سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌ جي ادبي تاريخ

باب: --

صفحو : 12

 

سيد ثابت علي شاهه

(1740ع – 1810ع)

پهريون سنڌي مرثيه گُو

”ڪربلا رڻ ۾ قضا جڏهن جوت بازار ڪئي،

جنس تيغ و تبر و خنجر آڻي ات انبار ڪئي.“

سيد ثابت علي شاهه اصل ملتان شهر جو ويٺل هو. شاه صاحب هجري سنه 1153 برابر عيسوي سنه 1740ع ۾ ڄائو هو. جڏهن پڙهڻ جيڏو ٿيو، تڏهن پهريائين آخوند عبدالرحمان وٽ ۽ پوءِ آوخوند محمد الياس وٽ قرآن شريف پڙهي پورو ڪيائين ۽ پوءِ سيد چراغ شاهه وٽ پارسي پڙهيائين جو سختي رکي پاڙيهدنو هوس. ثابت لي شاهه مرحوم پاڻ پنهنجي احوال ڏيندي هڪڙي شعر ۾ چيو آهي:

”هڪڙي ڏينهن مون کي سبق وسريو ۽ ان کي ٿيو ڏمر ان هنيو مون کي تماچو. مون کي رت قطرا وهيا. ان تماچي جو هڻڻ مون پاڻيءَ جان پيئڻ،م ڄڻ تماچو هئي هدايت، بل عنايت ٿي عطا.“

سيد ثابت علي شاهه مرحوم کي ننڍي هوندي مداحون ۽ متقبت ياد ڪرڻ جو گهڻو خفت هوندو هو. جيتوڻيڪ معنى به ڪين سمجهندو هو. ته به جتي ڪو چوندو هوس، اتي مداح يا منقبت پڙهيو ٻڌائيندو هو. پارسي مان چڱي واقف ٿيئڻ کان پوءِ پارسي ۽ هندي ڪلامن پڙهڻ سان گهڻو محاورو رکيائين. سيد صابر علي شاهه جا هندي ڪلام ۽ انيس ۽ دبير جا مرثيا پڙهندي پڙهندي، پنهنجي شعر ٺاهڻ جو شوق پيدا ٿيس ۽ وڏن وڏن شاعرن جي شعرن، مداحن ۽ مرثين جي تتبع تي نظر ٺاهڻ لڳو.

دهليءَ جي مغل شهنشاه جي طرفان ڪو نواب سنڌ جو صوبو مقرر ٿيو، سو ٺٽي اچڻ لاءِ جڏهن ملتان مان اچي لنگهيو، تڏهن خوش قسمتيءَ سان سيد ثابت علي شاهه جو ان سان ملڻ ٿيو. نواب کيس پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکي ٺٽي وڍي ويو. نوڪريءَ جي مشغوليءَ سبب هو سيوهڻ وڃي نٿي سگهيو، پر جڏهن اهو نواب موقوف ٿيو، تڏهن سيد ثابت علي شاه سيوهڻ ۾ آيو.

سيد ثابت علي شاه نواب جي نوڪريءَ مان پئسو به چڱي طرح ڪمايو هو ۽ هينئر سيوهڻ ۾ به سکيو آسودو پيو گذاريندو هو. تنهن ڪري سندس والد سيد مراد علي شاه ۽ سندس ڀائر ۽ ٻيا مٽ مائٽ به ملتان مان لڏي سيوهڻ ۾ اچي رهيا ۽ پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏينهن انهن سڀني اتيئي گذاريا. سيد ثابت علي شاه به سيوهڻ کي ئي پنهنجو وطن ڪري سمجهندو هو ۽ ان جي تعريف ۾ پنهنجي ڪتاب ”زيارت نامه“ ۾ هئن ٿو چولي:

”سير گاهه صادقان خلوص سراءِ عارفان،

مان مئو ڪلان آرام گاهه اوليا.

بارڪ الله شهر سيوهڻ سنڌ جو دارلامان.

آه دار اوليائي سنڌ نالش اصل کان.

شهر سيوهڻ جاءِ امن و شاه عالم جي پناه،

شهر سيوهڻ ڪشتي نوح و قلندر ناخدا،

شهر سيوهڻ جنهن جو شهباز حسيني شهريار.

اي خدا هي شهريا ۽ شهر هوئي دائم بقا.

واه سيوهڻ، لعل جو جنهن ۾ حسيني لاڏلو،

لعل گوهر بدخشان جي جئن هي گوهر بي بها.“

سيوهڻ ۾ اچڻ شرط سيد ثابت علي شاهه عالمن جي مجلس مان فائدو وٺندو رهيو. مخدوم نور الحق کان شعر جي اصلاح ۽ تعليم حاصل ڪيائين. مخدوم محمد احسان حڪيم وٽ عربي پڙهيو ۽ مخدوم مراد واعظي وٽ علم تفسير، علم حديث ۽ فقہ جي تعليم ورتائين. پوءِ ٺٽي جي مشهور شاعر ۽ عالم مولوي محسن جو فرزند مولوي مداح، جو شهزادي محمد سرفراز ڪلهوڙي جو استاد هو، تنهن سان اچي ثابت علي شاه صحبتي ٿيو. شهزادو محمد سرفراز اڃا عمر ۾ ننڍو هو، ته به غزلن ۽ قصدن ٺاهڻ جو شوق گهڻو هوندو هوس. سيد ثابت علي شاه ۽ شهزادي محمد سرفراز جو پاڻ ۾ ڏاڍو گهرو دوستانه رستو ٿي ويو. هو ٻئي ڄڻا غزلن ۽ قصدن ٺاهڻ ۾ ڀيٽان ڀيٽي ڪندا هئا ۽ سندن استاد مولوي مداح انهن غزلن ۽ قصدن ۾ اصلاحون ڪري ڏيندو هون. سيد ثابت علي شاه، شهزادي محمد سرفراز جي تعريف ۾ به ڪي قصيدا ٺاهيا، جن جي صله ۾ نهايت قيمتي قيمتي انعام مليس.

پير اسدالله شاه سجاده نشين جي مجلس ۾ روضہ الشهداءِ ۽ هندي مرثين پڙهندي سيد ثابت علي شاهه کي سنڌي مرثين ٺاهڻ جو شوق اچي پيد اٿيو ۽ پير صاحب انهي شوق پوري ڪرڻ لاءِ گهڻو همتايس. ثابت علي شاه پاڻ هڪڙي هنڌ چوي ٿو:

”مرثيو سنڌي اڳهن هو ڪونه اصلي سنڌ ۾،

جي ڪو هو تا پڻ نه هو مشهور هن پر ڪجا،

مون کي چئين ثابت علي هي شعر سنڌي دردناڪ،

تون به سنڌي شعر ۾ ڪي چئج ماتم مرثيا.“

سيد ثابت علي شاه جيڪو پهريون پهريون مرثيو ٺاهيو هو، تنهن جي شروعات هيءَ آهي:

”اي خدا جا لاڏلا، سردار سرور يا حسين،

چيوم پهريون مرثيو، سو ٿيو قبول ڪبريا،

تنهن تون بيحد مرثيا مسڪين و مقتل ترجما،

ٿي چيم جئن مومنن سڀڪنهن لکي دفتر ڪيا.“

سنڌي ٻوويءَ ۾ نئين مضمون واري ڪلام چوڻ ڪري سيد ثابت علي شاه جي مشهوري رزمره وڌندي ويئي. ڪلهوڙن جا صاحبيءَ وارا ڏينهن ته تمام سکيو ستابو گذاريائين، پر ٽالپرن جي حڪومت ۾ اڳئين کان به وڌيڪ مان ۽ عزت حاصل ٿيس. ٽالپرن، ڪلهوڙن کان سنڌ کٽي، ته سيد ثابت علي شاهه هڪدم ٽالپرن جي تعريف جا قصيدا ٺاهڻ شروع ڪيا. ”فتحنامه“ ۽ ”ظفرنامه“ واريون تعريفون مير صاحب کي اهڙيون پسند آيون، جو مير فتح علي خان ۽ مير مراد علي خان ٻين انعام اڪرامن سان گڏ کيس ماهيانه لاوزما ۽ نذرانا گهر ويٺي پهچائيندا هئا.

سيد ثابت علي شاه ٻاهتر ورهين جي عمر ۾ تاريخ 27- جمادي الثاني هجري سنه 1225 برابر سنه 1810ع ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪئي.

تصنيفات:

سيد ثابت علي شاه مرحوم پارسي، هندي ۽ سنڌي شعر تمام گهڻو چيو آهي، جنهن سموري کي گڏي ”ڪليات“ يا ”گنج“ ٿا چون جو هڪڙو وڏو دفتر آهي. ان جي شعر جو تفصيل هي آهي:

ڇاهٺ (66) مرثيا، هڪ سؤ سترهن (117) منقبت، اٺ (8) جنگناما فارسيءَ ۾ ”هجويه نظم“ ۽ ٽي مذهبي مباحثي جا منظوم ڪتاب (هڪڙو ردالخوارج، ٻيو شهاب ثقات ۽ ٽيون ردالمواث) هڪڙو زيارت نامه. جنهن ۾ پنهنجي اصل نسل جو بيان ۽ زيارتن جا حوال ڏنا اٿس. هڪڙو سنڌي هجويه ڪلام، جنهن کي ”چڻنگ“ ڪري سڏيندا آهن، تنهن ۾ سيوهڻ جي پڙهيلن جي هجو ڪئي اٿس. ”چڻنگ“ سنڌيءَ ۾ پهرين هجو يا ٽوڪبازيءَ وارو شعر آهي، جنهن جو هتي تفصيل وار ذڪر ڪرڻ ئي خود شاه صاحب جي شان وٽان نه آهي. سيد امداد علي شاه صاحب (مرحوم ثابت علي شاه جي اولاد مان) جنهن کان اسان کي مرحوم ثابت علي شاه جو گنج ڏسڻ لاءِ مليو تنهن جي به اها مرضي نه آهي، ته ”چڻنگ“ مان ڪي شعر درج ڪجن. اهڙي طرح ٻيو به هجوي ڪلام آهي، جنهن جو نالو آهي ”لڪڙو“ جو بني اميه خاندان جي شان ۾ دشنام دهي جي صورت ۾ ڏنل آهي. انهن ٻنهي هجون جا جواب بين سنڌ جي شاعرن ڏنا آهن، جهڙوڪ سيد خير شاهه ۽ سيد فاضل شاهه مرحوم. ”سڳڙي“ واري هجوم ۾. ”سڳڙي“ ۾ شخصي طرح سيد ثابت علي شاه جي گلا ٿيل آهي، جا به اسين مناسب نه ٿا سمهون، ته ان جو آڪر ڪروين.

سيد ثابت علي شاه جيتوڻيڪ گهڻن ئي قسمن جو شعر چيو آهي، مگر سندس مشهوري مرثين جي ڪري ٿيل آهي، جي چئن جلدن ۾ ڇاپيل آهن.

مرثين جو نظم:

”مرثيه“ لفظ جي معنى آهي اهو شعر، جنهن ۾ ڪنهن به دردناڪ حادثي جو ڏک ڀريل لفظن ۾ بينا ٿيل هجي، جهڙوڪ بغداد جي قتل عام ۽ ان وقت جي ٻين دلسوز واقعن وقت شيخ سعدي شيرزي جا ٺاهيل عربي مرثيا (ڏسو ڪليات سعدي). پر اڄ ڪالهه عالمگير اصطلاح موجب ۾ ”مرثيه“ جي معنى اهو رزميه ڪلام، جنهن ۾ خاص طرح ڪربلا جي واقع بابت دلسوز بيان هجي.

سنڌ ۾ سيد ثابت علي شاه مرحوم پهريون شاعر آهي، جنهن موزون شعر ۾ سنڌي مرثيا ٺاهيا آهن.

سيد ثابت علي شاه مرحوم جي مرثين مان ڪي غزل جي صورت ۾ آهن، ڪي مربع جي صورت ۾. گهڻا تڻا مسدس جي صورت ۾ آهن.

ٻولي ۽ عبارت:

 سيد ثابت علي شاه مرحوم مرثين ۾ لسي ۽ دلچسپ سنڌي ٻولي ڪم آندي آهي، جنهن ڪري سندس ڪلام پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن تي جلد اثر ڪر يٿو. جيئن ته شاه صاحب عربي ۽ پارسي ۾ بلڪ ڀڙ هو. تنهن ڪري سنڌي ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي عربي ۽ پارسي لفظن ۾ محاورن جي آميزش به سهائيندي طرز ۾ ڪندو ويو آهي.

مرثين ۾ ڪم آيل عبارت جي رنگيني ۽ فصاحت بلاغت ۾ سيد ثابت علي شاه مرحوم ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. لفظي صنعتون، معنوي، صنعتون، تشبيهون، استعارا، مجاز؛ ڪنايا ۽ اصطلاح بي انداز ڪم آندا اٿس، جيتوڻيڪ انهن تي پارسي جو رنگ سرسيرو چڙهيل آهي. ٻه ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا:

طبيعت جي رواني ۽ برجستگيءَ جو نمونو:

ميدان ڪربلا ۾ حضرت امام قاسم رضي الله تعالى عنہ جي جرئت ۽ بهادري جو بيان ڪندي شاهه صاحب چوي ٿو:

”هن کي ڇا افراسياب ۽ هن کي ڇا اسفنديار؟

ڇا هي نيزن؟ ڇا هي بروز؟ ڇا فراموز؟ الفرار!

گيو هت گوشو ڪري، نرمي نريمان جو شعار؛

طوس جو ڇا تاب هت؟ گودرز و گرين گيرودار.

هي مڃي رب جي رضا سر ڏئي، ته ڏئي ورنه محال،

ناهي ملڪ الموت کي هن جي تقابل جي مجال.“

مٿئين مثال طبيعت جي رواني، ڇوٽ زباني ۽ برجستگيءَ سان گڏ صنعت تلميح (لفظي صنعت) ۽ صنعت جمع، صنعت تجريد ۽ صنعت مبالغه (معنوي صنعتون) به نهايت عمدي نزاڪت سان ڪم آيل آهن.

صورتخطي:

سيد ثابت علي شاه مرحوم جي وقت کان وڍي ڏيڍ صدي تائين سنڌي مرثيا گهڻو ڪري پارسي يا اردو صورتخطي ۾ لکيل هوندا هئا. اڄ به ثابت علي شاه جا سنڌي مرثيا پارسي ۽ اردو صورتخطيءَ ۾ لکيل موجود آهن. سنه 1925ع مرحُم مرزا قليچ بيگ صاحب، سيد ثابت علي شاه جي مرثين جا چار جلد هلندڙ وقت جي رواجي صورتخطيءَ ۾ ڇاپايا آهن، جي ساري سنڌ ۾ ڪم پيا اچن. چئن ئي جلدن ۾ ڇاپي جون چڪون البته سرسيريون رهيل آهن. ايندڙ ڇاپي وقت ڇاپائيندڙ صاحبن جيڪڏهن پروفن ڏسڻ ۾ سڇيتائي ڪئي، ته پوءِ اميد آهي؛ ته نهايت درست ڪلام ڇاپجي پوندو.

 

آخوند عزيز الله

(1746ع – 1824ع)

سنڌيءَ ۾ پهريون نثر نويس

”حضرت نبي ڪريم (صلي الله عليه وسلم) منجهه جنگ احزاب کاهو مديني شريف کي ٿي کڻايو. ڇپ ڏاڍي تنهن مان ظاهر ٿي. تنهن کي پاڻ هٿن مبارڪن سان چنجور هڻندي فرمايائين ته يمن، روم ۽ قسطنطنيه اهي سڀ ملڪ فتح ڪندا اصحابي منهنجا، تڏهن منافقن کليو ته مدينه ۾ ڪافي مٿس غالب ٿيا آهن. کاهو کڻي ٿو سر بچائي- سڌ ڪري ٿو روم ۽ شام جي“.

(ترجمه قرآن شريف صفحه 77)

آخوند عزيز الله صاحب مرحوم مٽيارين جو ويٺل هو. سنه 1160 هجري مطابق سنه 1746ع ۾ سندس ولادت ٿي هئي. سندس وڏا اصل ٺٽي جا ميمڻ هئا، پر مدرسن ۾ پڙهائڻ جي ڪري آخودن سڏبا هئا. آخوند عزيز الله صاحب دائري واري ساداتن سان گڏ مولوي محمد عثمان صاحب وٽ تعليم وٺندو هو. عربي علم جي تحصيل مخدوم محمد عثمان صاحب وٽ ڪئي هئائين. علم حديث، تفسير، فقہ، تصوف ۽ معقولات ۾ ماهر هو. مخدوم عبدالڪريم صاحب مٽيارين وارو سندس همعصر هو. آخوند عزيز الله صاحب مرحوم لنواري وارن بزرگن وٽ گهڻو گذاريندو هو ۽ سندس هميشه جو ڌنڌو هو تعليم ڏيڻ. آخوند عزيز الله صاحب ٽالپرن جي حڪومت وقت ڪلام الله شريف جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. جنهن جو هن هيٺ اسان کي ذڪر ڪرڻو آهي.

آخوند عزيز الله صاحب مرحوم اسي ورهين جي عمر ۾ هجري سنه 1240 مطابق 1824ع ۾ وفات ڪئي. سندس پڙپوٽن مان ميون احمد اڃا حيات آهي؛ جو نصرپور ۾ مولوي عبدالحق صاحب واري مدرسي ۾ هڪڙو مدرس آهي.

آخوند عزيز الله  صاحب وارو تفسير در حقيقت تفسير نه آهي، فقط سنڌي نثر ۾ قرآن شريف جي عربي عبارت جو تحت اللفظ ترجمو (Literal translation) آهي ۽ حاشيه تي آيتن جو ”شان نزول“ (نازل ٿيڻ جا موقعا ۽ سبب) سنڌي نثر ۾ لکيل آهن. قرآن شريف جي اصلي عبارت جي هيٺيان آخوند صاحب سنڌيءَ ۾ تحت اللفظ ترجمو لکيو آهي ۽ انهيءَ سنڌي ترجمه جي هيٺان وري مشهور علامه شاه ولي الله صاحب محدث دهلوي عليہ الرحمته جو پارسي ۾ ڪيل قرآن شريف جو ترجمو به ڏيندو ويندو آهي. اهو آخوند صاحب ڏاڍو سهڻو ڪم ڪيو آهي، ڇاڪاڻ جو انهن ڏينهن ۾ سنڌي زبان ۾ نثر لکڻ جو رواج ئي ڪونه هو، تنهنڪري عبارت جي تحت اللفظ سنڌي ترجمو سمجهڻ ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي ڏکيائي لڳي ته اهو ڀل پارسي ترجمي تان تسلي ڪري سگهي، ڇاڪاڻ جو پارسي ٻوليءَ جي نحوي ترڪيب عربي سان مواقف آهي. اهڙ: طرح آخوند صاحب مرحوم آيتن جا جيڪي ”شان نزول“ سنڌي نثر ۾ لکيا آهن، سي انهيءَ پارسي عبارت جو ترجمو آهن، جا پارسي عبارت حضرت شيخ سعدي شيرازي پنهنجي تصنيف ڪيل پارسي تفسير جي حاشئي ۾ لکي آهي. آخوند صاحب مرحوم شيخ سعدي واري پارسي عبارت به حاشيه تي لکي، پوءِ سنڌي نثر ۾ ترجمو لکيو آهي.

اسان جي خاص مراد آهي، انهيءَ سنڌي نثر جو نمونو پڙهندڙن جي پيش ڪرڻ، جو آخوند صاحب مرحُم ڪم آندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون پهريون جيڪو نثر ۾ لکيل ڪتاب هن وقت تائين ثابت ٿيو آهي، سو جنهن صورت ۾ هيءَ ئي آهي، ۽ اهو نثر وري آهي به عربي عبارت جو تحت اللفظ ترجمو، تنهن ڪري هت آوخند صاحب مرحوم وارو نثر (اصلي عربي عبارت سميت) ڏجي ٿو پوءِ جتي جتي ضرور پوندو، اتي آخوند صاحب جي نثر کي وري اڄ ڪلهه جي بامحاوره نثر جي صورت ۾ به پيش ڪيو ويندو.

ڏک ۽ تڪليف خدا تعالى جي طرفان انسان جي ايمان جي پرک

”ياءِ يهاالذين آمنو استعينو باالصبر و الصلوات“.

.... الائڪ هم المهتدون ط

(صورت البقر آيت 152 کان 157 تائين)

 آخوند صاحب جو تحت لفظي ترجمو: اي مومنا همراهي وٺو منجهه مشڪل ساڻ صبر ۽ نماز، تحقيق خدا ساڻ صبر ڪندڙن آهي ۽ م چئو واسطي تن جي جي ڪسن ٿا منجهه واٽ خدا جي اوءِ مئل آهين، بلڪ اهي جئرا آهن پر نٿا ڄاڻي آءِ (توهين) ۽ آزمايون ٿا آن (اوهان) کي ساڻ ٽولن ڪنان خوف ۽ ڏکن ۽ بکن ۽ ٿورو ٿئڻ مالن جي ۽ مرڻ مڙسن جي ۽ نه ٿئڻ ميون جي (ته ڪ ڪريون ٿا ڪ نٿا ڪريون) ۽ بشارت ڏي تن صابرن کي، او صابر سي آهين، جڏهن رسي ان کي سختي، چؤن ”اسين خدا جا آهيون ۽ خدا ڏانهن موٽهون ٿا“ ”اوءِ صابر، تن تي آهين رحمتون ڪنان رب ان جي ۽ رحمت خاص ۽ اوءِ هدايت وارا آهين.“

 

شان نول:

جڏهن صحابن پڄاڻا ڪسڻ بدرين جي غم ٿي کاڌو ته اسان جا مائٽ ڪٺا منجهه دينہ بدر جي، سي، لذتن دنيا جي کان ۽ نعمتن حياتيءَ جي کان نااميد رهيا، تڏهن الله تعالى هي آيت موڪلي.“

(قرآن شريف صحفه 35)

خدا تعالى هر جاءِ حاضر:

”والہ المشرق اولمغرب فاينما تولوا فثم وجہ الله ان الله واسع عليم.“             (سورت البقر آيت نمبر 114)

ترجمو: ”واسطي الله جي اڀرندو ۽ الهندو آهي، پوءِ جيڏانهن مهار ڪندا، اوڏانهن آهي خدا، تحقيق خدا جو فضل ڪشادو آهي ۽ ڄاڻندڙ آهي.“

صنعت ڏسي صانع کي سڃاڻو:

ان في خلق السماوات والارض واختلاف الليل والنهار والفلڪ الني تجري في البحر يما ينفع الناس وما انزل الله من السماءِ من ماءِ فاحيا بہ الارض بعد موتها و بت فيها من ڪل دابت و تصريف الرياح والسحاب المسخر بين الماءِ والارض آيات القوم يعقون.

(سورت البقر آيت نمبر 163)

ترجمو: ”تحقيق منجهه جوڙڻ آسمانن ۽ زمين جي ۽ ڦرڻ راتين ۽ ڏينهن ۽ ٻيڙيون جي هلن درياءَ ۾ ساڻ تنهن سودي جو نعف ڪري ماڙن کي ۽ جيڪي نازڪ ڪيو الله ڪنان آسمان مينهن پوءِ جياريائين ساڻ ان زمين کي پڄاڻا سڪڻ ان جي، پکڙيائين ان ۾ سڀ حيوان، ۽ منجهه ڦرڻ وائن جي ۽ منجهه ڦرڻ ڪڪرن جي، جي اڀاريل آهين وچ آسمان ۽ زمين جي، معجزا آهين واسطي قوم عاقلن جي (مٿي هيڪڙائي الله تعالى جي ۽ پورو ڪرڻ ڪمن سڀني جي).

شان نزول:

”جڏهن ڪافرن چيو سؤ سٺ بتن الله آهين اسان جا، ايترا الله ڪم سڀ هيڪڙي شهر مڪي جو جوڙي نٿا سگهن ۽ محمد جو هيڪڙو الله ڪم سڀن عالمن جا ڪيئن ڪري سگهندو؟ ان ڳال تي مر ته دليل آڻي. تڏهن الله تعالى مٿي ڳال حضرت نبي ڪريم صلي الله تعالى عليه وسلم جي اٺ دليل منجهه هن آيت ذڪر ڪيا.

(قرآن شريف صفحه 37)

 

خليفه حاجي عبدالله

1753ع

حال وڃي ڪال جي ڪلي ٿيان ڪمال

شائق سدا شوق جا مور نه مڱن مال

(ليلى مجنون)

ڪتاب مجنون ليلى جو مصنف خليفه ميان حاجي عبدالله نظاماڻي هو. سندس والد خليفه محمود صاحب عليه الرحمت ميان سرفراز ڪلهوڙي جي حڪومت وقت هڪ مشهور خدا رسيده بزرگ ٿي گذريو آهي. هو روهڙي واري پير صاحب پاڳاري جو ڪرامت وارو خليفو هو. اول هو وڏو زميندار ۽ امير هو، پوءِ جڏهن مرشدن جي فيض جي نظر مٿس ٿي، تڏهن اميري ڦٽي ڪري ڪامل فقير ٿي پيو ۽ ڪڇ، ڪاٺياواڙ، بمبئي ۽ اڀرندي آفريڪا وارا لکاپتي ماڻهو سندس مريد اچي ٿيا. سندس عاليشان درگاه ڳوٺ ڪڙيه گهنور تعلقو گوني ۾ آهي، جتي سال بسال ربيع الاول مهيني ۾ لڏو ميلو لڳندو آهي، جنهن تي سندن ڪڇ، ڪاٺياواڙ، بمبئي ۽ زنجبار وارا مريد هزارين روپيا اچي نذر ۽ خير خيراتن ۾ خرچ ڪندا آهن. خليفه محمود جو ڪتاب ”ملفوظات“ مشهور آهي، جنهن ۾ عجيب عجيب فقيرانه گفتا ۽ نڪتا لکيل آهجن. خليفه محمود کان پوءِ سندس جاءِ نشين پٽس خليفو ميان حاجي عبدالله ٿيو، جو ڪتاب مجنون و ليلى جو مصنف آهي. هن اهو ڪتاب هجري سنه 1208 برابر عيسوي سنه 1793 ۾ تصنيف ڪيو هو، جڏهن سنڌ ۾ ٽالپرن جي پهرين چوياري جي حڪومت هئي. هو هڪڙو عامل ۽ ڪامل فقير هو، ڪنون و ليلى جو قصو به ساروئي حقيقي عشق جي رنگ ۾ لکيو اٿس.

مضمون:

ڪتاب مجنون و ليلى ۾ مجنون جي آکاڻي سربستي ڏنل آهن، ۽ مصنف آکاڻيءَ جي وچ ۾ چپي چپي تي حقيقي عشق ۽ فقيريءَ جا راز بيان ڪندو ويو آهي. قصه هن طرح آهي ته، ”عربستان جي مڪہ شهر جي هڪڙي معزز سردار کي قيس نالي هڪڙو سڪيلڌو پٽ هو، جو اي ڪنهن استاد وٽ قران شريف جي تعليم پيو وٺندو هو. مصر ملڪ جو ڪو مسافر مڪي شريف ۾ آيو ۽ قيس سان ملاقات ڪندي ساڻس ليلى جي علمي شوق، سونهن سوڀيا ۽ خوش خلقي جو جوش جاڳائيندڙ ذڪر ڪيائين۔ قيس انهيءَ ذڪر سڻڻ ساڻ پرپٺ ليلى تي ڇڪن ٿي پيو ۽ چرين جهڙو حال ٿي پيس.

”ماڻهوءَ آيا مڪي جا مڙئي سي مڙي،

فرهي آهه فڪر جي ڪهڙ: قيس پڙهي،

قضا ڪم قادر جي پيس انگ اڙي.

چت چرئي جي ڳالهڙي ڪا جا آهه چڙهي،

ڪو چئي ديواني کي ديو پيو، ڪو چئي جن جسي؛

حقيقت هن حال جي ڪنهن کي ڪين ڏسي،

راسط سندي راز کي ٻيو تان ڪير رسي،

پاڻ منجهان نئي پاڻ ٿو پاڻيهي پاڻ پسي،

جت باه ٻري او جاءِ جلي خبر پاڙي پوي ڪئن؟

لڳي هوءِ ته ڪل پويئي نت وڃ لڳيان سئن.؟

آخر ماءُ سان ساري سچي حقيقت قيس ظاهر ڪئي ۽ مٽ مائٽ ڪڙم قبيلو ۽ وطن ڇڏي، مصر ڏي روانو ٿيو. گهڻين تڪليفن ۽ ڏکن ڏسڻ بعد مصر جي انهيءَ شهر ۾ اچي پهتو، جتي ليلى رهندي هئي.

ليلى قمر الدين جي ڌيءَ هئي، جو وڏ گهراڻو ۽ عزت وارو ماڻهو ۽ مڪتب ۾ ٻارن کي تعليم ڏيندو هو، جتي ليلى به ٻين شاگردن سان گڏ تعليم وٺندي هئي.

قيس به پڇا ڳاڇا ڪري قمر الدين جي مڪتب ۾ آيو ۽ پرديسي شاگرد ٿي اچي مڪتب ۾ داخل ٿيو. اتي قيس ۽ ليلى جي پاڻ ۾ ڏيٺ ٿي. محبت جو راز نياز ظاهر ٿيڻ لڳو.

مائٽن ليلى کي طرح طرح نموني سان سمجهاڻيون ڏنيون، پر ليلى انهن کي اهڙآ معقول جواب ڏنا، جو هو لاجواب ٿي پيا. آخر جڏهن ماڻس ٻين معزز خاندانن مان ڪنهن گهوٽ جي آڇ ڪيس، تڏهن ان کي چيائين ته جن معززن گهوٽن بابت تون چوين ٿي، ته مون لاءِ حيران آهن، تن ۽ منهنجي قيس جو امتحان وٺنداسون، جيڪو ان امتحان ۾ پاس ٿيندو، سو ئي منهنجو سچو طالبو سمجهبو. پوءِ ڇا ڪيائين جو سڍا نو سير قاتل زهر گهرائي ان جو طعام رڌي تيار ڪيائين. پوءِ ماءُ کي چيائين، ته هاڻي جيڪي معزز گهوٽ منهنجا طالبو آهن، تن کي گهراءِ، تهي هي طعام اچي کائن، انهن مان ڪنهن به ليلى ڪارڻ زهر کائڻ قبول نه ڪيو.

”خان آيا خوشيءَ مان ڪري خوب خيال،

ڏس و نڪ وهه جي وين نال پکال،

جڳه ۾ گهرون جيئن ٿا ذوق نه گهرون زوال،

مجني ڌاران محبتي ڪير وڃائي حال،

ڪڏي آيو قيس سو پرتئون پير ڀري،

عشق سندي آواز ۾ آيو هيٺ اري،

ههڙا ڪم قريب ري ٻيو تان ڪير ڪري؟

بي حد بحر اسرار ۾ تڪون ڏيون تري.

کائي ويو خوشيءَ سان خورم منجهان خال،

وڌي ڏي ورهه مان جاني جهجهو جال،

مصريءَ کان مٺو گهڻو، مان کان ايءَ مال،

طبع اهڙي طمام لئي مون سڪي ٿي سال.“

 قيس جنهن کي هاڻي مجنون (چريو) سڏيندا هئا، تنهن تي زهر جو ڪو به اثر ڪونه ٿيو. مائٽن کي جڏهن پڪ ٿي، ته نڪي ليلى قيس جي پچر ڇڏيندي ۽ نڪي مجنون ئي مڙندو، تڏهن مصر مان لڏي وڃڻ جو ٺهراءُ ڪيائون ۽ عراق ڏانهن روانا ٿيا.

مجنون به قافلي پٺيان روانو ٿيو ۽ ليلى جي محل (ڪجاوه) ۾ اکيون اڙايون پئي ويو. مائٽن کي پڪ هئي، ته مجنون مصر ۾ رهجي ويو ۽ قافلي کي پڄي نه سگهندو. پر هڪڙي ڏينهن رستي هلندي مجني کي ڏسي ورتائون ۽ پنهنجي ڌيءَ کي چيائون ته مجني کي منع ڪر ته قافلي پٺيان نه اچي. ليلى ڏاڍي لاچاريءَ سان مجني کي منع ڪئي.

ليلى وارو قافليو هليو ويو، ليلى مجني لاءِ رت روئيندي ويئي ۽ مجنون جنهن هنڌ ليلى جو چوڻ موجب بيهي رهيو اتيئي بيٺو رهيو. آرهڙ، سانوڻ ۽ سيارا گذري ويا ته به مجنون اتي جو اتي سڪو بنڊ بڻيو بيٺو رهيو. مٿانئس وليون ۽ گاهه وري ويا. قمر الدين عراق جي قدوس شهر ۾ وڃي رهاڪو ٿيو ۽ اتي وڃي مڪتب کوليائين. ليلى اتي حال کان بي حال گذريندي رهي. مٽ مائٽ هزارين نصيحتون ۽ دڙ دلاسا ڏيئي ٿڪا؛ مگر ليلى تي اثر ڪونه پيو.

ڪن ڏينهن کان پوءِ، سندس مائٽ وري مصر ۾ لڏي آيا، اتي ليلى پنهنجي پر ۾ پرينءَ جون پڇائون پي ڪيون پر ڪوئي پتو ڪونه ٿي پيس. هڪڙو ڪاٺئر جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪرڻ ويو، تنهن برپٽ ۾ بنڊ بيٺل ڏٺو. ڀانيائين ته اهو بنڊ ڦوڙي ٻه چار لڏون ڪاٺين جون منجهائس ڪريان. جهڙو بنڊ کي ڪهاڙي جو ڌڪ هنيائين، تهڙو آواز آيس:

”ماري مون مسڪين کي جڏي کي جانا،

ضايع زور زياده ڪيئي ظالم زيانا.“

ڪاٺئر اهو آواز ٻڌي ڇرڪ ڀري وڃي پري بيٺو. بنڊ کان سوال ڪيائين، ته تون ڪو جن آهين يا ديو آهين يا ڪير آهين؟

”چئي نڪي ديو آهيان، نڪي پري پريان،

اولاد حضرت آدم جو جڙيس منجهه جهان،

محبت ڪيو محبن جي مون کي پريشان،

جانب ويا جنهن جوءِ تي حاذق وريا نه هاڻ،

مون کي ڇڏي ڇپرين ڪل لڌائون ڪانه.“

ڪاٺئر کي ساري حال حقيقت معلوم ٿي ويئي، تنهن مصر ۾ اچي ليلى کي خبر ڏني. ليلى آڌيءَ رات جو پنهنجي نوڪرياڻي ساڻ ڪري اٺ تي چڙهي اچي بر ۾ بيٺل محبتيءَ وٽ حاضر ٿي. وليون ۽ گاهه پاسي ڪري مجني جو وجود ظاهر ڪيائين.

”تڏهن مرڪيو،مبارڪ منهن مان مجنون سو موچار،

ته مون ڪين وڃايو ولين منجهه ولهار،

ڏينهان ڇاڻءِ ڏيل کي راتيان ڦلن ڦهار،

لڌان ڪانه قريب مون ساجن سگهي سار.“

ليلى، مجني جي سچائي پسي اتيئي سندس قدمن تي ڪري ساه ڏنو ۽ مجنون به انالله و انا اليہ راجعون چئي اتي جو اتي پنهنجو روح، ليلى جي روح سان رلائي ڇڏيو:

نظم جو نمونو:

”مجنون ليلى“ وارو نظم اهڙو ئي نهايت پختو، رسيلو ۽ دلچسپ آهي، جهڙو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عليہ الرحمته جي ڪتاب زادالفقير ۾ ڪم آيل آهي.ل مصنف ٻن ٻن مصرعن يا چئن چئن مصرعن وارن ڏوهيڙن جي سلسلي سان سڄو ڪتاب وڃي پورو ڪيو آهي. قافيا به بلڪل پختا ۽ باقاعدي ڪم آندا اٿس، جن جا مثال مٿي ڪم آيل ڏوهيڙن مان روشن ٿيندا. خليفو عبدالله مرحوم اگرچه لاڙ جو ڄاول نپيل هو، ته به پنهنجي نظم ۾ ٻولي اهڙي پڪي ۽ پختي ڪم آندي اٿس، جو ائين ڪوئي ڪونه چئي سگهندو” ته اهو نظم ڪنهن لاڙ جي شاعر جو ٺاهيل آهي. جتي ليلى جي سونهن جي ”تعريف“ ڪري ٿو، اتي تشبيهون ۽ استعارا به خوف ڪم آندا اٿس، ن مان گهڻيون تڻيون تشبيهون ۽ استعارا نج سنڌي آهن.

مثال:

(1) ”مرگهه نيني، چاربدني، گنير چال پلت“

(2) پڙهي آهي موتين سان مورتون موچاري

لڏي لامن وچ ۾ ڪو ڏاڙهونءَ جي ٽاري.

بدن جي سڊولائي (هرڻ ڪکائي) ۽ اکين جي تشبيهه مرگهه (هرڻ) سان، هلڻ جي ٽور جي تشبيهه گنير (هاٿي) جي چال سان، هار سينگار ڪري.ڳڙهي ڳٽي ٿي پينگهن ۾ لڏڻ جي تشبيهه ڏاڙهونءَ جي ڳاڙهن گلن واري ٽاريءَ جي لڏڻ سان اهي نج سنڌي تشبيهون آهن.

(1) ”سامهان ’سيلهه‘ سرير کي لڳم منجهه هنيان.“

(2) ’وتڙ‘ مٿان اوتڙيون سونها ٿا منجهن،

ماهيت ۾ مهراڻ جي اونون ٿيو اجهن.

 

ميان محمد سرفراز ڪلهوڙو

هي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو فرزند هو ۽ ان کان پوءِ سنه 1772ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو هو ۽ ٽي ورهيه حڪومت هلائي هئائين.

ميان محمد سرفراز ٽالپرن جي پرئي مڙس مير بهرام خان کي پنهنجي وزير راڄي ليکي جي چور تي لڳي وچ درٻار ۾ شهيد ڪرايو. تنهنڪري ٽالپرن ۽ بلوچن ۾ ڏاڍو شور پيدا ٿيو. آخر سنه 1775ع ۾ ميان محمد سرفراز کي تخت تان لاهي، حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد رکيائون، جتي ان کي ۽ سندس ڀاءُ محمود خان ۽ پٽس مير محمد خان کي ۽ چاچس عطر خان کي ميان عبدالنبي بيگناهه قتل ڪرائي ڇڏيو. انهن چئن ئي شهيدن جون تربتون هڪڙئي قبي ۾ آهن.

مخدوم عبدالرؤف ڀٽي، بزرگ جنهن هجري سنه 1165ع برابر عيسوي نه 1751ع ۾ رضا ڪئي، تنهن اول اول سنڌي زبان ۾ موزون ڪلام (مولود) ٺاهيا هئا، مگر ان کا پوءِ سنڌي زبان ۾ موزون ڪلام چوڻ وارا ٻه شاعر ٿيا. هڪڙو سيد ثابت علي شاهه مرثيه گو ۽ ٻيو محمد سرفراز خان ڪلهوڙو.

سيد ثابت لي شاه ۽ ميان محمد سرفراز خان کي موزون ڪلام جي تعليم ڏيڻ وارو استاد ساڳيو هو، جو ٺٽهي جو مشهور شاعر ۽ عالم ميان محمد محسن جو فرزند ميان غلام علي هو، جنهن جو تخلص هو مداح (ساراهه ڪندڙ) سيد ثابت علي شاهه عمر ۾ وڏو هو ۽ ميان محمد سرفراز  خان اڃا ننڍو هو. مگر ٻنهي جي وچ ۾ تمام گهري دوستي هوندي هئي. ميان محمد سرفراز خان حافظ شيريزي عليہ رحمت جي غزلن جي تتبع تي پارسي غزل ٺاهيندو هو ۽ سيد ثابت علي شاه ۽ ٻيا هم صحبت وري ميان محمد سرفراز جي غزل جي تتبع تي پارسي غزل چوندا هئا.

سيد ثابت علي شاه ته پوءِ سنڌي مرثيا جام ٺاهيا، جن جو زڪر مٿي ڏنو ويو آهي، مگر محمد سرفراز خان جو سنڌي ۾ موزون ڪلام فقط هڪڙي مدح آهي، جو سنڌي ۾ مشهور آهي.

هي بيان مشهور آهي ته ميان محمد سرفراز خان جڏهن حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد هو، تڏهن ان نهايت سچي سوز سان اها مدح ٺاهي هئي.

اها ساري مدح بحر هزج مثمن مڪفوف محذوف تي ٺهيل آهي، جنهن جا ارڪان آهن. مفاعيل، مفاعيل، مفاعلي، فعولن،

اها مدح يڪ بيتو ترجيح بند آهي، جنهن ۾ هر هڪ بيت (ٻن مصرعن) کان پوءِ ساڳيو بند:

”ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون“ وريو وريو اچي ٿو.

ميان محمد سرفراز خان پارسي ڪلام ۾ به اهڙو قابل هو، جو سيد ثابت علي شاه جي لکڻ موجب سندس هم صحبت شاعر سندس ڪلام جي تتبع تي ئي پارسي ڪلام چوندا هئا، مگر سنڌي زبان ۾ سندس پهريون پهريون موزون ڪلام شايد اها مدح آهي. اها مدح ڳائڻ ۾ بلڪل سپڪ ۽ بي اٽڪ آهي.

آهيان ڏڏ – غمن گڏ- سڻج تون

پسي پاڻ – ڪرم ساڻ _ ڏکين ڏاڻ_ سڻج تون

هدايت_ حمايت_عنايت_ ڪرين تون

(ڀلا ڄام...)

امانت_سلامت_اچي لڪ_ لنگهايائون،

يڪسبون_ڪم زوبن_ ڪيم خون_ خضائون

مٽي ڏوه_ پنان نوه_ ڪريين بخش __ خطائون

(ڀلا ڄام..)

چارئي طرف تنهنجي شرف_ ڪيون روشن راهون

منجهان نور_ ٿيو معمور مڪو ملڪ_ مدينون

(ڀلا ڄام..)

سرفراز کي اداس_ آهي آس_ اوهان ڏون

ره رامڻ_ بند خلاص_ خوشي خاص_ ڏئين مون.

(ڀلا ڄام..)

ميان محمد سرفراز جي مٿين مدح جنهن نقطه نظر جي ڪري خاص طرح تعريف جي لائق آهي، سو هيءَ آهي، ته مدح جا ڪي بند صنعت ترصيع سان سينگاريل آهن، ۽ ساري مدح جي ڪا به مصرعن صنعت تشطير کان خالي نه آهي.

هن وقت تائين سنڌي زبان ۾ جيڪي موزون ڪلام موجود آهن، تن مان ڪنهن به ڪلام ۾ ايتري قدر صنعت ترصيع ۽ صنعت تشطير ڪم آيل نه آهي، جيتري قدر ميان محمد سرفراز خان جي مدح ۾ .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org