سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: مُٺ مُٺ موتين جي

باب: --

صفحو : 6 

 

 پاڪستان جادوگرن جو ديس

- پياري بيوٽريس! نه، هي احوال گهوماٽيون پائيندڙ درويشن جو، يا جوڳين جو، يا پاڻيءَ مٿان پير رکي گهمڻ جي دعويدارن، يا رسيءَ تي هلي سگهندڙ هندوستاني بازيگرن جو ڪونهي. هيءَ ڳالهه اُنهن ماڻهن سان به گهٽ واسطو ٿي رکي، جيڪي ڊگها لڙڪندڙ ڪوٽ، اُوچا ٽوپلا ۽ سفيد دستانا پائي،  اسٽيج تي ايندا آهن ۽ هرک هاريندڙ زائفائن کي بيهوش ڪندا آهن. آکاڻي اُنهن ناٽڪن سان به گهٽ واسطو  رکي ٿي، جن کي وڊيو جي زماني کان اڳ، ڪنهن شام ٻارن جي ڄنڊاپٽ کان پاڻُ بچائڻ لاءِ وندر خاطر گهرائبو هو. هاڻي تون پڪ ئي پڪ پڇندينءَ  ته نيٺ ڳالهه آهي ڀلا ڪنهن جي؟ ڀلوڙ سوال ڪيو اٿئي ۽ ڀلوڙ سوال جو جواب به اهڙو ئي ڀلوڙ هجڻ کپي. اِن صورت ۾ اهو ڪجهه هن ريت ٿي سگهي ٿو:

پاڪستان جادوگرن جو ملڪ اٿيئي! ٻي ڳالهه ته هيءُ اهڙو ملڪ آهي، جنهن ۾ جادوءَ  کي بالغن جو ڪاروبار سمجهيو ويندو آهي، يعني ته اسين پنهنجي جادوگريءَ کي ايڏي  ته اهميت ڏيندا آهيون، جو اُن کي رڳو ٻارن ريجهائڻ جهڙي سولڙي ترڪتال جي شڪل ۾ ضايع ڪو نه ٿا ڪيون. گهڻو گهڻو اڳي، اسان محسوس ڪيو هو ته ائين هڪڙي نموني جادگريءَ کي استعمال ڪري، جيڪڏهن اسين ڪو عام گناهه نه ته هڪ شرمناڪ غلطي ئي ڪري ويهنداسون. ان ڪري پاڪستان ۾ جادوءَ جو مٿڀرو مقصد آهي(ڳالهه ٻڌڻ کان ڪجهه ترس!) ته اُن سان قومي مسئلا حل ڪيا وڃن.   اِها ڳالهه تڏهن واضع ٿئي ٿي، جڏهن اسين پنهنجي جادگرن جي اٽڪلن ۽ هٿ ناٽن تي نظر وجهون ٿا، جيڪي ڏاڍي پختائيءَ سان قومي زندگيءَ ۾ ورهين جا ورهيه هو ڏيکاريندا  پئي رهيا آهن.

 

”معيشت زور آهي“ وارو هٿ ناٽ

اسان جو ملڪ اهڙو ملڪ آهي، جتي درآمد چوٽ تي چڙهي وڃي ستن بلين ڊالرن کي پهتي آهي ( ۽ اڃا چڙهي رهي آهي)،۽ اسان جا بر آمدات 247 بلين تائين مس پهتا آهن. (۽ اتي ذري گهٽ ڄمي بيٺا آهن). اسان جي هي ڪس آمدني پنجاهه ڊالر آهي(دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ آمدني مان هڪ)، قومي بچت جي شرح آمدنيءَ جي 7 سيڪڙي کان به گهٽ آهي (وري به دنيا اندر گهٽ ۾ گهٽ هجڻ وارن ۾ شامل، ۽ اڃا ڪرندڙ)،۽ رپيو جنوري 1982ع ۾ آمريڪي ڊالر کان ڇڄي ڌار ٿيڻ کانپوءِ چاليهه سيڪرو تائين ’گهٽائي چڪو آهي، ۽ موڪل اٿس ته، سرڪاري ٻوليءَ ۾، اُهو  اڃا به ”ترڻ واريءَ حالت“ ۾ وهندو هلي- جيتوڻيڪ اُن لاءِ اِها ”ٻڏڻ واري حالت“ چوڻ وڌيڪ موزون اصطلاح ٿي سگهي ٿو.

۽ ڳالهه ڪا اِتي ته ڪا نه ٿي کٽي. پاڪستان ۾ في پورهيت صنعتي پيدوار وري به (ٻيو ڇا چئجي؟) دنيا جي گهٽ ۾ گهٽ پيداوار منجهان هڪ آهي. ڪجهه سال اڳ ڪيل هڪ بين الاقوامي اڀياس ٻين ڳالهين سان گڏ اِها ڳالهه به پڌري ڪئي هئي ته پاڪستان ۾ پورهيت (مرد) جي پيدوار سراسري طور ڀيٽ ڪرڻ سان جپاني پورهيت(عورت) جي سراسري پيداوار جي ”هڪ ڀاڱي چار“ جي برابر آهي. ٻين لفظن  ۾ هڪ مقرر وقت اندر ڪنهن صنعتي مال تيار ڪرڻ ۾ چار پاڪستاني ايترو وقت وٺندا جيترو هڪ جپانڻ! بهر حال، هن خط ۾ تو کي اهو ٻڌائڻ ضروري ڪونهي ته هيءَ صورتحال اسان وٽ اُجرتن وارين پاليسين کي بدلائڻ يا پيداوار کي وڌائڻ ۽ پورهيتن کي تربيت ڏيڻ لاءِ ڪا سوچ پيدا نه ڪري سگهي آهي، ته جيئن اسان جي صنعتي پيدوار وڌي سگهي.

هاڻي اچي ٿو زرعي پيداوار جو وارو. مثال  طور ڪجهه سال اڳ، جڏهن پاڪستان في ايڪڙ ڪمند جي پيداوار جي لحاظ کان ڇهين نمبر تي هو، ڏٺو ويو هو ته ڪل سالياني ڪمند جي مقداريءَ پيداوارن جي حوالي سان پاڪستان اصل ۾ ارڙهين نمبر کان مٿي ڪو نه هو. پاڻ  ٻين زرعي پيداواري خرچن تي اِمداد جڏهانڪر بند ڪئي ويئي آهي، تڏهان ڪر ڪمند جي صورتحال ڪا خاص ڪا نه سڌري آهي. ۽ هاڻي وري ٻي خوشخبري ملي آهي ته اسين خبرن سان ڪڻڪ ٻيهر در آمد ڪرڻ جي حيثيت حاصل ڪري ويا  آهيون. هيلوڪي  سال ڏهه لک ٽنن جو مقدار ٻڌايو پيو وڃي.

سو، ههڙي صورتحال ۾ تون هوند ڇا ڪرين؟  ڪري به ڇا ٿو سگهجي، جڏهن ملڪ  پندرهن بلين ڊالر پرڏيهي قرض ۾ گتو پيو هجي (جيڪو سال بسال اَڃا چڙهندو پيو وڃي)، جڏهن(هيلتائين) اَڍائي بلين ڊالرن جي لاڳت وارو رڪ  جو ڪارخانو هجي ۽ ان جي پيدواري صلاحيت اِئين هجي ته ذيلي صنعتن نه هجڻ ڪري اُن جي اڌو اڌ پيداوار لاءِ ڏيهي مارڪيٽ ئي موجود نه هجي-  اهڙيون ذيلي صنعتون جن جي تفصيلي رٿا بندي ئي اڃا نه ڪئي ويئي هجي، ۽ جنهن ڪارخاني جي مڪمل ٿيڻ ۾ اڃا ورهيه کپن ۽ کربين ڊالر پڻ: ته اِن صورت ۾ ڇا ٿو ڪري سگهجي؟

۽ پوءِ اِتي اچي ٿو، ” معيشت زور آهي“ وارو هٿ ناٽ. اڳيان وڌي اچي ٿو خزاني وارو  وزير بجيٽ کنيو، اِهو چوندي ته ههڙا ڪي تهڙا مسئلا آهن ضرور. پر بنيادي طور ملڪي معيشت جي هر کيتر ۾ ترقي ئي ترقي پيئي ٿئي، وغيره وغيره.“۽ جيڪڏهن ان ڳالهه جي ثابتي گهرجي ته خزاني وارو وزير اِها دعويٰ کنيو بيٺو آهي ته ”پاڪستاني ماڻهو دنيا جي ٻيءَ اَڌ خلق کان وڌيڪ سکيا آهن.“ اُن جواب سان ٻئي سال جي بجيٽ تقرير تائين هليو هلبو، ۽ اُن کانپوءِ واري ٻي بجيٽ، وري اُن کان پوءِ جيءَ ۽ اُن ريت ۽ اُن سلسلي سان هر ڪنهن جو وات بند ٿيو وڃي. هاڻي، جڏهن  ته معيشت زوران زور آهي ۽ اڳتي ۽ اڳتي وڌندي پيئي وڃي، ۽ دونهان ڪڍندي ۽ ڪوڪون ڪندي اڳتي پيئي وڃي،............. ته خزاني واري وزير کان هيءُ سوال پڇڻ ته ”دنيا جي باقي اَڌ خلق وٽ ڇا ٿي رهيو آهي؟“ نه رڳو اسان جي طرفان بي مورتيءَ وارو سوال ڳڻبو، پر اُن مان وزير صاحب وٽ اسان جي وطن دشمني ئي ثابت ٿيندي.

 

”هر ڪنهن جي هڪجهڙيءَ ترقي“ وارو هٿ ناٽ:

جيئن ته لاف هڻندي اسين ٿڪجندا ئي ناهيون، اسان جو ملڪ” ملڪ جي سڀني حصن ۽ آباديءَ جي سمورن طبقن جي هڪ جهڙيءَ ترقيءَ واري  اعليٰ اُصول“ تي ڪاربند آهي. اهو اُصول نه رڳو آهي اعليٰ ۽ اُتم آهي پر عملي طور اهو اسان جو مقدس ايمان به آهي. اسان جو ريڊيو ۽ ٽي- وي اُن کي ورجائيو پيا ورجائين، اسان جا ترجمان اُن کي واکاڻيندي نه ٿا ٿڪجن، ۽ اسان جون قومي رٿائون سڀ اُن ئي اُصول تي ٻڌل آهن. اُن  ”سچيءَ تشهير“ هوندي به ڪجهه اهڙيون اڻ- حقيقتون به آهن، جن کي رد نه ٿو ڪري سگهجي.

اهو ئي ڪارڻ آهي، جو مون چيو پئي ته ٻارؤ!....... نه نه، دوستؤ! پاڪستان ۾ 32 هزار ڳوٺ آهن، جن کي بجلي ڪانهي، ستر سيڪڙو ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ڪونهي، ڪروڙين ماڻهو گندين آبادين ۾ رهيا پيا آهن، ٽيهه سيڪڙو کن ماڻهو مڙيوئي جيئرا آهن ۽  مفلسيءَ واريءَ حد کان هيٺ جي زندگي گهاري رهيا  آهن: لکين اهڙا آهن جيڪي رڳي ڪا ٿورڙي ئي بهتر زندگي گهارين ٿا: صحت جون جديد سهولتون اڌ جيترن ماڻهن کي به حاصل ناهن ۽  پڙهيلن جي شرح 27 سيڪڙي کان مٿي ڪانهي اڄ به ڳالهه هيءَ آهي ته خواندگيءَ جي سالياني شرح گذريل ڏهن سالن کان هر سال ڏهائي ڇهه في سيڪڙو کان ڪا نه ٿي وڌي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته جيڪڏهن خواندگيءَ جي شرح اُن رفتار سان وڌندي رهي، ته اسان جي آدم کي پوريءَ طرح پڙهيل لکيل هجڻ لاءِ اڃا 146 سال لڳڻا آهن! سو هاڻي ڪير ڇا ٿو ڪري سگهي؟

هاڻي، تون اسان جي ”هر ڪنهن لاءِ هڪ  جهڙيءَ ترقيءَ“ جي هٿ ناٽ واري مکيه پيشيور رٿابندي وزير کي ئي کڻي ڏس. هو فورن چرپر ۾ اچي ٿو وڃي، ۽ ملڪ جي ڊگهائي ۽ ويڪرائي ڦاڪن جا چڪر هڻڻ شروع ٿو ڪري، ۽ هر اُن ماڻهوءَ کي جيڪو کيس ڪن  ڏيئي ٻڌي ٿو ، اهو پيغام پهچائيندو پيو وڃي ته ”هر ڪنهن لاءِ هڪ جهڙي ترقي“ پيئي ڪرائي وڃي. هو ”غريبن لاءِ سماجي تحفظ جي ڄار“ جي ڳالهه به ٿو ڪري. جيڪو بيٺڪي ذهنيت رکندڙ ڪامورا شاهي وڏي پيماني تي اِن معنيٰ ۾ اُڇلائي رهي آهي ته شاهوڪار ڀل پيا مال کائين.۽  غريبن تي ”سلامتيءَ جو ڄار“ پيو هجي.

هو ويچارو ترقيءَ ”واري عمل جي بنيادي ڍانچي جي تبديلين“ جي ڳالهه به ڪري ٿو، جيڪا سٺي ته لڳي ٿي، پر ان جو مفهوم ڇا آهي؟ هو ”آهستي آهستي اثر ظاهر ڪندڙ ترقيءَ“ جون به ڳالهيون ٿو ڪري، پر اُن آهستي آهستي ٿيندڙ ترقيءَ  جو اثر، جيڪڏهن ڪو ٿئي ٿو، ته غريب ۽ ضرورتمند تي ته بنهه ڪو نه ٿو ٿئي.هو ”معنيٰ ڀريل، ڳالهيون ڪندڙ ۽ ”نيڪنيتيءَ“ وارو ماڻهو آهي ۽ هر ڪنهن کي ڳالهه سمجهائي  به ٿو، ۽ اهو ئي سبب  آهي، جو اسين مٿس ڀروسو ڪندا پيا هلون. اچو ته اهو به وسهون ته اسين آهيون جادوءَ جا بکيا، ۽ ٻين لفظن ۾، اسين ڀلا پنهنجن جادوگرن کان سواءِ ڇا ڪنداسون ۽ ڪري به ڇا ٿا  سگهون؟ نيڪ تمنائن سان، ڪليم عمر

(25- 1- 1982ع)  [اسٽار 20- 9- 1984  جي ٿورن سان- ا. س]

 

انصاريءَ جي شان ۾

- مولانا ظفر احمد انصاريءَ جو 2 آگسٽ تي ٽيليويزن تان نشر ٿيل انٽرويو نه فقط هر پاڪستاني عورت پر هر باشعور ۽ ذهين پاڪستاني مرد لاءِ توهين جو باعث آهي. انٽرويو دوران پڇيل سوال نهايت واضح، صاف ۽ اهم هئا. جتي مولانا وٽ ڪو جواب ڪو نه هو، اُتي هن ڄاڻي واڻي ڏيڻ کان پاسو ٿي ڪيو. ڇاڪاڻ ته مولانا پنهنجي نالي پويان قائم ٿيل تجويزن واريءَ ڪميشن ۾، پنهنجي بد ذهنيت جو مظاهرو ڪندي، اسلام جو غلط استعمال ڪيو آهي.

ڇا، مولانا کي پنهنجي سر  1973ع واري دستور ۾ ترميم جو اختيار آهي، ڇو ته هن 1973ع اري دستور تي پنهنجيءَ مرضيءَ  سان صحيح ڪئي آهي؟ ڇا، ان وقت کيس دستور ۾ شامل انهن قلمن جي ڄاڻ نه هئي، جن جي باري ۾ هاڻي اسلام جي منافي  هجڻ جي دعوا ڪري ٿو؟ ۽ ڇا، پاڻ انهن مشهور عالمن مان هڪ نه هو، جن مس فاطمه جناح جي صدارتي اميدوار بيهڻ واري معاملي  ۾ سندس حق ۾ فتوا ڏني هئي؟ ڇا، مولانا حڪومت جي پاليسين موجب هر اسلامي اصول ۾ پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ڦيرو آڻيندو ۽ ترميم ڪندو؟

دستور ڪنهن به ملڪ لاءِ هڪ مقدس دستاويز  هوندو آهي ۽ پاڪستان جي هن دستور سان سندس هٿچراند پاڪستاني عوام جي راءِ ۽ مرضيءَ سان هٿ چراند آهي. نه فقط ايترو، پر بنيادي انساني حق جيڪي اسلام ڏنا، انهن سان به ٺٺول آهي. سياسي مقصدن لاءِ مذهب جي استعمال ذريعي شهرين جي حقن کي دٻائڻ، سو اُنهن ماڻهن جي ذهني ڏيوالڻي جو ثبوت آهي، جن کي اثر رسوخ ڪري وڏا عهدا مليا آهن.

 ڇا اسان کي عورت جي ذهني گهٽتائيءَ  جي سلسلي ۾ اُها طبي بَڪ به ٻڌڻي آهي، جنهن موجب 45 کان 50 سالن واري عورت سياسي ميدان ۾ حصي وٺڻ جي صلاحيت  نٿي رکي سگهي؟ يقيناً، مولانا جسماني جوڙجڪ جي ڏس ۾ خدا سان جهيڙو ڪري نٿو سگهي، جنهن فطرت جي اصول تحت سندس سونهاري به سفيد ڪري ڇڏي آهي.

وڌيڪ بحث ڪندي، مولانا صاحب فرمائي ٿو، ته ”اسان جي تباهيءَ جو ڪارڻ عورت جو گهر کان ٻاهر نڪرندي، مردن جي دنيا ۾ ڪم ڪرڻ آهي.“ ڇا، مولانا کان انهن عورتن جا نالا وسري ويا آهن. جن پنهنجي پوريءَ زندگي خلق جي خدمت لاءِ وقف ڪئي هئي. جهڙوڪ حضرت خديجه، بيبي رابعه بصري، زبيده، رضيه سلطانه وغيره. ڇا، مولانا اُنهن ۽ ٻين هزارين عورتن جي محنتن تي پاڻي ڦيريندو، جن انسان ذات جي ترقيءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ ڪوششون ورتيون؟

 اهڙو ڪو به مثال اسان کي نٿو ملي، جنهن مان اِن صورت ۾  عوامي گهرو زندگيءَ تي خراب اثرن جي نشاندهي ٿئي.

مولانا جو اهو ورجاءُ ته عورت پنهنجي عبادت ۽ اسلامي فرضن جي ادائگيءَ جي سلسلي ۾ به پنهنجي مڙس کان اجازت وٺي، نهايت فضول آهي.

اسين اهو معاملو اسلام جي حقيقي رکوالن جي سپرد ڪريون  ٿا ته اهڙي ڪفر جي خلاف ڪو قدم کڻن.

۽ پڇاڙيءَ ۾ اسين پاڪستان ٽيليويزن جو ٿورو ادا ڪنديونسين: جيڪا اهڙي قسم جي نام نهاد، رجعت پسند ذهنيت رکندڙ عالمن کي پڌري پٽ عوام اڳيان آڻي، سندن اکيون کولي ٿي، ۽ سندن ناپاڪ ارادن کان عوام کي واقف ڪرائي ٿي.

(30 -8- 1984ع – شهناز وزير علي ۽ ياسمين سهگل، لاهور.

[”ويو پوائنٽ،“ 23 آگسٽ 1984ع – ش. ا. ح]

 

عوامي سائنس تحريڪ

 مون کي ويجهڙ ۾ ئي ڪيرالا (انڊيا جي بي لوث دانشورن جي هڪ ٽولي جي خبر پيئي آهي، جن سائنس جي ڦهلاءَ ذريعي پنهنجي ماڻهن جي شعور جي سطح وڌائڻ جي تمام ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي، انهن جا خيال تمام آسانيءَ سان پاڪستان ۾ به آڻي ۽ پکيڙي سگهجن ٿا، پر شرط آهي ته همخيال ماڻهن جو چڱو خاصو تعداد پاڻ ۾ گڏجي، بنان ڪنهن ذاتي غرض جي، ۽ اُتساهه سان ڪم ڪري.

آءُ هتي بنيادي طور تي ڪيرالا گروپ جي تجربن تي مشتمل، ۽ انهن مان  ڪجهه پنهنجا خيال شامل ڪندي، اُنهيءَ تحريڪ جو خاڪو پيش ڪريان ٿو.

”ڪيرالا عوامي سائنس تحريڪ“، 22 سال اڳ، ”ڪيرالا شاستر سباهيد پريشد“ (ڪشسپ جي اڳواڻي ۾  دانشورن جي هڪ ٽولي شروع ڪئي هئي. اُن تحريڪ کي ڪتابن ۽ اخباري مضمونن ذريعي مقبول عام بنائڻ جي تمام وڏي ذميواري  پنهنجن ڪلهن تي کنئي هئي. اُها تحريڪ اڄ سماج جي تقريباً سڀني طبقن سان تعلق  رکندڙ مختلف ڌنڌن ۽ هنرن جي 8 هزار کان مٿي ماڻهن تي مشتمل هڪ تمام وڏيءَ عوامي تنظيم ۾ تبديل ٿي ويئي آهي.

”ڪشسپ“ جي سرگرمين کي ٿلهي ليکي هيٺين ڀاڳن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

(1) اشاعت، (2) غير رسمي تعليم، (3) رسمي تعليم، (4) ڳوٺاڻو سائنسي فورم، (5) فطري مظاهر ۽ ماهول جو اڀياس، (6)  صحت، (7) فن ۽ سائنس، (8) عورتن ۽ ٻارن جو شعبو.

سائنس کي عام ڪرڻ لاءِ ڪتابن ۽ رسالن جي ڇپائي ۽ انهن جو ڦهلاءُ ۽ سماج جي مڙني حصن ۾ سائنسي نقطي نظر پيدا ڪرڻ، هن تحريڪ جو بنيادي مقصد ليکيو وڃي ٿو. (ان قسم جي رخ ۽ رويي جي اسان جي ماڻهن ۽ خاص طور تي اسان جي رٿا بنديءَ جي ماهرن ۾ غير موجودگيءَ جي نشاندهي ”ڊان“ جي 13 فيبروري 1984 واريءَ مئگزين ۾ ڊاڪٽر  پرويز هود ڀائيءَ جي ڇپيل هڪ مضمون ۾ تمام چٽي نموني ڪئي ويئي آهي.)

’ڪشسپ‘ سائنس  جا ڇهه ماهوار عام فهم رسالا ماڻهن جي هر طبقي لاءِ، ٻارن کان ٻڍن تائين جي پڙهڻ لاءِ، مهيا ڪري ٿي. ٻارن جي رسالي جي اشاعت 30 هزار آهي!گڏوگڏ 400  ڪتاب پڻ ڇپيا ويا آهن، جن مان ڪن جي اشاعت 15000 ڪاپين تائين پهتل آهي. پاڪستان ۾ موجود سائنس سوسائٽين کي انفرادي طور تي يا گڏجي عام  فهم سائنسي ادب تمام گهٽ قيمت تي ائين مهيا ڪرڻ کپي.  جنهن اشاعتي پروگرام ۾ هڪ هڪ رسالي جي قميت ٻن روپين کان ڪنهن به نموني مٿي نه هئڻ کپي.

”ڪشسپ“ پنهنجي ڇپايل مواد جي ورهاست جي جوابداري پاڻ ئي پوري ڪري ٿي، ۽ ان ۾ سندس شاخون پوريءَ طرح مددگار ٿين ٿيون. شاخن کي ڪتابن ۽ رسالن تي ملندِڙ ڪميشن سندن ضروري خرچ پکي لاءِ استعمال ٿئي ٿي.  خرچ پکي لاءِ پئسن حاصل ڪرڻ جو اهو خودڪار طريقو شاخ کي پنهنجي عملي لاءِ ٻين هنڌان اضافي پئسن حاصل ڪرڻ جي ضرورت کان بچائي ٿو.

”ڪشسپ“ جي غير رسمي سرگرمين جو ميدان تمام وسيع آهي، انهن ۾ ماڻهن جون عام گڏجاڻيون ڪوٺائڻ،  جن ۾ ”فطرت، سائنس ۽ سماج“، ”کاپي جون شيون“، ”علائقي جا وسيلا“، وغيره وغيره جهڙا موضوع بحث هيٺ آندا وڃن ٿا. انهن گڏجاڻين جون جڳهيون اسڪولن جا ڪمرا، ڳوٺاڻيون، اوطاقون، يا اهڙي قسم جون ٻيون جايون  هجن ٿيون، جتي به سکيا ۾ حصو وٺندڙ آسانيءَ سان پهچي سگهن. ’ڪشسپ‘  سائنس مرڪزن قائم ڪرڻ جو تمام وڏو منصوبو هٿ ۾ کنيو آهي، جتي  ماڻهو اچن ۽ ماڊلن ۽ معلوماتي چارٽن وسيلي سائنس جي بنيادي متن کي سمجهي سگهن.

پاڪستان ۾ لاهور ۾ اهڙن ئي اصولن تي ائين ماڊلن ذريعي سائنس کي سمجهڻ لاءِ ”سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ وارو قومي ميوزم“ قائم  آهي ۽  ڪم ڪري ٿو. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته اهڙا مرڪز ٻين شهرن ۾ پڻ قائم ڪيا وڃن.

سائنسي سکيا لاءِ اهڙيون غير رسمي سرگرميون ٽيڪنالاجيءَ جي ماهرن ۽ هنرمندن، موسيقيءَ جي ڄاڻن، لوڪ ڳائڻ ۽ اهڙن ئي ٻين گروهن جي وچ ۾ رابطي جو ۽ تمام نتيجي خيز باهمي عمل جو سبب بنجي سگهن ٿيون. جيڪي هونئن هڪ ٻئي کان الڳ الڳ رهن ٿا ۽ پنهنجو پنهنجو ڪم ڪندا رهن ٿا. هالا (سنڌ) جي ڪاشيءَ جي ٿانون ٺهڻ جو  مثال وٺو، جتي جا پراڻا هنر مند اڃا تائين صديون جهونا طريقا استعمال ڪندا  ٿا اچن. انهن شين ۾ ۽ ڪم جي طريقن ۾ تمام گهڻو سڌارو اچي سگهجي ٿو. جيڪڏهن هنن قديم ماهر هنرمندن ۽ موجوده جديد سڌارڪ سماجي ماهرن جي وچ ۾ تعاون ۽ تقسيم ڪار کي ممڪن بڻائجي. ساڳي ڳالهه سنڌي موسيقي سان به لاڳو ٿئي ٿي، جنهن کي  مغربي يا ڪنهن ٻيءَ موسيقيءَ ڇهيو  به نه آهي. جديد موسيقارن سان باهمي سهڪاري عمل جي نتيجي ۾ موسيقيءَ  جون اهي پراڻيون ڌارائون پرجوش جديد موسيقيءَ ۾ تبديل ٿي سگهن ٿيون ۽ پنهنجي ڪلاسيڪي روايت به قائم رکي سگهن ٿيون. سنڌي موسيقي هيلتائين اڃا تحرير هيٺ ئي نه آئي آهي، جنهن مسئلي  کي به ائين حل ڪري سگهجي ٿو.

”ڪشسپ“ اسڪولن ۾’ڪوئيز‘ مقابلا ڪرائي ٿي، ۽ گڏوگڏ اسڪولن جي نصاب ۾ تبديليءَ ۽ سڌاري جون تجويزون  پڻ ڏئي ٿي.

’ڪشسپ‘ فطري ماحول ڏانهن ۽ اُن متعلق  پڻ وڏو ڌيان ۽ اونو رکي ٿي، ان سلسلي ۾ اُن ڪيترن ئي پروگرامن کي مرتب ڪرڻ، مثلاً وڻن پوکڻ، ۽ ماحول کي صنعتي آلائشن کان صاف رکڻ جي مهمن ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. هن تحريڪ ڪيترائي اهڙا پريشر (اثرائتا) گروپ پيدا ڪيا آهن، جيڪي شهرن جي چڱن مڙسن جو شهر جي ڀلائيءَ لاءِ خيال تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن.

’ڪشسپ‘ طرفان فطري ماحول ۽ حالتن تي لکيل تحقيقي مقالن کي عوام ۾ ورهاست ۽ بحث لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو.

’ڪشسپ‘جي ”صحت برگيڊ“ ماڻهن جو ڌيان موجوده صحت جي نظام جي استحصالي نوعيت ۽ خاص طور تي دوائن جي وڏين ڪمپنين طرفان ٺاهيل دائن جي مهانگين قيمتن طرف ڇڪائي ٿي، صحت ڪئمپن ۾ صحت جي عملي مسئلن  تي ڪلاس ٿين ٿا، جتي هر ڪو اچي سگهي ٿو، ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ حصو وٺي سگهي ٿو. ڳوٺاڻا اهڙن سائنسي مذاڪرن (ڪچهرين) ۾ پنهنجن مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن جي عقلي ۽ سائنسي حل تلاش ڪرڻ ۾ سرگرم حصو وٺن ٿا. مثال طور، مروج ٽيڪنالاجيءَ (هنر منديءَ) کي بهتر بنائڻ تي بحث ٿين ٿا، جن ۾ ڏاڍا ڪارائتا مسئلا ڇيڙجن ۽ نبيرجن ٿا.

’ڪشسپ‘ جو عوام تائين سائنس کي کڻي وڃڻ جو شايد سڀ کان تخليقي طريقو سائنسندانن ۽ فنڪارن جو پاڻ ۾ ميلاپ آهي. اهو هيئن ٿئي ٿو، جو سائنس جو پيغام کلئي پٽ ٿيندڙ ڊرامن، گيتن ۽ ناچن وسيلي عوام کي ڏنو وڃي ٿو.

فنڪار جن کي ’ڪشسپ ‘ تربيت ڏئي ٿي سي ثقافتي جٿن جي شڪل ۾ ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر وڃي، اهو ڪم ڪن ٿا. ان قسم جي ثقافتي سرگرمي عوام سان ويجهي لاڳاپي، ۽ ’ڪشسپ‘ جي ڇپايل مواد جي ورهاست ۽ معاشرتي ۽ معاشي مسئلن جي سڃاڻپ لاءِ عاليشان موقعو فراهم ڪري ٿي. ان قسم جي سرگرمي در اصل باهمي سهڪار ۽ عمل جو تمام طاقتور ذريعو آهي.

’ڪشسپ‘ سمجهي ٿي ته سماجي تبديليءَ جي ڪابه ڪوشش عورتن جي شامل ٿيڻ کان سواءِ بي معنيٰ ۽ مشڪل آهي. ان صورتحال جو احساس ڪندي، هاڻي شعوري طور تي ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته وڌ ۾ وڌ عورتن کي ’ڪشسپ‘ ۾ شامل ڪيو وڃي.

’ڪشسپ‘ کي اعتماد آهي ته پنهنجين عورت ميمبرن جي مدد سان عورتن جي مخصوص مسئلن تي هوءَ بهتر نموني ڌيان  ڏيڻ جي اهل ٿي سگهندي.

سنڌ يونيورسٽيءَ ڪئمپس ۾ 12 مئي 1984ع کان ملهائجندڙ سائنسي هفتو هن خطي ۾ ان قسم  جي سائنسي تحريڪ جو  بنياد بنجي سگهي ٿو، هي هفتو بي لوث شاگردن جي هڪ گروهه ۽ تعليمي ماهرن جي ڪوشش سان منعقد ٿيو آهي، جيڪي سائنس  ۽ سماج جي باهمي عمل کي بنيادي اهميت جي نظر  سان ڏسن ٿا. هتان انهي قسم جي سائنسي تحريڪ جي شروع ٿيڻ جا امڪان، هن جڳهه جي تمام عمومي محل وقوع کي نظر ۾ رکندي، تمام روشن نظر اچن ٿا: ڇو جو هتان جا استاد ۽ شاگرد حيدرآباد ۽ سنڌ جي اندرين علائقن سان تعلق رکن ٿا. هڪ ٽيڪنيڪل يونيورسٽيءَ ۽ هڪ ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ جي ويجهڙائي پڻ ان لاءِ فائديمند ثابت ٿينديون. هتان شروع ڪيل انهي سائنسي تحريڪ جو اثر يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ استادن جي خوشگوار باهمي لاڳاپن وسيلي صوبي جي تمام پرانهن علائقن تائين ڦهلجي ويندو. هن قسم جو موقعو هٿان نه وڃائجي ته بهتر.

(28- 6- 1984ع)   - ڊاڪٽر قمر عيسيٰ دائود پوٽو،

انسٽيٽيوٽ آف فزڪس ائنڊ

ٽيڪنالاجي، يونيورسٽيءَ آف سنڌ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org