان کي زندگي گذارڻ جھڙو بنائي ٿي.

ڪنھن بھ ساسي ساھ ۾ ايڏي ھمت ڪانھي جو اھو اڻٽر حالتن جو مقابلو ڪري سگھي ۽ ساڳئي وقت ايتري سگھھ بچائي جو مستقبل ۾ نئين زندگي پڻ گذاري سگھي.

اوھان ٻنھي مان ھڪ رستو وٺي سگھو ٿا. طوفان جھڙين اڻٽر حالتن آڏو جھڪي پئو يا انھن سان چنبڙي پرزا ٿي وڃو.

ميري فارم ميولينيءَ ۾ مون ساڻ ائين ئي ٿيو. مون ان فارم ۾ درجنين وڻ لڳائي رکيا ھئا. پھريائين تھ اھي ڏاڍيءَ تيزيءَ سان وڌيا. پوءِ تکي آنڌي آئي. سمورين ٽارين ۽ ڏارين کي برف لپيٽي ڇڏيو. ٿڪل انداز ۾ اھي وڻ ان جي آڏو جھڪڻ بدران فخر سان بيٺا رھيا ۽ برف جي بار ھيٺان دٻجي ويا. انھن کي بھر صورت تباھ ٿيڻو ھو. انھن اتر قطب جي وڻن کان ڪو سبق ڪونھ سکيو. مون ڪيناڊا جي سدا بھار جھنگلن ۾ سوين ميل سفر ڪيو آھي. ان ھوندي بھ مون ڪنھن وڻ يا ڏار کي طوفان يا برف باري سان ٽٽندي ڪونھ ڏٺو آھي. اھي سدا بھار جھنگل اڻٽر حالتن آڏو جھڪڻ، پنھنجن ڏارن کي نمائڻ ۽ تعاون ڪرڻ ڄاڻن ٿا.

جوجسٽو جي استاد پنھنجي شاگردن کي بيد وانگر جھڪڻ سيکاريو آھي. اوھان ڇو ٿا سوچيو تھ اوھان جا آٽو موبائل ٽائر سڙڪ تي بيھي رھن؟ سڀ کان اڳ ۾ ٺاھيندڙن اھڙو ٽائر ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو سڙڪ جون سختيون سھي سگھي. اھي جلدي ٽڪرا ٿي ويندا آھن. پوءِ انھن اھي ٽائر ٺاھيا جيڪي سڙڪن جون سختيون جذب ڪري سگھن. اھي ٽائر مشڪلاتون قبول ڪندا آھن. اوھان ۽ مان ان تي سفر ڪرڻ سان وڌيڪ مزو ماڻينداسون، شرط اھو آھي تھ پاڻ زندگيءَ جي پٿريلين دشوارين کي جذب ڪرڻ جي لائق بنجي سگھون.

جيڪڏھن اسان زندگيءَ جون ڪٺنايون جذب ڪرڻ بجاءِ ڀوڳي سگھون، ڇا گذرندي؟ جيڪڏھن سڌو سنئون جھڪڻ کان انڪار ڪريو تھ ڇا ٿيندو؟ جواب تمام سولو آھي تھ اسان اندر ۾ پيچيدگين جا انبار لڳائيندا رھنداسون، پريشان رھنداسون، طبع تي ھڪ ٻوجھھ محسوس ٿيندو ۽ اعصاب جواب ڏئي ڇڏيندا.

جيڪڏھن اڃا اڳتي وڌندا آھيون تھ دنيا جي ان تلخ حقيقت کي جھٽلائيندا آھيون ۽ پنھنجن ئي خوابن جي دنيا ۾ گم ٿي ويندا آھيون تھ پاڳلا ٿي ويندا آھيون.

جنگ ھلندي ھزارن ھيسيل سپاھين يا تھ اڻٽر حالتن کي قبول ڪيو، يـا ٻوجھھ ھيٺان ذريون ذريون ٿي ويا. مثال طور: ”وليم ايڇ ڪيلس.“

نيويارڪ ۾ بالغن جي تعليم واري ڪلاس Adult Education جو ڪيس وٺون ٿا. ھن Class آڏو شاندار تقرير پيش ڪئي.

”ڪوسٽ گارڊ ۾ نوڪري ڪرڻ کان ٿورو وقت پوءِ مون کي اوقيانوس جي شديد ترين گرم حصي ۾ مقرر ڪيو ويو. مون کي بمبارمينٽ جو سپر وائيزر منتخب ڪيو ويو. ذرا ويچار ڪريو ھڪ سيلزمين جو سپر وائزر ٿيڻ! مون کي ھدايتن لاءِ صرف ٻھ ڏينھن مليا ۽ جيڪي ڪجھھ مون سکيو، ان مون کي اڃا وڌيڪ خوفزدھ ڪري ڇڏيو. مان پنھنجي پھرين ذميواري ڪڏھن بھ ڪونھ وساري سگھندس. انڌارو ٿڌو ۽ ڌنڌلو ھو ان ڏينھن جڏھن مون کي حڪم ٿيو تھ پنھنجي جھاز نمبر5 کي ڪنٽرول ڪريان. ان ڪنٽرول ۾ مون کي پنھنجن ڊگھن شور مينن سان ڪم ڪرڻو ھو. سندن بيسڪ ڏاڍي مضبوط ھئي پر ڌماڪن جي باري ۾ ڪجھھ ڪونھ ڄاڻندا ھئا. اھي ان تي بم پيا چاڙھين ۽ ھر ھڪ ۾ ھڪ ٽن ٽي اين ٽي ڀريل ھئي. اھي ٻن تارن وسيلي ھيٺ لڙڪايون ويون ھيون. مان پاڻ کي چوڻ لڳس تھ سمجھو تھ انھن ٻن تارن مان ھڪڙي ڪري يا ڀڄي پئي! اھو سوچڻ سان ئي مان ڏڪي ويس. چپ سڪي ويا، گوڏن تائين ساھ سڪي ويو، دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. ڀڄي بھ ڪونھ پئي سگھيس. ائين ڪرڻ سان برباد ٿيان ھا، عزت مٽيءَ ۾ ملي وڃي ھا، منھنجي ابي امان جي عزت ھلي وڃي ھا ۽ شايد ان جي بدلي ۾ مون کي گولي ھنئي وڃي ھا. مان ڀڄي ڪونھ پئي سگھيس. مون کي ھر حال ۾ بيھڻو ھو. مان لانگ مينن کي بم ڍوئيندو ڏسندو رھيس. جھاز کي ڪنھن وقت بھ باھ لڳي پئي سگھي. ان شديد خوف جي ھڪ ڪلاڪ کان پوءِ مون عقل کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو. مون پاڻ کي سمجھايو ۽ چوڻ لڳس تھ ڏس جيڪڏھن گولي لڳي بھ وئي تھ ڇا ٿيندو؟ تون ان فرق کي ڪڏھن بھ محسوس ڪونھ ڪري سگھندين. آسانيءَ سان مري ويندين. ڪينسر وگھي مرڻ کان سؤ ڀيرا سٺو آھي تھ انھيءَ طرح مري وڃجي. بيوقوف نھ ٿيءُ، توکي ھميشھ لاءِ تھ جيئرو رھڻو ڪونھي. توکي اھو ڪم ڪرڻو آھي يا گولي کائڻي آھي. ھونئن بھ توکي اھا نوڪري پسند ڪرڻي آھي. ان طرح مون ڪلاڪن جا ڪلاڪ پاڻ کي سمجھايو ۽ پاڻ کي ڪجھھ مطمئن سمجھڻ لڳس. نيٺ مون پنھنجي پريشاني تي قابو پاتو. مون محسوس ڪيو تھ مون کي اڻٽر حالتن آڏو سر جھڪائڻ گھرجي.

اھو سبق مان زندگي ڀر ڪونھ وساريندس. جڏھن بھ ڪنھن حالت کي بدلائڻ وس کان ٻاھر ھجي تھ مان پنھنجا ڪلھا جھڪائيندي چوندو آھيان تھ وساري ڇڏ.

حضرت عيسيٰ کي ڦاسي جي تختي تي آڻڻ کان پوءِ تاريخ ۾ سقراط جو موت وڌيڪ مشھور آھي. ھزارن ورھين کان اڄ تائين ماڻھو افلاطون جي لازوال تحرير پڙھندا رھن ٿا، جيڪا ادب جي کيتر ۾ خوبصورت ترين پيرائن مان ھڪ آھي. ايٿينز جا بيشمار ماڻھو، پوڙھا ۽ پيرسن، اگھاڙا ھلڻ وارا سقراط سان وير ۽ ڪيني ڪري ان تي چٿرون ڪندا رھيا. نيٺ ان کي موت جي منھن ۾ پھچايائون. جڏھن دوست نما جيلر زھر جو پيالو پيئڻ ڪاڻ ڏنس تھ چوڻ لڳو: جيڪو ڪجھھ ٿيڻ ضروري آھي، انھيءَ کي آسانيءَ سان قبول ڪر. سقراط ائين ئي ڪيو. ھن وڏي سڪون سان موت سان ھٿ ملايو ۽ ان موت کيس عروج تي پھچائي ڇڏيو. جو ڪجھھ ٿيڻو آھي، ان کي آسانيءَ سان قبول ڪيو.

اھي لفظ حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان 362 ورھيھ اڳ ادا ڪيا ويا ۽ پھرئين وانگر اڄ بھ انھن جي وڏي ضرورت آھي. اسانکي ھيٺيان لفظ ھميشھ ياد رکڻ گھرجن:

”خدا مون کي ايترو عقل ڏئي ڇڏيو آھي تھ مان انھن ڳالھين کي قبول ڪريان، جن کي بدلائي ڪونھ ٿو سگھان. جيڪي ڳالھيون بدلائي سگھجن ٿيون، مان انھن کي بدلائڻ جي ھمت بھ رکان ٿو ۽ انھن ۾ فرق ڪرڻ جو عقل بھ رکان ٿو. غم ڪرڻ جي عادت ٽوڙيو ان کان اڳ جو اھا اوھان کي ٽوڙي رکي. چوٿون قاعدو اھو آھي تھ اڻٽر کي قبول ڪريو.“

ڏھون باب

پنھنجن ڏکن کي ”اسٽاپ لاس“ جو حڪم ڏيو

ڇا اوھان ڄاڻڻ چاھيندؤ تھ پئسو ڪيئن ڪمايو ويندو آھي؟ پڪ سان اوھان وانگر لکين ماڻھو ڄاڻڻ چاھيندا ھوندا. جيڪڏھن مون کي اڳ ۾ ان جواب جو پتو پئجي ھا تھ ھن ڪتاب جي ھڪ ھڪ ڪاپي ڏھن ھزارن ڊالرن ۾ وڪامي وڃي ھا. ان ھوندي بھ ڪي ڪرڻ وارا ڪامياب آپريٽر ان طريقي کي عمل ۾ آڻيندا آھن. مون کي چارلس رابرٽ ھيءَ ڳالھھ ٻڌائي.

مان ويھھ ھزار ڊالر کڻي ٽيڪساس کان نيويارڪ آيس. اھا رقم منھنجي ھڪ دوست اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڪاروبار ۾ لڳائڻ ڪاڻ ڏني ھئي. مان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رسين جي ڪاروبار بابت ڄاڻندو ھوس، پر ٽڪي ٽڪي جو محتاج ٿي ويس. اصل ۾ ڪجھھ جاين تان ڪمايو بھ ھو پر آخرڪار سڀڪجھھ ھارائي ويس.

مون کي پئسن جي نقصان جي ڪا پرواھ ڪانھ ھئي، مگر پنھنجي دوست جي رقم وڃائڻ جو وڏو ڏک ھو. جيتوڻيڪ اھو امير ھو ۽ اھو نقصان سھي پئي سگھيو، پر منھنجو سندس آڏو اچڻ ڏاڍو مشڪل ھو. حيران ٿيڻ جي ڳالھھ اھا تھ ھو نھ رڳو سٺو رانديگر ثابت ٿيو، بلڪھ خاصو روشن خيال بھ ھو.

مون کي خبر ھئي تھ منھنجي ڪاروبار جو بنياد تقدير ۽ ٻين ماڻھن جي مشورن تي ھوندو ھو، جيئن ايڇ آئي فلسين چيو تھ مان اسٽاڪ مارڪيٽ جو ڌنڌو ڪنن وسيلي ڪندو ھوس.

مون پنھنجي غلطين جو جائزو ورتو ۽ دل ۾ فيصلو ڪيو تھ ٻيھر مارڪيٽ ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ ھر معاملي کي سٺي نموني سمجھي وٺان. تنھن ڪري مون ھڪ نھايت ڪامياب دانشور برٽس ايس ڪاسلز (Burton. S Castles) تائين پھتس. منھنجو خيال ھو تھ مان ان کان گھڻو ڪجھھ سکندس، ڇاڪاڻ جو ھو ڪيترن ورھين کان ڪامياب تاجر مشھور ھو ۽ ظاھر آھي تھ ھن جو ڪيريئر رڳو موقعن ۽ مقدر تي منحصر ڪونھ ھو.

ھن مون کان ڪيترا ئي سوال پڇيا تھ مان ڪھڙي طرز تي ڪاروبار ڪندو رھيو آھيان ۽ منھنجي خيال ۾ ڪاروبار جو سڀ کان اھم ڪھڙو اصول آھي؟

ھن ٻڌايو تھ مان ھر مارڪيٽ ۾ اسٽاپ لاس جو ڪاروبار ڪندو آھيان. سمجھو تھ مان ھڪ اھڙو سودو ڪريان ٿو، جنھن ۾ ڊالرن جو شيئر (شراڪت) ھوندو آھي تھ مان ھڪدم پنجيتاليھھ ڊالرن جو اسٽاپ لاس بھ لڳائيندو آھيان. ان جو مطلب اھو آھي تھ جيڪڏھن ڪنھن شيءِ جي قيمت پنج پوائنٽ ڪري ٿي تھ اھا پاڻمرادو پنجن پوائنٽن جي نقصان تي وڪامي ويندي آھي.

جيڪڏھن پھرين ڀيري ۾ ٽي معاھدا عقلمنديءَ جي طريقي سان طئھ ٿي وڃن تھ اوھان جي منافعي جي سراسري ڏھ، پنجويھھ ۽ پنجاھ پوائنٽون ٿي سگھي ٿي ۽ نتيجو اھو ٿيندو تھ نقصان سھندي بھ اوھان جو گھڻو وقت ضايع ڪونھ ٿيندو ۽ ان رقم مان وڌيڪ کوڙ سارا پئسھ ڪمائي بھ سگھجن ٿا.

مون فوري طور اھو اصول اپنايو ۽ ھن وقت تائين ائين ڪندو آھيان. ان سان منھنجي گراھڪن کي ڪيترن ھزارن جو فائدو ٿيو. ڪجھھ عرصي کان پوءِ مون محسوس ڪيو تھ اھو اسٽاپ لاس وارو اصول اسٽاڪ مارڪيٽ کان سواءِ بھ ڪيترين جاين تي بھ ڪتب آڻي سگھجي ٿو. ان ڪري مون معاشي مسئلن کان سواءِ ڪيترن ٻين ڪمن تي بھ اسٽاپ لاس جا آرڊر لڳائڻ شروع ڪيا ۽ ان اصول جا حيرت جھڙا نتيجا نڪتا.

ڪئين سال اڳ پنھنجي بي صبري مزاج، پاڻ کي پرکڻ جي خواھش، پنھنجي غمن تي سمورو ذھني ۽ جذباتي دٻاءُ تي اسٽاپ لاس جا آرڊر لڳائي ڇڏيا. پوءِ مون ۾ وڌ ۾ وڌ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿي وئي. مون پنھنجي ذھني سڪون کي برباد ٿيڻ کان بچائي ورتو ۽ پاڻ کي چيو تھ ڏس ڊيل ڪارنيگي، ھيءَ صورتحال پريشان ٿيڻ کان بھتر آھي.

ان ھوندي بھ ھڪ موقعوي تي مون اھو ڪارنامو سرانجام ڏنو جو مون کي پاڻ کي اعزاز ڏيڻ کپي. اھو موقعو بھ ڏاڍو سنجيده ھو. منھنجي زندگيءَ ۾ اھو انتھا جو موقعو ھو. مون پنھنجي ويھن کان ٽيھن سالن جي عمر دوران ناول نگاريءَ جو فيصلو ڪيو. ان سلسلي ۾ مون ٻھ سال يورپ ۾ گذاريا. ٻن سالن تائين دي بلزرد The Blizzard لکندو رھيس، پر منھنجي ادبي ايجنٽ مون کي ٻڌايو تھ اھو بيڪار آھي ۽ مون ۾ ناول جي لکاريءَ واري ڪائي صلاحيت ڪانھي تھ منھنجي دل ويھي رھي. مان ڏاڍو پريشان ٿي سندس آفس مان ٻاھر نڪتس. مون محسوس ڪيو تھ زندگيءَ جي ٻھ واٽي تي بيٺو آھيان ۽ ھاڻي مون کي پنھنجي باري ۾ ڪو خاطر خواھ فيصلو ڪرڻو آھي. مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ ڪھڙي واٽ وٺڻ گھرجي؟ ان پريشانيءَ کان نڪرندي ڪئين ھفتا لڳي ويا. ان وقت مان اسٽاپ لاس جي لفظن کان اڻڄاڻ ھوس، پر ھاڻي جڏھن ماضي ڏانھن ڏسان ٿو تھ سوچيان ٿو تھ مون درست فيصلو ڪيو. مان ناول نگاري ڇڏي اڳتي وڌيس. مون بالغن جي تعليم جو ڪلاس منظم ڪيو ۽ فالتو وقت ۾ آتم ڪھاڻي لکندو رھيس. ان کان سواءِ غير افسانوي ڪتاب لکندو رھيس. ھي ڪتاب بھ انھن مان ھڪ آھي.

ڇا اھو فيصلو ڪري مان خوش آھيان؟ مون پاڻ کان پڇيو. مان ايمانداريءَ سان چئي ٿو سگھان تھ تڏھن کان اڄ تائين ڪو پل بھ اداس ڪونھ گذاريو آھي.

جڏھن بنجامن فرينڪلن ستن سالن جو ھيو تھ ان کان ھڪ اھڙي غلطي ٿي وئي، جيڪا ستر سالن تائين سندس ذھن تي نقش رھي. جڏھن ھو ستن سالن جو ھو تھ کيس ھڪ سيٽي پسند اچي وئي. ھو رانديڪن جي دڪان تي ويو ۽ ڪائونٽر تي ٽامي جا ڍير لڳائي ڇڏيائين ۽ قيمت پڇڻ کان سواءِ سيٽي طلب ڪيائين. سيٽي کڻي ھو گھر آيو ۽ خوش خوش ساري گھر ۾ وڄائيندو رھيو ۽ چوڻ لڳو تھ جڏھن منھنجن ڀينرن ڀائرن کي خبر پئي تھ مان اصل قيمت کان تمام گھڻو معاوضو ڏئي سيٽي وٺي آيو آھيان تھ انھن ھڪ دورائتو ٽھڪ ڏنو، مون تي ٺٺول ڪئي ۽ مون پريشانيءَ ۾ رڙيون ڪيون.

ڪئين سال پوءِ فرينڪلن دنيا جو ھڪ مڃيل شخص ھو. تڏھن بھ کيس ياد ھو تھ سيٽي ملڻ جي ايتري خوشي ڪانھ ٿي ھئي جيترو ڏک ۽ شرمندگي ڪري ٿيو ھو. ھن واقعي فرينڪلن کي ھڪ سبق سيکاريو. ھن چيو تھ جڏھن ھو دنيا جي آڏو آيو ۽ ماڻھن جي سڃاڻپ ڪرڻ لڳو تھ محسوس ڪيائين تھ انھن مان ڪيترن ئي ھن وانگر سيٽيءَ جو وڌيڪ معاوضو ادا ڪيو ھو. مختصر طور ھن نتيجو ڪڍيو تھ انسان جون گھڻيون پريشانيون شين بابت غلط اندازن سان جنم وٺنديون آھن ۽ سيٽيءَ وانگر اھي انھن جي اصليت کان گھڻو وڌيڪ معاوضو ادا ڪندا آھن.

ليو ٽالسٽاءِ ۽ ڊيل ڪارنيگي بھ پنھنجي سيٽيءَ کان گھڻو وڌيڪ ان جو معاوضو ادا ڪيو. ليوٽالسٽاءِ دنيا جي معروف ناول War and Peace ۽ Avvakaring جو ليکڪ ھو. ھي شخص پنھنجي زندگيءَ جي آخري ويھن سالن ۾ ساري دنيا ۾ ھڪ مقدم شخص ھو. مرڻ کان ويھھ سال اڳ ۾ 1890ع ۽ 1910ع تائين ماڻھو ھن جي ھڪ جھلڪ ڏسڻ ڪاڻ سندس گھر جي ٻاھران انبوھ ڪيو بيٺا ھوندا ھئا. ھن جي ھڪ جھلڪ ئي انھن لاءِ ڏاڍي مقدس ھئي. سندس چھرو ڏسڻ ۽ آواز ٻڌڻ، سندس ڪپڙا ڇھڻ واسطي پري پري کان ماڻھو ڪھي ايندا ھئا. ھن جو ھر جملو نوٽ ڪندا ھئا، جيتوڻيڪ روز مره جي زندگيءَ ۾ ان وٽ ستر سالن جي عمر تائين ايترو شعور ڪونھ ھو، جيتري فرينڪلن ۾ ستن سالن جي عمر ۾ سمجھھ ھئي. منھنجو مطلب آھي تھ ھن ھڪ ڇوڪريءَ کي اٿاھ گھرائين سان چاھيو. ان سان شادي رچائي ھو ايترو خوش ھيو جو خدا پاڪ کان ڪلاڪن جا ڪلاڪ جھڪي ان خوشيءَ کي برقرار رکڻ جون دعائون گھرندو ھو. پر ڇوڪري نھايت حسد جو شڪار ھئي. ھوءَ ھڪ ڄٽيءَ جو روپ ڌاري سندس چرپر جي جاسوسي ڪندي ھئي. ان ۾ ايترو ساڙ ھوندو ھو جو ٻارن جي پرواھ بھ ڪانھ ڪندي ھئي. تانجو بندوق ھلائي پنھنجي ٻارڙيءَ جي تصوير جي اک ڪڍي ڇڏي ھئي ۽ ڏوڏيءَ جي ھڪ بوتل کڻي زمين تي ليٿڙيندي رھي ۽ آپگھات جي ڌمڪي ڏيندي رھي. ٻار ڊوڙي وڃي ڪمري جي ھڪ ڪنڊ ۾ لڪي بيٺا ۽ رڙيون ڪرڻ لڳا.

ٽالسٽاءِ ڇا ڪيو؟ مان ان شخص تي الزام ڪونھ ٿو ڏيان. ھو ڏاڍو چيڙائيندڙ ماڻھو ھو. ھن ڇوڪريءَ کان بھ وڏو قدم کنيو. ھن پنھنجي ڊائريءَ ۾ ڇوڪريءَ کي سڄو قصور وار لکيو. اھا سندس سيٽي (وسل) ھئي. ھن ماڻھن کي ويساھ ڏيڻ جو پڪو پھھ ڪيو ھو تھ ايندڙ نسلون ھن جي زال کي قصور وار مڃن ۽ ھن جي زال ڇا ڪيو؟

ھن ڊائريءَ مان صفحا ڦاڙيا ۽ ساڙي ڇڏيا. ھن پنھنجي ھڪ ڊائري لکي، جنھن ۾ ھن ٽالسٽاءِ کي مجرم ڪوٺيو. بلڪھ ھن ھڪ ٻي غلطي ڪئي، جنھن ۾ کيس شيطان ۽ پاڻ کي شھيد بڻايو ھو.

ھيءَ ساري ڪھاڻي پوري ٿي. جنھن گھر کي جنت سمجھندا ھئا، ان گھر کي ٻنھي ڇو برباد ڪيو؟ ظاھر آھي، ان جا ڪيترا ئي سبب ھئا. ان مان وڏي ۾ وڏو سبب اھو ھو تھ انھن ۾ مون کي متاثر ڪرڻ جي تڙپ موجود ھئي. ڇا اسان وٽ ايترو  وقت آھي تھ پنھنجيون مصروفيتون ڇڏي ٽالسٽاءِ جي مسئلن ۾ وقت ضايع ڪندا رھون؟ انھن پاڳل ماڻھن پنھنجي سيٽيءَ جي ڪيتري قيمت ڏني؟ پنجاھ ورھيھ جھنم ۾ جيئندا رھيا. انھن ۾ اسٽاپ کي سمجھڻ جو شعور ڪونھ ھيو.

انھيءَ ۾ پريشانين کان بچڻ جو راز سمايل آھي تھ جيڪڏھن اسان ان لفظ جي معنيٰ سمجھون تھ اسان جون اڌو اڌ پريشانيون ھڪدم دور ٿي سگھن ٿيون. جنھن جاءِ تي بھ اسان ڪاروبار ۾ رقم لڳايون يا ماڻھن سان ميل ميلاپ ڪريون تھ اسان کي پاڻ کان ھيٺيان ٽي سوال پڇڻ گھرجن:

1.        جنھن ڳالھھ لاءِ پريشان آھيان، ان جو منھنجي ذات سان ڪيتري حد تائين واسطو آھي؟

2.       ڪنھن موقعي تي پنھنجي غم کي اسٽاپ آرڊر لڳائي ان کي وسارڻ گھرجي.

3.       مون کي ان سيٽيءَ جو ڪيترو معاوضو ڏيڻ کپي؟ ڇا مان ان جي اھميت کان وڌيڪ تھ ڪونھ ٿو ڀريان؟

يارھون باب

ٻوري مٿان آري ھلائڻ جي ڪوشش نھ ڪريو

اھو جملو لکندي مون پنھنجي دريءَ مان ليئو پاتو تھ مون کي پنھنجي باغيچي ۾ پٿر جا بڻيل نشان نظر آيا. اھي نشان مون لي باڊي ميوزم آف پيل يونيورسٽي مان پاڻ سان آندا ھئا. مون کي لي باڊي ميوزم مان چٺي ملي تھ اھي نشان 180 ملين ورھيھ اڳي ٺاھيا ويا ھئا. ڪو وڌ ۾ وڌ بيوقوف ماڻھو بھ 180 ملين ورھيھ پوئتي وڃي بھ انھن نشانين کي بدلائي ڪونھ ٿو سگھي، ڇالاءِ تھ اسان ڪاڻ تھ ھڪ سو اسي منٽ پوئتي وڃي بھ ڪا شيءِ بدلڻ نھايت بيوقوفيءَ جي ڳالھھ ھوندي ۽ اسان مان بيشمار ماڻھو ائين ئي ڪندا آھن. پڪ سان اسان 180 سيڪنڊ اڳ ۾ ٿيل واقعي ۾ ٿوري گھڻي ڦير ڦار ڪري ٿا سگھون، پر اسان واقعي کي بدلائي ڪونھ ٿا سگھون. خدا پاڪ جي ھن سرزمين تي ماضيءَ کي بھتر بنائڻ جو صرف ھڪڙو رستو آھي. اھو ھي آھي تھ اسان ماضي ۾ ڪيل غلطيون ياد ڪريون ۽ آئنده انھن جو ازالو ڪريون ۽ پراڻيون ياديون وساري ڇڏيون.

مان ڄاڻان ٿو تھ اھا حقيقت آھي، پر مان ائين ڪرڻ جي سدائين سگھھ ۽ ھمت ۽ شعور رکندو ھوس ڇا؟ ان سوال جو اھو جواب آھي تھ اڳ ۾ مون کي گذريل سالن جا شاندار تجربا ٻڌائڻ ڏيو. ھڪ پائي نفعو ڪمائڻ کان سواءِ منھنجو ٽي سؤ ھزار ڊالرن جو نقصان ٿي ويو. ائين ٿيو جو مون تعليم بالغان جا ڪلاس ڪيترن شھرن ۾ کوليا ۽ انھن جي سجاوٽ ۽ اشتھارن تي گھڻو پئسو خرچ ڪيو. مان پڙھائڻ ۾ ايترو مگن ۽ مسرور ھوس جو معاشي حالتون جاچڻ جو وقت ڪونھ ڪڍيم. مون بزنس مئنيجر رکڻ بابت سوچيو تھ اھو ڪم جو حساب ڪتاب رکي سگھي. نيٺ ھڪ سال کان پوءِ مون کي ان سنگين حقيقت جو پتو پيو تھ ايتري محنت ڪرڻ کان پوءِ اسان ھڪ ڪوڏي بھ ڪانھ ڪمائي ھئي. ان کان پوءِ ٻھ ڪم ڪرڻ کپن ھا. سڀ کان اڳ ۾ مون کي جارج واشنگٽن جي ان نيگرو سائنسدان جھڙو ذھن رکڻ کپندو ھو، جنھن کي ڪلاس ۾ پڙھائڻ دوران ڪنھن اچي ٻڌايو تھ سندس چاليھن ھزارن رپين جو ڏيوالو نڪري چڪو آھي. ھن جواب ڏنو تھ ھائو ٻڌو آھي....... ۽ ساڳئي نموني پڙھائيندو رھيو. ھن مڪمل طور نقصان جو خيال پنھنجي ذھن کان جھٽڪي ڇڏيو. پوءِ ڪڏھن بھ ان جو ڪنھن سان ذڪر ڪونھ ڪيو.

مون کي ٻيو ڪم اھو ڪرڻ کپندو ھو تھ پنھنجين غلطين جو تجزيو ڪريان ۽ ٻيھر اھي نھ ورجايان.

پر مون ٻنھي مان ڪو ڪم ڪونھ ڪيو، پر پنھنجي چؤگرد غمن جو ڄارا اڻندو ويس. ڪيئي مھينا پريشان رھيس. ننڊون موڪلائي ويون، وزن گھٽجي ويو. ان غلطيءَ مان سبق پرائڻ بدران مون اھو ئي رستو اختيار ڪيو ۽ ننڍي پيماني تي اھا غلطي ٻيھر ڪئي.

ان بيوقوفاڻي حرڪت کي پنھنجي غلطي مڃڻ مون لاءِ وڏي شرم جي ڳالھھ ھئي. گھڻي دير کان پوءِ مون کي سمجھھ ۾ آيو تھ ان طريقي جي نسبت سان مون کي ويھن مان ھڪ شاگرد پڙھائڻ وڌيڪ بھتر ٿيندو.

ڪيڏو نھ چڱو ٿئي ھا جو مون کي نيويارڪ ۾ جارج واشنگٽن ھائي اسڪول ۾ ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ جو موقعو ملي ھا ۽ مان ڊاڪٽر پال برينڊ واٽن وٽ پڙھان ھا. انھيءَ استاد ئي ايلن سانٽررز کي پڙھايو ھو.

مسٽر سانٽررز مون کي ٻڌايو تھ سندس استاد کيس اھڙو سبق ڏنو جو ھن ساري ڄمار ڪٿان بھ اھڙو سبق ڪونھ پرايو. ھن ٻڌايو تھ: جڏھن اھو داستان ٻڌايو تھ مان چوڏھن سالن جو ھوس ۽ پريشان رھندو ھوس تھ مون کان ڪا نھ ڪا غلطي ٿيندي ۽ اھا پريشاني ذھن مان ڪڍڻ ڏاڍي ڏکي لڳندي ھئي.

جيڪڏھن مان ڪوئي امتحان ڏيندو ھوس تھ رات ڀر جاڳندو ھوس..... پنھنجيون آڱريون ڪرٽيندو ھوس تھ مان پاس ڪونھ ٿي سگھندس. مان جيڪي ڪندو ھوس، ان جي خيالن کي چنبڙيو پيو ھوندو ھوس ۽ سوچيندو ھوس تھ ڪاش! مون ائين نھ ڪيو ھجي ھا...... جيڪو ڪجھھ مون چيو آھي، ان کان بھتر لفظ ادا ٿين ھا........

پوءِ ھڪ ڏينھن اسان جو ڪلاس تجربيگاھ ويو، جتي اسان جو استاد برينڊ واٽن موجود ھو. ھن کير جي ھڪ بوتل واضھ نموني ڊيسڪ جي ڪنڊ تي رکي. اسان سڀ ويھي بوتل کي تڪيندا رھياسون. اسان حيران ھئاسون تھ ھائي جن جي ھن استاد جو کير بابت سبق ڏيڻ جو ڪھڙو ڪم آھي؟ تڏھن ڊاڪٽر پال برينڊ واٽن اٿيو ۽ ھڪدم کير جي بوتل کي سنڪ ۾ ڌڪو ڏنو ۽ چلاٽڻ لڳو تھ ”ذيان ٿيڻ کان پوءِ پڇتائڻ سان ڇا ٿيندو؟“

پوءِ ھن سنڪ طرف ڏسندي اسان کي ڏسڻ جو چيائين. اسان کير جي ڀڳل بوتل ڏسڻ لڳاسون. ھن چيو تھ چڱيءَ طرح ڏسو ڇاڪاڻ جو مان اوھان کي اھڙو سبق ڏيڻ وارو آھيان، جيڪو اوھان کي تا ڄمار ياد رھندو. کير ھارجي چڪو آھي، اھو ناليءَ ۾ وھي ويو آھي ۽ دنيا جي ڪائي ڪوشش يا طاقت ان جو ھڪڙو ڦڙو بھ موٽائي ڪانھ ٿي سگھي. ٿوري سمجھھ، ست ۽ عقل سان اھو کير بچائي سگھجي ھا، پر ويل وھي ويئي........ ھاڻي بس اھو چئي سگھون ٿا تھ اھو نقصان وساري اڳتي ڪو ڪم ڪريون.

ان ننڍڙي تجربي اوھان کي ٻڌايو تھ گھڻي دير تائين گذريل خيالن کي چنبڙيا نھ رھو. ان مون کي سبق ڏنو تھ پڇتائڻ ختم ڪريون، توڻي جو ڪا شيءِ وسارڻ ڪاڻ کير جو گلاس ناليءَ ۾ ھاري ڇڏڻو پئي.

ڪيترا پاٺڪ چوندا ھوندا تھ ڪھڙو دقيانوسي گٺل محاورو آھي تھ گذريل وقت تي پڇتائڻ سان ڇا ٿيندو؟ اوھان ھزارين ڀيرا ٻڌو ھوندو، پر اھو ئي پھاڪو سڄي عمر جي عقل سيکارڻ ۽ حقيقتون مڃائڻ ڪاڻ کوڙ آھي. اھو انساني نسلن جي تجربن جو نچوڙ آھي ۽ اڻ ڳڻيا نسل استعمال ڪندا آيا آھن، پر اوھان ھر وقت وڏن وڏن مفڪرن جا ”غم“ تي لکيل ڪتاب پڙھندا آھيو تھ بنيادي طور اوھان اھو ئي اخذ ڪندؤ ”تھ پوءِ پڇتائڻ مان ڪجھھ ڪونھ ورندو آھي.“ جيڪڏھن اسان ٻوٿ بڇڙو ڪرڻ کان سواءِ اھو سبق وٺون تھ پاڻ کي ھن ڪتاب پڙھڻ جي گھرج ئي ڪانھ پوندي. جيڪڏھن اسان پراڻن پھاڪن تي عمل ڪرڻ لڳون تھ تقريبًا مڪمل زندگي گذاري سگھون ٿا. علم تي عمل ڪرڻ کان سواءِ ان جي ڪائي قدر وقيمت ڪانھي ۽ ھن ڪتاب جو مطلب اوھان کي ڪنھن نئين ڳالھھ کان واقف ڪرڻ ڪونھي، پر ان جو مقصد اوھان کي اھو ياد ڏيارڻ آھي، جيڪو اوھان اڳ ئي ڄاڻو ٿا. اوھان کي ان تي عمل ڪرڻ ڪاڻ اڀارڻ آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org