سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: مُٺ مُٺ موتين جي

باب: --

صفحو : 30

 

 

در دريون کول

**

حالتن کان فرار ڇا  جي لاءِ،

سج سورج مکيءَ جي آڏو جهل:

هي انڌيرن سان پيار ڇا جي لاءِ،

جبر تي صبر شڪر ڇا جِي لاءِ،

هٿ هٿيار، هٿ سَرجڻهار:

هٿ ناهن رڳو دعا جي لاءِ

ٻُوٿ ٻوٿاڙيل ڀلا ڇا لاءِ،

ڄڀ آهي ڄڀي ته ڀل ڄَرڪي:

سوچ آهي ته بي صدا ڇا لاءِ؟

بند ڪمري ۾ واڙيل ڇا لاءِ،

ٻار کيڏن پيا گهٽي ۾ راند:

در دريون کول، ٻهر جهاتي پاءِ!

- امداد حسيني

 


 

بم گولو ۽ بارود

هڪ اک ايران آ، ۽ ٻي اک عراق،

ٻَئي اُجهائڻ ٿو گهري، اولهه جو قزاقُ.

هو جي منهنجو جسم آ، هي آ منهنجي جان،

بم ڪريو بغداد تي، رتو رت تهران.

اَرجنٽائين ۽ چِلي، گِرنيڊا، لبنان،

اِنسانن جي ئي هٿان، ڪُسجي پيو انسان.

گهٽيون لاشن سان ڀريل، شهر ٿيا شمشان،

بم گولي بارود جو، ڪهڙو دينُ ايمان؟

- امداد حسيني

       

سچ جي ٻيڙي

لُڏندي لُڏندي،

سچ جي ٻيڙي،

پار اُڪاري وجهندي آ.

ڍَرندي ڍَرندي،

رات ستم جي،

سج اُڀاري وجهندي آ.

دُکندي دُکندي،

سَر جي تيلي،

ٻيلا ٻاري وجهندي آ.

ٻَرندي ٻَرندي،

اَڪ جي ڪاٺي،

لوهه پگهاري وجهندي آ.

ڇهُندي، ڇُهندي،

سنهڙي ڇيڻي،

ڏونگر ڏاري وجهندي آ.

وڄندي وڄندي،

جهانجهه جيئڻ جي،

جوءِ جياري وجهندي آ.

- استاد بخاري

 

سچل سائين سچ سمورو

ڪالهه درازن جي ڌرتيءَ تي جيڪو مچ ٻريو،

اڄ به اُهائي آتش آهي، ناهي مچ ٺريو.

سچل سائين سچ سمورو، محبت سندو مچ،

جي تون عاشق صادق آهين، اَڳ انهيءَ ۾ اچ.

شهر درازن جي ڌرتيءَ تي، سارا سچ مِڙيا،

نفرت جي ڪنڊن جي بدران پيار جا گل ٽڙيا.

سونهن، سچائي، الفت، آهي سچل جو پيغام،

اچو ته آڇيون  هر ڪنهن کي اڄ محبت وارو جام.

ڪالهه درازن ۾ هو گونجيو انالحق آواز،

عشقِ وارن ئي آهه پروڙيو اِهو انوکو راز.

ڪُوڙ جو مُک آ ڪوڙهه ۾ ورتل، سچ سچو سرهاڻ،

ڪوڙ ڪنارا ٻڏندا رهندا، سچ ته آ مهراڻ.

ڪالهه درازن جي ڌرتيءَ تي نعرو نينهن لڳو،

اڄ به انهيءِ تي آهي ڪوڙ جو ڪنڌ ڀڳو.

ڳاٽ اُڀي آ سچ سدائين، جهڪي نه ڄاڻي مُور،

رت ۾  رگجي ريٽو ٿيندو، سچ ته آ منصور.

سچ جا ساز ٻُرائي جن به سونهن جا گيت چيا،

نفرت ۽ وحشت جا پاڇا تن جي ڪڍ پيا.

ڌرمن جي دستور کان آهي عشق جو انگ مٿي،

”سچل“ جو فرمان اهو آ. ويهي ڪير ڪٿي.

- ادل سومرو

 

وينتي

هر دُکي  انسان جو در مان ڪر،

اسپتالون سڀ خدا! ويران ڪر.

رهزنن ۽ ظالمن کي سگههَ ڏيئي،

سوُنهن جي ڌرتي نه تون شمشان ڪر.

کنڊرن ۾ خواب ويا دٻجي سڀئي،

ڪنهن جي آسُن کي ته تون لبنان ڪر.

باههِ جو بغداد ۾ ڀنڀٽ نه ٿئي،

اَڳ کان آجو سڄو ايران ڪر.

زندگي بارود جو بڻجي  نه بَکُ،

تون تباهه هر ائٽمي شيطان ڪر.

ڏکَ گهاريو آ گهڻو ئي ڏيههَ ۾،

سُکَ جو هن  ديس ۾ سامان ڪر.

- ادل سومرو

 

دعا

ميان ماروئڙن تي

مهراڻ وسن مينهن

شل نه ڏکيا ڏينهن

اچن اَجڙين تي

- سچل سرمست

 

ٻوليءَ جا ۽ فڪر جا اَنمول وچن، جي  ”هدايت“ ۾ آيا، جي ڪنهن جا ڪينهن، جي سڀني جا آهن.

* ” جڏهن به تون مايوس ٿين، تڏهن پاڻ کان فقط هڪڙو سوال پڇندو ڪر: ڇا، تنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ جو دخل رهيو آهي، جنهن جي رهڻي ڪرڻيءَ جو طريقو تو لاءِ مثال بنيو هجي- مثالُ تنهنجي جريت ۽ همت وڌئڻ لاءِ، مثال تنهنجي پنهنجي پاڻ سان ۽ پنهنجي ڪم سان سچي رهڻ لاءِ، ۽ جنهن جي ڪردار ۽ عالمي نظر تو لاءِ جذبي جو ۽ اُتساهه جو ڪم ڏنو، ۽ جنهن جي عقيدن تو کي ماڻهن لاءِ عزت جو ۽ خود پنهنجي عزت نفس جو سبق سيکاريو؟“

* ”هن دنيا ۾ ڪا به شيءِ ايڏي قيمتي ڪانهي، جيڏو ڪو هڪ نيڪ ڪم، پوءِ اُهو ڪيترو به کڻي ننڍو هجي، ڪنهن کي همٿائڻ جو هڪ اکر، ڪنهن جي ڳري هانءَ کي هلڪي ڪرڻ لاءِ ڪو خوشيءَ  جو هڪ بول، ڪا هڪ پنهنجائپ جي ڳالهه، ڪا دوستاڻي مُرڪ.“

* ” گوئٽي چوندو هو ته ڪو به اثر جيڪو هڪڙو ماڻهو ٻئي تي وجهي ٿو، سو پنهنجي شخصيت معرفت وجهي ٿو. اِن جي معنيٰ ته جيڪا ڪا نيڪي اسان جي اندر ۾ آهي، اُها اسان کي ماڻهن کان ملي آهي.  بهترين خيال هوا ۾ ڪو نه ٿا وجود رکن، اُهي سدائين هِن يا هُن ماڻهوءَ جي مثالن سان ئي اسان تائين پهچن ٿا، ۽ اُنهن کي اسين ڏسي ۽ محسوس به اُئين ٿا ڪري سگهون.“

*” ماڻهوءَ جي سچي وزن جي ثابت ڪرڻ لاءِ دعوائن جي ضرورت ڪانهي، خاص حالات جي ضرورت ڪانهي، ۽ نه بهانن جي ضرورت آهي. اُهو هر حالت ۾ اڏول رهي ٿو. مجموعي طور، ماڻهوءَ جو وزن ثابت ٿئي ٿو ۽ ماڻهو مُلهائتو بنجي ٿو پنهنجي اخلاقي ذميداريءَ سان- اِن سلسلي ۾ ڪي وڏا سوال يا ننڍا سوال به ڪو نه هوندا آهن. ڇو ته سڀ سوال وڏا سوال هجن ٿا.“

*” ڪنهن به خيال، رٿا يا نقشي جي جائزگيءَ جو اظهار ان جي عملي صورت، يعني ان جي افاديت يا عدم افاديت، مان  ٿئي ٿو- پوءِ اهو خيال، رٿا يا نقشو زمان، مڪان ۽ اوڪاشي دنيا سان واسطيدار هجي يا ان کان ٻاهر جي دنيا سان جيڪا وسعتن کان خالي بالاتر هجي يا مڃي وڃي.“

*” اسان مائٽن، استادن ۽ وڏن کي سدا اها سوچ هجڻ گهرجي ته اسين ڪهڙي قسم جا ماڻهو پالي ۽ اُڀاري رهيا آهيون؟ برابر ڪڏهن ان ۾ اسين سڦل ٿينداسين، ڪڏهن ان ۾ اسان کان اوڻايون رهجي وينديون. پر اسان کي وري به ماڻهو ئي اڀارڻا آهن، جيڪي پيار ڪري سگهن، جيڪي دک جهيلي سگهن، جيڪي سرجهڻار ٿي سگهن ۽ جيڪي سور ونڊي سگهن، ۽ اهي جيڪي زندگيءَ جي هڪ چڱي رچناتمڪ ۽ نياءَ ڀرئي جوڙجڪ لاءِ وڙهي  سگهن- اُنهن مان جيڪي روحاني طور خالي ۽ سڃا آهن پر آپي ۽ اڀمان ۾ ڀريل آهن ۽ متل مانگر مڇن وانگر ٿونهيندا  ۽ هر شيءِ کي ڳڙڪائيندا وتن ٿا، ۽ پاڻ کي ماڻهن کان برتر ماڻهو سمجهن  ٿا ۽ سڏائين ٿا. اسان کي اُهي ماڻهو  پالڻا ۽ سُپاري وڏا ڪرڻا آهن، جيڪي ماڻهن جي حق ۾ انهن منڪرن کي، انهن ابليسن، قارونن ۽ فرعونن کي اُٿي منهن ڏين ۽ انهن جي سڄي مانڊاڻ کي مات ڪن.“

* انسان هميشه مستقبل جا خواب لڌا آهن، انهيءَ ئي ڪري سماجي مسئلا ۽ سياسي تضاد جيڪي حل نه ٿيا آهن، ۽ علم، تهذيب ۽ اقتصادي عمل جي سلسلن جا وڌندڙ دائرا ۽ اُنهيءَ آهر اُنهن تي  قابض پوڻ جون وڌندڙ مشڪلاتون ۽ صنعتي، سائنسي ۽ تڪنيڪي ترقيءَ جا اڀرندڙ نا پسنديده نتيجا ماڻهن کي مستقبل جي امڪانن تي سوچڻ لاءِ آماده ڪندا رهن ٿا ۽ اهڙن نون نون ۽ بنيادي قسم جي طريقن کي دريافت ڪرڻ لاءِ اتساهيندا رهن ٿا، جن سان موجود توڙي اڀرندڙ مشڪلاتن کي جيتي سگهجي ٿو، ۽ اِها ئي حال جي اٽل تقاضا آهي، جيڪا وري وري ۽ سدائين اسان کي پنهنجو توجهه مستقبل ڏانهن نيڻ تي مجبور ڪري ٿي.“

*” انسان جيڪو انسان ڏانهن ذميدار آهي، تنهن جو آدرش، اٽل مقصد ۽ سدا جيئري اون اڄ هيءَ آهي ته ماڻهن جي وچ ۾ امن، دوستي ۽ قوم جي وچ ۾ برابري ۽ سهڪار هجي.“

*”انسان سائنس ۽ صنعتڪاريءَ کي وڌائي ٿو، پر ادب ۽ فن خود انسان کي سڌاري ٿو. ٻي ڪا به شيءَ ڪانهي، جا اُنهن جي جاءِ وٺي سگهي، ۽ اِن ۾ ئي ادب ۽ فن جي اڻ- گهٽجندڙ اهميت موجود رهي ٿي- ۽ اِها ڳالهه اُنهن تي هڪ وڏي ذميداري پڻ عائد ڪري ٿي.“

*”ڪنهن ماڻهوءَ جي اخلاقي زوال پذيري ڏسي، دل مان درد ڀريل، نراس دانهن ئي نڪري سگهي ٿي.“

*” اي جوان، تون جو پنهنجي نوخيز وهيءَ مان نڪري، کهريءَ، تڪليفن ڀريءَ جوانيءَ ۾ قدم رکي رهيو آهين،  سفر ۾ پاڻ سان ڪجهه کڻ: تون سڀ انساني اُتساهه ۽ اُمنگ کڻي نڪر، رستي ۾ انهن کي ڇڏي نه ڏي، ڇو ته پوءِ اِهي تون ڪڏهن ميڙي نه سگهندين.“

*” اخلاق جو، اخلاقيات جو، اخلاقيات جو ويجهي کان ويجهو سٻنڌ ۽ وڌ کان وڌ تعلق وقت جي سڀ کان وڌ صالح ۽ ترقي پسند خيالن سان آهي.“

*” عزيز دوست، هن دنيا ۾ اسين  آندا ويا آهيون انهيءَ لاءِ نه ته تباهه ڪريون، ناس ڪريون؛ پر انهيءَ لاءِ ته هر شيءِ کي چڱائيءِ ڏانهن وٺي وڃون- خود اُن شيءِ کي به جيڪا ماڻهن برائيءَ ۾ بدلائي نابود ڪري ڇڏي آهي.“

*” روح جي قرابت خون جي  قرابت کان وڌيڪ اهم آهي، ۽ دک جي آواز ۽ پيار جي سڏ جو جواب سڀني انساني وصفن ۾ هڪ اعليٰ ترين وصف آهي.“

*” پڪيءَ وهيءَ جي ڏاڪي تي رسيل ڪو جوان مرد، ائين ڏسجي ڄڻ هو سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو آهي- مائٽ، دوست، زندگيءَ جو ذوق ۽ چاهه- ۽ هن جي اکين مان هن جي فقط بي خيالي ۽ بيزاري بکي رهي هجي، پنهنجي جسماني سالميت ۾ ئي هن کي ڪو ڀروسو نه رهيو هجي، ۽ هن جي وجود مان اندروني هڪ بي وقتي ٿڪاوٽ پَئي ڏسجي- ڄڻ پرانهينءَ ڪنهن دِس تان ايندي روح جي ڪنهن سفيد پيريءَ ۾  هو داخل ٿي ويو هجي- ڪا تازگي، ڪا پختگي هن ڄڻ ڏٺي ئي نه هئي- اِئين ۽ اِهو سڀ هُن سان خاص ٻئي ڪنهن سبب ٿيو هجي يا نه، پر هن جي پنهنجي اخلاقي زوال ۽ من جي سڃائيءَ سبب ته پڪ ئي پڪ هُن سان ائين ٿيل هوندو آهي.“

*” ماڻهوءَ جي اندر جي دنيا جي کوکلائپ ۽ خسيس پڻي کان وڌيڪ  زندگيءِ جي سانحن ۾ ٻيو ڪو سانحو ڪونهي.“

*” ماڻهوءَ جي عظيم  سگهه آهي سُڪي ٺوٺ ٿيڻ کان هن جو انڪار، يا ڦِري هن جو ڪو بيجان قالب  يا سانچو نه ٿي وڃڻ ته جيئن دنيا جي حماقتن ۽ سکڻاين جي پتلن ٺاهڻ تي ئي پاڻ کي وڃائيندو نه رهي. هر انسان ڄمندي خالق آهي ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي ميدان ۾ تخليقي طور ڪم ڪرڻ کپي- ته جيئن جو ڪجهه بهترين هن ۾ هو، اُهو هُن جي وڃڻ کان پوءِ به باقي رهي.“

* ڇا، انسان ئي سياست جو موضوع ۽ مقصد نه آهي؟ جڏهن اسين نوجوانن کي اُتساهيون ٿا ته زندگيءَ ڏانهن هو تعميري رويو رکن ته اِهو ئي ته اعليٰ سياست جو سچو موضوع آهي، اُنهن کي سياسي عمل ۾ شامل ڪرڻ جي اِهائي ته هڪ ڪوشش آهي.“

*” جيڪو شخص ماضيءَ کي ياد نٿو رکي، اُهو نه فقط ذهن کان محروم پر احسان جي شعور کان پڻ خالي آهي.“

*”اسين نه ته ٻيو ڀلا ڪير ’سياسي مسئلا کولي نوجوانن جي  آڏو رکندو- انهيءَ لاءِ ته هو ڪره ارض جي ۽ پنهنجي ديس جي تقدير تي ڪجهه سوچين.“

*” اسين پڙهندڙن کي سڀ کان اول، ڇا ٿا ڏيڻ گهرون؟

”سڀ کان اول- ڄاڻ معلومات. سچي ڄاڻ رکندڙ ماڻهو وڌيڪ ٻوڙو ۽ نابين نٿو رهي، هن جو ميڄالو ڪم ڪري ٿو. اِنهيءَ ڪري ئي اسين سَندَن ۽ دستاويزن جي تلاش کي ايتري اهميت ڏيون ٿا.“

*” اسين پنهنجن پڙهندڙن سان احوال ڪرڻ گهرون ٿا- خاص طرح نوجوانن سان: ڇو ته هو سٻاجها آهن، ذهين آهن، پنهنجي ڳالهه ڄاڻن ٿا، خوش مزاج آهن، انساني عيب ثواب جي ڪمين بيشين کي تسليم ڪن ٿا؛ ويساهه گهاتي، بزدلي، بي ايماني ۽ دولاب جهڙين بڇڙاين کان پري ڀڄن ٿا. اسين سندن اُنهن خصلتن جو قدر ڪريون ٿا- ڇاڪاڻ ته دنيا کي، اسان جي سماج کي، فضيلت ۽ سٻاجهائپ جي ضرورت آهي. اُنهن خصلتن سان هٿياربند ٿي، اسان جا نوجوان بديءَ جي خلاف جنگ ۾ پهرينءَ صف ۾ بيهي  وڙهن ٿا. ههڙا نيڪيءَ، اعتماد ۽ سچائيءَ جا پتلا ئي اسان جي ماڻهن کي شيهي وانگر ملائي هڪ ڪري بيهاريندا- ۽ جي ائين ٿيو، ته اسان جي ڪوشش ۽ اسان جي محنت ڄڻ ساب پيئي ۽ ڪامياب ٿي.“

*” سچ کان مٿي ڪا به شيءِ ڪانهي، ۽ ماڻهوءَ ۾ چڱائيءَ جي ايڏي وڏي جا طاقت آهي، هر ٻيءَ طاقت کان وڏي طاقت، انهيءَ ڪري سچ وڌي ٿو ۽ پچي راس ٿئي ٿو- ماڻهوءَ جي بُريءَ دل ۾ به- بشرطيڪ اُن جي ڇار ۾ سچ جي چڻنگ اُجهامي نه ويئي هجي.“

*” آءُ محسوس ٿو ڪريان ته اسان جي دؤر ۾ سياسي جدوجهدن کان هٽي پري ٿي بيهڻ هڪ وڏو انساني ڏوهه آهي.“

*”ادب جو اعصابي مرڪز ماڻهوءَ جي اخلاقي اصولن جي تلاش آهي- هن جي اَجيت روح جي تلاش، اندر جي تنگيءَ خلاف  هن جي بغاوت جي تلاش، چڱائيءَ جي اٽل ڪاميابيءَ ۾ هن جي ايمان جي تلاش.“

*”جڏهن سڀ اخلاقي  قوتون ماڻهوءَ ۾ جاڳن ٿيون، تڏهن هن جو ذهن اڳتي وڌي ٿو، ۽ پيار ۽ ڪهل وڌي هن جون سڀ کان املهه انساني صلاحيتون بنجي پون ٿيون.“

*”انساني زندگيءَ ۾ پيار کان اوچي ڪا شيءِ ڪانهي. ’پيار‘ جو لفظ سڀني ٻولين ۾ سڀ کان زياده سڳورو، سڀ کان زياده دلپسند لفظ سمجهيو وڃي ٿو. پيار انساني لاڳاپن جو نچوڙ آهي، امنگ آهي، روح آهي. اهو ماڻهوءَ کي جادوءَ جهڙو اتساهه ڏئي ٿو. سڀ کان پهرين ۽ سڀ کان اڳ، اُهو نئين زندگيءَ کي ابتدا بخشي ٿو.“

*” انسانن جو هڪ نسل گذري ٿو وڃي ۽ ٻيو نسل  اچي ٿو پر پيار هڪ سدا جيئرو سٻنڌ آهي، ۽ اهو انسان ذات جي مڙني نسلن کي ڳنڍي هڪ ڪري ڇڏي ٿو.“

*”هر شيءِ ۾ هر هنڌ اسان کي صاف گوئيءَ ۽ پوريءَ ديانتداريءَ اسان پنهنجي جوان نسل کي هڪ خيال سان، هڪ خبر کان، واقعف رکڻو آهي: اوهان جي آڏو وڏي هڪ جاکوڙ، وڏو هڪ ڪشالو موجود آهي.“

* روشنيءَ جي مشعل، جيڪا اڄ اسان جي هٿ ۾ آهي، اسان کي انقلابين، عالمن ۽ سائنسدانن، ۽ شاعرن وڌي هٿ ۾ ڏني آهي- جيڪي ڏاها ماڻهو هئا، ۽ چڱا ماڻهو هئا- ۽ هو اَنهيءَ ڪري کاهوڙي بڻيا هئا، جو کين عقل جا ۽ نيڪيءَ جا آدرش بچائڻا هئا. هو ٺلها کاهوڙي نه هئا: پر هو ماڻهوءَ جي سک ۽ ماڻهوءَ جي خوشيءَ ۽ خير جا جاکوڙي ۽  جهونجهار هئا.“

*” نرملتا، ڪهل ۽ چيتنتا (حِسيت) کي ڪڏهن  ’ارادي جي هيڻائي‘ نٿو چئي سگهجي. اڄ جي گهڻ – روپي ۽ چنچل دنيا ۾، جيڪا سدا بدلجندي رهي ٿي، اسان کي اهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي، جيڪي سٺا، کرا ۽ سُپهتا اسريل هجن- جن ۾ خيال جي پختگي ۽ اخلاقي جرئت هجي، ۽ جن جون دليون دک- ڄاڻندڙ ۽ سڏ اونائندڙ هجن- اهڙيون دردمند ۽ ڀڄي پوندڙ جَهڙيون انساني دليون شايد اڳ ڪڏهن نه هيون.“

*” اسان جو زمانو دنيا جي هڪ سچيءَ پچيءَ ۽ سڀ تي محيط انقلابي ڪايا پلٽ جو زمانو آهي- اُهو هڪ زمانو جڏهن ماڻهو هڪ اصلي ۽ لازمي نئين عالمي نظريي ۽ زندگيءَ جي هڪ نئين فهم ۽ نئين ادارڪ جو اعلان ڪري رهيو آهي.

*” انعام ڪمن لاءِ آهن، پر ڪم انعامن لاءِ نه آهن. سڀ سنجيده ڪم، جن سان يا جن جي ڪري دنيا هلندي رهي ٿي، اِنهيءَ لاءِ ڪو نه ٿا ڪيا وڃن ته وڏائي ٿئي، واکاڻ ٿئي يا پوڄا ٿئي. وڏائي پوءِ ٿي ٿئي، ۽ تسليميءَ ۽ احسانمنديءَ جي موٽ به پوءِ ٿي اچي- اُنهيءَ لاءِ جيڪو حوصلي ۽ همت ڀريءَ انسانيت جو مثال قائم ٿو ڪري.“

*”ڪي ماڻهو چوندا آهن: مون کي ڪو ڀانئين يا نه ڀانئين، پر مون کان هنن کي ڊڄڻ گهرجي- بس!

”جيڪي ماڻهو اِنهيءِ  سادي ۽ ٺوٺ نسخي ۾ اعتقاد رکن ٿا تن کان تحقيق ماڻهو ڊڄن به ٿا، پر اُهي سڀ ڌڪاريا به وڃن ٿا. ڪٺورتا جي جواب ۾ ڪڏهن به عزت يا پريم ڪو نه ٿو ملي، ۽ ڊپ جيڪو ڪٺورتا جاڳائي ٿي سو به سدائين نٿو رهي، اُهو گذريو وڃي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو ڊپ ڪندي ڪندي ٿڪجي پون ٿا. پر ڪنهن جي مڃتا کان، ڪنهن کي ڀانئڻ کان ڪنهن جي عزت ڪرڻ کان ڪو به ڪڏهن نه ٿو ٿڪجي.“

*” هڪ سچو استاد، ڪاريگر يا ماهر پنهنجي برتريءَ سان ڪنهن کي به ڪڏهن گهٽ ڪو نه ٿو ڪري. اُن جي بدران هو ٻين ۾ کانئس گوءِ کڻڻ جي خواهش اڀاري ٿو، رواجي سطح کان مٿي اڀرڻ جي، پاڻ ۾ نون ممڪنات جي دريافت ڪرڻ جي.“

* دنيا ۾ خود پسنديءَ جهڙي، خودخوابيءَ جهڙي هولناڪ شيءِ ٻي ڪانهي. سنجيده زندگيءَ، حيرتناڪ زندگيءَ جو سڄو جوهر اِنهن لفظن ۾ چڪيل آهي. پنهنجي پاڻ کان ناراضگي ئي اڪيلي شيءِ آهي، جا روحن کي ڌونڌاڙي ٿي- جي فطرت جا باڪمال عطيا آهن. ۽ انسان جي ترقيءَ ۾ روح جون  ڪي حدون ۽ ڪي ڇيهه ئي ڪو نه آهن.“

*” ڪنهن ماڻهو جي اصل وٿ، اِن  مان ڪا نه ٿي مقرر ٿئي ته هن ۾ ڪيترو رنگ چڱن گڻن جو آهي پر هن جي ڪم مان مقرر ٿئي  ٿي؛ اُن ۾ هن جي مهارت مان، اُن ۾ هو ڪيترو اُتساهه وٺي ٿو،  تنهن مان. آءُ سمجهان ٿو ته هر زبان ۾ سڀ کان وڌيڪ عزت ڀريا جيڪي لفظ آهن تن مان هڪڙو لفظ آهي ’استاد‘ ’ڪاريگر‘، ’ماهر‘، جيڪو ئي عزت ۽ قدر جي علامت به ليکجي ٿو.“

* ”ڊپ  جي بنياد تي ڪو به اختيار يا ڪا به حاڪمي قائم نٿي ٿئي. ماڻهن جي وچ  ۾ ڊپ جو تعلق سڀ کان وڌيڪ غير فطري شيءِ آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ مشڪل به. ٻن استادن جي وچ ۾ جن کان هڪ کان شاگرد رڳو ڊڄن ٿا ۽ ٻئي کان ڊڄن ٿا ته ناراض نه ٿي پوي، ٻئي نمبر وارو استاد بهتر ماڻهو ليکي سگهبو.“

* ” جيئن خيال ماڻهن کان ٻاهر وجود نٿا رکن تيئن ماڻهو به خيالن جي ٻاهر وجود ڪو نه ٿا رکن.“

*”ماڻهوءَ لاءِ لازم آهي ته اڳتي وڌڻ لاءِ هن جي آڏو ڪو آدرش هجي، ڪو اعليٰ مقصد هجي- يعني هر اُن ماڻهوءَ لاءِ، جيڪو  هوا جي رخ سان ڌڪبو اڳتي ڪو نه ٿو وڃي، پر شعوري طور پنهنجي وجود کي وس ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. در اصل ڪو به وجود ثابت قدميءَ کان سواءِ ناممڪن  آهي، ۽ ماڻهوءَ لاءِ سڀ کان وڏي ثابت قدمي ڪنهن اعليٰ مثال جي قوت سان ئي هجي سگهي ٿي، جنهن جي پيروي هو پوري يقين سان ڪري، ۽  نه محض ڪنهن حڪم يا فرمان هيٺ.“

*” منهنجو عقيدو آهي ته نراسائي، ۽ بي همٿي ۽ البيلائي ماڻهوءَ تي حاوي تڏهن ٿين ٿيون، جڏهن اخلاقي مثال هن جي ذهن کان اوجهل ٿين ٿا، ڪو فڪري جهلو هُن وٽ نٿو رهي، جڏهن ڪنهن ۾ هُن جو ايمان نٿو رهي؛ ۽ پنهنجن عملن جي هو  ٻين جي عملن سان تورتڪ نٿو ڪري.“

*” اُوچو سُڪونُ، جيڪو  خوشيءَ جو بدل آهي، اُهو شعور آهي، اُهو احساس  آهي، ته تون اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ ويٺل آهين، جن جي عملن ۽ راين مان تون زندگيءَ  جي جدوجهد لاءِ سرت ۽ سگهه حاصل ڪري سگهين ٿو.“

* ”اسان جا اُمنگ ۽ اُڌما، ۽ اسان جي سڄي جاکوڙ اسان کي اسان جي وڏن کان ورثي ۾ مليا آهن.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org