سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: ٻارن جو مسيح

 

باب: --

صفحو :1

ٻارن جو مسيح

محمد ابراهيم جويو

مترجم جو پيش لفظ

مھاتما گوتم ٻڌ ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جون زندگيون منھنجي لاءِ گھڻي وقت کان انساني عظمت جا يگانا مثال رھيون آھن. ھو انساني پيار ۽ انساني ڪھل جا مبلغ ھئا. ھنن اسان کي ھر جيو جي عزت جو سبق ڏنو آھي.

۽ اڄ اسان کي – جيئن بني نوع انسان کي ان جي تمام ڊگھي، لکن سالن جي زندگيءَ ۾، ھميشھ – سڀ کان وڌيڪ انھن ٽن شين جي ضرورت آھي، يعني پيار، ڪھل ۽ زندگيءَ جي احترام جي.

مھاتما گوتم ٻڌ تھ پنھنجي سڄيءَ تعليم جو بنياد ئي ان ڳالھھ تي رکيو تھ ”الڳ الڳ نجات ڪا شيءِ ڪانھي، گڏيل نجات لاءِ ڪم ڪرڻ سان ئي ماڻھوءَ کي آتما جي شانتي ۽ آخر ۾ (دک کان) نروان پراپت ٿئي ٿو.“ حضرت عيسيٰ مسيح عليھ السلام جي بنيادي تعليم اِھا ھئي تھ ”جيئن اوھين چاھيو ٿا تھ ماڻھو اوھان سان ھلن، اوھين بھ انھن سان ائين ھلو“… ”پنھنجن پاڙيسرين کي ائين ڀانيو جيئن اوھين پنھنجي پاڻ کي ٿا ڀانيو“… ”جيئن اوھان جو اپائڻھار رحم وارو آھي، اوھين بھ ائين رحم وارا ٿيو“… ”مبارڪ آھن اھي، جيڪي صلح (يعني، انصاف ۽ امن) قائم ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تھ اھي ئي خدا جا ٻالڪ سڏبا.“ *

زندگيءَ جو حق، زندگيءَ جو موقعو ۽ زندگيءَ جي خوشي – ھر ڪنھن کي گھرجن، پر ٻئي ڪنھن پاڻ جھڙي فرد، گروھھ يا قوم جي مجبوريءَ يا محروميءَ جي قيمت تي نھ.

اڄ اسين پاڻ وٽ ۽ دنيا ۾ اڪثر ملڪن ۽ سماجن ۾ محبت بدران نفرت، رحم بدران غيض ۽ غضب ۽ زندگيءَ جي احترام بدران ان جي بي حرمتي ۽ ذلت ئي ڏسون ٿا. فرد آھن، ۽، ان کان وڌيڪ، گروھھ آھن ۽ قومون آھن، جيڪي فقط پنھنجي ڏاڍ ۽ طاقت جي آڌار تي، پاڻ کان ھيڻن فردن، گروھن ۽ قومن کي زندگيءَ جي حق کان، زندگيءَ جي موقعي کان ۽ زندگيءَ جي خوشيءَ کان محروم رکن ٿا، ۽ انھن جي بک ۽ ڏک، غلاميءَ ۽ موت جي بنياد تي پنھنجي زندگيءَ جي آزادي، سک ۽ سلامتي حاصل ڪن ٿا ۽ ماڻين ٿا، ۽ ان پنھنجي نفس پرستيءَ ۽ وحشي پڻي کي بيحد وڏن، ڏاڍن اوچن ۽ تمام سھڻن لفظن ۽ دعوائن جي غلافن ۾ ويڙھين ٿا ۽ لڪائين ٿا.

طاقت (جسم، دولت ۽ علم جي طاقت) پنھنجي ذاتي ۽ گروھي ”نجات“ (يعني، سک ۽ سلامتيءَ) لاءِ شروع کان اھو ئي عمل جو حيواني طريقو پئي اختيار ڪيو آھي: ۽ ان جي برداشت کان ٻاھر گرفت ۽ گھٽ کان بچڻ لاءِ ان جي لپيٽ ۾ آيل فردن، گروھن ۽ قومن ھر وقت (شروع ۾ پنھنجي ڪمال ھيڻائيءَ ھوندي بھ) ان جو مقابلو پئي ڪيو آھي ۽ وقتي طور ان مان پوري پوري آزادي ۽ نجات بھ حاصل پئي ڪئي آھي. پر محدود غرض ڪاري ۽ وحشي پڻو – يعني، انفرادي ۽ گروھي مفادن جي برتريءَ ۽ لٽيرپ جو دٻاءُ – وري وري پئي، ھڪ نھ ٻيءَ صورت ۾، غريب ۽ اڄاڻ انسانيت جي مٿان غالب پيو آھي. ۽ اھڙيءَ طرح ھيءُ انسانيت ۽ حيوانيت جو ٽڪر ھلندو ئي آيو آھي ۽ ھلندو ئي رھي ٿو. نيڪيءَ ۽ بديءَ جي دائمي جنگ اِھا آھي ۽ ان جو ھر معرڪو نيڪيءَ جي عملي قوت کي وڌائي ٿو ۽ آئندھ معرڪي جي سوڀ لاءِ ان کي وڌيڪ لائق بڻائي ٿو ۽ تيار ڪري ٿو. بني نوع انسان، مجموعي طور، پنھنجي انساني تھذيب جي جنھن منزل تي اڄ پھتل آھي، اتي ھو ائين ننڍيون ننڍيون سوڀون حاصل ڪري ۽ ڏاڪو ڏاڪو چڙھي، پھتو آھي، ۽ ائين ھو آھستي آھستي، پر پڪ ئي پڪ، پنھنجي ”آسماني بادشاھت“ جي آدرش ڏانھن وڌي رھيو آھي، جنھن جي نيٺ بھ قائم ٿيڻ جي خوشخبري مسيح عليھ السلام، ۽ پڻ ٻين سڀني نيڪ ۽ ڏاھن بزرگن، ان کي ڏني آھي.

حيوانيت (ذاتي يا محدود مفاد) ۽ انسانيت (اجتماعي مفاد) جي

ھر اھڙي تصادمي معرڪي جي واقع ٿيڻ لاءِ پھريون شرط ھيءُ آھي تھ ان محدود مفاد يا حيوانيت جي منھن تان ھر قسم جي حسين غلاف کي ھٽايو وڃي ۽ ان جي نيڪ ۽ اعليٰ دعوائن جي ڍونگ کي سمجھيو ۽ پڌرو ڪيو وڃي. حيوانيت کي اھا ڳالھھ نھ وڻندي آھي. ڇو تھ اھا لڪي لڪي پنھنجو شڪار ڪندي آھي، ۽ ان جو ظاھر ٿي پوڻ، ان جي وجود لاءِ خطري جو باعث بڻبو آھي – ڇاڪاڻ تھ پوءِ ان کي نيڪيءَ جي حملي کان پاڻ بچائڻ لاءِ وڙھڻو پوندو آھي ۽ ويڙھھ ۾ ان کي پنھنجي خاتمي جا پڌرا امڪان ڏسڻ ۾ ايندا آھن. انھيءَ ڪري حيوانيت ھميشھ سچ کي لڪائڻ ۽ ان کي ظاھر ٿيڻ کان روڪڻ جي جتن ۾ لڳل ھوندي آھي – يعني، پھرين پھرين خود پاڻ کي اھا حق تي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آھي ۽ چوندي آھي تھ اھا پاڻ ئي عين انسانيت ۽ نيڪي آھي، ۽ ان ڪوڙ کي سچ ڪري پکيڙڻ لاءِ ھن وٽ پنھنجا ڀٽ ۽ ڍنڍورچي (اڄوڪي دنيا ۾ پريس، ٽيليويزنون ۽ ريڊيا وغيره بھ) بيھاريل ۽ رکيل ھوندا آھن، جيڪي چند سڪن تي ۽ پنھنجي خسيس سک ۽ سڻڀين آسامين کي بچائڻ لاءِ رڳو پيا ان جي اھا ڪوڙي مشھوري ۽ تعريف ڪندا آھن: ۽ ٻيو تھ اصل سچ جي ھر قسم جي اظھار کي اھا پيئي گھٽيندي ۽ ٻوساٽيندي آھي، ۽ ڪٿان ڪا روشنيءَ جي ڇيت پنھنجي ويڙھيل ڪاري قبيح منھن تي پوندي ڏٺائين تھ سک ڦٽي ويندو اٿس ۽ بيبجي بيھندي آھي- جيسين ڪا تاڪي ڏيئي ان روشنيءَ جي ڇيت کي پنھنجي مٿان پوڻ کان روڪي نھ ڇڏي يا مرڳوئي جتان اھا ڇيت ايندي ھوندي ان کي وڌي ھيڪر وسائي نھ ڇڏي! پر سچ کي ڪي بھ ڀتيون ۽ تھھ خانا اندر اچڻ کان روڪي نھ سگھيا آھن ۽ نھ ڪڏھن روڪي سگھن ٿا. سچ اچڻ وارو ھوندو آھي تھ ضرور ايندو آھي، ۽ پوءِ ان جي اچڻ سان اوندھھ ازخود گم ٿي ويندي آھي – ڇو تھ اوندھھ ھوندي ئي گم ٿي وڃڻ لاءِ آھي، ۽ روشنيءَ کي ھرڪو چاھيندو آھي، ۽ انھيءَ ئي معنيٰ ۾ روشنيءَ کي ”خدا“ يا خدا کي ”روشني“ چيو ويو آھي.

حضرت عيسيٰ مسيح بھ، نيڪيءَ ۽ انسانيت جي علامت

بڻجي اھڙيءَ ئي ھڪ اوندھھ ۾ روشني بڻجي آيو ھو. ھن ڪوڙ جي اھڙي ئي ھڪ ڪاري قبيح منھن تان پردو ھٽايو ھو. ”ھن لاءِ ماڻھن جي دل ۾ گھڻي محبت ۽ عزت ھئي ۽ ھو ھزارن ۽ لکن ۾ ھن جي پٺيان ھئا.“ (ص230) * ھن جي دور ۾ ذاتي ۽ محدود مفاد رکندڙ ۽ ان جا محافظ – حاڪم ۽ مذھبي پيشوا، ماڻھن جا ”اڳواڻ“ ۽ سردار – ”ھن جي وڌندڙ اثر ۽ طاقت کي سھي نٿي سگھيا، ۽ ھنن جي دل ۾ حسد جي باھھ ٻري رھي ھئي. ھنن کيس ڌڪاريو ٿي، ڇاڪاڻ تھ ھن سندن نيڪيءَ ۽ نيڪ ھجڻ جي ڍونگ کي سمجھيو ٿي، ۽ ماڻھن کي چيو ٿي تھ ھو انھن جھڙا نھ ٿين ۽ انھن جي پيروي نھ ڪن. نيڪ ھجڻ جو ڍونگ ڪرڻ نيڪ ھجڻ کان گھڻو گھڻو آسان ھو، پر جيڪي حاڪم ۽ سردار ھئا، انھن جو اھو ڍونگ جڏھن ظاھر ٿي ٿيو تڏھن اھي سخت بي آرام ٿي ٿيا ۽ ڪاوڙ ۾ تپي باھھ ٿِي ٿي ويا (ص 233). ”ھن کي معلوم ھو تھ اھي ڏاڍا ھٺيلا، خود غرض، ڪوڙا، تنگدل ۽ ڪٺور ھئا، ۽ ھو سدائين ماڻھن کي جھليندو ھو تھ ھنن کي پاڻ ڪڏھن بھ انھن عالمن ۽ مفتين جھڙو ٿيڻ نھ گھرجي، ڇو تھ انھن رڳو نيڪ ھجڻ جو ڍونگ ٿي ڪيو. انھن پنھنجي نيڪي ۽ نيازمنديءَ جو وڏو ڏيکاءُ ٿي ڪيو، پر دعوتن ۾ پھرين ۽ مک جاين والارڻ ۽ ”خدا جي گھر“ ۾ پھرينءَ صف ۾ ۽ اوچي کان اوچي منبر تي پھچڻ جو ڪيڏو نھ انھن کي شوق ھو! ۽ ڪيڏو نھ حرص ھو انھن کي تھ ماڻھو کين ”سائين“، ”مولا“، يا ”حضرت“ چئي، سندن اڳيان نمن ۽ ٻانھون ٻڌي بيھن!“ (ص 220-219). ”تحقيق ھو ھڪڙو حيرتناڪ ۽ بي مثل ماڻھو ھو – خدا جي آڏو ۽ سڀني ماڻھن جي آڏو قول ۽ فعل ۾ ھڪ عظيم انسان. ھن کي ربين (مذھبي پيشوائن) ۽ حاڪمن ڏوھي ڪري، صليب تي چاڙھي، شھيد ڪري ڇڏيو“ (ص 284). پر، ھن لاءِ ”پنھنجي مقصد ۽ پنھنجي ڪمال کي پھچڻ واسطي اھي سڀ تڪليفون ۽ ڏک سھڻ ضروري ھئا“ ۽ پوءِ ئي ھو ”سوڀيا جي ڪڪر سمان اڀري، مٿي (عظيم انساني تاريخ جي) آسمان تي چڙھي ويو ھو“ (ساڳيو صفحو). ”ھن ايڏا سور ۽ ڏک سٺا، پر پنھنجي طاقت ۽ پنھنجو اثر پاڻ کي مدد ڪرڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ (يعني، پنھنجي ذاتي مفاد لاءِ) استعمال نھ ڪيائين: ھو سدائين ٻين کي بچائيندو ۽ ٻين جي مدد ڪندو رھيو“ (ص 281). انھيءَ لاءِ تھ ھن ڌرتيءَ تي، جيڪا آخرڪار امن ۽ انصاف جي بادشاھت قائم ٿيڻي ھئي، جنھن کي ھن ”آسماني بادشاھت“ سڏيو ٿي، ان لاءِ ماڻھو ڏک ۽ سور سھن، پنھنجو رت ھارين ۽ پنھنجي جان جي قرباني ڏين، تھ جيئن ان جي قائم ٿيڻ لاءِ سماجي حالتون سازگار ٿين ۽ زمين ھموار ٿئي.

مسيح انسانن کي پنھنجي لاءِ ھيٺ ڌرتيءَ تي ان ”آسماني بادشاھت“ جي قيام لاءِ تيار رھڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو رستو ڏسيو:

”ھن کي خبر ھئي تھ نفرت ۽ بي رحمي لڙائيءَ، جھيڙي ۽ موت جا بنيادي سبب ھئا. ھن کي خبر ھئي تھ ”يروشلم“ جا ماڻھو فقط امن، پيار ۽ سھڪار جو سندس پيغام ٻڌڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ سان ئي موتمار خطرن کان محفوظ رھي سگھيا ٿي.“

ھڪ ڏينھن شام جو ھن جي ساٿين عبادتگاھھ جي عمارت جي وڏن پٿرن ڏانھن ڏسندي، ڏاڍو عجب ظاھر ڪيو ۽ چيو: ”خدا جي گھر جا ھي پٿر اڏول ۽ امٽ آھن: سچ پچ بھ تھ انھن مان ھڪ پٿر ايڏو وڏو ھو، جو اھو ڪنھن غريب جي ڪٽنب لاءِ پريان ٽڪريءَ جي پاسي تي اڏيل اڇي رنگ جو سڄو ڪو گھر ٿي معلوم ٿيو!“ ھن انھن وڏن پٿرن ڏانھن ڏٺو ۽ ڏاڍي ھڪڙي عجيب ڳالھھ ڪئي. ”جلدئي“، ھن چيو، ”انھن پٿرن مان ڪو ھڪڙو بھ ٻئي جي مٿان سلامت نھ رھندو! اھي سڀيئي ڪري، اچي پٽ پوندا، ڇو تھ ھر عمارت، جنھن جو ڪم نھ رھندو، سا ڊھندي“، ”سائين، اھو سڀ ڪجھھ ڪڏھن ٿيندو؟“ ھن جي ساٿين عجب ۽ خوف ۾ ڀرجي ھن کان پڇيو.

”۽ پوءِ ھن انھن سڀني کي ٻڌايو تھ ڏاڍو ھڪ خطرناڪ وقت ويجھو اچي رھيو ھو، جڏھن انساني ڌڪار ۽ ساڙ ”يروشلم“ کي ۽ گھڻين قومن کي، ڌڪي جنگ جي کوري ۾ اڇلائي ڇڏيندو.

”جنگين جون ڳالھيون نڪرنديون ۽ جنگيون ٿينديون“، ھن چيو، ”۽ قومون ھڪٻئي جي خلاف وڙھنديون. زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا ۽ خطرناڪ بيماريون پکڙنديون. اوھين، جيڪي منھنجا ساٿي آھيو، منھنجي ڪارڻ تمام گھڻا ڏک ڏسندا ۽ تمام گھڻيون تڪليفون سھندا، ڇاڪاڻ تھ ھو اوھان کي ماريندا، سزائون ڏيندا ۽ گھلي حاڪمن ۽ بادشاھن وٽ وٺي ويندا، ۽ اڇلي بنديخانن ۾ وجھندا. پر اوھان کي ڊڄڻ نھ گھرجي، ڇو تھ ائين اوھان کي موقعو ملندو ھر ڪنھن کي منھنجي پيغام ۽ منھنجي مقصد بابت ٻڌائڻ جو، ۽ ان لاءِ اوھان جي زبان تي پورا ۽ صحيح لفظ پاڻيھي تري ايندا.

”يروشلم پورو ناس ٿيندو... ۽ زمين تي اوندھھ ۽ انڌڪار ڇانئجي ويندو. پر ھڪ ڏينھن ايندو، جڏھن منھنجي بادشاھت قائم ٿيندي، ۽ منھنجا دوست ڳولي ڳولي لھبا ۽ گڏ ڪيا ويندا. انھيءَ ڪري اوھين چوڪس رھو، جڏھن گھر جو مالڪ (حق جو داعي ۽ ان لاءِ قرباني گھرندڙ) اٿندو ۽ اوھان وٽ ايندو– انھيءَ گھڙيءَ لاءِ اوھين تيار رھو ۽ جاڳندا رھو!“ (ص 223-222)....

”ڇاڪاڻ تھ ڪھڙي خبر تھ اِھا ”آسماني بادشاھت“ ڪڏھن اچي ۽ ڪھڙي ڏينھن قائم ٿئي!“ (ص 226).

مسيح جو جنم، مسيح جي حياتي، مسيح جي تعليم، مسيح جو موت ۽ ھن جو جي اٿڻ ۽ آسمان ڏانھن عروج ۽ ھن جي (عام عقيدي يا اميد موجب) وري موٽي اچڻ جو ”واعدو“ – ھي سڀ شيون علامتي اھميت جون آھن. ھن ڪتاب جي پڙھڻ سان، جنھن ۾ اِھي شيون ڳالھين جي صورت ۾ آيل آھن، انھن جي اھا اھميت ظاھر ٿئي ٿي.

مسيح جو جنم ھر انساني ٻار جي جنم جي علامت آھي – خاص طرح مظلوم ۽ محڪوم قوم جِي ھر ٻار جي جنم جي ۽ ان جي بھ ھر پورھيت ۽ مسڪين گھر جي ٻار جِي، جنھن ۾ ھن جي مائٽن، ھن جي طبقي جي سڀني ماڻھن ۽ ھن جي سڄي قوم، بلڪ سڄيءَ انساني برادريءَ جون اميدون ٿين ٿيون يا ٿي سگھن ٿيون تھ ھو سندن ڇوٽڪاري ۽ خوشحاليءَ جو سبب بڻبو ۽ ان لاءِ گھڻو ڪجھھ ڪري سگھندو. (پھرينءَ کان ڇھين ڳالھھ ص 69-33). انھيءَ ڪري ئي چيو ويو آھي تھ ”ٻار انسان جو پيءُ آھي“ ۽ پڻ بلڪل صحيح طور تي چئي سگھجي ٿو تھ ”ٻار ئي آئيندي جو مسيح آھي“. ٻار جي تربيت صحيح ٿئي، ٻار جي تعليم صحيح ٿئي، ٻار جي آڏو زندگيءَ جو مقصد صحيح ۽ اعليٰ ۽ واضح ٿئي، تھ اھو ٻار پنھنجي حياتيءَ جي عمل سان ”غريبن کي خوشحاليءَ جِي، قيدين کي آزاديءَ جي، انڌن کي بينائيءَ جي ۽ماريل پيڙيل انسانن کي سلامتيءَ ۽ ڇوٽڪاري جي خوشخبري“ * ڏيندو. اھو ٻار ”پنھنجي طاقت ۽ پنھنجو اثر پاڻ کي مدد ڪرڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ استعمال نھ ڪندو“ (ص 281). يعني ھو غرض ڪار ۽ خود مفادي نھ ٿيندو، پر ھو ”سدائين ٻين کي بچائيندو ۽ ٻين جي مدد ڪندو رھندو“ (ساڳيو صفحو)، يعني ھو عام مفاد جو حامي ۽ پراپڪاري ٿيندو - ۽ ان لاءِ جيڪي بھ ڏک ۽ سور، تڪليفون ۽ عذاب غرض ڪارن ۽ خود مفادي فردن ۽ گروھن طرفان ھن کي ڏنا ويندا، سي ھو صبر ۽ ھمت سان سھندو، ۽ نيٺ ان ”مسيحي“ راھھ ۾ ھو پنھنجي مٿي تي حقارت ۽ ملامت جي ڪنڊن جو تاج پائي، پنھنجي صليب پنھنجن ڪلھن تي کڻي، کلندي ڪڏندي، پنھنجن پراون، سڀني لاءِ من ۾ نيڪ تمنائون کڻي، ضرورت ٿي تھ وڃي سوريءَ تي بھ چڙھندو، ۽ ائين ”پنھنجي مقصد ۽ پنھنجي ڪمال“ (ساڳيو صفحو) کي پھچڻ واسطي پنھنجي بھترين املاڪ يعني پنھنجي املھھ حياتي بھ قربان ڪري ڇڏيندو – بلڪل اھڙيءَ طرح جيئن ان بي مثل شھيد، خدا جي معصوم بندي ۽ پياري ٻالڪ، مسيح عليھ السلام، پاڻ ڪيو. ۽ اھڙيءَ شھادت کان پوءِ، جڏھن پيو ڏسبو آھي تھ ان سان گڏ خود مقصد بھ شڪست کائي ختم ٿي ويو، تڏھن ٿورا ڏينھن (”ٽي ڏينھن“) ئي نھ گذرندا تھ قربانيءَ جو اھو مثال سامھون رکي، ان ئي راھھ عمل جا مسافر ان مقصد اعليٰ کي وري جياريندا ۽ ان جي تعميل ڪندا ۽ پوءِ جڏھن اھا راھھ وڃي ڪٿي کٽندي ۽ ان جو وڌيڪ ڪم نھ رھندو، تڏھن وري ٻيو ڪو مسيح انسانيت کي ان اوجھڙ مان نڪري اڳتي وڌڻ لاءِ ٻي ڪا نئين راھھ ڏسيندو، ۽ ائين دنيا ۾ ھدايت ۽ رھبريءَ جي ضرورتمند مظلومن ۽ محڪومن جي دلين ۾ پنھنجي ئي اولاد مان، پنھنجي ئي آئندھ نسل ۾، ڪنھن مسيحا جي امر آس سدا موجود رھي ٿي - ۽ انھيءَ مضبوط ۽ سدا حيات اميد جي بنياد تي ئي انسانيت پنھنجي نجات لاءِ حيوانيت سان پنھنجي جنگ قائم رکيو آئي آھي ۽ ان کي، سواءِ آخري ۽ ڪامل سوڀ جي، جڏھن انساني سماج ۾ ”آسماني بادشاھت“ قائم ٿيندي، ھوءَ ڪڏھن بھ ختم ڪانھ ٿيندي.

مسيح عليھ السلام جي ٻارن سان ڏاڍي گھڻي دل ھوندي ھئي – ڇو تھ ھن جي نظر ۾ ھو ئي سندس ”آسماني بادشاھت“ يعني سموري انساني شرف ۽ شان، نيڪيءَ ۽ فضيلت جا وارث، محافظ ۽ معمار ھئا. ھو پاڻ بھ ٻارن جھڙو ٻار ھو – معصوم، بيقرار ۽ شيدائي – ڄاڻڻ لاءِ ۽ نيڪيءَ جي ڪامل مسرت لاءِ ڪٿي بھ ھو ڪو ٻار ڏسندو ھو تھ وڌي ان جي آجيان ڪندو ھو. ھو ٻارن کي آکاڻيون ٻڌائيندو ھو، ۽ اھي ھنن کي ڏاڍيون وڻنديون ھيون. ھو ھنن سان بيھي ننڍيون ننڍيون رانديون ڪندو ھو ۽ ھنن کي وندرائيندو ھو. ھڪڙي ڀيري ھن جا ساٿي ٻارن کي ڏانھس ايندي ڏسي، انھن ڏانھن وڌي ويا ۽ چوڻ لڳا – ”ھو ماڻھن سان ڳالھائي رھيو آھي. ھيءَ ڪا مھل آھي، جو ٻار ھن کي ڪڪ ڪن! ھينئر وڃو. ٿورو رکي، پوءِ موٽي اچجو!“ مسيح جڏھن ڏٺو تھ سندس ساٿي ٻارن کي وٽس اچڻ کان منع ڪري رھيا آھن، تڏھن انھن کي سڏ ڪري چيائين: ”انھن کي مون ڏانھن وٺي اچو! ٻارن کي مون ڏانھن اچڻ کان نھ روڪيو. اھي منھنجي بادشاھت جا واسي آھن، جيئن اوھين آھيو - ۽ سچ پچ بھ تھ، جيسين اوھان وٽ ٻار جي دل جھڙي ڪشادي ۽ معصوم دل ناھي، تيسين اوھين منھنجي بادشاھت ۾ داخل ٿي نٿا سگھو!“ (ص 206).

 

اينڊ بلائٽن (Enid Blyton) جو مون جڏھن ھيءُ ڪتاب ”ٻارن لاءِ يسوع جي سوانح عمري“ (Children’s life of Christ) پڙھيو، تڏھن ھڪدم مون ان کي سنڌيءَ ۾ آڻي، 1979ع جي ٻارن جي عالمي سال جو تحفو ڪري، سنڌي پڙھندڙ ٻارن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ھيءُ ڪتاب ڪيئي سال منھنجي لئبرريءَ ۾ پيو رھيو. پر ان کي ٻيھر پڙھڻ جي صورت ائين پيدا ٿي، جو مون کي ”الوحيد“ جي ”سنڌ آزاد نمبر“ جي ٻئي ڇاپي لاءِ پيش لفظ لکڻ جي سلسلي ۾ حضرت عيسيٰ مسيح جي حياتيءَ جي ھڪ ٻن ڳالھين ۽ ڪن مشھور قولن جي تصديق لاءِ ڪتاب کي ڏسڻو پيو، ۽ ان خيال کان ھيءُ ڪتاب بھ پڙھيم، ۽ ائين ان جي پھرين ڳالھھ ۽ ڇٽيھين ڳالھھ الوحيد جي ”آزاد نمبر“ جي ان پنھنجي پيش لفظ ۾ شامل بھ ڪيم. اھو پيش لفظ بھرحال پوءِ ”نمبر“ جي ان ڇاپي ۾، جيڪو پڻ ٻارن جي عالمي سال جي ھڪ اشاعت طور تجويز ٿيل ھو، ڪن ناموافق حالتن سبب اچي نھ سگھيو. (آئندھ ڪو موقعو مليو تھ اھو مضمون بھ پنھنجن لائق پڙھندڙن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو.)

اڄ اسان وٽ، جيئن دنيا جي گھڻي حصي ۾، اجتماعي مفاد تي محدود مفاد غالب آھي، ۽ نيڪيءَ ۽ صداقت جي سند زور ۽ طاقت جي وس آھي، ۽ فعل جو خيال بلڪل نھ آھي پر قول جو ھو ڪو ۽ غوغاءُ عرشين ٻري رھيو آھي. مسيح چيو ٿي تھ ”نيڪيءَ جا ڪم ماڻھن جي سامھون ڏيکاءَ لاءِ نھ ڪريو... ۽ جڏھن خيرات ڪريو تھ پنھنجي اڳيان ان جا توتارا نھ وڄارايو... ۽ جڏھن بندگي ڪريو تھ رياڪارن وانگر بازارين جي چونڪن تي بيھي نھ ڪريو... ۽ ”غير قومن“ وانگر دعائن گھرڻ مھل بڪ بڪ نھ ڪريو – جيئن ھو سمجھندا آھن تھ ھنن جي ڏيکاءَ ڪرڻ سان ماڻھو ھنن جي بزرگيءَ جا گيت ڳائيندا، ۽ سندن غوغاءَ ۽ بڪ بڪ سان سندن دعائون (۽ دعوائون) ٻڌيون وينديون ۽ مڃيون وينديون.“ * پر اڄ تھ چڱن ڪمن جي ڏيکاءَ ۽ غوغاءَ بدران بُرن ڪمن- دٻاءَ، ڦرلٽ ۽ ظلم جي ڪمن – جا توتارا وڄن ٿا ۽ ڏيکاءَ ٿين ٿا ۽ انھن کي مقدس نالن ۽ اصطلاحن جي پٺڀرائي ۽ مقبوليت ڏني وڃي ٿي – ۽ اھو ئي سچ پچ تھ سدائين غرضڪاريءَ لاءِ زور ۽ طاقت جي عمل جو حيواني طريقو رھيو آھي.

اھڙن ذاتي ۽ گروھي مفاد بازن ۽ ڪوڙن دعويدارن ۽ ڳلٿيبازن کان خبردار ڪندي، مسيح چيو ھو تھ ”اھي اوھان وٽ رڍن جي ويس ۾ اچن ٿا، پر اصل ۾ اھي وحشي بگھڙ آھن. انھن کي انھن جي ڪمن مان اوھين سڃاڻي سگھندا. ڇا، اوھان کي ڪنڊن مان انگور ۽ ڪانڊيرن مان انجير ملي سگھن ٿا؟ انھيءَ طرح، سڀڪو مٺو وڻ مٺو ميوو ڏئي ٿو ۽ خراب وڻ خراب ميوو ڏئي ٿو. مٺو وڻ ڪڏھن بھ خراب ميوو نٿو ڏيئي سگھي، نھ خراب وڻ ڪڏھن مٺو ميوو ڏيئي ٿو سگھي. جيڪو وڻ سٺو ميوو نٿو ڏئي، ان کي وڍي باھھ ۾ وڌو ويندو آھي. انھيءَ ڪري انھن کي (ھميشھ) اوھين انھن جي ميوي مان (يعني، انھن جي ڪمن مان) سڃاڻو!“ ** مسيح اھڙن غرضڪار مفاد پسندن کي ”غير قومن جا امير ۽ سردار“ سڏيندي، پنھنجن ساٿين کي انھن جي مثال کان پري رھڻ لاءِ ٿي چيو، ڇو تھ ”اھي انھن تي حڪومت ڪندا آھن ۽ انھن تي اختيار ھلائيندا آھن.... پر اوھان مان ڪنھن کي ائين ٿيڻو ڪونھي. بلڪ جيڪو اوھان ۾ وڏو ٿيڻ چاھي، ان جو ڪم آھي تھ اوھان جو خادم ٿئي، ۽ جو اوھان ۾ اڳواڻ ٿيڻ چاھي، اھو سڀني جو ٻانھو بڻجي. ڇاڪاڻ تھ ابن آدم (يعني، مسيح پاڻ) بھ انھيءَ لاءِ نھ آيو آھي تھ خدمت وٺي پر انھيءَ لاءِ آيو آھي تھ خدمت ڪري، ۽ پنھنجي جان گھڻن لاءِ قربان ڪري.“ ***

ھڪڙي ڀيري مسيح جي ساٿين ۾ بحث اچي نڪتو تھ منجھن وڏو ڪير ھو – ھنن پوءِ مسيح کان پڇيو: ”سائين، آسماني بادشاھت ۾ سڀ کان وڏو ڪير آھي؟“ مسيح ھڪڙي ننڍڙي ٻار کي پاڻ وٽ سڏي، انھن جي وچ ۾ کڻي بيھاريو، ۽ چيائين: ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان ”(ھيءُ پياري مسيح جو تڪيو ڪلام ھو) تھ جيسين اوھين ڦري ننڍڙن ٻارن جھڙا نھ ٿيندا، تيسين ڪنھن بھ طرح آسمان جي بادشاھت ۾ داخل ڪين ٿيندا، تنھنڪري (اوھان مان) جيڪو ڪو پاڻ کي ھن ٻار وانگر ننڍو ڪري سمجھندو، اھو ئي آسماني بادشاھت ۾ سڀ کان وڏو ليکبو.“ **


*  ”ڥجإب ڶڤڈښ، ڷیۆڷ ڠێڈڷإڶۆڷ“، ڶجۑ 7.5,39.22,12.7- ۽ 9.5

*  إڷ ڞڎق، ێڷ ڥجإب ضإ ڜڢقإ قۆإڵۑ ڞۆڎ، ێڷ صۑڛ ڵڢڟ ۾ طإڼإۑڵ آێڷ.

*  ڥجإب ڶڤڈښ، ڷیۆڷ ڠێڈڷإڶۆ، ڵۆڤإ، 18/4

*  ڥجإب ڶڤڈښ، ڶجۑ، 7-1/6

**  ڥجإب ڶڤڈښ، ڶجۑ 19-15/6

***  ڥجإب ڶڤڈښ- ڶڎڤښ، 45-42/1

**  ڥجإب ڶڤڈښ ڶجۑ، 6-1/18

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org