سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:3 

سسئيءَ به پنهون جي وڇوڙي کان ٻاهر نڪري ٿي ته ايترو محسوس ڪري ٿي ته هي ڏينهن به آيو جو مائٽن جي حڪم جي باوجود گهر ڇڏي پئي وڃان. اهڙو ئي پڇتاءُ اٿس، جهڙو مارئيءَ کي هو. هُوءَ به جهنگ جبل ۽ رائي رڻ ۾ گهرجن دور!

ڪن بيتن سان هتي جي آءٌ ته سسئيءَ جو بيان ڪري سگهان ته منهنجا ڀاڳ چئبا. ڪنهن حد تائين شاهه صاحب جي هيءَ سورمي ۽ سندس عزم جو ذڪر ڪري سگهبو.

اوهين ڄاڻو ٿا ته شاهه صاحب خود سسئيءَ واري واٽ وٺي هنگلاج ويو هو. اُن ڪري کيس سسئيءَ جي مشڪلات ۽ جذبات جو احساس ٿيو. اُهائي واٽ، اُهوئي ڏکيو پنڌ:

اڄ پڻ وسائي اوٺئين، مٿي مارڳ ماڪ،
پنهون نيائون پاڻ سين، تاڙيون ڀڃي طاق،
هيهات هيهات لما تو عدون، سُڃي ٿي اوطاق،
چُڪيءَ چوري چاڪ، هاڙهي هوت هلي ويا.

سسئي پنهون جو داستان، انساني زندگيءَ لاءِ اخلاقي سبق به آهي. هڪ ڌارئين ماڻهوءَ جو ڀنڀور ۾ اچڻ ۽ سسئيءَ جي عشق ۾ ڌوٻي ٿيڻ، شاديءَ کان پوءَ ڀائرن جو ڀنڀور ۾ اچي پنهونءَ کي نشو پياري جهوڙي ٻڌي ڪيچ کڻي وڃڻ ۽ آخر ۾ سسئيءَ جو پنهونءَ پٺيان سٽاڻو سفر ڪرڻ. عام حالتن ۾ ڪهڙا مائٽ پنهنجي ڇوڪريءَ کي ائين رڻ منهن ڪري روانو ٿيڻ ڏيندا! پر هي ته محبت ۽ عزم جي هڪ ڪسوٽي آهي، جنهن تي سسئي ثابت قدم رهي. کيس غفلت جي سزا ملي هئي:

سمهڻا ساڙو جيڏيون جيڏوئي ٿيو،
پرين جو پاڙو، مون سان ننڊ نبيريو.

قسمت ۽ وقت سسئيءَ کي هر طرح ناڪام ڪري ڇڏيو. اُٺ جيڪي هر وقت پيا رڙندا آهن سي به اُن موقعي تي خاموش ۽ چپاتا رهيا. لڏ لهي ته به رڙن، لڏجن ته به رڙن:

اڳي اُٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿي،
پلاڻيندي پاڻ ۾، ڪُڇيو ڪين ڪُٺن،
ڪا جا مام مُٺن، هِن پڻ هئي هُن سين.
جَتَ ۽ اُٺ صلاحي هئا، نه ته هيئن ڪيئن ڪن!

اُٺ جيڪي پنهونءَ کي کڻي ويا، ڏک کان انهن کي پِٽي ٿي–ع

الا اُٺ مرن، جن پنهون نيو پاڻ سين.

شايد سرتين چيس ته ننڊون پاڻ ڪرين ۽ ڪچو ڪيچين ۽ اُٺن کي ٿي چئين. ته وري سوچي چوي ته اُهي بغدي سڀ بچن جن پنهون پيادو نه ڪيو.

پنڌ پوي ٿي ته ڏونگر سان وڙهندي، جبل سان جهيڙيندي ٿي وڃي ته ڪڏهن ڏونگر کي ڏوراپا ٿي ڏي ۽ چوي ٿي ته جڏهن پنهون ساڻ هو تڏهن ته اهڙو سخت نه هئين اڄ منهنجا پير پٿون پيو ڪرين:

ڏونگر تون ڏاڍو، ٿو ڏاڍا ڏاڍايون ڪرين،
مون تن اندر تئن وهين، جئن وڻ وڍي واڍو،
ايءَ ڪرم جو ڪاڍو، نه ته ڪير پٿر پنڌ ڪري؟

ڏانهن ويندي رستو روڪينديون آهن.

سسئي جا حق جي طالب هئي، سا نيٺ وڃي واصل حق جي ٿي. شاهه صاحب اِن صورت حال کي هيئن پسي ٿو:

وڏا طالع تن جا، جي مارڳ منجهه مرن،
ٻيون ڇا کي ڪن، ڪوڙي دعويٰ دوست جي.

منڪر ۽ نڪير کان به پنهونءَ جو ڏس پڇي ٿي:

منڪر ۽نڪير کي، جڏهن ڏٺائين،
اڳيان اٿي اُن کي، پنهون پڇيائين،
اَدا اِئائين، ڪو ويو ساٿ سڄڻ جو.

سسئيءَ جي ڳالهه پوري ٿيڻي ناهي. سسئي عزم ۽ همت جو هڪ چٽو مثال آهي. شاهه صاحب به اِها تعليم ڏيڻ لاءِ اسان کي هي بيت پيو پڙهائي. بيتن کي پڙهن ۽ پرجهڻ جي ضرورت آهي. اڃان هتي زبان ۽ بيان جي حسن جو بيان ڪبو ته دفتر ڀرجي ويندا.

هن گفتگو جو آخري مرحلو سهڻيءَ جي مختصر حوالي سان طئي ڪري سگهبو. علامه قاضي صاحب جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ سُر سهڻي آخر ۾ رکيو ويو. علامه صاحب جو خيال هو ته انسان جي روحاني ترقيءَ جي آخري منزل سهڻي جي مثال آهي. علامه صاحب اِها وائي لکي گهر کان نڪتا هئا:- ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ري؟

سهڻيءَ جو داستان عبرت آءٌ هت ڇيڙڻ نٿو چاهيان پر خاتم ڪلام ڏي وڌندي مون کي پنهنجي ڳوٺ پير فتح شاهه جو عبدالله عرف بُدو ڪنڀار ياد ٿو پوي جيڪو مائٽاڻي ملڪيت ضايع ڪري پڪوڙن جي ٿالهه جي سهاري زنده هو. اڪثر هي بيت چوندو هو.

ڇُٽا ڇينڀ م تون، پل م مون کي پير،
نيو نمازون پڙهين، سائر مٿي سير،
ڪُٺيون جي تقدير، سي گهر گهارينديون ڪيترو.
 

راڳ سوهني (سهڻي) ۾ هي بيت آلاپڻ سان گڏ اڪثر هيءَ مصرع به آلاپيندو هو: پورب ماري آهيان، ڪنهن در ڏيان دانهن؟

سهڻيءَ لاءِ چوندو هو ته ڪي سهڻيءَ جي گلا ٿا ڪن پر هيءَ ته شاهه جي رسالي جي ڳالهه آهي. هيءَ اونهي اسرار جي ڳالهه آهي. ميهار جي، حق جي ڳالهه آهي. سهڻيءَ کي، هر انسان کي صحيح راهه تي هلڻ جي تلقين ڪري ٿو. شريعت تي هلڻ جي تلقين ڪري ٿو. پڪوڙن جي ٿالهه تي ويٺل ماڻهوءَ جي ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه آئي هئي. صحيح راهه وٺڻ تلقين رسالي جي تعليم ۾ موجود آهي. جو فرمائي ٿو:

ساري سک سبق، شريعت سندو سهڻي،
طريقتان تکو وهي، حقيقت جو حق،
معرفت مرڪ، اصل عاشقن جو.
 

سُر ڪيڏاري تي تحقيق

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو هڪ اهم دستاويز آهي ۽ زندگيءَ جي هر پهلوءَ بابت رهنمائي ڪري ٿو. سنڌ جا نيم تاريخي داستان، جوڳين ۽ سامين جا بيان، توڙي عام جيوت ۽ صوفيانه انداز رسالي جي سونهن آهي. سُر ڪيڏارو رسالي جو هڪ اهم سُر به آهي ته تحقيق جي دنيا ۾ هڪ ڀرپور موضوع به آهي. هن سُرَ جو موضوع امام حسين عليہ السلام ۽ سندس جان نثارن جو باطل جي قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي باري ۾ آهي.

سُر ڪيڏاري جي باري ۾ سنڌ جي عالمن ۽ محققن اٽڪل مُني صديءَ کان بحث جاري رکيو آهي. اُهو هي ته ڇا هي سُر شاهه صاحب جو چيل آهي يا احسان فقير لانگاهه ۽ ڪن ٻين شاعرن جي تصنيف آهي؟ مون به شاهه جي رسالي جو اڀياس ڪندي اندازاً 1960ع کان هن سُرَ بابت ٿورو گهڻو سوچڻ شروع ڪيو.

هن بحث جو پهريون محرڪ ۽ محقق مخدوم سائين محمد صالح ڀٽي هالائي هو. (1) اُن کان پوءِ بحث اڳتي وڌيو. هن بحث ۾ پوڻ کان اڳ اِهو ڏسون ته وجه تسمير جو سبب ڪهڙو آهي؟ هيءُ هندستاني راڳ مالا جي هڪ راڳڻي ڪيداره تي آڌاريل آهي. هونئن ڪيڏارو جنگ جي ميدان کي چئبو آهي. (2) ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ پنهنجي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي ۾ سُر ڪيڏارو شامل ڪيو جنهن ڪري ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ ٻين سان اختلاف وڌيس.

ڪيڏارو (ڪيداره) بلاول ٺاٺ جو کاڊو (آروهي اوروهيءَ ۾ ڇهه سُرَ) راڳ آهي. هي رات جو راڳ آهي. شام چوراسي گهراڻي جا چشم چراغ اختر علي خان ۽ ذاڪر علي خان پنهنجي ڪتاب ”نورنگ موسيقي“ ۾ لکن ٿا ته: ”اڪثر ڳائڻا هن کي ڪلياڻ ٺاٺ جو راڳ ڄاڻن ٿا ڇو جو هن ۾ ٻئي مڌمون لڳن ٿيون. پر ڇو جو هن ۾ ڪومل مڌم تي زياده زور هجڻ ڪري بلاول ٺاٺ جو ئي راڳ ليکبو.“ ڪيداره جا اَروهي – اوروهي هي آهن:

اَروهي(3) سا ما گا پا ڌا ني سا

اوروهي -  ري ني سا ڌا پا ما ڌا ما ري سا

راڳ کي آسان ڪري ٻڌائڻ لاءِ هي ليکڪ هن کي پراڻي فلم تان سين جو گانو ڏسين ٿا جيڪو پراڻي گائڪا خورشيد ڳايو هو. ٻول آهي: پنڇي باورا، چاند سي پريت لڳائي. (4)

پروفيسر لطف الله بدوي جيڪو ڊاڪٽر دائود پوٽي جو طرفدار هو تنهن به پنهنجي تصنيف ”تذڪره لطفي“ (ج اول) ۾ چار بيت سُر ڪيڏاري مان ڏنا. (5) جن شاعرن جو ڪلام شاهه جي رسالي ۾ شامل ٿي ويو آهي، اُنهن ۾ ڪي آڳاٽا شاعر وڏا، همعصر ۽ همعصر شاعر اچي وڃن ٿا. اُنهن ۾ وڏا همعصر عنايت رضوي ۽ احسان فقير لانگاه به شامل آهن. مخدوم محمد صالح ڀٽيءَ هن بحث جي شروعات ڊي – جي – سنڌ ڪاليج جي 18 – 1919ع واري ڪاليج مخزن ۾ ڪئي. اُن کان پوءِ پنهنجي ڪتاب ”ڪيڏارو احسان فقير“ جو مسودو 1920ع ۾ مرزا قليچ بيگ ڏانهن موڪليائين. خط ۾ لکيائين ته ”هي بيت احسان فقير جي پڙ تي ڳائيندا آهن.“ (6)مسودو تصحيح لاءِ موڪليل هو. پهرين مرزا صاحب جو خيال هو ته ڪيڏارو شاهه صاحب جو ڪلام آهي. اهڙو اظهار پنهنجي ڪتاب ”احوال شاهه عبداللطيف“ (1887ع) ۾ ڪيائين. اُن کان پوءِ اندازاً 1920ع ڌاري هُو مونجهاري ۾ پئجي ويو. هي سڄو بحث مولانا وفائيءَ ”لطف اللطيف“ ۾ حوالن سان آندو آهي. اُن موجب مرزا قليچ بيگ 43 بيت احسان فقير جا قرار ڏنا ۽ اُنهن کي رسالي ۾ آيل 70 بيتن مان ڪاٽڻ جي تجويز ڏنائين. هوڏانهن خود مرزا قليچ بيگ واري شاهه جي رسالي ۾ ڪيڏاري جا 72 بيت آهن. ائين 70 مان 43 ويا ته 27 بچيا. مير سانگيءَ جي ڪتاب لطائف لطيفي جي حوالي سان مولانا وفائي اِهو به لکيو ته فصل ڇهون فتح فقير جو چيل آهي. ائين اِهي 19 بيت 27 مان ڪاٽبا ته 8 بيت بچندا. مخدوم صالح، 12 بيت صادق فقير صوفيءَ جا قرار ڏنا آهن. (7) 8 مان 12 ڪٽڻ ممڪن ناهن. اُن سان گڏ اهو به خيال آهي ته ڪي بيت مختلف داستانن ۾ ساڳيا هجن يا هن بحث جي زنجير جي ڪانه ڪا ڪڙي غلط لڳي هجي.

تعلقي بدين جي ڏکڻ ۾ اٽڪل 12 ميلن تي سيراڻيءَ جو ننڍو شهر آهي. اُتان سيد مٺو شاهه وٽان محمد سومار شيخ، شاهه جي رسالي جو هڪ قلمي نسخو هٿ ڪيو ۽ شاهه جي گم ٿيل بيتن جي تلاش ڪندي هن ڪي بيت لڌا. اُنهن ۾ سر ڪيڏارو به هو. مون هي رسالو ڏٺو. 1958 ۾ سيد مٺو شاهه گذاري ويو ۽ اهو رسالو ماستر محمد سومار شيخ کان پير عالي شاهه ايم. پي. اي. جي حوالي ٿيو ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي کي ڏنو ويو. ڊاڪٽر صاحب به اُن سال ئي گذاري ويو.

هن قلمي نسخي ۾ شاهه جو ڪيڏارو ڌار ۽ احسان فقير جو ڪيڏارو ڌار آهي ۽ سينهن ڪيڏارو به. شاهه جي ڪيڏاري ۾ بيت 30 ۽ احسان جا 14 آهن. احسان جي پٽ اسماعيل ۽ جيئندل شاعر جا به ڪي بيت آهن. داستان اڌورو آهي ۽ ڪو بيت لکندي اڌ ۾ به رهيل آهي. احسان پنهنجو نالو ’احسان چئي‘ آڻي ٿو ۽ ”آرڙ  ۾ احسان سين“ ڪم نٿو آڻي جيئن رسالي جي ٻن بيتن ۾ آهي.

احسان جو ڪيڏارو، شاهه صاحب جي ڪيڏاري کان زبان ۽ بيان ۾ گهٽ درجي جو آهي. شاهه صاحب چوي ٿو:

سختي شهادت جي مڙوئي ملار،
ذرو ناهي يزيد کي، عشق جو آثار،
ڪسڻ جو قرار، اصل امامن سين.
 

احسان چوي ٿو:

فائق هلي فرات تي، جڏهن آيو علي عباس،
پاڻيءَ کان پياسو، تن ۾ ڪري تپاس،
آءٌ ڪيئن پيان امام ري، مر مون وڃن ساس،
راهه پٺيان راس، احسان چئي امام کي.
 

احسان گهڻو ڪري هر بيت ۾ تخلص آڻي ٿو ۽ پٽ پاراتو گهڻو ڪري ٿو. اُن کان سواءِ عربي ۽ فارسيءَ جا محاورا ساڳي ترڪيب ۾ ڪم آڻي ٿو. ڪن بيتن ۾ الف اشباع سان بيت ڊگها به ڪندو ويو آهي. مثال طور:

اچي بيٺا حضور ۾، سڀئي شهزادا،
مبارڪ مرڪي چيو، رسول پاڻ منها-
                 (هي بيت يارهن سٽن جو آهي.)

احسان جي زبان ۾ پٽ پاراتي جو هڪڙو مثال هي آهي:

عليءَ جي اولاد سين، سرڪش ٿي م شديد،
ڇڏ ارڏائي احسان چئي، نابينا ناديد،
ايءَ پڻ ڳالهه بعيد، جئن طاعت مڃين تنهنجي!
 

مخدوم محمد صالح ڀٽيءَ جو ڪتاب ”ڪيڏارو جامع ۽ محقق“ يوسف برادرس حيدرآباد شايع ڪيو جنهن ۾ بحث ۽ متن شامل آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هيءُ خيال آهي ته احسان، هالن جي آڳاٽي بزرگ سيد عبداللطيف قادريءَ (وفات 1075 هه) جو مريد هو. اُن جي ترغيب سان ڪيڏارو ڳايو ويو جو پوءِ شاهه جي رسالي ۾ اچي ويو. (8)

مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جو خيال آهي ته رسالي جو سُر ڪيڏاري ۾ گهڻو ڪلام احسان فقير جو آهي.(9) ايئن اڪثر محققن جو به اِهوئي خيال آهي. دليل ۽ ثبوت جيڪي بحث هيٺ آيا اُهي مٿي بيان ڪيا ويا آهن. جيئن مٿي عرض ڪيو ويو ته شاهه ۽ احسان جي ڪلام ۾ زبان ۽ بيان جو گهڻو فرق آهي. شاهه صاحب ڪربلا جي قضئي کي الاهي اسرار سڏي ٿو. سندس ڪلام مان چند هيٺيان مثال ئي ڪافي آهن:

سختي شهادت جي، نسورو ئي ناز،
ڪي رند پروڙين راز، قضئي ڪربلا جو.

---

حسين مير حسين کي، رنو ٽن ٽولن،
گهر ماڙهين جهنگ مروئين، اُڀن ۾ ملڪن،
پکين پاڻ پڇاڙيو، ته لڏيو هوت وڃن،
الا شهزادن، سوڀون ڏئين سچا ڌڻي.
 

منظر نگاري ته شاهه صاحب جي رسالي جي بنيادي خصوصيت آهي. جنگ جي منظر نگاري هيئن ڪري ٿو:

ڏٺو ڪالهه ڪنهين، جهونجهارڪو جهڳڙو،
هائين هڏ مُڇائيا، ريلو رت نئين،
ڀانئن سا سَنئين، جِنان جيءُ جوکو ٿئي.

---

جهمنديون اچن، جهوليون جهونجهارن جون،
پايو ٻُڪَ ٻُهارجا، اُن جون وهون واڪا ڪن،
پِٽين پار ڪڍن، رڻ گجيو راڙو ٿيو.

---

بهادرن جو بيان ڪرڻ جو شاهه صاحب وٽ هڪ منفرد ڏانءُ آهي. اُن ۾ جنگ جو جوش هڪ طرف ته زبان جي قوت ٻئي طرف آهي. مثال طور:

هوڏانهن هُن هاڪاريو، هيڏانهن هي هڻن،
سُرنايون ۽ سُنڌڙا، ٻنهي پار ٻُرن،
گهوٽن ۽ گهوڙن، رڻ ۾ لانئون لڌيون.

بيتن جي مثالن جي قطع نظر ڪيڏاري جي مالڪيءَ جو فيصلو ڪرڻ لاءِ مضبوط دليل کپن. مٿي ڪيل بحث ۾ بيتن جي تعداد جي مدنظر اهو چئبو ته سڀ حوالا صحيح نه آهن. ڪنهن هڪ يعني پهرئين حوالي جي آڌار تي هن سُر جا بيشتر بيت شاهه صاحب جا آهن. اُنهن جو هڪ سبب زبان ۽ بيان آهي. اُهو مجموعي طور رسالي جي ٻين سُرن سان ملي ٿو.

هِنَ سُر تي آئيندي به تحقيق جا دروازا کليل آهن. جيڪڏهن ڪو نئون حوالو يا نئون قلمي نسخو ملي ته بحث واري به شروع ٿي سگهي ٿو. في الحال صورتحال اِها ئي آهي جا بيان ڪئي ويئي آهي.

حوالا

1.    چنه، محبوب علي. مقالو: ”شاهه جي رسالي ۾ سندس همعصرن ڏانهن اشارا.“ مخزن نذر لطيف، محڪمه اطلاعات مغربي پاڪستان ڪراچي، ص 83

2.           پرمانند ميوارام. سنڌي – انگريزي ڊڪشنري  "A musical mode 1910 or war"  ص 436

3.           اختر علي خان ۽ ذاڪر علي خان. نورنگ موسيقي، اردو سائنس بورڊ لاهور 1995ع، ص 161

نوٽ: هي فنڪار نزاڪت علي خان سلامت علي خان جا ننڍا ڀائر هئا. هاڻي گذاري ويا آهن.

4.           ايضاً – ص 163

5.           بدوي، لطف الله. تذڪره لطفي (ج اول – ٻيو ڇاپو)، حيدرآباد، ص ص 147 – 182.

6.           وفائي، دين محمد. لطف اللطيف. (ٻيو ڇاپو)، ڪراچي، ص 138

7.           ادبي تحفو (1934ع) ص ص 41 – 42، بحواله مخزن نذرلطيف، ص 84.

8.    بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر) سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ (1978ع)، ص ص 301 ۽ 303 ۽ پڻ ڏسو ڊاڪٽر صاحب جي تاليف ”شاهه جو رسالو“  رسالي جو ڪلام (جلد 10) مقدمو ص ص 26 – 27 ۽ 28.

ڏسو شاهه جو رسالو (ج اول) پهريون ڇاپو، ص ص 31 ۽ 197

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org