سيڪشن؛  ناول 

ڪتاب: اُونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)

باب: --

صفحو :17

 

 

رات ڏاڍي اونداهي هئي ۽ ريل زوزاٽ ڪندي، دانهون ڪيڪون ڪندي، اونداهي رات جو سينو چيريندي ڊوڙندي ٿي وئي. سيڪنڊ ڪلاس جي گاڏي ۾ پيِلن ۽ ميرن بلبن جي بيمار ۽ ميري روشني پکڙيل  هئي ۽ سنڌو، سارنگ، موهن، رجني، موهن جي ماءُ ۽ پيءُ خاموش ويٺا هئا. ڪنهن به ڪنهن سان نٿي ڳالهايو. ڄڻ هر هڪ کي اهو ڊپ هو ته جي ڪنهن هڪ اکر به ڳالهايو ته سندن سيني ۾ سمايل سورن، آسن، نراسن ۽ لڙڪن جا بند ڀڄي پوندا. لڙڪن ۽ سڏڪن جو سيلاب اچي ويندو. ڄڻ  هو سڀ سانت جي بارودي سُرنگ تي ويٺا هئا، آواز جي چوچڙيءَ سان اها سرنگ ڦاٽي پوندي ۽سندن وجود ذريون ذريون ٿي ويندا. بلبن جي اداس، بيمار ۽ ميري روشنيءَ ۾ هنن جا چهرا پيلا، اداس ۽ بيمار ٿي لڳا. ڄڻ هنن مان ست ساه ڇڏائجي ويو هو. ڄڻ هو مڙدا هئا ۽ ڪفن ويڙهي پنهنجي پنهنجي تابوت ۾ ويٺا هئا، سنڌوءَ جي چهري تي ڪو تاثر نه هو، ڄڻ هن جا سڀ احساس مري چڪا هئا. هن جون تنتون ڇڪجي تاڻجي، ڇڄي پيون هيون. هوءَ جيئري جاڳندي ممي هئي ۽ پنهنجي بي نور اکين سان دريءَ کان ٻاهر اونداهيءَ ۾ نهاري رهي هئي. رجنيءَ جي چهري تي ڊپ ۽ حراس هو. ڄڻ ڪجهه ٿيڻ وارو هو. ڄڻ دريءَ کان ٻاهر واري اونداهيءَ ۾ موت ڇَپ هڻي ويٺو هو ۽ دريءَ جا شيشا ڀڃي اندر هليو ايندو. ڄڻ ان اونداهيءَ ۾ موت جا دئيت هنبوڇيون هڻندا، ڏند ڪرٽيندا، آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندا ٿي ويا. موهن جي ماءُ پيءُ  جي چهرن تي سندن زندگيءَ جا سمورا ڏک، سمورا انديشا ۽ وسوسا مڙي آيا هئا، سندن چهري جو هڪ هڪ گهنج سوال هو ته اڳتي ڇا ٿيندو. ڪهڙي اجنبي شهر ۾ سج اُڀرندو، ڪهڙي ۾ لهندو، ڪهڙي شهر۾ کين پناهه ملندي... موهن جي چهري تي اميد جي هلڪي هلڪي روشني ڇانيل هئي. قومون ائين ئي ڊهنديون ۽ ٺهنديون آهن. ديس جي ڌرتي تپندي آهي. ۽ قومن جا قافلا اجهي جي تلاش ۾ نڪرندا آهن. اڃا اهو وقت پري آهي، جڏهن ڪنهن به ديس جي ڌرتي نه تپندي، جڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ جون پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ مان پاڙون نه پٽبيون، جڏهن سدا سارنگ هوندا. اهو وقت ضرور اچڻو آهي.

موهن جي ماءُ پنهنجي گهر جي اڱڻ مان مٽي کنئين هئي ته هندستان ۾ جيڪو گهر ملندو، تنهن جي اڱڻ جي مٽيءَ ۾ سنڌ جي مٽي ملائيندس، ته جيئن پرائي ديس جي مٽيءَ مان پنهنجي ديس جي مٽيءَ جي هٻڪار اچي. سنڌوءَ به سنڌ جي مٽي، پنهنجي گهر جي اڱڻ مان نم جي چڪي، گلاب ۽ رابيل جون چڪيون کنيون هيون، ته هندستان ۾ سنڌ جي نم ۽ گلاب ۽ رابيل جون چڪيون پوکيندس ۽ اها نم جڏهن وڌي وڻ ٿيندي، جڏهن سنڌ جا گلاب ۽ رابيل ڦٽندا. آسمان ۾ بادل جهومندا، مينهن ڦڙيون پونديون تڏهن نم جي ڇانوَ ۾ ويهي، گلاب۽ رابيل جي هٻڪار ۾ شاهه سائين جو سارنگ ڳائيندس.

 

ريل ڪوٽريءَ وٽان درياه ٽپڻ لڳي، ته موهن جي ماءُ ساڙيءَ جو پلوَ مان چانديءَ جا رپيا ۽ ڏُنگهي ڇوڙي درياه ۾ اُڇلايا ۽ ڏاڍي آسيس سان چيائين:

”درياه شاه،ڏس ته ڪيئن ٿا گهريتڙا بي گهر ٿين، ديسي آديسي ٿين. پنهنجا پکا ۽ پنوهار توکي سونپي ٿي وڃان ۽ وصيت ڪيو ٿي وڃانِ ته منهنجون هاٺيون گنگا مائيءَ ۾ نه،تو ۾ لوڙهين.من مرڻ کان پوءِ مٽي اچي مٽيءَ سان ملي.“

رجنيءَ اوچتو اوڇنگار ڏني. موهن جو پيءُ به روئڻ لڳو. لڙڪن گاڏڙ آواز ۾ چيائين:

”موهن ماءُ، ڇو ٿي اهڙيون ڳالهيون ڪري سڀني جو اندر ڳارين.“

”منهنجو اندر ٿو ڳري، توهان جو اندر نه ڳاريان. اباڻا ڪک ٿا وڇڙن، سنڌ ٿي وڇڙي.“

 

صبح جو باک ڦٽيءَ مهل گاڏي کوکرا پار اسٽيشن تي بيٺي، سامان ۽ڪاغذن جي چڪاس ڪرائي موهن ۽ سارنگ پليٽ فارم تي گهمڻ لڳا. ٻئي خاموش هئا، آخر موهن چيو:

”يار، مارگريٽ ته هندستان وڃڻ کان پوءِ ڪو اطلاع ئي نه ڏنو.“

”هو فسادن وارا علائقا گهمي، اکين ڏٺو حال پئي پنهنجي اخبار ڏي موڪليندي هوندي. ايتري فرصت ئي ڪانه ملندي هوندس جو اطلاع موڪلي.“

”سنڌوءَ جو پيءُ  ڪڏهن هندستان ايندو.“

”چيائين ٿي، ته مهيني اڌ ۾ پنهنجو ڪاروبار اُڪلائي اوهان وٽ پهچي ويندس.“

”سچ چيو اٿن ته سرمائيدار جي ڪا قوميت نه ٿيندي آهي. سرمائيدار نه هندو آهي نه مسلمان، نه هندستاني ۽ نه پاڪستاني. هو فقط سرمائيدار آهي. سنڌوءَ جو پيءُ پنهنجو ڪاروبار وڪڻي پوءِ هندستان ايندو ۽ هن جو ڪاروبار ڪو پاڪستاني مسلمان خريد ڪندو.“

موهن جي ماءُ گاڏيءَ مان هيٺ لهڻ لڳي. مڙسنهنس پڇيس:

”موهن ماءُ ڪيڏانهن ٿي وڃين.“

”آخري دفعو  سنڌڙيءَ جي مٽيءَ تي پير ته گهمايان“

هوءَ پليٽ فارم تي لٿي ۽ زمين تان مٽي کڻي نرڙ تي مٽيءَ جو تلڪ لڳايائين. ايتري ۾ ريل جي سيٽي وڳي. سارنگ سڀني کان موڪلايو. موهن کي ڀاڪر پائي مليو، موهن جي ماءُ سندس منهن هٿن ۾ جهلي چمي ڏني. موهن جي پيءُ دعائون ڏنس. رجنيءَ جي مٿي تي هٿ رکيائين، ته هوءَ روئڻ لڳي. پوءِ هو سنڌوءَ جي سامهون اچي بيٺو. سنڌوءَ اکيون کڻي هن ڏانهن نهاريو، ۽ هن کي سنڌوءَ جي اکين ۾ اها جهڙيالي شام نظر آئي. جڏهن نور جي ڌارا فرش کان عرش ڏانهن وهڻ لڳي هئي. جڏهن ’ڪن‘ جا پڙلاءَ آيا هئا ۽ ڪائنات نئين سر تخليق ٿي هئي، جنهن ڪائنات ۾ ڪو ڏنڀ، اهنج ۽ ايذاءُ نه هو، جتي ڪارا ڪڪر هئا، ڀورا بادل هئا، مينهن ڦڙيون هيون ۽ کنوڻين جهڙا کلڪار هئا. پرينءَ کهنبا ڪپڙا پائي اکيون کڻي کليا هئا ۽ سڀئي سور سنڌا ڪي ويا هئا. پر هاڻي اُهي ئي پرين سور ڏيئي پاڻ سنڌا ڪيو ٿي ويا__ نه وڃ سنڌو نه وڃ. تون ته منهنجي خواب جي منزل آهين، احساس جو معراج آهين. اسان ته زمانن کان صبح ۽ شام جي گردش ۾ گردش ڪندا، ڀٽڪندا، هڪ ٻئي کي ڳوليندا، ملندا ۽ وڇڙندا رهيا آهيون. ڏس، وقت ڄمي بيهي رهيو آهي. سمنڊ جون لهرون جهانجهر وڄائينديون جهومريون وجهنديون اسان ڏانهن وڌي رهيون آهن ۽ اسين ڀنل، ٽڙيل ۽ پگهريل سون جهڙي چانڊاڻ ۾ ازل کان هٿ ۾ هٿ ڏيئي سمنڊ جي ڪناري تي بيٺا آهيون. تون مون کان هٿ ڇڏائي نه وڃ. سنڌ جي وڻن جون پن پن ٿو تو کي پڪاري. ٿر ۽ بر ٿا تو کي سڏين، ڀٽائي ۽سچل ٿا تو کي صدائون ڏين. تون سنڌ ۽ سارنگ کي ڇڏي ڪيڏانهن  ٿي وڃين. گاڏيءَ گڙگاٽ ڪيو. سارنگ يڪدم پٺتي مڙيو ۽ تکا تکا قدم کڻندو گاڏي مان هيٺ لهي آيو ۽ گاڏيءَ کي پٺي ڏيئي بيهي رهيو. گاڏيءَ جو آواز تيز ٿيندو ويو ۽ هن کي ائين لڳو، ڄڻ گاڏي هن جي هيانَ  تي هلي رهي هئي. هن ٻئي هٿ ڪنن تي رکي اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ۽ پوءِ جڏهين هن ڪنڌ ڦيري ڏٺو ته گاڏي وڃي چڪي هئي ۽ سامهون هندستان جي سرحد هئي. هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. هن رومال سان لڙڪ اُگهيا ۽ پٺتي مڙيو. سامهون سج ڪني ڪڍي رهيو هو ۽ صبح جي سنهري اُس وڻن جي سائين چوٽين کي روشن ڪري ڇڏيو هو. آسمان نيرو ۽ روشن هو ۽ آسمان جي نيراڻ ۾ پکي ٿي اُڏاڻا ۽ سامهون پاڪستان، هن جي نئين ديس جي نئين نڪوري ڪنواري ڌرتي پکڙيل هئي.

 

 

ريل وڃي چڪي هئي ۽ سامهون هندستان جي سرحد هئي. سارنگ جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. هن رومال سان لڙڪ اگهيا ۽ پٺتي مڙيو، سامهون سج ڪني ڪڍي رهيو هو ۽ سج جي سنهري اُس وڻن جي سائين چوٽين کي روشن ڪري ڇڏيو هو. آسمان نيرو ۽ روشن هو ۽ آسمان جي نيري وسعتن ۾ پکي ٿي اُڏاڻا. سامهون هن جي نئين نڪوري ڪنواري ڌرتي پکڙيل هئي. ان ڌرتيءَ تاريخ جا ڪيڏا نه ظلم سٺا هئا. جنگيون، باهيون، انساني ڪوس، رڳي رتوڇاڻ. ڌارين جي غلاميءَ جا زنجير! اڄ ان ڌرتيءَ پنهنجي هٿن ۽ پيرن مان غلاميءَ جا زنجير لاهي اُڇلايا هئا. سندس شهيدن جو رت آزاديءَ جي صبح جي شفق بڻجي کڙيو هو. سامهون نئون سج ٿي اڀريو ۽ آسمان جي نيري ۽ روشن وسعتن ۾ پکي ٿي اُڏاڻا . هو آزاديءَ جي صبح جي چائنٺ تي بيٺو هو.  هن جي پٺيان هندستان جي سرحد هئي. موهن هو، سنڌو هئي. ۽ هن جي دل ۾ سنڌوءَ جي وڇوڙي جو غم تازي ڦٽ وانگر ٿي ڏکيو. هر نئون ڄَم سورَ  ڏيندو آهي. هر نئين تخليق درد مان ڦٽندي آهي. اڄ هن ڌرتيءَ ۽ هن ديس نئون جنم ورتو هو، ۽ ان نئين ڄم لاءِ سڀني کي سور سهڻا هئا.

 

اوچتو پٺيان ريل جو آواز آيو. هن ڪنڌ ڦيري ڏٺو. هندستان مان مهاجرن جي ريل آئي هئي. ساري ريل ماڻهن سان سٿيل هئي. ڪي ريل جي درن ۽ درين ۾ ٿي لڙڪيا ته ڪي ريل جي ڇت تي ويٺل هئا. جيئن ئي ريل پاڪستان جي سرحد ۾ گهڙي، سڀئي نعرا هڻڻ لڳا. سندن هيسيل، هراسيل ۽ ڊنل چهرا خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳا. انهن ۾ ڪو موهن هو. ڪا موهن ماءُ ۽ ڪا سنڌو هئي. هو به پنهنجي پنهنجي سنڌ کان وڇڙيا هئا، پنهنجي پنهنجي مهراڻ کان موڪلايو هئائون، پنهنجي پنهنجي شاهه ۽ سچل جي ڪافين کان جدا ٿيا هئا. هنن لاءِ به ته پنهنجي ديس جون گهٽيون گيت هونديون، ۽ بستيون بيت هونديون. اڄ هنن جي گيتن ۽ بيتن کي باه لڳي هئي، سندن ديس جي ڌرتي تپي هئي ۽ هو پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ سان ناتا ٽوڙي، رت ۽ باه جا درياه اورانگهي، هڪڙي نئين ديس جي ڌرتيءَ سان ناتا جوڙڻ لاءِ هتي پهتا هئا.

’ڀلي آيئو ڀائرو، منهنجي ديس جي بُکي ۽ ڏکي ڌرتي اوهان کي آجيان ٿي چوي‘

سارنگ اڳتي وڌيو ۽ ريل جي هڪڙي گاڏي جي سامهون وڃي بيٺو. گاڏي مان هڪڙو نوجوان لٿو. سنهون، ڊگهو، وکريل وار، اداس ۽ اوجاڳيل اکيون. کيس چوڙيدار پائجامون ۽ شيرواني پهريل هئي. سارنگ اڳتي وڌي ان نوجوان کي کيڪاريو. نوجوان جو نالو علي جعفر رضوي هو. هن سان گڏ هن جي پوڙهي ماءُ، جوان ڀيڻ ۽ ضرورت جو ٿورڙو سامان هو. سارنگ علي جعفر ۽ سندس ننڍڙي ڪٽنب کي وٺي ڪراچيءَ روانو ٿيو. رستي تي هڪ هڪ اسٽيشن تي مهاجرن لاءِ ڪئمپون لڳل هيون ۽محبت، مهمان نوازي ۽ ڀائپي جا ماريل سنڌي ڳراٽڙيون پائي ٿي مهاجر ڀائرن سان مليا.  ڪن پنهنجي مهمان ۽ مصيبت جي ماريل ڀائرن لاءِ ديڳيون ٿي دميون. ڪن پنهنجي گهر جو سامان آڻي ٿي کين آڇيو، ته ڪن وري پنهنجي گهرن ۾ وڃي ٿي کين رهايو. سارنگ به هنن کي ڪراچيءَ وٺي آيو ۽ سڌو موهن جي گهر آڻي، موهن جو ڀريو تريو گهر سندن حوالي ڪيائين. عليءَ جي ماءُ کيس دعائون ڏيڻ لڳي، عليءَ جي ڀيڻ زينب شرم ٻوٽيءَ وانگر پنهنجو پاڻ ۾ لڪڻ لڳي ۽ علي هن سان ائين ڳالهائڻ لڳو، ڄڻ ٻنهي جو صدين جو ساٿ هو. ڄن ٻنهي جا ساڳيا خواب هئا ۽ ساڳي منزل هئي.

 

سارنگ زينب کي ڪاليج ۾ داخل ڪرايو ۽ ٿورڙن ئي ڏينهن ۾ شرميلي ۽ شرم ٻوٽيءَ وانگر پنهنجو پاڻ ۾ لڪندڙ زينب ۾ جيئڻ جي جرئت پئدا ٿي وئي. هن برقعو لاٿو ۽ زندگيءَ سان منهن  مقابل ٿيڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري آئي. ستت ئي کيس هڪڙي اسڪول ۾ ماستري ملي ۽ ٻارن کي ٽيوشن به پڙهائڻ لڳي. عليءَ جي ماءُ ته سارو ڏينهن هندوري ۾ ويهي تسبيح پڙهندي يا پاندان کولي، سروتي سان سوپاريون ڪتري پئي اباڻي وٿاڻن کي ياد ڪندي هئي. پر زينب ساري گهر کي کڻي بيٺي. گهر جي ڪم ڪار مان واندي ٿيندي ته ڪتاب پڙهندي، سارنگ ۽ عليءَ سان بحث ڪندي. سارنگ کان سنڌي به سکڻ شروع ڪيائين. سارنگ کان سنڌ جون لوڪ ڪهاڻيون ٻڌندي هئي ته چوندي هئي: ڪنهن به ڌرتيءَ جي مزاج کي ان ڌرتيءَ جي لوڪ ادب جي معرفت ئي سمجهي سگهجي ٿو. سارنگ محسوس ڪيو ته تمام ٿوري عرصي ۾ زينب ۾ تمام گهڻي ذهني پختگي اچي وئي هئي. سارنگ هن سان وڏيون اميدون وابسته ڪيون.

 

سارنگ، موهن ۽ سنڌوءَ چندا گڏ ڪري پريس ورتي هئي. سوچيو هئائون ته اخبار ڪڍنداسين پر ورهاڱو ٿيو. موهن ۽ سنڌو هندستان هليا ويا، پريس ۽ اخبار اڌ ۾ ئي رهجي وئي. هينئر سارنگ ۽ عليءَ گڏجي پريس سنڀالي ۽ هڪڙي هفتيوار اخبار ڪڍيائون. ٿورڙي ئي وقت ۾ پريس هلي پئي. هاڻي ٻنهي پنهنجي ٽڙيل پکڙيل ساٿين کي گڏ ڪيو ۽ تحريڪ جي ڪم کي لڳي ويا. مزورن جون يونيئنون ٺاهيائون، ڪتاب ۽ پمفليٽ ڇپايائون. مزورن جي ميڙن جي اڳيان تقريرون ڪندا هئا، کين ڪتاب پڙهي ٻڌائيندا هئا. ۽ هڪ  هڪ نقطو مثال ڏيئي سمجهائيندا هئا. جلد ئي ٻنهي جي خلاف سي- آءِ- ڊي وٽ فائيلون کليون. سندن شمار ملڪ دشمنن ۾ ٿيڻ لڳو. ٻئي هندستان ۽ روس جا ايجنٽ سڏجڻ لڳا ۽ سي- آءِ- ڊي مٿن نظر رکڻ لڳي. هڪڙي ڏينهن مزورن جي اسٽرائيڪ ڪرايائون. علي ته بچي ويو، پر سارنگ کي پوليس جهلي کڻي جيل ۾ وڌو.

 

سارنگ جي دل تي جيل جي دهشت ويٺل هئي. پر جڏهين هٿڪڙيون پيس ۽ جيل جي چانئٺ ٽپي اندر گهڙيو ته ساري دهشت دل تان لهي ويس. جيل هڪڙي نئين دنيا هئي. لوهي در، لوهي ڪڙا، ڦاهي گهات، مارڪٽ، ڦٽڪا، ڪامورا شاهيءَ جا راڱان. نسورو ظلم، چرس، هم جنس پرستي، چور، خوني ڌاڙيل،سوسائٽي جي ڌڪاريل ۽ ٿڏيل انسانن جي پناه گاه!

پهريون ڏينهن ته هر هڪ شيءِ کي حيرت سان ڏسندي گذري ويو، پر جڏهين رات ٿي ۽ هن جي ڪوٺڙيءَ جو لوهي سيخن وارو دروازو بند ٿيو ته هن جو ساه ٻوساٽجڻ لڳو. هن ٻنهي هٿن سان لوهي سيخن کي جهليو ۽ سيخن جي وچواري وِٿيءَ ۾ منهن وجهي ساه کڻڻ لڳو. سامهون جيل جي جبل جيڏي اوچي ديوار هئي. ديوار تي ٺهيل بُرجي ۾ سپاهي بندوق جهلي بيٺو هو ۽ مٿي آسمان ۾ چنڊ کڙيل هو. چنڊ کي ڏسي هن کي سنڌو ياد پئي. اُها جهڙيالي سانجهي ياد پئي، جڏهين سنڌو پنهنجا جهڙيالا نيڻ کڻي کلي هئي ۽ سڀئي سور سَنڌا ڪري ويا هئا ۽ هن جي ساري هستي مينگهه ملهار  ٿي وئي هئي. جڏهين گهميل، ڀنل ۽ پگهريل سون جهڙي چانڊاڻ ۾ سمنڊ جي لهرن جهانجهرون وڄائي ڇم ڇم ڪري، جهومريون وجهي هن جي پيرن کي ڇهيو هو ۽ هن سنڌوءَ جي لڙڪن سان ڀنل نيڻن تي پنهنجا چپ رکيا هئا. وقت جي وير هن کي جدا ڪري ڇڏيو هو ۽ وڇوڙي جا گهاؤ سدا بهار گل بڻجي هن جي هنيانءَ ۾ هٻڪار ڏيئي رهيا هئا. شايد سنڌو به هندستان ۾ پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ ليٽي، چنڊ ڏانهن نهاري هن کي ياد ڪندي هوندي. شايد هن جي اڱڻ ۾ سنڌ جا گلاب کڙيا هوندا ۽هوءَ انهن گلابن جي ڀر ۾ ويهي سنڌ ۽ سارنگ کي ساري، شاه سائينءَ جو سُر سارنگ ڳائيندي هوندي.

 

’کڻ اکيون کل يار ته وڃن سور سنَڌا ڪري.‘

 

يار ته پاڻ سور ڏيئي ويا هئا ۽ سورن جي ان سوکڙيءَ کي هن ساه سان سانڍيو هو.

هاڻي هن کي سڪينه ياد پئي.

پگهريل  سون جهڙو  رنگ، چيلهه جيڏا چوٽا، جسم تي جوانيءَ جا گل گؤنچ چوڙين جو هلڪو آواز اُڀريو، جذبن جو جلترنگ وڳو ۽ هيڪلائيءَ جي رڻ ۾ کٽڻهار کڙي پيا. سنڌوءَ جي پيار ۾ هو، سڪينه جو گونگي ۽ بي زبان پار کي صفا وساري ويٺو هو. سنڌوءَ جي پيار جي پٺيان هو اکيون ٻوٽي اڳتي وڌندو ويو هو ۽ هن ڪڏهن ڪنڌ ورائي پٺيان سڪينه ڏانهن نه نهاريو هو، جيڪا پنهنجي پلاند ۾ پنهنجو لڄارو پيار جهلي هن جي انتظار ۾ بيٺي هئي.  سنڌو جي وڇوڙي کان پوءِ هن کي يڪدم سڪينه ياد پئي. انسان جو هڪڙو سهارو ٽٽي ٿو ته ڪيئن نه ٻيو سهارو ڳولي ٿو وٺي! هن کي سڪينه جي سهاري جي ضرورت هئي. ڪيترا دفعا سوچيو هئائين ته ڳوٺ وڃي سڪينه سان شادي ڪريان، پر زندگيءَ جي مصروفيتن ايتري فرصت ئي ڪانه ڏنس، جو پنهنجي ان اڌوري خواهش کي پورو ڪري سگهي. هينئر جيل مان نڪرندو  ته سڌو ڳوٺ ويندو ۽ سڪينه سان شادي ڪندو. پر ڪهڙي خبر هينئر مامون ساڻس سڪينه جو سڱ نه ڪري. هن جي قسمت جو فيصلو ٿي چڪو هو. هن جي زندگيءَ جي واٽ ڪنهن ڪاموري جي بنگلي، دٻدٻي واري آفيس ۽ ڪار  جي بدران جيل وٽ وڃي ختم ٿي ٿي ۽ ڪير ڏسي وائسي پنهنجي نياڻيءَ کي اوڙاه ۾ اڇليندو. پر نه، مامون اهڙو نه هو. مامون پڙهيل هو ۽ هن جي مقصد کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿي سگهيو. جي هر ڪوئي ڪار ۽ بنگلي لاءِ وڪامي وڃي ته پوءِ سچ جو سفر ڪير ڪندو، ڪير ڏونگر ڏاريندو، ڪاڪ ڪيرائيندو ۽ مقصد  جي مومل ماڻيندو.

هاڻي هن کي پنهنجو پيءُ ياد پيو ۽ پيءُ جي ياد کان هن کي حجاب ٿيڻ لڳو.

 هو پنهنجي پيءُ جو ارمان هو. هن جي پوڙهي پورهيت پيءُ زندگيءَ جي اونداهين ۾ رهي هڪڙي آس ۽ هڪڙي اميد جي پرورش ڪئي هئي ته هن جو پٽ وڏو ٿي وڏو آفيسر ٿيندو، پوءِ زندگيءَ جا سمورا ڏک ڏولاوا لهي ويندا ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ هو سک جو ساه کڻي سگهندو، پر اڄ هن جي آس، هن جي اُميد، هن جو ارمان جيل ۾ پيو هو. هن پنهنجي پيءُ جي آسن ۽ اميدن جو خون ڪيو هو. نه نه نه،  هن ڪنهن جي به آس، ڪنهن جي به اميد جو خون نه ڪيو هو،  هن ته ان ڏينهن جا خواب ڏٺا هئا، جڏهن ڪنهن به پيءُ جي آسن  ۽ اميدن جو خون نه ٿيندو. جڏهن سڀئي سارنگ اسڪول پڙهندا. سڀئي سڪينائون لاڏا ڳائينديون ۽ سڀئي سانوڻ سک جو ساه کڻندا. اهو صبح ضرور ايندو.

 

هينئر رات جا پساه پورا ٿيڻ تي هئا. هوا جا ماڪ ڀنل جهلڪا جيل جون اوچيون ديوارون ٽپي، لوهي شيخن مان اندر اچي، هن جي بدن کي ڇهي، سندس سنَڌ سنَڌ کي پره جا پار پتا ڏيئي رهيا هئا. ڪير آهي جيڪو هير تي بند وجهي، جيڪو چانڊاڻ کي قيد ڪري. هير سدا گهلندي رهندي، چنڊ سدا کڙندو رهندو. نيٺ ته ڪوٽ ڪرندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org