سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: مصيبت ماريا، سائينءَ سنواريا

صفحو :3

 

باب ستون

هاڻي اسين پڙهندڙن کي ڪنهن ٻئي هنڌ وٺي هلون ٿا. واٽرلو جي جنگ جو مشهور ميدان آهي، جتي انگريزن ۽ فرينچن جي جنگ ٿي، بس ٿي آهي، ۽ جنهن ۾ انگريزن جي سپهه سالار ويلنگٽن فتح حاصل ڪئي آهي ۽ فرينچ هارايو آهي. رات جو وقت آهي. مزي جهڙي چانڊوڪي آهي. هزارين لاشا ۽ رت جا دُٻا پيا آهن. هڪڙو ٻڍو ماڻهو وڏي چـُـغي ۾ اُتي لاشن ۾ پيو گهمي. مئلن کي هٿ لائيندو ۽ انهن جي کيسن مان يا بت تان قيمتي ۽ ڪمائتيون شيون چونڊيندو، ڇنندو کيسن ۾ گڏ ڪندو ٿو وڃي چورن وانگي هيڏي هوڏي به پيو ڏسي. ٿوري پنڌ تي رستي وٽ هڪڙي بار جي گاڏي بيٺل آهي، جنهن ۾ پيتيون ۽ ڳنڍڙيون پيون آهن، ۽ انهن جي مٿان هڪڙي زال ويٺي آهي. انهيءَ ماڻهو جو انهي گاڏيءَ سان واسطو آهي، ۽ اُها گاڏي بيهاري پاڻ هتي لهي آيو آهي.

اهو ماڻهو مئلن جي بدن تان سامان چورائڻ ۾ مشغول هو، ۽ رت جهاڳيندو، شيون گڏ ڪندو ٿي ويو. اوچتو هڪڙي مئل ماڻهوءَ جي هٿ ۾ سوني منڊي چانڊوڪيءَ ۾ چمڪندي ڏسي، لاهڻ جي ڪيائين ته هٿ چـُـريو پوءِ ٻانهن چري ۽ آخر سڄو ماڻهو چريو شايد اڃا مئو ڪين هو، پر زخميل هو، منهن سڄو رت سان ڀريو پيو هوس. فرينچ لشڪر جو ڪو آفيسر ٿي ڏٺو. پهرين ته اُهو چور ڊڄي ويو، پر پوءِ دل جهلي بيٺو. زخميل آفيسر پڇيس ته ”جنگ ڪنهن کٽي؟“ هن چيو ته ”انگريزن“. پوءِ هن کي مدد ڪري اٿاري ويهاريائين، ۽ منهن تان رت اگهيائينس. پنهنجي واچ ۽ کيسي ۾ جو پئسن جو ٻٽو پيو هوس سو ڪڍي ڏنائينس. انهيءَ وقت پريان هڪڙي پهري وارو ايندو ڏسي چور ڀڄڻ جي ڪئي. آفيسر چيس ته ”تون ڪير آهين، ڪهڙي طرف جو آهين، ۽ ڇو ٿو ڀڄين؟“ هن ورندي ڏني ته ”تو وانگي فرينچن جي طرف جو سپاهي آهيان، جيڪڏهن هينئر مون کي هتي ڪنهن ڏٺو ته پري کان بندوق هڻي ماري وجهندو، تنهنڪري آءٌ وڃان ٿو.“ آفيسر چيو ته ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن چيو ته ٿينارڊير“ آفيسر چيو ته ”آءٌ تنهنجو نالو ياد رکندس. منهنجو نالو ”پانٽمرسي“ آهي سو تون ياد رکجئين،“ پوءِ هو ڀڄي ويو.

هاڻ اسين وري پنهنجيءَ ڳالهه تي ٿا اچون، جين وليجان پنهنجي گهران ٿي پيرس ۾ آيو، ۽ جنهن بئنڪ ۾ سندس پئسا رکيل هئا سي ڪڍرايائين. اِها ڇهن - ستن هزارن فرينچ رپين جيتري رقم هئي، جا ڪٿي لڪائي ڇڏيائين. پوءِ مانٽفرميل ڏي ڪاسيٽ جي وٺڻ لاءِ ٿي ويو، پر رستي ۾ پوليس پڪڙي وڌو ۽ وري رجوع ڪيو ويو. فقير ڇوڪري جي ڦر جي تهمت هيٺ هن تي مقدمو هليو. هن کي موت جي سزا ملي، پر مٿان بادشاهه هن کي موت جي معافي ڏني،“ انهيءَ جي بدران جنم قيد مليس ۽ موٽي ٽولون جي وڏي جيل ۾ موڪليو ويو. اهو احوال اخبارن مان ماڻهن کي معلوم ٿيو، جن ۾ ائين به لکيل هو ته جين وليجان پنهنجي لاءِ هڪڙي جوان زال رکي هئي، جنهن کي هو ڏيندو وٺندو هو، پر جنهن وقت هو گرفتار ٿيو، تنهن وقت هوءَ ڊپ ۽ ڏک کان مري وئي.

 جين وليجان جي وڃڻ کان پوءِ سندس ڪارخانو بند ٿي ويو. سندس ڪري جيڪو ڀاڳ ايم سرايم کي لڳو هو، سو پڻ اڏامي ويو. ڪارخاني مان جين وليجان نڪتو ته وري ٽن - چئن ڏينهن کان پوءِ پڪڙيو ويو. انهيءَ وچ ّواري عرصي ۾ ماڻهن مانٽفرميل جي نزديڪيءَ ۾، هڪڙي گهاٽي ٻيلي ۾، هڪڙو شڪي ماڻهو ڏٺو هو، جو هڪڙي صندوق مٿي تي کنيو ٿي ويو، ۽ پوءِ ٿوري وقت بعد وري ڪوڏر ۽ هڪڙو چنجور کنيو ٿي ويو. تمام زبردست ماڻهو هو، تنهن کي هڪڙو ماڻهو اڪيلو ويجهو وڃي نه ٿي سگهيو. پوءِ هو گم ٿي ويو. ڪن ڊڄڻن ماڻهن ائين ٿي سمجهيو ته شيطان آهي يا ڪو جن آهي، پر ٿينارڊير يا انهيءَ جهڙا ٻيا لالچي ماڻهو ڄاڻندا هئا ته ڪنهن چور يا بدمعاش ڪو خزانو چورايو آهي، سو انهيءَ ٻيلي ۾ ڪٿي کڏ کوٽي لڪائي ويو آهي. انهيءَ خزاني ڳولڻ لاءِ هنن پنهنجي منهن گهڻيئي مٿا هنيان ۽ کڏون کوٽيون، پر ڪي به ڪين لڌائون.

ڪن مهينن کان پوءِ، ٽولون جي بندر تي هڪڙو وڏو جنگي جهاز طوفان سٽي آندو. ضربن رسڻ ڪري انهيءَ جي مرمت ٿيڻي هئي. هزارين ماڻهو هر روز صبح کان شام تائين انهيءَ کي ڏسڻ ويندا هئا. هڪڙي ڏينهن انهيءَ جي مرمت ڪندي، ڪي خلاصي مٿي ڪلمين تي چڙهي ويا. انهن مان هڪڙو چوٽيءَ تان اتفاق سان ڪـِـري پيو، پر ڪـِـرندي هڪڙي رسيءَ ۾ هٿ اٽڪي ويس ۽ انهيءَ کي جهلي بيهي رهيو. اهڙو مٿي ۽ اهڙي خوفناڪ هنڌ هو، جتي ڪو به خلاصي وڃي نٿي سگهيو. جيسين ڪو ماڻهو همت جهلي مٿي وڃي، تيسين امڪان هو ته هو ٿڪجي ساڻو ٿي ڪـِـري پوي ۽ پرزا پرزا ٿي وڃي - اهو هنڌ ايترو مٿي هو، جو اٽڪيل ماڻهو هيٺيان نهارڻ سان سـِـرڻ وانگر ننڍڙو پئي ڏٺو- ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ سڀ وات پٽي حيرانيءَ ۾ بيهي ڏسڻ لڳا- آخر وڏي جيل جي قيدين مان  هڪڙي ٻڍي قيديءَ چيو ته مون کي موڪل ملي ته آءٌ رسين تي چڙهي وڃان - جيل جي آفيسرن هن کي موڪل ڏني- هو هڪدم نوريئڙي وانگر مٿي چڙهي ويو. سڀني کي ڊپ هو ته اجهو اهو پاڻ ٿو ڪـِـري، پر آخر هي وڃي انهيءَ کي پهتو، ۽ پهرين انهيءَ کي هيٺيان ٽيڪ ڏيئي، ساهي کڻائي، پوءِ مدد ڪري لاهي هيٺڀرو آندائينس. واه واه ٿي ويئي، تاڙيون وڄي ويون ۽ سڀ ماڻهو انهيءَ ٻڍي قيديءَ جو انصاف مڃڻ لڳا. هو خلاصي ته پوءِ صحيح سلامت لهي هيٺ آيو، پر قيدي هيٺ لهندي اوچتو مٿان ٿي ڪڙڪيو، سو هيٺ سمنڊ ۾ ڪـِـري پيو. سڀ ماڻهو افسوس ڪرڻ لڳا. بتيلا ڪڍڻ لاءِ ڊوڙيا، هيڏي هوڏي مٿا هنيائون، پر هٿ نه آيو. سڀني سمجهيو ته شايد هيٺ ڪٿي اٽڪي پيو ۽ وري مٿي نه آيو. ٻئي ڏينهن سرڪاري رپورٽ ظاهر ٿي ۽ اخبارن ۾ به پيو ته ”هڪڙو ٻڍو، جنم قيد وارو قيدي، خلاصيءَ کي مٿان لاهڻ جو انصاف جهڙو ڪم ڪري، پوءِ هيٺ لهندي اتفاق سان ڪـِـري پيو ۽ سمنڊ ۾ ٻڏي ويو. انهيءَ قيديءَ جو نالو جين وليجان هو.“

مانٽفرميل جو ننڍڙو شهر جبل جي سلامتيءَ تي هو. اُتي پاڻي پيئڻ لاءِ کوهه ڪو نه هو، انڪري پري پنڌ کان پاڻي ايندو هو. پئسي وارا ماڻهو انهيءَ ڪم لاءِ پخالي رکندا هئا، مگر جڏهن صبح جو سوير ۽ شام جو پاڻيءَ جي سخت ضرورت ٿيندي هئي ته اهي ماڻهو پاڻ به پاڻي ڀري ايندا هئا. هن ڳوٺ ۾ اسان کي خبر آهي ته ٿينارڊير جي هوٽل هئي، ۽ ڪاسيٽ ڇوڪري، فنٽائن جي ڌيءَ هنن وٽ هوندي هئي. اها ڇوڪري هينئر وڏيرڙي ٿي هئي. جڏهن اٺن ورهين جي ٿي ته انهن کان هو پاڻ ۽ سندس زال سخت ڪم وٺندا هئا. ٻئي رواجي گهر جي ڪم ڪار کان سواءِ، ايتري پنڌ تان پاڻي به ڀرائيندا هئا. ويچاري تهه سياري ۾ جڏهن برف پئي پوندي هئي تڏهن پاڻي ڀرڻ ويندي هئي. ماڻس کان خرچ نه اچڻ کان پوءِ، هن جو بڇڙو حال ٿي ويو هو، ۽ ڦاٽل ٽٽل ڪپڙا پيا هوندا هئس ۽ بک پئي مرندي هئي ۽ ڏهاڙي موچڙا پيئي کائيندي هئي.

هڪڙي ڀيري دير سان ڪو مسافر آيو، جنهن جي گهوڙي کي پاڻي گهربل هو. ٿينارڊير جي زال ڪاسيٽ کي ڏول ڏنو ته وڃي کوهه تان ڀري اچ. آڌيو ڏنائينس ته موٽندي ڪي روٽيون ۽ ڪي ٻيون کاڌي جون شيون به وٺيون اچج. ڇوڪري اونداهيءَ رات ۾ ڊڄندي نڪتي. اُها رات ناتال جي هئي، ۽ هٽن تي ڏيا ٻاريا هئائون، سي ڏسندي پئي ويئي. ڳوٺ مان نڪري جهنگ منجهان وڃڻو ٿيس. سيءَ ۾ ڏڪندي وئي، ۽ نيٺ وڃي کوهه کي پهتي. ڏول ڀريندي آڌيو جو کيسي ۾ هئس سو کوهه ۾ ڪـِـري پيس، ۽ انهيءَ جو سماءُ ئي ڪونه پيس. پاڻي ڀري وري به ڊڄندي جهنگ ۽ اونداهيءَ ۽ سيءَ ۾ هلي آئي. ٻيو وري اهو ڊپ هوس ته دير ٿي آهي، تنهنڪري ضرور مار کائينديس، تنهن ۾ هيڪاري اڌ مئي ٿي پئي وئي، ۽ روئندي خدا کي ياد ڪندي هلي آئي ته اوچتو اونداهيءَ ۾ ڏسي ته ڏول هلڪو ٿيڻ لڳو. سگهو ئي معلوم ٿيس ته هڪڙو ڳرو هٿ انهيءَ ۾ پيل هو، جو کنيو پئي آيس. منهن ورائي چتائي ڏسي ته هڪڙو ڊگهو ماڻهو آهي، جو پٺيان پيو اچي ۽ کيس ڏول کڻائڻ ۾ مدد ٿو ڪري. پهرين ڇرڪ ڀريائين، پر پوءِ همت آيس جو ڄاتائين ته هي ڪو رحمدل ماڻهو آهي، جنهن کي مٿس قياس پيو آهي، يا خدا ڪو ملائڪ سندس مدد لاءِ موڪليو، جنهن کي ياد ڪندي پئي آئي.

 

 

باب اٺون

اهو شخص انهيءَ ڏينهن سج لٿي کان ٿورو اڳي پئرس مان نڪتو هو. ڳچ پنڌ تائين ڀاڙي جي گاڏيءَ ۾ چڙهي آيو، پوءِ لهي پنڌ ڪرڻ لڳو ۽ مانٽفرميل واري سڙڪ ورتائين. اڪثر پاڻ لڪائيندو هليو آيو. اونداهي اڳئي گهڻي هئي. عمر جو سٺ ورهين جو هو، ليڪن همت وارو ۽ مضبوط ٿي ڏٺو. جنهن کوهه مان ڪاسيٽ پاڻي ڀرڻ آئي هئي، اُتي ترسي، پاڻي پـِـي تازو ٿي ويٺو هو ته هوءَ پاڻي ڀرڻ آئي. پوءِ سندس پٺيان لڳو. هن جي پنهنجي منهن ڳالهائڻ ۽ ڏکن جي دانهن ڪرڻ، ۽ خدا کي ٻاڏائڻ مان معلوم ڪيائين ته ڪا ويچاري ڏکن ڀري ڇوڪري آهي، تنهنڪري پهرين پٺيان لڳس ۽ پوءِ اچي ڏول کڻڻ ۾ مدد ڪيائينس.

واٽ هلندي آهستي هن کان حال احوال وٺڻ لڳو، معلوم ٿيس ته ڳوٺ اتان پاءُ ڪلاڪ جيترو پنڌ آهي. هن پنهنجو سارو ڏکن جو حال ٻڌايس ۽ جڏهن پنهنجو نالو ڪاسيٽ ورتائين، تڏهن هن شخص ڇرڪ ڀري چتائي ڏٺس. پوءِ ڏول کڻائي، هن سان ڳالهيون ڪندو جڏهن هوٽل کي ويجها آيا، تڏهن ڇوڪري ڏول وٺي پاڻ کنيو ته متان سندس ڌياڻي ڪاوڙ ڪريس.

سگهو ئي هو اچي هوٽل جي در تي بيٺا. ڪاسيٽ در کڙڪايو، ٿينارڊير جي زال در اچي پٽيو. دير ڪرڻ جي لاءِ ڇوڪريءَ کي ٻه - ٽي گاريون ڏنائين، ۽ مار جو دڙڪو ڏنائين. پر جڏهن هن ٻڌايس ته ڪو مسافر هتي رات گذارڻ آيو آهي، تڏهن وات بند ڪيائين ۽ انهيءَ مسافر ڏي اکيون کنيائين. پوءِ هنن کي اندر سڏيائين. مڙس کي خبر ڏنائين. هنن کي هن جي پيلي ڪوٽ، ميرن ۽ ڦاٽلن ڪپڙن مان غريبيءَ جي بانس آئي. پهرين ته چيائونس ته اسين غريبن کي ڪين ٽڪائيندا آهيون، پر جڏهن هن چيو ته رات آهي آءٌ ٿڪل آهيان، جيڪي گهرندؤ سو ڏيندس، تڏهن ٻيڻا پئسا گهرڻ لڳا. هـُـن اُهي ڏيڻ قبول ڪيا، پنهنجي ڳنڍڙي لاهي رکيائين ۽ لڪڻ به - ڪاسيٽ ڊوڙ پائي شراب جي ٻاٽلي ۽ گلاس آڻي ڏنس - سوجهري ۾ هن ڇوڪريءَ جي شڪل ڏٺي ته تمام خوبصورت هئي، اگرچ ويچاري بڇڙي حال ۾ هئي ۽ ڦاٽل ڪپڙا پيا هئس - هڪ - ٻه ماڻهو ٻيا به هئا، جن ويٺي پتي راند ڪئي-

اتي، زال ڇوڪريءَ کان پڇيو ته روٽيون آنديئه؟ ”هن ورندي ڏني ته روٽين واري جو دڪان بند هو-“ تنهن تي هوءَ ڪاوڙي جو ڄاتائين ته رانديون ڪندي دير سان وئي آهي، پر پوءِ جڏهن آڌيو گهريائينس، تڏهن ڇوڪريءَ کيسي ۾ هٿ وڌو ته کيسو ڦاٽل هوس. جنهن مان پئسا ته ڪـِـري کوهه ۾ پيا هئا، ڇوڪري ويچاري اچي ڊني. زال چهبڪ کڻي مٿس ڪاهي آئي. هوءَ دانهون ڪرڻ ۽ معافي گهرڻ لڳي. اسان جي نئين مسافر کي هن تي ڏاڍو قياس آيو، سو کيسي مان هڪڙو آڌيو ڪڍي، اٿي انهيءَ زال کي چيائين ته ”مائي، ويچاريءَ کي مار نه، هي آڌيو سندس کيسي مان ڪـِـري پيو آهي. ڏٺو ڪين اٿس.، تڏهن اهو وٺي ماٺ ڪري ويٺي.

ائين ڪندي ٿينارڊير جون ٻه ڌيئرون به اتي اچي گـُـڏين سان ويهي راند ڪرڻ لڳيون، ۽ ڪاسيٽ پئي مهمانن جي اڳيان ڊوڙ ڊڪ ڪئي. ڇوڪرين کي راند ڪندو ڏسي، اتي ٿورو بيٺي ته ڇوڪرين جي ماءُ وري چهبڪ کڻي هن تي ڪاهي آئي. چوڻ لڳيس ته ”ائين ٿي ڪم ڪرين. وات پٽيو بيٺي آهين!“ تنهن تي مسافر هن کي منٿ ڪئي ته چيائينس ته هي به ٻار آهي، جيئن تنهنجا ٻار آهن. ويچاريءَ کي ڇڏ ته راند ڪري. هن جي سيـِـڙجڻ ڪري هي پنج رپيا وٺ، ۽ هن کي اڄوڪي رات ڇڏ ته ويهي راند ڪري.“ پئسا وٺي زال خوش ٿي ۽ ڪاسيٽ راند ڪرڻ لڳي. پر ڇوڪريون هن کي پنهنجين گـُـڏين کي هٿ لائڻ نه ڏين، تڏهن مسافر اٿي ٻاهر وڃي، هڪڙي دڪان تان ٻه وڏيون گڏيون وٺي آڻي ڪاسيٽ کي ڏنيون، جي وٺي هوءَ ڏاڍي خوش ٿي، ۽ ويهي هنن سان راند ڪرڻ لڳي.

ذڪر ڪندي ٿينارڊير ۽ سندس زال مسافر کي ٻڌايو ته ”هيءَ هڪڙي نڌڻڪي ڇوڪري آهي. اسين خيراتي طرح کارائيندا ۽ پاليندا آهيونس. ڀانئجي ٿو ته سندس ماءُ مري وئي آهي. اسين غريب آهيون، جيڪي سري سگهون ٿا، سو کارايونس ۽ يڪايونس ٿا. تنهن کان سواءِ هينئر ملڪ ۾ مهانگائي آهي، کاڌي پيتي تي گهڻو خرچ ٿو لڳي.“ تڏهن مسافر چين ته .اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو، مثلن آءٌ، هن ڇوڪريءَ کي پالڻ گهران، ته اوهان تان بار هلڪو ٿيندو يا نه؟“ هنن چيو ته ”بيشڪ ٿيندو. ڀلي وٺي وڃينس، جيءُ وٺي وڃينس.“

تنهن کان پوءِ ماني آئي، سا اسان جو مسافر کائي، ميز تي ٺونٺ  رکي ويهي خيال پچائڻ لڳو. ٻيا سڀ وڃي سمهي رهيا. اڌ رات کان پوءِ هو اٿيو ۽ جيڪا جاءِ سندس سمهڻ لاءِ مقرر ڪئي هئائون، اتي وڃي ستو. هوٽل وارن کي اگرچ پهرين هن جي غريبيءَ جو گمان هو، پر هاڻ معلوم ٿين ته هي پئسي وارو ماڻهو آهي. هنن دل ۾ چيو ته گهڻائي لکپتي ماڻهو آهن، جي سادن ڪپڙن ۾ گهمندا وتن، مگر ڏاڍا سخي، رحمدل ۽ فياض آهن. مسافر کي رات جو ننڊ نه آئي. صبح جو سوير اُٿي، سهي سنبري پنهنجي ڳنڍڙي ۽ لڪڻ کڻي ويهي رهيو. هوٽل وارن رهڻ لاءِ گهڻو ئي چيس، پر هن چيو ته مون کي وڃڻو آهي. ماني کائڻ ۽ رات رهڻ جو بل گهريائين. هنن هن کي شاهوڪار سمجهي ٽيويهن رپين جو بل ٺاهي آڻي ڏنس. مسافر اهي پئسا ڪڍي ڏنن. پوءِ ڇوڪريءَ بابت پڇيائين، جنهن جو ذڪر رات جو ڪڍيو هئائين. اتي زال مڙس پاڻ ۾ سـُـس ڦس ڪري گهڻن پئسن ڪڍڻ جي صلاح ڪئي. چيائون ته ”هيءَ ڇوڪري اگرچ اسان جي ناهي، ليڪن اسين هن کي پنهنجي ڌيءُ وانگي پياري سمجهندا آهيون. اسان وٽ گهڻو گذاريو اٿس، اسان کي ڏاڍي ڪمائتي آهي. اسين هن کي ڇڏڻ نٿا گهرون، پر جي ڇڏينداسون ته به جيڪو اسان کي نقصان ۽ اهنج ٿيندو، سو عيوض ۾ وٺنداسون.“ مسافر چيو ته ”انهيءَ جي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.، ٿينارڊير چيو ته.اسين هزار رپيا وٺنداسين.“ مسافر کيسي مان پاڪيٽ بڪ ڪڍي، انهيءَ مان هزار رپيي جو نوٽ ڪڍي ميز تي رکيو، ۽ انهيءَ تي هٿ رکي چوڻ لڳو ته ”هاڻ ڪاسيٽ آڻيو.“ هنن ڪاسيٽ کي آندو. اها پنهنجي حوالي ڪري، پوءِ هن نوٽ هنن کي ڏنو، ۽ ڳنڍڙي ڇوڙي انهيءَ مان ڪارن ڪپڙن جي ماتمي پوشاڪ ڪڍي، جا ستن - اٺن ورهين عمر واريءَ ڇوڪريءَ کي پوري اچڻ جي هئي، سا هن کي ڍڪايائين. پوءِ ڳنڍڙي ۽ لڪڻ کڻي ڇوڪريءَ جي ٻانهن وٺي، موڪلائي، هوٽل مان نڪتو. ڇوڪري به خوشيءَ ساڻ هن سان هلي جو ڄاتائين ته هو مٿس پيءُ وانگي مهربان آهي، ۽ هتي هوءَ جٺين ۽ عذابن ۾ آهي.

هن جي وئي کان پوءِ، زال مڙس پاڻ ۾ ريڙهه پيڙهه ڪرڻ لڳا. زال مڙس کي چيو ته تو بيعقلي ڪئي جو ڇوڪري ڏيئي ڇڏي. هڪڙو ته ڇوڪريءَ کان سواءِ اسين ڏکيا ٿينداسين. ٻيو ته هي شخص دولتمند ٿي ڏٺو. وڌيڪ گهرونس ها ته وڌيڪ ڏئي ها.“ انهيءَ ڳالهه تي ڳچ تائين پاڻ ۾ جهيڙو ڪيائون. نيٺ زال مڙس کي لاچار ڪيو ته هو ڊوڙي مسافر جي پٺيان ويو. ايتري ۾ مسافر به ڳوٺ ڇڏي پرڀرو نڪري ويو هو، ۽ هڪڙي گهاٽي جهنگ ۾ گهڙيو هو، اتي هن کي وڃي پهتو. اتي، ڏينهن جو به سوجهرو ٿيو. ٿينارڊير مسافر کي چيو ته ”سائين، پنهنجا پئسا موٽائي وٺ، ۽ اسان کي پنهنجي ڇوڪري موٽائي ڏي. حقيقت هيءَ آهي ته هيءَ ڇوڪري اسان جي ناهي. اسين اشراف ۽ ايماندار ماڻهو آهيون. امانت ۾ خيانت ڪين ڪنداسين. هن ڇوڪريءَ جي ماءُ جيئري آهي. انهيءَ اسان کي ڏني آهي. اسين وري به اُنهيءَ جي هٿ ۾ ڏيئي سگهنداسون.“

اتي مسافر وري به پنهنجي کيسي مان پاڪيٽ بڪ ڪڍيو. هو خوش ٿيو ته اجهي ٿا ٻيا نوٽ ملن، پر مسافر انهن مان هڪڙو ڪاغذ ڪڍي ٿينارڊيئر کي ڏنو، ۽ چيائينس ته ”هي پڙهي ڏس“. هن پڙهيو ته انهيءَ ۾ هيئن لکيل هو. ”مهربان ٿينارڊير صاحب، مهرباني ڪري هن خط آڻيندڙ کي منهنجي ڌيءَ ڪاسيٽ جي ٻانهن حوالي ڪج ۽ جيڪڏهن ڪا بقايا رهيل هوندي ته اُها پهچائي ڏيندو.“ ٿينارڊير اهو ڪاغذ وٺي رکيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”اهو ته ٺهيو، پر کاڌي جي وڏي رقم رهيل آهي، سا اسان کي ملڻ گهرجي. تنهن تي مسافر چيس ته ”گذرئي دفعي تو ڇوڪريءَ جي ماءُ ڏي هڪ سؤ ويهه رپيا بقايا ڏيکاري هئي. ٻئي مهيني ۾ وري پنج سؤ رپيا ڏيکاريئه. انهيءَ تي ٽي سؤ رپيا هڪڙا ۽ ٽي سؤ ٻيا موڪليا ويا هئا. تنهن کان پوءِ نوَ مهينا گذريا آهن. پندرهن رپين ماهياني حساب سان 135 رپيا ٿيا.انهن مان سؤ تو کي اڳئي وڌيڪ مليو آهي، باقي 35 رپيا لهڻين، انهيءَ جي بدران هينئر مون تو کي هڪ هزار ڏنو آهي.“

اتي ٿينارڊير ڏٺو ته ڪم ته ڪنهن پڪي ماڻهوءَ ۽ حقدار سان پيو آهي، سو ٻيو عذر ڪو به ڪو نه سجهيس، البت شوخيءَ سان چوڻ لڳو ته ”آءُ ٽي هزار رپيا وٺندس، نه ته ڇوڪريءَ کي موٽائي وٺيو ٿو وڃان.“ تنهن تي مسافر به چڙ مان چيو ته ”تو کي مجال آهي“، ۽ پنهنجو لڪڻ لوڏي ڇوڪريءَ جي ٻانهن وٺي چيائين ته ”بابا، آءُ ته هلون“. سگهو ئي هو گهاٽي جهنگ ۾ گم ٿي ويو، ۽ ٿينارڊير ڳچ تائين بيهي بيهي پوءِ پٺتي موٽيو، ڄاتائين ته جهنگ ۾ ٻيو ماڻهو ڪونهي، ۽ هو ماڻهو زبردست ٿو ڏسجي ۽ وٽس ڏنڊو به آهي.

پڙهندڙن سهي ڪيو هوندو ته اهو مسافر ٻيو ڪو نه هو جين وليجان هو. سڄو ڏينهن پنڌ ڪيائين. اڪثر ڪاسيٽ کي ڪلهن تي کنيو پئي هليو. سج لٿي ڌاري پئرس ۾ پهتو. هڪڙي گوشتائي هوٽل ۾ ماني کائي، ڀاڙي جي گاڏيءَ تي شهر جي حد لنگهي ٻاهر ٿيو. پري ٻهراڙي ۾ بلورڊ مڪان ۾ هڪڙي اڪيلي عمارت ڏسڻ ۾ ٿي آئي، جا ديول يا مڙهيءَ وانگي هئي، انهيءَ ڏي رخ رکيائين. اتي پهچي ڪمپائونڊ ۾ هڪڙي جاءِ هئي، تنهن جي در کي ڪنجيءَ سان کولي اندر گهڙيو. بتي ٻاريائين. مٿي ماڙيءَ تي هڪڙو سادو هنڌ وڇايو پيو هو، انهيءَ تي نيئي سمهاريائينس. پوءِ ڏاڍو سرهو ٿي ويهي رهيو. اهو سڀ وقت ڪاسيٽ ستي پئي هئي. صبح جو جڏهن سوير اٿي ته ڀانيائين ته ٿينارڊير جي گهر ۾ آهيان. سو اُٿي ٻهاريءَ جو سعيو ڪرڻ لڳي. پر پوءِ، جڏهن معلوم ٿيس ته اتي نه آهيان، تڏهن خوش ٿي ۽ سارو ڏينهن مزي سان گذاريائين. هن حياتي ۾ اهو پهريون ئي ڏينهن ڏٺو هو، جو پورهيي کان سواءِ گذاريائين ۽ هڪڙي مهربان ٻڍي وٽ گـُـڏين سان راند ڪندي پورو ڪيائين.

 

باب نائون

اها ننڍڙي ماڙيءَ واري جاءِ، جا جين وليجان مسواڙ تي ورتي هئي، سا هڪڙيءَ ڪراڙيءَ زال کان، جا پڻ پاسي وارين ڪوٺين مان هڪڙيءَ ۾ رهندي هئي. ڇهن مهينن جي مسواڙ اڳواٽ ڏئي پنهنجي ۽ پنهنجي ڌيءَ جي رهن لاءِ ورتي هئائين. انهيءَ ٻڍيءَ هنن جي لاءِ اڳيئي جاءِ تيار ڪري ڇڏي هئي. اتي هو هفتن جا هفتا رهي پيا. جين وليجان ڪاسيٽ کي پڙهڻ لکڻ سيکاريندو هو، ۽ راند ڪرائيندو هو. هوءَ هن کي بابو ڪري سڏيندي هئي. هو ڏاڍي سنڀال سان رهندو هو، ڏينهن جو ٻاهر ڪين نڪرندو هو، ۽ رڳو سج لٿي کان پوءِ نڪرندو هو. ڪڏهن اڪيلو ته ڪڏهن ڪاسيٽ سان گڏ، رڌڻ پچائڻ جو ڪم سندن لاءِ اها ٻڍي ڪندي هئي. هو اڃا به پيلو ڪوٽ ۽ فقيراڻا ڪپڙا ڍڪيندو آيو. انهيءَ هوندي به جڏهن هڪڙو نه ٻيو فقير کانئس خيرات گهرندو هو، ته هيڏي هوڏي نهاري هن کي خيرات ڏيندو هو، جو ڪڏهن ڪڏهن ڪو چانديءَ جو سڪو به هوندو هو. انهيءَ ڪري ٻهراڙيءَ جا ماڻهو هن کي ”خيرات ڏيندڙ فقير“ سڏيندا هئا. اها ٻڍي زال سندس پٺيان چاري رهندي هئي. هڪڙي ڏينهن لڪي ڏٺائينس ته پنهنجي ڪوٽ جي اوٽي اُڊوڙي هڪڙو ڪاغذ ڪڍيائين جو سڃاتائين ته هزار رپي جو نوٽ هو. ٻيو اهڙو نوٽ ڪڍيائين، آخر ٽيون ڪڍيائين. هوءَ حيران ٿي وئي. ايتري خبر هيس ته اهو ماڻهو اڳي شاهوڪار هو ۽ گهڻي رقم ڪنهن بئنڪ ۾ هيس، پر پوءِ اها بئنڪ کـُـٽي پئي ۽ هي غريب ٿي پيو. اها ڳالهه جين وليجان ٻڌائي هيس، سگهو ئي جين وليجان ٻڍيءَ کي هڪڙو نوٽ ڏنو ۽ چيائينس ته ”بئنڪ مان ڪالهه هي مون کي پنهنجو حصو مليو آهي سو وڃي مٽائي اچ.“ ٻڍيءَ کي پڪ هئي ته ڪالهه هو اصل ٻاهر ڪين نڪتو آهي، اهو ڪوڙ ٿو ڳالهائي.

ٿورن ڏينهن کان پوءِ، هڪڙي ڀيري جين وليجان ڪوٽ لاهي، ٻانهون کنجي ٻاهر ڪاٺيون پئي ڦوڙيون ۽ ڪاسيٽ وٽس بيٺي هئي، ته ٻڍيءَ ڪوٽ ڪليءَ تي ٽنگيل ڏٺو. چتائي ڏٺائين ته استر جي اوٽي ٻيو ڀيرو سبيل هئي ۽ هٿ لائڻ سان معلوم ٿيس ته اندر ڪي ڪاغذ پيل آهن. پڪ ٿيس ته اهي به سڀ نوٽ آهن. تنهن کان سواءِ ڪوٽ جي ٽن - چئن کيسن ۾ ڪيتريون ئي ٻيون شيون پيل هيون - سئي، ڌاڳو، ڪينچي، وڏو چاڪو، پاڪيٽ بڪ ۽ جدا جدا رنگن جا ڪوڙا وار ٽوپيءَ جي اندران ڍڪڻ جا.

ديول جي پاسي ۾ هڪڙي پنجهتر ورهين جو ٻڍو فقير رهندڙ هو، جنهن کي جين وليجان اڪثر خيرات ڏيندو هو. هڪڙي ڏينهن دستور موجب هو انهيءَ ٻڍي فقير وٽ ويو ۽ وڃي خيرات ڏنائينس. هن هڪڙو ڀيرو ڪنڌ مٿي ڪري سندس منهن ۾ ڏٺو، ۽ پوءِ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيائين. جين وليجان ماٺ ڪري خيرات ڏئي هليو آيو، مگر انهيءَ ڀيري فقير جي منهن ڏسڻ سان هن کي دل ۾ ڇرڪ پيو شڪ پيس ته هن جا ڪي مهانڊا جاسوس انسپيڪٽر جاورٽ جهڙا آهن. ساري رات انهيءَ فڪر ۾ بي آرام هو. ارمان هوس ته ناحق چتائي نه ڏٺومانس ۽ ساڻس نه ڳالهايم، تنهنڪري ٻئي ڏينهن شام جو ساڳيءَ مهل دستور موجب وڃي خيرات ڏنائينس. ۽ ساڻس زور ڪري زياده ڳالهايائين، ۽ منهن چتائي ڏٺائينس. پڪ ٿيس ته هميسه وارو فقير آهي. پاڻ تي کليو ته ناحق ڪالهه هن ۾ اهڙو گمان پيم ۽ ڊپ کان ساري رات بي آرامي ۾ گذاريم. پوءِ ڳالهه وساري پنهنجي رواجي ڪم ۾ وڃي لڳو.

ڪن ڏينهن کان پوءِ، رات جو دير سان جين وليجان جاءِ جو در بند ڪري مٿي ماڙي تي ويٺو هو ۽ ڪاسيٽ کي ويٺي سبق پڙهايائين، ته ڏاڪڻ تي دٻڪو ٻڌائين، جو ٻڍيءَ زال جو نه هو، پر ڪنهن مڙس ماڻهوءَ جو هو. در جي سوراخ مان نظر ڪيائين ته هڪڙو ماڻهو بتي کڻي لنگهيو، پر پوءِ ماٺ ٿي ويئي ۽ بتي به اجهامي ويئي. جنهن مان سمجهيو ته انهي ماڻهوءَ شايد جـُـتي لاهي هٿ ۾ ڪري، بتي اجهائي ڇڏي آهي. جڏهن وري ڪو شڪ جو سبب پيدا ڪو نه ٿيو، تڏهن هو ماٺ ڪري ويهي رهيو. صبح جو سوير ڀنڀرڪي ۾ هن وري به سنجهي وارو دٻڪو ٻڌو ۽ در جي سوراخ مان هڪڙي ڊگهي قد واري ماڻهو کي لنگهندو ڏٺو، وڏو ڪوٽ پيو هوس ۽ هڪڙو ڏنڊو هٿ ۾ هوس. پٺيرو ڏٺائينس. هن کي شڪ پيو ته ٻاهرئين در جي ڪنجي هن ڪٿان آندي، ڪنهن اها ڏنيس؟ ٻڍيءَ زال ته نه ڏني هونديس! ٿوريءَ دير کان پوءِ جڏهن ٻڍي پنهنجي وقت تي دستور موجب ٻهاري ڏيڻ ۽ جاءِ صفا ڪرڻ آئي، تڏهن اُنهيءَ جين وليجان کي ٻڌايو ته ”هڪڙو نئون مسافر به هنن جاين مان هڪڙيءَ ۾ رهڻ آيو آهي، سنجهي جو به آيو هو، جاءِ ڏسي ويو هو، ۽ اڄ ايندو.“ جين وليجان سندس نالو پڇيو. ٻڍيءَ چيو ته ”ڊومانٽ يا اهڙو ڪو نالو اٿس، پنهنجي ملڪيت وارو ماڻهو ٿو ڏسجي.“

ٻڍيءَ جي وڃڻ کان پوءِ جين کي وري به ڪي شڪ گذريا. اڳ ڳڻتي ڪري پيتيءَ مان رپيا ڪڍي ويڙهي رول ڪري کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين، پر اتفاق سان هڪڙو رپيو ڪـِـري پيو، جنهن کڙڪو ڪيو اُهو ڏينهن ته خير جو گذريو. شام جو جين وليجان ڪاسيٽ جو هٿ وٺي ٻاهر نڪتو. هيڏي هوڏي ڏٺائين، پر ڪو به ماڻهو ڪو نه ڏٺائين. اهو وجهه وٺي هو اهو هنڌ ڇڏي، گهٽي ڏيئي نڪري پيو.

چنڊ به نڪري ظاهر ٿيو. گهٽين جا وڙ وڪڙ ڏيئي، پٺ تي نهاريندو، هو ڳچ پنڌ ڪري ويو. هڪڙي هنڌ پاڇولي ۾ ٽي ماڻهو بيٺل ڏٺائين، جن کان نٽائي ٻيو پاسو ورتائين، پر شڪ پيس ته اُهي ئي ماڻهو پري کان کيس جانچيو پٺيان پيا اچن. چوٿون به هاڻ ساڻن اچي گڏيو. سڀني کي وڏا ڪوٽ پيا هئا ۽ ڏنڊا هٿن ۾ هئن. انهن مان هڪڙي جي منهن تي چنڊ جي روشني پئجي وئي ۽ جين وليجان سڃاڻي ورتو ته اهو جاورٽ آهي.

اگرچ ڊپ ٿيس ته به ڪاسيٽ جو هٿ وٺيو، انهيءَ کي گهليندو ۽ ڪڏهن کڻندو تڪڙو تڪڙو نڪرندو ويو، تان جو درياءَ جي پل تائين آيو. پل تي محصول اڳڙندو هو، سو ڏئي پل لنگهي ويو. ڪوشش ڪري پاڇولي مان پئي هليو. اڳيان ٻه رستا ٿي ڦٽا، دل هنيائين ته ڪهڙو وٺان - آخر سڄي هٿ وارو رستو ورتائين. ڪاسيٽ ساڻ نه هجيس ها ته هو باز وانگي اُڏامي وڃي ها، پر هاڻ لاچار ٿيس - وري اڳيان ٻه گهٽيون آيس ۽ انهن مان به سڄي هٿ واري ورتائين ته اتي هڪڙو ماڻهو بيٺل ڏٺائين - پڪ ٿيس ته جاورٽ پٺيان لڳو اچي ۽ هي ماڻهو ور ڏئي ٻئي پاسي کان سندس اڳ وٺڻ لاءِ موڪليو اٿس. ڏاڍي مشڪلات ۾ اچي پيو. هيڏي باهه، هوڏي پاڻي- اڳتي هلي يا پٺتي موٽي، ٻنهي طرفن خوف هوس، پٺ تي نظر ڪيائين ته ست - اٺ ماڻهو اچي رهيا هئا، پر اڃا پري هئا. کٻي پاسي هڪڙي وڏي ڀت هئي جنهن جي هن پاسي هڪڙو وڻ بيٺو هو- هن رٿ ڪئي ته ڀت تي چڙهي انهيءَ وڻ تان لهي هن پاسي هيٺ ٿئي، جو انهي پاسي ڪو باغ ٿي ڏٺو. پر ڀت تي چڙهي ڪيئن، ۽ ڪاسيٽ کي ڪيئن ڪري؟ ڇوڪري ويچاري به پري کان ماڻهو ايندا ڏٺا، ۽ جين وليجان کي به بي آرامي ٿيندو ڏسي ڊني ۽ روئڻ ۽ رڙين ڪرڻ تي هئي، پر جين دڙڪو ڏئي ڊيڄاري چيائينس ته متان ڪڇيو اٿيئي! جيئن آءٌ چوان تيئن ڪر. نزديڪيءَ ۾ شهر جي هڪڙي بتي ٻرندڙ هئي. انهن ڏينهن ۾ بتين جي ٻارڻ لاءِ هڪڙو رسو ٻڌي ڇڏيندا هئا. جين وليجان جهٽ ۾ چاڪو ڪڍي بتيءَ جو اُهو رسو وڍي آيو، ۽ پنهنجو هڪڙو مضبوط رومال ڪڍي ڪاسيٽ جي ڪڇـُـن وٽان ٻڌائين، ۽ رسي جو هڪڙو ڇيڙو انهيءَ سان مضبوط ٻڌائين، ۽ ٻيو ڇيڙو چڪ ۾ ڏندن سان جهليائين. بوٽ ۽ جوراب لاهي ڀت جي هـُـن پاسي اڇلائي وڌائين. پوءِ ڀت جي نڪتلن پهڻن تي پير ڏئي، ٻليءَ وانگي چڙهي ويو. ڀت جي چوٽيءَ تي ويهي، رسو ڇڪي ڪاسيٽ کي کڻي ورتائين ۽ آهستي هن کي پٺن تي کڻي وڻ جون ٽاريون جهلي، ٿڙ تان لهي هيٺ ٿيو.

اهو سارو ڪم هن اهڙيءَ جلدائيءَ ۽ چالاڪيءَ سان ڪيو ۽ اهڙيءَ خبرداريءَ سان پاڇولي جي اونداهيءَ ۾ ڪيو، جو ڪنهن ڪو نه ڏٺس. ٿوري دير کان پوءِ جاورٽ ٻين سپاهين سوڌو اُتي آيو ۽ اڳيون سپاهي به اچي انهن کي گڏيو. سڀ حيران ٿي ويا ته هي ڪيڏي اُڏامي ويو. انهيءَ هنڌ جي ٻه سنهڙيون گهٽيون ڦٽيون ٿي، انهن مان هڪڙيءَ مان هن جي وڃڻ جو شڪ پين. پڪ ٿين ته ضرور جهلبو، جو سڀ ڪنهن گهٽيءَ ڏي هـُـنن هڪڙو ماڻهو بيهاري ڇڏيو هو. سڀئي انهيءَ پاسي ڪاهي پيا ۽ گم ٿيل ماڻهوءَ کي ڳولڻ لڳا.

جين وليجان ڇوڪريءَ سوڌو باغ جي وچ ۾ اچي بيٺو، جتي وڏا وڏا درخت بيٺا هئا. اهو هڪڙو تمام وڏو باغ هو. هڪڙي پاسي ته باغ ئي باغ هليو ويو، ۽ ٻئي پاسي هڪڙي وڏي جهوني عمارت نظر آئي. پهرين جوراب ۽ بـُـوٽ ڍڪي پوءِ ڪاسيٽ جي ٻانهن وٺي باغاين واري مـَـنهه ۾ آيو. ٻاهران سپاهين جي ڊوڙ ڊڪ جو دٻڪو ۽ هـُـل پئي ٻڌائون. پاءُ ڪلاڪ کان پوءِ ماٺ ٿي وئي. اوچتو ئي اوچتو انهيءَ پاسي واريءَ عمارت مان گهڻن زالن ۽ ٻارن جو گڏ ڳائڻ جو سٺو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جن ڪا مناجات يا دعا يا ڪو مذهبي راڳ پئي ڳايو، ۽ ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ آسمان مان ملائڪن جو ڳايل گيت پيو ٻڌجي. اهڙيءَ ماٺ ۽ رات جي وقت، ٻڌندڙن کي ڏاڍي فرحت پئي آئي، مـَـنهه خالي پيو هو. ماڻهو ڪو نه هو. هي ٻيئي ڄڻا اتي ويهي راڳ ٻڌڻ لڳا. مـَـنهه چئني پاسي کليل هو ۽ سخت سيءُ پئي پيو. زمين به گهميل هئي. ڪاسيٽ ويچاريءَ کي ننڊ اچي وئي، تنهن کي کڻي هڪڙيءَ ڪنڊ کان سمهاريائين، ۽ پاڻ سماءُ وٺڻ لڳو.

معلوم ڪيائين ته اها جاءِ زالن جي رهڻ جي مڙهي ۽ ديول آهي. ديول جو گهنڊ به پئي وڳو. هيڏي هوڏي گهمڻ سان گدرن جي واڙيءَ ۾ هڪڙو منڊو باغائي ڏٺائين. پهرين ته ڊپ ٿيس ته متان جاورٽ جو ڪو ڇڏيل جاسوس هجي، پر پوءِ همت جهلي هن وٽ ويو. کيسي ۾ جو سؤ رپين جو رول ويڙهيل ٻڌل پيو هوس، سو ڪڍي هٿ ۾ ڪيائين ۽ هن کي ويجهو وڃي چيائين ته ”سؤ رپيا روڪ.، اهو ماڻهو ڇرڪ ڀري هن ڏي نهارڻ لڳو. جين وليجان چيس ته ”ادا، رات جو مون کي ڪٿي ٽڪڻ ڏي ته تو کي سؤ رپيا ڏيان. چانڊوڪيءَ ۾ انهيءَ منڊڙي باغائي ڏسي ڏسي چيس ته ”هان، سائينءَ اوهين ته مڊيلين آهيو!“ پوءِ پاڻ ۾ بيهي ڳالهيون ڪيائون معلوم ٿيو ته هي اُهو ساڳيو منڊو ماڻهو فاشل ونٽ هو، جنهن کي جين وليجان جڏهن مڊيلين هو، تڏهن انهيءَ مڙهيءَ ۾ باغائيءَ جي جاءِ وٺي ڏني هئائين. انهيءَ ٻڌايس ته انهيءَ عمارت ۾ فقط زالون ۽ ڇوڪريون ٿيون رهن ۽ ڪنهن به مڙس ماڻهوءَ کي اتي اچڻ ۽ رهڻ جو حڪم ڪونهي. جين چيس ته ”اڳي مون تنهنجو ساهه بچايو هو، هاڻ تون منهنجو بچاءِ. مون سان هڪڙي ننڍڙي ڇوڪري به آهي، جا هن سـُـڃيءَ لانڍيءَ ۾ ئي آهي، ڪا جاءِ ڏي جتي رات گذاريون. ڊپ آهي ته متان ڇوڪريءَ کي سردي لڳي ۽ مري وڃي.“ منڊڙي فاشل ونٽ پنهنجي ڪوٺي ڏيکاريس. جين وڃي ڪاسيٽ کي ستل ئي کڻي آيو، ۽ آڻي انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ ٽپڙ وجهي سمهاريائينس. پوءِ ٻيئي ڄڻا باهه تي ويهي، پاڻ ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳا.

مٿي جيڪا ڳالهه پئي ڪئي اٿئون تنهن جي مفصل حقيقت هي آهي ته جڏهن جاورٽ انسپيڪٽر جين وليجان کي فنٽائن جي مرڻ وقت گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، تڏهن جين اٿي ڀڳو. پوليس کي پڪ ٿي ته هي پئرس ڏي ويندو، تنهنڪري اوڏانهن پٺيان لڳس. جاورٽ کي هشيار ڄاڻي سندس آفيسرن اهو خلاصو ڪم سندس ذمي ڪيو. انهيءَ کان پوءِ جاورٽ جاسوسي ڪندو رهيو ۽ اخبارون ڏسندو رهيو ۽ شڪي ماڻهو ڏسندو ۽ احوال پڇندو رهيو. اخبار ۾ اها ڳالهه پڙهيائين ته جين وليجان تي مقدمو هليو ۽ جنم قيد سان ٽولون جي وڏي جيل ۾ ويو ۽ اتي هڪڙي جنگي جهاز جي ڪلميءَ تان ڪـِـري سمنڊ ۾ ٻڏي مئو. انهيءَ هوندي به جاورٽ کي جين وليجان جي چالاڪي سجهي ٿي، تنهنڪري ڳالهه ۾ گهڻو شڪ گذريو. ڄاتائين ته هو اهڙو جلد مرڻ جو ناهي. وري ڪن ڏينهن کان پوءِ اخبار ۾ پڙهيائين ته مانٽفرميل ۾ فنٽائن نالي هڪ زال پنهنجي ڌيءُ ڪاسيٽ ڪنهن هوٽل واري وٽ ڇڏي هئي، سا اتان ڪو ماڻهو چورائي ڀڄائي ويو آهي. اها خبر پڙهي جاورٽ ويچار ڪيو، ۽ فنٽائن جو نالو ياد پيس. پڪ ٿيس ته اهو جين وليجان هوندو، جو انهيءَ ڇوڪريءَ کي وٺڻ ويو هوندو، تنهنڪري هڪدم مانٽفرميل ۾ ويو. ٿينارڊير کي وڃي هٿ ڪيائين. هن بروقت ئي پوليس ۾ رپورٽ ڪئي هئي، پر پوءِ جڏهن پوليس وارا آيا تڏهن رولي کان بچڻ جي لاءِ اُبتا سبتا جواب ڏئي هنن کي هلائي ڇڏيائين، تنهنڪري جاورٽ کي هنن کان پورو پتو ملي نه سگهيو. هاڻي پڪ ٿيس ته جين وليجان برابر ٻڏي مئو. انهيءَ سمجهه تي ماٺ ڪري ويهي رهيو.

ٻئي سال هو اتفاق سان اُتي اچي نڪتو جتي جين وليجان ڇوڪريءَ سميت اچي لڪو هو. جنهن فقير کي جين خيرات ڏيندو هو انهيءَ کان معلوم ٿيس ته ڪو ٻڍو هڪڙيءَ ڇوڪريءَ سان مانٽفرميل کان هتي اچي رهيو آهي. سو ويس بدلائي هڪڙي ڏينهن انهيءَ فقير جي جاءِ تي شام جي وقت ويهي رهيو ۽ خيرات ڏيندي جين کي ڏسي سڃاتائين. ٻڍيءَ زال کان به سارو احوال معلوم ٿيس، جنهن جي جاءِ ۾ مسواڙ تي هو رهندو هو. جڏهن جين وليجان کي شڪ پيو تڏهن اها جاءِ ڇڏي ڀڳو، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. هڪڙي هنڌ رستي جي بتيءَ جي سوجهري تي جاورٽ جين وليجان کي سڃاتو ۽ پوءِ ڪي سپاهي وٺي پٺيان لڳس، پوءِ نيٺ هو چالاڪيءَ ڪري ڇوڪريءَ سميت ڀت ٽپي انهيءَ باغ ۾ آيو ۽ جاورٽ وري نااميد ٿي هن کي وڃائي ويهي رهيو، پر جاورٽ به ڏاڍو خبردار جاسوس هو، تنهن کي بتيءَ جو وڍيل رسو ڏسي شڪ پيو ته ڪٿي چڙهي ڀڄي ويو آهي، تنهنڪري صبح جو ٻه سپاهي جاسوس اُتي ڇڏي، پاڻ پئرس ڏي هليو ويو.

 

 

باب ڏهون

اها مڙهي، جنهن جي حد اندر جين وليجان ڄڻ ته آسمان مان ڪـِـري پيو هو، تنهن جو نالو پڪپس جي مڙهي هو. اُتي فقط زالون رهنديون هيون، جي حق بخشي ڪري اندر ويهي رهنديون هيون، ۽ مڙس جو منهن نه ڏسنديون هيون، اڪثر ڪاري پوشاڪ خاص نموني جي ڍڪينديون هيون، ۽ ٽوپي به خاص قسم جي برقعي وانگي ڍڪينديون هيون. جيڪي منجهن وڏيون هونديون هيون، جن کي نـَـنُ سڏيندا هئا سي ننڍين کي تعليم ڏينديون هيون. تعليم اڪثر مذهبي ملندي هئي. منجهن هڪڙي سڀني جي وڏي هوندي هئي. ڪنهن مڙس ماڻهوءَ کي ڪو اُتي ڪم پوندو هو ته خاص ٺهرايل هنڌ تي. گهنٽي وڄائي اچي بيهندو هو. اندران اها وڏي نن کائنس پڇندي هئي ته ڪهڙو ڪم آهي، پر ڪنهن به عذر تي مڙس ماڻهو اندر ڪو نه وڃي سگهندو هو. انهيءَ مڙهيءَ سان شامل هڪ ديول به هئي، ۽ ٻارن جو اسڪول به هو.

منڊڙي باغائي فاشل ونٽ کي مڊيلين جا احسان ياد هئا، تنهنڪري هينئر  هن کي  انهيءَ سان ڀلائيءَ ڪرڻ جو چڱو وجهه مليو. هن ارادو ڏيکاريو ته اڳتي پنهنجي ڏُهٽي سوڌو اتي رهان. پر ٻيو ڪو مڙس ماڻهو اتي ڪيئن رهي سگهي؟ منڊڙي باغائيءَ کي به لاچار اتي رهايو هئائون. انهيءَ بابت ٻنهي ڄڻن انهيءَ رات ويهي پاڻ ۾ صلاح ڪئي. باغائيءَ چيس ته تون چڱي موقعي تي آيو آهين. هڪڙي نـَـن مـُـئي آهي - سڀ زالون انهي جي ڪم ۾ مشغول آهن. اسان ڏي گهڻو ڌيان ڪو نه ٿيندن. منهنجي مرضي آهي ته ڪنهن تجويز سان تون رات جو مڙهيءَ جي حد مان ٻاهر نڪري وڃين، ۽ سڀاڻي وڏي درَ مان اچين ته پوءِ مٿو هڻي تو کي پاڻ سان رهڻ جي موڪل وٺي ڏيان ۽ تنهنجي ڏهٽيءَ کي به اندر اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيان. نه ته چوڻ ۾ ايندو ته هي ٻيو مڙس ماڻهو اندر ڪيئن آيو؟“

هي ٻڌي جين وليجان کي فڪر ٿيڻ لڳو. ٻاهر ڪيئن نڪري؟ ڇوڪريءَ کي ته باغائي ويڙهي سيڙهي ٻاهر ڪڍي وڃي سگهندو، پر هو پاڻ ڪيئن نڪري ۽ ڪٿي صبح تائين ترسي، متان انهيءَ وچ ۾ وري پڪڙجي وڃي- اها ڏاڍي مشڪلات جي ڳالهه هئي. ائين ڪندي اندران گهنڊ وڳو. منڊڙي باغائيءَ چيو ته ”اهو مون کي سڏ آهي، آءٌ وڃي حڪم ٻڌي ٿو اچان.“ ائين چئي هو ويو، ۽ ٺهرايل جاءِ تي وڃي بيٺو. پردي جي اندران وڏي نن هئي، تنهن چيس ته ”ٻڍا فاشل ونٽ، اسان جي هڪڙي نن مري ويئي آهي، پر اها وصيت ڪري وئي آهي ته کيس ديول جي ٿلهي هيٺ دفن ڪجو ۽ انهيءَ پيتيءَ ۾ دفن ڪجو جنهن ۾ عمر ساري ستي پئي هئي. اگرچ سرڪاري منع آهي ته به اهڙي پاڪ زال جي وصيت جي مذهبي حڪمن موجب ضرور تعميل ڪرڻ گهرجي، تنهنڪري اسان صلاح ڪئي آهي ته اڄ رات يارهين بجي مهل تون هڪڙي لوهه جي لٺ پاڻ سان کڻي اچي، ٻين زالن جي مدد سان انهيءَ نن کي انهيءَ پيتيءَ ۾ وصيت ڪيل هنڌ پورجئين ۽ ٻي خالي پيتي جا دستور موجب تيار ڪرائي وئي آهي، تنهن کي جنازي وانگي هتان ٻاهر نيئي مقرر مقام ۾ دفن ڪبو، جيئن شڪ نه پوي ته بيقاعدي ٻئي هنڌ ماڻهو دفن ڪيو ويو آهي.“

منڊڙي باغائيءَ چيو ته ”آءٌ حاضر آهيان، مگر پيتي جا ٻاهر ويندي سا کڻڻ ۾ ته هلڪي لڳندي، متان ڪو شڪ پوي.“ نـَـن کي اها ڳالهه واجبي ڏسڻ ۾ آئي، بيهي خيال ڪرڻ لڳي. باغائيءَ چيو ته ”جي اوهان جي مرضي هوندي ته آءٌ انهيءَ ۾ ڀتر ۽ پهڻ ماڻهوءَ جي بار جيترا وجهي ڇڏيندس. پيتي مٿان ته اهين ئي ڪپڙن سان ڍڪيل هوندي ۽ تختن کي ڪليون لڳنديون.“ اها ڳالهه نن کي گهڻو پسند آئي. اتي ٻڍي باغائيءَ ٻيو عرض ڪيو ته ”منهنجو ڀاءُ آهي جو مون کان به عمر ۾ وڏو آهي، اهو ٻئي ملڪ ۾ هو، هاڻ هتي آيو آهي انهيءَ کي اٺن ورهين جي ڏُهٽي به آهي، انهيءَ کي مڙهيءَ ۾ رکڻ ۽ تعليم ڏيارڻ ٿو گهري، تنهنڪري اجازت ملي ته آءٌ انهيءَ کي پاڻ سان پنهنجي ڀـُـنگيءَ ۾ رهايان؟“ انهيءَ تي وڏيءَ نـَـن چيو ته ”چڱو، سڀاڻي ڏينهن جو انهيءَ کي ڇوڪريءَ سميت وٺي اچ، پوءِ ڏسبو“. پوءِ باغائيءَ کي وري به يارهين بجي اچڻ جو تاڪيد ڪري، روانو ڪري پاڻ هلي وئي.

ٻڍي فاشل ونٽ اچي جين وليجان  کي حال ڏنو. پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته جين وليجان انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪي ويهي، جتي خالي جنازي واري پيتي رکي آهي ۽ جنهن جي ڪنجي باغائي وٽ هئي. جڏهن باغائي ٺهرايل وقت اتي ايندو، تڏهن ڀترن ۽ پهڻن بدران جين وليجان کي انهيءَ ۾ سمهاري ڇڏيندو، انهيءَ طرح هو مڙهيءَ جي حد مان ٻاهر نڪري ويندو. وري دستور موجب نن جا جنازا به رات جي اندر کڻبا هئا، نه ڏينهن جو، تنهنڪري پاڻ سولائي ٿيندي- ساهه کڻڻ جي پيتيءَ جي تختن ۾ هڪ - ٻن هنڌن تي سـِـيرائيءَ سان ٽـُـنگ ڪرڻ جي رٿ ڪيائين. اهو ٺهراءُ ڪري ڇڏيائون ته انهي پيتيءَ کي مقام ۾ پورڻ مهل تجويز ڪري جين وليجان کي تختو کڻي ڪڍي ڇڏبو ۽ هو پوءِ مڙهيءَ ۾ هليو ايندو.

اها جيڪا هنن رٿ رٿي هئي سا سڄي تعميل ۾ آئي. نن اندر دفن ڪئي ويئي ۽ جين وليجان ٻي خالي پيتيءَ ۾ ٻاهر ويو ۽ پيتيءَ جي پورڻ مهل نڪري ٻاهر ٿيو. جيڪو قبر کوٽڻ وارو باغائيءَ سان شامل هو، تنهن کي ڪنهن عذر تي هن ٿوري تائين پاسي ڪيو، جنهن وچ ۾ جين نڪري آيو، پوءِ باغائي انهيءَ کي وٺي مڙهيءَ جي باغ ۾ آيو ۽ صبح جو سويل هن کي به ڪوڏر ڏئي ٻيئي ڄڻا باغ جي ڪم ۾ لڳا. مڙهيءَ جي نن انهيءَ کي ڏٺو. سڀني کي معلوم ٿيو ته مڙهيءَ واري باغائيءَ جو ڀاءُ آهي جو هن جو مددگار ٿي ڪم ڪندو.

انهيءَ طرح ٻڍي فاشل ونٽ جي مدد سان جين وليجان پنهنجو ٽڪاڻو به ڪيو ۽ ڪاسيٽ کي به مڙهيءَ جي اسڪول ۾ داخل ڪيائين، جتي هن جي خوراڪ، پوشاڪ ۽ تعليم جو خاطر خواه بندوبست ٿيو. هن جا ماءُ جي ماتم وارا ڪارا ڪپڙا ۽ سندس جـُـتي ۽ جوراب يادگيريءَ لاءِ هڪڙي پيتيءَ ۾ بند ڪري رکي ڇڏيائين.

جين وليجان پنهنجو نالو اتي فاونٽ چوايو. جڏهن مڙهيءَ کان ٻاهر ڪو ڪم ٿيندو هو تڏهن فاشل ونٽ ويندو هو، ۽ جي مڙهيءَ جي اندر هوندو هو ته اهو فاونٽ پيو ڪندو هو. ڪاسيٽ کي ايتري موڪل ملي ته ڏهاڙي هڪڙو ڪلاڪ پنهنجي ناني وٽ ٻاهر ايندي هئي. انهيءَ طرح جين وليجان ۽ ڪاسيٽ ڄڻ ته دوزخ مان نڪري بهشت ۾ پيا، ۽ پنهنجا ڏينهن سک ۽ آرام ۾ گڏارڻ لڳا. ورهيه لنگهي ويا ۽ ڪاسيٽ وڏي ٿيندي وئي ۽ پڙهي هشيار به ٿي ۽ خوبصورت جوان زال به ٿي-

 

باب يارهون

انهيءَ ڳالهه کي اٺ - نـَـو ورهيه گذري ويا. بلورڊ جو مڪان، جتي جين وليجان جاءِ مسواڙ تي ڪري ڇوڪريءَ سميت اڳي رهيو هو. اتي هينئر اڳوڻي مالڪياڻيءَ جي بدران ٻي هڪڙي ٻڍي زال رهندي هئي. انهيءَ ساڳئي گهر ۾ جنهن ۾ جين رهندو هو، هينئر ”جانڊريٽ“ نالي هڪڙو شخص رهندو هو، جنهن کي هڪ زال ۽ ٻه ڌيئرون هيون. تمام غريب ماڻهو هوندا هئا ۽ تمام ڏکيو گذران ڪندا هئا. انهيءَ جي پاسي ۾ ٻي هڪڙي جاءِ هئي، جتي ٻيو هڪڙو شخص ”ميريس“ نالي رهندو هو، جو پڻ هڪڙو جوان شخص هو.

اهو ميريس جارج پانٽمرسيءَ جو پٽ هو، جو جنگي کاتي ۾ هڪڙو ڪرنل هو ۽ گهڻين جنگين ۾ وڙهيو هو. انهيءَ جي زال پئرس جي هڪڙي ٻڍي سکر ماڻهو ”گلي نارمنڊ“ نالي جي ڌيءَ هئي، جو مريس مڪان ۾ رهندو هو. اهو نوي ورهين عمر جو هو، ۽ ڏاڍو چيڙاڪ طبعيت جو هو. گلي نارمنڊ کي ٻي به ڌيءَ هئي، جا پنهنجي ڀيڻ کان وڏي هئي، مگر شادي ڪا نه ڪئي هئائين ۽ اها به هاڻ پنجاهه ورهين عمر جي هئي ۽ پيءُ سان گڏ رهندي هئي. ننڍي ڌيءَ  هڪڙو ٻار ڇڏي مري وئي هئي، جو گلي نارمنڊ پاڻ وٽ آڻي رهايو ۽ پالي وڏو ڪيو. اُهو هو ميريس. انهيءَ ٻڍي جي پنهنجي ناٺيءَ جارج پانٽمرسي سان ڪين پوندي هئي ۽ اهو هن کان ڌار رهندو هو، ۽ اهو حڪم هوس ته پنهنجي پٽ جو اصل منهن نه ڏسندو. ميريس کي  به فقط ايتري خبر هئي ته مون کي هڪڙو پيءُ آهي، بس.

جارج پانٽمرسي اهو ساڳيو شخص آهي جو واٽرلو واري لڙائيءَ ۾ وڙهندي ڦٽجي پيو هو ۽ مئلن سان گڏ پيو هو، جنهن جا پئسا،واچ ۽ سونو ٻلو وغيره ٿينارڊير چورائي ويو هو ۽ انهيءَ کي مدد ڪري اُٿاري ويهاري، پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ کي ايندو ڏسي ڀڄي ويو هو. پوءِ هو نيٺ چڱو ڀلو ٿيو، ۽ وري جنگي کاتي ۾ نوڪر ٿيو، ۽ هاڻي پينشن ملندي هيس. جنهن تي آسائش سان گذاريندو هو. پٽس ڏانهنس ڪڏهن ڪڏهن خط لکندو هو، ۽ انهيءَ جا هو پيار مان جواب به لکندو هو، پر نانس اُهي خط هن کي نه ڏيندو هو.

ميريس کي ننڍي هوندي موچاري تعليم ملي هئي، بادشاهه جي طرف وارن مان هو. ناني جي طبعيت نه وڻندي هيس، تنهنڪري انهيءَ سان نه پوندي هيس. هو ڏاڍن چڱن اخلاقن وارو ۽ خوش طبع جوان هو. هينئر سترهن ورهين جو هو. هڪڙي ڏينهن نانس سڏي چيس ته ”تنهنجو پيءُ سخت بيمار آهي: ضروري خط لکيو اٿس. تون هڪدم وٽس وڃ.“ ميريس پهرين ته حيران ٿيو جو اهڙي مهربانيءَ جي اميد ڪا نه هيس. پوءِ دل جي خوشيءَ سان انهيءَ حڪم جي تعميل ڪرڻ لڳو. ويجهي ايندڙ گاڏيءَ ۾ چڙهي ڏنل پتي تي روانو ٿيو، وڃي انهيءَ هنڌ پهتو. پڻس کي هڪ - ٻه ڏينهن اڳي دماغ جو تپ ٿيو هو ۽ اوچتو مري ويو. اڃا تازو مئو هو ڊاڪٽر ۽ پادري مٿانس بيٺا هئا، ته ميريس وڃي پهتو. پنهنجي پيءُ کي پهريون دفعو ۽ پويون ئي دفعو ڏٺائين - منهن تي زخم بيٺو هوس. خوش به ٿيو ۽ ڏک به ٿيس، جيڪي حاضر هئا تن ساڻس معذرت ۽ همدردي ظاهر ڪئي، ۽ نوڪرياڻيءَ هڪڙو ڪاغذ آڻي ڏنس جو سندس پيءُ سندس لاءِ لکي ڇڏي ويو هو. انهيءَ ۾ هيئن لکيل هو: ”منهنجي پٽ ميريس جي لاءِ - واٽرلو جي جنگ ۾ فرانس جي شهنساهه مون کي بئرن ڪيو ۽ سونو ٻلو ڏنائين. جڏهن رعيتي حڪومت قائم ٿي، تڏهن اُنهيءَ خطاب تي اعتراض آندو آهي، پر انهيءَ هوندي به اسان جو خطاب موروثي آهي. اهو تون رکجئين.“ ڪاغذ جي پٺيان وري هيئن لکيل هو ته ”واٽرلو جي لڙائيءَ ۾ هڪڙي سپاهي ٿينارڊيئر نالي منهنجي جان بچائي هئي. اهو پئرس جي ويجهو مانٽفرميل ۾ هڪڙي هوٽل ٿو رکي، تون انهيءَ سان جيتري ڀلائي پڄي سگهئي، اوتري ڪجئين.“

صحيح

ڪرنل جارج پانٽمرسي

ميريس پنهنجي پيءُ جي لاش دفن ڪرڻ کان پوءِ موٽي پنهنجي ناني وٽ آيو. وري اچي پئرس ۾ قاعدن پڙهڻ ۾ مشغول ٿيو. اُتي اخبارن  ۽ سرڪاري دفترن پڙهڻ سان ۽ وطن دوست مدبرن جي صحبت ڪرڻ سان پنهنجي پيءُ جي بهادريءَ ۽ نيڪيءَ جي تعريف ٻڌائين، تڏهن هن جي اک کلي ۽ پيءُ تي فخر ڪرڻ لڳو، ۽ ناني جي واهياتي ڳالهين تي دل ۾ کلڻ لڳو ۽ معلوم ٿيڻ لڳس ته ناحق ننڍي هوندي کان پيءُ کي وساري ڇڏيائين، ۽ مٿس جيڪي خدائي حق ۽ فرض هئا سي بجا نه آندائين. انهيءَ لاءِ ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ وقت بوقت پيءُ جي قبر تي وڃي معافي گهرڻ لڳو. انهي مان اهو به اثر پيدا ٿيو ته اڳي نانس وانگي ملڪ ۾ فساد ۽ ڦيـر گهير ڪرڻ وارن جي طرف جو هو، پر هاڻ پيءُ وانگي بادشاهه جي طرف وارن سان شمار ٿيڻ لڳو، ۽ پيءُ وارو موروثي خطاب ۽ ٻلو فخر سان ڪم آڻڻ لڳو.

جڏهن وري موڪل تي ناني جي گهر آيو تڏهن نانس اهڙي حقيقت معلوم ڪري منجهانئس ڏاڍو رنج ٿيو. جيتوڻيڪ سندس ماسي کيس گهڻو پيار ڪندي هئي ۽ سندس طرف هئي، ته به ٻڍو خفقاني گلي نارمنڊ مڙڻ جو نه هو. هن صفا چيس ته: ”جڏهن هاڻ تون پنهنجي پيءُ جو پٽ ٿيو آهين ۽ نه منهنجو، جنهن هيستائين تو کي پئي پاليو آهي تڏهن  مون وٽان نڪر، جيڏي وڻئي تيڏي وڃ. اڳتي ڇهين ڇهين مهيني تو کي سٺ مهرون پهچايون وينديون . بس، وڌيڪ تنهنجو مون سان واسطو ڪونهي.“ ڪاوڙ کان هن ويچاري جي پيءُ جو وصيتنامو به هن باهه ۾ ساڙي ڇڏيو، جنهن جو هن کي گهڻو ارمان ٿيو. انهيءَ هوندي به هن کي ان جو مضمون ياد هو، ۽ هن پڪو ٺهراءُ ڪيو ته انهيءَ تي تعميل ڪندو رهندو.

انهيءَ طرح ميريس ڪاوڙجي ناني جي گهران نڪتو، کيسي ۾ فقط ٽيهه رپيا هئس. ڪي ٿورا ڪپڙا ٿيلهي ۾ وجهي، گاڏي ڀاڙي ڪري نڪري پيو ۽ ڪنهن کي سماءُ ڪو نه پيو ته ڪيڏي ٿو وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org