سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:9 

حوالا

الف:

1.          Schimmel, Anemarie: Peals from the Indus, Sindhi Adabi Board, Hyderabad/Jamshoro, 1986, p. 20. (Article in Memoriam Ernst Trump)

2.         Ibid, p. 21.

3.         Ibid, p. 21.

4.         Ibid, 21.

5.         Ibid, 23.

6.         Ibid, p. 23.

7.         Ibid, p. 24.

8.         Ibid, p. 24.

9.         Sindh's Changing Map

10.     Wealth and Welfare of Sindh.

11.   هن جي ڇپجڻ جو سال ڊاڪٽر هدايت پريم سن 1872ع لکي ٿو. ڏسو: ”سنڌي ٻوليءَ جا محقق“ سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد، 1994ع ص 10. جڏهن ته ڊاڪٽر انيمري شمل مٿي حوالي ۾ آندل ڪتاب ۾ صفحي 26 تي 1872ع آدي گرنٿ جي ترجمي جي تڪميل جو سال 1877ع ڇپجڻ جو سال لکيو آهي.

12.    Pearls p. 18.

13.    Ibid, p. 28.

14.    Ibid, p. 33 – 34.

15.       گربخشاڻي: مقدمه لطيفي، 1936ع ص 225.

16.   منهنجي هن مختصر مقالي جي آڌار خاص طور ڊاڪٽر انيمري شمل جي تفصيلي مقالي تي آهي، اهو مقالو پهرين 1961ع ۾ هڪ ڪتابڙي جي صورت ۾ پاڪستان جرمن فورم ڪراچي شايع ڪيو. اُن جو عنوان هو: Ernst Trumpp: Brief Account of his life & Works.

اُن کان پوءِ ساڳيو مقالو ڪجهه اضافن ۾ تبديليءَ سان هڪ ڪتاب ۾ آيو. جنهن ۾ جرمن اسڪالرن جي ڪم جو جائزو ورتل آهي. ڪتاب جو عنوان آهي:

German Contributions to the Study of Pakistan Linguistics (Published by Pakistan German Forum Wiesenhoefen 16, D- 2000, Hamburg 67, 1981)

ڊاڪٽر شمل جي هن تحقيق کان سواءِ ڊاڪٽر هدايت پريم جي ”سنڌي ٻوليءَ جا محقق“ تان استفادو ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر نواز علي شوق ”شاهه جي رسالي“ (ثقافت کاتو ايڊيشن – 1985ع ۾ به ٽرمپ جي مختصر سوانح ڏني آهي.

ب:

1.      ڏسو ڪينجهر (3) سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي 1989ع ص 2. مقالو: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي پي ايڇ. ڊي ٿيسز (از: عبدالجبار جوڻيجو).

2.      گلراجاڻي، ڄيٺمل پرسرام، شاهه جون آکاڻيون، اُساٽ ساهت مالها دهلي 1990ع، پيش لفظ از: ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ص ص 12 – 13 – 14.

3.                 شام، عبدالجبار جوڻيجو. ڪنزاللطيف، ابراهيم پريس حيدرآباد، 1961ع ص ص 104 کان 126.

4.                 ڏسو ڪينجهر، مٿي ڏنل حوالو نمبر هڪ، ص ص 2، 3، 4، 5، 6.

5.                 Sorley, H. T. Shah Abdul Latif of Bhittai, O.V.P. 1966, pp 203 to 216.

6.                 Ibid, p. 203 – 204.

7.                 Ibid, pp. 207 – 208.

8.                 Ibid, p. 260.

9.      ڏسو جهمٽمل ڀاوناڻيءَ جو ڪتاب ”ڇند سڳنڌ“ ۽ ڊاڪٽر جوتواڻيءَ جي پي ايڇ. ڊي ٿيسز: Shah Abdul Latif – his life and work (1975).

10.             ماهنامه نئين زندگي، ڪراچي، جولاءِ 1963ع.

11.              Panhwar, M. H. Source Material on Sindh, Sindhology, Jamshoro, 1977, p. 253.

12.             sorley, H. T. The Gazetteer of West Pakistan.

ج – مدد ڪتاب:

1.      Pithawala, Maneck. B. – A Physical and Economic Geography of Sindh, Sindhi Adabi Board, 1959.

2.      Panhwar, M. H. – Chronological Dictionary of Sindh. Institute of Sindhology, 1983.

3.      Panhwar, M. H. – Source Material on Sindh. Sindhology, 1977.

 

محمد جمن هالو

(تاثر)

ڪي اوڏا به ڏُور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين،
ڪي سنڀرجن نه ڪڏهن، ڪي نه وسرن مُور،
جئن مينهن ڪُنڍيءَ پُور، تئن دوست وراڪو دل سين.

شاعريءَ جو قافلو ڪنهن زماني کان وٺي روان دوان آهي. هرڪو سوار پنهنجي بحر وزن ۽ معيار سان منزل ڏي وڌندو پيو وڃي. ويهين صدي عيسويءَ جي سنڌي شاعريءَ ۾ وڏا نالا موجود آهن. انهن جي ڪلام کي پڙهڻ پروڙڻ ۽ تور تڪ ڪرڻ قاريءَ جو توڙي نقاد جو ڪم آهي. ويهين صديءَ جي سنڌي شاعريءَ ۾ گهڻا رنگ آيا ۽ ويا. جدت ۽ ترقي پسندي، صنفن جي اهميت بابت شاعرن ۾ جدا جدا سوچ ۽ ٻوليءَ جي استعمال بابت اختلاف اڳيان آيا. شاعري ۽ اُن جي بلند خيالي ايتري طاقتور هئي جو اُن سڀني تضادن کي پوئتي ڇڏي ڏنو.

شاعر پنهنجو وارو وڄائي وڃن ٿا. ڪڏهن ٿورو ڪڏهن گهڻو وقت ياد به رهن ٿا. ڪڏهن عزيزن کان سواءِ ٻين کي وسري به وڃن ٿا. شعر ته رهڻ واري وَستُو آهي. ڪتابن ۽ رسالن ۾ محفوظ رهي ٿو. يادگيرين ۾ به محفوظ رهي ٿو. اڪثر ڳائڻن جي آواز ۾ گونجندو رهي ٿو. محمد جمن هالو به ائين ڪنهن نه ڪنهن ذريعي سان ڪن يادگيرين ۾ آهي. گهڻي ڀاڱي وسريل به آهي. يادگيرين ۾ هو ته اڄ ذهنن جي سطح تي اُڀريو آهي.

سندس ڪي ڪافيون ڇپيل 1956ع کان پوءِ چند سالن ۾ پڙهيم. ڪي مصرعون ذهن ۾ هُرن پيون پر زبان تي نٿو آڻيان ته متان غلطي ڪري وجهان. مون کيس اندازاً 55 – 1956ع کان وٺي حيدرآباد ۾ بزم طالب الموليٰ ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو. 1956ع ۾ ئي ميرپور بٺوري ۾ مهرشاهه جي ميلي ۾ محمد عيسيٰ مست ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعري جو پروگرام رٿيو هو اُت ملياسين. آءٌ حيدرآباد ۾ ڪاليج جو شاگرد هئس ۽ ڪي ٻه ٽي مضمون توڙي چند بيت ۽ ڪافيون مس تخليق ڪري سگهيو هوس. حيدرآباد جي اڪثر اديبن ۾ مخدوم صاحب طالب الموليٰ خود توڙي گرامي، سرشار ۽ ٻين جي ساٿ ۾ بٺوري پهتو هوس. هالو صاحب اُتي موجود هو. مون چند ڪافيون تخليق ڪيون هيون. اُهي سُر ڪوهياري، راڻي، سورٺ، ڀيروي ۽ ٽلنگ ۾ هيون. هالي صاحب جي مترنم ڪافي ٻڌي منهنجا سُرَ هيٺ مٿي ٿي ويا هئا. هي ڌنڌليون يادون اڄ به ذهن ۾ اٿم.

هالي صاحب جي ڪافين جا سُر اڄ به ذهن ۾ گونجنم پيا. سندس پختو آواز ۽ ترنم وسرڻ جهڙو نه آهي.

هو ڪراچيءَ جي شاعرن مجروح، ساز نو آبادي، عبدالحليم جوش، اياز قادري ۽ ٻين جي ساٿ سان مشاعرن کي مچائي ويٺو هو. شعر جي هر صنف جا هي اهم شاعر سنڌي شاعريءَ ۾ تمام اهم ڄاتا وڃن ٿا.

هالو هر طرح هڪ قداور شخصيت هو. جئن عرض ڪيم ته هُن جو بلند آواز به سندس شخصيت جو حصو هو. اُهو وقت اهڙو هو جو شاعرانه زور ڏيکارڻ لاءِ قافيه پيمائي ۽ بندشن جي ڄڻ نمائش ڪئي ويندي هئي. اڪثر شاعرن جي بيان جو زور انهن جي زبانداني ۽ چُست بندش مان ته ظاهر ٿيندو هو پر خاص داد اُنهن کي ملندو هو جيڪي نڪته سنجيءَ ۾ به يگانا هئا. هالو انهن ئي شاعرن مان هو جن جي ڪلام جو هر پهلو مضبوط هو. مون هن موقعي لاءِ مليل ٿوري وقت سبب رسالن جا فائل ڍڳ ۾ پيل هئڻ ڪري به اُٿلائڻ جي همت نه ڪئي. سندس ڪي سٽون جيڪي مسلسل ذهن ۾ مئنڊولن جي سُرن وانگر وڄن ٿيون ۽ ياد اٿم هڪڙو شعر هي آهي:

حياتيءَ جو سفر هالا اچي پورو ٿيو آهي،
پڇاڙيءَ ۾ ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ وارا ڪڏهن ايندا.

مشاعرن جو دؤر ۽ مشاعرن جي سنجيدگي هلي ويئي . طرح مصرع ته بلڪل موڪلائي ويئي. 1950ع وارا ڏينهن بلند پايه شاعرن جا ڏينهن هئا. مشاعرن جي موج هئي. هيءَ موج سانگيءَ جي دؤر کان هلي پئي آئي. هالو ۽ اُن جا همعصر مشاعرن جو جوڀن ڏسڻ وارا هئا. بزم طالب الموليٰ ڪافين جي همت افزائي ڪئي. شعر چوڻ لاءِ موضوع ڏنا.

منهنجا هي منتشر خيال الائي قبول پيا يا نه؟ ٿي سگهي ٿو هالي صاحب جو ڪلام هٿيڪو مليم. گهڻو منهنجي ذخيري ۾ آهي. اُن کي اڳيان رکي هن وساريل رفيق کي بهتر نذر عقيدت پيش ڪري سگهان ٿو.

ياد ڪرڻ لاءِ وڏي مهرباني.

عثمان علي انصاري (سوانح حيات ۽ ادبي ڪم)

 

سوانح حيات: عثمان علي انصاريءَ جو اصل وطن سهارنپور (ڀارت) آهي. انگريزن جي دؤر ۾ سندس والد هدايت علي انصاري ضلعي سهارنپور جي ڳوٺ جنت آباد (انڀٽ) مان 1870ع ڌاري لڏي سنڌ ۾ آيو ۽ پوليس جي نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو. (1) جناب عثمان علي انصاريءَ جي سوانح جو آڌار سندس خود نوشت سوانح حيات تي آهي. هن هيٺ آءٌ سندس سوانح حيات جا اڪثر حصا سندس ئي لکيل اُن سوانح حيات مان بجنسي وٺان ٿو، جئن ڳالهه نسبتاً مستند رهي. (2)

محترم انصاري لکي ٿو ته: ”منهنجي والده ميرپور ماٿيلي جي رند خاندان مان هئي، جنهن مان والد صاحب کي هڪ نياڻي ۽ ٻه پٽ ٿيا. والد جڏهن سيوهڻ ۾ پوليس انسپيڪٽر هو تڏهن وفات ڪيائين. مون کي ٻڌايو ويو ته مان 21 آڪٽوبر 1901ع تي شڪارپور شهر ۾ پيدا ٿيو هوس. والد مرحوم کي ان وقت گذر ڪئي ٻه مهينا کن ٿيا هئا. مون کي انهيءَ تاريخ تي اعتبار ڪونهي. پر لاچار ميونسپل جي رڪارڊ کي قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه ٿو ڏيکارجي. (3)

عثمان علي انصاريءَ ابتدائي تعليم شڪارپور ۾ ورتي. هُو سنڌي سڪول نمبر 2 ۾ داخل ٿيو، جيڪو اُن وقت هاٿيدر جي ٻاهران هو. ٽئين درجي ۾ کيس سندس چاچي شيخ صادق عليءَ جيڪو اُن وقت ميهڙ (ضلعو دادو) جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو، گهرائي ميهڙ جي سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. (4) پنهنجي چاچي جو ذڪر انصاري صاحب خود نوشت ۾ اڳتي ڪندي لکي ٿو ته 1912ع ۾ چاچي سان گڏ دهلي درٻار ۾ ويو هوس. شيخ صادق عليءَ جي سوانح مان معلوم ٿئي ٿو ته هي صاحب اُهو ئي آهي جيڪو خيرپور ميرس جو وزير هو. اُن بابت حامي صاحب لکي ٿو: ”هن جي والد جو نالو شيخ شير علي هو. هُو سهارنپور جي انصاري خاندان مان هو. سندس والد انگريز سرڪار جي نوڪريءَ ۾ دفتردار هو. سندس خاندان وارا شڪارپور ۾ رهندا هئا. صادق علي 17 آڪٽوبر 1873ع تي مئٽرڪ پاس ڪري انگريزن جي حڪومت ۾ منشي ٿيو. جتان ترقي ڪري وڃي ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. هو 11 مئي 1907ع ۾ خيرپور رياست جو وزير ٿيو. 19 اپريل 1912ع تي وفات ڪري ويو.“ (5)حامي صاحب اِن ڳوٺ انڀٽه (ضلعو سهارنپور) جي هڪ ٻئي شخص شيخ علي حسين جو به بيان ڪري ٿو، جيڪو سنڌ ۾ آيو ۽ خيروپر جو وزير ٿيو، چارلس نيپئر جي منشي علي اڪبر جو دوست بنيو ۽ غداريءَ ۾ شامل ٿيو. (6) خيرپور جا مير حڪمران هونئن ئي لکنؤ ۽ پنجاب توڙي ٻين پاسن کان ماڻهو آڻيندا ئي رهندا هئا. سنڌ جي ماڻهن جي مقابلي ۾ کين اُهي وڻيا ٿي.

عثمان علي انصاريءَ جي ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ميهڙ شڪارپور، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٿي. شڪارپور هاءِ سڪول مان 1918ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. راندين ۽ جسماني ورزش جو کيس چڱو شوق هو.

مئٽرڪ کان پوءِ ڪاليج جي تعليم لاءِ جوناڳڙهه ويو ۽ ڪن سببن ڪري دل نه لڳي. وري موٽي آيو. عليڳڙهه ويو 1921ع ۾ انٽر پاس ڪيائين. (7) هندستان ڇڏيو تحريڪ جي ڪري واپس گهر موٽڻو پيو. (8) پاڻ لکي ٿو ته: ”ٻارهن ڏينهن جي ڏکن ڏولاون کان پوءِ چاڪيءَ جي ڏاند وانگر اچي گهر لڌم. خيال ڪيم ته ڪراچي جي ڪاليج ۾ داخلا وٺان، پر ڇاڪاڻ ته ٽئي سال جا ٽرم وڃائي چڪو هوس، تنهن ڪري خيرپور ميرس ۾ اچي ناز هاءِ اسڪول جي ماستري ڪيم. بعد ۾ هڪ ٽرم لاءِ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ هوس. جتان 1922ع ۾ بروده ڪاليج ۾ وڃي ٽئي سال جي ٻئي ٽرم ۾ داخلا ورتم. 1923ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي پاس ڪري ساڳئي سال وڌيڪ تعليم لاءِ انگلنڊ روانو ٿي ويس.“(9)

1925ع ۾ انگلنڊ مان ايم. اي ۽ صحافت ۾ ڊپلوما وٺي موٽيو. نوڪريءَ ۾ داخل ٿيڻ جو احوال هن ريت لکي ٿو: ”ٻه مهينا کن لکپڙهه هلي. ان کان پوءِ مون کي ميرپور خاص جي مدرسي هاءِ سڪول ۾ هيڊماستر ڪري رکيائون. 27 نومبر 1925ع تي وڃي چارج ورتم. جتان وري 1927ع ۾ نوشهري فيروز بدلي ڪيائون. نوشهري فيروز ۾ 1933ع تائين رهيس. جتان وري ميرپور خاص بدلي ٿي آيس. 1940 ۾ ميرپورخاص مان ڪراچيءَ ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي آيس. 1947ع ۾ ميرپور خاص کان حيدرآباد ويندي موٽر جي اونڌي ٿيڻ ڪري ڌڪ لڳا. فيبروريءَ کان ڊسمبر تائين زير علاج رهيس ۽ ڊسمبر ۾ جڏهن نوڪريءَ تي چڙهڻ جهڙو ٿيس ته ايس. ٽي ڪاليج ۾ پرنسيپال ڪري رکيائون. چئن سالن کان پوءِ 1951ع ۾ ڊي. پي. آءِ جي عهدي تي آيس، جتان تازو 1957ع جي آڪٽوبر ۾ پينشن تي آيو آهيان.“ (10)

انصاري صاحب جي هن تحرير مان اِهو معلوم ٿئي ٿو ته هي خود نوشت پاڻ 1957ع ۾ ئي لکي اٿس ۽ بورڊ جي ميمبر هجڻ ڪري مهراڻ سوانح نمبر ۾ انهيءَ زمري ۾ رکيل آهي. فڪري لحاظ کان خود نوشت جي آخري پئرا سڄي زندگيءَ تي هڪ طائرانه نظر آهي. پاڻ لکي ٿو ته: ”ٻٽيهن سالن جي نوڪريءَ ۽ ازدواجي زندگيءَ منهنجي مشغولين ۽عادتن تي ڪو اهڙو خاص اثر ڪين ڪيو. البت راندين جو مشغلو پهريان ڏهه سال کن جاري رهيو، جو بعد ۾ فقط ٽيبل ٽينس تائين محدود ٿي رهجي ويو. شڪار جو چاهه 1947ع تائين گهڻو ٿي ويو، پر 1947ع جي موٽر واري حادثي کان پوءِ ڇاڪاڻ ته عضون جواب ڏيئي ڇڏيو هو تنهن ڪري لاچار ڇڏڻو پيو. انهيءَ جي جاءِ تي لکڻ پڙهڻ جي مشغولي وڌي ويئي.“ (11)

ايئن پينشن تي اچڻ کان پوءِ ڪجهه وقت پنهنجي زرعي فارم کي ڏيڻ لڳو ۽ لکڻ ۾ مصروف رهيو. اُن باري ۾ خود نوشت جا آخري چند جملا لکندي اظهار ڪري ٿو ته: ”ڪيئي سال ٿيا ته والٽئر جي هڪ ڪتاب ۾ پڙهيوم هوم ته ڪنهن به مشغوليءَ جو نه هجڻ حياتيءَ جي ختم ٿيڻ جي برابر آهي- نوڪريءَ واري زماني ۾ جيڪي ڪتاب اڻپورا ڇڏي ڏنا هئم تن کي مڪمل ڪرڻ جو ڪم به ڪندو ٿو رهان.“ (12)

هي ٿوريون ڳالهيون عثمان علي انصاريءَ خود لکيون آهن. ڪن پهلوئن کي مختصر ڪيو اٿس. پاڻ بابت ڪي ڳالهيون شايد اهم نه ڄاتيون اٿس. اُنهن کي ٻيا بيان ڪندا آهن. خوش قسمتيءَ سان صاحب ممدوح جي شخصيت بابت گرامي صاحب وفات نامي ۾ کيس هڪ کلمک ۽ ملنسار انسان ڪري ظاهر ڪيو آهي. انهن جي مطالعي مان انصاري صاحب جي زندگي هڪ کليل ڪتاب وانگر عيان ٿئي ٿي. گرامي صاحب جو رابطو انصاري صاحب سان بورڊ جو ميمبر هئڻ سبب ۽ آخري دؤر ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري به رهڻ سبب رهيو. انصاري صاحب بورڊ جي ابتدائي زماني ۾ مهراڻ جو مئنيجنگ ايڊيٽر به رهيو.

گرامي صاحب جي لکڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته عثمان علي انصاري ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ ڳالهين جو ڳهير هو. (13) کيس شاعريءَ سان به شغف هو ۽ موقعي مهل سان مناسب فارسي ۽ اُردو شعر به سندس گفتگو ۾ شامل هوندا هئا. سندس گفتگو وڻندڙ هوندي هئي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو ڳالهيون بيان ڪندو هو. (14) هرڪا سادي سودي ڳالهه به افسانه طرازي ۽ رنگ آميزيءَ کان سواءِ ڄڻ ڪري ئي نه سگهندو هو. (15)

گرامي صاحب عثمان علي انصاريءَ جون اهڙيون ڪجهه ڳالهيون لکيون آهن. جي نهايت دلچسپ آهن. هڪ ڀيري جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته چيائين:

مان وڃان ٿو!

ڪاڏي؟

ڪئناڊا

ڇو؟

اُتي مون کي ستر هزار ايڪڙ زمين الاٽ ٿي آهي.

- ٻئي دفعي چيائين:

بابا مون کان ڪم ڪار سنڀالي وٺو!

سائين ڇو؟

لس ٻيلي ۾ ڄام مون کي سٺ هزار ايڪڙ زمين ڏيڻي ڪئي آهي. اُتي ڇهه لک رڍون ڌاريندس.

- هڪ موقعي تي چيائين:

مون سسئي پنهونءَ جو باغ ڏٺو آهي. سسئي جي باغ جي هڪ لام ڇهه ميل هئي! (ٻئي لام جي ڊيگهه جو سوال ئي نٿو اُٿي!)

ائين انگلنڊ جي هڪ ڳالهه ڪرڻ لڳو:

هڪ ڏينهن خدا جو هجي. شهر ۾ اوندهه انڌوڪار هجي. هٿ نه ڏسي هٿ کي. ڪوهيڙي جا ڪوٽ چڙهي ويا. ٿڌ چوي اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان! رڙهي ويس پوسٽ آفيس وٽ. ڏسان کڻي ته هڪ شخص چڱي چوکيءَ عمر جو، ڪرڙوڊ ٿڌ لڳڻ ڪري ڪِري پيو آهي. وڌي وڃي اُٿاريومانس. جان کڻي ڏسان ته بادشاهه سلامت، جارج پنجون. هٿ ۾ لفافو هجيس. ائڊريس تاڙي ورتم. هٿ سان اشارو ڪيائين. خاموش هي راز آهي! پوءِ وڌي وڃي لفافو سٽيائين. گاڏي ڪري ڏنيمانس، پوءِ هليو ويو. مون اُن ائڊريس تي جارج جي معشوقه سان ملاقات ڪئي. چئي ڏنومانس ته مان راز کان واقف آهيان.

ايئن چئي انصاري صاحب سگريٽ جو ڪش لڳايو ۽ دونهن ۾ هڪ وڏو ٽهڪ ڏنائين. (16)

هي ڳالهيون افسانه طرازي ۽وقت گذارڻ جو ذريعو لڳن ٿيون. بهرحال عثمان علي انصاري 2 سيپٽمبر 1962ع تي اسر ويل وفات ڪئي. اولاد ۾ سندس فرزند فريد ۽ نياڻي زهره نويد جا نالا معلوم ٿيا آهن. هُو هڪ صاحب طرز ليکڪ آهي. سندس ادبي ڪم ۾ مقالا ۽ ڪجهه ڪتاب شامل آهن.(17) سندس شايع ٿيل ڪتابن جو جائزو پيش خدمت آهي.

ادبي جائزو

انسان ۾ ڪنهن به ڪم جو چاهه پيدا ٿئي ٿو، اُن جا ڪي محرڪ هوندا آهن. اڪثر تعليم يافته ماڻهن ۾ لکڻ جو چاهه پيدا ٿيڻ فطري ڳالهه آهي. عثمان علي انصاري اُن دؤر ۾ اک کولي ۽ اعليٰ تعليم تائين پهتو جڏهن نه رڳو تعليم جو غلغلو هو پر هڪ طرف هندن سان مقابلو هو ته ٻئي طرف پنهنجو آئيندو به هڪ چئلينج هو. جڏهن اعليٰ تعليم کان فارغ ٿي تعليم کاتي ۾ فرائض سرانجام ڏيڻ آيو ته اِتي به ڪي پاڻ جهڙا پڙهيل بلڪ ڊاڪٽر دائود پوٽي، محمد اسماعيل ڪرساڻي، حافظ محمد صادق ۽ غلام حسين جعفريءَ جهڙا اُستاد ۽ عالم موجود هئا. ڊاڪٽر دائود پوٽي جو ته کليل چئلينج سامهون هئس. جيڪو کانئس اڳ ڊي. پي. آءِ جي اهم عهدي تي فائز هو ۽ هڪ وڏو اسڪالر هو. ڊاڪٽر صاحب جون تحريرون ماحول تي ڇانيل هيون. کيس ادبي دنيا ۾ چئلينج ڪرڻ مشڪل هو، پر پوءِ عثمان علي انصاريءَ پهرين ادب ۾ نماڻيون ڪوششون شروع ڪيون. اول ته شيڪسپيئر جا ڊراما ترجمو ڪيائين ۽ پوءِ ادبي انتخاب ۽ يوناني فلسفي جهڙا ڪتاب لکيائين. اندازاً 1947ع ڌاري شاهه ۽ پوءِ سچل جي رسالن ڏانهن رجوع ٿيو.

جناب عثمان علي انصاري لنڊن مان انگريزيءَ ۾ ايم. اي ڪري آيو هو ۽ فطري طور انگريزي ادب جا شهپارا سندس نظر ۾ هئا. شيڪسپيئر جي مطالعي هُن ۾ اُهو چاهه پيدا ڪيو ته ههڙا شهپارا سنڌيءَ ۾ آڻجن. پاڻ انهيءَ سلسلي ۾ شيڪسپيئر جا ٻه ڊراماCymbeline  ۽Two gentlemen of Verona  جا ترجما جرمِ وفا - ۽ گمراهه دوست جي نالن سان ڪيائين. (18) هنن ٻنهي ڊرامن جا سنڌي ترجما مرزا قليچ بيگ بالترتيب شمشاد مرجانه (1908ع) ۽ عزيز ۽ شريف (1909ع) ڪيا. ٿي سگهي ٿو ته عثمان علي انصاريءَ کي انهن ترجمن جي خبر هجي (يا نه هجي)- بهرحال هن پنهنجي انداز سان هي ڪم ڪيو.

جُرم وفا: جئن عرض ڪيم ته هي شيڪسپيئر جي ڊراما Cymbeline (سنبلِن) جو ترجمو آهي. هن جو مدار انگلنڊ جي هڪ داستان تي آهي. هن ڊراما جو پهريون ڇاپو 1937ع ۾ نڪتو. هن ۾ پنج ائڪٽ (Acts) آهن ۽ هر هڪ ۾ مختلف سين (Scene) آهن. ڪتاب جا ڪل صفحا 184 آهن. شيڪسپيئر جو اصل ڊراما به پنجن ائڪٽن تي مشتمل آهي ۽ سر ڊانلڊ ولفٽ (Sir Donald wolfit) جي ترتيب ڏنل شيڪسپيئر جي مڪمل متن (The complete works of Shakespeare) ۾ ٽيهين نمبر تي ڇپيل آهن. هي ڊراما 10 – 1609ع ۾ لکيو ويو.

جرم وفا (Cymbeline) جو اهم ڪردار انگلنڊ جو بادشاهه آهي. ٻين ڪردارن ۾ راڻي، راڻيءَ جو اڳئين مڙس مان پٽ ڪلاٽن، بادشاهه جي اڳين راڻيءَ مان ڌيءَ اِموجن، اموجن جو مڙس ليونيٽس، ڊاڪٽر لارڊ ۽ نوڪر وغيره آهن. ڪهاڻي تعصباب، ڪشمشن ۽ ڪيترن تضادن جي چوگرد ڦري ٿي.

عثمان علي انصاريءَ مڪالما نهايت آسان زبان ۾ لکيا آهن. ڊرامو تمام سليس ۽ دلچسپ بنجي پيو آهي. سر ڊانلڊ جي لکڻ موجب هن ڊراما جي متن جا ماخذ Bocacio ۽Decameron ۽ ٻيا ٿي سگهن ٿا.

گمراه دوست: هي ڊراما شيڪسپيئر جي ڊراما Two Gentlemen of Verona جو ترجمو آهي. هن جو مدار مِيلان (Milan) ڊيوڪ (سردار) ۽ اُن سان لاڳاپيل ڪيترن ماڻهن تي آهي. جن ۾ ٻين سان گڏ ٻه نوجوان ۽ انهن جون محبوبائون اهم آهن. اٽليءَ ۾ ڪيترن قصن ۾ نوجوانن جا عاشقانه ڪردار موجود آهن. هي متن اسپين جي نثري رومانوي داستان تان ورتل آهي جو پوءِ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو. (20) هي اصل ڊراما مٿي ذڪر ڪيل ”مڪمل متن“ ۾ ٻئي نمبر تي آهي ۽ شيڪسپيئر 95 – 1594ع ۾ لکيو. سنڌيءَ ۾ هي ڊراما 1939ع ۾ ڇپيو. (21) ٻه نوجوان وئلنٽائن ۽ پروٽيئس آهن. انهن جو محبوبائون سِلويا ۽ جُوليا آهن قصو ڪشمڪش ۽ غلط فهيسن جي شامل ۾ اڳتي وڌي ٿو ۽ نيٺ پڄاڻي ٻنهي جي شادين تي پڄاڻي ٿئي ٿي. گذارش جي عنوان سان مُنڍ ۾ زبان بابت اِهو اشارو ڏنو آهي ته اسين اردو سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلون ۽ پنهنجي زبان ۾ سڌارو آڻيو. انهيءَ خيال هيٺ هُن هِن ڊراما ۾ نسبتاً عربي فارسي آميز زبان ڪم آندي آهي. اُن ڪري جرِم وفا کان زبان سبب هي ڊراما مختلف آهي. هِن ۾ 129 صفحا ۽ پنج ائڪٽ آهن. اصل ۾ پنج ائڪٽ آهن ۽ ذڪر ڪيل متن ۾ 21 کان 40 صفحي تائين ڇپيل آهي. (22)

انصاريءَ جا ڊراما ڇپيل هئا، پر تعليم جي اهميت واضح ڪرڻ لاءِ هُن محمد اسماعيل عرساڻيءَ کي (بدنصيب ٿري) ڊراما لکڻ جي ترغيب ڏني. (23)

پنج: افسانوي ادب ۾ عثمان علي انصاريءَ جي ڪاوش پنج (1937ع) ۾ پنج ڪهاڻيون / افسانا آهن. هنن مان ”ململ جو چولو“ وڌيڪ مشهور ٿي. ٻين مجموعن، رسالن ۽ نصاب جي ڪتابن ۾ ڇپي. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ انصاريءَ جي ڪهاڻين کي حقيقت نگاري وارين ڪهاڻين ۾ ڳڻي ٿو ۽ لکي ٿو: ”عثمان علي انصاري چوٿون عالم هو جنهن جديد ڪهاڻي نويسيءَ جو هنر پرايو ۽ ڳوٺاڻي مسلم زندگيءَ تي ٻڌل پنجن عمدين ۽ نازڪ خياليءَ سان ڀريل آکاڻين جو ڪتاب ڇپايو، جنهن جو نالو رکيائين ”پنج“، جنهن مان ’ململ جو چولو‘ ۽ ’مقام‘ داد لائق هيون.“ (24)

انصاريءَ کان اڳ جي ٽن ڪهاڻيڪارن امر لعل هنڱوراڻي، مرزا نادربيگ ۽ آسانند مامتورا کي ڳڻيو اٿس. انصاريءَ جي ”پنج“ جي ديباچي ۾ ظاهر ڪيل راءِ کي رد ڏنواٿس- لکي ٿو: ”اِن ڪتاب جي ديباچي ۾ انصاري صاحب جي دعويٰ ڪئي سا تاريخي نگاهه کان صحيح نه هئي“.(25) راءِ هيءَ هئي: ”افسوس آهي ته اسان جي سنڌي ادب ۾ اها شاخ ڪهاڻي اڃان ايئن پئي آهي. ڪنهن به مصنف انهي طرف خيال نه ڪيو آهي.“ (26)هن راءِ کانپوءِ ملڪاڻي لکي ٿو ته امر لعل، نادر بيگ ۽ مامتورا اڳ ئي اوچي معيار واريون ڪهاڻيون لکي چڪا هئا. (27)

حقيقت هيءَ آهي ته ”ململ جو چولو“ ڪهاڻي پنهنجي نالي جي ڪري ئي ماڻهن کي ڪشش ڪندڙ لڳي. ڪهاڻي جو تت هي آهي: ”انور کي زبيده پسند نه هئي. هُن اُن کي ڇڏي ٻي شادي ڪئي. جنهن مان ٽي ٻار ٿيس. هُو ڪنهن به طرح زبيده کي پاڻ وٽ رکڻ لاءِ راضي نه هو. زبيده بيمار ٿي پئي. اُن حالت ۾ بيماريءَ جي بستري تي ليٽي ليٽي هُن ململ جي چولي تي ڀرت ڪيو ۽ انور کي خط سان گڏ ڏياري موڪليائين. کيس چولو پهرڻ لاءِ زور ڀريائين. انور جي ٻي زال خط ۽ چولو ڏسي اچي ٻارن تي ڏنڊا وسايائين. انور ڪاوڙ ۾ چولو کڻي چُلهه ۾ اڇليو پر چولو اُڏامي چولهه کان ٻاهر وڃي ڪريو. انور ان کي پير سان سوري چُلهه ۾ وڌو ۽ سڙي ڀسم ٿي ويو. تڏهن مس سندس زال ماٺ ڪئي. اُن ڏينهن زبيده جي وفات جو اطلاع مليو. اٽڪل پنجن سالن کان پوءِ هڪ ڏينهن انور کي پيرن ۾ جلن پيدا ٿي. ڪنهن به طرح آرام نه هوس. ڪوئٽه ويو اُتي به علاج مان فائدو نه ٿيو. هُن ڳوٺ وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ کيس ڳوٺ آندو ويو.“ افساني جي آخري پئرا هيءَ آهي: 14 ”آگسٽ تي انور کي ڳوٺ کڻائي آيا جتي 19 تاريخ مري ويو. چيو وڃي ٿو ته پنج ورهيه اڳ 19 آگسٽ تي انور زبيده وارو موڪليل چولو پيرن سان باهه ۾ وڌو هو.“

شايد اُن وقت جي عام خيال موجب، وهم واري سوچ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ، يا نيڪيءَ جو سبق ڏيڻ ليکڪ هي نتيجو ڪڍيو آهي! خود برطانيه جو انگريزي ادب ۾ ايم. اي هو. ڪهاڻي لکڻ وقت اندازاً 12 سال تعليم کاتي ۾ هڪ استاد جي حيثيت سان رهيو هو. کيس ههڙي وهم پرستيءَ جو سبق ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.

بهرحال ڪهاڻين جو عام معيار اِهوئي آهي.

ادبي انتخاب: هي ڪتاب 1944ع ۾ شايع ٿيو ۽ سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ (هاڻوڪي سنڌي ادبي بورڊ جي بنيادي اداري) شايع ڪيو. هن ۾ دنيا جي چئن اهم ملڪن يعني عرب، فرانس، آمريڪا ۽ انگلنڊ جي اديبن جي ڪاوشن مان ترجمو ڪيل ادب پاره شامل ڪيل آهن. اُنهن جو وچور هي آهي:

پهريون ليکڪ خليل جبران (1883 – 1931ع) آهي. هن جي تحريرن ۾ ٻه ڪتاب پيغمبر، ۽ پيغمبر جو باغ گهڻو مشهور ۽ مقبول ٿيا. بالترتيب 1929ع ۽ 1931ع ۾ ڇپيا. ڪتاب پيغمبر مان انگريزيءَ مان ترجمو ڪري ادبي انتخاب ۾ شامل ڪيل آهي. نصاب جي ڪتابن ۾ به هي اقتباس آيل آهن. (ص 21)

ٻيو ليکڪ هئمپيسن آهي. جيڪو برطانيه جو آهي. هن جي ڪتاب ”سيارو آيو ته بهار نه ايندي ڇا؟“ جي نالي سان ناٽڪ 1921ع ۾ ڇپيو. هن ناٽڪ جو هيرو صابر مارڪ آهي. پنهنجي زال مئبل سان لنڊن ٻاهران هڪ جهوني جاءِ ۾ رهي ٿو. ٻي هڪ واسطو رکندڙ عورت ايفي سان مئبل جي رقابت ٿئي ٿي. مارڪ بيمار ٿئي ٿو. آخر هُو تندرست ٿي نئين زندگي شروع ڪري ٿو. (28)

ٽيون ليکڪ فرانس جو ايڊمنڊ روزين آهي. هُو 22 سالن جي عمر کان وٺي سٺ سالن جي عمر تائين مسلسل ڊرامو لکندو رهيو. 1920ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪي ڊراما اسٽيج ٿيا. سرئنو، هن جو مشهور ڊراما آهي. اِهو هيرو جو نالو آهي. ٻيا ڪردار عيساني ۽روزا آهن. گهڻي ڪشمڪش کان پوءِ سرئنو، روزا سان عيساني جي شادي ڪرائي ٿو ۽ خود خودڪشي ڪري ٿو.(29)

چوٿون ليکڪ مشهور آمريڪي ليکڪ واشنگٽن اِرونگ آهي. آهي. هُو 1783ع ۾ نيويارڪ ۾ ڄائو ۽ 1859ع ۾ وفات ڪيائين. سندس تحريرن ۽ تصنيفن مان ”حضرت محمد جي حياتي“ ۽ اسڪيچ بوڪ مقبول ٿيا. ادبي انتخاب ۾ اسڪيچ بوڪ مان مضمون، شاديءَ جون برڪتون، شامل ڪيل آهي. هنن چئن ئي ليکڪن جون تحريرون سليس سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل آهن. ڪتاب جا ڪل 100 صفحا آهن.

يوناني فلسفو: هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1949ع ۾ ۽ ٻيو 1951ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو سنڌي اڪيڊمي ڪراچيءَ شايع ڪيو. هن ۾ ارسطو، سقراط ۽ افلاطون جي زندگي ۽ فلسفي بابت سندن خيالن جو وچور ڏنو ويو آهي. سندن بيان ڪيل اخلاقي، سياسي ۽ سماجي خيالات جو تت ڏنو ويو آهي. ڪن مسئلن جي اُپٽار ۽ انهن جو حل بيان ڪيل آهي. عورت، شادي، منطق ۽ ٻين ڳالهين تي هنن ٽن يوناني فيلسوفن جي خيالات کي اختصار سان بيان ڪيو ويو آهي. (30)

’درس عمل‘ نالي ڪتاب عثمان علي انصاريءَ جو 1936ع ۾ ڇپيو هو. هن وقت ڪٿان به هٿ نه اچي سگهيو آهي. ذاتي لئبررين ۾ يقيناً موجود هوندو.

شاهه جو رسالو: انصاري صاحب اندازاً 1947ع کان شاهه جي رسالي جو مطالعو شروع ڪيو هو. 1997ع ۾ پنجاهه سالن کان پوءِ سندس ايڊٽ ڪيل رسالو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز شايع ڪيو آهي. هن سلسلي ۾ جيڪي حوالا مليا آهن انهن موجب هن ڪن بيتن کي مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ڪيو. بروو ۽ کاهوڙي سُر ترتيب ڏنائين. 1948ع ۾ شاهه جو چونڊ ڪلام شايع ڪرايائين. هن سلسلي ۾ گرامي صاحب لکي ٿو ته: ”سندس چوڻ هو ته هُو رسالو ايڊٽ ڪري رهيو آهي. جيستائين علامه دائود پوٽي وارو رسالو شايع نٿو ٿئي، تيستائين مان پنهنجو رسالو نه ڪڍندس. (31)“ اُن کان سواءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي، انصاريءَ تي ڪي سخت جملا لکيا آهن. تن جو حوالو به ضروري آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽو لکي ٿو: ”محترم انصاريءَ کي پنهنجي وساطت سان مرهيات گربخشاڻيءَ کان رسالي جا ٻه قديم نسخا بلڙي ۽ ڀٽ وارا وٺي ڏنا هئم. جي وٽس رهجي ويا هئا. کيس استدعا ڪئي ويئي ته اهي ٻئي نسخا ڪجهه وقت لاءِ عاريت طور ڏئي پر مرد پڙ ڪڍي بيهي رهيو. سندس شخصي سوانح ڏي اشارن کي ڇڏي فقط اسان کي هن ڳالهه جو اچرج آهي ته سندس شاهه جو اڀياس فقط 1947ع کان تڏهن شروع ٿيو جڏهن موٽر جي حادثي ڪري کيس لاچار آرام ڪرڻو پيو. (32)

هنن اقتباسن ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽو، رسالي جا قلمي نسخا واپس نه ڪرڻ ۽ حادثي کي رسالي جي مطالعي جو سبب ڄاڻي ٿو. هي ڳالهه به ٿي جو ٻنهي جي وفات کان پوءِ انصاريءَ جو رسالو شايع ٿيو ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي وارو مڪمل ئي نه ٿيو. انصاري صاحب جو رسالو روايتي نوعيت جو آهي ۽ پراڻي ترتيب اختيار ڪيل آهي. ڪيڏارو به شامل ڪيل آهي. رسالي جو پيش لفظ غلام ربانيءَ ۽ ٻه اکر ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيا آهن. صفحا 816 آهن.

رسالو سچل سرمست: انصاري صاحب جو ايڊٽ ڪيل هي رسالو سنڌي ادبي بورڊ 1958ع ۾ شايع ڪيو ۽ اُن کان پوءِ به اِن جا چند ايڊيشن ڇپيا آهن. رسالي جي منڍ ۾ مرتب هڪ مقدمو به لکيو آهي، جنهن ۾ سچل سائينءَ جو سوانح حيات ۽ تصوف بابت معلومات ڏني اٿس. 1952ع ۾ کيس رسالو ترتيب ڏيڻ جو ڪم سونپيو ويو. ڪن ڇاپي ۽ ڪن قلمي رسالن جي مدد سان رسالي جو متن مرتب ڪيائين ۽ مقدمو لکيائين. سچل سرمست جي ڪلام جي ترتيب بابت پير حسام الدين راشدي نهايت ئي ڇُوٽ رايا (Sarcastic remarks) ڏنا آهن. اُهي سرمست 2/1982ع ۾ ڇپيل آهن. هي پير صاحب جون تقريرون آهن، جيڪي پاڻ 80 ۽ 81 وارين ڪانفرنسن ۾ ڪيون. هنن تقريرن ۾ پاڻ نه رڳو ادارن کي ننديو اٿس پر سچل جي سنڌي ۽ سرائيڪي ڪلام جي مجموعن تي به سخت لفظن ۾ راءِ ڏني اٿس. چوي ٿو: ”مون کي معلوم آهي ته سچل جو رسالو ايڊٽ ڪونه ٿيو آهي. تصحيح بلڪل ڪانهي ڪا. غلط آ جيڪو رسالو مرحوم انصاريءَ جو ڇپيو. اهو سؤ فيصد غلط آ“(33). اهڙي سرائڪيءَ واري رسالي بابت به پاڻ بي اطميناني ظاهر ڪيائين. پر اِن سلسلي ۾ خاص طور ڪا وضاحت نه ڪيائين ته ڪو ڪلام رهجي ويو آهي يا ڌاريون ڪلام شامل ٿي ويو آهي!

يقيناً هن قسم جي ڪم ۾ اهڙي گنجائش رهي ٿي. سچل جو ڪلام نانڪ يوسف جي گاديءَ تان يا ٻين بياضن مان ظاهر ٿيو. ڊاڪٽر تنوير عباسي وڌيڪ ماخذن مان سچل سائين جو ڪلام نروار ڪيو جيڪو سندس ايڊٽ ڪيل رسالي ۾ سچل چيئر ۾ اڻ ڇپيل حالت ۾ پيل آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته باقي ڪن ڪافين جي ڀيٽا ڀيٽي ٿيڻي آهي نه ته رسالو تيار آهي.

انصاري صاحب جي ايڊٽ ڪيل هن رسالي ۾ مقدمي ۾ سوانح عمري مختصر طور ڏنل آهي. اُها مولانا راڻيپوري مقامي روايتن جي آڌار تي قدري تفصيل سان ڏني آهي. انصاري صاحب دعويٰ ڪئي آهي ته: ”پنهنجي سمجهه آهر، تصوف جي پيچيدگين کي سرمست جي ڪلام جي پس منظر ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. (عرض حال ص 2).“ هِن سلسلي ۾ هُن شيخ اڪبر جي ’فصوص‘ ۽ تصوف جي ٻين ڪتابن جو مطالعو ڪيو ۽ ظاهر ڪيائين ته سچل سرمست جو ڪلام همه اوست جي پچار آهي. بهرحال هِن ميدان ۾ ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي پر فاضل مرتب هي رسالو ايڊٽ ڪري هڪ گهرج بهتر نموني پوري ڪئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org