سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ رگ ويد کان شيخ اياز تائين

باب:

صفحو:5 

ڀارت جا عالم به گهڻن ئي سالن کان وٺي سنڌو سڀيتا جي لِپيءَ کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن. اسان لاءِ اها خوشيءَ ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته هڪ سنڌي وِدوان سرڳواسي پنڊت ڪشنچند جيٽلي به انهيءَ وشيه تي اٽڪل چاليهن سالن کان اڀياس ڪري رهيو هئو. هن موهن جي دڙي جي لِپيءَ ۽ ٻوليءَ بابت سن 1985ع ۾ پوني (مهاراشٽر) مان هڪ ڪتاب شايع ڪيو. پنڊت ڪشنچند جيٽلي سنسڪرت، پراڪرت، اپڀرنش ۽ ٻين ڀارتييه ٻولين جو وِدوان هئو. هن موهن جي دڙي جي لِپيءَ کي سمجهڻ لاءِ دنيا جي پراچين سڀيتائن جي لِپين ۽ ڀارت جي الڳ الڳ ٻولين جي لکاوٽن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪئي. اهڙي قسم جي اڀياس مان هو اِن نتيجي تي پهتو ته موهن جي دڙي مان حاصل ٿيل مهرن تي جيڪا ٻولي لکيل آهي، اُها پراچين پراڪرت ٻولي آهي. انهيءَ جي جهلڪ اسان کي ويدن جي سنسڪرت ۾ به ملي ٿي. هن جي راءِ ۾ سنڌي هندن وٽ ”هندو سنڌي لِپي“ آهي، جنهن کي ”هٽ واڻڪا“ اکر به چوندا آهن. ڪيترائي ”هٽ واڻڪا“ اکر موهن جي دڙي جي لِپيءَ سان ملن ٿا. انهيءَ مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي ٻولي پنج هزار سال پراڻي آهي. هن وِدوان جو خيال آهي ته موهن جي دڙي جي ٻولي اصل ۾ اوائلي پُراڻي پراڪرت ٻولي آهي.

هن ڏس ۾ انگلئنڊ جي پر سڌ تاريخ دان پروفيسر بئشم جو رايو خيال ۾ رکڻ ضروري آهي. ”ڪِن ماهرن جو خيال آهي ته براهمي لِپي ديسي آهي ۽ سنڌو سڀيتا جي لِپيءَ مان جنم ورتو اٿس.“ انهيءَ سلسلي ۾ سر جان مارشل جي راءِ گهڻي اهميت واري آهي. هن پنهنجي کوجناتمڪ رپورٽ ۾ لکيو آهي ته ”موهن جي دڙي جي لِپي پراچين ڀارت جي براهمي لِپيءَ جو پڻ بنياد آهي. براهمي لِپي موهن جي دڙي جي چِتر لِپيءَ مان جڙي ۽ اُسري آهي. مون وڏي اعتماد سان براهمي لِپيءَ جي ڪيترن ئي اکرن کي پرکيو آهي ۽ اُنهن جي ڀيٽ ڪئي آهي.“

دنيا ڀر جي هيترن وِدوانن جي ڪوششن جي باوجود سنڌو ماٿري سڀيتا جي ٻولي ۽ لِپي اڃان هڪ لِڪل راز آهي. ڳجهه آهي. گپت ڳالهه آهي، جنهن جو صحيح حل ملي نه سگهيو آهي.

(8)

سنڌو سڀيتا: مري ويلن جو اَنتِم سنسڪار

ڏينهن ۽ رات جي وچ ۾ وڏو تفاوت آهي. جيڪا جڳهه توهين ڏينهن جو ڏسو ۽ وري اُنهيءَ ساڳئي اسٿان کي رات جو ڏسو ته اُنهيءَ ۾ وڏو فرق نظر ايندو آهي. اسان تاج محل کي ڏينهن جو ڏٺو آهي، اُنهيءَ جو رات جي چانڊوڪيءَ ۾ به ديدار ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح هن سُندر ۽ حسين مهان ديش جي الڳ الڳ آستانن کي ڏينهن ۽ رات جي وقت ڏسڻ جا موقعا مليا آهن. ڪشمير جي ڊل ليڪ ۾ شڪاري ۾ ويهي رات جو چڪر لڳايا آهن، هماليه جبل جي چوٽيءَ نندا ديويءَ جو درشن به رات جو ڪيو آهي. ڪيرل جي ڪوولم بيچ تي رات جو سمنڊ ۾ سنان ڪيو آهي. سانچيءَ ۾ ٻُڌ ڌرم جا اِسٽوپ رات جو ڏٺا آهن. بمبئيءَ جي مڌ آئلئنڊ جي سمنڊ جي ڪناري ايڪٽيهين ڊسمبر جي رات گذاري آهي. شلانگ ۾ پائين جي وڻن وچ ۾ ويهي سوم رس جا گلاس ڀري سڄي رئن ڪاٽي آهي.

موهن جو دڙو لاڙڪاڻي جي شهر کان پنجويهه ميل پري ۽ ڏوڪري اسٽيشن کان فقط ساڍن ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي. سڄو ڏينهن موهن جي دڙي جو اڀياس ڪيو هئوسين. هڪ ڏينهن ويچار آيو ته انهيءَ ويراني جو رات جي وقت به ديدار ڪجي. اونهاري جي چانڊوڪي رات هئي. موهن جي دڙي جي وچ ۾ بيٺا هئاسين. ائين پئي لڳو ڄڻ ته موهن جي دڙي جا رهواسي صدين جي ننڊ مان جاڳي اُٿيا هئا ۽ اسان سان ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ لاءِ آتا هئا. رات جي وقت چانڊوڪيءَ ۾ موهن جي دڙي جو رنگ ۽ روپ ڪشش ڪندڙ هئا. پنج هزار سالن جي پراڻي سڀيتا من موهيندڙ پئي لڳي. هرهنڌ چُرپُر هئي. ائين پئي لڳو ته هرڪا چيز حرڪت ۾ آهي، جنبش ۾ آهي. اوچتو ئي اوچتو آواز آيو. آواز صاف ۽ چٽو هئو. لفظ صاف ۽ نِرمل هئا. اُنهن ۾ پنهنجائپ جو جذبو هئو. آواز آيو ته قدم سنڀالي کڻجو، ڇاڪاڻ ته اُتي اوهان جي وڏن جي پيرن جا نشان آهن. قومون ماڻهن سان ٺهنديون آهن. ماڻهو اڻلڀ هوندا ته قوم ڪٿي لهي سگهبي؟ ٻن پيرن وارن ڍورن جي ڌڻ کي قوم نه ٿو سڏي سگهجي. ماڻهوءَ جهڙي شيءِ ڏاڍي ڏکي ٿي لڀي. ڪنهن قوم جي وجود کي ثابت ڪرڻ لاءِ اُن جي بلنديءَ ۽ هيٺاهينءَ جي سطح مقرر ڪرڻ لاءِ، اِهوئي ڏسڻو پوندو آهي ته اُن قوم ۾ ماڻهو ڪيترا آهن. اُن جي مٽيءَ ۾ ماڻهو پيدا ڪرڻ جو ست آهي يا نه؟ اُن جي ڌرتيءَ جو وايومنڊل ماڻهپي جي اُسرڻ ۽ نسرڻ لاءِ ٺهڪندڙ ۽ پورو آهي يا نه؟ ڏکي ڳالهه سچ پچ هيءَ آهي ته ماڻهو هر روز پيدا نه ٿا ٿين. انسان کي بڻائڻ قدرت جي ڪاريگريءَ جو ڪمال آهي ۽ قدرت جون پنهنجون مصلحتون ڪجهه اهڙيون آهن، جو اُن جي ڪارخاني ۾ هر روز سندس ڪمال جا شهڪار پيدا ڪين ٿا ٿين. انهن لفظن کان پوءِ اننت آڪاش مان ايندڙ آواز بند ٿي ويو. چؤطرف خاموشي ڇانئجي ويئي.

ڪجهه وقت جي خاموشيءَ کان پوءِ وري آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته توهين جنهن سڀيتا جي تلاش ۾ آيا آهيو سا توهان کي چئن هنڌن تي چڱيءَ ريت ملندي. هڪ هتي موهن جي دڙي تي ۽ ٻي هڙپا ۾ جيڪو پنجاب ۾ آهي. ٽين ڪالي بنگان ۾، جيڪو راجسٿان ۾ آهي. چوٿون هنڌ آهي لوٿل، جيڪو گجرات ۾ آهي. هڙپا، ڪالي بنگان ۽ لوٿل ۾ هڪ قبرستان آهي، جنهن ۾ ڏهه قبرون آهن. اها نهايت ئي عجب جي ڳالهه آهي ته موهن جي دڙي ۾ هڪ قبرستان نظر نه آيو آهي. اُتي کوٽائيءَ جي دؤران فقط اٺٽيهه انساني کوپڙيون ۽ انساني هڏن جا پڃرا مليا آهن. اهي هڏن جا پڃرا مردن، زالن ۽ ٻارن جا آهن. ڪن مري ويلن ماڻهن جي لاشن جي هڏن تان زيور به مليا آهن. انهيءَ مان انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته مري ويل ماڻهوءَ کي زيور ۽ ڳهڻا به پائيندا هئا. سڌو سڀيتا جي کنڊهرن جي کوٽائيءَ مان جيڪي سون، چانديءَ، ٽامي ۽ عاج جا زيور هٿ آيا آهن، اُنهن جي اڀياس مان خبر پوي ٿي ته اُنهيءَ تهذيب ۾ رهندڙ عورتون زيورن پائڻ ۽ هار سينگار جون شوقين هيون. زيور نه صرف هار سينگار لاءِ پاتا ويندا هئا پر جن ڀوت، پريت جي پاڇي يا سايي کان بچڻ لاءِ به زيورن پائڻ جو رواج هوندو هئو.

ماهرن جو رايو آهي ته سنڌو سڀيتا ۾ مري ويلن ماڻهن کي پوريو ويندو هئو. سر جان مارشل انهن کي پورڻ جا ٽي طريقا ٻڌايا آهن: (1) سڄي لاش کي پورڻ، (2) لاش جي ڪنهن حصي کي پورڻ، (3) لاش کي ساڙي پوءِ دفن ڪرڻ. ٻئي طرف ڊاڪٽر ايس. ڪي. چئٽرجيءَ انهيءَ سڀيتا ۾ ماڻهن جي لاشن کي پورڻ جا چار نمونا ڏيکاريا آهن: (1) سِرن جي ڪوٺيءَ وانگر سماڌي ٺاهي اُن ۾ لاش کي پورڻ (2) لاش کي صندوق ۾ بند ڪري پورڻ (3) گنديءَ ۾ لاش کي پورڻ (4) لاش جون سڙيل هڏيون ۽ رک ڪنهن برتن ۾ وجهي پورڻ. مري ويل ماڻهوءَ جي انتم سنسڪار ۾ ڪڻڪ، جوَ، ململ جو ڪپڙو، ڳڙ جهڙي شيءِ ۽ برتڻ به لاش سان گڏ پوريا ويندا هئا. لاش جي مٿان زيور به رکندا هئا. زيور گهڻو ڪري ٽامي جا هوندا هئا جيڪي مري ويل ماڻهوءَ جي شرير تي پاتل هوندا هئا.

گهڻن عالمن ۽ ماهرن جو خيال آهي ته موهن جي دڙي جي سڀيتا دراوڙ لوڪن جي آهي ۽ اِهي ئي اِنهيءَ سڀيتا جا بانيڪار آهن. موهن جي دڙي جي سڀيتا ويدن جي مڃيندڙ آرين کان اڳ جي آهي. سنڌو سڀيتا گهڻي پُراڻي آهي.

اِها رگ ويد کان گهڻو اڳ جي سڀيتا آهي. انهن لفظن کان پوءِ اننت آڪاش مان ايندڙ آواز بند ٿي ويو. چؤطرف ماٺ ۽ چُپ ٿي ويئي. اسين به پيرن تي هلي هلي ٿڪجي پيا هئاسون ۽ واپس ورڻ جي ڪئي سون.

(9)

ڏائڻ ۽ سِڪندر

سنڌي ائڪيڊمي دهليءَ سان اسان جو ناتو ۽ رشتو ويجهڙائيءَ ۾ ٿيو آهي. ڪيول ملڪاڻيءَ ”سڪندر ۽ سنڌ“ تي ليڪچر ڏنو ته اُن جي صدارت رام ڪئي. جڏهن 21 مارچ تي رام ڀارت ۽ سنڌ جي سنڌين کي ليڪچر ڏنو، تڏهن صدارت پروفيسر خوشيرام نيڀراج واسواڻيءَ ڪئي. اُن وقت ڪيول ملڪاڻيءَ گهڻي ڌيان سان رام جو سڄو ليڪچر ٻُڌو. سنڌي ائڪيڊميءَ جي ذريعي اسان جي ڏيٺ ويٺ پروفيسر خوشيرام واسواڻيءَ سان ٿي آهي. اُها هاڻي بدلجي ساهتڪ دوستي ٿي آهي. پروفيسر واسواڻي پاڻ ذاتي طرح سان نهايت ئي روشن خيال ۽ فراخ دِل انسان آهي. هو سنڌي ادب جو نه رڳو پارکو آهي، پر بي بها ڄاڻو به آهي. دلي طرح سان هيءُ بزرگ گهڻين ئي صفتن وارو انسان آهي. محبت جا منجهس مڻ آهن. سيکارڻ ۽ ٻڌائڻ واريءَ واٽ تي سنڌ جي هن سهڻي سپوت ڪڏهن به ڪو ڪنڊن جو لوڙهو نه ڏٺو آهي. بنا ڪنهن هٻڪ جي، دل جي سچائيءَ سان صلاح ڏيندو آهي. سائل جي دل جو سڏ سُڻي، جيڪو وٽس وکر هوندو آهي، سو گهڻي خوشيءَ سان کيس ڏيئي ڇڏيندو آهي. اچڻ وارو سندس انهن رهاڻين مان، عقل جا چار موتي کڻي پنهنجي جهول ۾ وجهي کڻي ويندو آهي. اُٿئي ويٺي، ڳالهين ڪندي، علم ادب جي سهڻن نڪتن مان اصل واهڙ وهائيندو ويندو آهي. سندس يادگيري ايڏي پڪي ۽ پختي هوندي آهي. جو ڪتابن جا اهڙا سربستا حوالا ڏيندو آهي، ڄڻ ته ڪتاب پيو پڙهي.

هر هفتي ٽيليفون تي پروفيسر واسواڻي اسان کان ضرور پڇندو آهي ته هن هفتي پاٺڪن لاءِ ڇا لکيو اٿوَ؟ ڪڏهن ڪڏهن اسين کيس لکيل مضمون فون تي پڙهي ٻُڌائيندا آهيون. هو ايمانداريءَ سان ٽيڪا ٽپڻي ڪندو آهي ۽ اُن سان گڏ داد به ڏيندو آهي. سندس ساراهه جا ٻه لفظ اسان لاءِ ذهني ٽانِڪ جو ڪم ڪندا آهن.

آچر جو ڏينهن هئو. ٽيليفون جي گهنٽي وڳي. لائين تي پروفيسر واسواڻي هئو. دنيا جون ڳالهيون ڪندي سوال ڪيائين ۽ هن ڇنڇر تي توهان ڇا لکيو آهي؟

اسان جواب ڏنو ته، ”ڏائڻ.“

پروفيسر کلي ويٺو ۽ چيائين ته، ”توهان جا مضمون گوناگون قسمن جا آهن. هڪ طرف آزادي، آزادي، آزادي، ٻئي طرف اڌ ٻيڪڙيل دروازو ۽ نوران سان پيار.“

رام چيو، ”توهان کي پڙهي ٻُڌايان ۽ پوءِ پنهنجي راءِ ڏيو.“

اسان پڙهڻ شروع ڪيو.

سنڌ کي ڇڏئي پنجاهه سال ٿيا آهن. انهيءَ هوندي به سنڌ لاءِ درد آهي. دل جي هڪ خاص حصي ۾ سنڌ وسندي آهي. خوابن ۾ نچندي آهي. سپنن ۾ نرتڪيءَ وانگر نرتيه ڪندي آهي. ٽيويهن سالن تائين سنڌ ۾ پيدا ٿي وڏا ٿياسين. زندگيءَ جا پهريان ٽيويهه سال ڪيترا نه نازڪ ٿيندا آهن! پيار ڀريا ٿيندا آهن!! اُڀرندڙ ۽ مچلندڙ سنڌو درياهه جي ڇولين وانگر ٿيندا آهن!!! هڪ پل ۾ طوفان ۽ آنڌي، ته ٻئي پل ۾ سانت ۽ خاموشي. ڪهڙا نه يار دوست هئا. هڪڙو هڪڙو موتين کان مهانگو. هنن جي ڳالهائڻ مان سچائيءَ ۽ انسانيت جون سُرهاڻيون پيون اينديون هيون. هنن جون دوستيون محبت ۽ حب سان ڀريل. ڄڻ ته نه وسامندڙ ديپ! ڪهڙي ياد ڪجي ۽ ڪهڙي وسارجي؟

سنڌي ڪيڏو نه پيارو نالو آهي! شيڪسپيئر پنهنجي لکيل ناٽڪ ”روميو جوليٽ“ ۾ چيو آهي ته نالي ۾ ڇا رکيو آهي؟ اسين جنهن شيءِ کي گلاب جو گل ڪوٺيون ٿا، جيڪڏهن اُنهيءَ تي ٻيو ڪو نالو رکون، تڏهن به ساڳي خوشبوءِ ڏيندو. پر منهنجي ويچار ۾ سنڌيءَ جي نالي ۾ جيڪا سُڳنڌ آهي، اُها ساوتريءَ کي ٻئي ڪنهن جي به نالي مان نه آئي آهي. ساوتريءَ ڄڻ ته سنڌيءَ جي نالي جي ساري عمر سُمرڻي سوري آهي!

اِهو سنڌ جو پيار هئو، جيڪو ساوتريءَ ۽ رام کي انڊيا انٽرنئشنل سينٽر جي لئبرريءَ ۾ ڇڪي وٺي ويو هئو. آڳاٽي زماني جا ٽي نقشا ڦهلائي، ساوتري سڪندر اعظم واري دؤر جي نقشي کي غور سان ڏسي رهي هئي. هن جون نگاهون اُنهيءَ زماني جي وهندڙ سنڌو نديءَ تي پيئون. پوءِ اُهي حيدرآباد، سيوهڻ، ڪراچي، ٺٽي ۽ اروڙ شهرن تي ويئون. اُنهن شهرن جو ذڪر يوناني تواريخ نويسن ڪيو آهي.

رام نقشا ڏسندي سوال ڪيو، ”ڏائڻ جو سڪندر سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟“

ساوتريءَ کلي وراڻيو، ”ڏائڻ جو سڪندر سان تمام گهرو رشتو آهي. يونانين جي اچڻ کان اڳ سنڌي ۾ ڏائڻ لفظ ڪونه هئو. اِن کان سواءِ ’دئوس‘ لفظ به اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي مليل يونانين جي سوکڙي آهي. سچ پڇين ته اسان جي تواريخ ۾ اسان کان اڳ ڇا ٿي گذريو آهي، انهيءَ جي ڄاڻ کان سواءِ اسين اڻپورا آهيون. هڪ رومن ڏاهي سِسيرو چيو آهي ته ماڻهوءَ جي پيدا ٿيڻ کان اڳ جو ڪجهه ٿي گذريو آهي، تنهن کان بيخبر رهڻ وارو هميشه لاءِ ٻار رهجي ٿو وڃي. اهڙي انسان جي زندگيءَ جي ڪهڙي حيثيت؟

ساوتريءَ جي اڀياس تي رام اچرج ۾ پئجي ويو. کيس ياد آيو ته ننڍي هوندي جيڪب آباد ۾ سندس پاڙي ۾ چانڊوءَ ماءُ پنهنجيءَ نونهن کي ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا ”ڏائڻ“ ڪري ڪوٺيندي هئي. هوءَ چوندي هئي ته، ”هيءَ ڏائڻ آهي. شاديءَ کان پوءِ هڪ سال جي اندر منهنجي پُٽ کي کائي ويئي.“ حقيقت اِها هئي ته چانڊو سِلهه جي بيماريءَ ڪري مئو هئو. پر چانڊوءَ ماءُ سڄو ڏوهه پنهنجيءَ نونهن تي وجهندي هئي. سنڌي سماج ۾ ڏيتي ليتيءَ جي ڪُرسم کي به ڏائڻ سڏيو ويندو آهي.

ساوتريءَ نقشن تان نظرون مٿي کڻندي چيو ته اُهي ماڻهو جن کي ماضيءَ جي تاريخ بابت گيان نه آهي، اُهي حال جي باري ۾ صحيح معلومات رکي نه ٿا سگهن. تاريخ هڪ جبل آهي، جنهن جي چوٽيءَ تي چڙهي هيٺ نگاهه وجهڻ سان ماڻهو ماضيءَ جي دؤرن ۽ شهرن کي سٺي نموني سان ڏسي ۽ سمجهي سگهي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org