سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رتيءَ جي رهاڻ

 

صفحو : 5 

ڪم ۽ ذاتيون

اسان جي معاشري ۾ رسم و رواج، سڌيشي ساٺ سنوڻ، ڏڻ ۽ ڏهاڳ، ايترا ۽ ايڏا آهن، جن جي ڪابه ڀيڻي ڀر ڪانه آهي. هڪ ڪا بڇڙائي ۽ بدي هجي، ته ان کي ڪي قدر درست ڪرڻ يا سڌارڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي. هتي ته ملڪ سڄو منصور لڳو پيو آهي.

ڪمن، ڪارين، ڌنڌن ڌاڙين ڪندڙن جي ذاتين ۽ بنا ڪم ڪندڙن جي، خاصن خطابن متعلق ڪي نڪتا پڙهندڙن لاءِ پيش ڪري رهيو آهيان.

اسان جي سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهوءَ کي گهٽ درجي جو شهري سمجهيو وڃي ٿو، ۽ انهن جي سماجي حيثيت ۽ صحيح حقن کي هميشه ئي نظر انداز ڪري، کين احساس ڪمتري جي اوڙاهه جي اَويڙ ۾ اڙائي، انهن کان ڇوت ڇات ڪئي وڃي ٿي.

جيئن ته حجم، واڍو، کٽي، موچي، ڪوري، ميهار، ڳنوار، ٻڪرار، ريڍار، مهاڻا، ميربحر، ماڇي، ساٽي، رنگريز، زرگر، لوهار، ڊکڻ، سونارو، قلعي گور، دايو، ڪنڀر، نيرولي، گنهباٽي، پاتڻي، ۽ پاٽولي وغيره وغيره.

حقيقت ۾ اهي انهن ڪاريگرن جا ڪم آهن، جيڪي پنهنجي، ابي ڏاڏي جي ڪرت ۾ قابو آهن. حالانڪ انهن جون اهي ذاتيون نه آهن. دنيا جي هر صالح ۽ ترقي يافته، ملڪن ۾ هٿ جي ڪم ڪندڙن ۽ ڪاريگرن جو مان ۽ مرتبو، عزت ۽ منزلت، شان شوڪت، اتي وڃي ڏسڻ گهرجي.

اسان جيڪڏهن هتي پيغمبرن، جيڪي جيڪي، ڪم پنهنجي هٿن سان ڪيا آهن، انهن جو ذڪر ڪنداسين، ته ڪيئي دفتر درڪار ٿي ويندا. ڪم ڪندڙ کي الله تعاليٰ پنهنجو دوست سمجهيو آهي. ”الڪاسب حبيب الله“

انهي مٿئين طبقي کان سواءِ، ٻيو جيڪو طبقو آهي، اهو خاص خطابن سان پاڻ کي سينگاري سنواري، هن کوکلي سوسائٽي ۾ نهايت ئي وڏي عزت ۽ وقار جو مالڪ آهي، انهن جا به اهي خطاب ڪي ذاتيون نه آهن نه وري اهي هٿ جو ئي ڪم ڪرڻ جا هيراڪ آهن. جنهن ڪري اسان جي بدبودار معاشري ۾ ماڻهو، انهن خطابن جي ڪري، خاصي عزت حاصل ڪندا رهن ٿا. هاڻي پڙهندڙ پاڻ ويهي فيصلو ڪن، ته ڪم ڪندڙ طبقي ۽ بنهه بيڪار طبقي ۾ ڪيترو نه تفاوت آهي. ڪٿي آهي مسلماني مساوات، ڀائپي ۽ برداري! عاقلن جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ڪوڙ اهو آهي ته مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن.

* * *

 منزلون

قومن ۾ صداقت ۽ سچائي جي سمجهه هجي، ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي ۽ بهبودي جي لاءِ جوش ۽ جذبو هجي، سڌاري ۽ واڌاري جي لاءِ لئون ۽ لوري لڳل هجي، پوءِ انهن کي محنت ۽ مشقت، ڪٺن ۽ ڪشالن جي ڪاڻ ڪانه هوندي آهي، ۽ منزلون اچي سندن قدم چمنديون آهن.

 گگدامن تي ڪا ڪهل ڪريو

ميلا ۽ ملاکڙا، سنڌ جي تهذيب، ۽ تمدن جو لازمي جز آهن. انهن جي افاديت ۽ اهميت کان ڪڏهن به انڪار ڪري نٿو سگهجي جيئن جاگير دارانه نظام هر پاڪ شيءِ کي پليد ڪري ڇڏي ٿو، تيئن ميلا ملاکڙا، به هن تڪام ۾ عجيب ۽ انوکو روپ وٺي چڪا آهن. جتي اڳ پهلوانيءَ ۽ بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو ويندو هو، اتي اڄ بدڪاري ۽ بي حيائي جو ڪاروبار ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جتي سگهڙن جا سخن ۽ ٻولائن جا ٻول ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، اتي اڄ گانا بجانا، راڳ، رنگ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. جن هنڌن تي سنڌ جي هنرن جو نماءُ ڪيو ويندو هو، اتي اڄ حسين ۽ جميل ڇوڪرين جي خدوخال جي نمائش ڪئي وڃي ٿي. جتي اڳ درود ۽ دعائون پڙهيون ويندون هيون، اتي اڄ ڏنڊن ۽ ڪونڊن جا گهرڙ گهوٽ لڳا پيا آهن. جتي ڪلهه غريب ماڻهو پيٽ گذر لاءِ وکر وڪڻندا هئا، اتي اڄ انسان ۽ انسانيت وڪامجي رهي ٿي.

ٻين ڳالهين کي کڻي ڇڏيو، ڏسو هاڻي درويش صفت، انسانن ۽ ولين جا نام نهاد وارث ۽ پوئلڳ! ميلا ۽ ملاکڙا ته ڄڻ سندن جاگير ٿي ويا آهن. اوهان سو في صدي اتفاق ڪندا ته ڪي پير صاحب ڪڪڙن، رڇن ۽ ڪتن جي ويڙهه لاءِ ناٽڪ رچائڻ لڳا آهن. اهو پاڪ ڪم پردي اندر ڪيو وڃي ٿو. داخل ٿيندڙن کي ٽڪيٽ ڏيئي، اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي. چون ٿا ته انهن رڇن ۾ ڪتن جي ويڙهه ۾ رڇ، ڪن ڪتن کي، چيري ڦاڙي، آنڊا به ڪڍيو ڇڏين،  ۽ بي زبان جانورن جي ڪوڪاٽ ۽ ڪيهاٽ دل کي ڏڪايو ڇڏي. تماشبين حضرات انهيءَ کي ثواب، سمجهي مزو ماڻيندا رهندا آهن، ته مرشد سائين جي اجازت سان اها عبادت عمل ۾ اچي رهي آهي، ۽ سائين سڳوري جي آمدني جو ذريعو به آهي.

چون ٿا ته ڪڪڙن جي ويڙهه جو نبيرو، جيڪڏهن سج لٿي تائين نٿو ٿئي، ته بتيون ٻاري به انهي نيڪ ڪم کي، جاري رکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڪن گگدامن جون، چهنبون چٽ، ته ڪن جون اکيون.

جيڪڏهن ٻهراڙيءَ جي ميلن ۽ ملاکڙن ۾ واقعي ائين ٿيندو رهي ٿو ته پوءِ اسان پنهنجي، اخلاقي موت تي جيترو، ماتم ڪريون سو ٿورو آهي. جڏهن مرشد ۽ گادي نشين هادي، انهيءَ حد تائين پهچي چڪا آهن، ته پوءِ سندن معتقد ۽ مريد انهيءَ اونهي کڏ ۾ اونڌي منهن ڪرن، ته انهن تي افسوس ڪرڻ، جو ڪو به ڪارڻ ٿي نٿو سگهي.

جانورن جي ويڙهه جا ناٽڪ ڪري، ان مان ڪمائي کائي رهيا آهن، جڏهن مرشد ڪتا ۽ ڪڪڙ ويڙهائڻ جو، ڌنڌو ڪندا رهندا ته پوءِ سندن جاهل مريدن لاءِ، گويا دروازا کلي پون ٿا، پوءِ نه هو انهن بڇڙن ڪمن لاءِ شرطون ٻڌي، پنهنجا جهڳا جهڻ ڪندا رهن!

خدا تعاليٰ کي ڪا ٻاجهه پوي، جو انهن کي سمجهه ۽ سانهه ڏئي باقي هونئن ته ملڪ بد ڪرتوتن جي هاوي ۾ هڄي رهيو آهي.

 طاقتورن جا طريقا

دنيا ۾ هزارين قسمن جا ڏوهه ثواب، جهڳڙا ۽ جنگيون، جهيڙا ۽ جهڙيون، فتنا ۽ فساد، رنجشون ۽ روساما، منافقيون ۽ مخالفتون، مقابلا ۽ محاذ  آرايون، گلائون ۽ غيبتون، خوشامنديون ۽ کيڪارون نظر اينديون رهنديون آهن. جيڪڏهن غور سان ڏسبو، ته اهي ڳالهيون طبقاتي تڪرارن ڪري پيدا ٿيل آهن. اسان جي جاگيرداري نظام ۾ طاقت جو اصل سر چشمو پئسو ۽ دولت آهي. ان پئسي ۽ دولت جي آڌار تي، طاقتور طبقو مختلف طريقن سان، مار موچڙي ۽ ڏنڊي جا ذريعا استعمال ڪري، وڌيڪ طاقت حاصل ڪندو آهي. هر طاقتور ان ڪوشش ۾ هوندو آهي، ته ڪمزور ۽ ڪم طاقت، مفلس ۽ بي پهچ، منهنجي ماتحت ٿي رهي. لڙائي ۽ لام جو بنياد صرف ”مان ۽ تون“ تي ٻڌل آهي. قومن جي قصن ۽ ڪهاڻين کي پاسيرو رکي، صرف انفرادي طرح انصاف جي عينڪ پائي ڏسبو، ته هر هڪ طاقتور (پوءِ اها طاقت غلط هجي يا صحيح) ان کي آزمائڻ ۽ استعمال ڪرڻ، پاڻ کي هميشه ئي مٿاهون ۽ مٿڀرو رکڻ خاطر، ڪمزور ۽ ڪم طاقتن کي پنهنجو زر خريد، غلام سمجهي، پنهنجو خانداني حق تصور ڪندو آهي.

جڏهن طاقت ائين حاصل ڪئي وڃي، تڏهن طاقت گهڻوڪري صحيح استعمال نه ٿيندي آهي. طاقتور جي حقن کي هضم ڪرڻ جي ڪنهن کي به همت ۽ حوصلو نه ٿيندو آهي. ان ڪري حق واجبي هجن يا جائز، هميشه ئي ڪمزور ۽ ڪم طاقت بي پهچن ۽ بي سهارن جا ئي هضم  ڪيا ويندا آهن. ڪمزوريءَ مفلسيءَ مان پيدا ٿيندي آهي ۽ مفلسي، ماڻهو کي مجرم بنائي ڇڏيندي آهي. طاقتور کي جائز ۽ ناجائز حق گهر ويٺي ڏنا ويندا اهن، ۽ ان کان سواءِ طاقتور انهن سهوليتن، سهنجاين مان به فائدو وٺندو آهي، جيڪي اهو طبقو پنهنجي لاءِ پيدا ڪندو آهي.

چيو ويندو آهي ته دنيا ۾ وڏو ۾ وڏو جرم، ڪنهن جي حقن سان هٿ چراند ڪري، ان جا حق، هميشه لاءِ هضم ڪري ڇڏجن، پر اهو جرم بار بار ٿيندو رهي ٿو ۽ ان جي داد فرياد لاءِ طاقتورن وٽ ڪوبه قاعدو ۽ قانون، عدل ۽ انصاف نه هوندو آهي. ڪمزور ۽ ڪم طاقت هميشه عاجزي ۽ نيازن انڪساريءَ ۽ ايلازن، منٿن ۽ ميڙن جا حيلا وسيلا ڏيئي، پنهنجي حقن لاءِ پڪاريندا رهندا آهن، ته اسان سان، هي ناحق ٿي رهيو آهي، ۽ اسان جي جائز ۽ واجب حقن جي حفاظت ڪيئ وڃي. پر اڳيان دولت جي طاقت، قانون کي پنهنجي سريت بڻائي، ڇڏيندي آهي. طبقاتي ڪشمڪش ۾ هميشه جنگيون ۽ جهيڙا پيدا ٿيندا آهن، ۽ ان منجهان ئي اهو تجربو حاصل ٿئي ٿو. حق صرف اهي حاصل ڪري سگهندا آهن، جن جي هٿن ۾ هٿيار هوندا آهن، باقي بي هٿيار، بازارن ۾ بيوقوفن وانگر بيڪار هلندا رهندا آهن. ان طبقي جي طاقت جو بنياد خودغرضي ۽ ٻين جي حقن تي غاصبانه قبضي جي ڪري هوندو آهي، جنهن ڪري اُها طاقت موقعه ۽ مهلن جي مناسبت مطابق پاڻ کي هلائيندي رهندي آهي.

ماني ۽ مبلغ

اسان جا علما ۽ عالم، امام ۽ اڳواڻ، رهبر ۽ رهنما، مبلغ ۽ مبصر، جيڪي هر دور ۾ اعليٰ اصولن جي پرچار ڪندا، عام ماڻهن کي بدين، برائين، بڇڙاين، غلط ڪمن ڪارين کان آگاهه ڪندا، نيڪ مبارڪ ۽ سهڻي سيرت جو سبق سيکاريندا رهندا آهن. هونئن به هر سمجهدار ۽ سياڻي ماڻهوءَ جو اولين فرض آهي، ته هو پنهنجي ڀليل ۽ ڀٽڪيل ڀائرن کي پنهنجي وس آهر، چڱي راهه تي هلڻ جي نصيحت ۽ نيڪي ڪندو رهي. پر اسان ڏٺو آهي، ته هن اقتصادي دور ۾، جيستائين ماڻهوءَ جي پيٽ پالڻ ۽ گذراني حالتن جي ڳالهه نه ڪئي ويندي، تيستائين ڪوبه ماڻهو ڪنهن جي به نيڪي ۽ نصيحت ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. اسان جا مبلغ ۽ عالم عام ماڻهن جي معاشي، مسئلن متعلق ڪابه ڳالهه نٿا ڪن. هن اقتصادي ڪشمڪش ۾ ماڻهن جا پنهنجي پيٽ پالڻ جا سوين مشڪل مسئلا پيدا ٿيل آهن. تنهن ڪري هو ٻين ڳالهين ڏانهن توجه ڇو ڏين. سندن پيٽ جو مسئلو، حل ٿيل هوندو ته هو سڀ ڪجهه سمجهي ۽ سوچي سگهندا، نه ته مبلغ، مصلح، مقرر، وڏي وات ويٺا واڪا ڪندا رهندا، ۽ ماڻهو پنهنجي پيٽ پالڻ جي پورائي ۾ پورا هوندا.

هن وقت سموري دنيا ۾ چوطرف چوڌاري بي روزگاريءَ جو سيلاب ايتري تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، جنهن جي اثر کان دنيا جي ڪابه حڪومت ۽ ڪابه قوم پاڻ کي، بچائي نٿي سگهي. جيڏانهن نظر کڻي نهار، تيڏانهن بي روزگاري جو طوفان ئي طوفان نظر اچي ٿو. اها حقيقت هاڻ عالمن ۽ مبلغن کي به سمجهڻ گهرجي، ته انسان جي گذراني حالت بگڙجي پوڻ سان، هن کي نيڪ نصيحتون نه وڻنديون آهن. جنهن وقت انسان پنهنجي روزانه ضرورتن، پوري ڪرڻ تي قادر نٿو ٿي سگهي، ته هو ان معاشري کي بدلائڻ جو سوچي ٿو. انساني ضرورتن ۾ سڀ کان پهرين ضرورت، انسان جي ماني ٽڪر جو معاملو آهي، جنهن ملڪ جو هڪ طبقوضرورتن کان زيادهه دولت جو مالڪ هوندو ۽ ٻيو طبقو پيٽ پالڻ لاءِ، حيران ۽ پريشان هجي، اتي لازمي طرح اميري ۽ غريبي جو پاڻ ۾ ٽڪر ٿي پوندو، ۽ انهن ٽڪرن ۽ مقابلن جو نتيجو، چوريون، خون، ڌاڙا، بد امني، بک، بيڪاري، بد حالي، بڇڙائي وغيره وغيره نڪرن ٿا، سڀ کان زيادهه ۽ ضروري شئي گذران جي آهي، جنهن جي اڳيان عقيدا ۽ سمورا اخلاق، به پنهنجا سرجهڪائيندا رهن ٿا. دنيا جي ڪابه حڪومت اقتصادي حالتن کي درست ڪرڻ کان سواءِ، هر گز هرگز قائم نٿي رهي سگهي، ۽ نڪي عام ماڻهن جو اخلاق سڌاري سگهي ٿي.

جيڪڏهن اسان ان طبقاتي ڪشمڪش کي انصاف ۽ عدل سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪنداسون، ته پوءِ اها بيروزگاري، اها غير برادري، اهي فرق فتنن ۽ فسادن جي صورت اختيار ڪري اڳتي وڌندا، ۽ هڪ ڳالهه جو يقين رکڻ گهرجي ته انهي افراتفري جا ڪي نيڪ نتيجا هرگز نه نڪرندا. ڪي عالم، ڪي مبلغ انهيءَ تاريخي ۽ منطقي سچ کي ڏسڻ نه گهرندا آهن. هنن جي اکين تي کوپا چڙهيل آهن. چاڪيءَ جي ڏاند وارا کوپا. اسان کي عالمن ۽ مبلغن لاءِ عزت آهي، پر هنن کي اهو سوچڻ گهرجي ته مانيءَ ڳڀو هڪ عظيم حقيقت آهي.

مفت جي مانين جا ماهر

   اسان جو معاشرو جنهن تاريخي دور مان تيزيءَ سان تبديل ٿيندو گذرندورهي ٿو، تنهن کان هر باخبر ماڻهو واقف ٿي چڪو آهي. هن وقت هر محفل ۽ مجلس ۽ صرف پيٽ پالڻ ۽ پاندي پوري نه هئڻ حڪايتون ۽ شڪايتون ڪيو وڃن ٿيون، گويا هر هڪ ماڻهو پنهنجي پريشاني ۽ حيرانيءَ ۾ هلندو وتي ٿو. جڏهن ۽ جنهن وقت ملڪن ۽ قومن ۾ اهڙيون حالتون پيدا ٿينديون آهن، تڏهن ان معاشري جا پيداگير، جيڪي موقعي ۽ مهل جا ماهر، وقت ۽ حالتن جي نبض تي هٿ رکندڙ، تاڙ ۾ هوندا آهن، ۽ هو پنهنجي تير جو نشان اڻ ڄاڻ ۽ اٻوجهه عوام تي ڪندا آهن.

اسان جي سنڌ ۾ مختلف شهرن ۽ جدا جدا ڳوٺن ۾ ننڍا وڏا سوين سومناٿ جا مندر سينگاريل آهن ۽ اٻوجهه اڻڄاڻ عوام انهن جي مڪرن، جنترن ۽ منترن جي مصيبت ۾ مبتلا ٿيا پيا آهن. جنهن ڪري هو انهن بتن جي پاٺ پوڄا ڪرڻ لاءِ هر حالت ۾ حاضر هوندا آهن. جڏهن به مسڪين ماڻهو دڪاندار، پيرن، فقيرن، ملن، مجاورن ۽ مرشدن جي ڪوڙين ڪاني ڪرامتن جي ڪوڙڪن ۾ قابو ٿي ويندا آهن، تڏهين اهي موقعي شناس پنهنجي حرڪتن ۽ حرفتن مان پورو فائدو وئي اڳتي وڌندا رهندا آهن.

انهن مٿين حالتن جي ڪري اسان وٽ محنت ۽ مشقت ۽ پگهرجي پورهئي جي صاف پاڪ ڪمائي ڪرڻ کان اهي گرگ ۽ گڻنگ ائين وؤن ويندا آهن، جيئن ڪانءَ وڃي ڪمان کان، پِن جا ٽڪر ۽ مفت جي ماني، رشوت ۽ رسائي اهي اهڙيون مڪروه ۽ منجوس شيون آهن، جيڪي مڙسن جي مڻيا کي ماري مات ڪري ڇڏينديون آهن. هونئن به مفت جي ماني کائيندڙن مان محنت ۽ مشقت هميشه لاءِ موڪلائي ويندي آهي. هزارين حيلا ۽ وسيلا هلايا وڃن، تڏهين به اهي مفت خور پنهنجي مطلب ۽ مقصد کان باز نه ايندا آهن.

پرائي ٽڪرن تي پليل ڪڏهين به محنت جي ويجهونه ويندا آهن. اسان جي ملڪ ۾ ڪئين انقلاب آيا ۽ ويا، مگر مفت جي مانيءَ جي ماهرن تي ڪنهن به قسم جو اثر نه ٿيو. امن هجي يا جنگ، سڪون هجي يا جهيڙو، هر حالت ۾ انهن کي مفت جي ماني گهر ويٺي گهرجي. جاگيرداري نظام جو پهريون پهريون مول متو ۽ مقصد هي هوندو آهي ته نيم ملن، دڪاندار، ڌاڳن تعويذن وڪڻندڙن، مڪار مرشدن جي ڪوڙي ڪاني ڪرامت ڪندڙن جي صحيح معنيٰ ۾ پرورش ۽ پرگهور ڪئي وڃي، ته جيئن هو ماڻهن کي سڀ ڪنهن علم، ادب، سمجهه ۽ سوچ، فن ۽ فڪر کان هميشه پري رکندا اچن، ۽ انهن ان داتائن جي دروازن جا دربان ٿيو، سندن اشارن تي سڄي زندگي گذاريندا رهن. مسڪين ماڻهو جيڪي سڄو سال محنت ۽ مزدوري ڪري ڪمائي پنهنجي ٻچن ٻارن لاءِ گڏ ڪن ٿا، مگر هي مفت خور موقعي، مهل مطابق انهن اٻوجهن جي سڄي سال جي ڪمائي ٻهاري پنهنجا جهنم جهڙا ڀڀ ڀريندا رهن ٿا.

اها انسان جي عجيب فطرت آهي ته جڏهين هن کي بنان ڪنهن محنت ۽ مشقت جي هر قسم جي آمدني ايندي رهندي هجي، تڏهن هن ۾ شيطاني شرارتون وڌنديون رهنديون آهن ۽ معاشري ۾ هنن جون حرڪتون ۽ حرفتون برداشت کان ٻاهر ٿي وينديون آهن. انهن مفت خورن ماهرن جو چوڻ آهي ته اسان ڪهڙي به حالت ۾ هجون ۽ ڪٿي به هجون، مگر اسان جا مرادوند مريد ۽ معتقد ماني به کارائيندا، نذر، نياز به پيش ڪندا ۽ پيرين به پوندا رهندا. اهي اَٿو مفت خورن ماهرن جا معاملا.

* * *

 بدنام ۽ بيڪار

* اَباڻي املاڪ، اوباشي ۾ اُف ڪرڻ، اٻهرائي، اڻڄاڻائي ۽ الڙپائي جي نشاني هوندي آهي.

* اَسرن ۽ اُميدن تي زندگي بسر ڪرڻ، گويا خواب ۽ خيال جي دنيا ۾ رهڻ جي برابر آهي.

* انسان جو وڏي ۾ وڏو سرمايو، سندس سهڻيون صفتون آهن.

* انسان جي طرف ۽ ڪم ظرفيءَ جي ڪل تڏهن پوندي آهي،جڏهن هن ۾ ڪو ڪم پوندو آهي.

* ظلم، زوري ۾ زبردستي هميشه ئي ماڻهو کي بدنام، بيڪار ڪري ڇڏينديون آهن.

مقصد ۽ مطلب

جتي لڳ لاڳاپا، وجهه واسطا، ڏيٺ ويٺ، سلام ڪلام،اُٿي ويٺي ۽ پنهنجائپ جا پَلو پيل هوندا آهن، اتي ضرور ڪنهن نه ڪنهن رنجش ۽ روسامي ۽ اجاين سجاين الزامن، ۽ بي بنياد بهانن ۽ غلط فهمين، جو پيدا ٿيڻ لازمي ٿي پوندو آهي.

انهن خسيس ڳالهين ڪري، ماڻهن جون سموريون نيڪيون ۽ ڀلايون، هميشه لاءِ وساري، صرف هنن جي عيب جوئيءَ جو پرچار ڪيو ويندو آهي. جنهن ڪري مٺ محبت ۽ ميل ميلاپ جو مزو هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو آهي. ورهين جي پريت جا پيل پيچ ۽ لڳ لاڳاپا، گهڙي پلڪن ۽ ساعتن ۾ صاف ٿي ويندا آهن. ائين جو ٿيندو رهندو آهي. انهن جو بنيادي تعلق، ڌرين جي سمجهه سوچ تجربي ۽ آزمودي تي هوندو آهي. هونءَ به نفسياتي طرح انسان جي اها وڏي ۾ وڏي ڪمزوري ۽ ڪوتاهي هوندي آهي، ته هو ڪوڙي ڪني قصن ۽ ڪهاڻين تي، ڳنڍ ٻڌي ان تي پنهنجو قيمتي وقت وڃائيندو رهندو آهي. ڪن ڪاريگرن جو چوڻ آهي ته اخلاق، اُنس ۽ الفت، شرافت ۽ شائستگي، منهن موڙي وڃڻ ۽ معاف ڪرڻ، اهي سمورا سهڻا ۽ خوبصورت الفاظ، ڪمزوري ۽ ڪانئرپڻي جي ظاهر ڪرڻ جون نشانيون هونديون آهن، ڪن جو چوڻ آهي ته جيڪو جيئن هلي، ان سان به ائين هلجي ته معاملو وڃي برابر بيهندو.

اسان جي معاشري ۾ چالاڪ ۽ چلتا پرزا ۽ چرپ زبان ماڻهو ٻين ماڻهن کي بيوقوف سمجهندا رهندا آهن. مگر ائين نه آهي. هو پنهنجي خوش فهمي ۾ مبتلا هوندا آهن. اُهي ماڻهو هميشه ئي سڀ ڪنهن جي ڪمزوريءَ ۽ مجبوريءَ مان ناجائز فائدو وٺندا، پنهنجي من جون مرادون پوريون ڪندا، اڳتي وڌندا رهندا آهن. اهڙي قسم جي ماڻهن اڳيان زندگيءَ جي ڪنهن به، قدر ۽ قيمت جو ڪوبه ڪاٿو ڪٿيل ڪونه هوندو آهي. هنن جي اڳيان پنهنجي ذات جي ڀلائي ۽ بهبوديءَ کان سواءِ زندگيءَ جو ٻيو ڪوبه مقصد ۽ مطلب نه هوندو آهي. هن دنيا ۾ جن ماڻهن جو جيئڻ، پنهنجي جند جان تائين محدود آهي، تن جو به جيئڻ، ڇا جيئڻ  آهي. مگر اسان جي مجوده معاشري ۾ جيڪي به بديون ۽ بڇڙايون، پيار ۽ محبت سان، پلنديون رهن ٿيون، انهن سمورن جو بنياد صرف هن تي آهي ته منهنجي پير پڄاءِ...

جڏهن ۽ جنهن وقت، ماڻهوءَ جي من ۾ صرف هي مقصد ۽ مطلب ديرو ڄمائيندو آهي، ته صرف منهنجو ئي معاملو هر وقت ۽ هر هنڌ حل ٿيندو رهي، ۽ مون کي هر هڪ حرڪت ۽ حرفت جو حق حاصل هئڻ گهرجي، تڏهن اهڙي قسم جا ماڻهو اڳتي هلي هميشه ئي منزل کان پري ۽ پاسيرا ٿي ڪري، راهن ۾ رلندا ۽ ٺوڪرون کائيندا رهندا آهن.

جتي انسان جي انسانيت جو قدر ۽ قيمت نه آهي، ته اتي انسان جي انسانيت ڪهڙي ڪم جي آهي. بگڙيل بنيادن کي جيستائين درست نه ڪيو ويندو، تيستائين هر هڪ ڪوشش بيڪار ۽ بي سود ثابت ٿيندي رهندي آهي.

مينهوڳي جا ماريل مسڪين ماڻهو

مينهوڳين جون مندون ۽ موسمون پنهنجن مهلن ۽ موقعن تي اهڙو ته مانڌاڻ مچائينديون آهن، ڄڻ ته سيلاب جا آثار ۽ اهڃاڻ نڪري نروار ٿيندا آهن. گذريل برساتن ايترا هاڃا ڪيا، جن کان هر هڪ ماڻهو بخوبي واقف ٿي چڪو آهي. آسمان جي انهي رحمتن۽ زحمتن جو ذڪر ڪهڙو ويهي ڪجي، ڇو ته صرف هڪ تر جيتري نڪتي جو تفاوت آهي. ”ر“ خالي آهي ته ”رحمتون“. آهن، پر جيڪڏهن ”ر“ جي مٿان صرف نڪتو اچي بيهي ٿو ته ”زحمتون“ هونئن به هن ساري دنيا جو سمورو دارومدار، وڻج ۽ واپار. ڪاروبار صرف هڪ نڪتي جي، اشڪنجي ۾ اڙيا پيا هوندا آهن. برساتن جيڪي بر باديون ۽ تباهيون، ۽ جاني، مالي نقصان ڪنديون آهن، تنهن جو ڪاٿو ڪرڻ ئي ناممڪن آهي. نديون نالا، ڪپر ۽ ڪنڌيون، پليون ۽ پاسا، سمورا تيز وهڪرن ۾ ائين وهي ويندا آهن، جيئن ڪک پن. انهي قيامت جي سمي ۾ هڪڙا ماڻهو تباهه ۽ براباد ٿيندا رهندا آهن ۽ ٻيا وري پنهنجي مال ملڪيتن کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ هٿن جي صفائي ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آهن. ٽيڪسي، رڪشا ۽ مني بس، يعني هر سواري، مسافرن جي چمڙي لاهڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏيندي آهي، ۽ ان سان گڏ واپارين جي به گويا ٻيگهي مچي ويندي آهي. زوزمره جي شين جا اگهه آسمان تي چاڙهي، خريدارن  جي مجبوري ۽ بي بسيءَ مان فائدو وٺندي، پنهنجي بئنڪ بئلنس ۾ اضافو ڪندا رهندا آهن.

هڪ طبقو مينهو ڳين جي مصيبت ۾ مارجي ويندو آهي. ۽ ٻيو طبقو انساني همدردي کي پنهنج حرص ۽ هٻڇ، لالچ ۽ لوڀ جي خوني هٿيارن سان سڀ ڪنهن شئي تي قبضي ڪرڻ ۾ مشغول هوندو آهي. اهڙن موقعن ۽ مهلن تي، همدرد انسانن سان گڏوگڏ، جانورنما ماڻهو به نڪري نروار ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي فطرت ۽ عادت کان مجبور ٿي انهن موقعن ۽ مهلن تي، پوري طرح فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. انسانيت، اهڙي وقت انسانن جي انسانيت تي ماتم ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندي آهي. هونئن ته اسان جا ڪئي طبقا، هر وقت هٻڇ ۽ حرص جي مصيبت ۾ مبتلا هوندا آهن، مگر انهن کي ڪڏهن به انسان ذات جي تباهي ۽ بربادي تي ڪابه ڪهل ۽ ڪهڪاءُ نه ايندو آهي. هو پنهنجي فطرت ۽ عادت کان مجبور ٿي، ڪڌن ڪرتوتن ۽ سياه ڪارنامن ۾ قابو هوندا آهن، ڇو ته انهن مان انسانيت ۽ اخلاق، برادري ڀائيچاري ۽ همدرديءَ جهڙيون آفاقي خوبيون ۽ خصلتون هميشه لاءِ ختم ٿي وينديون آهن.

* * *

 تڪبر

انسان کي هميشه ئي هڪ ڳالهه کان پرڀرو ۽ پاسيرو رهڻ گهرجي، اُهو آهي تڪبر، جن ماڻهن زندگي ۾ ڪنهن به موقعي، مهل تي تڪبر کان ڪم ورتو، ته سمجهبو ته وڏگڙدي جي وصف کان وانجهيل آهي. تڪبر هميشه انسان جي سمورين خوبين ۽ خاصيتن جو ڪنهن نه ڪنهن وقت خاتمو آڻي ڇڏيندو آهي.

 ويڪائو مال

هر دور ۾ هر قسم جو مارڪيٽون، ۽ منڊيون هر جنس لاءِ موجود هونديون آهن، مگر ڪڏهن ڪڏهن ملڪن ۽ قومن ۾ اهڙا به دور ايندا آهن،جتي جنس کان سواءِ، ماڻهن جا به اگهه ۽ قيمتون مقرر ٿيڻ لڳنديون آهن. اهي دور به هڪ اهل دل، اهل نظرلاءِ عجيب ۽ غريب هوندا آهن، جتي ٻين جنسن سان گڏوگڏ حضرت انسان، جنهن کي اشرف المخلوقات جو خاصو خطاب عطا ٿيل آهي، ان جي قيمت جو به ڪاٿو ڪيو ويندو آهي.

دنيا ۾ هر هڪ شئي جو ملهه مقررٿيل آهي. مگر ڪن ڪن انسانن جي قيمت صرف پيار ۽ محبت آهي، ۽ جيڪي محبت، عزت ۽ پيار سان خريد ٿي سگهندا آهن. هنن لاءِ اصول سڀ کان وڏي وٿ هوندا آهن. اوهان سندن اصولن، عقيدن، ذهن ۽ ضمير جي خريد ڪرڻ لاءِ کين جاگيرون ۽ حڪومتون اَڇيو، تڏهن به هو پنهنجي اصولن ۽ عقيدن تي قائم رهندا. انسان جي عظيم هجڻ جو اندازو سندس ان مستقل مزاجي، ارادي جي مضبوطي، ۽ اعليٰ اصولن مان ئي ثابت ٿي سگهندو آهي.

پر هن موجوده دور جي معاشري جي مارڪيٽن ۽ منڊين، چونڪن ۽ چوراهن، دڪانن ۽ درٻارين ۾ انسان جو ذهن، ضمير، ايمان ۽ ارادو، دانشمندي ۽ دانائي، فهم ۽ فڪر، ائين وڪامندو رهي ٿو، جيئن موريون ۽ گجرون وڪامنديون رهنديون آهن. هن موتمار مهانگائيءَ ۾ سڀ ڪنهن شئي جو اگهه، آسمان سان وڃي لڳو آهي. مگر افسوس، انسانيت جي اعليٰ اصولن ۽ خوبين خصلتن جو قدر ڪوڏين جي قيمت تي ڪٿيو وڃي ٿو. عجيب دور آهي ته کاڌي جون سموريون شيون مهانگيون، مگر انساني قدرستا! ائين ڇو آهي، ڇا لاءِ آهي، ڇو ٿي رهيو آهي، ۽ ڇا لاءِ ٿي رهيو آهي؟

هن وقت انهن ظاهري ترڪتالن ۽ ٺٺ ٺانگر، وارن همراهن جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي مارڪيٽن ۾ پنهنجي سڀڪا شئي وڪڻڻ لاءِ تيار ويٺا آهن. اوهان کي رڳو نظر ڦيرائڻي آهي. بس، جيڏانهن ڪر نظر، تيڏانهن نالوئي نهال لڳو پيو آهي. جنهنڪري ذهن هجي يا ضمير، فڪر هجي يا فهم، فن هجي يا سچائي، عزت هجي يا غيرت، بلڪل سولائي ۽ سنهنجائي سان خريد ڪري سگهجي ٿي، جڏهن انسان جون اهڙيون عظيم ۽ بي بها شيون سري عام وڪامڻ شروع ٿينديون آهن، تڏهن قحط الرجال پنهنجي عروج ۽ اوج جي بلندين تي هوندو آهي ۽ اهڙي معاشري جي پستي ۽ زوال تي، ماتم ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهبو آهي. هن دنيا ۾ انسان پنهنجي عزت پاڻ نه ڪندو، تيستائين رهي نه سگهبو آهي. هن دنيا ۾ انسان جي وڏي ۾ وڏي وٿ سندس عزت ۽ احترام آهي، جيستائين انسان پنهنجي عزت پاڻ نه ڪندو، تستائين دنيا وارا به هن جي عزت ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. جيئن ته پٿر پنهنجي جاءِ تي ڳورو هوندا آهي، مگر جڏهن پٿر رستن، راهن تي اچي هوندو آهي، تڏهن راهگير پنهنجي ٺوڪرن سان پيا ٺڪرائيندا رهندا آهن.

ماڻهو جڏهن مارڪيٽ ۽ منڊين ۾، پنهنجو ملهه مقرر ڪرائيندا آهن، تڏهن خريدار جي نظر ۾ وڪڻندڙ جو اندازو ۽ ان جي پاڻ ۾ جيڪا گفتگو ٿيندي آهي، انهيءَ گفتگو کي بيان نٿو ڪري سگهجي.

جڏهين انسان جي ڪنهن به شئي جو، اگهه ۽ قيمت مقرر ٿي وڃي ٿي، تڏهين قيمت ڪندڙ، قيمت وٺندڙ جي قسمت تي انسانيت جا سمورا، اصول ۽ عقيدا، افسوس ۽ ارمان جا لڙڪ حيرت ۽ حسرت جي دامن سان اگهندا رهندا آهن.

* * *

 انسان جي عظمت

* سڀ ڪنهن پيار سان پيش اچڻ ۽ اعتبار گهٽ ڪرڻ دور انديشي ۽ دانشمنديءَ جي نشاني آهي.

* سڀني جي ڀلي ۽ خير گهرڻ ۾ انسان جي عظمت آهي.

* سچائي ۽ صداقت انسان کي عزت ۽ احترام جي منزل تي پهچائيندي آهي.

* بهادري ۽ بيباڪي جو، هميشه ئي بول بلند ۽ بالا رهندو آهي.

* سچائي ۽ صداقت سان، صلح ۽ سانت ڪرڻ، سهڻي صفت آهي.

* نياز، نوڙت، نرمائي ۽ نهٺائي، نيڪي جو نالو نروار ڪندي رهندي آهي.

* عالم ۽ فاضل جي عزت ڪرڻ، انسان جي علم نوازي ۽ ادب پروريءَ جو ثبوت هوندو آهي.

 هيڻن جا حق هضم ڪرڻ

پاڻي يا پاڻيءَ جو لفظ، جڏهن به حضرت انسان جي ذهن ۾ اچي ٿو ته سموري ڪائنات جو ذرو ذرو، سامهون اچي وڃي ٿو. يعني پاڻي هڪ قدرتي وسيلو آهي، جنهن تي هيءَ سموري ڪائنات ۽ دنيا هلندي رهي ٿي. پاڻي جي ڪروڙن، لکن خوبين ۽ خاصيتن جي هتي ويهي ڪهڙي واکاڻ ڪجي. سندس هڪڙي ئي خوبي ۽ خاصيت اهڙي جي هتي ويهي ڪهڙي واکاڻ ڪجي. سندس هڪڙي ئي خوبي ۽ خاصيت آهي، جيڪا هرناپاڪائي، گند ۽ غلاظت کي صاف، پاڪ ۽ اڇو اجرو ڪندي رهندي آهي. مگر اڄ ڏينهن تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي، ته مڇي، جيڪا پيدائش پاڻي جي، رهي به پاڻي ۾، مگر پوءِ به هن ۾ ايڏي بدبوءَ ۽ ککي ڇو هوندي آهي! پاڻي ته سڀ ڪنهن غلاظت کان صاف پاڪ ڪندو رهندو آهي مگر پاڻي، جيڪو صاف پاڪندڙ صفت رکي ٿو، سو به پنهنجي پيدا ڪيل ۽ منجهس رهندڙ جي بدبوءِ کان صاف نٿو ڪري سگهي، ان جو سبب ڇا آهي؟ ڪنهن اياڻي سياڻي کان پڇو ته ائين ڇو ٿي رهيو آهي. سياڻي وراڻيو ته ان جو سبب، صرف هي آهي ته مڇيءَ جي جيءَ جو جياپو ننڍڙين ضعيف ۽ ڪمزور مڇين کي کائي هضم ڪرڻ تي هوندو آهي. جنهن ڪري ان مان اها خرابت، ڪڏهن به نه وڃڻي آهي، يعني ته جيڪو طاقتور پنهنجي زور تي ٻين ڪمزورن ۽ ڪم طاقت کي هضم ڪندو رهندو، ته ان جي نيڪي ۽ نانءُ ڪڏهن به نروار نه ٿيندو، مگر بديون بي شمار ڳائڻ ۾ اينديون رهنديون. انهيءَ سموري ڳالهه جو تت اهو آهي ته ڪنهن جو به حق هضم نه ڪجي، نه ته سندس مثال مڇي وانگر ئي رهندو.

تنقيد

   اسانجو معاشرو تنقيد ٻڌڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه هوندو آهي. جنهنڪري ڪيترا اديب ۽ اهل قلم، پنهنجي معاشري جي بنيادي خرابين ڏانهن توجه ڏيڻ جي تڪليف نه ڪندا آهن. صرف سطحي ۽ مٿاڇري طريقي سان سڀ ڪنهن معاملي کي تورڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن.

سياسي

 

ائين به ٿيندو آهي

 

سنڌ جي سياسي تاريخ اسان جي سامهون آهي، ۽ انهيءَ تاريخ جا ڪي ڪي باب ايترا ۽ ايڏا سياهه آهن، جو انهن جي سياهيءَ کي زمزم جي صاف ۽ پاڪ پاڻيءَ سان به صاف نٿو ڪري سگهجي، ۽ نه وري انهن کي قلم جي زبان سان ظاهر ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته جيڪڏهن انهن ورقن کي قلم جي زبان سان ورائبو ته سنڌ جي ڪيترن آثار قديمه سياستدانن جا پول پڌرا ٿي پوندا. وقت ۽ حالتون تاريخ کي ضرور دهرائينديون رهنديون آهن. تاريخ جي فلسفي لاءِ چيو ويندو آهي، ته تاريخ پاڻ کي هر دور ۾ دهرائيندي رهندي آهي. ٻئي طرف سنڌ جي عام مسڪين ماڻهوءَ، جي سچائي ۽ صداقت ڏانهن نظر ڪجي ٿي، ته پنهنجن سچن، صاف گو ۽ صحيح رهنما ۽ رهبرن سان، هر دور ۾ سچائي سان ساٿ ڏيندا رهيا آهن. موجوده سياست ۽ ان ۾ هلندڙن ڦرندڙن همراهن جو ذڪر ڪرڻ واجبي ۽ ضروري سمجهون ٿا.

جيئن ته اسان جي صوبي سنڌ ۾ تيرهن ضلعا آهن، ۽ هر ضلعي ۾ جيڪي به سياسي ميدان ۾ عملي طرح ماڻهو حصو وٺندا رهن ٿا، تن کان ڪير واقف نه آهي، انهن ۾ زميندار ۽ زردار، واپاري ۽ وڻجار، سرمائيدار ۽ سرندي وارا، هلندي ۽ پڄندي وارا، سمجهدار ۽ سياڻا، قانوندان ۽ ڪاريگر، گويا هر هڪ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سياست جي لهس ۾ ٿوورو گهڻو لهسيل آهي. ڪشمور کان ڪراچي تائين چنڊ ماڻهن کان سواءِ، جيڪي هن وقت سياست جي آسمان تي اڀرندا رهن ٿا يا اڀري رهيا آهن، تن جو سياسي يا سماجي ڪوبه بنياد ڪونه آهي، ڇو ته هو خالي دٻن مثال آهن، انهن ۾ جيڪڏهن ٺڪريون هجن ها ته کڙ کڙ جو ئي آواز ڪن ها،  اڪثر ڪري تن ۾ سياسي سوچ، فڪر ۽ بصيرت اٽي ۾ لوڻ برابر ٿيندي آهي. هو سنڌ جي سياسي مسئلن کان بي خبر ۽ وانجهيل ٿين ٿا، ۽ منجهن سنڌ جي صحيح  ترجماني ڪرڻ جي اهليت ئي ڪانه آهي. ان ڪري هو بي پاڙيءَ جي ول جيان، هڪ نه ٻئي شخصيت کي لڳي پون ٿا ۽ ان جي نالي ۽ اهميت جي بنياد تي، سڃاتا وڃن ٿا. هنن ۾ پنهنجي ڪنهن به قسم جي خير ڪا لياقت يا قابليت آهي، اهڙي قسم جا ماڻهو، جيڪي گمناميءَ جي گوشه نشيني مان نڪري نروار ٿين ٿا، ۽ ان سان گڏ وزير ۽ مشير ٿين ٿا، يا جن کي اوچتو ۽ اچانڪ سرڪاري عهدا ڏنا وڃن ٿا، تن کي پنهنجي گهر ۾ به سڃاڻڻ جي لاءِ ڪو تيار نه هوندو آهي.

اسان کي اهڙن تونگرن ۽ تيس مار خانن جي طاقت جي به پوري پروڙ آهي، جڏهن هو، بي، ڊيءَ جي معمولي ميمبريءَ لاءِ اميدوار ٿي بيٺا هيا، تڏهن ماڻهن ۾ سندن ايڏي مقبوليت حاصل ٿيل هئي جو ڊپازٽ به ضبط ٿي ويئي.

دنيا جو دستور آهي، ته انسان پنهنجي محسن جو هميشہ ئي احسانمند رهي، جنهن ۾ ئي سندس ڀلائي ۽ بهبودي آهي. نه ته جڏهن هو پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهي ڏسي ٿو ته سندس نتيجو، اڳيون ۽ پويون نه هئڻ برابر آهي.

تاريخ پنهنجي دور ۾ ڪڏهين ڪڏهين ڪي اهڙا انسان پيدا ڪندي رهندي آهي، جو اهي خود تاريخ ساز هوندا آهن ۽ اوج، عروج جي آسمان تي، آفتاب وانگر روشن ٿي رهندا آهن. مگر اهي شخصيتون پنهنجي، خدا داد قابليت ۽ لياقت، قدرتي  ڏات ۽ ڏانءُ، فهم ۽ فراست، عقل ۽ ادراڪ، دانائي ۽ دانشمندي، سياسي بصيرت ۽ سمجهداري، ارادي جي مضبوطيءَ ۽ مستقل مزاجي، ايمانداري ۽ ديانتداري، محنت ۽ مشقت، وطن جي حب ۽ ماڻهن جي محبت، خلوص ۽ خدمت جي جذبي سان، ملڪن جون تاريخون ۽ انسانن جون تقديرون تبديل ڪندا، انهن ۾ همت ۽ حوصلو پيدا ڪندا رهندا آهن.

* * *

هٿيڪو هٿيار

* بلند اخلاقي، انڪساري، نياز ۽ نوڙت، نهٺائي ۽ شيرين گفتار هميشه ئي هر هنڌ انسان جي عزت ۾ اضافو ڪنديون رهنديون آهن.

* بنا سوچ، سمجهه جي ڳالهائڻ، بيوقوفي جي نشاني آهي.

* بهادر ۽ بي باڪ ماڻهو ڪنهن تي به ظلم ڪري نه سگهندو آهي.

* بهترين ڪتابن جي مطالعي مان، مطالع ڪندڙ جي محدود معلومات ۾ بي انتها اضافو ٿيندو رهندو آهي.

* بي بنياد افواهن ۽ اجاين سجاين ڳالهين تي، ڪڏهن به ڌيان نه ڌرڻ گهرجي.

* همت ۽ حوصلو، سمورن هٿيارن کان هٿيڪو هٿيار هوندو آهي.

* چڱن کان چڱايون ٿينديون آهن ۽ مدن کان مدايون.

آزادي

آزاديءَ متعلق دنيا جي عالمن، اديبن ۽ دانشورن پنهنجي سمجهه، سوچ ۽ ساڃهه مطابق جيڪي جيڪي مختلف رايا ۽ جدا جدا خيال ظاهر ڪيا آهن، يا ڪندا رهن ٿا تن کان هر هڪ باخبر ماڻهون بخوبي واقف آهي.

پهريون ته هي ڏسڻو آهي ته آزادي ڇا آهي، ڇو آهي، ڇا لاءِ آهي ۽ ڪنهن جي لاءِ آهي.

غلام ذهنيت رکندڙ ماڻهون جڏهن به آزاديءَ جهڙي صاف پاڪ، سهڻي ۽ صداقت واري لفظ استعمال ڪندا آهن. تڏهن آزادي هنن جي بي انتها بي بسي ۽ مجبوريءَ تي ماتم ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندي.

اُميد واري جا آسرا ۽ اهڃاڻ

دنيا ۾ هر هڪ رياست جي سياست جا پنهنجا پنهنجا اصول، عقيدا، قاعدا، قانون ۽ طور طريقا هوندا آهن، انساني زندگي ۾ ملڪي سياست جو وڏي ۾ وڏو دخل هوندو آهي، ۽ ان جي ڪري اقتصادي،معاشرتي، معاشي، اخلاقي، اصلاحي فرض ۽ ذميداريون سامهون اينديون آهن. هونئن به صحيح سياست کي سمجهڻ ڪن سمجهدارن، سياڻن، دور انديش ۽ دانشمندن جو ئي ڪم آهي. باقي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي ساسيت جي ”سين“ جي به سڌ نه هجي ته انهي کي هن مشڪل ۽ اڙانگي ميدان ۾ ڪڏهن به اچڻ نه گهرجي، ۽ نه وري ان متعلق سوچڻ گهرجي، ڇو ته ساسيت هڪ وڏو فن آهي. ڪنهن به فن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا جتن ڪرڻا پون ٿا. خاص ڪري سياسي زندگي لاءِ وقت ۽ ماحول جو هموار هجڻ تمام ضروري آهي.

مگر ڪڏهن ڪڏهن سياسي ميدان ۾، ڪن الڙ ۽ اڻ آزموده گارن کي به لاٽري ۾ ڪا نه ڪا شئي حاصل ٿي ويندي آهي. دنيا جو هي دستور آهي، ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي بنا ڪنهن جدوجهد، محنت مشقت ۽ لنگهه لتاڙڻ کان سواءِ، منزل ملي ويندي آهي، تڏهن اهڙن همراهن کي انهي منزل جو قدر ۽ قيمت تمام گهٽ معلوم ٿيندو آهي. البت ڪي اهڙا به هوندا آهن، جن جي نيت صاف هوندي آهي ۽ موقعي ملڻ جو قدر ڪندي، پاڻ کي ماڻهن ۾ مقبول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ۽ ٿوري عرصي ۾ سياست جو وڏو تجربو آزمودو حاصل ڪري وٺندا آهن، ۽ نيڪ ناميءَ سان پنهنجو نالو نيڪ ۽ روشن ڪندا رهندا آهن.

هر ماڻهو پنهنجي حيثيت ۽ لياقت آهر انهيءَ ڪوشش ۾ مشغول آهي، ته ڪنهن نه ڪنهن طرح ٽيڪيٽ حاصل ڪئي وڃي، ۽ ڪيترا اميدوار وڏين خوش فهمين ۾ مبتلا هوندا آهن، ته حالتون ۽ وقت سندن ساٿ ڏيندا. مگر ائين نه آهي، هر دور پاڻ سان نيون تبديليون آڻيندو آهي. ڪو وقت اهڙو به هو، جو سياست جي سيلابن جا نکا وهڪرا وهڻ شروع ٿيا، ۽ ڪک پن کي به، ڪانه ڪا حيثيت حاصل ٿي ويئي. مگر هن وقت نه اهو دور آهي، نه اهو سيلاب. هينئر پنهنجي ملڪ ۽ مستقبل کي سامهون رکي ملڪ جي سڌاري ۽ واڌاري، ترقي ۽ تعميراتي ڪمن ڪارين ۽ عوام جي ڀلي ۽ بهبودي جي پروگرامن مطابق ملڪي ۽ قومي فيصلن ڪرڻ سان گڏوگڏ اميدوار جي اڳ، پٺ، جاچي جوچي، سندس قابليت ۽ لياقت کي تڪي توري، کيس اميدواريءَ جي لسٽ ۾ آڻي بيهاربو.

اسان کي اميد نه، بلڪ يقين آهي ته عوام جا نمائندا جيڪي صحيح معنيٰ ۾ ماڻهن جي دستگيري ۽ رهنمائي ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي و وٽرن جي جذبات جي به ترجمالي ڪندا. باقي هزارين اميدوار اهڙا به هلندا وتن ٿا، جن هاڻي کان ئي وزيرن وانگر ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو آهي، ۽ ڪيترن انگريزي پڙهڻ لاءِ استاد رکي، تعليم بالغان وانگر سبق سکڻ شروع ڪري ڏنا آهن. الله تعاليٰ اهڙن اميدوارن تي، پنهنجو رحم وڪرم فرمائي.

 

تجربو ۽ آزمودو

 ڪنهن به ڪم ڪار ۽ ڪرت لاءِ ٿورو گهڻو تجربو ۽ آزمودو هجڻ تمام ضروري آهي. تجربي ۽ آزمودي جي ڪري انسان ۾ ڪي قدر شعور، سوچ ۽ سمجهه، سياڻپ ايندي رهندي آهي. انهي بنياد تي زندگيءَ جي ڪاروبار ۾ قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪبي آهي، ته ضرور ڪونه ڪو نيڪ ۽ مبارڪ نتيجو نڪري نروار ٿيندو رهندو آهي.

هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾، جڏهن دنيا جا وڏا ۽ ويڪرا فاصلا، گهڙي ساعت ۾ طئي ٿيندا رهن ٿا، تڏهن انسان تي خارجي اثر ايترا ۽ ايڏا ٿيندا رهن ٿا، جو هو بين الاقوامي سطح تي سوچڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي. ٽيڪنالاجيءَ جي ڪري سڄي دنيا جي پيدا ٿيل مسئلن ۽ معاملن کي، دورانديش ۽ دانشمند پنهنجي نقطهءِ نگاهه سان پرکيندا رهن ٿا. دنيا جي مختلف ۽ جدا جدا ملڪن ۾ جيڪي به حالتون پيدا ٿي رهيون آهي، انهن جو اثر ڪيتري قدر فائديمند، ۽ غير فائديمند آهي، ۽ انهن پيدا ٿيندڙ مسئلن کي ڪيئن دورانديشي ۽ دانشمنديءَ سان حل ڪجي، اهائي اڄ جي دور ۾ شعور جي تقاضا آهي. هن وقت اسان جي وطن ۾، جيڪا افراتفري پيدا ٿيل آهي، يا پيدا ٿيندي رهي ٿي، ان کان هر باخبر ماڻهو بخوبي واقف آهي. انهي ڊاهه ڊوهه ۽ گوڙ گهمسان ۾ گهڻو ڪري اسان جو مسڪين ۽ غريب، پورهيت ۽ مزدور عوام ايڏو ته متاثر ٿيو آهي، جنهن جو قلم جي ذريعي بيان نٿو ڪري سگهجي. فتنه انگيز ۽ فسادي عناصر، اهڙن سوقعن ۽ مهلن جو فائدو وٺي اسان جي اڻڄاڻ ۽ اٻوجهه عوام کي هاڃيڪار ۽ بي بنياد افواهن جي اوڙاهه جي آويڙ ۾ اڙائيندا رهندا آهن، جنهن ڪري ڪري حالتون سڌرڻ جي بجاءِ خراب ٿينديون رهنديون آهن. ٿوري عرصي ۾ اسان جي ملڪ ۽ قوم کي جيڪو به قومي، اقتصادي ۽ معاشي نقصان پهتو آهي، ان جي اندازي ڪرڻ سان ئي، هر محب وطن شخص جو هنيانءُ ڏرڻ ٿو لڳي. ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايغ ٿيون آهن! ڪيڏو نه عظيم نقصان ٿيو آهي! فقط چند شر پسندن جي ڪري، سموري قوم ڏچي ۾ اچي ويئي آهي. ان کان سواءِ ملڪ ۽ جيڪي تعمير ۽ ترقيءَ جا ڪم هلي رهيا آهن، انهن تي پڻ وڏو اثر ٿيو آهي. بهر صورت انهيءَ فتني فساد جو هر نقطه نگاهه سان نقصان، ملڪ ۽ قوم کي اجتماعي طرح ڪي سال پوئتي ڌڪي ويو آهي، افسوس جو اسان اڄ ڏينهن تائين ماضيءَ جي تجربن ۽ آزمودن مان ڪجهه به نه پرايو آهي.

اجاين الزام تراشين ۽ بي بنياد افواهن جي ڪري، معاشري ۾ هڪ قسم جي مستقل پريشاني ۽ هراس پيدا ٿيندو آهي. امن ۽ امان، صلح ۽ سانت واري ماحول کي خراب ڪيو ويو، ته اهو شعوري طرح هڪ خوفناڪ اثر ڇڏيندو آهي، ۽ ڊاهه ڊوهه، فتنوفساد هڪ عام روايت بڻجي ويندو آهي. افسوس صرف هن ڳالهه جو آهي، ته اسان اڄ ڏينهن تائين ملڪي ۽ قومي سوچ اختيار نه ڪئي آهي، ۽ نه وري ماضيءَ سنگين حالتن ۽ تجربن کان سکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت ۾ جنهن ملڪ ۽ قوم ۾ قومي ۽ ملڪي سمجهه ۽ سوچ نه آهي، ان قوم جي بدبختي ۽ برباديءَ تي، ڪهڙا بهتان هڻي، ڪهڙا هڻجن. اسان جو پنهنجو مطالعو ۽ مشاهدو آهي ته ذاتي، ۽ شخصي مسئلن ۽ معاملن کي ڪڏهن به جماعتي ۽ تحريڪي رنگ ۾ رنڱڻ نه گهرجي، ڇو ته ان جا نتيجا هميشہ ئي، ملڪن ۽ قومن لاءِ تباهي جا سبب ثابت ٿيندا آهن. موجوده دور ۾ ڪن سياستدانن جي ذاتي رنجش ۽ شخصي عداوتن، ملڪ کي هن موڙ تي پهچايو آهي.

جيڪڏهن اهي سياستدان، پنهنجي سمجهه ۽ سوچ سان صلح ۽ سانت جو رستو اختيار ڪن، ته ملڪ ۽ قوم وري سنئين راهه تي اچي، پنهنجي منزلن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي سگهي ٿي. تاريخ جو تجربو اها ئي ڳالهه صاف ۽ سهڻي نموني ۾ ثابت ڪري ٿو.

* * *

 معاف ڪرڻ

* جذبات جي تڪڙي وهڪري ۾ وهي وڃڻ جي بجاءِ، صبر ڪرڻ ئي سهڻي صفت آهي.

* قلب جي قرار لاءِ سڀ ڪنهن جي ڀلائي بهبودي لاءِ سوچڻ گهرجي.

* محفل ۽ مجلس جي موقعن، مهلن ۽ مناسبق  مطابق جيڪڏهن ڳالهائڻ جي سگهه نه ساري سگهجي، ته ڪڏهن به ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش: نه ڪجي.

* مسڪينن ۽ مجبورن جي صحيح دستگيري ۽ رهنمائي ڪرڻ هر هڪ انسان جو اخلاقي فرض آهي.

* معاف ۽ درگذر ڪرڻ عظيم انسانن جي وصف آهي.

 چونڊن جي چرپر

 هن وقت چؤطرف چونڊن جي چرپر جو چؤٻولو چالوٿي ويو آهي، ۽ ڪيترا همراهه ٽڪيٽ ملڻ جي اميدن ۽ آسرن تي هل هلان ۾ هلندا وتن ٿا، ۽ هر هڪ ٽڪيٽ حاصل ڪندڙ، وڏي خوش فهميءَ ۾ مبتلا آهي. ڇو ته سڀ ڪنهن جي، سوچڻ جو پنهنجو انداز هوندو آهي. ڪنهن جي به سوچ ۽ سمجهه تي، نه پهرا آهن نه پابنديون، مگر افسوس صرف هن ڳالهه جو ٿيندو رهندو آهي، ته ڪيترا ڏسڻا وائسڻا، وقت ۽ حالتن جي صحيح اندازي لڳائڻ کان سواءِ پنهنجي ٽانءِ ٽانءَ ۾ پورا هوندا آهن.

سياست جهڙي شطرنج جي ڳوٽن کي نهايت ئي خبرداريءَ سان خانن کي خالي ڪرڻ ۽ ڀرڻ سڀ ڪنهن جو ڪم نه آهي. هن وقت ٽڪيٽ جي اميدوارن ۽ انهن جي مدد گارن جا جتي ڪٿي ميل ملاکڙا ۽ هجوم متل آهن، ۽ عجيب قسم جا قصا، ڪهاڻيون ۽ داستان دهرايا وڃن ٿا. اندازن ۽ قياس آرائين جا تيز وهڪرو وهڻ شروع ٿي ويا آهن.

ڪيترن اميدوارن، جن سڄي زندگي ۾ عيدنماز به نه پڙهي هئي، تن صاحبن باقاعدگي سان نماز پڙهڻ سان گڏوگڏ تهجد، اشراڪ، پڙهڻ شروع ڪيا آهن. پيرن تي پڙ چاڙهڻ، ۽ سکون ۽ باسون باسيندا وتن، ۽ خير خيرات ۾ به ڪسر ڪانه ٿا ڇڏين. تعويذن، ڌاڳن، مرشدن، متولين، مجذوبن، عاملن، ڪاملن ۽ جوتشين وٽ ٽپڻا کولائي پنهنجي ڪاميابي لاءِ انهن وٽ اچڻ وڃڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪيترن عارضي عاشقن، ٽڪيٽ جي ليليٰ سان ملاقات لاءِ ايلازن، منٿن، مددن، امدادن، آزين ۽ نيزارين ڪرڻ کان به ڪين گهٽايو آهي. اهڙا سڌڙيا، ٽڪيٽ ملڻ کان پوءِ ميمبر ٿيڻ، ۽ ان بعد وزير ٿيڻ جون اميدون ۽ اَسرا رکي، آرزوئن جي خوابن ۾ غلطان آهن. هو سوچين ٿا ته ميمبر ٿين کان پوءِ ڪيل خرچن جو وياج سودو حساب ڪتاب وٺنداسو. وزير ٿيڻ کان پوءِ سرڪاري بنگلو انهي جي مٿان جهنڊو ۽ جهنڊي واري ڪار، هڪ سيڪريٽري ٻيو اسٽينو گرافر، ٽيون پي- آر- او، چوٿون گن مين، جيڪو صبح شام سندس ڪار جو دروازو کوليندو، سڄو ڏينهن سر، سر جو وظيفو ڪندو رهندو.

جيڪڏهن قسمت ساٿ ڏنو ۽ ڪو کائڻ پيئڻ وارو خاصو کاتو ملي ويو ته پوءِ سڄي زندگي جا ٿڪ ڀڄي پوندا! اهڙن سڌڙين کان الله پناهه ۾ رکندو. ان ڪري آخر ۾ اسان جي دعا آهي ته عوام جي سچن خادمن، اميدوارن کي ٽڪيٽ ملي ويندي، ۽ الله تعاليٰ انهن کي ڪاميابي ۽ فتحيابي نصيب ڪري، جيئن اهي سمورن لالچن ۽ لوڀن کان بلند ۽ بالا ٿي ڪري، ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ تعميري ڪمن ڪارن ۾ دلچسپي وٺي عوام جي سڌاري ۽ واڌاري جي ڪمن ڪارين ۾ وک وڌائيندا رهن. آمين.

* * *

قلم

قلم هڪ امانت آهي، امانت جي حفاظت ڪرڻ عبادت آهي، ۽ امانت ۾ خيانت ڪرڻ ناقابل معافي جرم آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org