سيڪشن: ادب

ڪتاب: گليلو

باب:

صفحو:10

(هو پتل وارو رفليڪٽر ٺاهي بيهاري ٿو.)

ننڍڙو راهب: مون کي خبر هئي ته توهان پنهنجو ڪم اڳي ئي شروع ڪري ڇڏيو آهي. مون کي اِها خبر تڏهن پيئي، جڏهن توهان مارسيلي صاحب کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو.

(چپ چاپ، هو پنهنجا مشاهدا شروع ڪن ٿا. جڏهن سج جو ٻرندڙ عڪس پردي تي ڏسجي ٿو. تڏهن ورجينيا، پنهنجي شاديءَ جي جوڙي ۾ مبلوس، ڊوڙندي ٿي اچي.)

ورجينيا: توهان هن کي موٽائي ڇڏيو، بابا!

(هوءَ بيهوش ٿي وڃي ٿي. ائنڊري ۽ ننڍڙو راهب ڊوڙي وٽس وڃن ٿا.)

گليلو: مون کي سچ معلوم ڪرڻو آهي.

10

پوءِ جا ڏهه سال، گليلو جي تعليم ماڻهن ۾ پکڙجي ٿي. پترن وارا، ڪتابڙن وارا، ڪٿاڪار ۽ ڳائڻا هر هنڌ نوان خيال کنيو هلن ٿا ۽ ورهائيندا وتن ٿا. 1632ع ۾، سالياني ڪارنيوال جي موقعي تي، اٽليءَ جي گهڻن شهرن ۾، فلڪيات جي ڳالهين کي هنر مندن ۽ ڪاريگرن جي عام جلسن ۽ جلوسن ۾ نمائش جو موضوع بنايو ويو.

سال 1632ع ۾ اپريل فول جي ڏينهن تي،

سائنس جي ڳالهين جو چؤٻول هو،

اماڻهن آهي گليليءَ کان سکيون هيون:

اُهي هو پنهنجي خوشيءَ سان کنيو گهمندا رهيا.

هڪڙي مارڪيٽ ۾

(گشتي بازيگرن جو هڪڙو اڌ بکيو جوڙو، هڪڙي پنجن سالن جي ڇوڪري ٻانهن کان ورتيون ۽ هڪڙو ٻالڪ هنج ۾ کنيو، مارڪيٽ جو چؤنڪ ۾ اچي ٿو، جتي ماڻهن جو انبوهه، جن مان گهڻن جي مُنهن تي پوش پاتل آهن، ڪارنيوال جي جلوس ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيو بيٺو آهي. ٻنهي بازيگرن کي مٿن تي هڙون آهن ۽ هڪڙو دهل ۽ ٻيا ڪيترا قسمين قسمين برتن ساڻ اٿن.)

بازيگرن مان هڪڙو(جيڪو ڪٿاڪار آهي، دل تي ڏونڪا هڻندي): مان وارا شهر واسيؤ، ڀينرون ۽ ڀائرؤ! ڪارنيوال جو جلوس پهچي، ان کان اڳ، اسين اوهان کي فلارينس مان آندل هڪڙو نئون ۽ تازو راڳ ٻڌايون ٿا، جيڪو سڄي اٽليءَ جي سِري ۾ عام جام پيو ڳائجي ۽ وڄائجي. اسان اِهو راڳ ڏاڍو ڏکيو ۽ ڏاڍو مهانگو آندو آهي. اُن کي ڇا ٿا سڏين!_دهل تي ڏؤنڪن جي ٻٽڪار ڪري ٿو.) معزز نگرواسيؤ، ڀينرون ۽ ڀائرؤ! ٻڌو: ”سرڪاري عالم ۽ استاد گليلو  گليليءَ جي خوفناڪ تعليم ۽ سندس خطرناڪ خيال عرف آئيندي جو الڪو.

(هو ڳائي ٿو):

جڏهن جوڙڻهار هيڏي وڏي جوڙ جوڙي بس ڪئي،

تڏهن سج کي چيائين: منهنجي حڪم سان

ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦرندو رهه! ته ڌرتي روشن رهي_

جيئن رئيس جي ننڍڙي نوڪرياڻي بتي کڻي هلندي آهي.

ڇا ڪاڻ ته ڌرتيءَ جي اِها مرضي هئي هت هر ڪا ننڍي شيءَ

پاڻان وڏيءَ شيءَ جي چوڌاري اِئين ڦرندي رهي.

پوءِ شين پنهنجي پنهنجي وس آهر ڦرڻ شروع ڪيو_

ننڍين شين وڏين شين جي چوڌاري،

جيئن آسمان ۾ آهي ڌرتيءَ تي ائين،

۽ پوپ جي چوڌاري ڪارڊينل ڦرن ٿا،

۽ ڪارڊيلن جي چوڌاري ڀشپ ڦرن ٿا.

۽ ڀشپن جي چوڌاري سيڪٽري ڦرن ٿا،

۽ سيڪٽرين جي چوڌاري ماجسٽر ڦرن ٿا،

 ۽ ماجسٽرن جي چوڌاري  ڪاريگر ڦرن ٿا،

۽ ڪاريگرن جوي چوڌاري نوڪر ڦرن ٿا.

۽ نوڪرن جي چوڌاري ڪتا، ڪڪڙ ۽ فقير ڦرن ٿا،

۽ اِها اٿو، منهنجا عزيزو، بزرگو، اُها وڏي سٽا ۽ جوڙ_ قادر قدير جي قدرت، جيئن حضرت علما سڳورا چوندا آهن حاڪمن جي حاڪم جو وڏو قانون بلڪ قانونن جو قانون_ پر پوءِ، منهنجا غريب ڀائرو، ڇا ٿيو؟_

( هو ڳائي ٿو):

پوءِ ڊاڪٽر گليلي اُٿي کڙو ٿيو.

(۽ انجيل  کي پري ڪري، دروبيني کنيائين،

۽ سرشٽيءَ تي هڪ نگاهه وڌائين)

”بيهي رهه! سج کي چيائين،

 ڇا ڪاڻ ته هاڻي خلق جو خلقڻهار

پوئتي ڦيرو ڏيندو_

”هاڻي مالڪياڻيءَ کي حڪم مڃڻو پوندو.

۽ نوڪرياڻيءَ جو چوڌاري ڦرڻو پوندو“

اوهين چئو ٿا ته اِها خواري ٿيندي؟ پر نيڪ بندؤ، اِهو چرچو ناهي.

خذمتگار روز اُڀا ٿيندا وڃن ٿا_ ڇا اِهو ويل ٿيندو! پر ڪنهن لاءِ ٿيندو؟

سو، هڪ سچي ڳالهه ٻڌو: حياتي ڪنهن لاءِ بار آهي؟ ۽ هانو تي هٿ رکي چئو،

ڪير آهي، جو پنهنجو رئيس، وڏيرو يا مالڪ پاڻ ٿيڻ نه گهرندو؟

پيارا شهر واسيؤ، هيءَ تعليم، ههڙيون ڳالهيون نه ڪنهن ٻڌيون نه سڻيون!

(هو ڳائي ٿو):

ننڍڙو نوڪر ڪاهل، ننڍڙي نوڪرياڻي منهن_ زوري!

ڇا، سڀني شڪاري ڪتن کي کارائي مهوڙ ڪبو؟_

صبح جي عبادت لاءِ ديول ۾ واڄي وڄائڻ وارا نٿا اچن،

 ۽ شاگرد سيکڙاٽ صبح جو ستا ننڊون پيا ڪن!

نه، نه، نه! انجيل سان اهڙي چرچا نه ڪريو!

اسان جي ڳچيءَ ۾ ٿلهي نوڙي ناهي، ته ٽٽي پوندي_ ڇا اِهو ويل ٿيندوٰ! 

پر هڪ سچي ڳالهه ٻڌو: حياتي اوهان لاءِ بار آهي_ ۽ هانو تي هٿ رکي چئو،

ڪير هي، جو پنهنجو رئيس، وڏيرو يا مالڪ پاڻ ٿيڻ نه گهرندو؟

هاڻي، منهنجا پيارا ڀائرؤ، ڌڻي اوهان کي نيڪي ڏئي، آئيندي تي هڪ نگاهه وجهي ڏسو، جيئن ڊاڪٽر گليلو اوهان لاءِ اُن جي اڳڪٿي ڪري ٿو:

 (هو ڳائي ٿو):

ٻه سکر زالون مارڪيٽ ۾ بيٺيون آهن

دل من پيون هڻن تي ڪهڙي ڪان تي وڃن؛

ماڇياڻي مڇيءَ واري اُٺي ماني ڪڍي ٿي

۽ پنهنجي مڇي پاڻ ويهي کائي ٿي!

رازو ڏاڍي ڌيان سان چريون کوٽي ٿو

۽ ڀتين جي  اوساري ڪري ٿو

۽ جڏهن گهر جُڙي راس ٿئي ٿو،

 تڏهن، هو ڏسو، پنهنجو پاڻ اُن ۾ ويهي رهي ٿو!

پر اِئين ڀلا ٿي سگهي ٿو؟ نه، نه، هي ڪو چرچو نه آهي.

اسان جي ڳچيءَ ۾ ٿلهي نوڙي ناهي، ته ٽٽي پوندي_ ڇا هو اِهو ويل ٿيندو!

پر هڪ سچي ڳالهه ٻڌو: حياتي اوهان تي بار آهي_ ۽ هانو تي هٿ رکي چؤ،

ڪير آهي، جو پنهنجو رئيس، وڏيرو يا مالڪ پاڻ ٿيڻ نه گهرندو؟

هاري زميندار کي بيهي ٿڏا ٿو هڻي.

۽ ڏاٽو کڻي، مٿس چڙهي ٿو وڃي.

 ۽ هاريءَ جي زال پنهنجي ٻارن کي ڏهي پياري ٿي

پادرين جي گئوشالائي ڳئن جو کير.

نه، نه، نيڪ بندؤ، انجيل سان چرچا نه ڪريو!

 اسان جي ڳچيءَ ۾ جي ٿلهي نوڙي ناهي، ته ٽٽي پوندي_

ڇا اِهو ويل ٿيندو!

پر هڪ سچي ڳالهه ٻڌو : حياتي اوهان تي بار آهي_ ۽هانو تي هٿ رکي چؤ

ڪير آهي، جو پنهنجو رئيس، ويرو يا مالڪ پاڻ ٿيڻ نه گهرندو؟

ڪٿا ڪار جي زال:

آءُ هاڻي نافرمان ٿي پيئي آهيان.

ڇو جو پنهنجي رول مڙس کي چيو اٿم:

ڪٿان جو ڪو بيٺل تارو

توکان شايد بهتر ٿئي _ تون به ته ماڻهو ٿيءُ!

ڪٿاڪار:

نه،نه،نه،! بند ڪر، گليلو، هي سڀ ڪجهه بند ڪر!

ڇتي ڪُتي جو منهن کولبو ته ضرور چڪ هڻدو_ ڇا اهو ويل نه ٿيندو!برابر، اهو سچ آهي: خوشي ۽ کيل تمام ٿورا آهن ۽ فرض پُڪارين ٿا: پوءِ ڪير آهي، جو ڪنهن جو رئيس ۽ مال پاڻ بنجڻ نه گهرندو؟

ٻيئي:

پر،عزيزو، شهر واسيؤ، ڀائرو!

اوهين سڀئي جيڪي ڌرتيءَ تي دکي گذاريو ٿا،

اٿو! هڪدم پنهنجون ستل همتون جاڳايو،

۽ لائق ڊاڪٽر گليولس کان سکو،

۽ ڌرتيءَ جي سک جي الف بي کانئس پڙهو:

فقط اوهان جي فرمانبرداري اوهان کي ان کان روڪي ٿي.

پر ڪير آهي، جو پنهنجو رئيس ۽ مالڪ پاڻ بنجڻ نه گهرندو؟

ڪٿاڪار:

معزز شهر واسيؤ، اچو، اچو. ڏسو گليلو گليليءَ جي هيءَ هڪڙي وڏي کوجنا، هيءُ هن جو لڌل وڏو ڪرشمو:

ڌرتي ٿي سج جي چوڌري ڦري! ڌرتي ٿي سج جي چوڌاري ڦري!_

_انهي تي پادرين ۽ پادرين جي مالڪن، ڌرتيءَ جي ڌڻين، جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي آهي…

_دهل جو زور سان دس وڄائي ٿو. مائي ۽ سندس ڇوڪري اڳتي وڌي اچن ٿيون. مائيءَ کي سج جي نشان طور هڪڙو لڪڙ جي کاري جو ڄٽاڻو ٺهيل وڏو گولو آهي، جنهن  کي چوڌاري ڳاڙهو ڪپڙو ڍڪيل آهي، ۽ هوءَ اُن ۾ ويهي رهي ٿي، ۽ڇوڪريءَ جي مٿي تي، ڌرتيءَ جي نشان طور، هڪڙو  گول ڪدو رکيل آهي، ۽ هوءَ ڦرندي، مائيءَ جي چوڌاري چڪر ڏئي ٿي. ايتري ۾ پٺئين پاسي کان دهلن جا ٽاهوڙ وڄندي، ويجهي ايندي ٻڌجن ٿا.)

هڪڙو ٿلهو آواز(زور سان): جلوس اچي ويو!!

_ٻه ماڻهو ڦاٽل ڪپڙن ۾ هڪڙي ننڍڙي گاڏي ڇڪيندا اچن ٿا.اُن ۾ هڪڙوخسيس ۽ کِل جهڙو تخت رکيل آهي.، جنهن تي” فلارينس جو رئيس اعظم، ڏيکاريل آهي ته ويٺو دوربينيءَ مان ڏسي_اُن جي مٿي تي پاٺي مان ٺيل ڇت آهي ۽ بت تي ڳوڻ جا ڪپڙا پاٿل اٿس_ ۽ تخت جي مٿان هڪڙو بورڊ ڏسجي ٿو، جنهن تي لکيل آهي: اجايون نقصان جون ڳالهيون پيو ڳولي!“ ان کان پوءِ چار مُنهن تي پوش پاتل ماڻهو اچن ٿا، جن جي هٿن ۾ هڪڙي وڏي شاهي ڇٽي آهي. هو بيهن ٿا ۽ هڪڙي ڪارڊينل جو بوتو هوا ۾ اڇلائين ٿا. وري هڪڙي پاسي، هڪڙو بنهه ننڍڙو ڄامڙو ڏسجي ٿو، جنهن جي هٿ ۾ بورڊ  آهي، جنهن تي ليکل آهي: نئون دور. انبوهه ۾ هڪڙو ”پنگلو فقير“ پنهنجين گهوڙين تي گهڏي گهڏي، پاڻ کيم مٿي ڪري، پٽ تي زور سان لت هڻي نچي ٿو، تان جو ڌڪ کائي ڪري پوي ٿو، هاڻي هڪڙو ماڻهوءَ جي قد کان گهڻو وڏو”بوتو“، استاد گليلو گليليءَ جو، اچي ٿو، جو عام پبلڪ اڳيان جهڪي سلام ڪري ٿو ۽ انهن جو سلام وٺي ٿو. ان جي اڳيان هڪڙو ٻار هڪڙي تمام وڏو”انجيل“، جيڪو کليل آهي، کنيو اچي ٿو، ۽ اُن جا پٽيل صفحا ڏسجي ٿو ته ٿلهي وڏي منڌيئڙي سان ڪٽيا ۽ ترڪيا پيا آهن.)

ڪٿاڪار:

عزيزو، بزرگو! هيءُ آهي گليلو گليلي_انجيل کي پڙهڻ ۽ ٺيڪ ڪرڻ وارو (انبوهه مان يڪو وڏو ٽهڪ اُٿي ٿو.

11

1633ع ۾ مقدس ڪليسا جي ديني عدالت جڳ مشهور عالم کي روم ۾ گهرائي ٿي

اونهايون ساڙين ٿيون، چوٽيون برف آهن.

گهٽين ۾ گوڙ ۽ عدالتن ۾ ماٺ آهي

فلارينس ۾ ميڊيسي محل جو ورانڊو ۽ ڏاڪڻ

(گليلو ۽ سندس ڌيءُ رئيس اعظم سان ملڻ ‎ لاءِ ترسيا بيٺا آهن.)

ورجينيا: ڪافي دير ٿي آهي.

گليلو: هائو،

ورجينيا: اُهو ساڳيو ماڻهو وري آيو آهي_ جيڪو هيستائين اسان جو پيڇو ڪندو پئي آيو.

(هوءَ هڪڙي ماڻهوءِ ڏانهن اشارو ڪري ٿي. جيڪو ڏانهن نهارڻ کان سواءِ پري کان لنگهي وڃي ٿو)

گليلو(جنهن جي نظر خراب ٿي چڪي آهي): آءُ اِنهي کي ڪونه سڃاڻان.

ورجينيا: پر آءُ هن کي گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڏسندي پئي اچان. مون کي ته هن کان ڊپ ٿو ٿئي.

گليلو: اجائي ڳالهه،اسين فلارينس ۾ آهيون: ڪارسيڪا جي رهزنن جي وچ ۾ ته نه آهيون.

ورجينيا : اجهو ريڪٽرگفون پيون اچي.

گليلو: اِنهي ماڻهوءَ کان وري آءُ ٿو ڊڄان.احمق مون کي پورو ڪلاڪ ڳالهين ۾ بيهاري ڇڏيندو.

_ڏاڪڻ لهندي، يونيورسٽيءَ جو ريڪٽر، گفون، اچي ٿو، هن جي جڏهن گليلو تي اک پوي ٿي ته هيسجي وڃي ٿو، ۽ منهن ٻئي پاسي ڪري، هِنن ٻنهي جي پاسي کان، ڪنهن سلام کان سواءِ، لنگهي وڃي ٿو .)

گليلو: هن کي ڇا ٿي ويو؟ منهنجو اکيون اڄ وري پيون سور ڪن. هِن اسان کي کيڪاريو يا کيڪاريو به ڪونه؟

ورجينيا: ڌيان به ڪونه ڏنائين_ کيڪر ته پري ٿي_ توهان جي ڪتاب ۾ ڇا آهي، بابا! اِئين ته نه آهي ته هي اُن کي ملحدانو سمجهن ٿا!

گليلو ‎: تون ديولين ۾ ڏاڍو گهڻو ٿي وڃين، ورجينيا، هر روز ايترو سوير اٿڻ ۾ صبح جي عبادت ۾ شامل ٿيڻ_ايتري اوجاڳي ۽ فڪر تنهنجي منهن جو رنگ ئي بدلائي ڇڏيو آهي. توکي منهنجي ڏاڍي ڳڻتي آهي. تون مون لاءِ دعائون گهرندي آهين، هائو نه؟

ورجينيا: اِهو ڪاريگر”واني، پيو اچي. لوهه وارو، جنهن لاءِ توهان لوهه رجائڻ جو وڏو ڪوٺارو ٺاهيو هو. هُن اسان ڏانهن ڏکي موڪليا هئا. اچي ته هن جا ٿورا مڃڻ نه وسارجو.

(هڪڙو ماڻهو ڏاڪڻ تان لهندو اچي ٿو.)

واني: استاد گليلي، مون توهان ڏانهن پکي موڪليا هئا. ڪجهه وڻيا؟

گليلو: پکي ڏاڍا مزيدار هئا. ماسٽر واني! تنهنجي وڏي مهرباني.

واني: مٿي هُنن توهان جي باري ۾ پئي ڳالهايو. هي ڪتابڙا، جيڪي انجيل جي خلاف تازو نڪتا آهن ۽ هر هنڌ پيا وڪجن.اُنهن لاءِ هو توهان کي ذميدار سمجهن ٿا.

گليلو: مون کي ڪتابڙن جي ڪا به خبر ڪانهي. انجيل ۽ هومر  ته آءُ بيحد چاهه سان پڙهندو آهيان.

واني: نه به پڙهندا هجو، ته به آءُ توهان کي خاطري ڏيڻ ٿو گهران ته اسين ڪاريگر ۽ هٿ پورهيت ماڻهو توهان جي پاسي آهيون. آءُ اهڙو ڪو ڏاهو ماڻهو ناهيان جنهن کي تارن جي هلچل جي ڪا خبر هجي، پر منهنجي نظر ۾ توهين اهي انسان آهيو. جيڪي نين شين جي سکڻ ۽ سيکارڻ جي آزاديءَ لاءِ وڙهو ٿا. هو جرمنيءَ جو ٺهيل مشيني هر ئي کڻي وٺو، جنهن جي سچي ڳالهه توهان مون کي ڪالهه ويهي سمجهائي هئي. رڳو گذريل  سال ۾ ئي لنڊن ۾ پوک بابت پنج ڪتاب نڪري چڪا آهن. اسان کي هتي فقط هڪڙو ڪتاب هالنڊ جي ماڻهو آبپاشيءَ جي طريقي جهڙو ٺهي ملي. ته به شڪر ڪريون. اِهي ساڳيا ماڻهو جيڪي توهان جي راهه ۾ پيا رندڪون وجهن، سي رڳو بولانا جي ڊاڪٽرن کي مردا وڍڻ نٿا ڏين ته هو ڪا انساني فائدي لاءِ طبي تحقيق ڪري سگهن ٿا.

گليلو: تنهنجي راءِ ۾ وڏو وزن آهي. ڪاريگر واني.

واني: شل اِئين هجي! توهان کي خبر آهي ته آمسٽرڊام ۾ ۽ لنڊن ۾ پيسن جا دوڪان آهن؟ واپار جا به اسڪول آهن؟ ۽ اخبارون باقاعدي نڪرن ٿيون. جن ۾ تازيون خبرون ڇپجن ٿيون. هِتي ته اسان کي پيسي ڪمائڻ جي به آزادي ڪانهي. هو لوهي ڪارخانن جي بر خلاف آهن، ڇا ڪاڻ جو چون ٿا ته اُنهن ۾ گهڻا مزور هڪ هنڌ گڏ ٿيندا ۽ ان ڪري بداخلاقي ۽ گوڙ وڌندو! اسان جو ته سچ پچ توهان جهڙن ماڻهن سان ئي گذارو ٿي سگهي ٿو. استاد سائين، جيڪڏهن هو توهان جي خلاف ڪنهن به  قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪن ته مهرباني ڪري ياد رکندا ته سڄيءَ واپاري ۽ سڄيءَ هنري دنيا ۾ توهان جا دوست ۽ ساٿي ويٺا آهن توهان جي حمايت ۾ بالائي اٽليءَ جا سمورا شهر اُٿي بيهندا، استاد گليلي.

گليلو: منهنجي ڄاڻ ۾، ڪو به مون کي نقصان رسائڻ جي نيت ڪانه ٿو رکي.

واني: نه ٿو رکي؟

گليلو: نه ٿو رکي.

واني: منهنجي راءِ آهي ته توهين وينس ۾ سکيا رهندا. اُتي ايترا خطرناڪ ڪارا جبا ڪونهن. اُتان توهين پنهنجي جنگ جاري رکي سگهندا . مون وٽ گاڏي ۽ گهوڙا تيار بيٺا آهن. استاد گليلي رڳو توهين فيصلو ڪريو.

گليلو: آءُ پاڻ کي پناهگير بنائڻ نٿو گهران. مون کي پنهنجي گهر جو سک عزيز آهي.

واني: برابر، پر جو ڪجهه مون هُتي مٿي ٻڌو آهي. اُن مان سمجهان ٿو ته توهان کي وڌيڪ دير ڪرڻ نه گهرجي. هِنن جي ڳالهين مان مون اِهو سمجهيو ته هو وڌيڪ اوهان جو فلارينس ۾ رهڻ پسند نٿا ڪن.

گليلو: اجائي ڳالهه.رئيس اعظم منهنجو شاگرد آهي. تنهن کان سواءِ خود پوپ به هنن کي ڪنهن اهڙي حرڪت جي اجازت نه ڏيندو. جنهن سان هو مون کي ڦاسائڻ چاهيندا هجن.

واني: ڏسان ٿو ته توهين پنهنجا دوست ۽ دشمن پورا سڃاڻي نٿا سگهو. استاد گليلي.

گليلو: آءُ زور وارن ۽ بي جو فرق ڄاڻان ٿو.

(هو تکو تکو هليو وڃي ٿو)

واني: چڱو، سائين! شل توهان جو بخت سڻائو هجي!

(وڃي ٿو)

گليلو: (ورجينيا وٽ موٽي اچي ٿو): جيڪو ٿو اُٿي. سو ٿو مون کي پنهنجن مسئلن حل ڪرڻ لاءِ پڳ ٻڌائي. اڳيان ڪري_ ۽ سو به خاص ڪري اُتي جتي منهنجي جوکم جي ڳالهه آهي. مون سرشٽيءَ جي قائدن بابت هڪڙو ڪتاب لکيو آهي. بس،ا ُن کي ڪو ڪيئن ٿو سمجهي ۽ ڪو ڪيئن ٿو ڪم آڻي. ان ۾ منهنجو ڪهڙو واسطو!

ورجينيا(ڏاڍيان): ماڻهن کي رڳو اِها خبر پوي ته گذريل ڪارنيوال ۾ هر هنڌ جيڪي ٿيو، اُن جي توهين ڪيتري نه نندا ڪري چڪا آهيو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org