سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: اُونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)

باب: --

صفحو :11

 

پيشيءَ جا پاڇا لڙيا ته سارنگ ۽ ماڻڪ ڪراچيءَ جي ويجهو پهتا. سامهون ناريل، کجين، زيتونن ۽ انبن جا باغ هئا. پريان لياري ندي هئي ۽ نديءَ جي هن پار ڪراچيءَ جي ڪوٽ جون ڀتيون ۽ برج ٿي نظر آيا. باغن ۾ مٺي پاڻيءَ جا کوه هئا ۽ اُٺن نار ٿي ڪاهيا. هنن گهوڙا جهليا، گهوڙن تان لهي نار جي مٺي ۽ ٿڌي پاڻيءَ سان هٿ منهن ڌوتائون ۽ ٿوري دير وڻن جي ڇانوَ  هيٺان آرامي ٿي گهوڙن تي چڙهيا ۽ شهر ڏانهن روانا ٿيا. لياري نديءَ جو سڪل پيٽ لتاڙي هو ڪراچيءَ جي ڪوٽ جي مٺي در جي سامهون اچي بيٺا. شهر جي چوڌاري شهر پناه ڏنل هئي. ڀتين تي وڏا وڏا برج هئا. ڪوٽ جي مٺي در جي مٿان به برج ٺهيل هئا، جن ۾ پهريدارن جي بيهڻ جون جايون هيون. ڪڏهن ڪوٽ جي انهن برجن تي ٽالپرن جو جهنڊو ڦڙڪندو هو، جنهن تي ڇهه ست لڳو لڳ ڳاڙها ۽ اڇا پٽا هئا پر هينئر اتي انگريزن جو جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو. هو ٻئي گهوڙن تان لٿا ۽ گهوڙن کي لغام کان جهلي شهر ۾ داخل ٿيا. ساڳيون ٺٽي جهڙيون ور وڪڙ گهٽيون، ڪچا گهر، منگهه، مسيتون، گهوڙن جا هوڪا، هنن کي سيٺ نائونمل جي اوطاق تي وڃڻو هو. هو پڇا ڪندا، گهٽين مان ٿيندا، نائونمل جي اوطاق تي پهتا.

اوطاق جي آڳر ۾ ڇڙڪاءُ ٿيل هو. پڙڇ، گلم ۽ موڙا وڇايل هئا، جن تي رتبي ۽ مرتبي آهر ماڻهو ويٺا هئا. سامهون هالن جي جنڊيءَ جي کٽ تي، ريشمي طول ويهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي نائونمل ويٺل هو. نائونمل  کي هنن پهرين به ڏٺو هو. هو ماڻڪ جي پيءُ جو دوست هو، گهاري ۾ واپار جي ڪوٺي هئس. ڪم ڪار سانگي ٺٽي ايندو هو ته ماڻڪ جي پيءُ وٽ ترسندو هو. ماڻڪ جو پيءُ صراف هو ۽ ناڻي جي ڏيتي ليتيءَ جو ڪاروبار ڪندو هو. سارنگ جو پيءُ زميندار هو. ماڻڪ جي پيءُ سان گهاٽي دوستي هئي ۽ ماڻڪ جي پيءُ جي معرفت ئي هن جي نائونمل سان ڏيٺ ويٺ ٿي هئي. ميرن جي صاحبيءَ کان پوءِ به هو هڪ دفعي ٺٽي آيو هو ۽ ماڻڪ ۽ سارنگ سان مليو هو. تڏهين هو ٻئي ننڍا هئا. پر هنن کي نائونمل جي شڪل صورت چڱيءَ طرح ياد هئي. هينئر هو گهڻو پوڙهو ٿي لڳو ۽ بت ۾ گهڻو لهڪاريل ٿي ڏٺو. کٽ جي ڀر ۾ حقو پيو هو ۽ نائونمل حقي  جا ڪش به وٺي رهيو هو ۽ ماڻهن سان ڳالهائي به رهيو هو. هنن ٻنهي کي ڏسي هو کٽ تان اٿيو ۽ ڏاڍي شفقت سان هنن سان مليو. ماڻڪ هن جا پير ڇهيا ۽ سارنگ به ساڻس نوڙي مليو. ٻئي موڙن تي ويٺا ۽ نائونمل هنن کان احوال ورتا. نوڪر يڪدم ٺٽي جي شربت جا ٻه گلاس کڻي آيو. شربت پيتائون ته ڄڻ ٿڪ لهي وين. نائونمل چڱيءَ دير تائين  هنن سان حال احوال ڪندو رهيو. پوءِ هو ڌوتيءَ جا پلوَ سنڀاليندو کٽ تان اٿيو. ماڻهو به اٿي بيٺا. منشيءَ کي سارنگ ۽ماڻڪ جي رهائش، ماني ٽڪي ۽ آرام جون هدايتون ڪري هو ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊي سان ملڻ لاءِ هليو ويو. اتي رات به سهڙي، سارنگ ۽ ماڻڪ کي سفر جي ڪري ٿڪ به ڏاڍو هو. ٻئي وهنجي سهنجي، ماني ٽڪي کائي کٽن تي ليٽيا. هيڏانهن هوڏانهن جون اجايون سجايون ڳالهيون  ڪيائون ۽ پوءِ ماڻڪ ته پاسو ورائي سمهي پيو پر سارنگ کي ننڊ ئي نٿي آئي. پئي ٿي پاسا ورايائين. دل ۾ ڪنڊو ٿي چڀيس. پنهنجو پاڻ کي ٿي ننديائين ته ماڻڪ جي ڳالهه ڇو مڃيم ۽ ڪراچيءَ ڇو آيس. هن ڪنڌ ڦيري ماڻڪ ڏانهن نهاريو. ماڻڪ اگهور ننڊ ۾ هو. هن جي دل چيو ته هو ٽپ ڏيئي اٿي ۽ گهوڙي تي هنو وجهي ۽ ماڻڪ کان لڪي ٺٽي هليو وڃي. ٺو هن جي آرزوئن جو شهر!

 

سارنگ ۽ ماڻڪ ٻئي ٺٽي  جا رهاڪو هئا. ٻئي ننڍپڻ جا دوست هئا. ٻئي گڏجي رانديون کيڏي جوان ٿيا هئا. ننڍپڻ ۾ ڪيترا دفعا پاڻ ۾ وڙهيا هئا. ڪيترا ڏينهن پاڻ ۾ نه ڳالهايو هئائون. پر ٻنهي جي هڪٻئي کان سواءِ ڪانه سرندي هئي. پرچڻ جا وجهه پيا ڳوليندا. پر ڪوڙو هٺ، ڪوڙي هوڏ! آخر ٻنهي مان هڪڙو هٺ ڀڃي وڃي ٻئي کي پرچائيندو، ڳراٽڙي پائيندا ته سڪ پهرين کان وڌي ويندين. ائين رانديون کيڏندا، وڙهندا پرچندا جوان ٿيا. ماڻڪ فارسي پڙهيو. پنڊتن کان هندي ۽ سنسڪرت سکيو. سارنگ عربيءَ ۽فارسيءَ جو عالم ٿيو. سارنگ شاعر هو. نثر به سٺي لکندو هو. ماڻڪ جو لاڙو وري تاريخ ڏانهن هو. هن سنڌ جي جدا جدا لکيل تاريخن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سنڌ جي هڪڙي نئين تاريخ ٿي لکي. شام جو هو ٻئي گهوڙن تي چڙهي گهمڻ ويندا هئا. ساموئي ۽ طغرل  آباد جا کنڊن مڪليءَ جا مقبرا جن ۾ بادشاه، حاڪم، شاعر، اديب، ظالم ۽ مظلوم دفن هئا. مڪليءَ جي پيرن وٽ ڍنڍ هئي. ڍنڍ جي نيري نيري مٿاڇري تي ڪنول جا اڇا گل ترندا هئا. ڍنڍ جي پرينءَ ڀر کجين جا جهُنڊ هئا ۽ انهن کان اڳتي ٺٽي جو شهر هو. ڪچا گهر، گهرن جي مٿان ڪر کڻي بيٺل منگهه. سٻاجهڙو ۽ نماڻو ٺٽو! ان سٻاجهڙي ۽ نماڻي ٺٽي تاريخ جا ڪيڏا نه ظلم سٺا هئا. سمن سلطانن ٺٽي کي الف ليليٰ  واري بغداد جي سونهن ڏني. هرات ۽ شيراز جهڙو دارالعلوم  بڻايو. ٺٽي ۾ اهڙا ته سهڻا سرو جا وڻ هئا جو امير خسرو پنهنجي محبوب جي قد جي تشبيہ ٺٽي جي سرو جي وڻن سان ڏني.

سروِ چوٽو، در اَچ و در تته تباشد
گل مثلِ رخِ خوبِ، تو، آلبته نباشد

ڇريل ۽ کهنبي ويس، عاج ۽ چانديءَ جي ٻانهين، ۽ چانديءَ جي پنڙن واريون ڪڪوريندڙ ڪنواريون شراب ۽ ناچ جون محفلون، ميخاني جي ماڪ سان چڳون پسائيندڙ پره جا پياڪ، ملاکڙا؛ ناچ، کيج، گهوڙن جي گوءِ، نيزي بازي، مينگهه ملهار ٿيندا ته خسرو جون سَرو قد سهڻيون مڪليءَ تي ماڻن ۽ تارن جي تراڙن سان ڪوس ڪنديون. پر پوءِ تاريخ هن شهر جي سونهن ۽ جوڀن کي لٽيو. ارغونن سمن سلطانن جي بغداد کي باه ڏني. ارغونن ۽ سنڌين جون چوٽون، ارغونن ۽ ترخانن جون خانا جنگيون، ميرزا باقيءَ جا ظلم، پورچگيزن جون باهيون ۽ لُٽَ. وري جڏهن اڪبر جي سپہ سالار عبدالرحيم خان خانان ٺٽي تي حملو ڪيو ته ٺٽي جي ترخان حاڪم ميرزا جاني بيگ پنهنجي هٿن سان ٺٽي کي باه ڏني ته جيئن اڪبر جي سپہ سالار کي رک کان سواءِ ڪجهه به هٿ نه اچي. انهن جنگين ۽ باهين ۾ ٺٽي جي ساري سونهن سڙي وئي. خسرو جي محبوب جي قد جهڙا سرو جا سهڻا وڻ سڙي ويا. هاڻي هر طرف ويراني هئي ۽ ڌوڙ ٿي اُڏاڻي. پر هينئر به ان مظلوم، نهٺي ۽ نماڻي شهر ۾ پنهنجي سونهن هئي ۽ پنهنجو حسن هو. ٺٽو هن جي آرزوئن جو شهر هو. هن جي خوابن جهڙو ننڊاکڙو ۽ هن جي سنڌو جهڙو حسين. سنڌو جي نالي سان چوڌاري چڙا ٻرڻ لڳا ۽ چڙن جي لار ڪاتي بڻجي هن جو هنيانءُ ڪورڻ لڳي.

 

سنڌو کي هن پهريون دفعو مڪليءَ تي ڪالڪان جي مندر ۾ ڏٺو هو. هر سال ان مندر ۾ ميلو لڳندو هو ۽ ڏورانهن هنڌن تان هندو عورتون ۽ مڙد ياتري ديويءَ جي درشن لاءِ ايندا هئا. شاه لطيف جون سون ورنيون سوڍيون، علي شير قانع جي شاعريءَ جهڙيون ماه وش ڪنواريون ۽ پوڄڻ جهڙيون پڄارڻيون. مندر جي چوڌاري پڪي عمارتن ۽ حجرن جو سلسلو هو جن ۾ ياتري اچي رهندا هئا. ڪالڪان جي مورتي هڪڙي حجري ۾ رکيل هئي، جنهن تي آسائتيون باسون باسنديون هيون. ان مندر ۾ ئي هن سنڌوءَ کي ڏٺو هو. هوءَ ماڻڪ جي ڀيڻ رجنيءَ جي ساهيڙي هئي ۽ رجنيءَ سان گڏ مندر ۾ ديويءَ جو درشن ڪرڻ آئي هئي. پر هوءَ ته پاڻ ديوي هئي. جنهن جا سارنگ جي ديدن درشن ڪيا ته ننڊ کسائي ويٺيون. هن جي هٿ ۾ پتل جي ٿالهي هئي جنهن ۾ گلاب جا گل رکيل هئا ۽ اٽي جا ڏيئا ٿي ٻريا. ڏيئن جون ڏيئاٽيون هن جي ڳلن تي جلندڙ جوانيءَ جي ڏيئاٽين آڏو وساڻيل وساڻيل ٿي لڳيون ۽ گلاب جا گل هن جي جوڀن جي لهس ۾ ڪوماڻيل ڪوماڻيل ٿي لڳا.

ٻيو دفعو هن سنڌوءَ کي تڏهن ڏٺو هو جڏهن رجنيءَ هن کي رکڙي ٻڌي هئي. سنڌو هن کي ڏسي مرڪي هئي ۽ سارنگ جو هنيانءُ چمپا ڪليءَ وانگر ٽڙي پيو هو. سنڌو جي مرڪ ڄڻ مڪليءَ تي چانڊاڻ. سندس سونهن، ڄڻ سنڌيءَ جا سڀ سينگار بيت انساني صورت اختيار ڪري ويا هئا. سنڌو رڳو هڪڙو دفعو اکيون کڻي سارنگ ڏانهن نهاريو هو ۽ هن جي هڪڙي گهور سارنگ کي گهائي وڌو هو....

ان کان پوءِ سارنگ ڪيترا دفعا سنڌوءَ کي ڏٺو، ماڻڪ جي گهر ۾،  پنهنجي گهر۾، رجنيءَ سان گڏ مندر ويندي، هن ڪيترا دفعا هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اکر نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس. ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن نهاريندا هئا. ٻنهي جي زبان بند هئي پر اکيون آرسيون هيون جن ۾ سندن پيار جو اولڙو پيو جرڪندو هو. هن ڪيترا دفعا سنڌو کي خواب ۾ ڏٺو. هو ٻئي ڊونڊيءَ  ۾ ويٺا هئا ۽ ڊونڊي ڪينجهر ۾ تري رهي هئي. ڪنڌيءَ ڪنول ٽڙيا هئا اُتر واءُ ٿي لڳو ۽ ڪينجهر هندورو ٿي ٿي.  ڪير ٿو چوي ته نوري ۽ ڄام تماچي  مري ويا آهن. نوري ۽ ڄام تماچي ته هر دور ۾ پئدا ٿيندا آهن. ۽ هنن جي محبت جي هٻڪار ۾ ڪينجهر کٿوري ٿيندي آهي. هينئر نوريءَ جو نالو سنڌو هو ۽ ڄام تماچيءَ جو نالو سارنگ سمون!

ڪيترا دفعا هن ڀوائتا خواب  به ڏٺا. هو ۽ سنڌو ٻيڙيءَ ۾ ويٺا هئا. ٻيڙي ڪُن ۾ ڦاسي پئي هئي. چوڌاري ڪنن جا ڪڙڪا هئا. سنڌو ڊڄي هن جي سيني سان چنبڙي  هئي. سڙه ڦاٽي ويا هئا ۽ ونجهه هٿن مان ڇڏائجي ويا هئا. ٻيڙي ٿي ڦري، ڌرتي ٿي ڦري، ڪائنات ٿي ڦري. بچايو..... بچايو...... بچايو ۽ هو ڇرڪ ڀري جاڳي پوندو هو ته هن کي پنهنجي کٽ به ڦرندي محسوس ٿيندي هئي. آسمان به ڦرندو محسوس ٿيندو هو ۽ يڪدم کٽ جي پائن کي وٺي جهليندو هو ۽ پوءِ جڏهن هوش جاءِ تي ايندو هيس ته مرڪي ويهندو هو.

ڪيترا دفعا دل چيس ته ماڻڪ سان حال ڪريان. دوست سان دل جو درد ونڊيان. پر دل جهلي نه سگهيو.

 

سارنگ ۾ گهڻو ڦيرو اچي ويو هو. ڳالهائيندي ڳالهائيندي  ماٺ ٿي ويندو هو ۽ دور دور پيو نهاريندو هو. شفق ڏانهن، جنهن جي ڳاڙهاڻ م سنڌوءَ جي ڳلن جو اُهاءُ هو. سامهون ڍنڍ ڏانهن جنهن ۾ سنڌوءَ جي اکين ۾ ترندڙ پيار جي پيغامن وانگر ڪنول جا گل پيا ترندا هئا. مٿي آسمان ڏانهن جنهن جي نيري نيري مٿاڇري تي چنڊ جي ڊونڊي پئي ترندي هئي. ان ڊونڊيءَ ۾ سنڌو ۽ سارنگ ويٺا هئا ۽ هنن جي پيار،  چانڊاڻ بڻجي، ساري ڌرتيءَ کي سهائي ڏيئي ڇڏي هئي. ڪيترا دفعا ماڻڪ پڇيس ته يار ڇا ٿيو اٿيئي. ڪنهن سان انگ اڙيو اٿيئي ڇا جو ويٺي ويٺي الائجي ڪيڏانهن هليو ٿو وڃين؟ مڙه هتي اٿيئي پر پساه ڪنهن ٻئي هنڌ. ڪيترا دفعا ارادو ڪيائين ته ماڻڪ سان اندر جو سور سليان پر هر دفعي مرڪي کڻي ماٺ ڪيائين.

 

هڪڙي ڏينهن سارنگ ۽ ماڻڪ هميشہ وانگر مڪليءَ تي گهمڻ ويا، ان ڏينهن ماڻڪ ڏاڍو خوش ٿي نظر آيو. هروڀرو به ٿي مرڪيو. سارنگ ايڏو خوش ڏسي پڇيس:

 

”ڇا اهي يار، اڄ ڏاڍو خوش ٿو نظر اچين؟“

”ڇا ٻڌايانءِ. بس ائين سمجهه ته اڄ دنيا جون سموريون خوشيون مون کي ملي ويون آهن. منهنجي شادي ٿي ٿئي.“

”شادي ٿي ٿئي! ڪنهن سان؟“

”سنڌوءَ سان.“

”سنڌوءَ سان“! ڪُننِ ڪڙڪا ڪيا. سڙه ڦاٽي پيا.  ونجهه هٿن مان ڇڏائجي ويا. ٻيڙي ٿي ڦري، ڌرتي ٿي ڦري، ڪائنات  ٿي ڦري. بچايو بچايو. اڄ وري ارغونن جا گهوڙا هڻڪاريندا، ٺٽي تي ڪاهيندا ٿي آيا. ٺٽو ٿو جلي. دل ٿي جلي.....

ڏيئا ٻرئي مهل هو ٺٽي موٽي آيا. اڄ سارنگ کي ٺٽي جي مڙهين ٿي ماريو. سامي سنک وڄائي پنهنجي واٽ وٺي ويا هئا ۽ هر طرف رک ٿي اُڏاڻي.

 

آخر اهو ڏينهن به آيو جڏهن سنڌو ۽ ماڻڪ جي شادي ٿي. سارنگ پاڻ شاديءَ جو سارو بندوبست ڪيو. پنهنجن هٿن سان ماڻڪ کي موڙ ٻڌائين. پوءِ جڏهن سنڌو ڪنوار بڻجي هن کي ڏير جي حيثيت ۾ پيرين پئي تڏهن مٿي تي هٿ رکي دعا ڏنس:

”شل سکي رهين. سهاڳ سدا سلامت رهيئي شل...“

هن جو آواز ڀرجي آيو ۽ هو ماٺ ٿي ويو. پر اهڙي انداز سان جو ڪو به هن جي اندر جو راز سمجهي نه سگهيو.

 

هينئر به هو ٻئي مڪليءَ تي گهمڻ ويندا هئا. ماڻڪ شاديءَ کان پوءِ ڏاڍو خوش هو. پر سارنگ جي دل مائي مڪليءَ جهڙي ويران هئي جنهن جي ساري سونهن،  سارو جوڀن لٽجي ويو هو ۽ جتي صرف خوشين ۽ خوابن جا قبرستان هئا، محبت جون مزارون هيون. ماڻڪ هن سان سنڌوءَ جون ڳالهيون ڪندو هو. سنڌوءَ جي سونهن جون، سنڌوءَ جي پيار جون، سنڌوءَ جي پتي ورتا جون ۽ هو ماٺ ڪري هن جون ڳالهيون ٻڌندو هو. مڪليءَ جي مقبرن مان مڙدا نڪري ايندا هئا ۽ڪفنن ۾ منهن لڪائي رئندا هئا.

 

سنڌ مياڻيءَ جي جنگ ۾ هار کاڌي هئي ۽ هينئر ساري سنڌ غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙجي وئي هئي. مير شير محمد، هوشو شيديءَ جي چوڻ تي دُٻي جي جنگ مان هليو ويو هو. هن سنڌين جي ٽڙيل پکڙيل قوت کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. بلوچستان ۽ افغانستان مان مدد وٺڻ ويو هو، پر پوءِ مايوس ٿي ڪابل مان جان بچائي سنڌ ۾ موٽي آيو هو ۽ انگريزن سان ٺاه ڪري، پنهنجي جاگير ۾ گوشه نشينيءَ جي زندگي گذاري رهيو هو. سردارن کي جاگيرون ڏيئي کين خريد ڪيو ويو هو. آزاديءَ جي باه مياڻي ۽ دٻي ۾ ڀڙڪو کائي هينئر وسامي چڪي هئي پر اڃا ڪڏهن ڪڏهن ان وساڻيل باه مان ڪا چڻگ اُڏامي ٿي ۽ اونداهين ۾ ٽمڪي وري اونداهين ۾ گم ٿي ٿي وئي. شاه بلال جي خليفي، چاڪر ڇُٽي انگريز آفيسر کي ڪهايو ۽ کيس ڪراچيءَ ۾ ڦاسي ڏني وئي. ميرن جي هڪڙي خدمتگار صادق، گهوڙا ٻاريءَ ۾ انگريزن جو اناج جو ڀانڊو ڦريو ۽ پاڻ کي گهوڙا  ٻاريءَ جو  حاڪم سڏائڻ لڳو. جوکين، نومڙين ۽ ڪرمتين جي سردارن، ڄام مهر علي جوکئي، ملڪ احمد خان نومڙئي ۽ ملڪ ابراهيم ڪرمتيءَ ڪراچيءَ تي قبضي ڪرڻ جو پہ  ڪيو. ڪراچيءَ ۾ انگريزن جي ساري آرماڙ ۽ پيادي فوج ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. نائونمل جي گهر ۾ ته  ماتم مچي ويو هو ۽ هو پنهنجي خاندان سميت دخاني جهاز تي چڙهي بمبئي ڀڄي وڃڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو. پر اها چڻنگ به وسامي وئي.  گهڻي وقت کان پوءِ چاڪر خان جوکئي گُجي وٽ انگريزي فوج تي حملو ڪيو ۽ هڪ هڪ ڪري انگريزي فوجن کي ڪٺائين. پر پوءِ هو به پيش پيو ۽ جاگير وٺي ويهي رهيو. هيڏانهن مانجهند وٽ کوسن سنڌونديءَ جي ڪپ سان ڦرلٽ لائي ڏني هئي، پر اهي سڀ وسامندڙ باه جون آخري چڻنگون هيون ۽ ڪو به ان باه کي ڦوڪون ڏيئي ڀڀڙ بڻائڻ وارو نه هو. ڪو به سنڌين جي ٽڙيل پکڙيل قوت کي گڏ ڪرڻ وارو نه هو. سنڌين جي قوت کي ڪڏهن به ڪنهن گڏ نه ڪيو هو. نه مياڻيءَ جي جنگ ۾، نه دٻي جي جنگ ۾ ۽ نه هينئر. نيپئر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ  سان حڪومت ڪري واپس وڃي چڪو هو. سنڌ جي صوبائي حيثيت کي ختم ڪري، سنڌ کي بمبئيءَ سان ملايو ويو هو. سنڌ ۾ هينئر هڪڙو نيڪ دل ڪمشنر آيو هو، جنهن سنڌ ۾ وڏا سڌارا ڪرڻ ٿي چاهيا. واه کوٽايا هئائين. سرائون، ڌرم شالاؤن ۽ رستا ٺهرايا هئائين. ٽپال جو هڪڙو نئون سرشتو رائج ڪيو هئائين ۽ هينئر سنڌي زبان جي الف بي ٺهرائڻ ٿي چاهيائين ته جيئن سنڌيءَ کي سنڌ سرڪار جي سرڪاري زبان بڻايو وڃي. سنڌ سان تاريخ جتي ٻيون ڏاڍيون ڪيون هيون اُتي اها ڏاڍائي به ڪئي هئي جو سنڌي زبان کي پنهنجي ئي ديس جي مدرسن ۽ عدالتن مان نيڪالي ڏني وئي هئي. عربن جڏهن سنڌ کي فتح ڪيو ته عدالتن ۽ مدرسن جي زبان عربي ٿي ۽ پوءِ جڏهن محمود غزنويءَ سنڌ تي حملو ڪيو ته سنڌ جي عدالتن ۽ مدرسن جي زبان فارسي ٿي، سنڌي زبان ٿرن ۽ برن ۾ ئي ڀٽڪندي رهي. پر هينئر هڪڙو انگريز ڪمشنر آيو هو جنهن سنڌيءَ ٻولي کي مدرسن ۾ موٽائڻ ٿي چاهيو. سنڌيءَ جي صورتخطي ٺهرائڻ ٿي چاهيائين. ان ڪم لاءِ هن پنهنجي ديسي صلاحڪار نائونمل کان ٻن نوجوان عالمن جي گهر ڪئي. نائونمل يڪدم سارنگ ۽ ماڻڪ جي پيئرن کي چوائي موڪيلو ته ڇوڪرن کي ڪراچي موڪليو جو ڪمشنر صاحب سنڌيءَ جي صورتخطي ٺهرائڻ لاءِ کين سڏايو آهي. ماڻڪ تاريخ جو شاگرد هو. هن کي خبر هئي ته سنڌ جي تاريخ جي ڌارائن هينئر ڪهڙي رخ تي وهڻ شروع ڪيو هو. هن جو زندگيءَ ڏانهن رويو شاعراڻو ۽ ڪنهن حد تائين جذباتي هو. هن ڪراچي وڃڻ کان صفا انڪار ڪيو، چي:

”مان انگريزن جي نوڪري نه ڪندس.“ ماڻڪ سمجهايس.“

”ته انگريزن جي نوڪري ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ نٿا هلون، پر پنهنجي زبان جي نوڪري ڪرڻ ٿا هلون. تخريب ٿي چڪي هئي ۽ هينئر تعمير جو وقت هو. اچ ته ڪجهه نه ڪجهه ڪريون ٻج ڇٽيون، گل پوکيون، گيت لکون. اهو وقت ضرور ايندو جڏهن وري سنڌ آزاد ٿيندي، پوءِ سنڌ جا حاڪم ٽالپر نه هوندا جن سنڌ کي جاگير سمجهي پاڻ ۾ ورهايو هو ۽ سنڌ کي شڪار گاه بڻايو هو. پر پوءِ سنڌ جا حاڪم تو ۽ مون جهڙا انسان هوندا. تڏهن تون ۽ مان مري چڪا هونداسين. پر ٻيا ماڻڪ ۽ ٻيا سارنگ ايندا، جيڪي سنڌ جي برن ۾ بهارون آڻيندا.....“

سارنگ پهرين ته انڪار ڪندو رهيو پر پوءِ ماڻڪ جي اصرار تي راضي ٿي ويو. ٻنهي گهوڙن تي سنج وڌا ۽ ڪراچيءَ روانا ٿي ويا. هينئر هو نائونمل جي اوطاق ۾ هئا. ماڻڪ کي ننڊ وٺي وئي هئي، پر سارنگ پاسا ٿي ورايا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org