سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رُٺي آهي گهوٽ سان

باب: --

صفحو :2 

(ڪُوڻ _ اَڪُ)

        يا هڪ ٻيو پهاڪو ڏيندا آهن ته:

                                  ”لاهي ويهه لنگها، آريجن مان آسرو“

        اهو سڄو پهاڪو هن ريت آهي.

”لاهي لنگها ويهه، آريجن مان آسرو،

پـــني پرائو ڏيهه، اچي کاءُ آريجن ۾.“

                                           (آريجا_ هڪ ذات ۽ تعلقي ڏوڪري جو مشهور شهر)

سنڌي پهاڪا، گهڻي قدر تجنيس حرفي تي ٻڌل هوندا آهن، انهن جو خيال ڪرڻ گهرجي. ڪنهن کي به اهو حق نٿو پهچي ته هو پهاڪن سان هٿ چراند ڪري ۽ پنهنجي مرضي مطابق انهن ۾ ڦير گهير ڪري، مثال ڪو چوي ته:

             ”سڀ ڪو پاڻ کي سير ٿو سمجهي ۽ پاءُ ڪو ڪونه سڏائي“

هاڻي جڏهن سير جو رواج ختم ٿي ويو آهي، ان جاءِ تي ڪلو ”Kilo“ وجهون ته ايئن هرگز روا نه آهي.

پهاڪن کان پوءِ چوڻين جو درجو آهي، انهن ۾ به ڪانه ڪا سمجهه ڀري ڳالهه سمايل هوندي آهي. ڪونه ڪو نصيحت جو نُڪتو هوندو آهي. چوڻين ۾ ايتري گهرائي ڪانه هوندي آهي، جيتري پهاڪن ۾. اسان کي بهرحال چوڻين ۽ پهاڪن ۾ فرق ڪرڻ گهرجي. ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ ڪلهه انهن شين جو رواج ختم ٿيندو پيو وڃي. هن ڪم دوران مون ڪافي دوستن کان پهاڪا پڇيا، هنن نهڪر ۾ جواب ڏنو. گهڻن دوستن، جيڪي وڏا اديب به ليکيا وڃن ٿا، انهن چيو ته هنن اهي پهاڪا ٻڌا به ڪين آهن. سو ڀانئيان ٿو ته هن ڪتاب وسيلي هڪ نئين لهر ايندي ۽ ماڻهو پهاڪن ۽ چوڻين طرف راغب ٿيندا.

چوڻيون ڪن خِطن ۽ علائقن تائين به محدود ٿين ٿيون، ته ڪن ۾ وري مڪاني محاوري جو اثر نظر اچي ٿو، جيئن هن چوڻيءَ جو مثال آهي:

                    ”ڪاڻيءَ جي ڪاج ۾ نيکٽ به گهڻا“

سکر ۽ خيرپور واري علائقن ۾ وري چون:

                 ”ڪاڻيءَ جي ڪاج ۾ ڇيڏڪ به گهڻا“

ڪاڪي ڪيول رام پنهنجي ڪتاب ”گل شڪر“، جيڪو 1869ع ۾ تيار ٿيو ۽ 1905ع ۾ شايع ٿيو. ان ۾ مٿين چوڻي هن ريت لکي آهي:

                ”ڪاڻي جي وهانو ۾ سنگهٽ به گهڻا“

بهرحال جيئن ته اسان جو تحقيق طرف توجهه گهٽ آهي، ان ڪري پهاڪا ۽ چوڻيون، عام استعمال مان ختم ٿيندا پيا وڃن. اڃان به ڳوٺن ۾ انهن جو وهنوار آهي، باقي شهري زندگيءَ ۾ ته ڳولي نٿا لڀن. اڃا به وري اڙدو يا ٻين ٻولين جا پهاڪا استعمال هيٺ اچن ٿا، جن کي اسان جا معتبر ماڻهو ”ڪهاوت“ ڪري پيش ڪندا آهن، ڄڻ ته کين خبر ئي نه آهي ته سنڌ ۾ ”پهاڪو“ يا ”چوڻي“ به ڪا شيءَ آهي.

اڳ، اديب ۽ ادارا، انهن ڳالهين طرفن توجهه ڏيندا هئا، ۽ سال به سال پهاڪن ۽ چوڻين تي نوان ڪتاب پيش ڪندا هئا، جيئن ڪاڪي ڀيرو مل پهاڪن تي ٻه ڪتاب تيار ڪيا، هڪ ”گلقند“ (1926ع) ۾ سنڌي پهاڪن سان ميل کائيندڙ هندي پهاڪا ۽ چوڻيون ڏنيون اٿائين ته ڪتاب ”پهاڪن جي پيڙهه“ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جي اصليت آندي اٿائين. اهڙي طرح ڪاڪي ڪيولرام سلامت راءِ ”گلشڪر“ ۾ سنڌي پهاڪن سان گڏ فارسي جا پهاڪا ۽ ڪن هنڌن تي هنديءَ جا مثال ڏنا آهن. مرزا قليچ بيگ به انهيءَ صنف تي قلم کنيو ۽ 1926ع ۾ ”پهاڪن جي حڪمت“ تيار ڪري ڇڏيائين، جنهن ۾ سنڌي، هندي، عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ جا مثال ڏنل آهن، اهڙي ڪوشش اسان جي نامور محقق، لغت ۽ لوڪ ادب جي مهاڄاڻو مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب به ڪئي ۽ وڏي جستجو ۽ جاکوڙ کان پوءِ ”پهاڪن جي پاڙ“ ڪتاب تيار ڪيو. جيڪو هن پاڻ 1966ع ۾ شايع ڪيو. ان کي سنڌي ادبي بورڊ 1989ع ۾ ٻيهر ته شايع ڪيو، پر سندس عالمانه ”مهاڳ“ ختم ڪري ڇڏيو. اهو آهي تحقيقي ڪتابن جو قدر.

1988ع ڌاري محترم سائين ڊاڪٽر بني بخش بلوچ هڪ خط لکي، مون کي ڪوٺ ڏني ته سنڌي ادبي بورڊ پاران ”لوڪ ادب رٿا“ جو 42 يا 43 پهاڪن بابت ڪتاب، مختلف اڳين شايع شده ڪتابن کي ڀيٽي معياري متن تيار ڪيان، ان لاءِ پاڻ مهرباني ڪري هڪ خاڪو به تيار ڪيائون، جنهن تي اڪتفا به ڪئيسين، پر پوءِ جڏهن معاوضي وغيره جون ڳالهيون نڪتيون ته سائين جن ماٺڙي ڪري ويا. اسان به خاموش ٿي وياسين. خبر ناهي اهو ڪم الائي ڪاٿي پهتو!

هاڻي جڏهن محترم الطاف شيخ صاحب هي ڪم ڏنو ته مون کيس عرض ڪيو ته پهاڪن جي ٻولي معياري نه آهي، ڪافي شيون اڳ پوءِ ٿي ويون آهن، ان کان علاوه انهن جي ترتيب نه ته موضوع وار آهي نه وري الف _ بمطابق، جنهن ڪري ڳولڻ ۾ ڪافي ڏکيائي ٿئي ٿي. بهتر ٿيندو ته مختلف ڪتابن کي ڀيٽي ڪو موچارو ڪتاب تيار ڪجي، ٻيو ته گهڻن پهاڪن ۽ چوڻين ۾ مثال / وضاحتون ڏنل نه آهن، ان لاءِ به سوچ ويچار ڪجي، پر پاڻ ٻڌايائين ته کيس جلدي آهي. اهو تحقيقي ڪم 97 _ 1996ع ۾ کڻنداسين، وٽس ٻيا به ڪجهه پهاڪا ۽ چوڻيون آهن، جن کي ڀيٽي اتارڻو آهي، بهرحال، هن ڪتاب ۾ سردست جيڪي پهاڪا ياد آيا، اُهي ٺيڪ ڪيا اٿم. ٻوليءَ ۾ به ضروري هنڌن تي اصلاح ڪئي اٿم، جڏهن ته اڃان به ڪافي گنجائش موجود آهي.

هن ڪتاب ۾، الطاف چئن اهم قومن، جيڪي دنيا ۾ پنهنجي ثقافت سان سڃاتيون وڃن ٿيون، انهن جا پهاڪا ۽ چوڻيون ڏنيون آهن. انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڀاڱو سوايو آهي. شايد الطاف محسوس ڪيو هجي ته اڄ جيڪا ٻولي اخبارن توڙي ڪتابن ۾ ڪتب آندي وڃي ٿي اُها پهاڪن / چوڻين ۽ محاورن کان سواءِ آهي. اڄ سنڌي ٻولي جو اهو رنگ نه رهيو آهي، ڇسي ۽ ٻُسي پئي لڳي. پهاڪن / چوڻين سان نه رڳو ٻولي رونقدار ۽ وڻندڙ ٿئي ٿي، پر ڳالهه جو مايو به وڌي وڃي ٿو. ٻڌندڙ فوري طور تي متوجهه ٿين ٿا ۽ چوڻ وارو پنهنجو مطلب مختصر لفظن ۾ اثرائتي انداز ۾ چئي وڃي ٿو.

هن ڪتاب ۾ سنڌي سان گڏ، ملئي، چيني ۽ جپاني پهاڪا ۽ چوڻيون ڏنيون ويون آهن، جيڪي انهن قومن جي سماجي شعور جو عڪس آهن، ساڳئي وقت الطاف پنهنجي وسيع مشاهدي ۽ مطالعي جي آڌار تي ڏاڍا ٺهڪندڙ مثال به ڏيندو ويو آهي، جن ڪتاب کي دلچسپ بنايو آهي، سبق آموز ڳالهين سان گڏ، وڻندڙ ۽ کلائيندڙ ٽوٽڪا، لطيفا به شامل ڪيا اٿس، جيڪي ڳالهيون ٻين قومن جون وڻيون اٿس، انهن جي تعريف ڪئي اٿائين ۽ وس پڄندي انهن جا مثال سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳولهيا اٿائين. جيڪي ڳالهيون اڄ جي دؤر جي لحاظ کان مناسب نه آهن پر روايت پسند جپان ۾ رائج آهن، ته انهن جي نفي ڪئي اٿائين. اهڙي طرح الطاف، سماجي ريتن، روايتن ۽ مثالن جي اثرائتي نموني ۾ ڀيٽ ڪندو ويو آهي. اها ڀيٽ / مطالعو سوشالاجي جي شاگردن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿو.

الطاف، جيئن ته دنيا ڏٺي آهي، وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ سان مليو آهي ۽ ننگر ننگر _ گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتو اٿائين، ان ڪري سندس مشاهداتي پرک انتهائي معياري آهي. هن ڪتاب ۾ پهاڪن جي چونڊ، جيڪو سندس لاشعوري عمل آهي، پڙهندڙن جي مطالعي / معلومات ۾ بيحد اضافو ڪري ٿي. سوچن جا نوان گوشا اڀرن ٿا ۽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ اتساهه پيدا ٿئي ٿو. منهنجي خيال ۾ ڪنهن ڪامياب تحرير ۾ اهي گڻ ئي ڪافي آهن.

الطاف شيخ لاشڪ، اسان جو قومي سرمايو آهي، خدا کيس وڏي حياتي ڏي، هو جُڳ جُڳ جيئي ۽ جَڳَ ڏسي، پسي ۽ سنڌ واسين کي معلومات پهچائيندو رهي. سوچيندڙن لاءِ نوان گس گهڙيندو رهي.            

مهاڳ

ڪنهن ڪتاب جو مهاڳ / پيش لفظ يا تعارف لکڻ جي به هڪ عجيب روايت آهي. ڪيترن عالمن جو چوڻ آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪتاب پاڻ ڪجهه نه هوندو آهي، پر ان کي مهاڳ اهم بڻائيندو آهي. ڪيترن جو خيال آهي ته، مهاڳ جو مقصد پڙهندڙ کي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيارڻ هوندو آهي يا وري ليکڪ، ڪنهن وڏي عالم يا نقاد کان پنهنجي ڪم جي باري ۾ مهاڳ جي صورت ۾ سَند وٺندو آهي. سنڌيءَ ۾ مختلف ڪتابن جي لکيل مهاڳن يا تعارفن کي وڏي اهميت حاصل آهي. شيخ اياز جي ڪتابن تي ابراهيم جويي ۽ رشيد ڀٽيءَ جا مهاڳ جيڪي نه رڳو سندس ڪم ۽ ذات جو مڪمل ۽ سگهارو تعارف آهي. پر جنهن دور ۾ اها شاعري ۽ ٻيون لکڻيون سِرجيون، ان جو پڻ سياسي، سماجي ۽ ادبي تحريڪن جي حوالي سان احاطو ڪيل آهي. اهڙي طرح لوڪ ادب اسڪيم جي ڇپيل مختلف ڪتابن تي ڊاڪٽر بني بخش بلوچ جا لکيل تعارف، لوڪ ادب جي مختلف صنفن بابت ڄاڻ ۽ فڪر جو اهم خزانو آهي.

پير حسام الدين راشدي، درازا ۾ سچل ڪانفرنس تي ڪيل هڪ تقرير ۾ چيو هو ته، شاهه لطيف ان ڪري وڏو شاعر ٿي، پنهنجي عوام ۾ اڀري آيو، جو کيس گربخشاڻيءَ جهڙو شارح مليو. جڏهن ته شاهه جي ڀيٽ ۾ سچل جي گهٽ مقبول هجڻ جو سبب کيس گربخشاڻيءَ جي معيار جو شارح نه ملڻ آهي.

علمي طرح مونکي ان راءِ سان اختلاف رهيو آهي ته، اصل ليکڪ يا شاعر جو ڪم ڪنهن به طرح، ڪنهن نقاد، شارح، مهاڳ يا تعارف لکندڙ جو محتاج ڪونه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ديڳڙيءَ ۾ ڪجهه هوندو ئي ڪونه ته نقاد، شارح يا تعارف ڪرائيندڙ ڇا ڪري سگهندو. تنهن ڪري تنقيد / تشريح ۽ تعارف اصل ڪم کي پڙهندڙ تائين پهچائڻ جو صرف هڪ ذريعو آهي. باقي اصل ڪم ته ڪتاب جي اندر موجود آهي، جيڪو عوام يا ادبي تاريخ ۾ پنهنجو مقام پاڻ پيدا ڪندو.

الطاف شيخ جي هن ڪتاب، چئن ٻولين جي پهاڪن ۽ چوڻين جي ڳٽڪي، ”رُٺي آهي گهوٽ سان..........“ جو مهاڳ لکڻ پنهنجي لاءِ هڪ اعزاز سمجهان ٿو. هي مهاڳ جا ڪجهه صفحا لکندي، نه ته مان ليکڪ کي متعارف ڪري رهيو آهيان، نه ئي ڪتاب يا ڪتاب ۾ موجود مواد کي: ان يقين سان ته، ليکڪ پنهنجي پڙهندڙن ۾ ايترو ته ڄاتل سڃاتل، مقبول ۽ پيارو آهي جو ڪيترا ته منهنجي وچ ۾ اچڻ ئي برداشت نه ڪندا.

جيتريقدر ڪتاب جي مواد جو تقلق آهي، ان ۾ چئن جيئرن جاڳندن، ترقي پذير سماجن جي طبقي طور طريقين، فطري لاڙن، اخلاقي ۽ سماجي قدرن کان علاوه نفسياتي رجحانن ۽ روين جي ننڍڙين سٽن ۽ جملن يعني پهاڪن ۽ چوڻين ۾ عڪاسي ٿيل آهي. جن کي الطاف نه رڳو چونڊي گڏ ڪيو آهي، پر انهن ۾ موجود معنائن کي سندن سماج جي حوالي سان پڙهندڙ کي روشناس ڪرايو آهي، ته پوءِ منهنجو ڪم ڪهڙو ٿيو؟ بس،ا ايترو ئي ته مان هڪ پياري ماڻهوءَ ۽ ليکڪ جي اهم ڪتاب جو مهاڳ لکي رهيو آهيان. جنهن جو پهرئين ڪتاب کان ئي پڙهندڙ رهيو آهيان ۽ زندگيءَ جو پهريون غير ملڪي سفر سندس ڪتاب جي پڙهڻ جي اثر ڪري ئي ڪيو هوم، ان مقصد سان ته موٽي اچي مان به سفرنامون لکندس. اڄ جڏهن ڪيترائي ملڪ گهمي، انهن ۾ ڳچ عرصو رهي، اتان جي ماڻهن، انهن جي روين ۽ روايتن بابت گهڻو ڪجهه ڄاڻي چڪو آهيان. ڪيترائي دلچسپ، رنگين، ڏک ۽ راحت ڏيندڙ واقعا به زندگيءَ جي گذريل ڏينهن تي پنهنجا اثر ڇڏي چڪا آهن. پر اڃا تائين سفرنامي لکڻ جي همٿ ساري ڪونه سگهيو آهيان. اهو ته الطاف کي جس آهي جو ايڏي وڏي معلومات جو  خزانو ترتيب سان سنڌي ماڻهن ڏانهن منتقل ڪري رهيو آهي.

انساني سماج ۾ ٽن قسمن جا ماڻهو عظيم ٿين ٿا. پهريان اهي جيڪي پيءُ ڏاڏي جي ڪمن، اعمالن ۽ اخلاقن ڪري مشهوري ماڻين ٿا ۽ پوءِ پاڻ به وڏا ڪم ڪري وڃن ٿا. ٻيا، اهي جيڪي عظيم ڪم ڪري عظمت کي رسي وڃن ٿا، ٽيان اهي جن کي دوست ۽ خليفا يا پبلڪ رليشن عظيم بڻائي ٿي. الطاف شيخ عظمت جي ٻئي نمبر واري قسم ۾ اچي ٿو ته، هن عظيم ڪم ڪري، ماڻهن کي، پنهنجي ويجهائي وارن ماڻهن کي، پنهنجي ٻولي ڄاڻيندڙ ماڻهن کي تعليم ڏئي، هن انفرميشن ٽيڪنالاجي جي دور ۾ گهڻي ۾ گهڻي ڄاڻ منتقل ڪري رهيو آهي. ڄاڻ سان گڏ ٻوليءَ ۾ نوان اصطلاح گهڙي انهن کي واهپي ۾ آڻي، ٻوليءَ کي جديد گهرجن پوريون ڪرڻ جي اهل بڻائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. اهو ڪم بغير ساهي پٽڻ جي لڳاتار ٽيهن سالن کان ڪري رهيو آهي، ذهني ۽ فڪري سچائيءَ سان بغير ڪنهن لالچ يا لوڀ ۽ تعريف جي محتاجيءَ جي.

ٻاراڻي ڪلاس ۾ هڪ سبق پڙهيو هئو سين ته هڪ جهاز سمنڊ ۾ ٻڏي رهيو هو. جهاز جا مڙيئي مسافر ۽ عملي جا ماڻهو پريشانيءَ وچان هيڏي هوڏي ڊوڙي رهيا هئا. پر انهن ۾ موجود هڪ ماڻهو، پنهنجي ڪرسيءَ تي آرام سان ويٺو هڪ ڪتاب پڙهي رهيو هو. پريشان ماڻهن مان ڪنهن پڇيس ته، ”جهاز ٻڏي رهيو آهي ۽ تون هتي ويٺو آرام سان پڙهي رهيو آهين؟“ جنهن جي موٽ ۾ چيائنس ته، ”جهاز ٻڏي رهيو آهي ته آءُ ڇا ٿو ڪري سگهان، هرو ڀرو پريشان ٿي پنهنجو وقت ڇو وڃايان. جهاز ٻڏي ويو ته آءُ به ٻين سان گڏ ٻڏي ويندس ۽ جيڪڏهن بچي ويس ته ڪتاب جي مطالعي مان حاصل ڪيل علم اڳتي زندگيءَ ۾ ڪم ايندو،“ الطاف جو لاڳيتو لکڻ به جهاز جي ان مسافر وانگر آهي، جيڪو وقت وڃائڻ نٿو چاهي ۽ مليل وقت جي هر پل کي هن جهاد، ڄاڻ ڏيڻ جي علمي جهاد لاءِ وقف ڪري چڪو آهي. جنهن کي هن نفسا نفسي سماج ۾ ڪابه مشڪل روڪي نٿي سگهي ۽ ڪوبه ڪم، هن ڪم کان وڌريڪ اهم نٿو لڳي.

سنڌيءَ ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ شيخ اياز کان پوءِ الطاف شيخ ئي آهي، جنهن نه صرف گهڻو لکيو آهي پر سندس هر ڪتاب نوان پڙهندڙ پيدا ڪيا آهن. گهڻي لکڻ  جي حوالي سان ٿي سگهي ٿو ته ٻيا به ڪي ليکڪ هجن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي لکي ڪتابن جو انگ وڌرائيندا هجن. باقي پڙهندڙن تائين رسائي جيڪا مٿين ليکڪن کي پنهنجي دور ۾ رهي آهي، اها ٻين کي گهٽ نصيب ٿي آهي.

هي موجوده دور جو سند باد ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ابن بطوطه ۽ مارڪو پولو آهي، جنهن ڪولمبس وانگر ڀل آمريڪا جهڙو ڏورانهون ملڪ ڳولهي نه لڌو هجي. پر سنڌين جي دل جو اهڙو حصو ڳولڻ ۾ ضرور ڪامياب آهي. جنهن تي سندس حڪمراني آهي. اها حڪمراني ڪنهن تخت ۽ تاج جي محتاج ڪونه آهي. اها محبتن ۽ احساسن جي حڪومت آهي. جيڪي محبتون هن ليکڪ کي مليون آهن، ڪيترا اهڙين محبتن لاءِ تمنائون ڪندا هوندا.

الطاف مئرين انجنيئر، تعليم دان، دانشور، سفرناما لکندڙ ۽ هڪ تخليق ڪار کان علاوه فوٽو گرافر به آهي. فوٽو گرافيءَ جي ان شوق هن کي ٻاهرين ۽ سطحي تصور ڏسڻ کان علاوه تصوير ۽ منظر جي اندر ليئو پائي لڪل منظر ڏسڻ جي قوت پڻ ڏني آهي. هن پڙهندڙ جي اڳيان منظر جا مڙئي رُخ کولي رکي ٿو ۽ هن ۾ اهي منظر اندر جي اک ۽ دل جي اونهائيءَ سان ڏسڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هو جڏهن ڪنهن نظاري منظر ڪشي توڙي روين جي روشنيءَ ۾ ڪردار نگاري ڪري ٿو ته ائين ڀاسندو آهي ته اهو منظر پڙهندڙ جي اڳيان آهي ۽ ذڪر ڪيل ڪردار سان اسان جو پنهنجو واسطو پئجي رهيو آهي.

جهاز ۾ چڙهي، سفر دوران جهاز ۾ اندر ۽ ٻاهر گڏ ڪم ڪندڙ اسٽاف توڙي سمنڊ کان ٻاهر پهچڻ تي مقامي ماڻهن سان سنڌ جي ماڻهن کي اهڙي طرح واقف ڪرايو آهي جو سفرناما پڙهندڙ هر سنڌي انهن ڪردارن سان نه صرف پاڻ کي واقف ۽ لاڳاپيل سمجهي ٿو پر الطاف جي دوستن کي دوست، سٺو رويو رکندڙن کي سٺو ۽ مخالفن کي پنهنجو مخالف سمجهي ٿو. الطاف جنهن سچائيءَ سان پنهنجي ڪلاس فيلوز _ گڏ ڪم ڪندڙن ۽ واسطي  ۾ ايندڙ ڪردارن سان پڙهندڙن کي شناسائي ڏئي ٿو ته پڙهندڙ کي انهن ڪردارن سان هڪ قسم جي اُنسيت پيدا ٿي پوندي آهي.

الطاف جي سفرنامن، سنڌي پڙهندڙن ۾ پهريون ڀيرو سفر ڪرڻ ۽ دنيا ڏسڻ جو اُتساهه پيدا ڪيو. مان ڪيترن اهڙن سنڌي پڙهندڙن کي ذاتي طرح سڃاڻان جن سنگاپور، ملائيشيا، ٿائيلينڊ ۽ جپان وغيره ڏانهن سفر الطاف جي سفرنامن پڙهڻ کان پوءِ ڪيو.انهن مان جن پنهنجي سفر دوران اهي مزا نه ماڻيا ۽ بوريت جو شڪار ٿيا، انهن الطاف کي ڏوهي ڄاڻايو ته وڌاءُ ڪري اُتساهه ۽ شوق ٿو پيدا ڪري. جن الطاف جي ٻڌايل حقيقتن توڙي پيش ايندڙ واقعن کان وڌيڪ ڏٺو ۽ گهميو، تن چيو ته گهڻو الطاف کان رهجي ويو آهي يا وري ڪن اخلاقي، سياسي ۽ سماجي مجبورين ڪري لکڻ کان لنوائي ويو آهي. هن پنهنجي سفرنامن ۾، پيش ايندڙ واقعن ۽ ڄاڻ کي معصومانه ۽ ٻاجهاري انداز سان نهايت سؤلو ۽ دلڪش ڪري پيش ڪيو آهي. سندس ٻولي ۽ لکڻ جو طريقو سادو، پُر لطف ۽ عام فهم آهي. جنهن مان پڙهندڙ کي تفريح سان گڏ تمام گهڻي معلومات به ڏئي ٿو. هر شيءِ کي ائين ئي بيان ڪري ٿو جيئن اها آهي يا وري جيئن هو ڏسي ٿو.

الطاف شيخ جي سفرنامن پڙهڻ سان سڀ کان اهم ڳالهه اها ڀاسندي آهي ته ليکڪ پنهنجي مطالعي ۽ ڄاڻ جي رعب رکڻ بدران پنهنجي پڙهندڙ کي معلومات ڏئي ايڊيو ڪيٽ ڪرڻ چاهي ٿو. جنهن شيءِ جي کيس ڄاڻ نه آهي ان جو اظهار ڪري ٿو. ائين ڪرڻ سان هو چين جي ان چوڻيءَ کي پنهنجي لکڻين ۾ ثابت ڪري ٿو ته، ”جيڪو پنهنجي اڻ ڄاڻائي قبول ڪري ٿو، اهو هڪ دفعو ظاهر ٿئي ٿو. پر اهو جيڪو پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو اهو هر وقت ظاهر ٿيندو رهي ٿو.“ چين جي اها چوڻي اسان جي سماج ۾ اسان جي چوڌاري موجود اهڙن ڪردان لاءِ پڻ هڪ آئينو آهي. جيڪي پنهنجي نااهليت ۽ بي علميءَ کي مڃڻ بدران مختلف حيلن بهانن سان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا ۽ هميشه خوار ٿين ٿا.

مغرب جا ماڻهو سفر جا ڪوڏيا ۽ موڪلون ٻين ملڪن ۾ گذارڻ کي وڏي اهميت ڏيندا آهن. ڪيترا ته سال جا ڏهه مهينا گڏهه وانگر ان ڪري ڪمائيندا آهن ته باقي ٻه مهينا دنيا جي ڪنهن حصي جو سفر ڪرڻ لاءِ ثمر ڪٺو ڪري سگهن. ان ڪري ان دنيا ۾ سفرنامه (Travelogue) ٻئي سموري ادب کان گهڻو پڙهيا ويندا آهن. اسان جا ماڻهو مغرب جي ابتڙ ڀرسان واري ڳوٺ ۾ وڃڻ کي پرديس پيا ڀاسندا آهن ۽ پرديسي سڏائيندا آهن. اهو الطاف جو ڪمال آهي ته سفرنامن کي اهڙو ته مقبول بنايو اٿئين جو هڪ سروي مطابق دعوى سان چئي سگهجي ٿو ته اڄ سنڌ ۾، ٻئي سموري ادب جي ڀيٽ ۾ سفرناما وڌيڪ پڙهيا وڃن ٿا، ۽ اهو سمورو ڪريڊٽ الطاف شيخ اڪيلي جي سِرَ تي آهي. الطاف اهي سفرنامه سنڌيءَ ۾ ۽ سنڌين لاءِ لکيا آهن پر سندس سفرنامن جي ڌاڪ ۽ مڃتا انهن ملڪن ۽ علائقن ۾ به اوتري آهي، جيتري سنڌ ۾ جو کيس ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو آهي.

شيخ اياز جي هڪ مشاهدي ته ”سنڌ کان ٻاهر سنڌ کي موهن جي دڙي ۾ ڊاڪٽر بني بخش بلوچ جي لوڪ ادب تي ڪيل ڪم جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو، “ جيڪڏهن اهو اضافو ڪجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سنڌ کي الطاف شيخ جي سفرنامن ڪري به سڃاتو وڃي ٿو. الطاف سنڌين لاءِ اهو ڪم ڪيو آهي جيڪو يورپين، خاص ڪري انگريزن ۽ عربن ارڙهين ۽ اڻوهين صديءَ ۾ مختلف ملڪن جا سفر ڪري پنهنجي ماڻهن کي انهن ماڻهن ٻولين، رسمن، روايتن ۽ ادب متعلق معلومات ڏيڻ سان گڏ، پنهنجي ٻوليءَ جي ادب کي به مالا مال ڪيو.

الطاف جو هيءُ ڪتاب، سنڌي، ملئي، چيني ۽ جپاني پهاڪن ۽ چوڻين جو مجموعو (Anthology) آهي. پهاڪن مان اصل مراد آهي ڏاهپ جو قول، نصيحت جو نڪتو، مقولو، سياڻپ جو سخن، ڪنهن واقعي جو ٿورين لفظن ۾ اشارو جيڪو ڪنهن کي مثال طور ٻڌايو وڃي. گهڻي سوچ ويچار ۽ ڳڻ ڳوت کان پوءِ ڪو پهيل مسئلو، جيڪو پوءِ ڪنهن سماجي گروهه، فيصلي يا راءِ طور قبول ڪيو هجي. اڳئين جڳ ۾ ڪنهن ڏاهي ڪو پيچيدو مسئلو پهي، ان جو ڪو آسان حل ٻڌايو هجي ۽ اهو ساڳي ٻولي واپرائيندڙ سماج ۾ قبول ڪيو ويو هجي ۽ هر ڪنهن جي وات اچي پهاڪو بڻيو هجي. مثال طور، ”صبر جنين ساڻ، تير نه گُسي تن جو“ يا ”لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي“. اهڙي طرح ڪنهن ڏکئي وقت ڪنهن مشڪل مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ چئن چڱن ويهي، گڏيل راءِ سان ڪو فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ساڳئي قسم جي مامري کي حل ڪرڻ لاءِ اهو ”پهاڪو“ ٿي ڪم آيو. تنهن ڪري پهاڪي جي معنى آهي، ڳڻيل ڳوتيل ڳالهه، سوچيل سمجهيل نڪتو ۽ توريل تڪيل فيصلو يا مڃيل اصول، اهڙو قاعدو يا قانون جنهن ۾ جامع لفظن ۾ ڪا مصلحت، حڪمت، ڏاهپ ڪا نصيحت ۽ هدايت هجي.

(The Wisdom of many and the wit of the one)

پينگوئن ڊڪشنري آف پراوريس مطابق پهاڪي جي تشريح هيئن به ڪري سگهجي ٿي ته، ننڍو پر جامع ٻول، جيڪو ياد ڪرڻ ۾ سولو هجي، جنهن ۾ صلاح، خبرداري، اڳڪٿي يا تجزياتي مشاهدو بيان ڪيل هجي.

پهاڪا آڳاٽي زماني کان دنيا جي اڪثر قومن، گروهن ۽ قبيلن ۾ رائج رهيا آهن. قديم هند، چين، روم، يونان عرب، ترڪ ۽ ايران سميت مشرق ۽ مغرب جي ترقي يافته،  ترقي پذير توڙي پوئتي پيل سماجي گروهن ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون سندن ذهني اوسر، نفسياتي رجحانن ۽ طبعي لاڙن جا ڀرپور اهڃاڻ آهن. پهاڪا انسانذات جي ڏاهپ ۽ ظرافت جا عجيب اظهار آهن. جن ذريعي هر گروهه پنهنجي ملڪ ۽ ماحول، پنهنجي سماجي ۽ فطري لاڙن ۽ ٻوليءَ جي وسعت، لفظي سٽاءَ ۽ معنوي نزاڪت مطابق صدين جا تجربا نروار ڪري ٿو. پهاڪا، ٻوليءَ ۾ انساني جيوت جي آتم ڪهاڻي آهي. هي قومن جي زباني يعني اڻ لکيل تاريخ آهن. ڪنهن به قوم جي سچي سماجي تاريخ يعني علمي، ادبي ثقافتي، نفسياتي اوسر، ڪمال ۽ زوال، حرفت ۽ هنر، رنج ۽ راحت، رسم ۽ رواج، مجسلي رنگ ۽ ڍنگ. انساني سڀاءَ رويا معلوم ڪرڻ لاءِ ان قوم جي لوڪ ادب جو سائنسي اڀياس وڏي مدد ڏئي ٿو. لوڪ ادب جي اهم صنف پهاڪا وري اهڙي اڀياس لاءِ جيڪو مواد مهيا ڪن ٿا، اهو معاشري جون سچايون اهڙي ته چٽائيءَ سان پيش ڪري ٿو جو مستند تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ بنياد ملي پوي ٿو.

پهاڪا ظاهر ۾ ته هڪ ئي سماج ۽ ان ۾ رهندڙ مختلف گروهن جي سوچ ۽ فڪر جو اظهار نظر ايندا آهن. پر اصل ۾ اهي ان سماج جي اڳ جي تاريخ يعني ٻاهران آيل ماڻهن جي اچي آباد ٿيڻ، مختلف تباهين يا جنگين جي نتيجن ۾ پيدا ٿيل حالتن ۾ اُسرندڙ فڪر ۽ مسلسل جدوجهد جو اظهار به هوندا آهن.

پهاڪا لوڪ ڏاهپ جا اهڃاڻ آهن. جيڪي اخلاقي به ٿي سگهن ٿا ۽ ضروري ناهي ته اهي اهڙي سچائيءَ تي ٻڌل هجن، جيڪا هر ڪنهن لاءِ قابل قبول هجي. مثال طور؛ ”ڄٽ ۽ ڦٽ چڱو“ سان ڪيترائي سهمت نه هوندا. هي ڏاهپ جا اهي نسخا آهن، جيڪي هڪ نسل جي فڪر ۽ ويچار کي بغير ٺاهه ٺوهه جي ٻين تائين پهچائين ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org