سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌ جي ادبي تاريخ

باب: --

صفحو : 24

فصاحت ۽ بلاغت:

آخوند صاحب مرحوم شاعراڻي ڀيٽ ڀيٽان جي زماني کان اڳ هو، تنهنڪري ان پنهنجي ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت تي ايترو گهڻو زور ڪونه رکيو آهي، جيترو کانئس پوءِ وارن شاعرن جهڙو محمد قاسم، فاضل وغيره پنهنجن پنهنجن ڪلامن ۾ رکيو آهي، تنهن هوندي به سنئين سيواٽي ۽ سادي سودي ٻوليءَ کي قدرتيءَ طرح فصاحت ۽ بلاغت جون جيڪي بخششون عطا ٿيل آهن، تن جي ڪا به ڪمي آخوند صاحب جي ڪلام ۾ ڪانهي.

آخوند صاحب مرحوم تشبيهن ۽ استعارن ۾ ايراني شاعرن جو نقل ٿورو ڪم آندو آهي: گهڻي قدر نج ديسي تشبيهون ۽ استعارا ڪم آندا اٿس.

شعر جو قسم:

علم عروض جي اصول موجب شعر جا ڪيترائي قسم آهن، جيئن ته 1- فرد، 2- بيت، 3- مثنوي، 4- غزل، 5- مستزاد، 6- قطعه، 7- رباعي، 8- مربع، 9- مثلث، 10- مخمس، 11- مسدس، 12- قصيدو، 13- ترجيح بند،14- ترڪيب بند. آخوند صاحب مرحوم انهن قسمن مان فقط ”غزل“ چيا آهن، جي سڄي ”ديوان گل“ ۾ ڪل (175) آهن. ”ديوان گل“ جي اصلوڪي ڪاپي، جا بمبئي ۾ ڇپي هئي، تنهنجي پڇاڙيءَ ۾ ڪي قطعا به هئا، جن ۾ ”ديوان گل“ جي تيار ٿيڻ جي تاريخ ڏنل آهي؛ مگر افسوس! جو اها ڪاپي هينئر هٿ اچڻ مَحال آهي.

وزن:

آخوند صاحب مرحوم ”علم عروض“ مان واقف هو، تنهن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي؛ ڇاڪاڻ جو بحر خفيف“ ۽ ”بحر رمل مڪفوف“ جهڙا بحر به پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا اٿس. جي ”علم عروض“ کان غير واقف ماڻهو هرگز پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آڻي نه سگهندو. آخوند صاحب جي زماني ۾ ”علم عروض“ جي قاعدن موجب سنڌي شعر جي شروعات هئي، تنهن کان سواءِ ان وقت ۾ شاعرن جي پاڻ ۾ چٽا ڀيٽي ۽ هڪ ٻئي جي شعر تي ناقدانه نظر ڪرڻ جا وسيلا (يعني اخبارون ۽ رساله) موجود ڪين هئا، تنهنڪري تقطيع جي قاعدن بجاءِ آڻڻ ۾ کيس البته اٽڪاءَ رهجي ويا آهن. ڪٿي ڪٿ ”تقطيع“ جي پورت لاءِ لفطن جي مقرر ٿيل تلفظ ۾ اهڙي ڇانٽ ڪرڻي پوي ٿي جا ”تقطيع“ جي قاعدن موجب ڪرڻ جائز نه آهي. مثال:

”دنيا جي عيش عشرت کي ڀيري هڻ تون کڻي ڀالا.“

(غ 1 مان)

”آيو اڄ يار گهر منهنجي ويا ڏکڙا لٿا سکڙا.“

(غ 5 مان)

”جنهنجاويا جوءِ مان جهانگي وڃي پرڏيهه ٿيا سانگي.“

( غ 14 مان)

مٿين ٽن مثالن ۾ ”ڀيري“ کي ”ڀري“،”آيو“کي ”آيو“ ۽ ”جنهنجا کي ”ججا“ ڪري پڙهبو تڏهن ”تقطيع“ پوري بيهندي.

ڪٿي ڪٿي وزن جي پورت لاءِ غير ضروري تشديدون ڪم اچن ٿيون، تڏهن ”تقطيع“ پوري بهي ٿي. مثال:

1- ”پن پن ٿي ڦاريون ڇڄي ڇڏي ٽڙ ٽاريون.“

(غ 61)

2- ڪين پرچن پٽ تي گل پي سرو.“

(غ 17 مان)

وزن جي پورت لاءِ ضرورت جي هنڌ ”ساڪن“ لفظن کي ”متحرڪ“ ڪري ڪم آندو ويو آهي، جئن سچل سائين جي ڪلام ۾ بيان ڪيو ويو آهي. جئن ته ”صبر“ کي ”صبر“، ”درد“ کي ”دردَ“، ”عقل“ کي ”عقَل“ وغيره.

آخوند صاحب مرحوم جدا جدا بحرن جي ارڪانن تي پورو ڌيان ڪونه ڏنو آهي، جنهن مان ثابت آهي، ته ”علم عروض“ موجب سنڌي ڪلام ٺاهيندي. آخوند صاحب ڪنهن به استاد کان صلاح نه ورتي آهي. جئن ته غزل جو ٻيو بحر مضارع مثمن سالم تي ٺهيل آهي، پر مصرعه ٽينءَ ۾ ”جال“ ۽ ”شا“ لفظ وزن کي شڪستو ڪن ٿا، ۽ مصرعه نائين ۾ ”روپ“ لفط مقرر وزن کي کٽايو وجهي. غزل 66 بحر رجز مثمن سالم تي ٺهيل آهي، پر مصرعن 3؛ 4؛ 5 ۽ 6 وزن کان ٻاهر وڃن ٿيون. اهڙيءَ طرح غزل 83، 93، 116، 127، 140، 147 ۽ 153 ۾ وزن جون غلطيون آهن.

قافيو:

سراسري طرح آخوند صاحب ”قافيه“ ۽ ”رديف“ ۾ پختگي چڱي رکي آهي. تنهن هوندي به سندس ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي قافيه جي اصول جون خاميون آهن. جئن ته:

1- ڪن هنڌن آخوند صاحب پهرئين دور جي شاعرن وانگر غير ضروري ۽ بي معنى (الف) پڇاڙيءَ ۾ ڳنڍي قافيه جي پورت ڪئي آهي، جو دستور کانئس پوءِ وارن شاعرن ۾ عيب ليکبو آهي. مثال:

1- ”سدا تنهنجي درد ۽ دکه جو دل ۾ شوق هوءِ شالا.“

(غ 1)

2- ”ووءِ ڪندا وره ۽ وئڙا هجي هشيارا.“

(غ 2)

3- ”ميوا جهلين مد تي ليسوڙيون ليارا.“

(غ 3)

2- ”حرف روي“ جي اعراب، جا ”قافيه“ ۾ ڪنهن به طرح مٽجڻ نه گهرجي سا آخوند صاحب ڪيترن هنڌن مٽائيندو ويو آهي. اهو اصل کان وٺي ”قافيه جو عيب لکبو آهي. مثال:

”جي هئا ڪالهه، ڏٺم اڄ نه، ڏسان مان سڀا،

جوءِ ۾ جت جهجها آهن، آري الڀا.“

(غ6)

شروع واري مصرعه ۾ ”حرف روي“ (س) تي پيش آيل آهي، تنهن ڪري سڀني قافين ۾ جڏهن ”ڀا“ قائم رکيو ويو آهي. تڏهن ان جو اڳيون اکر پيش وارو اچڻ گهرجي. مثلاً ”سڀا“،”اڀا“،”ڪڀا“ وغيره پر آخوند صاحب. ”سڀا“ سان ”اڀا“”اڀا“،”ڄڀا“ قافيا آندا آهن. جي درست نه آهن. اهڙي طرح ”مغرب“ سا ”يثرب“،”فوت“ سان ”اوت“”ڪاڊ“ سان ”ڏاڍ“ ۽ ”ٽاڊ“؛”عيش سان ”خويش“ ۽ ”پيش“ وغيره وغيره درست قافيا آهن.

 

آخوند محمد قاسم هالائي

(1806 کان 1881ع تائين)

آخوند محمد قاسم ولد آخوند نعمت الله سانوڻي آخوند خليفه گل محمد (گل) جو عزيز هجري سنه 1221 برابر سنه 1806ع ۾ هالن پراڻن ۾ ڄائو هو. هو عربي ۽ پارسيءَ ۾ نهايت قابل هو. هو پهريائين سرڪاري نوڪريءَ ۾ ڪجهه وقت تپيدار ۽ ڪجهه وقت تعلقه آفيسن ۾ منشي هوندو هو.

موري تعلقه ۾ تپيدار هئڻ ۽ ٽنڊه باگي جي تعلقه آزيس ۾ منشي هئڻ وقت موري ۽ ٽنڊه باگي جي طبعي حالتن بابت هڪڙو مزي جهڙو پارسي قصيدو ٺاهيو هئائين، مفرح القلوب نالي پارسي اخبار جي پراڻن پرچن ۾ موجود آهي.

آخوند صاحب جي آزادي پسند طبيعت کان سرڪاري نوڪري جي پابندي سٺي نه ٿي، تنهن ڪري پينشن جي وقت کان اڳيئي نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ حيدرآباد شهر ۾ ڪورين جي پڙ ۾ گذاريندو هو.

حيدرآباد ۾ آخوند صاحب وٽ ڪي مسلمان خواه هندو عامل خانگي طرح عربي ۽ پارسيءِ جي تعليم وٺندا هئا. اکرن لکڻ جو آخوند صاحب ڪاتب هوندو هو، تنهنڪري ڪتابن نقل ڪرڻ جو ڪم به گهڻو ملندو هوس، جنهن مان چڱي پيدائش هوندي هيس هز هائينس مير حسن علي خان (حسن) وٽ ڪجهه وقت خاص پگهار تي هو ۽ ان کي شعر ۾ درستيون ڪري ڏيندو هو. مير صاحب جي نوڪري به جلد ڇڏي ڏنائين، تنهن هوندي به مير صاحب جي طرفان ويهه روپيا ماهوار پينشن طور پڇاڙيءَ تائين ملندا رهندا هئس.  خيرپور رياست جي والي سر مير علي مراد خان ۽ ان جي خاص عملدارن جي تعريف ۾ قصيدا ٺاهيو موڪليندو هو، بعضي بڙودي، بلرامپور ۽ رتلام جي راجائن ۽ رامپور جي نواب ڏانهن تعريفي قصيدا ٺاهيو موڪليندو هو، جنهن ڪري انهن رياستن مان به وقت به وقت چڱيون چڱيون بخششون ۽ انعام حاصل ٿيندا هئس. آخوند صاحب جا اهي پارسي قصيدا به مفرح القلوب پارسي اخبار جي پراڻن پرچن ۾ موجود آهن.

آخوند محمد قاسم صاحب شروع ۾ شادي ڪئي هئي، پر سندس اها اهليه ترت ئي وفات ڪري ويئي ۽ تنهن کان سواءِ وري شادي نه ڪيائين، ۽ ساري ڄمار ڇڙهو گذاريائين. گهر ٻار جو ڪو به اونو ڪونه هوندو هوس، تنهنڪري خرچڻ کائڻ ۾ تمام فراخدل هوندو هو. مٽن مائٽن سان گهڻو لهه وچڙ ڪونه هوندو هوس، ته به بزرگن ۽ عزيزن جي تربتن تي فاتحه خواني جي شوق سان وقت به وقت پنهنجي وطن پيو ويندو هو. ”ديوان قاسم“ ۽ هڪڙي هنڌ چوي ٿو ته:

”جي گهرين منجهه آخرت عزت لهان،

پيڙهه هن پهه جي ڌريان ئي ڌار وجهه،

ڪئن وسارين مائٽن جا مقبرا،

هل هتي پڙهه فاتحه ۾ هار وجهه.“

(ديوان قاسم غزل 25 مان)

 آخوند محمد قاسم پنجهتر ورهن جي ڄمار ۾ سنه 1881ع ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس تربت به حيدرآباد جي نئين مقام ۾ موجود آهي. آخوند صاحب جي وفات جي تاريخ ميان امام بخش صاحب (خادم) شڪارپوري هن طرح ٺاهي هئي:

”افصح الفصحاء قاسم لئي عيان.

ٿو روئي پڻ نيلگون ڏس آسمان،

جو ٿيو هوندو ميان جو مجلسي،

تنهنکي هوندو اسم انجو ورد جان،

شاعرن سڀني ۾ هو چون تاج و زيب،

ثاني شعرش نديدم در جهان،

ويو ڇڏي فاني سرا کي ڏي بقا،

رب عطا ان کي ڪري خلد جنان،

جنوري جي ارڙهين منگل جو وار،

سال ارڙهين سو اڪاسي هو روان،

عيسوي اهو ٿيو هجري به ٻڌ،

سن ٻارهن سئو اٺانوي چوان،

خادما آمين چو ڪر ماٺ هاڻ،

ڪين سگهندين تون ڪري وصفش بيان.“

(اخبار سنڌ سڌار 10 جون 1881ع)

شاعرانه حيثيت ۾ اهو زمانو

آخوند محمد قاسم شروعات کان وٺي رقط پارسي شعر چونود هو. آخوند گل محمد هندي ۽ سنڌي ڪلام چوڻ لاءِ ترغيب ڏيندو هوس، پر خيال ۾ نه آڻيندو هو. آخر حيدرآباد ۾ اچي رهڻ بعد سيد فاضل شاهه”فاضل“ ئي کيس سنڌي شعر چوڻ ڏانهن راغب ڪيو. جئن آخوند صاحب پاڻ ”ديوان قاسم“ جي پڇاڙيءَ واري پارسي قطعن ۾ چوي ٿو:

1- ”چو در فارسي نغز دائم سخن،

سوء نظم سنڌي خيالم نبود،

ولي سعي فضل شه نيک خو،

به سندهي سخن ميل طبعم فزود.“

2- ”منم گرچه در پارسي چيره دست،

ولي مير فاضل شہ دين پرست،

بتحريک بر نظم سندهي سواد،

بپائي دلم خام سودا شکست“

معنى:- پارسيءَ ۾ آءٌ عجيب ڪلام چيو ڄاڻان ٿو تنهنڪري سنڌي نظم ٺاهڻ ڏانهن مون کي خيال ئي ڪونه ٿيندو هو؛ مگر سائين فاضل شاهه جي ترغيب منهنجو چاهه سنڌي نظم ٺاهڻ ڏانهن وڌايو.

2- پارسي ڪلام چوڻ ۾ جيتوڻيڪ چالاڪ آهيان ته به سائين فاضل شاه جي تحريڪ سان سنڌي شعر ٺاهڻ جي سودا منهن جي دل ۾ کپ کوڙي ويهي رهي آهي.

مفرح القلوب نالي هفته وار پارسي اخبار ۾ آخوند محمد قاسم جي پارسي غزلن، قصيدن ۽ مثنوين جي هاڪ هندستان، افغانستان، ايران ۽ بغداد تائين هوندي هئي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ اخبار ۾ انهن ملڪن جي شاعرن جا پارسي ڪلام درج ٿيندا هئا ۽ هو هڪ ٻئي جي ڪلام جو داد ڏيندا هئا.

سنه 1866ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي جي طرفان ”سنڌ سڌار“ نالي هڪڙي هفته وار سنڌي اخباري جاري ٿي هئي، تنهن جي هر هڪ پرچي ۾ سنڌ جي شاعرن جا سنڌي شعر درج ٿيندا هئا.

سنڌي موزون ڪلام جي اسرڻ ۽ ترقي لاءِ اهو زمانو تمام چهچٽي وارو هو. ڇاڪاڻ جو جهونن توڙي نون شاعرن جا ڪلام اخبار ۾ بنا اٽڪ شايع پيا ٿيندا هئا ۽ شاعر نهايت فضيلت ۽ سنجيدگيءَ سان هڪ ٻئي جي ڪلام تي نڪته چيني ڪندا هئا ۽ عمدي ڪلام کي بنا بخل داد ڏيندا هئا. انهيءَ زماني ۾ به آخوند محمد قاسم جي سنڌي شعر کي سڀئي شاعر داد ڏيندا هئا، جنهن جا ٻه ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا.

عبداللطيف ٺٽوي:

قاسم جهو نه ڄاڻان سگهه سرت جي سڃاڻان،

سوره اڳيانس ساڻان ڪمزور ڪل ڪرارا،

عبدالقادر شڪارپوري (بيدل):

رنگين، چوي ٿو مضمون قاسم ڪلام موزون،

مٽ تنهن سجهي نه ڪو مون بي حد سندس پسارا،

 

شمس الدين شڪارپوري (عاصي):

رنگين غزل بنائي قاسم ڇڏيا کپائي،

دنيا مان ويو وڄائي ناموس جا نقارا.

محمد امين شڪارپوري امين:

شعر گوئي ۾ نه مٽ قاسم جي ڄاڻان ڪو ٻيو،

جو ٿا ڪن ان جي ثنا عرب وعجم يونان ۾.

منشي لڇيرام حيدرآبادي (خفتي):

لک هزارين آفرين قاسم ادا توکي هجي،

نڪته چيني ۾ ختم بيشڪ آهين هشيار تون.

آخوند محمد قاسم پاڻ به پنهنجن همعصرن کي ڪشادي دل سان داد ڏيندو هو ۽ سنجيدگيءَ سان انهن تي نطقه چيني ڪندو هو، جنهن جا ٻه ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا:

اسلم شڪارپوري کي:

”هڪ غزل اخبار نالي سنڌ سڌار،

منجهه ڏٺم وه وه غزل سالم صفا.

جو چيو اسلم ته عالم جي مٿس،

آفرين صد آفرين جس جس سدا.

هوش حيرت ۾ پيو ڏانهس ڏسي،

ڇا سندس مضمون معنى مغز ڇا.

”سرڪيان“ جو لفظ اسلم جو چيو،

آهه سونا مصطلخ ۽ ناروا.“

(ديوان قاسم غزل 5)

محڪم الدين (محڪم)کي:

”سخن محڪم الدين محڪم چوي ٿو،

منجهس چاه چس سان چڱيري چٽائي،

ملاحت سندي معرڪي ۾ مڪرر،

الهه کان اٿس سوڀ البت عطائي.“

(ديوان قاسم 116)

ڪمال الدين (مست) کي:

”چيو مست مرغوب موزون غزل،

سو منجهه علم اعلى اُتم ٿو ڏسان.“

ميرزا عباس (خورشيد) کي:

”تڏهن منجهان سڀ وڃائي تعصب،

چوان چست چالاڪ ٿي هي چڱائي،

ته عباس خورشيد جنهن جو تخلص،

ڌري جئن ڇڏي ڇوه تابش تکائي،

سندي مشڪ خوشبو عيان خوءِ ٿي جا،

نه عطار جي ساک آهي سجائي.“

(ديوان قاسم غزل 116)

لطف الله (لطيف) کي تنبيهه:

”ڪڏهن ڪئن هڻي ”طفل“ دم شاعري جو

ته ڦلهار ۾ ڦوڪ ان لئي ڦڪائي.“

(ديوان قاسم غزل 117)

آخوند محمد قاسم جي زماني وارو چهچٽو ۽ ڇنڊ ڇاڻ ان وقت کان وٺي اڄ تائين اخبارن جي وسيلي ٿيندي آئي آهي، ڪنهن وقت سرس ته ڪنهن وقت گهٽ؛ مگر اڄوڪي اخباري غزل بازيءَ ۾ اها بردباري ۽ سنجيدگي ڪانهي، جا اڳ هئي.

آخوند محمد قاسم جي ڪلام ۾ خصوصيتون ۽ ايجادون:

1- شاهه ڀٽائي کان وٺي آخوند گل محمد تائين شاعرن سنڌي ڪلام ۾ پنهنجون ٺاهيل عربي مصرعون ڪم نه آنديون آهن. پر قرآن شريف جون آيتون، حديثون ۽ عربي مقولا فقط حوالي طور ڪم آندا اٿن. آخوند قاسم پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌي ڪلام ۾ پنهنجون ٺاهيل موزون مصرعون ڪتب آنديون آهن، ڪٿي ڪٿي ته ساري غزل ۾ اڌ جيتريون مصرعون عربي ڪم آنديون اٿس:

(1)     ٿي چيم ڪالهه رات منجهه پرڀات،

ربنا عافنا عن العاهات.

(2) رب سندي ڊاءِ کان ڊڄي چئجي،

نجنا من صعبة الافات.

(3) دل سنديم درد ۾ رهي دمدم،

حصلت حصہ من البرڪات.

(4)    جنهن ڪئي بندگي بجا بيحد،

فهو قد فاز اعظم الدرجات.

(5)     جنهن ڪڍيو غير قلب مان قاسم،

قدنجا من اِها نہ العرصات.

(ديوان قاسم غزل 13)

2- اڳين شاعرن مان فقط سيد ثابت علي شاهه پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي پارسي مصرعون يا تڪون ڪم آنديون آهن، مگر آخوند قاسم ته غزلن جا غزل پارسي مصرعن سان ڀري ڇڏيا آهن.

مثال:

”علم سک علم ري نه ٻي ڪار،

تان لهين عز علم جي پرڪار.

(6)    سخن بس که حکم حکمت يافت،

هزل بگذار وجدل زو بردار.

علم ري آدمي گڏهه گمراه،

جاهلن گڏ گهڙي به ڪيم گذار.

(7)    حرف ما گوش کن که حرفه بري،

سعي در کسب علم کن بسيار.

آڳ ۾ عشق ايزدي جي روح،

تن رپي جئن رجاءَ آٽ اچار.

(8)    بهر تهذيب و خوبي اخلاق،

پند مان بشنو و بهانه ميار.

هوت ڏي هل دلئون ڌيان ڌي،

ڪيم قاسم ڪڏهن پرج ٻئي پار.

(ديوان قاسم غزل 40)

3- آخوند قاسم جي ديوان ۾ هيءَ به خصوصيت آهي جو نج سنڌي لفطن وارن قافين ڪم آڻن وقت آخوند گل وانگر مونجهاري جهڙا يا جڙتو لفظ ڪم نه آندا اٿس.

4- سنڌي موزون ڪلام ۾ قصيدا، ترجيح بند اوائل ۾ آخوند قاسم ايجاد ڪيا.

5- ڪلام کي جدا جدا صنعتن سان سينگارڻ جي ڪوشش ۾ پهريائين آخوند قاسم ڪئي. انهيءَ ڪري پنهنجي ديوان جو ٻيو نالو رکيو هئائين بحرالصنائع يعني ”صنعتن جو سمنڊ“ جئن ته ”ديوان قاسم“ جي پڇاڙيءَ وارن قطعن ۾ هڪڙي هنڌ پاڻ ٿو چوي:

”همچونام خود بوي“”ديوان قاسم“ داده نام،

در ميان خلق او را شهره دادن خواستم.

نيز هم ”بحر الصنائع“ نام کردم بهر آن،

زانکه سرتاپش در هر گونه صنع آراستم.“

معنى:” پنهنجي نالي وانگر هن ڪتاب کي به ”ديوان قاسم“ نالو ڏنو اٿم، جو ان کي خلق ۾ مشهور ڪرڻ جي مرضي اٿم، انهيءَ ڪتاب لاءِ ”بحر الصنائع“ نالو به مقرر ڪيو اٿم.  ڇاڪاڻ جو ان کي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين هر قسم جي صنعتن سان سينگاريو اٿم.“  صنعت توشيح (يڪ اسمي خواه دو اسمي) ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي صنعتون سنڌي ڪلام ۾ پهريائين پهريائين آخوند قاسم ڪم آنديون هيون.

6- مسلمان شاعرن ۾ فقط آخوند قاسم مرحوم ئي آهي، جنهن نفسياتي طاقتن جا سنسڪرت نالا (ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موه، اهنڪار) پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا آهن.

آخوند قاسم جو ڪلام

آخوند قاسم جو پارسي ڪلام ته تمام گهڻو موجود آهي پر سنڌي ڪلام آن به نسبت ٿورو آهي، جو ”ديوان قاسم“ ۾ سمايل آهي، آخوند صاحب، فاضل شاه جي ترغيب ڏيارڻ تي ڪي مولود ۽ ڪافيون به ٺاهيون هيون، جن مان فقط هڪڙو مولود شريف برڪت طرح ”ديوان قاسم“ جي پڇاڙيءَ ۾ داخل ٿيل آهي، باقي ٻين مولودن ۽ ڪافين بابت پاڻ لکي ٿو، ته ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽيءَ جي طرفان ”ديوان قاسم“ تيار ڪري ڏيڻ لاءِ تڪڙي طلب ٿي، تنهنڪري اهي ”ديوان“ ۾ لکي نه سگهيس:

”ڪئين وتم ڪافيون سنديم آهن اپر،

ناه فرصت لئي لکڻ، ”ديوان“ ۾.

ڇو ته ٿيو ويلو ڪميٽي ويجهڙو،

ڪئن لکڻ سگهجين اسرع آن ۾؟“

(ديوان قاسم قطعہ 159)

افسوس! جو آخوند صاحب وارا ٺاهيل مولود شريف ۽ ڪافيون هينئر هٿ اچيو نٿا سگهن. تنهن کان سواءِ فاضل شاهه لٽريچر ڪميٽي جي ڇاپايل ڪتاب ”چونڊ ڪافيون“ ۾ آخوند قاسم جون ٻه ٽي ڪافيون ڏنيون آهن. ساڳي ڪتاب ۾ فاضل شاهه لکيو آهي، ته آخوند قاسم جو ٺاهيل ”قاسم نامو“ سنڌي نظم ۾ موجود آهي، پر اهو ”قاسم نامو“ به ”ديوان قاسم“ 1875ع ۾ ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي منظور ڪري ”ليٿو“ ۾ ڇاپائي آخوند صاحب کي حق تصنيف ڏياريو هو. ”ديوان قاسم“ جي ڇاپجڻ کان پوءِ به ڇهه ورهه آخوند صاحب حيات هو؛ انهيءَ عرصي ۾ به سندس پارسي خواه سنڌي ڪلام اخبارن ۾ شايع ٿيو هو، جو موجود آهي. لٽريچر ڪميٽيءَ جي ڇاپايل ”ديوان قاسم“ ۾ ڇاپي جون چُڪون تمام گهڻيون آهن، انهيءَ ڇاپي ۾ وڏي بي ترتيبي هيءَ آهي، جو ڪن غزلن تي نمبر لڳل آهن ته ڪي غزل وري بنا نمبر جاءِ بجاءِلکيل آهن. تنهن کان سواءِ غزل، قصيدا، فرد، قطعا، مثنويون وغيره سڀ ساڳئي جريان نمبر سان  شروع ڪرڻ کپي ها. اهو ”ديوان قاسم“ ۽ ”ديوان فاضل“ سان گڏ گهڻو وقت بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ درسي ڪتاب طور منظور ڪري انگريزي ڪلاسن ۾ هلايو هو. هينئر اهو ڇاپو ڪامياب آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org