سيڪشن: ادب

ڪتاب: علم تدريس مظلومات لاءِ

باب:

صفحو:14 

ڪن تاريخي حالات ۾، هيءَ حرفت بازي بالادستن ۽ زيردستن جي وچ ۾ ڪن سمجهوتن جي صورت به وٺندي آهي- اهڙا سمجهوتا، جو مٿاڇري نموني ڏسڻ سان اُنهن مان ٻنهي ڌرين ۾ ڳالهه ٻولهه جي آزاد تعلق جي ڏِک پئي ملندي پر حقيت ۾، اِهي سمجهوتا  ۽ ٺاهه، سچيءَ ڪنهن ڳالهه ٻولهه جا نتيجا نه هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته اُنهن جا اصل مقصد بالادست امير طبقي جي ئي مفادن جا ترجمان هوندا آهن ۽ آخر ۾ ائين ئي ٿيندو آهي ته اُنهن کي اُهي ئي پنهنجن بالادستي ڪارجن جي حاصلات لاءِ ڪم آڻيندا آهن. پوءِ، جلد يا دير سان، ڏاڍن ۽ هيڻن جي هِنن معاهدن ۽ سمجهوتن جا نتيجا هميشه هيڻن جي وڌيڪ اطاعت ۽ محتاجيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا آهن. در اصل اهي ٺاهه ۽ سمجهوتا ماڻهن کي آڇيا ئي تڏهن ويندا آهن، جڏهن هو، روان تاريخي قافلي ۾ ڪنهن  ڪنڌ مٿي کڻڻ جهڙا ٿيندا آهن ۽ بالادست طبقي لاءِ خطري جو باعث بنجڻ لڳندا آهن، جيئن ئي ماڻهو ايئن ڪنهن تاريخي صورتحال ۾ محض تماشبينن مان وڌي، ڪجهه قدر اُن جا فعال جزا بنجڻ لڳندا آهن ته بالادست امير ماڻهو ڪنبي ويندا آهن ۽ هڪدم هو پنهنجين حرفت بازين ۽ حڪمت عملين کي تيز کان تيز تر ڪرڻ  ۾ لڳي ويندا آهن.

اهڙي تاريخي دؤر ۾، بالادستيءَ ۽ حاڪميت جي قائم رکڻ لاءِ حرفت بازي ۽ هٿ ناٽ هڪ بنيادي هٿيار جو  ڪم ڏئي ٿو. ماڻهن جي ڪنڌ مٿي کڻڻ ۽ اُٿي ڪنهن قدر مُنهن ڏيڻ جهڙي ٿيڻ کان اڳ حرفت بازي (جنهن کي سچ پچ حرفت بازي چئجي) هوندي ئي ڪانهي، پر فقط ڪُلي طور روڪ ۽ دٻاءُ هوندو آهي. جڏهن مظلوم تقريبا پوري جا پورا حالات جي بار هيٺ چپيا پيا هوندا آهن. اُنهن سان ڪنهن حرفت هلائڻ جي ضرورت  به ڪا نه هوندي آهي. عمل جي ڳالهه ٻولهه دشمن نظريي ۾، حرفت بازي فقط روان تاريخي سلسلي يا قافلي جي بدليل حالات ۾ ظالم جو  جوابي رد  عل هجي ٿو. حرفت  ۽ هٿ ناٽ وسيلي، بالادست امير طبقو ماڻهن کي هر کائي يا هڪلي ڪنهن ڪوڙيءَ  تنظيم جي اندر واڙي سگهي ٿو، ۽ ائين پاڻ کي اُنهن جي اڀرندڙ خطري کان محفوظ رکي سگهي ٿو- سجاڳ ٿيل ۽ اڳتي وڌندڙ عوام جي سچيءَ ، فعال، بي خوف تنظيم جي خطري کان.(51) اهڙي اُٿي بيٺل عوام لاءِ،  جيڪو وڌي، تاريخي سلسلي ۾ پنهنجي دسترس حاصل ڪرڻ گهري ٿو، پنهنجو مقام ۽ پنهنجو حصو ماڻڻ گهري ٿو، فقط ٻه ممڪنات سامهون هجن ٿا: يا ته هو  پنهنجي وجود جي تسليميءَ لاءِ، پنهنجي آزادگيءَ لاءِ، پاڻ کي پوريءَ طرح، سچيءَ طرح، منظم ڪن: ٻيءَ صورت ۾ هو حڪمران طبقي جي حرفت بازيءَ جا شڪار  ٿي ئي ويندا. عوام جي اِها سچي تنظيم ظاهر آهي ته حاڪمن جي ٺاهڻ جي ناهي؛ اِهو ڪم انقلاب اڳواڻن جو آهي.

ائين، بهر حال ٿئي ٿو، جو ڪافي تعداد مظلومن جو قِطعن ۾، ڀاڱن ۾،  ورهايل، شهري مزدورن جو هجي ٿو، خاص طرح ملڪ جي اڳتي وڌيل صنعتي مرڪزن ۾. جيتوڻيڪ شهري مزدورن جا هي قِطعا ۽ ميڙ، وقت بوقت، ڪافي هلچل ۽ سرڪشي ڏيکارين ٿا، پر اڪثر هو انقلابي شعور کان خيال هجن ٿا. ۽ عام پورهيت  خلق ۾، هو پاڻ کي خاص مخلوق سمجهن ٿا. سرمايه دار حاڪمن جي حرفت بازيءَ ۽ هٿ ناٽ کي، پنهنجن انيڪ فريبي ڳالهين ۽ واعدن  سان هنن مزدور انبوهن ۾ پنهنجي ڪم ۽ اثر جا وڏا موقعا ۽ ميدان ملن ٿا.

بالادست حرفت بازيءَ جو علاج يا ٽوڙ فقط تنقيدي شعور رکندڙ انقلابي تنظيم ۾ موجود هجي ٿو، جيڪا روان تاريخي سلسلي ۾ عوام  جي حيثيت کي، قومي صورتحال کي ۽ اُن ۾ زير عمل بالادست حرفتبازيءَ کي ماڻهن جي آڏو مسئلن طور سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ لاءِ آڻي پيش ڪري. فرانسڪو ويفرٽ (Francisco Weffert) جي لفظن ۾:

”کاٻيءَ ڌر جي سڀني پاليسين ۽ حڪمت عملين جو بنياد عوام تي ۽ اُنهن جو سٺو آڌار عوام جي شعور تي هوندو آهي. جيڪڏهن عوام جو  شعور مُنجهيل ۽ اڻ رسيل هوندو ته کاٻيءَ ڌر جون پاڙون کوکليون رهنديون ۽ سندن سڄي ڳالهه ڪِري اچي پَٽ  پوندي- پوءِ کاٻيءَ ڌر جي اڳواڻپ انهيءَ ئي گمان ۾ ڇو نه ورتل هجي ته ترت ئي اُها اقتدار تي قبضو ڪري انقلاب برپا ڪري سگهي ٿي!“

حرفتبازيءَ جي صورتحال ۾، کاٻيءَ ڌر وارا هميشه ترت ’اقتدار تي قبضي ڪرڻ‘ جي انهيءَ وهم ۾ ورتل هوندا آهن، ۽ هو مظلومن سان پوريءَ ريت شامل ٿي، هڪ ٿي،  ڪنهن سچيءَ تنظيم قائم ڪرڻ جي ضرورت کان غافل رهندا آهن، ۽ ائين هو، آواها بڻجي، بالادست حاڪم ڌر سان هڪ اجائيءَ  ۽ ناممڪن قسم جي ’ڳالهه ٻولهه‘ ۾ پاڻ کي وڃي اڙايئندا آهن. آخر ۾ هو بالادست حرفتبازيءَ جا شڪار ٿي ويندا آهن، ۽ گهڻين حالتن ۾ ته پاڻ ئي اُن بالادست کيل جا مُهرا بنجي ويندا آهن ۽ اُن کي پنهنجي طرفان ’حقيقت پسندي“ سڏيندا آهن.

حرفتبازي، غلبي (جيتڻ جي عمل)وانگر جنهن جا مقصد اُها بجا آڻي ٿي، بجا آڻي ٿي، ماڻهن کي غشيءَ جي حالت ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ته جيئن هو سوچي نه سگهن. ڇو ته ماڻهو جيڪڏهن روان تاريخي سلسلي ۾ پنهنجي وجود سان گڏ اُن سلسلي بابت پنهنجو تنقيدي  هوش به ساڻ رکندا، ته سندن ائين سجاڳ ٿيڻ سان انقلاب جي اثبات جا امڪان اُڀري، حاڪمن لاءِ خطري جو سبب بڻجي  سگهن ٿا.ماڻهن جي انهيءَ تنقيدي هوش کي ’انقلابي شعور‘ چئجي يا ’طبقاتي شعور‘ پر انقلاب لاءِ، بهر حال، ان  جو موجود هجڻ هڪ بيحد ضروري بلڪ اٽل ۽ اڻ سَرندو شرط آهي. بالادست امير ماڻهو اِن حقيقت  کان ايترا باخبر آهن، جو ماڻهن کي سِوچڻ کان باز رکڻ لاءِ هو مٿن جسماني تشدد سميت هر ممڪن طريقي ۽ جتن جي استعمال ڪرڻ کان پاڻ روڪي نٿا سگهن. ڳالهه  ٻولهه ۾ جيڪا تنقيدي هوش جي اُڀارڻ جي صلاحيت آهي، اُن کي هو پنهجي بنهه ڪنهن حياتياتي’ اندر جو ٻوجهه‘ وسيلي ڄاڻن  ٿا. تو ڻي جو ڪي انقلابي اڳواڻ ماڻهن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي هڪ ’سرمايه دارانه ۽ رجعت‘ عادت سمجهن ٿا، پر سرمايه دار پاڻ مظلومن ۽ انقلابي اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کي پاڻ لاءِ هڪ سچو پچو ۽ وڏو خطرو سمجهن ٿا.جنهن کي هو، پنهنجي وس پڄندي، هر طرح روڪڻ ۽ ختم ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهن ٿا.

بالادست حرفتبازيءَ جي هڪ صورت هيءَ هوندي آهي ته عام خلق جي فردن جي دل ۾ شخصي ناموري ءَ ۽ ڪاميابيءَ جي سرمايه پسند بکُ جو ٻج پوکيو وڃي ٿو. هيءَ حرفتبازي ڪن صورتن ۾ سڌيءَ  طرح بالادست حڪمران پاڻ ۽ ڪن صورتن ۾ اڻ سڌي ’عام پسند‘ اڳواڻن جي ذريعي عمل ۾ آڻين ٿا. ويفرٽ جي چوڻ موجب، هي ’مقبول عام’ يا ’عام پسند‘ اڳواڻ عالي مقام حڪمرانن ۽ عوام ۾ ’وچ وارن‘ وارن جو ڪردار ادا ڪن ٿا. سياسي عمل جي هڪ اسٽائيل (طرز يا ادا جي) طور عام پسندگيءَ(Populism) جو هو هيءُ استعمال، مظلومن جي سجاڳيءَ ۽ اُڀار سان گڏ نتيجي ۽ سبب  جي نسبت سان رواج ۾ اچي ٿو. هِن صورتحال ۾ ’عام پسند‘ اڳواڻ جيڪو اڳتي وڌي ميدان تي اچي ٿو،  سچ پچ هڪ شعبي ۾ ٻه چتيو ماڻهو هجي ٿو- هڪ قسم جو  ”خاڪي ۽ آبي حيوان“ جيڪو ٻن دنيائن ۾ رهي ٿو. ماڻهن ۽ بالادست حڪمرانن جي وچ ۾ ڊوڙندي، ٻنهي ڌرين جا رنگ ۽ نشان مٿس چڙهي وڃن ٿا.

ڇا ڪاڻ ته ’عام پسند‘  اڳواڻ عوام جي سچيءَ ۽ پيڙهائتيءَ  تنظيم واسطي جدوجهد ڪرڻ بدران، رڳو حرفتبازيءَ ۾ ئي لڳل رهي ٿو، انهيءَ ڪري  هن قسم جو اڳواڻ، ڪري ڪري به، انقلاب جي تمام ڪا ٿورڙي خدمت بجا آڻي ٿو سگهي،  ان دورخيءَ خصلت ۽ ٻچتئي عمل کي ڇڏي ۽ فيصله ڪن انداز سان عوام جي طرفن جو انتخاب ڪري (۽ محض ’عام پسند‘ به ٿيڻ جي امنگ تان هٿ کڻڻ سان ‎) ئي هو پنهنجي حرتف بازيءَ مان جند ڇڏائي سگهي ٿو ۽ تنظيم جي انقلابي مقصد سان پوريءَ طرح پنهنجو پاڻ واڳي ٿو سگهي. هو پوءِ عوام ۽ بالادست حڪمرانن جو ’وچ وارو‘ نه ٿو رهي، بلڪ بالادست حڪمرانن جو هو ضد بنجي بيهي ٿو- جنهن جي نتيجي ۾ بالادست حاڪم  طبقي وارا هڪدم سڀ پنهنجا وسيلا ۽ سڄي پنهنجي طاقت جمع ڪري هن کي ڊاهڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ  تيار ٿي وڃن ٿا. هن سلسلي ۾ اسان کي (برازل جي)گيٽوليوورگاس (Getulio Vargas) (52) جا ڊرامائي ۽ پوريءَ طرح واضع  ۽ هڪ تُڪا گفتا ياد ڪرڻ کپن، جيڪي هن، حڪومت جي سربراهه طور، پوئين دؤر ۾، پهرين مئي  جي تقريبات جي موقعي تي، مزدورن کي مخاطب ٿي چيا هئا:

”آءُ اوهان کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته عاليشان نئينءَ تعمير جو جيڪو ڪم منهنجي  انتظاميه هٿ  ۾ کنيو آهي، اُهو اوهان مزدورن جي مدد ۽ لاڳيتي اورچ ۽ باهمت سهڪار کان سواءِ پورو ٿي ئي نه سگهندو.“(53)

ورگاسو پوءِ پنهنجي اختيار سنڀالڻ جي پهرين نوي ڏينهن جي ڳالهه ڪئي، جن کي هن ’مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن جي اندازي لڳائڻ‘ جا ڏينهن سڏيو، جيڪي حڪومت جي اقتدامن جي خلاف سڀني طرفان کان اٿاريون پئي ويون،“ هن ماڻهن سان سڌيءَ طرح پنهنجي من جي پيڙا ۽ اندر جي احساس جي ڳالهه ڪئي، سندن ’بيوسيءَ جي غربت جي، مهانگائيءَ جي، گهٽ پگهارن ۽ اجرتن جي..... ڀاڳن انسانن جي نراساين ۽ اڪثريت جي مطالبن جي، جيڪي بهتر ڏينهن جي اميد ۾ جي رهيا آهن.‘

آءُ انهيءَ ساڳيءَ تقرير ۾، جيڪا مزدورن کي گويا هن جي دل جي پڪار هئي، هُن پوءِ وڌيڪ حقيقي مسئلن کي ڇيڙيو-

’آءُ اوهان کي هي ٻڌائڻ لاءِ آيو آهيان ته اڄ،  هِن گهڙيءَ، انتظاميه وٽ اُهي قانون يا هَڪيا اُهي وسيلا ڪونهن، جن ان  عوامي معاشيات جي قائم ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻي سگهجن. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته ماڻهن کي منظم ڪيو وڃي- نه رڳو پنهنجن مفادن جي حفاظت لاءِ، پر پنهنجي  حمايت جو بنياد حڪومت کي مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ، جنهن کي  اُن کي پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضرورت آهي.... مون اوهان جي ٻَڌي گهرجي. مون کي اوهين گهرجو، متحد ۽ پنهنجين جماعتن ۾ منظم ٿيل. مون کي اوهان جي گهرج آهي ته اوهين حڪومت سان ساٿ ۾ هڪ مضبوط اڏول محاذ ٺاهي بيهو، ته جيئن اوهان جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جيڪا طاقت آهي سا اُن کي ملي. مون کي اوهان جو اتحاد گهرجي ته جيئن اوهين ڦورو ۽ لوٽو شخصن سان وڙهي سگهو، ته جيئن اوهين سٽيبازن ۽ هٻڇ درندن جي مفاد بازيءَ جا شڪار نه ٿي وڃو، جنهن  عوام جي مفادن جي هاڃيڪاري آهي...هاڻي مزدورن کي پڪارڻ جو وقت آيو آهي؛ اوهين پنهنجون جماعتون ٺاهيو ۽ متحد ٿي وڃو- پورهيتن جي هڪ آزاد ۽ منظم طور...هِن وقت ڪا به انتظاميه بچي نه سگهندي ۽ پنهنجن سماجي مقصدن جي حاصل ڪرڻ لاءِ گهربل زور حاصل نه هوندي.،‘

مطلب ته ورگاس پنهنجيءَ هن تقرير ۾ ماڻهن کي جوشيلي انداز ۾ پڪاري پڪاري، چيو ته هو پنهنجن حقن جي حفاظت لاءِ منظم ٿين ۽ ٻڌي ڪن؛ ۽ حڪومت جي سربراهه جي حيثيت ۾ هنن کي ٻڌايائين ته ساڻن گڏجي ملڪ ۾  حڪومتي انتظام قائم ڪرڻ ۽ هلائڻ ۾ ڪهڙا مسئلا، رڪاوٽون ۽ فوري خطرا آڏو آڏو بيٺل  هئا. اُنهيءَ ئي اهم تاريخي گهڙيءَ کان هُن جي انتظاميا کي وڌندڙ مشڪلاتن سان مُنهن ڏسڻو پيو- تان جو آگسٽ 1954ع ۾ اُهو دردناڪ سانحو ٿي گذريو. جنهن ۾ هن کي پنهنجي جان جي قرباني ڏيڻي پيئي. جيڪڏهن ورگاس پنهنجي اختياري جي آخري دؤر ۾ عوام کي منظم ٿيڻ لاءِ ائين کُلم کلا نه چوي ها، نه ڀڙڪائي ها، ۽  قومي مفاد جي حفاظت لاءِ هن جيڪي انتظامي اقدام کنيا، انهن سان عوام جي تنظيمن کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري ها جيئن اڳتي وڌي هُن ڪئي؛ ته ممڪن آهي ته ملڪ جا رجعت پرست عاِلي مقامي حلقا اُهي  ملڪ  دشمن انتهائي قسم جا قدم نه کڻن ها جيڪي هُنن کنيا.

جيڪو به ’عام پسند‘ اڳواڻ، حڪمران طبقن جي پنهنجي هڪ وچ واري يا تابعدار دلال جي درجي کان وڌي، ڪنهن ٻئي نموني عوام جو ويجهو (ڪيتري  به رک رکاءَ سان ) وڃڻ جي ڪوشش ڪندو ته اُن کي هو ڪچلڻ جي ڪوشش ڪندا-بشرطيڪ وٽن اُها طاقت هجي. پر جيتري تائين به اُهو سندن دادلو شخص پاڻ کي رڳو پترتائيءَ ۽ فيض بخشيءَ تائين محدود رکندو ۽ رڳو سندن ’سماجي فلاح ۽ بهبود‘ جي پروپيگنڊائي ڪمن ۾ مصروف رهندو- جيتوڻيڪو اُن ۾ به اتفاقي غلط فهميون هُن جون حڪمران طبقن سان، خاص طرح سندن اُنهن حقلن سان جن جا مفاد متاثر ٿيندا هوندا، ضرور اُٿنديون رهنديون، پر ڌرين ۾ ڪن اهم ۽ تمام اونهن اختلافن جو اُٿڻ تقريبا ناممڪن هوندو آهي. ائين انهيءَ ڪري هوندو آهي، جو فلاحي پروگرام، حرفتبازيءَ جي طريقن طور، نيٺ به حاڪم طبقن جي ’فاتحانه‘ مقصدن لاءِ ئي مفيد ۽ ڪارگر هوندا آهن. اُهي ماڻهن کي غش ڪرڻ جو ڪم ڏين ٿا، مظلومن کي سندن مسئلن جي اصلي سبب کان ۽ اُنهن جي حقيقي اُپائن کان بتال ۽ بيخبر رکن ٿا. اُهي مظلومن جي صفن ۾ ڀڄ ڊوڙ مچائي، اُنهن کي  الڳ الڳ گروهن ۾ ورهائين ٿا، منجهانئن ڪن ۾ اِهو اميد جو سهارو اُڀاري ته ائين هو پاڻ لاءِ ڪي وڌيڪ فائدا حاصل ڪري سگهندا. هِن صورتحال جو بهر حال هڪ مثبت نتيجو به نڪري ٿو: اُهي فرد، جن کي ڪجهه قدر ملي ٿو، اُهي اُن کان وڌيڪ جي گهُر ڪن ٿا، ۽ اُهي  فرد، جن کي ڪجهه قدر ملي ٿو، اُهي اُن کان وڌيڪ جي گهُر ڪن ٿا، ۽ اُهي جن کي ڪجهه نٿو ملي، سي اُنهن کي ڏسي جن کي ڪجهه ملي ٿو، حاسد ۽ حريص بنجن ٿا ۽ پاڻ لاءِ اُن جي طلب ڪن ٿا. ۽ ڇاڪاڻ ته بالادست امير ماڻهو سڀني کي ’ڪجهه‘ نٿا ڏيئي سگهن. پنهنجي انهيءَ محدود ۽ ناڪافي ’مددگاريءَ‘ سان مظلومن ۾ هو بيچينيءَ ۽ پڻ سرڪشيءَ کي ئي وڌائين ٿا.

انقلابي اڳواڻن لاءِ ضروري آهي ته ماڻهن کي منظم ڪرڻ جي مقصد خاطر بالادست طبقي جي حرفتبازيءَ جي اهڙن تضادن مان فائدو وٺندي. اُن سڄيءَ ظالم حرفتبازيءَ کي کولي، پڌرو ڪري، هڪ مسئلي طور، ماڻهن جي آڏو پيش ڪن، ۽ اُن  جي بنا تي کين منظم ڪن.

تهذيبي اڳرائي (تهذيبي حملو):

’ڳالهه ٻولهه دشمن‘ عمل جي نظريي جي آخري هڪ بنيادي خاصيت آهي؛ تهذيبي اڳرائي، تهذيبي حمله آوري، جيڪا پڻ تفرقيبازيءَ جي طريقن ۽ حرفتبازيءَ جي رنگن ڍنگن وانگر، جيت يا غلبي جا مقصد سِڌ ڪري ٿي. هن ۾،  حملي آور ٻِئي گروهه جي تهذيبي دنيا ۾ دخل انداز ٿين ٿا، ۽ اُن جي ممڪنات کي نظر انداز ڪري، پنهنجو عالمي تخليقي حيات اُنهن تي مڙهين ٿا، ۽ اُنهن جي اظهاريت کي گهُٽي اُنهن جي تخليقي صلاحيتن جي موت جو سبب بڻجن ٿا.

انهيءَ طرح اُها تُرش هجي يا شيرين، سخت هجي يا نرم، تهذيبي اڳرائي هميشه هڪ ڏاڍائيءَ جو عمل هجي ٿو-اُنهن ماڻهن جي خلاف جن جي تهذيب اُن جو نشانو هجي ٿي، ڇو ته اُن اڳرائيءَ هيٺ پنهنجي اصليت وڃائي ويهن ٿا يا وڃائڻ جي خطري هيٺ اچن ٿا. هن تهذيبي حملي آوريءَ ۾ (جيئن ڳالهه ٻولهه دشمن سڀني ڪاررواين ۾)، حملي آور تاريخي عمل جي سلسلي جا آرنڀ ڪار ۽ عامل هوندا آهن ته جيڪي سندن حملي جو نشانو آهن، اُهي سندن بيجان پڊارٿ جي معمول.حملي آور قالب ٺاهيندڙ هجن ٿا ۽ جيڪي سندن حملي جو نشانو آهن اُهي قالبن مان ٺهي نڪرن ٿا، هو موڙيندڙ آهن ۽ هي مڙندڙ، هو چونڊ ڪندڙ ۽ چاهيندڙ آهن ۽ هي چونڊ ۽ چاهه تي هلندڙ، هو ڪردار ادا ڪندڙ آهن ۽ هي، جن تي حملو ٿئي ٿو، اُهي ڪٺ پتلين طور، ڪردار  جي ادائگي جي فقط ڀر ۾ رهن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org