سيڪشن: ادب

ڪتاب: مون توکي ساريو

باب:

صفحو:1

مون توکي ساريو

يادگيريون،سفر نامو،خاڪا، جيون ڪٿائون ۽ مضمون

زيب سنڌي

 

ڪَتِين ڪَرَ موڙيا جڏهن، توکي مون ساريو

۽ پوءِ گذاريو، صبح تائين جاڳندي.

                               (ادل سومرو)

 

ڇپائيندڙ پاران

ڪتاب ”توکي مون ساريو“ سنڌي ادب جي نامور نثرنگار زيب سنڌي صاحب جي يادگيرين، خاڪن، مضمونن، مهاڳ، جيون ڪٿائن ۽ سفرنامي جو مجموعو آهي. سندس اِها تخليق ڪيترين ئي نامور شخصيتن جي زندگيءَ تي روشني وجهي ٿي. پاڻ هِن ڪتاب ۾ انهن نامور شخصيتن جي مکيه پهلوئن جا عڪس پنهنجي لکڻيءَ وسيلي پسايا آهن.

زيب سنڌي هڪ بهترين ڪهاڻيڪار کان و ٺي هڪ ڊرامه نگار ۽ ڪالم نگار جي حيثيت ۾ پنهنجي درد ۽ سوچن جا نقش چٽي سنڌ ۽ سنڌين کي ارپيا آهن. سندس تحرير جي دلڪشي ۽ اسلوب ڏاڍو دلپذير آهي ۽ لکڻ جو اِهو انداز اتساهيندڙ ادب جو هڪ اهم حصو آهي. پاڻ زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ تجربي ۽ تلخيءَ جي وِهه کي ماکيءَ ۾ بدلائي عجب جهڙو ڪم ڪيو آهي.

زيب سنڌي جي قلمي پورهي کي مڃتا ڏيندي سنڌي ادبي بورڊ طرفان سندس سهيڙيل نثري لکڻين کي ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، جيڪو ”توکي مون ساريو“ جي نالي سان اوهان جي هٿن ۾ آهي.

هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. جنهن لاءِ آئون جناب مخدوم جميل الزمان صاحب چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ، جو تهدل سان شڪر گذار آهيان، جنهن پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان ڪيو.

اميد آهي ته، اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو ادب سان دلچسپي رکندڙن وٽ مانُ لهندو.

 

25- جمادي الثاني 1433هه

17- مئي 2012ع

 

الهڏتو وگهيو

سيڪريٽري

 

ليکڪ جو پروفائيل

اصل نالو محمد خان ولد عبدالستار شيخ، ادبي نالو زيب سنڌي. تاريخ
7- سيپٽمبر 1957ع تي ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ديني مدرسو پرائمري اسڪول لاڙڪاڻو مان، مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو، بي.اي سچل سرمست ڪاليج لاڙڪاڻو سال 1979ع ۾ ۽ ايم.اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي مان سال 1981ع ۾ پاس ڪيائين. زيب سنڌي 1988ع ۾  ريڊيو پاڪستان تي پروڊيوسر مقرر ٿيو. هو 1989ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ليڪچرار ٿيو ۽ هِن وقت ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي.

زيب سنڌيءَ هڪ سٺي ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نويس، شاعر، ڪالم نگار، مترجم، ريڊيو ۽ ٽي.وي ڪمپيئر جي حيثيت ۾ پاڻ مڃائي چڪو آهي. سترهن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ئي هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون هيون. سندس پهرين ڪهاڻي ”زخمي دل“ سال 1974ع ۾ رهبر ڊائجيسٽ ۾ ڇپي هئي. هيل تائين سندس اصلـوڪين ڪهاڻين جا چار ڪتاب: 1- گهٽيل خواهشون (1977ع)، 2- زندگي درد جي ٻانهن ۾ (1981ع)، 3- ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر (2001ع) ۽ 4- حيدرآباد 47 ڪلوميٽر (2010ع) ڇپجي چڪا آهن. جڏهن ته سندس ناول ”سيتا زينب“ (2011ع) پڻ موجوده دور جو هڪ اهم ناول آهي. نثر جي مختلف صنفن تي مشتمل زيب سنڌيءَ جو هيءُ ڪتاب ”توکي مون ساريو“ پڻ اميد ته پڙهندڙن توڙي علمي ادبي حلقن ۾ مڃتا ماڻيندو.

هڪ شاعر جي حيثيت سان زيب سنڌيءَ دل کي ڇهندڙ ۽ ياد رهڻ جهڙا غزل ۽ نظم لکيا آهن. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”آوارا بادل ۽ زيب“ جي عنوان سان ترتيب ڏنل آهي.

زيب سنڌيءَ کي ٽي.وي ڊراما نويس جي حيثيت سان جيڪا ڪاميابي ۽ شهرت ملي آهي، اها گهٽ ليکڪن جي حصي ۾ ايندي آهي. سنڌيءَ سان گڏ هن اردوءَ ۾ به يادگار ڊراما لکيا آهن. هيل تائين هن 25 سولو پلي، 9 سيريل ۽ 5 ٽيلي فلم لکيا آهن، جيڪي پي.ٽي.وي، ڪي.ٽي.اين، سنڌ ٽي.وي، مهراڻ ٽي.وي، پي.ٽي.وي نيشنل، اي.آر.واءِ ۽ هم ٽي.وي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن.

ٿورا

آءٌ جناب قائم علي شاهه، وزيراعليٰ سنڌ ۽ جناب مخدوم جميل الزمان، وزير بين الصوبائي رابطا ۽ اينٽيڪوئٽيز سنڌ ۽ چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ جن جو بيحد ٿورائتو آهيان. جن سنڌي ادبي بورڊ کي ترقي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سندن دلچسپيءَ سبب بورڊ پاران نه فقط سنڌي ادب جا سٺا ۽ معياري ڪتاب شايع ڪيا پيا وڃن، پر ساڳئي وقت بين الاقوامي ادب جا چونڊ ڪتاب پڻ ترجمو ڪرائي ۽ ڇپائي رهيا آهيون.

آءٌ محترم الهڏتو وگهيو، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ کي واڌايون ڏيان ٿو، جنهن نه فقط بورڊ جي انتظامي مامرن ۾ دلچسپي ورتي آهي، پر ڪتابن جي ڇپائيءَ ڏانهن خصوصي طور تي ڌيان ڏنو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مختصر عرصي دوران هن ڪيترائي بهترين ڪتاب شايع ڪري پڌرا ڪيا آهن. هيءُ ڪتاب پڻ انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

نذر محمد ڳاهو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org