سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌ جي ادبي تاريخ

باب: --

صفحو :2 

 

عربي سنڌي صورتخطي

ڪابه ٻولي تيستائين بلڪل ناقص ليکبي آهي، جيستائين ان ٻوليءَ لاءِ ڪا مقرر صورتخطي نه هوندي آهي. انسان پنهنجا خيال لکڻ جي رستي ٻئي جي اڳيان پيش ڪري سگهي، تنهن لاءِ ٻوليءَ جي مقرر صورتخطي جو هئڻ ضروري آهي. صورتخطي به اهڙي هئن گهرجي، جنهن جي وسيلي ٻوليءَ جا سڀ آواز جدا جدا نشانين سان معلوم ٿي سگهن ۽ ٻوليءَ جو هر هڪ لفط لکيل صورت م، پنهنجي اصليت ڏيکاري سگهي.

سنڌ ۾ عربن جي اچڻ کان اڳ، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ ديوناگري (شاستري) يا سنسڪرت يا هندو سنڌي اکرن ۾ لکندا هئا. پر عربن جي اچڻ ڪري عربي ٻوليءَ جا لفظ گهڻي انداز ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ گڏجي مسجي ويا، تن لفظن جي صهيح صورت ڏيکارڻ لاءِ ديوناگري (شاستري) سنسڪرت يا هندو سنڌي صورتخطي بلڪل اڻپوري هئي، سو هن ڪري، جو عربي ٻوليءَ جا ڪيترائي آواز سنڌ جي قديم ٻوليءَ ۾ موجود ئي ڪين هئا، تنهن ڪري اهڙن آوازن وارن لفطن جي صهيح صورت به سنسڪرت يا ديوناگري وغيره صورتخطي ۾ قائم رهي نه ٿي سگهي. مثلا: حفاظت، حضرت، غريب، زيارت، فضيلت وغيره لفط سنسڪرت، ديوناگري يا هندو سنڌي صورتخطي ۾ ٿين ٿا هفاجت، هجرت، گريب، جيارت، ڦجيلت وغيره. انهن  سببن ڪري عربن پنهنجي صورتخطي قائم رکي ۽ دفتر جا سڀ ڪم ڪار به عربي ٻوليءَ ۾ ٿيڻ لڳا ۽ ماڻهن کي تعليم به عربي ٻوليءَ ۾ ملڻ لڳي. سنڌ جا مسلمان اول عربي ٻوليءَ ۾ پوءِ پارسي ۾ جڏهن ماهر ٿيا ۽ پنهنجي وطني ٻوليءَ (سنڌي) ۾ پنهنجا شعر يا نثر لکڻ جا خواهان ٿيا، تڏهن انهن کي به وڏي مشڪلات  پيش آئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا آواز آهن، جي عربي يا پارسي ٻوليءَ ۾ آهن ئي ڪين، نڪي عرب ۽ ايراني ماڻهو، انهن نج سنڌي آوازن کي پنهنجي واتان صحيح طرح ڪڍي سگهندا آهن. مثلاً: ڪراچي، ٺٽو، ڇوڪر، کنڊ، ڍور، گهوڙو وغيره. اهي لفظ جيڪڏهن ڪنهن عرب کان چوائبا ته چوندو: ڪراصي، تتو، شوڪر، قدن، دور، غورو وغيره.

سنڌ جا پڙهيل ماڻهو، نج سنڌي آواز درست طرح واتئون ڪڍي سگهيا ٿي، مگر انهن آوازن کي لکڻ ۾ آڻڻ لاءِ انهن وٽ ڪي به صورتون مقرر ڪين هيون. نج سنڌي آواز هي آهن: ٻ، ڀ، ٿ، ٽ، ٺ، ڦ، ڄ، جهه، ڃ، ڇ، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ر، ک، ڳ، گهه، ڱ، ڻ. شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي زماني (عيسوي سترهين صدي) کان وٺي سنه 1854ع تائين ٻن سو ورهين جي اندر ڪيترائي ڪتاب (خاص ڪري شعر ۾ لکيل) سنڌي ٻوليءَ ۾ تيار ٿي چڪا، جن مان ڪي اڄ تائين دستخط لکيل ۽ ڪي ڇاپيل موجود آهن، خاص سنڌي صورتخطيءَ جي مقرر نه هئڻ ڪري انهن ڪتابن ۾ مصنفن مٿين نج سنڌي آوازن جون صورتون، پنهنجي خيال موجب علحديون علحديون لکيون آهن. نه رڳو ايترو بلڪ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر نه هئڻ ڪري لفظن جون ملاوتون به سڀ ڪنهن مصنف پنهنجي پنهنجي خيال تي لکيون آهن.

مثلا:

منجيا صدق دل جي س ملڪ مڙيئي،

کوري آنڱريون جيني پير جون قبلي منہ ڪجاه.

(سنڌي مخدوم ضياءُ الدين)

اڄوڪي سنڌي صورتخطي ۾ جيڪر اهي سٽون هن طرح لکجن:

موڙهن واٽون لڌيون پسي کي پريان.

ماڻهو، مرون، پکڻ پري ملڪ مت سڄاڻ.

مٿي جيڪي جهوني سنڌي صورتخطي جا نمونا ڏيکاريا ويا آهن، تن ۾ ٻولي سنڌي ۽ صورتخطي عربي ڪم آندي ويئي آهي، انهيءَ ڪري قرآن شيف پڙهڻ کان پوءِ مسلمان ٻار اها جهوني سنڌي صورتخطي تمام گهڻي سولائيءَ سان پڙهي سگهندا هئا. جيتوڻيڪ نج سنڌي آوازن کي لکڻ لاءِ ڪا مقرر صورتخطي ڪا نه هئي ته به جهڙي نموني ۾ اهي نج سنڌي آواز لکيا ويندا هئا، تهڙي نموني ۾ نڪي لفظ جي معنى ڦريو سگهندي هئي ۽ نه اصليت گم ٿيو ويندي هئي. اڄ تائين به جهوني زماني جا مولوي ملان ٿوري ڦير گهير بعد اها ئي جهوني سنڌي صورتخطي ڪم آڻيندا آهن. جن ماڻهن جو پارسيءَ سان گهڻو واهپو هوندو هو، سي وري سنڌي ٻوليءَ جو نظم يا نثر پارسي صورتخطي ۾ لکندا هئا. اهي به نج سنڌي آواز علحده علحده صورتن ۾ لکندا هئا. سنڌ جا امير ماڻهو سنڌي مرثيا ۽ ٻيا سنڌي نظم گهڻو ڪري پارسي صورتخطي ۾ لکارائيندا هئا. اهڙي نموني جا بياض اڄ به سون جي انداز ۾ مسلمان خاندانن وٽ موجود آهن. انهيءَ صورتخطيءَ جو نمونو هيءُ آهي:

(1) ساتهه ري سردار قيدي، کربلا مظلوم جا،

سر کهليا ماتام کندا،جڏهن شام ڏي رئندا هليا،

تهي پچهيو جهه کهه، که بيوات آهن کهه سندا،

ان تهي چو، آهيون مديني جا مسافر مبتلا.

(دستخط مرثيه ثابت علي شاهه)

اڄوڪوي سنڌي صورتخطيءَ ۾ مٿين عبارت جيڪر هيئن لکجي:

ساٿ ري سردار قيدي، ڪربلا مطلوم جا،

سر کليا ماتم ڪندا، جڏهن شام ڏي رئندا هليا،

ٿي پڇيو جنهن ڪنهن،ڪ هي بي وارث آهن ڪنهن سندا،

ان ٿي چيو، آهيون مديني جا مسافر مبتلا.

عربي صورتخطي ۾ لکيل سنڌيءَ کان پارسي صورتخطي ۾ لکيل سنڌي، پڙهڻ ۾ تمام گهڻي ڏکي هئي. انگريز سرڪار جي حڪومت کان اڳ گهڻي وقت لاڪر وقت جي حاڪمن وٽ سموري لکپڙهه پارسي ۾ هلندي هئي، تنهن ڪري انهن حاڪمن خاص سنڌي صورتخطي مقرر ڪرڻ جي ڪجهه ضرورت ڪانه ڄاتي. انهيءَ ڪري مسلمان پڙهيل ماڻهو، پنهنجي سنڌي ٻوليءَ وارا خيال مٿين نموني سان پيا لکندا ۽ ظاهر ڪندا هئا ۽ سنسڪرت، ديوناگري ۾ هندو سنڌي صورتخطي ڪم آڻيندر، پنهنجي سنڌي ٻولي لکندي عربي ۽ پارسي لفظن جون بگڙيل ۽ اڻ پوريون صورتون پيا ڪم آڻيندا هئا. سنڌ ۾ انگريز سرڪار جي حڪومت شروع ٿيڻ کان پوءِ به سرڪاري لکپڙه پارسيءَ ۾ پيئي هلندي هئي، اٺن ورهين کان پوءِ سنه 1851ع ۾ سربارٽل يوروپي عملدارن کي حڪم ڏنو ته سنڌي ٻولي سکو ۽ ان ۾ امتحان پاس ڪريو، ته اوهين ديسي ماڻهن کان حال احوال به وٺي سگهو.

يوروپي عملدار، سنڌي ٻولي سکڻ لاءِ تيار ٿيا، پر سنڌي ٻولي جي ڪا به خاص مقرر ٿيل صورتخطي ڪانه هئي، نڪو اسلامي لٽريچر کان سواءِ ٻيو ڪو لٽريچر ئي موجود هو. ان وقت جي يوروپي عملدارن ۾ ڪي عربي پارسي ۽ سنسڪرت جا ماهر هئا. انهن مان ڪي جهونا نطم هٿ ڪرڻ ۾ لڳا، ته ڪي سنڌي گرامر ٺاهڻ ۾، ڪي سنڌي ڊڪشنري ٺاهڻ ۾ مشغول ٿيا ته ڪي ترجمن ڪرڻ ۾. ٽرمپ صاحب شاه جو رسالو هٿ ڪري گورنمينٽ آف انڊيا جي خرچ سان جرمنيءَ جي ليپزگ شهر ۾ ڇاپائي سنڌ ۾ آندو. پر ان وقت سنڌي ٻوليءَ جي نج آوازن ڏيکارڻ لاءِ ڪي مقرر ٿيل صورتون نه هيون، تنهن ڪري ٽرمپ صاحب واري رسالي ۾ انهن لاءِ اهڙيون نراليون ۽ عجيب جڙتو صورتون ڪم آنديون ويون آهن، جو اڄڪلهه جا سنڌي دان ٽرمپ صاحب جي رسالي جي عبارت پڙهي به نه ٿا سگهن.

مثال:

پانهين سبحاني پان، پان کر پان لهي.

سر ڊهونڊيان دهڙ نه لهان، دهڙ ڊهونڊيان سر ناه.

مون ابيتهي هيليا، بندر جي تڙن.

اڄوڪي سنڌي صورتخطي ۾ جيڪر مٿين عبارت هن طرح لکجي:

پاڻهي سڃاڻي پاڻ، پاڻ ڪر پاڻ لهي.

سر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر ناه.

مون ابيٺي هليا، بندر جي تڙن.

 ان وقت سربارٽر فريئر صاحب کي مٿان حڪم آيو ته جيئن ٻين ملڪن ۾ سرڪاري لپڙه اتي جي ديسي ٻولين ۾ هلي ٿي، تيئن آئنده سنڌ ۾ به سرڪاري دفتر سنڌي ٻوليءَ ۾ هلڻ گهرجي، پر جنهن صورت ۾ اڳ ڪا به اهڙي سنڌي آئيويٽا (الف بي) مقرر ٿيل ڪانه هئي، جهنهن جي وسيلي سنڌي ٻوليءَ جا نج آواز به ڪنهن خاص مقرر ٿيل صورت ۾ ڪم اچن، تنهن صورت ۾ سربارٽر فريئر صاحب سنه 1853ع ۾ پنهنجي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس صاحب (جنهن جي هٿ ۾ تعليم کاتي جون واڳون هيون) جي زير صدارت هڪڙي پڙهيلن ماڻهن جي ڪميتي مقرر ڪئي، جنهن جا هيٺيان ميمبر هئا:

(1) راءِ بهادر نارائڻ نگنناٿ، جنهن جي نالي ڪراچي هاءِ اسڪول ٿو سڏجي، (2) ديوان ننديرام ميراڻي سيوهاڻي (3)  ديوان پرڀداس انندرام رامچنداڻي حيدرآباد، (4) ديوان اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي حيدرآبادي، (5) خانبهادر مرزا صادق علي بيگ مرحوم حيدرآبادي، (6) ميان محمد (پوءِ نارمل اسڪول جو ماستر) (7) قاضي غلام علي ٺٽي جو ويٺل ۽ (8) ميان غلام حسين ٺٽي جو ويٺل.

سنڌي صورتخطي مقرر ٿيڻ تي گهڻو بحث هليو. ڪنهن زور ڀريو، ته اهڙي آئيويٽا ٺاهجي، جنهن ڪري ا ۽ ع جي بدران يڪو حرف ڪم اچي. اهڙي طرح ت ۽ ط، ث، س ۽ ص، ح ۽ هه، ز ۽ ذ، ض ۽ ظ، ڪ ۽ ق جي بدران يڪو آواز پيدا ڪندڙ اکر مقرر ڪجن. باقي جيڪي نج سنڌي اواز آهن، تن جي لاءِ نشانيون مقرر ڪجن. اهڙي زور ڀريندڙن جي راءِ هيٺين سببن ڪري رد ڪئي ويئي:

[1] سنڌي ٻولي اڳيئي عربي صورتخطي ۾ لکڻ ۾ پيئي اچي. تنهن ڪري باقي فقط نج سنڌي آواز ڏيکاريندڙ حرفن لاءِ صورتون مقرر ڪجن.

[2] سنڌي ٻوليءَ ۾ فارسي لفظ گڏجي ويا آهن. جيڪڏهن عربي حرفن جون صورتون مٽائي ڇڏبيون. ته پوءِ لفظن جي صحيح معنى ۽ اصليت بلڪل گم ٿي ويندي. عربي ۽ پارسي حرفن کي اصلوڪي صورت ۾ قائم رکڻ ڪري اهڙي مونجهه پيدا نه ٿيندي. ڇاڪاڻ ته عربي ۽ پارسي ٻولين جون نهايت عمديون ڊڪشنريون (لغاتون) موجود آهن.

[3] مسلمانن جا ٻار هينئر پنهنجا عربي حرفن گڏيل نالا درست ۽ بامعنى لکي سگهن ٿا. جيڪڏهن سنڌي آئيويٽا مان عربي لفظ ڪڍي ڇڏبا ته به مسلمان پنهنجو لاڳاپو عربي ۽ پارسيءَ سان ڇڏي ڪين سگهندا. پوءِ مشڪلات هيءَ پيدا ٿيندي، جو مثلاً هڪڙي ڇوڪر جو نالو آهي ”محفوظ علي“ هاڻيجيڪڏهن سنڌي آئيويٽا مان عربي حرفنجون صورتون ڪڍي ڇڏبيون ته پوءِ ان ڇوڪر کي سڪول ۾ پنهنجو نالو (مثال خاطر) ”مهفوزالي“  سيکاريندا، پر ان جا مائٽ ڪڏهن ڪين پسند ڪندا، ته هڪرو بامعنى ۽ درست نالو بلڪل بي معنى ۽ غلط صورت ۾ ٻار کي سکڻ ڏين.

[4] سترهين صديءَ جي وچ کان وٺي هن وقت تائين مسلمانن عربي صورتخطيءَ ۾ پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جو تمام چڱو لٽريچر موجود ڪيو آهي. جيڪڏهن هاڻي سنڌي ٻوليءَ جي آئيويٽا مان عربي حرفن جون صورتون ڪڍي ڇڏبيون، ته اهو ٻن اڍائين سون ورهين جو لٽريچر مسلم انن جي آئيندي نسل لاءِ بلڪل بيڪار ٿي پوندو.

[5] ايشيا جي وڏين وڏين حڪومتن، مصر ۽ زنجيبار وغيره هنڌن يا انهن سان مشابهت رکندر آهي، تنهن ڪري سنڌي صورتخطي به عربي نموني تي قائم رکڻ گهرجي.

سربارٽل فريئر صاحب انهيءَ بحث مباحثي ٻڌڻ ۾ فيصلي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ايلس صاحب سان ٻيا به ٻه چار يوروپي عالم عملدار همراه ڪيا. آخر سڀني يڪراءِ سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي صورتخطي قائم رکي ۽ نج سنڌي آوازن ڏيکارڻ لاءِ نوان حرف مقرر ڪيائون.

انهيءَ ڪميٽي سنڌي ٻوليءَ لاءِ اها ئي آئيويٽا مقرر ڪئي، جا اڄ تائين قائم آهي. عربي آئيويٽا ۾ اٺاويهه اکر هئا:- ا ب ت ث ج ح خ د ذ ر ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ل م و هه ي.

اشارو- ء (همزو ۽ لا کي جدا جدا حرف نٿو ڳڻيو وڃي، ڇاڪاڻ جو ء هڪڙي صورت آهي الف جي ۽ لا ملاوت آهي ل ۽ ا جي.

انهن اٺاويهن حرفن ۾ ٽي حرف وري پارسي صورتخطي جا شامل ٿيا: (1) پ (2) چ (3) ک. ويهه حرف نج سنڌي آوازن ڏيکارڻ وارا شامل ڪيائون ته  هاڻوڪي عربي سنڌي آئيويٽا هن طرح اچي بيٺي:

ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ڦ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ک گ ڳ گهه گ ل م ن ڻ و هه ء ي.

سنه 1854ع کان وٺي سنڌي نظم ۽ نثر جا ڪتاب انهيءَ آئيويٽا ۾ لکجڻ لڳا. مگر سنڌي لفظن جي نحوي ملاوتن ۽ صورتن بابت ڪوبه فيصلو ڪونه ٿيو هو. تنهنڪري جيتوڻيڪ آئيويٽا نئين ڪم ۾ اچڻ لڳي پر لفظن جي گڏيل آوازن ۽ نحوي ملاوتن لکڻ لاءِ سڀڪو پنهنجي سر اختيار وارو هو. خود تعليم کاتي جي اوائلي ڪتابن ۾ جدا جدا نمونن سان لفظن جون ملاوتون لکڻ ۾ اينديون هيون. مثلاً:

ڪيڏهن کي ڪيڏهه، ڪيڏهن، ڪيڏانهه پيا لکندا هئا.

جنهن کي جنهه، جنهن پيا لکندا هئا.

اسين کي اس.

مون کي من.

چڱيون کي چڱيءَ وغيره وغيره.

جڏهن  سنه 1888ع ۾ جيڪب صاحب سنڌ جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ٿي آيو؛ تڏهن ان صاحب جهڙو سڪول جي تعليم يک سڌاريو ۽ وڌايو، تهرو عربي سنڌي صورتخطي کي سڌاريائين. هن صاهب وڏا نقشا تيار ڪريا، جن ۾ جيڪي جيڪي سنڌي لفظ جدا جدا صورتن ۾ لکڻ ۾ ڪم ايندا هئا، سي سڀ داخل ڪرائي، انهن جون پڪيون صورتون مقرر ڪيائين، جي اڄ تائين سنڌي نثر يا نظم جي ڪتابن ۾ ڪم پيون اچن. جيڪب صاحب اهي درست لفطن وارا نقشا پنهنجي صحيح سان ڇاپائي وڏين دفتين تي چنبڙائي، سنڌ جي هر هڪ اسڪول ۾ موڪلي ڏنا هئا. اهڙي طرح بيهڪ جي نشانين بابت جدا جدا نقشا ڇاپارائي سڪولن ۾ رکارايائين. جيڪب صاحب واري سڌاريل صورتخطي ۾ اڃا به علم دوستن کي ڪي خاميون نظر آيون مثلاً: فعلي صورتون يا ٻين ڪن لفظن ۾ ٻه زيرون ۽ ٻه پيشون ڪم پييون اينديون هيون، جيئن ته: ڪياءِ، چياءِ، جيستاءِ وغيره. اهڙيءَ طرح ڪن لفطن جون صورتون اڃا به جدا جدا پييون ليکبيون هيون: مثلاً: ڪرف، ڪفل، ڪلف، ڪئنچي قئنچي، چاڪ (تندرست(، چاق، چاڪو؛ چاقو؛ وغيره.

تنهنڪري سنه 1915ع ۾ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب بهادر سنڌ جي زير صدارت حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهيلن ماڻهن جي ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن ۾ خاص طرح ڪم ڪندڙ خان بهادر مرزا قليچ بيگ صاحب مرحوم هو. انهيءَ ڪميٽي لفظن جي هڪ وڏي ياداشت تيار ڪئي، جي جدا جدا نموني ۾ يا غلط نمونن ۾ لکبا هئا. انهن لفظن جون درست صورت واريون يادداشتون اخبار تعليم ماه مئي سنه 1915ع ۽ جون سنه 1915ع ۾ ڇاپايون ويون هيون.

 

اوائلي سنڌي شعر

هي ڳالهه پڌري اهي ته سڀڪنهن ملڪ جو لٽريچر يا علم ادب شعر سان شروع ٿيل آهي ۽ اهو شعر به سادو ۽ قصي جي نموني ۾ هوندو هو، جنهن کي انگريزي ۾ بئلد (Ballad)  ڪري سڏيندا آهن. انهيءَ جو سبب هي آهي جو شعر ۾ ڏنل مضمون وڻندر ۽ ياد ڪرڻ ۾ به سولو به لڳندو آهي. دنيا ۾ اهڙو ڪو به ملڪ يا قوم ڪانهي جنهن کي ڌڻي سڳوري ٻين قدرتي بخششن سان گڏ شاعر نه بخشيو هجي. عربن کان اڳ به سنڌ ۾ ضرور ڪي شاعر ٿي گذريا هوندا. مگر ارمان آهي ته انهن جو ڪو به تحفو قديم سنڌ جي ماڻهن سنڀالي نه رکيو. عربن جي زماني کان، ۽ ڪي شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي وقت تائين، سادي سنڌي شعر ٺاهڻ وارا ڪئين شاعر ٿيا هوندا پر انهن جا ڪلام ڪتابي صورت ۾ نه آيا.جيڪڏهن انهيءَ عرصي ۾ سادي سنڌي شعر ٺاهڻ وارا شاعر سنڌ ۾ موجود نه هجن ها ته سومرن ۽ سمن جي زماني واريون خواه پوءِ جون تاريخي ڳالهيون جهنگلي نموني واري شعر ۾ محفوظ رهي ڪين سگهن ها. سنڌ جا حاڪم سومرا ۽ سما، صفا سنڌي بڻجي ويا هئا. انهن حاڪمن ۽ اميرن جي ڪچهري ۾ ڀٽ ۽ ڀان فقير سادي سنڌي شعر ۾ جهونيون تاريخي ڳالهيون ۽ نقل نظير ڳائيندا هئا ۽ انعام حاصل ڪندا هئا. اهو دستور اڄ تائين به سنڌ ۾ ڪن هنڌن هليو اچي. دودي چنيسر وارو تاريخي قصو، سنڌ ۾ مشهور آهي. ڀٽ فقير اهو قصو ڪجهه نثر ۽ نظم (بيتن) ۾ رات جو مجلس ۾ آلاپ سان چوندا هئا. قصو به عجيب قسم جو آهي. منجهس عشق جا جذبا به آهن ۽ لڙائي ۽ بهادريءَ جو جوش به آهي. مون کي يادگيري آهي ته اسان جي اوطاق ۾ والد مرحوم وٽ اهڙيون مجلسون ٿينديون هيون، جتي ڀٽ فقير اهي قصا ۽ ڪهاڻيون چوندا هئا ۽ دل کي ريجهائيندا هئا. دودي چنيسر جي قصي ۾ جيڪي بيت چوندا هئا. سي قديم زماني جا آهن. مختصر قصو بيان ڪجي ٿو ۽ ڪي اڳوڻا بيت به ڏجن ٿا.

1051عيسويءَ کان 1351ع تائين سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت هوندي هئي. 1312عيسويءَ ۾ سنڌ جو حاڪم ’ڀونگر‘ سومرو هوندو هو. ڀونگر شڪار جي سانگي هڪ ڏينهن روپاه نالي شهر مان ٿي لنگهيو، ته ڪنهن ماڙيءَ تي هڪ حسين جوان نينگريءَ تي وڃي نظر پيس، جنهن سان نيٺ سندس شادي ٿي. ان مان هڪ پٽ ڄائس، جنهن جو نالو رکيائين چنيسر، ڏاڏي پوٽي زال مان اڳيئي ٻاگهي نالي ڌيءَ هيس ۽ وري هينئر دودي نالي پٽ ڄائس، اڄ ننڍا ۽ سڀاڻي وڏا، نيٺ دودو ۽ چنيسر سامائجي مڙس ٿيا.

بيت:- ”هونگڙيون ڏين پيرڙا کڻن.

سڀ جڳ جا ٻارڙا پهريائين ائين ڪن.“

دودو پرڻيو سومرن مان ۽ چنيسر ڌارين مان، چنيسر جي ماءُ هئي ڌاري تنهن کي اچي هرک ٿي ته متان سومرا منهنجي وياءَ کي ڀونگر کان پوءِ مٿي تي ٿڙا ڏين، تنهن ڪري پوتي تاني اونڌي منجي ڪري سمهي پيئي، ڀونگر بادشاهه اهو حال ڏسي راڻيءَ کان سبب پڇيو، جنهن حال اوريو. ڀونگر هن کي دلاسو ڏنو ۽ چنيسر جو پٽ ’ننگر‘ سان دودي جي ڌيءُ ’ڪويل‘ جو منڱڻو ڪرايائين. جلد ئي ڀونگر چالاڻو ڪيو ۽ اچي پڳ تان تڪرار ٿيو. ڪي چون ته چنيسر جو حق آهي. جهيڙي کي ٽارڻ لاءِ ٻارڻ نالي وزير چيو ته تخت تي حق آهي ٻاگهيءَ جو، پوءِ جنهن کي وڻيس انهي کي ڏئي. ٻاگهيءَ چوائي موڪليو ته راڄ ڏيو چنيسر کي جو وڏو آهي. تڏهن سومرن، سردارن، چنيسر کي گهرائي چيو ته:

”ويهه پڄاڻان پيءُ جي آءُ چنيسر آءُ،

ڀاڳ سڻائو تنهنجو توکي ڄڻيو ماءُ“

تڏهين چنيسر وراڻي ڏني:

“ائين سعيو ڪريو سپاه جو ته گهمي اچان گهران.

وڏي جا ورهن جي پڇي اچان تنهن ماءُ“

پوءِ چنيسر هليو ماءُ کان پڇڻ، پٺيان سڀ ماڻهو ڦري ويا، چيائون ته هي زنانون آهي ۽ ڪهڙا ڦاڙها ماريندو، تخت جي لائق نه آهي. چنيسر وڃي ماءُ کي پيرين پيو ۽ ٻڌايائينس ته تخت ٿو ملي سو ماڻيان؟ ماڻس چيو ته وڃي راڄ ڌڻي ٿي. ايتري ۾ دودو چونڊجي ويو ۽ بادشاه ٿيو. چنيسر وڃي ماءُ کي حال ڏنو جنهن تي ماڻس چيو ته:-

”مون ڄڻيو مان ئي پٽ ڪري،پر ٿي پئين تون ڌيءَ،

ويهي آتڻ وچ ۾، پانڌيون ڪتج ٽيهه.“

چنيسر کي جوڻس به طعنو هنيو ته،

”چاچي چڱيا چئي مڙس منهنجي کي،

من ويهي آتڻ وچ ۾ پانڌيون ڪتي ڏي،

هو گهر ۾ڪم ڪري، ڇا ڄاڻي راڄ مان.“

چنيسر کي مهڻن ماري ڇڏيو، تنهن قسم کنيو ته دودي کان وير ضرور وٺندس، تنهن تي ماڻس کي پيٽ ۾ ساه پيو ۽ چيائين ته:

”ٺوڪ ته لڳي انبرين ڦوڪ ته لڳي واءُ،

متان ٻنهي ڳالهين هٿ نه اچيئي ڪا.“

چنيسر دودي کي چوائي موڪليو ته ادا حق مون کي ڏي، نه ته دهليءَ جي شهنشاه علاؤالدين کي ڪتڪ سوڌو وٺي ايندوسانءِ ۽ ملڪ ۾ ماڌاڻو وجهي ڏيندو سان. دودي وزير سان صلاح ڪئي پر ڪنهن به راءِ نه ڏني ته ڪو تخت چنيسر کي ڏجي.

”پي پڄاڻان پاڳڙي، دودا ڀانءِ م راند،

راڄ نه ڏجن مڱيا، مڱيا ڏجن ڏاند،

پائي ڳچيءَ پانڌ، دودل تن مڃايو.“

چنيسر ويو علاؤالدين وٽ دانهين ۽ ڪوڙيون سچيون ڳالهيون ٻڌائي علاؤالدين جا ڪن ڀريائين. سڱن جون لالچون ڏيئي علاؤالدين کي سنڌ تي ڪاهه جا سانبها ڪرايائين.

”پيءُ مرندي ڇڏيون تو سانو ڄڻي،

مون تي آنديون توليءَ سي دودي جهليون،

مون ته اچي تو سليون،هاڻي جيڪا رضا راءِ جي.“

علاؤالدين تپي باهه ٿي ويو ۽ چيائين ته دودو ڪهڙي شيءِ اهي جو ائين ٿو ڪري. گهوڙي کي جولان ڏيئي وڏي ڪٽڪ سان اچي سنڌ کي رسيو. دودو ڊڄي ويو ۽ پنهنجي ناٺيءَ، چنيسر جي پٽ ننگر کي علاؤالدين وٽ ڏياري موڪليائين ته وڃي شهنشاه کي ميڙ منٿ ڪر ته ٽري وڃي، ننگر اچي علاؤالدين جي اڳيان پيش پيو ۽ شهنشاه معافي ڏني، پر چنيسر شهنشاه کي ڦوڪ ڏني ته ٻاگهيءَ جو سڱ گهر. علاؤالدين به چنيسر جو چيو ڪري ننگر کان ٻاگهيءَ جو سڱ گهريو.

”ڀائر پرچو پاڻ ۾ ٻاگهي ڏيو مون،

سڀ پهريان سومرا ۽ جهجي ڏيان ڀون،

هاڻي وهلو وڃي تون، سعيو ڪر سڱ جو.“

ننگر سنڱ جو ڏنو جواب ۽ چيائين ته سومرا ڌارين م سڱ نه ڏيندا آهن ۽ جيڪو سڱ گهري سو لڙاين جي هيٺ اچي. علاؤ الدين تپي ويو پوءِ ته اچي لڳي جنگ.

”ننگر، مغل پاڻ ۾ چڙهي ڏني چوٽ،

ڀڃي ڇٽ ڇيهون ڪري گهڻا ماريائون گهوت،

بنا ڀر ۽ اوٽ، ننگر ماريو ماڳ ۾.“

ننگر جي لاش محلات ۾ کڻي آيا جتي سندس سڱ ڪويل ساٺن سوڻن سان حق بخشيو.

آڻي ٽارو کوڙيو ٽاري ٽنور لڏن،

مڙي ڏاڏي پوٽي ننگر ساٺ ڪجن.

علاو الدين پنهنجو سردار نادر نالي دودي ڏانهن ڏياري موڪليو ته يا اعلان جنگ جي چٽي ڀر. دودي جي وزير ”حيدر“ هالاني چيو ته جنگ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو علاج ڪونهي.

”حيدر هالاڻي چيو ته اڳ نه پيئي پاڻ،

پيڙا وڏي ڀاءُ جي گهر ويٺي ئي سہ،

چليءَ چليءَ آڻي جئن راڻي ري م رءُ

اسان علاوالدين پاڻ ۾ ٿيندو ترارين تئه.“

دودي جو يار ”هاسو“ سوڍو عمرڪوٽ مان ست ويهون سوڍن جون مدد لاءِ وٺي آيو ۽ ڏاڍي مڙسيءَ سان ”نادر“ سان وڙهيو ۽ ٻئي ميدان ۾ مارجي ويا. دودي کي نيٺ پنهنجي سر جنگ ڪرڻي پيئي ۽ پنهنجون لڄون هڪ پير مرد سومري ”پاڳ“ نالي هٿان ”ابڙي“ ڏانهن ڏياري موڪليائين.

”ابڙائي جا ابڙا، توکي دودي ڏنا سلام،

وڙهان ويرن سامهون، جي تون سرن جهلين سام.“

ابڙي جواب ڏنو ته ”سر وڃي، پر سام نه ڇڏيندس.“

تنهن تي سڀيئي سومريون ڏولين ۾ چرهي اچي ابڙي جي سام پييون.

”ساه ڏنم سومري جا، آئي منهنجي سام،

آءُ پڻ ڏيندس لام، تنهن ئي کي جهدمون.“

دودي کي چوائي موڪليائين ته مڙس ٿي وڙهج متان سنڌ کي لڄي ڪرين.

دودي پڙ گهڙايو پنج سؤ جريبن،

ڪهاڙا ڪوڏاريا کاهي خوب کڻن،

وڃيو ائين چون، اڳيون علاؤالدين کي.

جنگ اهڙي، جهڙي سنڌ ۾ ڪڏهن ڪا نه ٿي.

واچوڙي جئن وچڙي گيوڙ گوڙ ڪيا،

ڏهه لک ڏهن اڳرا ماري حلق وڌا،

سوره سڀ ٿيا، ويري سڀ وڇوڙي ويا.

دودي جي گجگوڙ شينهن جهڙي هئي ۽ جنگ جو ميدان پي لرزيو پر آخر مغلن جو لشڪر سنڌين تي غالب پئجي ويو ۽ دودو مارجي ويو.علاؤالدين چنيسر کان ٻاگهي جي ٻانهن گهري ۽ چنيسر ويو روپا شهر ۾ ڏسي ته شهر  ۾ ڪو راڪاس گهمي ويو آهي. محلات اجڙي پيو آهي. راڻيون ٺهن ئي ڪين. نيٺ خبر پيس  ته سومرن پنهنجون لڄون ڪڍي ابڙي ڏانهن موڪليون آهن. علاؤالدين ابڙي ڏانهن لکيو ته سومريون اسان جي ڏني ڪري ته توکي ماٿيلي ۽ ملتان جا پرڳڻا ڏيان. تنهن تي ابڙي انڪار ڪئي.

ماٿيلو ملتان نه نيڀائو ڀانيان،

توکي ڏيندي سومري آءٌ لڄ مران،

جي جيئري آئون مران ته ڪر لڄايان پانهنجو،

”راڻي راءُ نه ڏي وڃي چئو سلطان کي،

سمون سر مٿي جهلي بيٺو جهڳڙو.“

ابڙي پنهنجو پٽ ”ممٽ“ نالي جنگ جي ميدان ۾ ڏياري موڪليو. ممٽ جهرو هو سهڻو جوان اهڙو هو جنگي جوڌو. اهڙي جوش سان ورهيو جو رت جون نديون وهي هليون.

تون پاڻ ترڪ ترار هوڏانهن مانجهي ممٽ پٽ اهڙي،

جيئن ڳاهجي ڳاهه ۾ ڪافي ڪڻڪون ڌار،

وڃي آرون پار، خون خنجر ان جو.

علاؤالدين ڏاڍو اچي ششدر ٿيو ۽ چيائين ته آهي ڪو جوان جو وڃي ممٽ سان مقابلو ڪري؟ پنهنجي ترار درٻار ۾ رکيائون ته جيڪو هي ترار کڻي ممٽ سان مقابلو ڪندو، سو مانجهي مڙس آهي.

”تيرهن ڏينهن ترار پيئي رهي پڙ ۾،

دانهن سڀ دهليا اچي ڪونه درٻار،

پوءِ سيد سالار، چمي کنئي چاه مون.“

سيد ”سالار“ ترار کڻي ميدان ۾ آيو ۽ ابڙي جي ڀائٽي سٻڙ جي سامهون ٿيو.

”سنئين سانجهي وارا چکي آيا چوگان ۾،

ڏيئي منهن ماڻهن کي ڪيائون مارومار،

سٻڙ ۽ سالار، پورت ڪئي پاڻ ۾.“

ڏاڍي سخت جنگ لڳي. نيٺ بادشاهه ۽ ابڙو پنهنجي سر ميدان ۾ آيا.

”سج نه نڪري سوجهرو، ڌان ڌان ڌوڌڪا،

اتي ابرو ائين وڙهي، جيئن پاڻي ٻوڙي تار.“

”اڙ جهلي ابڙي نو ويهو ڏه لک،

گوڙي ڪنڌ ورايو ماري گهڻي خلق،

پوءِ ٿي ابڙي کي پڪ، ته هاڻي جيئن ناه ڪو.“

قصو نيٺ اتي ختم ٿئي ٿو ته سومرن جي صاحبي پوري ٿي.

سنڌ ۾ اهڙا قصا ۽ ڪهاڻيون گهڻيون اهن، جن سمن، سومرن واري زباني شعر کي قائم رکيو آهي.

سنڌي جو جهونو ۽ نج شعر

زباني سنڌي شعر ٻيو به گهڻو ئي آهي، پر جيئن ته ڪا ثابتي ڪانه ٿي ملي ته اهو ڪنهن چيو ۽ ڪڏهن ٺهيو تنهن صورت ۾ انهيءَ جي وڌيڪ اپٽار ڪرڻ سان ديس جي علم ادب کي ڪو لاڀ ڪونه ملندو. تحفته الڪرام وارو ڪن سنڌين جا نالا ڏئي ٿو، جي سنڌي شعر ۾ طبع آزمائي ڪندا هئا، پر جيڪي ڏوهيڙا يا بيت چيا اٿن سي ميسر ٿي نه سگهيا آهن. شيخ حماد، اسحاق آهنگر ۽ درويش راڄو سمن جي حڪومت ۾ (1351 کان 1521 تائين) سنڌيءَ ۾ بيت چوندا هئا. ماموئي جا بيت، پيشن گوئي جي صورت ۾ چيل آهن، سي به انهي زماني جا ليکجن ٿا. انهن مان ڪي ڪي بيت اڃا تائين ماڻهن جي وات ۾ آهن. مثلاً:

هاڪ وهندو هاڪڙو ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،

بهه مڇي ۽ لوڙه سمي ويندي سوکڙي.

سمن جي زماني ۾ اها علمي لات، عشق جا آلاپ ۽ شعر جو جولان، جو ارغون حڪومت ۾ ظاهر ٿيو، تنهن جو وجود ئي ڪونه هو. سمن جي ڏينهن ۾ ايراني شعر جو اثر، بحر ۽ قافيه، تشبيهون، صنعتون ۽ عشق جو راز ۽ نياز پيدا ڪونه ٿيو هو. ايراني شاعر ۽ عالم ارغون حڪومت ۾ آيا ۽ انهن جو بيان اڳتي ڏنو ويندو. علم عروض ۽ بحر ۽ قافيه جون بندشون فارسي شعر سان شروع ٿيون جنهن جو اثر سنڌي شعر تي ڪيئن پيو؟ تنهن جو زڪر به اڳتي ايندو. سنڌي بيت جن جي شروعات سمن جي ڏينهن ۾ ٿي سي هندي ڏوهيڙو يا دهرن جي اثر هيٺ ظاهر ٿيا. سمن جو تعلق ڪڇ ۽ گجرات سان گهڻو هو تنهن ڪري لازم هو ته هندي دهرن جو اثر به سنڌ ۾ ظاهر ٿئي. هندي دهرا اڃا تائين به سنڌ ۾ ڪيترن درگاهن تي ڳائبا آهن. مثال لاءِ هيٺيون دهرو جو عام طرح سنڌ ۾ ٻڌبو آهي تنهن مان به ڏسبو ته اسان جو سنڌي بيت ڪيتري قدر صورت ۽ مضمون ۾ انهيءَ جو ويجهو ٿو پوي.

”پريتم هم تم ايک هين ديکهن کي هين دو،

من سي من کو تولئي کبهي نه دومن هو.“

معنى:- ”اي پيارا آئون ۽ تون حقيقت ۾ هڪ ئي آهيون. رڳو ڏسڻ ۾ ٻه آهيون. جهڙيءَ طرح ساهميءَ جي هڪڙي پڙ ۾ مڻ (ان جو) ۽ ٻي پڙ ۾ مڻ (وٽ) وجهي توريو ته به ساڳيو مڻ ٿيندو ۽ نه ٻه مڻ. اهڙيءَ طرح آءٌ ۽ تون هڪ ئي آهيون. هن بيت عاشقاڻي رنگ ۾ هڪ عاشق دل جو جذبو ظاهر ڪيو آهي. فارسيءَ واري به انهيءَ محبت جي جذبي کي هيئن ادا ڪيو آهي:

من تو شدم تو من شدي من تن شدم تو جان شدي

تا کس نه گويد بعد ازين من ديگرم تو ديگري.

پر جيڪو لطف هن هندي دهري ۾ آهي، سو فارسيءَ ۾ نه اهي. من جي معنى هندي دل به آهي، تنهن ڪري هندي دهري مان وڌيڪ لطافت ظاهر ٿئي ٿي.

سمن جي دور ۾ هندي دهري جو اثر گهرو ٿيندو ويو ۽ سنڌي بيت ۾ اها ئي صورت وٺندو ويو. تان جو شاه عبدالڪريم، صادق ۽ شاه عبداللطيف اصلوڪي بيت ۾ ڦير ڦار ڪري ان کي وڌيڪ مٺو ڪيو. تحفته الڪرام واري هن دور جي علم ادب جي گهڻي اپٽار ڪانه ڪئي آهي ۽ نڪي وڌيڪ ماهيت هيلتائين ملي سگهي آهي، تنهنڪري انهيءَ جو ذڪر هتي بند ڪرڻ مناسب سمجهجي ٿو. شايد ائين به هجي ته سمن جي دور کان پوءِ جيڪا ادبي ترقي ارغون ۽ ترخاني زماني ۾ ٿي تنهن جي شعاع، سمن جي جهڪي سوجهري کي ڍڪي ڇڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org