سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: بک عشق ادب

باب: --

صفحو : 7 

 

بمبئي بندر کان وي. ٽي آياسين. ڏسون ته گاڏيون بنا انجڻ جي پيون هلن. اسين به سامان کڻي چڙهي پياسين. گاڏي خالي هئي. هاڻ اها خالي گاڏي به فقط خوابن ۾ ڏسي سگهبي آهي. هينئر گاڏيءَ ۾ جڳهه ملي، ڄڻ دفتر ۾ بونس مليو. مان فئملي کي ڪلياڻ اسٽيشن ٻاهران ڇڏي مليٽري ڇانوڻيءَ ۾ ويس، جتي اڃا به انگريز فوجي هئا. جاچ ڪندي دادا کي ڳولي ڪڍيم. هو مون کي ڏسي عجب ۾ پئجي ويو. ڀاڪر پاتائين. پٺي ٺپريائين. کيس ڪنهن ٻڌايو ته 6 جنوريءَ جي فسادن ۾ سندس فئملي مارجي ويئي هئي. گلو به اتي هو ۽ خوش ٿيو. داد هڪ جيپ جو بندوبست ڪيو ۽ سالن بعد اسان جو ڪٽنب هڪ هنڌ گڏ ۽ ٿائنيڪو ٿيو. اتي هڪ ڀيڻ وديا ڄائي جا پورو کير نه ملڻ سبب گذاري ويئي. ان رات چنڊ جي شڪل ڪتي کان بدتر ڏٺي هيم. مون ”آواراهه“ ۾ ان جو منظر چٽيو آهي.

ڪئمپ ۾ فقط اسان جو سنڌي ڪٽنب هو. ٻه سئينيمائون هيون، جتي شام جو ٻه شو انگريزي فلمون هلنديون هيون. آبادي اٽڪل پندرهن هزار. پندرهن هزار کن انگريز هئا، جي آهستي آهستي پنهنجي وطن روانا ٿيا. جنرل هيڊڪوارٽر ۾ ننڍو هوائي جهاز منهن ڀر ڪري پيو هو. هڪ ڀيري ان کي منهن کان جهلي زور ڏنم ته پينگهه جي گاڏي جيان ٽيهه فوٽ مٿي چڙهي ويو ۽ پڇ وڃي پٽ سان ٺڪاءُ ڪيس. ڪافي ماڻهو گڏ ٿيا. ڇوڪرو سترهن سالن جو ۽ هن کي ايڏي طاقت. پوءِ اهو هوائي جهاز الائي ڪيڏانهن ويو. اهو موجوده ڪورٽ جي سامهون جنرل هيڊڪوارٽرس ۾ ڪريو پيو هو.

دادا وٽ پراڻو ريڊيو هو ۽ هڪ ڏينهن خبر آئي ته ڪنهن شخص مهاتما گانڌيءَ جو خون ڪيو هو. سنگهه ۾ هئڻ سبب اسان کي گانڌيءَ لاءِ ڪا خاص عزت نه هئي ۽ نه نهروءَ لاءِ. اسان لاءِ هڪ ئي وڏو شخص هو: پرم پوجنيه شري گروجي. جنهن جا ڀاشڻ سنڌ ۾ ٻڌا هئم ۽ پوءِ هند ۾ به. ان سان روبرو به گڏيو هوس. شايد اهو زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هو جو اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. پنڌ ڪري ڪلياڻ شهر ويس ۽ اتان بمبئي ويس. نهروءَ ريڊيو تي چيو: روشني هلي ويئي، هاڻ جتي ڪٿي انڌڪار آهي.

مئي، جون ۾، ڪئمپ ۾ سنڌي اچڻ لڳا ۽ ڪئمپون کلڻ لڳيون، چيم سائيڊنگ تي هڪ اسڪول کليو، جتي پنجين ۾ داخلا ورتم. گنو سامتاڻي ۽ راجن چاولا ساڳئي ڪلاس ۾ هئا ۽ اتي دوست ٿيا. راجن اڄڪلهه لنڊن ۾ آهي ۽ گنو، بمبئي ۽ چرچ گيٽ تي. مون ٽئين نمبر ۾ سنگهه تان بندش هٽائڻ لاءِ هندستان ڀر تحرڪ هليو ۽ جي شخص ان ۾ گرفتار ٿيا، مان تن مان هوس. چيائون معافي وٺ. مون انڪار ڪيو. مون کي ٽي مهينا سزا ملي. ۽ مان هڪ رات ڪلياڻ لاڪ اپ ۾. هڪ دفعو ٿاڻا جيل ۾ ۽ باقي وقت ويساپور جيل ۾ هوس.

ويساپور جيل ۾ اسين اٺ سئو قيدي هئاسين. جمع جي پاڻ ڳڻپ ڪندا هئاسين. رانديون ڪندا هئاسين. رزو رات جو راڳ ۽ تقريرون. اتي نارائڻ ڀارتي به هو، جو ڀتِ تي سنگهه تي بندش خلاف پوسٽر لڳائيندي گرفتار ٿيو. هو پنهنجي مرضيءَ خلاف جيل ۾ آيو هو. ٻين کان ڪٽيو ڪٽيو رهندو هو. البته هو منهنجون تقريرون چاهه سان ٻڌندو هو ۽ مون سان بحث ڪندو هو.

جيل ۾ مون سان ڪير به گڏجڻ نه آيو. ڪو دوست به نه. مان جيل جي شيخن ٻاهران آسمان ڏانهن نهاريندو هوس. آسمان ۾ پکي ڏسي سوچيندو هوس ته ڪڏهن آزاد ٿيندس. ميدان تي گايون ڏسندو هوس ته پاڻ کي بدنصيب سمجهندو هوس.

سنڌ ۾ سنگهي هندو هئا ۽ هندو راڄ جون ڳالهيون ڪندا هئا. هو مسلمانن جا مخالف هئا پر کانئن نفرت نه ڪندا هئا. جيل ۾ سنڌي ڏهه ٻارنهن هئا، باقي گهڻا مرهٽا جي سخت ڪٽر هئا. جوش ۾ ڳائيندا هئا:

مهاتما گانڌيءَ چيو ته پاڪستان منهنجي لاش تي ٺهندو. پاڪستان ٺهيو ۽ ماڻهن گانڌيءَ جو لاش ڏٺو. گانڌي مري ويو تڏهن به جيل ۾ ڳائيندا هئا:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org