سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:26 

ڪوئٽا ڏي قرب سان

ڪو زمانو هو ٻارن جي اسڪولن جون اونهاري جون ڊگهيون موڪلون (وئڪيشنون) ۽ يونيورسٽيءَ جون موڪلون گهڻو ڪري گڏ هونديون هيون. هاڻي جڏهن پنهنجو سير ڪرڻ جو موڊ ٺهيو ته هڪ ته موڪلن جو هڪ ٻئي ۾ ٺاهه نه رهيو. ٻيو ته يونيورسٽيءَ جي موڪل جو ڀروسو نه رهيو. جون واري مليل تاريخ کان اڳ اوچتو ڪنهن به گهڙيءَ ريڊيو جي اعلان وسيلي موڪل ٿي وڃي ٿي. 1990ع ۾ ايئن ئي ريڊيو جي اعلان وسيلي ٻنهي ڌرين جي موڪل هڪ ئي وقت ٿي ويئي.

ٻارن کي ڳوٺ ڇڏي واپس يونيورسٽي پهتس ته بوريت محسوس ڪيم. هيڏانهن هوڏانهن ٽيليفون ڪرڻ ويئس، پر ڪنهن به ائين نه چيو ته مون ڏي هليو اچ فقط جيڪب آباد کان منهنجي پياري شاگرد ۽ دوست ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ضد ڪري بيٺو ته: ”سڌا هيڏانهن هليا اچو؟ ڪوئٽا ٿا هلون.“

ڪوئٽا ڏي سنبرندي پنج سال ٿي ٿيا، سو کيس چيم سڀاڻي ٿو پهچان. دل ۾ چيم ته ڪوئٽا ڏسجي ملتان موهن جي دڙي واري ڳالهه نه ٿئي. اها هيئن ٿي جو تعليم ۽ سياحت جي سلسلي ۾ چين، سري لنڪا، برطانيه ته ڏٺم پر موهن جي دڙي بابت چين ۾ هڪ يورپي سفارت ڪار پڇيو ته آءٌ هن کي سرجان مارشل جي ڪيل کوٽائيءَ بابت ته ٻڌائي سگهيس، پر جو خود ڏٺو نه هو، ته پئي ڏڪيس. جيئن چين مان موٽيس ته پڪو ارادو ڪيم ته پهرين موهن جو دڙو ڏسندس وري ان ڏي سنبرندي به سال ٿيا. نيٺ 1989ع ۾ موهن جو دڙو ڏسڻ جو موقعو مليو. ڪوئٽا جي سڌ به هاڻي پئي پوري ٿي. ويهه جون تي بلولائين ۾ حيدرآباد کان جيڪب آباد پهتس اهو سوچيوسون ته ريل گاڏيءَ کان ڪار جو سفر بهتر ٿيندو ۽ اتي به ڪار ۾ وڌيڪ سهوليت رهندي. ڊاڪٽر سڌائي جو عزيز، جميل عرف پپو پنهنجي ڪار سميت تيار ٿيو ۽ 21، تي جيڪب آباد جي گرميءَ سان مقابلي ۾ گذريو. 22 جون ٽاڪ منجهند جو سوائين ٻارهين جيڪب آباد کان نڪتاسين انهيءَ آسري تي ته اڌ پند کان پوءِ يا آب گم ۽ مچ کان هيرون وري وينديون. پهرين ته پاڻيءَ جو ڪولر به ڪونه ٿي کنيوسون، پر پاڙي جي ڪنهن خير خواهه زور ڀريو ۽ ڪولر به برف ۽ پاڻيءَ سان ڀري کنيو. پپو ڊرائيونگ سان گڏ گانن جي ڌن ۾ گم هو. سڌايو صاحب پنهنجن ٻن ڪڪن آصف ۽ ڪاشف ۽ ڪڪي بوبيءَ سان گپ شپ ۾ مصروف هو. آءٌ اڳين سيٽ تي گرميءَ سان منهن مقابل هوس. اهو سڀ ڪجهه ڪوئٽا جي ٿڌين هيرن جي آسري ۾ برداشت پئي ڪيو ويو. اڌ پنڌ تي سبي هئي سبيءَ ۾ ته گرميءَ نه ڇڏيو، ڏينهن به اڃان ٺريو ڪونه هو، پر جڏهن مچ جي ويجهو هڪ هوٽل تي آرام ڪرڻ لاءِ لٿاسين ته، البت فرحتي هوا جا جهوٽا جسم کي ڇهڻ لڳا رستي ۾ اهو محسوس ٿيو ته جيڪب آباد ته سرجان جي نالي آهي پر ڪي ٻيا ڳوٺ ۽ شهر به انگريزن جا نالا قائم رکيو آيا، جيئن مسٽر بيل ۽ لنڊسي جا نالا بيل پٽ ۽ لنڊسي ۾ نظر آيا. مون کي ته جهٽ پٽ ۾ به شڪ پئجي ويو اهو به ڪٿي جاٽ يا جوٽ مان ڪنهن لفظ جو بگاڙ نه هجي.

سبيءَ ۾ ته گرميءَ نه ڇڏيو، ڏينهن به اڃان ٺريو ڪونه هو، پر جڏهن مچ جي ويجهو هڪ هوٽل تي آرام ڪرڻ لاءِ لٿاسين ته البت فرحتي هوا جا جهوٽا جسم کي ڇهڻ لڳا. ٿورو پرتي جبلن ۾ ڪوئلي سان ڀڀوت مزدور نظر آيا، جيڪي ڪوئلي کي جبلن جي پيٽ مان ڪڍي ٻاهر آڻي پنهنجو منهن ڪارو ۽ سرمايه دار جو اڇو منهن ڪري رهيا هئا. فقط بکئي پيٽ خاطر هو هي ڏکيو خطرناڪ ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار ڪم ڪري رهيا هئا. اٽڪل ڇهين بجي جابلو ورن وڪڙن وارو رستو ۽ لڪ لنگهي ڪولمپور پهتاسين. ان کان پوءِ ڪوئٽا اٽڪل 22 ڪلوميٽر بلڪل سڌو رستو هو. پپو ڪار کي اڏامڻ جهڙو ڪري ڇڏيو. جي هڪڙو ئي هوائي جهاز وارو ڪل پرزو هجسين ها ته ٽيڪ آف ڪري سڌو ڪوئٽا ايئرپورٽ تي وڃي لهي ها. مون کي عجب لڳو ڪار شرافت سان رستي تي ئي هلندي ڪوئٽا جي حد سرياب ۾ ساڍين ڇهن ڌاري داخل ٿي ويئي. نفسياتي طور ته سرد موسم جو احساس ٿيو، پر سيءَ ڪونه هو. گرمي به نه هئي. هوٽل جنهن جو ڏس مليو، تنهن ۾ جاءِ نه هئي، هيءَ هئي هوٽل ايشيا. ان جي سامهون ئي هوٽل گليشيئر ۾ ڊبل ڪمرو مليو. تيار ٿي ماني کائڻ لاءِ نڪتاسين. بس هوٽل جي پٺئين در وٽ هڪ هوٽل هئي ان تي لال ڪباب جو بورڊ لڳل هو. گوشت ٻاڪرو هو هتي اسان کي سيخ ڪباب ڪڙاهي گوشت به مليو ۽ نان به بهترين هئا. ماني کائي ڏاڍو اطمينان ٿيو، ڀرسان لياقت بازار ۾ چڪر هنيوسون رات جا ڏهه پئي ٿيا. ان ڪري دڪان به بند ٿيڻ شروع ٿيا هئا ته اسان جي اکين ۾ ننڊ راڻيءَ جا پاڇا پئي پيا ان ڪري موٽي آرامي ٿياسون.

خبر نه آهي ته ڇو ڪوئٽا اچڻ وارو هر ماڻهو پهرين فرصت ۾ حنا ۽ اڙڪ ليڪ ڏسڻ ٿو گهري! اهو پوءِ معلوم ٿيو ته انهن کان ٻي بهتر تفريح گاهه ڪوئٽا ۽ ان جي آسپاس نه هئي. هونئن زيارت وڃن جي صلاح ماڻهن ڏني پئي، پر پنڌ پري هو. اسان ناشتو ڪرڻ کان سواءِ ئي حنا ڏي روانا ٿياسين. ڪنٽومينٽ ايراضيءَ کان لنگهندا هڪ ننڍڙي هوٽل تان چانهه ڪيڪ سان ناشتو ڪندا اٽڪل ويهارو ڪلو ميٽر مفاصلو طئي ڪندا وڃي حنا ليڪ (ڍنڍ) پهتاسين. جبلن ۾ گهيريل هن ڍنڍ ۾ پاڻي تقريباً تر ۾ پئي نظر آيو شايد چيلهه يا ان کان ٿورو مٿي هجي، اسين 23 جون تي ڍنڍ ڏسڻ وياسين ٻه هفتا پوءِ 6 جولاءِ 1990ع تي ٻيڙي پڏڻ ڪري هن ڍنڍ ۾ حادثو ٿيو جنهن ۾ ويهن جانين کان مٿي نقصان ٿيو. ٿي سگهي ٿو منهنجو اندازو غلط هجي يا پوءِ پاڻي چڙهيو هجي.

ٻه موٽر بوٽ ۽ رٻڙ جون ٻيڙيون بيٺيون هيون. مون وارا سڀ ساٿي ٻيڙيءَ جو چڪر هڻي آيا، ٻار ترڪڻين ۽ ٻين راندين سان مزو وٺڻ لڳا. ڍنڍ تي گهمڻ وارا ڏهين کان پوءِ اچڻ شروع ٿيا. انهن ۾ نوي سيڪڙو سنڌي هئا. ان کان وڌيڪ ڪا ٻي وندر اتي نه هئي، ان ڪري اسان واپس ورڻ جي ڪئي ڀل ۾ سنڌي قافلي جي پٺيان هليا وياسين. ٻنهي پاسي صوفن ۽ ٻين ميون جا باغ هئا. پڇيوسون ته خبر پئي ته اڙڪ ڏي پيا وڃون وري ڪنهن راهه گير چيو ته حنا سٺي تفريح گاهه آهي ته ان جو چوڻ وٺي واپس ٿياسين ۽ ڪوئٽا جي جناح روڊ جا چڪر هڻندي ۽ شاپنگ ڪندي هڪ ٿي ويو. قذافي بازار جو به هڪ چڪر هنيوسون ڪجهه خريداري ڪري واپس ماڳ ورياسين ۽ ماني کائي آرامي ٿياسين.

ننڍي ڀاءُ آفتاب جي ساهرن جو گهر به ڪوئٽا ۾ آهي انهن کي فون ڪري ڇڏي هئم. سندس ننڍو سالو نويد گاڏي کڻي آيو ۽ چئين بجي اتان ٿي آيس، آفتاب جو وڏو سالو ڊاڪٽر خالد ۽ ٻيا ڀاتي مليا ڪلاڪ کان پوءِ واپس آيس ته منهنجا ساٿي لياقت بازار ۾ شاپنگ ڪندي نظر آيا. راتوڪا سيخ ڪباب وسريا ڪونه هئا. رات پئي ۽ اسين لال ڪباب هوٽل تي وڃي پهتاسين.

ٻئي ڏينهن پهريون پنڌ بلوچستان يونيورسٽيءَ ڏي هو. ڊاڪٽر سڌائي جا ڪجهه واقف هئا هڪ به منهنجا به واقف پروفيسر هئا. ڪو به پنهنجي آفيس ۾ نه پهتو هو. اسان کي سوير وڃن جي سزا ملي لئبرريءَ ۾ البته لئبررين سان ملاقات ٿي لئبرريءَ ۾ هڪ به سنڌي ڪتاب نه هو. لئبررين جي گفتگو مان اهو اندازو ٿيو ته يونيورسٽيءَ وارا سنڌيءَ کي پسند ڪونه ٿا ڪن! هيڏي سنڌ ۽ بلوچستان جو ادبي، لساني، ثقافتي ۽ تاريخي ڳانڍاپو بلوچستان جي هڪ وڏي ايراضيءَ ۾ سنڌي ڳالهائجي!! بلوچستان جا ڪيترا گورنر ۽ وزير اعليٰ سنڌي به ڳالهائين خود وائيس چانسيلر ڊاڪٽر شوڪت بلوچ سنڌ جو پڙهيل! پوءِ ڪير آهي جو بقول لائبررين جي سنڌي جي خلاف آهن. لئبررين به جيڪب آباد جو سنڌي ۽ بروهي سنڌ يونيورسٽي جو پڙهيل مون کيس چيو ته سنڌ جي وڏن ادارن جا ڇپيل انگريزي ۽ اردو ۾ شايع ٿيل پنهنجي بلوچستان صوبي تي لکيل ڪتاب ۽ گزيٽيئر ته وٺي رکو ۽ جي سنڌيءَ تي ڪاوڙ ڪجهه گهٽ ٿئي ته مولائي شيدائي جو ڪتاب ”تاريخ بلوچستان“ به گهرايو ڪتاب البت سنڌيءَ ۾ آهي.

وڌيڪ ڪجهه نه چيم مون کي افسوس ٿيو هن سوچ تي يونيورسٽيءَ جي لائبرريءَ ۾ هي رويو، سڌائي صاحب جو هو همراه دوست هو ان ڪري مون پاڻ تي جبر ڪيو ۽ واپس ٿياسين.

يونيورسٽيءَ کان موٽي وري به بازارن جا چڪر هنياسين ۽ کيسا خالي ڪندا. منجهند جو واپس هوٽل اچي واپسيءَ جي تياري ڪئي سون. پپوءَ چيو ماني شهر کان ٻاهر هڪ هوٽل مان کائيندا هلنداسين. ڪار سامان سان لڏي پاڻيءَ جو ڪولر ڀري هوٽل تي آياسين. پپوءَ جيڪو آرڊر ڏنو ان مان کيس ڪجهه ڪونه وڻيو مڙيئي گهيٽي کان معذرت ڪري دال ۽ نان سان پيٽ ڀري روانا ٿياسين ڪولپور وٽ ترسي ڪجهه فوٽا ڪڍياسين ۽ اتي جي سنڌي آباديءَ سان متعارف ٿيندا، پنڌ کي ڇڪيندا وياسين.

اٽڪل بولان پل جي ويجهو سڌائي صاحب جي ڪڪي آصف جي طبيعت خراب ٿي ڪجهه الٽيون آيس. بولان جي زير تعمير پل وٽ چشمي ۾ سڀ وهنجڻ. ۾ مصروف ٿيا ۽ ڪڪو به ٺيڪ ٿي ويو.

ائين سبيءَ ۾ ترسندا ڇهين بجي جيڪب آباد پهتاسين ٻئي ڏينهن ريل رستي آءٌ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ اسٽيشن کان لهي گهر پهتس ته ڪو ضرورت مند منهنجو نئون بوٽ پائي منهنجا ٻه ٽيپ رڪارڊر کڻي وڃي چڪو هو. مون فيض بلوچ جو ڪوئٽا مان خريد ڪيل ڪئسٽ ڪار واري ٽيپ رڪارڊر ۾ لڳائي وري ڪڍي ورتو اهو ته خراب هو.

 

استنبول ۾ هڪ رات

 

پارس جي مئي جون 1989ع جي پرچي ۾ ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل جو ترڪيءَ جو سفر نامو پڙهيم. هو صاحب ته ترڪيءَ ۾ پڙهيو آهي ۽ ملازمت به ڪئي اٿس. ترڪيءَ وارن جي نس نس کان واقف آهي ۽ هنن جي شايد ڀيت تي به پئجي ويو آهي. منهنجو دوست آهي. مون کي هن جي سفر نامي جي باري ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ کپي پر مون جيڪي ترڪيءَ ۾ چوويهن ڪلاڪن ۾ ڏٺو سو منهنجي هن راءِ کي مضبوط ڪري ٿو ته اڄڪلهه ترڪ ماڻهن جي جيڪا ذهنيت ۽ اهليت آهي سا ساراهڻ جوڳي نه آهي. انهن چوويهن ڪلاڪن جي مختصر روئداد هن ريت آهي.

1. نومبر 1988ع رات جو ستين وڳي استنبول جي هوائي اڏي تي لٿس ته مون کي ائين لڳو ڄڻ قدرت مون کي سرد دل، ڇسن، لاتعلق سگريٽ ڇڪيندڙ موالي ايئر پورٽ آفيسرن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. ٿيو هيئن ته پهرين نومبر تي آءٌ ترڪي هوائي ڪمپنيءَ جي جهاز ۾ لنڊن کان ڪراچيءَ لاءِ روانو ٿيس. استنبول ۾ جهاز لٿو ته مون کي چيائون ته ڪراچيءَ لاءِ اڄ فلائيٽ نه آهي. ان جي مون کي ڪا خبر نه هئي چوڻ لڳا هوٽل تي وڃ. وري اهو به چون پيا ته انگريزي نه ٿا سمجهون. اڪثر هٿ جي اشارن سان چون ته ”هٽ پري، ايئرپورٽ مان نڪر“ ۽ چون ته ”نڪري به نه ٿو سگهين.“ پاسپورٽ وٺي پوليس کي ڏنائون ۽ چون ته لندن مان هت لٿو آهين اهو ثابت ڪر. ڪڊيم ٽڪيٽ ته اهو ڏسي به ترڪيءَ ۾ پيا ڳالهائين ۽ هڪڙو پيو ٻئي کي سڏي ۽ ٻيو ٽئين کي. نيٺ هوٽل وڃڻ جو چيائون ۽ گاڏي گهرائڻ لاءِ آسرو ڏنائون پر اها به نه آئي. چيائون خرچ پنهنجو ڪريو. ٻيو به ساٿي هو. پورا پنج ڪلاڪ هوائي اڏي تي پريشان ڪيائون ۽ اڌ رات جو ٽيڪسي ڪري هوٽل پهتاسين. هوٽل سمنڊ جي ڪناري تي هئي. ڊائننگ روم ۾ مانيءَ لاءِ وياسين ته ٻه ڳائڻا ڏاڍي آواز سان ڳائي رهيا هئا. گوشت مليو سو به ڪچو هو. سيءَ گهڻو هو ڪمرا به ٿڌا هئا. ٻيو سج اڀريو نيرن ڪري تڪڙا ايئرپورٽ پهتاسين. انهي ڪري ته فلائيٽ رات جو اٺين وڳي هئي پر دليل بازيءَ لاءِ ڏهه ڪلاڪ گهربل هئا. وڏي مشڪل سان ايئرپورٽ ۾ اندر وڃڻ ڏنائون. سڄو ڏينهن بسڪيٽن ۽ بوتلن تي گذريو. پاسپورٽ واپس ڏيڻ ۾ ئي ڪافي پريشان ڪيو هئائون. جڏهن بورڊنگ (جهاز ۾ چڙهڻ) جو وقت آيو ته چيائون ته جهاز مان لهڻ جي ثابتي ڏي. مون ڏيکاريو ته ان تي به گيداڙ ڪيائون. سامان جي به ايڏي چيڪينگ ڪيائون جو پگهر نڪري آيو. هڪ گيٽ وارو چوي ته ”اندر نه ٿو وڃي سگهين“، ته ٻيو ڀر وارو چوي ته ”اتي ڇو بيٺو آهين ۽ هل اندر جهاز جو ٽائيم پيو ٿئي.“ آءٌ اندر هليو ويس. هن جهاز جي بورڊنگ لاءِ پئي چٽا چٽا اعلان ڪيائون پر اسان جو جهاز ڇو جو ايشيا پئي ويو ته ان جو اعلان نه ٿيو. اسان خود ڏٺو ته يورپ وارن جي غلاميءَ تي ترڪ ايئرپورٽ جو هر فرد نازان هو. خدا خدا ڪري جهاز ۾ چڙهيس. مون توبهه ڪئي ته وري ترڪيءَ کان لنگهندس به ڪونه. جيڪي ماڻهو پنهنجي ايئر لائن جي مسافرن سان هي رويو رکن ٿا تن کي ٻي ايئر لائن وارا ته خدا ڏياري.

 

گلشن آرا سيد

 

1984ع ۾ مون پنهنجي ڪتاب ”ديپڪ ۽ ملهار“ ۾ هڪ خاڪو گلشن آرا تي به لکيو هو. هتي ان خاڪي مان ڪجهه پئرائون ورجائي پوءِ اڳتي جي ڳالهه ڪندس. خاڪي جو عنوان هو ”گلشن آرا ۽ شوڪت“ ”بنگلاديش جي هن جوڙي سان منهنجي ملاقات 78-1979ع ڌاري ٿي. شوڪت سنڌيونيورسٽي ۾ پي ايڇ. ڊي ڪرڻ لاءِ آيل هو. هڪ ڏينهن حيدرآباد کان ڄام شوري ايندي بس ۾ هڪ ئي سيٽ ملڻ ڪري ٽئين دوست تعارف ڪرايو. جڏهن شوڪت سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي پهرئين اسٽاپ تي لهڻ لڳو ته اڳين سيٽ مان ڪنهن کي ”لزي“ ڪري سڏي لاٿائين. اها هڪ سنهڙي سيپڪ نوجوان ڇوڪري هئي. شوڪت جي گهر واري جيڪا اڄ گلشن آرا سيد آهي ۽ هي منهنجو دوست اڄ ڊاڪٽر ايم. شوڪت علي آهي.“

”شوڪت سان گهريلو تعلقات ٿي ويا. گلشن آرا مون کان پردو نه ڪندي هئي. شوڪت مون کي ”سر“ چوندو هو ته هوءَ به ”سر“ ڪري مخاطب ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن مون کان پڇيائين: ”سر! هارمونيم ملي سگهندو؟ مون جواب ڏنو ته: ها، هارمونيم ته مون وٽ پيل هو. ٻئي ڏينهن کڻي آيس. جڏهن اسان ٻنهي هارمونيم وڄايو ته ٻئي حيران ٿي وياسين. گلشن آرا جڏهن هارمونيم وڄائيندي ڳايو ته مون محسوس ڪيو ته هوءَ هڪ تربيت ورتل ڳائڻي هئي.“

خاڪي ۾ مون ٻيون ڳالهيون به لکيون آهن. انهن سڀني کي ورجائڻ بدران هن هيٺ نئون مواد لکان ٿو.

26 سالن جي هيءَ فنڪاره هڪ گهر گرهستي خاتون آهي. جديد ترين مغربي ڌن تي ڳائي سگهي ٿي پر طبيعت جي لحاظ کان مغربي طرز جي زندگي ۽ گليمر کي پسند نٿي ڪري.

گلشن آرا جو جنم بنگلاديش جي شهر ميمن سنگهه ۾ ٿيو. گلشن آرا کي هڪ نظر ۾ ڏسجي ته هوءَ هڪ عام ۽ محجوب ڇوڪريءَ وانگر آهي. هن بنگال جي دستور موجب پنهنجين ٻين ڀينرن سان گڏ سنگيت جي تعليم ورتي ۽ ڊاڪا ۾ استاد منشي رئيس الدين، استاد ذاڪر حسين خان، استاد عمر خان ۽ استاد گل محمد خان کان سکيا ورتائين. ڪلاسيڪي راڳ راڳڻيون، راڳ جا عام سبق ۽ تال اڌيا جو علم حاصل ڪيائين. هن بي. اي ۾ سنگيت هڪ مضمون طور پاس ڪيو.

هتي اچي راڳ سنگيت ۾ دلچسپي وٺڻ جي ٿورن ئي ڏينهن بعد گلشن آرا ۽ شوڪت 1981ع ۾ اسلام آباد ويا. جتي مشهور عالم ۽ بزرگ موسيقار قاضي ظهورالحق صاحب کان سکيا ورتائين. جنهن کيس ڪي مقبول ٺمريون به سيکاريون. رياض ڪندي رهي ۽ ٽي. وي تي کيس شروع کان اي ڪلاس آرٽسٽ ڪري ورتو ويو.

1982ع ۾ مئگ گلشن آرا بابت هڪ ڀرپور ليک ڇپيو. جنهن ۾ سندس پسند جي شهر جو پڇيو ويو ته هن جواب ۾ ”سنڌ يونيورسٽي ڪالوني“ چيو. جيڪو هڪ فنڪاره جو سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ کي رهواس طور به خراج تحسين آهي. اڪثر ماڻهو وڏي شهر ۾ وڃي ننڍي ڳوٺ کي وساري ڇڏيندا آهن. گلشن آرا وري سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ ايندي آهي، ۽ ڪالونيءَ کي ياد ڪندي آهي.

طبعيت جي لحاظ کان هن ۾ سادگي آهي. هوءَ گهر جو ڪم ڪار، رڌ پچاءُ ۽ اڀياس ۾ پاڻ کي مصروف رکندي آهي. لباس ۽ خوراڪ ۾ هوءَ هڪ عام بنگالي خاتون وانگر آهي. گلشن آرا کي هڪڙي ڪڪي ڪيسپي ڇهن سالن جي آهي، جيڪا حيدرآباد ۾ ڄائي ۽ ٻي هاڻي 1985ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائي آهي.

خان محمد پنهور کي انٽرويو وٺڻ ۽ پارس ۾ ڇاپڻ جو ڪو ازلي شوق آهي، ۽ ان ڪري جئن ئي ڪنهن کي چرندي پرندي ٿو ڏسي ته هڪدم کيس پهريون خيال اهو ٿو اچي ته هن کان انٽرويو وٺجي. پوءِ ننڍ وڏائيءَ جو به خيال ڪونه ڪندو آهي ۽ اُٺ کي چوندو ته ڪئي کان انٽرويو وٺي ڏي. هن پنهنجي ان ”سهڻي“ عادت کان مجبور ٿي ڪيترن سنون سڌن ماڻهن کي ڪاٺ ڪلهي تي کڻايا آهن، شوق جي پورائيءَ ۾ پارس ۾ ڪيترا اڻ پورا انٽرويو ڇاپيا اٿس.

گلشن آرا جو سندس پاڙي ۾ رهي ويئي هئي ۽ هاڻي خان محمد انٽرويو کان ڪٿي ٿو مڙي. مون جو خان محمد جي فرمائش کان پهرين فرصت ۾ ڪراچيءَ وڃي گلشن آرا ۽ شوڪت کي واقف ڪيو ته شوڪت ڪاوڙيو ۽ گلشن کان ٽهڪ نڪري ويو. مون کي چانهه پياري چند فوٽو هٿ ۾ ڏنائون ۽ چيائون ته: ”اوهان کي جيڪي کپي سو لکي کڻي ڏيوس.“ هاڻي مون کي جيڪي به دماغ ۾ اچي ٿو سو هيٺ لکان ٿو. ان ۾ انٽرويو به آهي جيڪو مون. ”ٺاهيو“ آهي. ته به گفتگو ۾ ڪا غلط بياني نه آهي.

انٽرويو شروع

س: اوهان کي ڪيئن خبر پئي ته اوهين ڳائي سگهو ٿيون.

ج: اسين سڀئي ڀينرون ڳائي سگهون ٿيون، باقاعدي قابل استاد کان تعليم ورتيسين. پر اسٽيج تي فقط آءٌ آئي آهيان.

س: موسيقيءَ جي دنيا ۾ نه اچو ها ته ڇا ٿيو ها؟

ج: بورچياڻي.

س: جيترو شوڪت کي ”جلد ۽ گهڻي“ ڪاوڙ اچي ٿي. ڇا اوهان کي به ايتري ئي ڪاوڙ ايندي آهي؟

ج: سکيو ئي مون کان آهي.

س: اوهان هڪڙي انٽرويو ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ کي پنهنجي پسنديده جاءِ قرار ڏنو آهي ڇو؟

ج: هيءَ ڪالوني پنهنجي پر ۾ هڪ مڪمل دنيا آهي. هن ۾ شهر ۽ ٻهراڙيءَ جون خوبيون هڪ ئي وقت آهن. ڪوارٽرن ۽ بنگلن مان لڳي ٿو ته ڪو جديد شهر آهي. گهٽين ۾ ڪنڊين ۽ مستقل جهنگ مان لڳي ٿو ته ٻهراڙي آهي. گٽر سرشتي مان لڳي ٿو ته شهر آهي. گهٽيءَ مان گندي پاڻِءَ جي دٻن مان لڳي ٿو ته ٻهراڙيءَ ۾ ڪي ڍنڍون ڍورا آهن. استادن ۽ شاگردن کي ڏسي لڳي ٿو ته شهر آهي ۽ ڪاوڙيل ٽين خلق کي ڏسي لڳي ٿو ته ڪي جهنگ جا جانور ڏسي رهيا آهيون.

س: هن جملي معترفي کان پوءِ اچون وري راڳ سنگيت تي. اوهان جي راڳ روپ جو ڪو منفي اثر گهر تي ڪونه ٿو پوي؟

ج: بلڪل نه! اسان وٽ بنگال ۾ راڳ سنگيت عيب ڪونهي. مائٽ شوق سان ڇوڪرين کي راڳ جي تعليم ڏيارين ٿا. ٻين لطيف فنن وانگر هي به هڪ فن آهي. گهرو زندگيءَ ۾ شوڪت مون سان نه رڳو تعاون ڪري ٿو، پر همت ڏياري ٿو.

س: اوهان رياض ته ڪندا هوندؤ؟

ج: ها، گهڻو ڪري صبح جو ڪندي آهيان، ڪو پروگرام هوندو آهي ته ان جي ائٽمس جي ريهرسل ڏينهن رات جي ڪنهن به حصي ۾ ڪري وٺندي آهيان. اوهان کي معلوم آهي.

س: مون کي معلوم آهي ته اوهان اڪثر ساز به وڄائي ڄاڻو؟

ج: (نهٺائيءَ سان) ها! هارمونيم ته سرشٽي ۾ شامل آهي. ڪڏهن اڪسٽرا سان ڪو ائٽم پيش ڪرڻو هوندو آهي ته خالي هٿين هوندي آهيان.

س: ڪمپوزن بابت ڪجهه چئو؟

ج: مون کي سٺا ڪمپوز مليا آهن، ۽ ڇو جو منهنجي بنيادي تعليم ڪلاسيڪي موسيقي جي آهي، ان ڪري ڪوبه غزل گيت وغيره ادا ڪرڻ ۾ آساني رهندي اٿم. نه ته سڄو بار ڪمپوز جي ڪلهن تي پوي ٿو.

س: آءٌ ڪمپوز ته ڪونه آهيان، پر هڪڙي چيني گانو مون اوهان کي ياد ڪرايو هو اهو ڪٿي ڳايو اٿو؟

ج: مون کي بلڪل ڌن ۽ گانو ياد آهي، پر اتفاق سان اڃان ڳائڻ جو موقعو ڪونه مليو اٿم. سنڌي، سرائڪي، پنجابي ۽ پشتو ۽ اردو ڪلام ڪيتروئي ڳايو اٿم. بنگاليءَ سان گڏ سلهٽيءَ ۾ به ڪيترا گانا ڳايا اٿم.“

س: عوامي موسيقي ۽ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو سنگم به اوهان وٽ خوب نظر اچي ٿو؟

ج: ها، ڪيترو اردو ڪلام به بنگلا لوڪ ڌنن ۾ خود ڪمپوز ڪيو اٿم. وڌيڪ فطري لڳندو اٿم. ٿورو گهڻو پاپ به ڳايو اٿم.

س: ٻڌندا ڪهڙن فنڪارن کي آهيو؟

ج: تمام گهڻا فنڪار آهن جن ۾ خاص طور بنگالي فنڪار اچي وڃن ٿا. غزل جي مختلف کي پرکڻ لاءِ ڪيترن غزل ڳائيندڙن کي به ٻڌندي آهيان.

س: نه هي سوال نه آهي، پر هڪ نصيحت آهي ته اوهان ٻه ڪم ڪريو. هڪ ڪنهن به ٻئي فنڪار کي چئلينج ڏيڻ جو نه سوچجو (جئن هڪ افواهه اٿيو هو. افواهه ئي هو) ٻيو ته انٽرويو ختم ٿي چڪو آهي ۽ چانهه جو دؤر هلايو.

مسرت مرزا

 

انٽرويو جي سلسلي ۾ اڪثر ائين ٿيو آهي ته ادارتي عملي جو ڪو رڪن ڪنهن به علمي، ادبي ۽ فن جي دنيا جي اهم شخصيت کان انٽرويو وٺندو آهي. اداري هن ڀيري ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي کي گذارش ڪئي ته پاڻ مشهور مصور خاتون مسرت مرزا جيڪا قدرتي ۽ طبقاتي طور مصور لڳندي آهي ان سان گفتگو ڪري هن صاحب خوشيءَ سان اها ذميداري قبول ڪئي پنهنجن پڙهندڙن اڳيان اها، گفتگو پيش ڪري رهيا آهيون.  (ع.ج)

عبدالجبار: نيٺ اوهين هڪ ڏينهن هن رنگ ۾ بوءِ جي دنيا ۾ هليا آيا. ڪهڙو سن سال هو؟

مسرت: خوشيءَ جو لمحو هو. خوشيءَ جو ڪو سن سال ڪونه ٿيندو آهي. ولادت سکر وفات به سکر، جي ٻئي هنڌ وفات ٿي ته به بکر جي قلعي ۾ دفن ٿيڻ پسند ڪنديس، ستارو سيجيٽيرئس ۽ طبعيت به اُنهائي اٿم.

عبدالجبار: اوهان جي يادداشت ته سٺي آهي نه؟

مسرت: ها! ننڍ پڻ جون سڀ ڳالهيون ياد اٿم. بلڪل ٻاراڻيءَ وهيءَ ۾ دريءَ تي هڪ ڦڙو ڏٺو هئم، جنهن مان روشني نڪتي ٿي. اهو نظارو منهنجي زندگيءَ جي پهرين سجاڳي هئي. شرارتون ڪونه ڪيم گڏين سان ڪونه کيڏندي هيس مٽي مان پنهنجا رانديڪا ۽ ڪنڙا ٺاهيندي هئس. چاڪ ۽ ڪوئلي سان تصويرون ٺاهيندي هيس. والد صاحب رنگ ۽ ٻيو ضروري سامان آڻي ڏنو ۽ مونکي انساه مليو ان وقت ئي سٺيون تصويرون ٺاهڻ لڳيس. بابا جو ڪو دوست آسٽريليا پئي ويو. هو منهنجون تصويرون پاڻ سان کڻي ويو. اتي ڪنهن مصوري جي سوسائٽيءَ ۾ انهن تصويرن کي پسند ڪيو ويو. مون کي آفرين جو خط ۽ ڪجهه ڪتاب مليا. انهن مان ڪي ڪتاب بابا مون کي ڏنا ۽ ڪي منهنجي ننڍي عمر جي پيش نظر مون کي ان وقت نه ڏنائين. مونکي بابا گهڻو همتايو ۽ منهنجي مصوريءَ جي تعليم جو فيصلو ٿي ويو. والده مونکي ٻين ٻڻ ڀينرن وانگر ڊاڪٽر بنائڻ ٿي گهريو منهنجو لاڙو ان طرف نه هو، ٻيو ته بابا منهنجي طرف هو جنهن کي مصوري سان شوق هو. مون کي ننڍپڻ ۾ چغتائي گهڻو پسند هو ان جي تصويرن جون ڪٽنگ ڪري پاڻ وٽ رکندي هئس.

عبدالجبار: ان زماني ۾ ڪاوڙ ڪانه ايندي هيو؟

مسرت: ان وقت اڪيلي اڪيلي ۽ ڳوڀ هئس. مون کي نظارن پاڻ ۾ گم ڪري رکيو هو. منهنجو گهر سکر ۾ ٽڪريءَ تي آهي. اتان شهر جو نظارو سٺو لڳي ٿو. مون تي خاص طور سج لهڻ جي منظر جادو ڪري رکيو هو (۽ آهي) اهو نظارو منهنجو ننڍپڻ جو ساٿي آهي. سون ئي سون، بس هڪ مثالي نظارو آهي.

عبدالجبار: پوءِ جواني آئي؟

مسرت: آئي ۽ اچي هلي وئي.

عبدالجبار: هلي نه ويئي آهي، اوهان جي حڪم جي منتظر هڪ غريب ۽ فرمانبردار ڇوڪريءَ وانگر اوهان جي اک جي اشاري جي منتظر آهي؟

مسرت: خير اوهين ڄاڻو مون کي پڙهڻ جو ۽ مصوريءَ جو شوق هو. آءٌ ان ۾ پاڻ کي گم ڪري چڪي هيس. مئٽرڪ کان پوءِ پنجاب يونيورسٽي مان بي. اي فرسٽ پوزيشن سان ۽ پوءِ ايم. اي به (پوزيشن سان) اتان ڪيم. نوڪريءَ جي آڇ ملي پر اتي نه ڪيم ۽ سکر سونهارو سڏي رهيو هو. هلي آيس ۽ 1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آيس فائن آرٽس جو شعبو سنڌ يونيورسٽي ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو مرهون منت آهي پهرين ناگوري صاحب آيو. پوءِ علي نواز صاحب ۽ پوءِ آءٌ آيس، ان کان ڪجهه وقت اڳ ڪراچيءَ ۾ ائڊورٽائيزنگ جو ڪم ڪيم پر اتي وارن جي چوڻ موجب ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جي دل نه لڳي. من منجهيو ته ڇڏي آيس.

عبدالجبار: سکر سکر آهي، ڀلا ڄام شوري جا وڻ ڪيئن ٿا لڳن؟

مسرت: هي وڻ منهنجي اڳيان جوان ٿيا. مون کي سرنهن جا گل سٺا لڳندا آهن. جڏهن ڇڻندا آهن ته زمين تي هڪ فرص ڄڻ وڇائجي ويندو آهي.

عبدالجبار: واندڪائيءَ ۾ ٻيو ڪهڙو لٽريچر پڙهڻ ۾ مزو ايندو اٿو؟

مسرت: شعر پڙهندي آهيان فلسفو، پامسٽري، ائسٽرالاجي نفسيات ۽ ٻيا ڪيترا غير متعلق موضوع پڙهندي آهيان.

عبدالجبار: روئندا ڪڏهن آهيو؟

مسرت: روئندو اهو جيڪو کلندو هجي! خوشيون به مليون، اٿم پر من ۾ ڪو ڏک جو وڻ اٿم جنهن ۾ حسرت جون شاخون ۽ ياس جا پن آهن. ان وڻ جون پاڙون اونيهون آهن.

عبدالجبار: اهو وڻ ڏک جو آهي يا تنهائيءَ جو آهي؟

مسرت: ها ائين هوندو، ان تنهائيءَ جي وڻ تي ڪا بلبل آهي.

عبدالجبار: اها بلبل مرحب ته ناهي؟

مسرت: اندر ۾ مرحب به نه آهي ڄڻ صديون ٿي ويون آهن، رڻ ۾ اڪيلي ڪئڪٽس جي ٻوٽي وانگر بيٺي آهيان.

عبدالجبار: ماضيءَ جي تخليلات ۾ ته ڪونه ٿا رهو؟

مسرت: ماضيءَ ۾ آءٌ پنهنجين ڀينرن کي اهڙيون آکاڻيون ٻڌائيندي هيس، جو هو کلنديون هيون. آءٌ ماضيءَ ۾ رهان نه ٿي ۽ نه ڪا خوش فهمي اٿم.

عبدالجبار: قصا ڪهاڻيون پڙهڻ کانپوءِ آءٌ ٻارن ٻچن وارو هوندي به اڄ به هڪ شهزاديءَ جي انتظار ۾ آهيان اوهان پنهنجو حال ٻڌايو؟

مسرت: اڪثر شهزادا مومل واري طلسم مثل واٽ تي ئي مري کپي ويا ڪي رستو بدلائي هليا ويندا ۽ ڪن کي ڏائڻيون پڪڙي وٺنديون آهن. منهنجو دروازو کليل آهي، منهنجي ذهن وانگر.

عبدالجبار: اوهان بحيثيت فنڪار جي عشق جي جذبي کي لفظن ۾ پينٽ ڪندا؟

مسرت: منهنجي نگاهه ۾ هي هڪ مثبت جذبو آهي، جذبي جو اڀار وارو انداز انسان جو استاد آهي. ناعاقبت انديش ان جي منفي پهلوءَ جو شڪار ٿئي ٿو. انسان جي روحاني ۽ ذهني ارتقاء ۾ عشق جو هٿ آهي.

عبدالجبار: ڪو مهاتما وڻندو اٿو؟

مسرت: مهاتما گوتم ته منهنجو پير آهي. هن هڪ روشنيءَ جي سفر ڏي اشارو ڪيو ۽ سچائيءَ جو مبلغ آهي. ڪنفيوشس به مون کي پسند آهي.

عبدالجبار: پنهنجي مصوري جي ارتقائي سفر ڏي ٿورو اچو؟

مسرت: مون شروع ۾ تمام تخليقي (Creative) ڪم ڪيو پوءِ ائڪيڊيمڪ (Academic) سائيڊ ڏانهن آيم ته تخليقي اوترو نه رهيو. مغربي تاريخ پڙهيم ۽ مصورن جو ڪم ڏٺم ته انهن ۾ ڪي وڻيا، ڪن جو اثر ورتم ريمبران (Rembrandt) جو اثر ورتم ۽ پوءِ 18 صديءَ جو سيزان (Pan Cezanne) وڻيم. ارتقائي سفر ۾ ان کان پوءِ (Expressionist) ۽ (Impressionist) پسند آيا.

تيرنهن سال اڳ جڏهن مون ڪم ڪيو ته سبجيڪٽ ڪريٽو هو. ٽريٽمينٽ ۾ خاص اثر جاميٽريڪل پئٽرن جو هو، اثر مغربي رهيو ۽ اڄ به آهي. ائبسٽرئٽ نه ڪيو اٿم ۽ جيوت کي واضح طور پينٽ ڪيو اٿم، ٿورو گهڻو نظارا ساوڪ ۽ گهڻو رڻ Desert کي ڪينواس تي آندو اٿم. اندر رڻ، ٻاهر رڻ، جيون رڻ اڪثر رويا رڻ، Desert هڪ سڃ، سراب، آءٌ ۽ چوڌاري Desertڏسان پئي.

پنج ڇهه سال يونيورسٽي ۾ به مصوري نه ڪيم. سوچيم ڪنهن لاءِ ڪريان؟ مايوس هئس، پر 1978ع ۾ وري ڪم شروع ڪيم. ٽي چار تصويرون ڍاهيم ۽ 1983ع کان وٺي رفتار چڱي آهي. نمائشون به ڪيم، Solo Exhibitions يعني اڪيلي سر نمائش ۾ 1968ع کان وئي. منهنجين تصويرن جون نمائشون ٿيون آهن. 1968ع ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي 1968ع ۾ ئي آرٽس ڪائونسل لاهور ۾ 1968ع ۾ آرٽس ڪائونسل راولپنڊيءَ ۾، 1969 ۾ ميونسپل هال مريءَ ۾، 1969 ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ Reflection of Mehran جي عنوان سان 1970ع ۾ هوٽل انٽرڪانٽينينٽل راولپنڊيءَ ۾ Dust & Desert جي سري سان ساڳئي سال آمريڪن سينٽر ڪراچي ۾ ۽ 1983ع ۾ روهتاس گئلريءَ ۾ ٿي. گروپ شوز ۾ 1965ع ۾ ڪمپالا (يوگنڊا) ۾، تئشنل آئگزيبشنر پاڪستان تحت 82-1980ع ۾، 1980ع ۾ ٽوڪيو (جپان) 1982ع ۾ ثقافتي ڏي وٺ طور چين ۾، 1982ع ۾ بنگلاديش ۾، 1980ع ۾ پاڪستان جون خواتين مصور جي سري هيٺ 1972ع ۾ وري جپان ۾، 1981ع ۾ آمريڪن سينٽر ڪراچيءَ ۾، 1983ع ۾ آمريڪن سينٽر حيدرآباد ۾ گروپ نمائش ٿي. 1969ع ۽ 1970ع ۾ ايوارڊ به ملي چڪا آهن.

عبدالجبار: هاڻي اوهان جي ڪم جو محرڪ جذبو ڪهڙو آهي؟

مسرت: هاڻي منهنجو ڪم ابتدائي دؤر کان مختلف آهي زندگي جيئن نظر اچي آءٌ ان کي ائين پينٽ ڪريان ٿي.

مون کي بند دروازا ۽ کليل دروازا گهڻو پسند ايندا آهن. اوندهه مان روشيءَ جو ترورو نظر اچڻ منهنجي فن جو هڪ محرڪ جذبو آهي، شايد هي منهنجو تصوف وارو دؤر آهي.

عبدالجبار: رنگ بابت ڪجهه ٻڌايو؟

مسرت: ڪاري کانسواءِ هر رنگ پسند اٿم. رنگ جيئن ٽيوب ۾ ملندا آهن ته آءٌ انهن کي ملائي نئين شيڊ ۾ ڪري ڪم آڻيندي آهيان.

عبدالجبار: ڇا ناپسند اٿو؟

مسرت: جهڳڙو فساد، منافقي.

عبدالجبار: موسيقي ٻڌندا آهيو؟

مسرت: ها! نرم سُر وڻندو اٿم، شهنائي پسند اٿم جڏهن پري کان ٻڌان ٿي.

عبدالجبار: شهنائي وڄندي وڄندي اوهان کي بلڪل ويجهي اچي ويئي ته گهٻرائيندا ته ڪونه؟

مسرت: خاموش انتظار پئي ڪريان.

عبدالجبار: همعصر مصورن ۾ ڪنهن جو ڪم پسند اٿو؟

مسرت: چين کان شروع ڪريان ٿي، چينين ۾ سانگ ون زي، Song winze Iraditioral painter پسند اٿم، جپان جو سڪرين پينٽر Masaki Tanaka Silk Screen هندستان ۾ رام ڪمار، ايف. ايم حسين (معمر آهي)، بنگلاديش جو رشيد چوڌري ۽ محمد ڪبريا، انڊونيشيا جو بلاڪ ميڪر عبداللطيف محمد، منيڇر ۾ علي نواز ڦلپوٽو، پورٽريٽ ۾ سعيد اختر، ڪمپوزيشن ۾ زبيده جاويد، گرافڪس ۾ مهر افروز ۽ Desert & atmosphere pinting  ۾ مسرت مرزا سڃاڻوس!

عبدالجبار: ها! اها ته منهنجي سامهون ويٺي آهي.

(اتي اچانڪ بنا ڪنهن سوال پڇڻ جي مسرت چيو ته پهرين گڏهه پسند ايندا هئا هاڻي گهوڙا وڻندا اٿم).

عبدالجبار: اهو سوال ته مون اوهان کان ڪونه پڇيو؟

مسرت: بس ائين چيم. دوستن سان وفا ڪندي آهيان. دوست گهڻا اٿم. بدنصيب ناهيان ها ڪڏهن ڪنهن کي چاهيو هئم. هن کي خبر به نه هئي ۽ هليو ويو. وقت بچندو آهي نظم لکندي آهيان. نه ڇپائڻ لاءِ لکي اٿم. مايوسيءَ جا گيت آهن.

عبدالجبار: هيءَ جيڪا اڄ اسان گفتگو ڪئي آهي، اها بس ائين ئي چند نڪتن جي چوڌاري ڦري ٿي. زندگي وسيع آهي. اوهان جو فن ۽ اوهان جو فڪر به ڀلا اڄوڪي گفتگوءَ کي ڪا صورت ڏيئي شايع ڪجي ته ڪيئن رهندي.

مسرت: ٺيڪ رهندي.

عبدالجبار: مهرباني.

مسرت: مهرباني.

 

شهيد جي ڊائري

 

اڄوڪي گفتگو جو سورمو جناب خالد شهيد آخوند آهي، جيڪو 1933ع ۾ روهڙيءَ ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم شڪارپور ۾ ورتي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1955ع ۾ بي. اي، 1958ع ۾ ايل. ايل. بي ۽ 1963ع ۾ ايم اي ڪيائين. سندس مضمون سياسيات آهي. ان سان گڏ تاريخ، ادب ۽ عالمي صورتحال بابت سندس گهڻي دلچسپي آهي. خالد صاحب هڪ سٺو اڀياسي آهي. محفل ۾ ويٺو هوندو ته چوندو: ”آءٌ ته بنهه موڳو آهيان. پڙهان ته اصل ڪونه.“ اهو هڪ وڏو ڪوڙ آهي، جيڪو ڳالهائڻ ۾ هو فخر محسوس ڪندو آهي. ايم. اي ڪري ڪاليج ۾ استاد ٿيو ۽ 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر ٿيو ۽ ان کان پوءِ بين الاقوامي تعلقات ڊپارٽمينٽ ۾ آيو. هن وقت شعبي جو چيئرمين ۽ ائسوسيئيٽ پروفيسر آهي.

خالد صاحب جي ڦوه جواني جو وقت ڪيئن گذريو، ان بابت هن راويءَ کي ڪا خبر ناهي. ٻڌل ڳالهين تي ڪيترو اعتبار ڪبو! ها! هن راويءَ جي اها خوش قسمتي آهي جو خالد صاحب ٿورڙي ناز انداز ڏيکارڻ کان پوءِ سندس دوست ٿي ويو. کيس ڊائري لکڻ جو گهڻو شوق آهي. جي ڇپائي ته گهڻن جو ڀلو ٿيندو پر هتي به اهائي ڪسر نفسي ته: ”بڪواس ڪئي اٿم.“

مون کي 1983ع کان وٺي سندس ڊائرين مان ڪن حصن ٻڌڻ جو موقعو مليو آهي. پڙهندي پڙهندي ڪي سٽون ڳيت ڏيئي ڳڙڪائي ويندو آهي. اصل صحيح لفظ نه ٻڌائيندو. ڪنهن کي ڏنل تحفي جو ذڪر ايندو ته ٻيو نه ته به ائين چوندو ته ”هن کي سامان ڏنم.“ گهٽ ۾ گهٽ ٻه مهينا ته ان تحفي جو نالو نه ٻڌائيندو ۽ پوءِ اوچتو ڌماڪي سان انڪشاف ٿيندو ته اهو ڪافيءَ جو دٻو هو. ڊائريءَ مان ڪڏهن ڪڏهن تمام معمولي ڳالهيون پڙهي ٻڌائيندو. مثال طور: ”مون منجهند جي ماني گل وٽ کاڌي. رات عبدالرحيم آيو. ماني کائي ٻاهر نڪتاسين، عيسيٰ مليو.“ ”جان محمد هزار رپيا واپس ڪيا. نورمحمد ٻه هزار اڌارا وٺي ويو.“ ”کير جو دٻو ويهه رپيا“. ساڳي داخلا جي هيٺان وري لکيل هوندو:

”ڪڏهن ايندين هڪ ٿيندين.“

ڊائريءَ ۾ اڪثر هنڌن تي منهنجي به خوب خبر ورتي اٿس. سندس اڪثر ڪارنامن جو ڄڻڪ ذميدار آءٌ آهيان. ايئن لڳي پيو ته شهيد ٿيڻ کان هڪدم پوءِ ڊائريءَ تي گذارو ڪري پيو ۽ پنهنجن نيڪ اعمالن جي ڪري ڀري دنيا ۾ ٻارن ٻچن جي بار کان آجو آهي. چاهي ٿو ته بار پوي. في الحال ته سڄو بار ڊائري تي آهي. هڪڙي ڏينهن مون کي هيٺيان ٽڪرا پڙهي ٻڌايائين: ”وسري ئي نٿي مون کي الائي ڇا ٿي ويو آهي. منهنجي زنده هجڻ مان آخر حاصل ڇا آهي. اڄ گل هن لاءِ ڪي چڱا لفظ ڪم نه آندا منهنجا سڀ دوست کيس پسند ڪونه ٿا ڪن. هرڪو چوي ٿو تباهه ٿي ويندين.“

مون ڏي نهاري چوڻ لڳو ”ڇڙو توهان همت افرائي ڪندا پيا وڃون.“ هاڻِ هي آهن خالد صاحب جا انصاب!

”ڪالهه پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري رکيم. ڊاڪٽر جبار نه چاهيندي به منهنجي اصرار تي ٻاهران تالو ڏيئي ويو.“ آءٌ کيس تالو ته ڏيئي ويس پر پوءِ اچي ڊپ لڳم ته متان ڪو ڪارنامو ڪري وجهي. جيئن ئي شهر کان واپس اچي کيس سلامت ڏٺم ۽ کيس عرض ڪيم ته خدا جي واسطي وري ائين نه ڪجو.

1983ع جي وچ ڌاري هڪ هنڌ لکي ٿو ”زندگيءَ جو بهترين دؤر محبت وارو دؤر آهي.“ سندس محبت جي ته مون کي به صحيح خبر نه آهي. وقت بوقت پنهنجي دل کي ٽٽي پوڻ لاءِ ايلاز ڪندو رهيو. پوءِ ڪوڙ يا سچ، دل سندس چيو مڃيو ۽ چپ چاپ خود هلي ديوان مشتاق وارڊ ۾ وڃي پهتو. ڏاڍو خوش ٿيو پر سندس اها خوشي ناپائدار ثابت ٿي ۽ ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ ڦرندو گهرندو گهر اچي پهتو. شاهه جي رسالي مان اکين جي باري ۾ چيل بيت پنهنجي ڊائريءَ کي کارائي ڇڏيائين. ڪي اردو ۽ انگريزيءَ جا شعر به اکين کي ٻڌايائين. سندس هڪ اکر اهو سور سهي نه سگهي. ان جو ڪامياب آپريشن ٿيو. ان بابت کانئس ڪنهن پڇيو ته چيائين ته اکين جو آپريشن ته سدائين جاري هوندو آهي. سندس اک کان منهنجي اک کي ريس ٿي، ان سان به اها ڪاروائي ڪرڻي پيئي.

خالد صاحب جي ڊائريءَ جي ڀيٽ ۾ يقيناً وڏا راز لڪل آهن. جڏهن ظاهر ٿيا ته انديشو آهي ته گهڻو گوڙ مچندو. روزمره جو خرچ به ڊائري ۾ لکندو آهي. خود ئي چوندو آهي ته آءٌ ڪنجوس آهيان، پر ڪن خاص مدن ۾ حد کان وڌيڪ خرچ ڪندو آهي ۽ چوندو ته: ”هي ته ڪجهه به نه آهي. مون کي اک جو اشارو ٿئي ته لک لٽي ڇڏيان.“

کڻي ڪير پڇي ته ”ڪنهن جي اک جو اشارو؟“ ته جواب ڏيندو. ”هن جي اک جو اشارو“ ٿورو ترسي وري چوندو ته ”بلڪل عام رواجي آهي!“

ٻڌڻ واري لاءِ ته ٻڌڻ آهي. اک جي اشاري تي لک لٽڻ لاءِ به تيار ۽ عام رواجي به اهو اک جو اشارو ڪرڻ وارو.

ڪڏهن ڪڏهن پرفيوم جي خريداري اهڙي رفتار سان ڪندو ڄڻ دوڪان کولڻ جو پروگرام هجيس. ٻيون به ڪي دلچسپ عادتون اٿس. هڪ نظر ۾ انهن جو جائزو وٺبو ته اهي هيٺيون عادتون آهن.

1.      ڪابه شئي خريد ڪري گهر پهچندو ته اها هن لاءِ ڪنهن به طرح توجهه جي لائق نه رهندي.

2.     حيدرآباد ۾ پنهنجي ڀري ڀڪلئي گهر کي ڇڏي ٽيچرس هاسٽل ۾ رهيو پيو آهي. گهر خالي آهي ۽ ٽيليفون جي گهنٽين سان گونجندو رهي ٿو.

3.     گهر وڃي رهندو ته به ڪڏهن اچي ويس پور ته ٽيليفون نه کڻندو. چي دنيا کان ڪٽيل رهڻ ٿو چاهيان.

4.     بي باڪ آهي. خيال جيڪو به هوندو سو صفائيءَ سان ۽ بنا رک رکاءُ، توڙي بنا مصلحت جي ظاهر ڪندو. ان ڪري چڱن ماڻهن کي ناراض ڪري وڌو اٿس.

5.     ڪنهن به مسئلي تي مدلل بحث ڪرڻ جو به ماڪو اٿس ۽ اهو ملڪو به اهڙو آهي جو بحث ڪندي نه ٿڪندو ۽ گهڻو ڪري ٻي ڌر ڪاوڙجي هلي ويندي.

6.     ميزباني به ڀلي خالد صاحب ڪري، مهمان اڃا وڃي پهچندو مس ته خالد صاحب پليٽون، گلاس ۽ چمچا ڪانٽا ۽ ڇريون تکيون ڪندو ۽ ميوات سڪل ميوو بسڪوٽ ۽ ٻيا ٽول به ڪڍندو ۽ چانهه ڪافي ۽ شربت سان تواضع ڪندو. اڪثر کائڻ پيئڻ جا شوقين هروڀرو به وٽس وڃي پهچندا آهن. انهن لاءِ ڀڳڙا به وٺي رکندو آهي. جنهن کي سڪل ميوو هضم نه ٿئي سو ڀڳڙا آزمائي ڏسي. بهرحال هو هڪ مڪمل ميزبان آهي. آءٌ اهڙو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

7.     انگريزي تمام سٺي اٿس ۽ هر موقعي لاءِ تز لفظ ڪم آڻيندو آهي. انگريزيءَ ۾ ڪمزور ماڻهو کانئس ڪؤ کائيندا آهن. شايد ڪي انگريزيءَ ۾ چڱا به ساڻس حسد ڪندا هجن!

بهرحال خالد شهيد هڪ شخصيت آهي. منفرد ۽ اڪثر نه سمجهه ۾ اچڻ جهڙي. ماڻهو ڪو هلڪو ڦلڪو مضمون لکن ته دوست کي ٻڌائين ۽ ڏيکارين پوءِ هڪدم شايع ٿيڻ لاءِ موڪلين. خالد صاحب هڪڙو ڪتاب ته منهنجي اکين اڳيان لڪائي ڇڏيو. ڄڻ ڪا چوري هجي. مسلمان سياسي مفڪرن تي سنڌي ۾ لکيل هو. مون کي به ڏيکاريائين ۽ ڪتاب پريس ۾ کڻي ٿي وياسين پر جو ڪتاب لڪايائين ته اڄ به پريس ان ڪتاب لاءِ سڪي رهي آهي.

جيڪي چهرا کيس نه وڻندا آهن ۽ انهن جي اڳيان وٺي وڃي بيهاريوس پوءِ جيڪا بي آرامي ٿئيس ٿي ۽ ان کي لڪائي ٿو، سو نظارو ڏسڻ جهرو آهي. سندس ڊائري اهي سڀ ڳالهيون ۽ سندس شخصيت جا سڀ پهلو پاڻ ۾ لڪائي ويٺي آهي. جنهن ڏينهن ڊائريءَ جو هاضمو خراب ٿيو ان ڏينهن خالد صاحب جي شادي ٿي ويندي. وڌيڪ خدا ٿو ڄاڻي!

چرٻٽ

 

ڪي شاعر، اديب، عالم ۽ فنڪار فن جي انتها تي پهچڻ ساڻ شهرت جي معراج تي به رسندا آهن. پر ڪي ان ڪنڊ ۾ گمنام رهي وقت گذاري ويندا آهن، جتان انهن زندگيءَ جي سفر جي شروعات ڪئي هوندي آهي.

چرٻٽ به انهن شاهڪارن مان هڪ هو، جنهن کي هنرمند جي حيثيت سان ته ترائيءَ جا واسي (تعلقو گولاڙچي ضلع بدين، سڃاڻندا هئا پر شاعر ۽ گويي جي حيثيت ۾ هن کي ڪنهن ڪونه ٿي سڃاتو.

ماستر محمد عمر جوڻيجو ترائيءَ وارو اسان جي ڳوٺ ماستر ٿي آيو. منهنجي شعر گوئي ۽ راڳ جي شوق کي ڏسي پهرين ته حيران ٿيو پر پوءِ کيس پنهنجي ڳوٺ جو ڪو شخص ياد پيو، جنهن ۾ به اهي ٻه خرابيون هيون. هن ٻڌايو ته هڪڙو غريب شخص ترائيءَ ۾ رهي ٿو، ان ۾ هونئن ته ڪير به دلچسپي ڪونه ٿو وٺي پر جڏهن ٻي ڪابه وندر نه هوندي آهي تڏهن هو بلاشاهه جا جيڪي ڪلام ڳائيندو آهي، تن ڏي ترائيءَ جي بازار وارن جو ڌيان ڇڪجي ويندو آهي ۽ جڏهن تان پلٽو هڻندو آهي، ته ماڻهو کلندا اٿس، پر اهي پلٽا ۽ تانون تون ڇو ٿو هڻين؟

”هو جن پلٽن تي روئي ٿو، تن تي ماڻهو کلن ٿا.“ مون چيو. ”شايد هن وقت ترائيءَ ۾ ڪو ٻيو اهل درد ڪونهي. نه ته ڪو ته هن جي آلاپ ۽ تان پلٽي تي ڏکوئجي ها.“

ماستر کي الائي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ آئي يا نه پر مون ڄاڻي ورتو ته ڪو آلاپن ۽ آڪارن سان مون کي سڏي رهيو هو. ماستر محمد عمر ٻنهي طرفن سلام نياپا ته آڻڻ نيڻ شروع ڪيا پر آهستي آهستي اسان ٻنهي جي هڪٻئي وٽ لفظن ۾ تصوير به ڪڍندو ويو. تصوير ۾ رنگ ڀريندو ويو. رنگ بلڪل اصلي هئا. غائبانه پيار وڌندو ويو. مٽي مائٽيءَ جي ڪري ترائيءَ ڏي اچ وڃ ته هئي. پيار جي ڏور ۾ ٻڌجي آءٌ ئي ترائيءَ وڃي پهتس. پري کان هڪ ماڻهو گوڏ ۽ قميص ۾ لڏندو لمندو اچي رهيو هو. اوطاق ۾ گهڙيو. آءٌ کٽ تان اٿيس ته مرڪيو ۽ قدري تيز ٿي اچي مليو. ڀاڪر پاتاسين، تڏهن هن کي پڪ ٿي ته آءٌ عبدالجبار آهيان. پهريان لفظ جيڪي چيائين سي هئا. ”ماستر نيٺ وعدو پاڙهيو. سائين بلا شاهه فرمايو آهي.“ ان کان پوءِ ڪا ڪافي تحت الفظ چئي ويو. واقعي بلا شاهه چرٻت جي گفتگو جو معيار ۽ محور هو. کلي چيائين: ”آهيان نه پورو چرٻٽ پنهنجي ملڻ جي خوشيءَ ۾ خوش خير عافيت ڪرڻ تي ياد نه رهيم، اکين کي به ٿورا لاتا آهن ماستر. دل جو ڌيان ۽ من جو ڪاڍو ته تنهنجي ڪري تنهنجي ڳوٺ ڏي ان ڏينهن کان هو، جڏهن ماستر هيءَ غائبانه چڻنگ ڌکائي هئي.“ خوش خير عافيت ٿي. هڪ ٻئي کي چتائي ڏٺوسين. لفظن ۾ جيڪي ماستر تصويرون ڪڍيون هيون، سي پوريون بيٺيون. چرٻٽ تي قميص به بار ٿي ڪيو ۽ اجازت وٺي کڻي لاهي رکيائين. ڇيٽ مان ٺهيل گنجي ظاهر ٿي. پهريون سوال ڪيائين: ”غلام رسول خان سان ته مليو هوندين؟“

”ها.“

”هئه هئه!“ آءٌ ته ڪو چرٻٽ آهيان، اهو ته ماستر مون کي ٻڌايو هو.“

”استاد اميد علي خان جو ڀاءُ آهي.“

”ٻيلي! اميد علي خان به بادشاهه گويو آهي، پر مون کي غلام رسول خان جي آڪار بلڪه ٻاڪار وٺي ٿي.“ پوءِ غلام رسول خان کان تازو ٻڌل اڀوڳي ڪانهڙو ڳائڻ لڳو. جڏهن آءٌ کيس دلچسپيءَ سان ٻڌڻ ۽ پوءِ سر وٺائڻ لڳس ته مست ٿي ويو. ماستر کي چيائين ”اڄ مون مئل کي جياريو اٿئي.“

منهنجي عمر ان وقت 22، 23 سال هئي، چرٻٽ عمر جي لحاظ 45 کان البت سرس پئي لڳو. قد اٽڪل سوا چار فوٽ، رنگ ڪارو، منهن سڪل، اکيون ننڍيون. بس هڪ عاشق جو چهرو هو. چرٻٽ چوائڻ تي فخر هوس. مون هن سان جيتري ڪچهري ڪئي، تنهن مان هن جي عشق جي داستان جي خبر پئي پر زبان سان هڪ لفظ به نه ڪڇيائين. هر ڳالهه جوڳيءَ واري ديس ۾، بلڪ بلا شاهه واري ويس ۾ ٻڌائيندو رهيو. هن جي زندگيءَ جو هر پل بلا شاهه جي اوٽ ۾ ئي گذريو. جي پڇوس ته آخر تون آهين ڪير؟ چوندو ”چرٻٽ“. جي هلت چلت ۽ رهڻي ڪهڻي ڏسوس ته پورو چرٻٽ!

ترائيءَ وارا ته مون لاءِ سوچڻ تي مجبور ٿي ويا ته ڪٿي آءٌ به چرٻٽ ته نه آهيان. شايد آءٌ به ڪنهن اهڙي حال ۾ ئي هوس. سرشار عقيليءَ جي ڪافي جو ٿلهه چيم“

منهنجي محب جو ناهي ڪو مٽ ڙي اديون،
توڙي آءٌ چري چرٻٽ ڙي اديون

”ائين سائين ائين“ سڄو لڏي ويو. وري وري ٿلهه کي ڀيرويءَ ۾ کڻي موزون ڪيائين ۽ پنهنجي ڪافي به تتبع تي تيار ڪري ورتائين.

رات جي مانيءَ کان پوءِ روح رهاڻ شروع ٿي ته هڪ سمنڊ اٿلي پيو. جيڪو ماڻهو چرٻٽ چوائڻ ۾ ئي خوش هو، سو راڳ جي مڙني رمزن جو ڄاڻو سر ۽ تال جو ماهر ۽ هڪ شاعر نڪتو بلا شاهه جي ڪافين جي تتبع تي سرائڪي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪلام چيل هئس. ڪوبه پنهنجو ڪلام لکڻ نه ڏنائين. مون کي سندس ڪلام مان هڪڙي سٽ اڄ به ياد پوي ٿي.“

چرٻٽ کي پرچائڻ آيون، ڀيڻون ۽ ڀاڄايون. ”تنهن جي معنيٰ ته ڪي هيون.“ مون سندس ڪلام ٻڌي چيو. هو لنوائي ويو. هو ڪير هو تنهن جو پتو شهر وارن کي به ڪونه هو. هو بلاشاهه جي ڪلام جو ورد ايئن ڪري رهيو هو، ڄڻ اهو سندس زندگي هو! هو به ايئن. سنگل پاسريءَ وارو ماڻهو ڪلام زبان تي اچڻ سان بيخود ٿي ٿي ويو. مون سوچي سمجهي ڪا سٽ چئي ٿي، پوءِ به هن جي بيخودي ڏسڻ وٽان هئي.

شاهه صاحب جي هڪڙي سٽ ”هت سڪڻ بي عدد هت پرينءَ پرواهه ناهه ڪا“ تي وجد ۾ اچي ويو. وري وري گهڙي تي هٿ هڻي سٽ تي ورجايائين. مون کي پورو ياد نه آهي. مارو! ٺاٺ جي ڪا راڳڻي هئي، ان ۾ سٺا موزون ڪري ڪيتري دير آلاپيندو رهيو هو. گهڙو ايئن ٿي وڄايائين، جيئن هڪ ماهر طبلي نواز ڪنهن گويي سان سنگت ۾ هجي.

رهاڻ هلندي رهي. راڳ راڳڻين، تال اڌيا ۽ موسيقيءَ جي سڀني رمزن ۽ ويندي موجدن تي گفتگو ۽ رياض هلندو رهيو. معلوم ٿيو ته همراهه پڙهيل هو. پر چوي ته آءٌ چرٻٽ آهيان. تو جهڙن کان ٻڌي ٻه اکر ياد ڪيا اٿم. وڏا ڀاڳ اٿم. توکي ڏسي اکيون ٺري پيون اٿم. هنن جا به احسان آهن، ماري شهر مان ڪڍي نٿا ڇڏينم، منهنجي بڪواس ٻڌاندا ٿا رهن. جهڙي منهنجي قابليت آهي ته روز موچڙا پوڻ کپنم. الائي مون کي ڪير ماري ڇو نٿو؟

مون کيس آٿت ڏيندي سندس تعريف ڪئي. هو ڪو گهڻو خوش ڪونه ٿيو. مون کي ياد ڪونهي ته هن سان ڪيترا ڀيرا اهڙيون ملاقاتون ٿيون. ڀانيان ٿو ته ٻه يا ٽي ملاقاتون ٿيون ۽ هڪٻئي تي ايترو اثر وڌوسون جو سلام ۽ پيام جو سلسلو ته رهيو پر ڇڪ به رهندي آئي. اسان جي هڪٻئي سان اها دوستي ڏهاڪو سال رهي هوندي جو ٻڌم ته چرٻٽ گذاري ويو. پر آءٌ سوچيندو آهيان ته ويندو ڪيڏانهن؟ فضا ۾ تانون پکيڙڻ وارو گم ٿيو ته ڇا ٿيو؟

عجب آهي اهڙو هنرمند، هڪ ننڍي شهر جو اجرت تي درزوڪو ڪم ڪرڻ وارو گمنام شخص، منهنجو دوست چرٻٽ ڪيترو نه عاقل هو! عام جي ساهميءَ ۾ آءٌ هن جي مقابلي ۾ چرٻٽ آهيان.

ڇا چرٻٽ جو گفتو هو! ڇا آلاپ هو! ڄڻ بلا شاهه سنڌ ڏي پنهنجو ماڻهو موڪلي ڏنو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org