سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: ٻارن جو مسيح

باب: --

صفحو :5 

پاسي وارن ٺاڻن ۾ بيٺل ڍڳن جي کرن جا آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا. يوسف جو بکارو گڏھڙو، جيڪو ڍڳن سان گڏ ٻڌو بيٺو ھو، ان گاھھ پئي کاڌو ۽ ان جا چاٻا بھ ٻڌڻ ۾ پئي آيا. ڍورن جي بت جي گرمائش سڄي غار ۾ پکڙندي ويئي ۽ مريم بھ ان جي ڪوساڻ محسوس ڪرڻ لڳي. ھن جي نڪ ۾ ڍڳن جي ڇٽ پئي آئي ۽ لالٽين جي روشنيءَ تي، جيڪو سراءِ جو مالڪ واڙي ۾ ٽنگي ويو ھو، ھن ڍڳن جي ناسن مان نڪرندڙ گرم ساھھ جي ٻاڦ اکين سان پئي ڏٺي. رات جو ماڻھوءَ جي سمھڻ لاءِ ھيءَ سچ پچ تھ ڏاڍي ھڪ انوکي جاءِ ھئي، پر مريم جي دل ۾ ان جو ڪو خيال ڪونھ ٿي ٿيو.

۽، ان رات، بيت لحم ۾، ان ننڍڙي ٻالڪ بادشاھھ جو جنم ٿيو– واڙي ۾ ان جو جنم ٿيو، گگدام ۽ چپ چاپ بيٺل ڍڳن ۽ ڇت ۾ جاڳيل ڪبوترن، جن اتي من رچندي ڪوڪو پئي ڪئي، تن جي معصوم ۽ نماڻي سنگ ۾. مريم جي ٻانھن ۾ ننڍڙي نازڪ ٻالڪ تي لالٽين جي ٽمڪندڙ روشنيءَ جا سيتل ڪرڻا پئجي رھيا ھئا.

”ھيءُ ننڍڙو خدا جو ٻالڪ اسان وٽ آيو آھي،“ مريم چيو، ۽ ھن ان جي پتڪڙي منھن تي پنھنجي پيار ۽ خوشيءَ ۾ ڀريل دل سان چمي ڏني.

4 : ٻالڪ يسوع

مريم لاءِ پنھنجين ٻانھن ۾ پنھنجو ننڍڙو ٻار کڻڻ وڏي اچرج جھڙي ڳالھھ ھئي. ھو ڏاڍو ننڍڙو ٿي ڏسڻ ۾ آيو، ۽ ھن جا وار ائين ھئا جيئن ڪنھن ننڍڙي پکيءَ جي ڇاتيءَ جي پشم. ھن جي کل گل جي پنکڙين جھڙي نرم ھئي، ۽ ھن جا ننڍڪڙا ننھن ائين ھئا جھڙا گلابي ڪوڏن جا چمڪندڙ ڇِلڪا.

”مون وٽ ھن لاءِ ڪو پينگھو ڪونھي،“ مريم چيو. ”ننڍڙي کي ڪٿي سمھاريان، ان لاءِ جاءِ بھ ڪانھيم. يوسف، تون اھي ڪپڙا تھ کڻي ڏينم، جيڪي مون ھن لاءِ ٺاھيا آھن! اھي پاڻ سان کڻي آيس تھ سفر ۾ ھيءُ ڄمي پوي تھ ھن کي انھن ۾ ڍڪي سگھان.“

انھن ڏينھن ۾، جيئن ھاڻي بھ ڪن ملڪن ۾، ٻالڪن کي ململ جي ڪپڙي ۾ ويڙھا ڏيئي، ٻڌي ڇڏبو ھو، مائون انھن کي تنجڻ چونديون ھيون، ۽ اھي ٻالڪن جا پھريان ڪپڙا ھوندا ھئا، جيڪي ھو ڍڪيندا ھئا.

يوسف اھي مريم کي آڻي ڏنا ۽ اھي ھن پاڪ ٻالڪ جا پھريان تنجڻ ھئا، جن ۾ مريم ھن کي ويڙھي سمھاريو. جيئن ھن پنھنجي پياري ٻالڪ جي آڍ اوڍ ٿي ڪئي يا ھن کي کنيو پايو ٿي، تھ ان پاڪ ابھم سان ھن مٺيون مٺيون ڳالھيون بھ پئي ڪيون. جڏھن ھن جي ننڍڙي پھرين پھرين ھن جي آڱر کي پنھنجي پتڪڙيءَ مٺ ۾ وٺي ان کي زور سان جھليو، تڏھن تھ ھوءَ خوشيءَ ۾ ٽڙي پيئي.

”مون کي خبر آھي تھ ننڍڙي کي پاڻ ڪٿي سمھاري ٿا سگھون“، يوسف چيو. ھن چاھيو ٿي تھ مريم ليٽي پوي ۽ ڪجھھ ننڊ ڪري.

”ڪٿي؟“ مريم پڇيو. ”ھيءُ ھن کھري پلال تي تھ سمھي ڪونھ سگھندو!“

”اسين ھن کي نرم بُھھ سان ڀريل آھر ۾ سمھارينداسين،“ يوسف چيو. ”ھن جو پينگھو اھو ٿيندو.“

اھڙيءَ طرح ھيءُ گلن جھڙو ٻارڙو آھر ۾ سمھاريو ويو، جتي ھو سرھي سرھي بُھھ جي وچ ۾ ننڊ پئجي ويو. ھو ايڏو تھ ننڍڪڙو ھو، جو ھن لاءِ آھر بھ وڏو پئي ڏٺو؛ يوسف بُھھ کي ھٿ سان ويجھو ڪري، چوڌاري ھن جي پتڪڙي بت سان لڳائي ڇڏيو ۽ پوءِ ھو موٽي مريم وٽ ويو ۽ ھن لاءِ پلال کي پٿيري ھن جي سمھڻ لاءِ ٺيڪ ڪرڻ لڳو. ھوءَ اتي خاموش ليٽي پيئي ھئي ۽ بيحد خوش ھئي. خدا پنھنجو واعدو ھن سان پورو ڪيو ھو. ھن وٽس پنھنجو خاص محبوب ٻالڪ موڪليو ھو، ۽ ھوءَ ان پاڪ ٻالڪ جي ماءُ ھئي. ۽ جي ھو ھڪڙي اونداھي واڙي ۾ ڄائو ھو، ۽ آھر ئي ھن جو پينگھو ھو، تھ اھا ڪائي ڳالھھ ڪانھ ھئي.

مريم جڏھن سمھي پيئي ۽ اک لڳي ويس، تڏھن يوسف ھن جي پاسي کان ويٺو رھيو، تھ جيئن ھن جي ڪنھن ڳالھھ تي ننڊ ڦٽي نھ پوي. ھوڏانھن ھو ننڍڙو بادشاھھ ايڏو تھ پنھنجي مٺيءَ ننڊ جي پور ۾ ستو پيو ھو، جو پاسي ۾ بيٺل ڍڳي ٽاھھ کاڌو، تھ بھ ھو ڪونھ جاڳيو. واڙي ۾ ٽنگيل لالٽين لڏيو ٿي تھ ڀتين تي پاڇولن پئي ڇال کاڌا ۽ ھوا غار جي در تي لڳل يوسف جي ڪڙتي کي زور سان ڇنڊيندي ۽ لوڏيندي رھي.

اھو پھريون ناتال ھو، جڏھن ننڍڙو ٻالڪ مسيح ڄائو ھو. اسين ناتال انھيءَ ڪري ملھائيندا آھيون، جو اِھو ھن جو جنم ڏينھن ھو ۽ ان پاڪ ٻالڪ جي ڪارڻ، جيڪو انھيءَ اڌ رات آھر ۾ ستل ھو، اسين اڄ تائين ناتال جي پوريءَ اڌ رات جو خوشي ڪندا آھيون ۽ لڳ ڀڳ ٻھ ھزار سال اڳ جيڪو معجزو دنيا کي جاڳائڻ ۽ انسان جي آزاديءَ لاءِ ان اونداھي واڙي ۾ واقع ٿيو، جتي ڍڳا ٻڌل ھئا، ان جي ياد ملھائيندا آھيون.

ان رات خدا جو پنھنجو ٻالڪ، وڏو بادشاھھ، اسان جي دنيا ۾ آيو ھو. يوسف کي خبر ھئي ۽ مريم کي خبر ھئي – پر سراءِ جي ٻئي ڪنھن کي بھ ڪا سڻس ڪانھ ھئي تھ آھر ۾ بھھ منجھھ اھو بادشاھن جو بادشاھھ ستو پيو ھو! ڪي بھ شاھي گھنڊ ھن جي ڄم جي اعلان ڪرڻ لاءِ ڪونھ وڳا ھئا. بيت لحم جي شھر ۾ پاڪ ٻالڪ جي اچڻ جي ڪنھن کي خبر ڪانھ ھئي.

آسمان جي فرشتن کي سو معلوم ھو. ھو شھر جي مٿان نگھداري ڪندا ٿي رھيا، ۽ ھنن کي خبر ھئي تھ خدا جو ننڍڪڙو ٻالڪ ڄائو ھو، جيڪو وڏو بادشاھھ بلڪ بادشاھن جو بادشاھھ بڻجڻو ھو. سڀني ماڻھن کي انھن آسماني فرشتن اھا خبر ٻڌائڻ ٿي گھري، ڇاڪاڻ تھ اھا واقعي اھڙي عاليشان ۽ تپرس ۾ وجھڻ واري خبر ھئي. ھنن کي ضرور آسمان مان لھي، اسان جي دنيا ۾ اچڻو ھو ۽ اھا خوشيءَ جي عظيم ۽ خاص خبر پکيڙڻي ھئي – ھنن جو ان ڳالھھ سان واسطو ڪونھ ھو تھ ان جي ٻڌڻ سان ماڻھو وڏي عجب ۾ پئجي ويندا يا انھن کان ڇرڪ نڪري ويندو.

5 : ريڍار

بيت لحم ۾ ڪوبھ سجاڳ ڪونھ ھو، جنھن کي فرشتا اھا خبر ٻڌائين. پر ٽڪريءَ کان ھيٺڀرو، شھر کان ٻاھر ھڪڙا ريڍار ھئا، جيڪي پنھنجين رڍن جي نگھداري ڪندا ٿي رھيا.

ڪڏھن ڪڏھن رات جو بگھڙ ايندا ھئا ۽ انھن جا گھيٽڙا کڻي ويندا ھئا؛ انھيءَ ڪري جڏھن اوندھھ ٿيندي ھئي، تڏھن ريڍار واري واري سان پنھنجن واڙن تي پھرو ڏيندا ھئا. انھيءَ رات، پنھنجا ڪڙتا بت کي ويڙھيو، اھي ڪلھو ڪلھي ۾ ڏيو ويٺا ھئا، ڇاڪاڻ تھ رات تمام ٿڌي ھئي.

ھنن بيت لحم جي ننڍڙي شھر ۾ ماڻھن جا جيڪي انبوھھ اچي ڪٺا ٿيا ھئا، تن بابت پاڻ ۾ ڳالھيون پئي ڪيون. سڄو ڏينھن اھي ماڻھو ھنن ڏٺا ھئا تھ اھي وڌندا، ٽڪريءَ تي چڙھندا پئي ويا ۽ اِھا ھنن ٻھراڙيءَ جي ماٺ ۾ رھندڙ ماڻھن لاءِ ڏاڍي ڌيان ڇڪائيندڙ ڳالھھ ھئي.

”رومن شھنشاھھ ھن ڀيري اسان کان پئسا تھ تمام گھڻا ڦريندو“، ھڪڙي ريڍار چيو. ”ڪھڙي نھ سٺي ڳالھھ ھجي ھا، جي اسين بھ وڏي ۽ زور واري قوم ھجون ھا، جيئن اڳي ڪڏھن اسين ھئاسون. پر ھڪ ڏينھن ضرور اسين وري بھ طاقتور ۽ آبائتي قوم ٿينداسون، ڇو تھ اسان جي آزاديءَ لاءِ اسان سان جنھن بادشاھھ جو واعدو ٿيل آھي، سو اسان وٽ ضرور ايندو.“

”ھائو، اھو ضرور ايندو،“ ٻئي ريڍار چيو. ”منھنجي تھ آس آھي تھ اسان جي حياتيءَ ۾ اسان وٽ اھو اچي. شل مرڻ کان اڳ آءٌ ھن کي ڏسي سگھان!“

جيئن ريڍارن پاڻ ۾ پئي ڳالھايو، ۽ چوڌاري پنھنجي خاموش رڍن ڏانھن ھر ھر پئي ڏٺائون، تھ ھڪڙي بنھھ غير رواجي ڳالھھ ھنن کي نظر آئي. ھنن جي سامھون آسمان ۾، ۽ ھنن جي چوڌاري، ھڪڙي وڏي روشني ظاھر ٿي. اھا اھڙي تھ تکي ھئي، جو ريڍار ڊڄي ويا. ھيءَ روشني ڪھڙي ٿي سگھي ٿي، جا رات جي انڌيري ۾ ائين تيز پئي چمڪي!

ڊڄي، ڊڄي، ھنن پنھنجي چوگرد نھاريو ۽ ڌٺائون تھ سامھون سندن ويجھو، روشنيءَ جي بلڪل وچ ۾ ھڪڙو ٻھڪندڙ سھڻو فرشتو بيٺو ھو. ھو روشنيءَ جي شعاع وانگر اتي چمڪي رھيو ھو. ۽ ھن جو آواز، جيئن ئي ھن ڳالھايو، ائين لڳو ڄڻ سنگيت جو ڪو آسماني ساز ھو، جو ڇڙي پيو ھو.

”ھو ڏسو!“ ھڪڙي ريڍار، پنھنجي ڀرسان بيٺل ساٿيءَ جي ٻانھن کي جھليندي، چيو. ”ھو ڏسو! اھو ڇا ٿو ٿي سگھي؟“

”فرشتو!“ ٻئي ريڍار ھيبت ۾ ڀرجي چيو ۽ ھڪ ھڪ ٿي، ھو پنھنجن گوڏن ڀر ويھي رھيا. انھن مان ڪن پنھنجا منھن کڻي ڍڪيا، ڇاڪاڻ تھ روشني سندن اکين کي کيرو ڪري رھي ھئي. پوءِ فرشتي پنھنجو آواز اوچو ڪيو، ۽ ھيبت ۾ ڏڪندڙ ريڍارن سان سڌو ڳالھايو.

”ڊڄو نھ! ڇو تھ مون اوھان لاءِ وڏي خوشيءَ جي خبر آندي آھي، ۽ اھا سڀني ماڻھن لاءِ آھي. ڇو تھ اڄوڪي ڏينھن اوھان وٽ، دائود جي ھن شھر ۾ اوھان جو بچائيندڙ ڄائو آھي، جيڪو اوھان جو خداوند مسيح آھي. ۽ ان جي اوھان لاءِ نشاني ھيءَ آھي تھ اوھين تنجڻن ۾ ويڙھيل ان ٻالڪ کي آھر ۾ ستل ڏسندا.“

ريڍارن ھي لفظ تمام گھڻيءَ حيرانيءَ سان ٻڌا. ھيءَ ڪھڙي خبر ھئي؟ سندن بادشاھھ ڄائو ھو! ۽ اھو ھنن کان پري ڪونھ ھو! فرشتي انھن کي ائين ٻڌايو ھو!

جيئن عجب ۾ ورتل ھنن سادھ دل شخصن اکيون مٿي ڪري، فرشتي ڏانھن ڏٺو، جيڪو ڇانو ڪندڙ ٻن وڏن پکن ۾ ڍڪيل ھو، تھ انھن جي آڏو ٻي ھڪڙي اچرج ۾ وجھندڙ ۽ من موھيندڙ ڳالھھ ٿي. آسمان جي اوندھھ وکري ويئي ۽ فرشتي جي مٿان ۽ ان جي چوگرد نوراني ھستين جو انبوھھ اچي گڏ ٿيو، جيڪي سڀ ان اعليٰ خبر تي خوشيون ملھائي رھيون ھيون. سڄي دنيا فرشتن سان ڀريل ھئي، ۽ انھن سڀني گڏجي، جوش ۽ جذبي سان ڀريل آواز ۾ خوشيءَ جو گيت پئي ڳايو.

”سڀ کان اوچي ڌڻيءَ جي ساراھھ، ڌرتيءَ تي امن ۽ سڀني ماڻھن جي ڀلائي! سڀ کان اوچي ڌڻيءَ جي ساراھھ، ڌرتيءَ تي امن ۽ سڀني ماڻھن جي ڀلائي!“

ريڍارن ھي سڀ گھڻي چاھھ ۽ اتساھھ سان پئي ٻڌو ۽ ڏٺو. اھڙو ڪرشمو ھنن ڪڏھن ڪونھ ڏٺو ھو، ۽ اھڙين عجيب ھستين جو ھيڏو سارو ميڙ ھنن جي ڪڏھن خيال ۾ بھ ڪونھ آيو ھو. سڄو آسمان انھن سان ڀريل ھو، ۽ انھن جي خوشي ڀريل آواز سان سڄو ملڪ ٻري رھيو ھو. ائين پئي ڏٺو، ڄڻ انھيءَ اعليٰ خوشيءَ جي خبر ٻڌائڻ لاءِ آسمان جا سڀ فرشتا ان چپ چاپ بيٺل ٽڪريءَ تي اچي لٿا ھئا.

پوءِ آھستي آھستي، چمڪندڙ روشني جھڪي ٿي ويئي، سڄو چمتڪار غائب ٿي ويو. فرشتا گم ٿي ويا، ۽ سڄي اونداھي موٽي فضا ٿي ڇانئجي ويئي. رڳو ھڪڙو ھلڪو پڙاڏو انھن جي آواز جو پئي ٻڌو، ”.... ڌڻي جي ساراھھ... ماڻھن جي ڀلائي....“

پوءِ اھو پڙاڏو بھ بيھي ويو ۽ اڳئين وانگر، رات جي اونداھيءَ ۾ تارا پئي ٽمڪيا ۽ چمڪيا. ھڪڙي ڪتي ڀونڪاٽ ڪيو، ۽ پري ڪٿي ھڪڙي پکيءَ دانھن ڪئي.

ٿوري دير، ريڍارن ڪجھھ ڪونھ ڪڇيو. ھو ساھھ روڪيو ترسيا رھيا تھ ٻي تھ اھڙي ڪا ڳالھھ ڪانھ ٿي ٿئي! ھنن جي ڪتن مان ھڪڙو سري آيو ۽ اچي پنھنجي مالڪ جي گوڏي تي پنھنجي ڄاڙ رکيائين. ريڍار ھن جي ڳچي ٺپري ۽ نرم آواز ۾ ان سان ڳالھايائين.

”ڇا، تو بھ اھي ڏٺا؟“

پوءِ ٻين ريڍارن ڳالھايو، پھريائين آھستي آھستي، ڪجھھ ڪجھھ ڊڄندي، ۽ پوءِ وڏن آوازن ۾ ۽ نيٺ ڏاڍي اڌمي ۾ اچي ويا.

”اڙي، اھي فرشتا ھئا! اسان فرشتا ڏٺا، پنھنجي اکين سان، جيئري جاڳندي ۽ ھنن کي ڪنن سان ٻڌوسين! توھان اھو ڏٺو، جيڪو پنھنجي ويجھو ھو، چمڪندڙ اکين وارو، وڏا پک ھئس؟“

”آءٌ تھ ڊنس پئي. پر ڪيڏي نھ عجب ڀري ڳالھھ آھي.“

”پھرين مون سمجھيو تھ مون خواب پئي ڏٺو. پر اھڙو خواب تھ ڪير بھ ڏسي ڪونھ سگھندو.“

”پر اھي اسان وٽ ڇو آيا؟ اھا ڪھڙي ڳالھھ ھئي، جيڪا فرشتي ٿي ڪئي؟ آءٌ تھ اھڙو حيرت ۾ ھوس، جو پوري ڳالھھ بھ ڪانھ ٻڌيم.“

”ھن ڳالھھ ٿي ڪئي تھ اسان کي بچائڻ وارو دنيا ۾ اچي ويو آھي! ھن چيو ٿي تھ بنھھ اڄ رات اھو دائود جي شھر ۾ ڄائو ھو.“

”دائود جي شھر ۾! پر اھو تھ بيت لحم جو شھر ٿيو. انھيءَ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي! اڄ سڄو ڏينھن اسان ماڻھن کي اوڏانھن ويندي پئي ڏٺو آھي!“

”اسان جو واعدي ڪيل بادشاھھ اڄ رات ڄائو آھي! ڇا اھو سچ ٿي سگھي ٿو!، پوءِ اھو تھ ھڪ ننڍڪڙو ٻالڪ ھوندو!“

”ھائو، اھو بلڪل سچ آھي. جيڪڏھن سچ پچ ائين نھ ٿيو ھجي ھا، تھ فرشتا ھلي اچي اسان کي اھا ڳالھھ ڪانھ ٻڌائين ھا. آءٌ ڀانيان ٿو تھ سڄو شھر ستو پيو ھو، ۽ فقط پاڻ ئي سجاڳ ھئاسين. ڪيڏي نھ عجيب ڳالھھ آھي! توھان ڏٺو تھ ڪيئن سڄو آسمان چمڪندڙ فرشتن سان ڀريو پيو ھو! ھنن جيڪي چيو پئي، سو اوھان ٻڌو؟ وري وري پئي ھنن گيت ۽ اھا ڳالھھ چئي .... ڌڻيءَ جي ساراھھ.... ڌرتيءَ تي امن... ماڻھن جي ڀلائي. مون کان تھ اھا ڳالھھ اصل نھ وسرندي.“

”پاڻ ھلي، ننڍڙي بادشاھھ کي لھي نٿا سگھون؟ ھن کي رڳو ڏسڻ بھ ڪيڏي نھ وڏي ڳالھھ ٿيندي!“

”ڇا ھن مھل، اڌ رات جو؟“

”ڇو نھ؟ فرشتي ڪونھ چيو تھ اتي ھن کي لھي سگھنداسون! جيڪڏھن ھن جي اھا مرضي نھ ھئي تھ اسين ھن کي ڳولي لھون، تھ ھو اسان کي ائين ڇو چوي ھا؟ ڇا بھ ھجي، آءٌ تھ وڃان ٿو.“

”پر ھن کي ڪيئن ڳولي لھنداسون؟ اسان کي ڪھڙي خبر تھ ھو ڪٿي آھي! ھو شھر ۾ ڪنھن بھ گھر ۾ ٿي سگھي ٿو! اسين ھر گھر جو در تھ ڪونھ وڃي کڙڪائينداسون تھ اتي ڪو نئون ٻار تھ ڪونھ ڄائو آھي.“

”اڄ رات اسين ھر شيءِ ڪري سگھون ٿا! اسين ئي اھي ماڻھو آھيون، جن وٽ فرشتا آيا آھن. ان جي معنيٰ تھ اسان کي ئي ننڍڙو بادشاھھ ڳولي لھڻو آھي ۽ ان جي زيارت ڪرڻي آھي. آءٌ تھ ھن لاءِ پنھنجو ھڪڙو نئون ڄاول گھيٽڙو بھ کڻي ھلندس.“

”پر ڪٿي ھلي ھن کي ڳوليون؟ ھو ڪنھن گھر ۾ تھ ڪونھ ٿو ٿي سگھي. ڇاڪاڻ تھ فرشتي ٿي چيو تھ ھو ھڪڙي آھر ۾ ستل ھو. ڪوبھ ماڻھو ڪنھن ٻالڪ کي، جيڪو ڪنھن گھر ۾ ڄمندو، آھر ۾ تھ ڪونھ سمھاري سگھندو. ٻالڪ لاءِ تھ پينگھو ھوندو آھي.“

”ھائو – ھن برابر آھر ۾ چيو ھو. ننڍڙو بادشاھھ، سڀ کان اوچي ڌڻيءَ جو ٻالڪ، سو ھڪڙي آھر ۾! ڇا اھو سچ ٿي سگھي ٿو؟“

”اھا ڄاڻ اسان کي فقط تڏھن پئجي سگھندي، جڏھن پاڻ ھلي ڏسنداسين. انھيءَ ڪري پاڻ کي ھلڻ گھرجي ۽ ھڪدم ھلڻ گھرجي.“

”ٻالڪ ضرور مسافرن مان ڪنھن جو ھوندو. ٿي سگھي ٿو تھ ھو سراءِ ۾ ويا ھجن ۽ اھا ڀريل ھجي. مون کي خبر آھي تھ ھڪ ڀيرو اڳي بھ سراءِ جي مالڪ پنھنجو واڙو مسافرن کي رھڻ لاءِ مسواڙ تي ڏيئي ڇڏيو ھو. پاڻ کي اوڏانھن ھلڻ کپي.“

ريڍار گڏجي اٿيا. ھنن پنھنجا ڪڙتا خيال سان بت کي ويڙھيا، ڇو تھ ھوا ڏاڍي ٿڌي پئي لڳي. ھنن، سواءِ ھڪڙي جي ٻيا سڀ، ڪتا  اتي پنھنجن ڌڻن جي سنڀال لاءِ پوئتي ڇڏيا. ھڪڙي ريڍار، ننڍڙي بادشاھھ لاءِ پنھنجو ھڪڙو نئون ڄاول گھيٽڙو کنيو ۽ کڻي پنھنجن ڪلھن تي رکيو. پوءِ ھو پاڻ اڳيان ۽ سندن ڪتو پٺيان، اٿي پنڌ پيا ۽ ٽڪريءَ جي پاڙ وٽ وڃي رسيا. ھنن جيڪي ڏٺو ھو ۽ ٻڌو ھو، ان تي سڄي واٽ عجب بھ کائيندا ويا ۽ ھنن جي دل ۾ نئين ڄاول ٻالڪ کي ڏسڻ جي اجھل سڪ ھئي.

ڪيڏيءَ ڪيڏيءَ مھل ھنن ڪنڌ مٿي ڪري تارن سان جھنجھيل آسمان ڏانھن ٿي ڏٺو تھ من ڪو فرشتو وري وري کين ڏيکائي ڏئي. پر رات اونداھي ھئي ۽ چوڌاري چپ چپات ھئي، ھو ٽڪريءَ تان چڙھندا، مٿي شھر ڏانھن ھلڻ لڳا. ھنن کي سراءِ جي خبر ھئي. ۽ ترت ئي ھنن جي نظر سراءِ جي ميريءَ جاءِ تي پيئي، جيڪا ڪجھھ اڳڀرو رستي سان لڳ بيٺل ھئي.

ھو بيھي رھيا ۽ پاڻ ۾ سس پس ڪرڻ لڳا. ڇا، کين در کڙڪائڻ گھرجي ۽ سراءِ جي مالڪ کان پڇڻ گھرجي تھ ھن جي واڙي ۾ ڪو رھيل تھ ڪونھ ھو؟ ھھڙي اويلي ٽاڻي، ھو جاڳندو تھ ڪاوڙبو تھ نھ؟

”ڏسو! ھوڏانھن سراءِ جي پٺيان ھڪڙي روشني پيئي ٽمڪي!“ اوچتو ھڪڙي ريڍار چيو. ”اھا غار مان پيئي اچي، جنھن ۾ سراءِ جو مالڪ پنھنجا ڍڳا ٻڌندو آھي. ضرور اتي ھو آھن. ھلو تھ اتي ھلي ڏسون.“

پوءِ، آھستي آھستي، ريڍارن جي ھيءَ ننڍڙي سنگت سراءِ جي پٺيان ڦري، غار جي واڙي ڏانھن ھلڻ لڳي. اتي در تي يوسف جو ڪڙتو ٽنگيو پيو ھو. ھنن ڳچيون ڊگھيون ڪري ان جي مٿان اندر غار ۾ ڏٺو. کين ڪھڙي خبر تھ اندر ڇا ھو!

پر، انھيءَ ئي گھڙي، لالٽين جي جھڪي روشنيءَ ۾ ھنن بلڪل اھو ئي ڪجھھ ڏٺو، جو فرشتي انھن کي چيو ھو تھ ھو ڏسندا. ھڪڙو ننڍڙو ٻالڪ، تنجڻن ۾ ويڙھيل، آھر ۾، گھريءَ ننڊ ۾ ستو پيو ھو.

”ھو ڏسو! اھو ٻالڪ!“ ھڪڙي ريڍار ڀڻڪو ڪيو. سڀني اندر اونداھي واڙي ۾ چتائي ڏٺو. ھنن مريم کي ڏٺو، جا پنھنجي پلال جي ھنڌ تي ستل ھئي. ھنن يوسف کي ڏٺو، جو ھن جي پاسي ۾ ويٺل ھو ۽ ھن جي سنڀال ڪري رھيو ھو. پر ھنن جون اکيون وري وري وڃي ٿي ننڍڙي ٻالڪ تي پيون. جيڪو پنھنجي نرم بُھھ جي ھنڌ ۾ ڏاڍي آرام سان سمھيو پيو ھو.

”ھو برابر تنجڻن ۾ ويڙھيل آھي، جيئن فرشتي چيو ھو!“ ريڍارن چپن ۾ ڀڻڪيو. ھيءُ ڪيڏو نھ عجب آھي، جو مسيح ھتي ھجي، اسان جي اکين اڳيان – اھو ٻالڪ، جنھن جي ڄمڻ جي خبر اسان کي ٻڌائڻ لاءِ فرشتا آسمان مان ھيٺ لھي آيا ھئا!“

ڪتي ٿورو ڪؤنڪٽ ڪيو. ھو رات جي ھيترين سارين ڳالھين کي سمجھي نٿي سگھيو – فرشتن جي چمڪ، راڳ جا آواز ۽ ھاڻي ھيءُ شھر ڏانھن غير رواجي سفر جڏھن ھنن کي ويھي رڍن جي سنڀال ڪرڻ کپندي ھئي. ھن جي مالڪ ھن کي چپ ڪرائڻ لاءِ ھن جي مٿي تي ھٿ رکيو. پر سس پس جي آوازن مريم جو آرام ڦٽائي وڌو ۽ ھوءَ سجاڳ ٿي پيئي.

”ڪير آھي؟“ ھن چيو ۽ يوسف ڏسڻ لاءِ اٿي ٻاھر ويو. در تي ھو ڪتي سان گڏ ريڍارن کي بيٺل ڏسي، حيران ٿي ويو. ھو ھڪدم ھن جي چوڌاري ٿي بيٺا، ۽ ھن کي فرشتن جي ڳالھھ ۽ جو ڪجھھ انھن کين چيو ھو، سو ٻڌائڻ لڳا. ھو گڏجي اندر غار جي واڙي ۾ ويا ۽ اتي ستل ٻار کي حيرت ڀرين ۽ سھميل اکين سان ڏٺائون. مريم ھن کي آھر مان کڻي مٿي ڪيو ۽ ريڍارن جھڪي ھن جي اڳيان ڪرنش ڪئي.

”فرشتا اسان وٽ آيا ۽ اسان کي چيائون تھ وڃو ۽ وڃي تنجڻن ۾ ويڙھيل خدا جي ننڍڙي ٻالڪ کي آھر ۾ ستل ڏسو!“ ريڍارن چيو، ۽ ھنن مريم کي ان رات جي سڄي روئيداد جو احوال ٻڌايو. مريم پنھنجي ستل ٻار کي ٻانھن ۾ کنيو بيٺي ھئي ۽ ھنن جي سڄي ڳالھھ ٻڌي، ڏاڍي تپرس ۾ پئجي ويئي. ريڍارن جي ڪتي بھ ٻالڪ ڏانھن جوھھ وجھي ڏٺو ۽ ڍڳا، جيڪي رات جي وقت نوان ماڻھو پاڻ وٽ ڏسي حيران ٿي ويل ٿي لڳا، سي بھ پنھنجا ڪنڌ کڻي، وڏين کليل اکين سان ھنن ڏانھن نھارڻ لڳا.

ريڍار نيٺ موڪلائي ھليا ويا. انھن مان ھڪڙي، ننڍڙي ٻالڪ لاءِ، يوسف وٽ پنھنجو نئون ڄاول گھيٽڙو ڇڏيو. ٻاھر اونداھيءَ رات ۾ ڪتو ريڍارن جي پٺيان پنھنجو پڇ لٽڪائيندو ويندو رھيو، ڇو تھ ان اھو ئي ڄاتو ٿي تھ ھو ھاڻي پنھنجن ڌڻن کي سنڀالڻ لاءِ ھيٺ وادين ۾ موٽي پئي ھليا. ٽڪريءَ تان ھيٺ ويندي، ھو پاڻ ۾ ڏاڍي اتساھھ سان ڳالھيون ڪندا ويا. فرشتن کي ڏسڻ بھ عجب ڀريو ڪرشمو ھو، پر ٻالڪ مسيح کي ڏسڻ ھنن لاءِ وڏي حيرت جي ڳالھھ ھئي. فرشتي جيڪي ڪجھھ چيو ھو، ۽ جيئن چيو ھو، سو سڀ تيئن سچ ئي ثابت ٿيو ھو.

”سڀاڻي اسين، جڏھن ماڻھن کي ٻڌائينداسين، تھ ھو ڇا چوندا؟“ ريڍارن چيو. ”ھو اسان تي اعتبار ئي ڪونھ ڪندا! ڪيڏي نھ حيرت جي ڳالھھ آھي، جو پھرين خبر اسان کي ٻڌائي ويئي! ڇا ھو، جو فرشتي ٿي چيو؟ اسان کي سچا پچا اھي لفظ دل تي رکڻ کپن. ”ڊڄو نھ! ڇو تھ مون اوھان لاءِ وڏي خوشيءَ جي خبر آندي آھي ۽ اھا سڀني ماڻھن لاءِ آھي...“

ريڍارن کي اھي لفظ ترت ئي برزبان ياد ٿي ويا، ڇو تھ اھي ھو ھر ھر چوندا رھيا. ٻئي ڏينھن ھنن سڄي ڳالھھ لفظ لفظ ڪري ھر ڪنھن کي ٻڌائي ۽ ھنن جا ماڳ جلد ئي ٻارن سان ڀرجي ويا، جيڪي ڳالھھ ٻڌي تپرس ۾ پئجي ٿي ويا. ۽ وري وري ان جي ٻڌڻ جي ڪوشش پئي ڪيائون. غار ۾ مريم بھ ترت ئي ماڻھن جي ھنڌان ھنڌان اچڻ تي ھري ويئي، جيڪي پنھنجي اکين ۾ حجاب ۽ حيرت ڀريو ڏانھنس ۽ سندس ستل ٻالڪ ڏانھن ڏسندا ٿي رھيا.

ھن پنھنجي ان پاڪ ٻالڪ جي روشن چھري ڏانھن ڏٺو ۽ جو ڪجھھ ٿيو ھو، ھوءَ ان بابت سوچڻ لڳي. نو مھينا اڳ، جيڪو چمڪندڙ فرشتو وٽس آيو ھو، ان بابت سوچيائين، پنھنجي پوڙھي سؤٽ ايلزبيٿ بابت سوچيائين، جنھن جي ھنج ۾ ھاڻي يوحنا نالي ھڪڙو سھڻو ٻالڪ پٽ ھو. ان فرشتي بابت سوچيائين، جيڪو خواب ۾ يوسف وٽ آيو ھو. ھر ڳالھھ کي ھن دل ۾ اٿلايو پٿلايو. ۽ وڌيڪ ھن ڳالھھ تي ھوءَ ويچارڻ لڳي تھ سندس ننڍڪڙو نوراني ٻالڪ وڌي ڪھڙي نموني جو ڇوڪر بڻبو.

ٿورن ڏينھن کان پوءِ جيڪي ماڻھو سراءِ ۾ اچي ڳاھٽ ٿيا ھئا، اھي پنھنجن پنھنجن گھرن ڏانھن ھليا ويا ۽ بيت لحم ايترو ماڻھن سان ڀريل نھ رھيو. رھڻ لاءِ اتي جڳھھ ملڻ ھاڻي ڪجھھ آسان ھئي ۽ يوسف جلد ئي مريم ۽ ھن جي ٻالڪ کي گڏھڙي تي ويھاري، سراءِ کان ٻاھر شھر ۾ ھڪڙي موچاري گھر ۾ وٺي ويو، جتي ھوءَ ڪجھھ سھنج سان رھي سگھي ٿي. مريم، ويندي ويندي، پراڻيءَ سراءِ ڏانھن منھن ورائي ڏٺو ۽ ھن کي اھي سادا سؤدا ۽ صاف دل ريڍار ياد آيا، جيڪي رات جي وقت پنھنجا ڌڻ ڇڏي، اتي وٽن آيا ھئا.

”تنھنجي ڄمڻ تي خوشيءَ جا نغما ڳائڻ لاءِ آسمان مان فرشتا لھي آيا ھئا،“ ھن جھڪي، ننڍڪڙي ٻالڪ کي ڪن ۾ چيو، ”مون وٽ تھ تنھنجي پينگھي لاءِ رڳو آھر ھو – پر تنھنجي آجيان لاءِ ھن دنيا ۾ فرشتا موجود ھئا.“

6 : ٽي ڏاھا ماڻھو

انھن ڏينھن ۾، پري اڀرندي پاسي، ھڪڙي ڏورانھين ملڪ ۾، جتان سج اڀرندو آھي، ڪي ٽي ڏاھا شخص رھندا ھئا. اھي تارن کي سڃاڻندا ھئا، ۽ کين انھن جي چرپر جي ڄاڻ ھوندي ھئي. ھو چوندا ھئا تھ تارا کين سڀ کان اعليٰ خدا جا ويچار ڏسين ٿا. ھنن کي خاطري ھوندي ھئي تھ جڏھن بھ ڪو نئون تارو آسمان ۾ پڌرو ٿيندو ھو تھ اھو ھيٺ ڌرتيءَ تي ماڻھن کي ٻڌائڻ لاءِ خدا جو ھڪڙو طريقو ھوندو ھو تھ ڪا نھ ڪا وڏي ڳالھھ دنيا ۾ ٿيڻي ھئي.

ھڪڙيءَ رات انھن ڏاھن شخص ائين سمجھيو تھ آسمان ۾ ھڪڙي نئين تاري جي، پري پري، ھنن ڪا جھڪي جھڪي روشني پئي ڏٺي! ھنن، اشارو ڪري، اھا ھڪٻئي کي ڏيکاري ۽ سڄي رات ان کي ھو پوري ڌيان سان ڏسندا ۽ جانچيندا رھيا. ٻيءَ رات اھا روشني وڌيڪ چٽي ڏسڻ ۾ آئي. ٽيءَ رات اھا ايتري تھ چٽي ھئي، جو ان جو سوجھرو ٻين سڀني تارن جي گڏيل سوجھري کان بھ وڌيڪ تکو ۽ چٽو ھو.

”ھاڻي ڳالھھ آھي تھ ھن وڏي روشن تاري جو ڇا مطلب ٿيو؟“ ھڪڙي ڏاھي شخص ٻئي ڏاھي شخص کي چيو. ”خدا اھو تارو اتي، انھيءَ جاءِ تي رکيو آھي، انھيءَ لاءِ تھ اسين ڪنھن غير رواجي ڳالھھ کان واقف ٿيون. سوال آھي تھ اھا ڪھڙي ڳالھھ ٿي سگھي ٿي؟“

ھنن پنھنجا پراڻا ڪتاب ڪڍيا، ۽ انھن ۾ ھنن ھڪڙي وڏي بادشاھھ بابت پڙھيو تھ اھو ھڪڙي ڏينھن دنيا ۾ جنم وٺندو ۽ ھڪڙي بيحد مضبوط بادشاھت تي راڄ ڪندو. ۽ اھو يھودين جو بادشاھھ ٿيندو. شايد ھن تاري جو مطلب اھو آھي تھ اھو بادشاھھ ڄائو آھي، ڇاڪاڻ تھ اھو ائين پئي ڏٺو ڄڻ اسرائيل جي ملڪ تي ئي پيو چمڪي، جتي يھودي ٿي رھيا.

”اسان کي اتي وڃي ڏسڻ گھرجي،“ ڏاھن شخصن چيو. ”جيڪڏھن واقعي اھو بادشاھھ ڄائو آھي تھ اسان کي ھن لاءِ تحفا کڻي وڃڻ گھرجن، ۽ ھن جي وڃي بيعت ڪرڻ کپي. پراڻا ڪتاب چون ٿا تھ ھو اھڙو بادشاھھ ٿيندو، جنھن جيڏو دنيا ۾ ٻيو ڪوبھ بادشاھھ ڪڏھن نھ ٿيو ھوندو.“

پوءِ ھنن پنھنجن خادمن کي سڏيو ۽ ھنن کي سفر لاءِ اٺن تي پاکڙن وجھڻ ۽ ٻئي راھھ جي ثمر گڏ ڪرڻ لاءِ چيو. ”اسين ان ٻالڪ بادشاھھ لاءِ قيمتي تحفا کڻي ھلنداسين،“ ھنن چيو. ”پنھنجي لاءِ اسين کاڌو کڻنداسين، رات جي سمھڻ لاءِ خيما بھ کڻنداسين، ڇو تھ اسرائيل جو ملڪ اسان کان تمام گھڻو پري آھي.“

ھنن جي خادمن سڀ ڳالھھ جي تياري ڪئي. اھي بھ پنھنجن مالڪن سان سفر ۾ گڏ وڃڻا ھئا. اھي ڏاھا شخص ايترا تھ دولتمند ھئا، جو پنھنجي ملڪ ۾ ھو ڄڻ بادشاھھ يا سردار ھئا، ۽ ڪڏھن بھ خادمن جي لشڪر کي پاڻ سان کڻڻ کان سواءِ سفر تي ڪونھ نڪرندا ھئا. پوءِ اڃا آسمان ۾ اھو تارو شعلي وانگر چمڪي رھيو ھو، تھ ھو روانا ٿيا ۽ ھنن جا مھري اٺ سڄي رات تکا تکا ھلندا رھيا.

ائين اھي ڏاھا شخص ڪيترا ڏينھن ۽ راتيون پنھنجن اٺن تي سفر ڪندا رھيا. ھنن کي رڻن پٽن تان لنگھڻو پيو، پر سندن اٺن جا ويڪرا داڦوڙا سولائيءَ سان ڦسڪندڙ واريءَ کي لتاڙيندا اڳتي وڌندا رھيا. رات جو سدائين اھو روشن تارو انھن جي اڳيان چمڪندو رھندو ھو، ۽ ائين پيو ڏسبو ھو، ڄڻ اھو کين راھھ ڏيکاري رھيو ھو. آسمان جي وڏي ويڪري گنبذ ۾ اھو ڏاڍو دلڪش ۽ سھڻو لڳندو ھو.

ھلندي ھلندي، مسافر نيٺ اسرائيل جي ملڪ ۾ وڃي پھتا. ھو پوءِ سڌا يروشلم جي شھر ڏانھن ويا، جتي يھودين جا بادشاھھ رھندا ھئا ۽ اٺن تي ويٺي ئي، ھو وڃي وڏي شاھي محل جي دروازي جي اڳيان بيٺا.

”آخر پھچي وياسون!“ ھڪڙي ڏاھي شخص چيو، ”ڪيڏو نھ ڊگھو سفر ڪيو اٿئون – پر ھاڻي اسين ان نئين ڄاول بادشاھھ جي زيارت ڪري سگھنداسون.“

انھن ڏينھن ۾ يھودين جو ڏاڍو ھڪڙو ڪٺور بادشاھھ ھوندو ھو، جنھن جو نالو ھيروڊ ھوندو ھو. رومن لوڪ ھن کي يھودين جو بادشاھھ بڻايو ويٺا ھوندا ھئا، ۽ ھن کي سدائين ان اڌاريءَ بادشاھي تان لھي وڃڻ جو ڊپ ھوندو ھو، پنھنجن ماڻھن مان ڪنھن تي بھ ڪو شڪ پوندو ھوس، تھ ھڪدم ان کي مارائي ڇڏيندو ھو.

ھن جا خادم ڏسڻ لاءِ ڊوڙي محل جي دروازي وٽ ويا تھ ڪير اھڙا غير معمولي ۽ شاھي قسم جا ماڻھو اتي آيا ھئا! ھو انھن ڏاھن شخصن جي آڏو باادب بيھي رھيا، ۽ انھن کي جھڪي سلام ڪيائون ۽ وڏي مان سان انھن کي پنھنجي مالڪ ھيروڊ بادشاھھ وٽ وٺي ويا.

ائين ھي ڏاھا شخص ان پاپي بادشاھھ جي آڏو آيا ۽ انھن جا پٽڪا ۽ چوغا ھن جي درٻار ۾ بلڪل ٻيءَ دنيا جا ۽ بيحد عجيب پئي لڳا. ھنن ھيروڊ کي سلام ڪيو ۽ ھن کان ھڪڙو سوال پڇيائون، جنھن جي ٻڌڻ سان ھن کي ڊپ وٺي ويو ۽ ھو حسد جي باھھ ۾ جلڻ لڳو.

”ڪٿي آھي اھو، جيڪو نئون يھودين جو بادشاھھ ڄائو آھي؟“ ھنن چيو. ”اسان مشرق ۾ ھن جو تارو اڀرندي ڏٺو آھي، ۽ اسين ھن جي بيعت لاءِ آيا آھيون.“

”يھودين جو بادشاھھ! نئون ڄائو آھي! اوھان جو ڇا مطلب آھي؟“ ھيروڊ چيو، ۽ ھن جو منھن ڪاراٽجي ويو. ”آءٌ بادشاھھ آھيان، ھيءُ منھنجو محل آھي، جتي اوھين آيا آھيو! ڪھڙو تارو اوھان مشرق ۾ ڏٺو آھي؟“

ڏاھن شخصن ھن کي سمجھايو تھ ”اھو تارو تو ھيروڊ بادشاھھ جو نٿو ٿي سگھي، ڇاڪاڻ تھ اھو بنھھ ھاڻي نئون اڀريو آھي، جنھن جي معنيٰ تھ ٻيو يھودين جو بادشاھھ ڄائو آھي – وڏو بادشاھھ، سڀني اڳين بادشاھن کان وڏو بادشاھھ.“

ھيروڊ جي دل ڪاوڙ ۽ ڊپ ۾ گھٽجي ويئي. اھو نئون ڄاول بادشاھھ ڪير ھو؟ ڪٿي ھو؟ ھن تھ ان جو نالو بھ ڪونھ ٻڌو ھو! بس، ھن جي رڳو ھو ھٿ اچي، تھ يڪدم مارائي ڇڏيس! پر اھا ڳالھھ کيس انھن ڏاھن شخصن جي آڏو نھ ڪرڻ گھرجي. انھيءَ ڪري، ھيروڊ پنھنجن انھن عاليشان ملاقاتين اڳيان، منھن تي مڪاريءَ جي مرڪ آڻيندي، چيو، ”آءٌ ان کي ڳولڻ ۾ اوھان جي ھر ڪا مدد ڪندس – منھنجي درٻار ۾ ڪيئي ڏاھا ماڻھو آھن ۽ اسان وٽ پراڻا عجيب عجيب ڪتاب بھ آھن، جن ۾ اڳين ڏينھن جي ھوشيار ھوشيار يھودين جا قول محفوظ آھن. انھن جي پڻ اڳڪٿي آھي تھ ھڪ ڏينھن وٽن ھڪڙو وڏو بادشاھھ ايندو. شايد اھو ئي بادشاھھ اوھين چئو ٿا. آءٌ اوھان کي معلوم ڪرائي ٿو ڏيان تھ ھو ڪھڙي شھر ۾ ڄمندو، ۽ پوءِ اوھين ڀلي وڃي اتي ان کي ڏسجو.“

پوءِ ھيروڊ پنھنجا عالم ۽ مذھبي پيشوا سڏايا ۽ انھن کان پڇيائين، ”اوھان کي اھڙي ڪنھن وڏي بادشاھھ جي خبر آھي، جيڪو ڪنھن ڏينھن اسرائيل تي راڄ ڪندو! جيڪي معلوم ھجيو، سو مون کي ٻڌايو!“

”اسان کي ان بادشاھھ جي خبر آھي،“ عالم شخصن چيو. ”پراڻن ڪتابن ۾ لکيل آھي تھ ان جو ظھور ٿيندو.“

”ڀلا، پراڻن ڪتابن ۾ اھو ٻڌايل آھي تھ اھو ڪٿي ڄاپندو؟“ ھيروڊ پڇيو.

عالم شخصن مان ھڪڙو وڌي اڳيان آيو. ھن جي ھٿن ۾ ھڪڙو پراڻو طومار ھو، جنھن ۾ اڳين ڏينھن جي بزرگن جا قول لکيل ھئا.

”ھتي ھڪڙو قول موجود آھي، جنھن مان شايد ان بادشاھھ جي جنم جو ھنڌ معلوم ٿي سگھي!“ ان شخص چيو. ”ھاڻي ھي ٻڌو!“ پوءِ ھن پنھنجي طومار مان پڙھڻ شروع ڪيو – ”پر، اي بيت لحم – افرات وارؤ، جيڪي يھودا جي ڪٽنبن ۾ ھيڻا ۽ ھيٺانھان ٿي وڃڻ وارا آھيو، اوھان مان ئي پوءِ ھڪڙو مون وٽ ايندو، جيڪو اسرائيل جو بادشاھھ ٿيندو.“

”بيت لحم!“ ھيروڊ چيو، ”ان جي معنيٰ تھ انھي معمولي شھر بيت لحم ۾ ھن جو جنم ٿيندو. اوڏانھن وڃو، منھنجا دوستو اتي وڃي پنھنجي نئين ڄاول بادشاھھ جي ڳولا ڪريو!“

”اھو بيت لحم جو شھر ڪٿي آھي؟“ ڏاھن شخصن پڇيو. ”گھڻو پري آھي ڇا؟“

”نھ تمام ويجھو آھي،“ ھيروڊ جواب ڏنو. ”بيت لحم جا ماڻھو اڪثر پيادل ٽڪريءَ تان لھي، يروشلم تائين بھ ھليا ايندا آھن، اوھان کي اتي پھچڻ ۾ دير ڪانھ لڳندي.“

”تھ پوءِ اسين ھينئر ئي وڃون ٿا،“ ڏاھن شخصن چيو. ھو نئين ڄاول بادشاھھ جي ڏسڻ جا ايڏا تھ شائق ھئا، جو ھنن ھيروڊ جي درٻار ۾ ھڪ گھڙي بھ وڌيڪ گذارڻ نھ ٿي گھري.

”ترسو!“ ھيروڊ چيو. ”منھنجو بھ ھڪڙو ڪم ڪندا اچجو! ان ننڍڙي نئين ڄاول بادشاھھ کي ڏسڻ ۽ ھن جي آڏو نمڻ لاءِ آءٌ پاڻ بھ آتو آھيان. اوھين، جي ھن کي لھي سگھو، تھ موٽي، مون کي بھ ھن جو ڏس ڏيندا وڃجو! جيئن ئي مون کي معلوم ٿيندو تھ بيت لحم ۾ ھو ڪٿي آھي، تھ انھيءَ گھڙيءَ اتي وڃي، ھن جي آڏو پنھنجو مٿو ٽيڪيندس.“

”موٽي اچي توکي ٻڌائينداسين،“ ڏاھن شخصن چيو. ”تون چوين ٿو تھ شھر وڏو ڪونھي، تھ پوءِ ھن کي ڳولڻ ۾ اسان کي گھڻي دير ڪانھ لڳندي. خدا حافظ.“

ھنن پوءِ پنھنجا خادم سڏيا ۽ انھيءَ ئي مھل ھو اٺن تي چڙھي ويٺا. لھندڙ سج جي ڪرڻن تي سندن زربفت پٽڪن تي جڙيل موتي چمڪي رھيا ھئا ۽ سندن اٺن جا گھنگھرو ٻرندا رھيا، ۽ ھو پنھنجي منزل کي اکئين لايو، تيز تيز اوڏانھن وڌندا رھيا.

جيئن ئي سج ٽٻي ڏني، ھنن وڏي روشن تاري کي اولھھ پاسي، پنھنجي سامھون چمڪندي ڏٺو. ان جي شعاع ۾ سڄي رات روشن ٿي ويئي. ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو، ڄڻ اھو بيت لحم جي ٽڪريءَ جي مٿان ٽڙيو بيٺو ھو.

”اھو ٻھڪندڙ تارو اسان کي رستو ڏيکاري رھيو آھي،“ ڏاھن شخصن ھڪٻئي کي چيو. ”ڏسو تھ ڪيئن اھو بيت لحم جي بلڪل مٿان بيٺو جرڪي. پڪ ئي پڪ ننڍڙو بادشاھھ اتي ھوندو.“

ٽڪريءَ جي ھيٺان وادين ۾ بيٺل ريڍارن ان تاري ڏانھن چتائي پئي نھاريو، ۽ ان جي سوجھري ۾ ھنن ڏٺو تھ اوٺي سوارن جو اھو ننڍڙو قافلو ٽڪريءَ تي مٿي چڙھندو پئي ويو. ڳوٺڙن جا ماڻھو، جيئن ئي ڪم ڪار تان موٽي پنھنجن گھرن ڏانھن ٿي ويا، عجب وچان بيھي، اٺن تي ويٺل پرديسي مسافرن ڏانھن نھاري رھيا ھئا. ھھڙن سردارن ۽ مک ماڻھن جو ڪھڙو ڪم ٿي سگھيو ٿي، جو اوڏيءَ مھل ھو ائين بيت لحم ڏانھن ڪاھيندا ٿي ويا!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org