سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: اُونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)

باب: --

صفحو :4

 

 

هڪڙي ڏينهن هن ويس مٽايو ۽ روپاه جي وڏي مندر ۾ وڃي پهتو. وڏي هال ۾ هڪڙي مورتي رکي هئي ۽ ماڻهو ان مورتيءَ جي اڳيان هٿ ٻڌي ڪنڌ نوائي، مورتيءَ جي پيرن ۾ ڏوڪڙ ۽ گل رکي فرش تي ويهندا ٿي ويا. هال ۾ هلڪي اونداهه ڇانيل هئي. لوبان ۽ اگربتين جو دونهون، مورتيءَ جي هيبتناڪ صورت، مٿي ڪوڙيل ۽ وڏي چوٽي رکايل ٻاوا، جن چپن ۾ اشلوڪ ٿي ڀڻڪيا. ڪيڏو نه ڀوائتو ماحول هو. لوبان، اگر ۽ گلن جي بوءِ ۾ هن جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو. پر پوءِ اوچتو ڄڻ هال ۾ وائک ٿي وئي. مندر جي وڏي پڄارڻ ٻين پڄارڻن سان گڏ هال ۾ داخل ٿي ۽ هن کي ڏسي بوعليءَ کي ائين لڳو ڄڻ اوچتو مندر جي نيم تاريڪ هال ۾ سورج طلوع ٿي ويو هو ۽ هر طرف روشني پکڙجي وئي هئي. پڄارڻ مورتيءَ جي سامهون بيهي ڪنڌ نوايو. کير ۽ گلاب جي عرق سان مورتيءَ کي وهنجاريائين. پوءِ جهانجهه وڳا. پڄارڻن ڀڄن ڳائڻ شروع ڪيو ۽ هو نچڻ لڳي. بوعلي پٿر جي مورتي بڻجي، هن جو ناچ ڏسندو رهيو. هن قاهره جي قهوه خانن ۾ ناچ ڏٺو هو. هن بغداد جي مي خانن ۾ مهه جبينن کي نچندو ڏٺو هو. پر هي ناچ ئي نرالو هو. هن ناچ ۾ جسم پنهنجي روح جي ساري رعنائي سان نچي رهيو هو. ناچ ختم ٿيو. پڄارڻ ٻين پڄارڻن سان گڏ هلي وئي. ماڻهو به هڪ هڪ ٿي اُٿي ويا، پر هو اُتي ئي ويٺو رهيو. ڄڻ پڄارڻ جي ناچ هن کي مُنڊي پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيو هو.

 

بوعلي گهر موٽي آيو ته هن کي هر شيءِ نچندي محسوس ٿي. سارنگ جي سُرندي جا سر، سنڌوءَ جي لهر لهر، وڻن جون ٽاريون، اڀرندڙ سج جا ڪرڻا، شفق جا رنگ، هر شيءِ نچي رهي هئي. هن جي دل ۾ جذبا نچي رهيا هئا ۽ هر طرف کان جهانجهن ۽ گهندن جا آواز ٿي آيا. هو زندگيءَ ۾ ڪيترن مہ وش مہ جبينن سان مليو هو، ڪيترن گلابي بدن نازنينن جي هٿان مي جا جام پيتا هئائين. پر ڪنهن به هن جي دل جي بربطه کي نه ڇيڙيو هو. پر اڄ هن جي دل دف وانگر وڄي رهي هئي ۽ هن جا جذبا نچي رهيا هئا.

ٻئي ڏينهن وري هو ويس مٽائي مندر پهچي ويو. وري گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾ وائک ٿي، اونداهيءَ مان ڪرڻا ڦٽا، جهانجهه وڳا ۽ هوءَ نچڻ لڳي. هاڻي هو هر روز مندر ويندو هو ۽ پڄارڻ کي نچندو ڏسندو هو.

 

هڪڙي ڏينهن ناچ ختم ٿيو ته پڄارڻ اکيون کڻي هن ڏانهن نهاريو. هن جي دل جي بربطه جون سڀئي تارون وڄڻ لڳيون ۽ الستي سُر ڦٽي پيا.  سندس سيني جي صحرا مان آب زمزم جا ڪيئي چشما ڦاٽي وهڻ لڳا. اُن ڏينهن هو نه ڪجهه پڙهي سگهيو ۽ نه لکي سگهيو.سارو ڏينهن دور خلائن ۾ نهاريندو رهيو.جتان هڪڙو سورج طلوع ٿيو هو ۽ هن جي ساري هستي،وجود جون ساريون ويرانيون روشن ٿي ويون هيون.

رات جو هو سارنگ سان درياه جي ڪپر تي اچي ويٺو. چانڊوڪي رات هئي ۽ چوڌاري چانڊاڻ پکڙيل هئي. سنڌو آهستي آهستي وهي رهيو هو. سارنگ سرندو وڄائڻ شروع ڪيو ۽ بوعلي ڌرتيءَ تي ليٽي سرندو ٻڌڻ لڳو. سرندي جا سر چانڊاڻ ۾ ترن لڳا، هر طرف سر ئي سر هئا، راڳ ئي راڳ هئا. ڀيرو، مالڪوس، آسا، هنڊول، ديپڪ. ڄڻ سڀئي سر ۽ سڀئي راڳ پاڻ ۾ ملي، انساني صورت اختيار ڪري ويا هئا. جنهن کي سفيد ساڙهي پيل هئي، ۽ جنهن جي چهري مان روشني ٿي ڦٽي. راڳ ڪيترا روشن آهن،’سر ڪيترا سهڻا آهن. سونهن نيڪي آهي، مجسم موسيقي آهي. اڄ سارنگ جو سرندو ٻڌي، بوعليءَ کي عربستان جا نخلستان  ياد نه پيا پر هن جي اکين جي اڳيان سنڌ جا سبز پوش پٽ پکڙجي ويا. ڌرتيءَ تي ليٽي ليٽي هن کي محسوس ٿيو ڄڻ هن جي وجود جو پيوند ان ڌرتيءَ سان لڳي رهيو آهي جنهن تي هو ليٽيل آهي. ڄڻ بڙ جي وڻ وانگر هن جي وجود مان پارون ڦٽي آيون آهن ۽ ڌرتيءَ ۾ پيهنديون ٿيون وڃن. هيٺ تمام هيٺ، محمد بن قاسم جي فتح جي به هن طرف. شايد هوئي اهو پنڊت ماڻڪ هو، جنهن بغداد ۾ وڃي مهاڀارت جي عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. هو ئي اهو عراقي عالم هو، جنهن اَروڙ جي راجا جي دعوت تي قرآن جو سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو ۽ تفسير لکيو هو. هيءَ ڌرتي ئي هن جو ديس آهي. سنڌ ئي هن جو بغداد آهي. هاڻي هو بغداد وڃي ڇا ڪندو.

 

پڄارڻ پنهنجو يڪتارو پاسيرو ڪري رکيو ۽ ٿڌي فرش تي ليٽي هن پنهنجيون وڏيون وڏيون اکيون بند ڪري ڇڏيون. هن جا چَپ آهستي آهستي چرڻ لڳا. شانتي! شانتي! شانتي!

هن پنهنجو ڌيان ديويءَ جي مورتيءَ تي مرڪوز ڪيو، پر مورتي ماڻهو ٿي پيئي. هن جون اکيون وڏيون ۽ اداس هيون. ڀرون ڪمان وانگر وريل هئا. وار ڊگها، ڪارا ۽ ڪلهن تي وڇايل هن جي بُت تي اڇي چادر ويڙهيل هئي ۽ هو چانڊوڪي رات ۾ سنڌوءَ جي ڪناري سرندو وڄائي رهيو هو. تڏهن هوءَ ڪيتري نه پاپڻ هئي. نچڻي هئي. وئشيا هئي. وڏا وڏا جوڌا ۽ اڙٻنگ اميرزاده هن جي مرڪ سان ميڻ وانگر پگهري ويندا هئا ۽ هن جي پيرن ۾ دولت جا ڍير لائي ڏيندا هئا. سنڌوءَ جي ڪناري تي ميلو لڳندو هو. ميلي ۾ سنڌ جا وڏا وڏا اميرزادا ايندا هئا. ملهون ۽ ٻلهاڙا وڙهندا هئا. گهوڙا ڊوڙائيندا هئا. نيزي بازي ۽ مڌ پيئڻ جا مقابلا ڪندا هئا. هوءَ به ميلي ۾ ويندي هئي. نچندي هئي ۽ اميرزادن کي ماڻن سان مات ڪري دولت ڦريندي هئي.

هڪڙي دفعي هوءَ ميلي ۾ وئي، ساري رات نچندي رهي ۽ رات جو پوئين پهر ۾ جڏهن نچي نچي ساڻي ٿي پيئي، تڏهن گلم تي ليٽي پئي. هن جو سنڌَ سنڌَ ساڻو ٿي پيو هو ۽ اکين تي ننڊ جا کيپ هيس. هن اکيون ٻوٽيون ته سرندي جا ننڊاکڙا سر هن جي ڪن تي پيا. ڄڻ سرندي جا سر هن کي سڏي رهيا هئا. هن کي ڳولي رهيا هئا. هن جي دل جي دروازن جا ڪڙا کڙڪائي رهيا هئا. هن اکيون کوليون ته سرندي جا سر وڌيڪ واضح ٿي ويا. پهرين ته هوءَ ماٺ ڪري سرندي جا سَڏَ ٻڌندي رهي. پوءِ هوءَ اُٿي، بت تي سفيد شال ويڙهيائين ۽ ان طرف رواني ٿي جتان سرندي جا سڏ اچي رهيا هئا.

هوءَ درياه جي ڪپر تي اچي بيٺي. سامهون هڪڙو نوجوان ويٺو هو. هن جو بت ڀريل ۽ تراشيل هو. وار ڊگها ۽ اکيون چيرويون. هن جون اکيون ٻوٽيل هيون ۽ هو بت بڻجي سرندو وڄائي رهيو هو. ڄڻ هن جي آتما پرماتما سان ملڻ لاءِ سرير جي سراءِ کي ڇڏي، سرن جي سيرَ ۾ لڙهندي ٿي وئي. ڄڻ هو ڪو آسماني ديوتا هو ۽ چنڊ جي رٿ تي ويهي ڌرتيءَ تي آيو هو ۽ اکيون ٻوٽي سرندو وڄائي رهيو هو. هن جي پازيبن جو آواز ٻڌي هن اکيون کوليون. سندس اکيون ڪيڏيون نه وڏيون ۽ ڪيڏيون نه اُداس هيون. هن پنهنجيون وڏيون وڏيون ۽ اداس اکيون هن ۾ کپائي ڇڏيون ۽ يَڪ ٽِڪ هن کي  ڏسندو رهيو. هن کي ته سڀ مڙد ڏسندا هئا. هوءَ جتان به لنگهندي هئي ته ماڻهو پنهنجو ڪم ڪار وساري ويهندا هئا ۽ هن ڏانهن نهاريندا هئا. هنن جي نهار هن جي جسم کي ڇهندي هئي. هن جي جسم جي مٿاهين تان تِرڪي هيٺاهين ۾ هلي ويندي هئي. هن جي انگ انگ کي چيلاٽن وانگر چهٽي ويندي هئي. پر هن جي نهار صفا نرالي هئي. هن جي نهار هن جي جسم جي آرپار وڃي هن جي آتما کي ڇُهي رهي هئي ۽ هن کي محسوس ٿيو ته پهريون دفعو ڪنهن جي نهار هن جي جسم کي پٺتي ڇڏي، اڳتي وڌي هن جي آتما کي ڏٺو ۽ ڇهيو هو. پوءِ هن سرندو پاسيرو رکي، هٿ ٻڌي هن جي اڳيان ڪنڌ نوايو هو. هن کي سونهن ۽ ڪلا جي ديوي سڏيو هو ۽ هن کان روشنيءَ جي بيک گهري هئي. هن جي چپن تي ڏک ڀري مرڪ اُڀري آئي هئي. هن جون ڳالهيون ڪهڙيون نه وڻندڙ هيون. هن جو هڪ هڪ لفظ هن جي آتما تي لڳل پاپن جي داغن کي ڌوئي رهيو هو، ۽ پوءِ جڏهن هن کيس ٻڌايو هو ته هوءَ سنڌو نچڻي هئي ته هن کي اعتبار ئي نٿي آيو. هوءَ هن کي گهر اچڻ جي دعوت ڏيئي موٽي آئي هئي. هن جو مڙهه موٽي آيو هو پر هن جي آتما اُتي ئي رهجي وئي هئي.

 

سنڌو ساري زندگي اونداهين ۾ رهي هئي ۽ ڪڏهن به پيار جي پره نه ڏٺي هئائين. ڪيترن اميرزادن هن جي وڇوڙي ۾ ويراڳ ورتو هو. پر هن جي دل ڪنهن ڏانهن به نه وري هئي. هڪڙي وديارٿي ماڻڪ به هن جي سونهن ۽ جوانيءَ جي اڳيان مٿو ٽيڪيو هو، پر هن جي دل ماڻڪ ڏانهن به نه وري ۽ ويچارو ماڻڪ انگ ڀڀوت ڪري، دنيا تياڳي الائجي ڪيڏانهن هليو ويو. پر اڄ هن جي دل جي اونداهين ۾ پيار جي پره ڦٽي هئي. روشنيءَ جو راجڪمار چنڊ جي رٿ تي ويهي ڌرتيءَ تي آيو هو ۽ هن جي ڪاري ڪاري هنيانءَ مان روشني ڦٽي پئي هئي. ان روشنيءَ هن کان سُک کسي ڇڏيو هو ۽ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هن کي پنهنجي پيشي کان. پنهنجي پاپ ۾ ڪوڙهيل وجود کان نفرت ٿي هئي. هن کان سڀ ساٺ سينگار وسري ويا. چهري جو ڪنول ڪومائجڻ لڳو ۽ هوءَ سارو وقت در جي چانئٺ ۾ اکيون کپائي ويٺي هن جو انتظار ڪندي هئي. هن کي پڪ هئي ته هڪ نه هڪ ڏينهن روشنيءَ جو راجڪمار هن جي گهر جي چانئٺ ٽپي هن جي اڱڻ ۾ پير پائيندو ۽ هن جي آتما اُجري ٿي ويندي. ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن هو آيو هو. ساڳيو تراشيل بدن، وڏيون، ڪاريون، چيرويون ۽ اداس اکيون، وڏا وار. ان ڏينهن به هو هن جي اکين ۾ اکيون کپائي هن کي ڏسندو رهيو هو. هن مڌ پيتي هئي. سرندو وڄايو هو ۽ هوءَ نچي هئي. نچندي نچندي هن کي محسوس ٿيو هو ته هن جي پاپن جا سڀئي بار لهي ويا هئا ۽ هوءَ ڪنول جهڙي ڪنوار ٿي پئي هئي. هن جي آتما چمپاڪليءَ جيان ٽڙي پيئي هئي ۽ سرندي جا سر هن کي اڏائيندا مٿي تمام مٿي کنيو ٿي ويا. کير ڌارا هار بڻجي هن جي ڳچيءَ ۾ پئي هئي. ڪَتيءَ جو جهومر هن جي پيشانيءَ تي چمڪي رهيو هو. ٽيڙن جا ٽِه-ڦُلا هن جي ڪنن ۾ جهولي رهيا هئا ۽ چنڊ جو چوٽيءَ ڦل هن جي ڪاري چوٽيءَ ۾ جرڪي رهيو هو. هر طرف ڌوپ، اگر ۽ سوم رس جي هٻڪار هئي. بادل هن جي پيشانيءَ کي چمي رهيا هئا ۽ هوءَ نچي رهي هئي. ڇم ڇم. پر پوءِ اوچتو هن جي ڇير ڇِڄي پيئي ۽ هوءَ ڪلٽيون کائيندي پاتال ۾ اچي ڪِري. هن هڪڙي برهمڻ وديارٿيءَ سان پيار ڪري برهما جو اپمان ڪيو هو. هن کي شهر نيڪالي ڏني وئي ۽ هوءَ روئندي روئندي، جهنگن برن ۾ ڀٽڪندي روپاه ۾ اچي نڪتي. سنڌوءَ  جي ڪناري هن جي هڪڙي پڄارڻ سان ملاقات ٿي، جنهن هن جا لڙڪ اگهيا. کيس سيني سان لاتو ۽ مندر ۾ وٺي آئي. مندر ۾ هن لڙڪن سان پنهنجي پيار ۽ پاپ جا زخم ڌوتا ۽ دنيا جا سڀئي ناتا ٽوڙي پنهنجي آتما جو ناتو پرماتما سان ڳنڍي ڇڏيائين ۽ هن جي بي چين آتما کي شانتي ملي. شانتي! شانتي! شانتي!

 

هڪڙي ڏينهن هوءَ سورج پوڄا لاءِ درياه تي وئي. سورج پوڄا ڪندي سرندي جا سر هن جي ڪن تي پيا. اڄ سرندي جا سر هن کي سڏي رهيا هئا. هن کي ڳولي رهيا هئا. هن جي دل جي بند دروازن جا ڪڙا کڙڪائي رهيا هئا. هن کان پوڄا پاٺ ئي وسري ويو ۽ هوءَ سرن جي مَنڊ ۾ مَنڊجي، پوڄا پاٺ ڇڏي، اوڏانهن هلڻ لڳي. سامهون درياه جي ڪپ تي هڪڙو ماڻهو ويٺو سرندو وڄائي رهيو هو. هن جون اکيون بند هيون ۽ وار ڪلهن تي وڇايل. سارنگ! هن جي آتما اُڌمو ڏنو. پر هن پنهنجا چپ ڀيڪوڙي پنهنجي آتما جي آواز کي گهٽي ڇڏيو. هن دنيا سان سڀئي ناتا ٽوڙي پنهنجي آتما جو ناتو پرماتما سان جوڙي ڇڏيو هو. پر اڄ هن جو پرماتما سان ناتو ٽٽي رهيو هو ۽ سارنگ جي سرندي جا سُر هن کي سڏي رهيا هئا. هن سارنگ ڏانهن وک وڌائي ته ڌرتي ۽ آڪاس جا سڀئي ديوتائون هن تي اُلري اُڀري آيا. پاپ. پاپ. اهو پاپ هو.

جڏهن هوءَ پاپڻ هئي ۽ پيار ڪيو هئائين، تڏهن به هن پاپ ڪيو هو ۽ اڄ جڏهن هوءَ پوتر هئي ۽ پنهنجي پيار ڏانهن وک وڌائي رهي هئي. تڏهن به هوءَ پاپ ڪري رهي هئي، ها، هوءَ پاپ ڪري رهي هئي. پاپ...... پاپ....... پاپ........ ساري ڪائنات مان آواز اچڻ لڳا ۽ هن ڪنن تي کڻي هٿ رکيا ۽ ڊوڙندي مندر ۾ موٽي آئي.

ان ڏينهن هوءَ مورتيءَ اڳيان ساڳيو ناچ نچي هئي، جيڪو هوءَ سارنگ جي اڳيان نچي هئي. نچي نچي هوءَ ساڻي ٿي ڪري پئي ۽ هن جا چپ چرڻ لڳا. شانتي. شانتي. سارنگ!  سارنگ!

 

ان ڏينهن کان پوءِ هن مندر مان نڪرڻ ڇڏي ڏنو. تن ۽ من سان پوڄا ڪيائين، تڏهن مَس مَس هن جي آتما کي شانتي ملي. پر ڪڏهين ڪڏهين هن کي جهانجهن ۽ گهنڊن جي آوازن مان سارنگ جي سرندي جا سُر ٻڌڻ ۾ ايندا هئا ۽ هن کان هن جي شانتي کسجي ويندي هئي. ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن هن مندر ۾ هڪڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو يڪ ٽڪ هن ڏانهن نهاري رهيو هو. پهرين ته هوءَ هن جي نهار کي نظر انداز ڪندي رهي. پر هڪڙي ڏينهن بنهه بيوسيءَ ۾ هن اکيون کڻي ان ماڻهوءَ ڏانهن نهاريو. هن جي شڪل صورت ته اڻ سونهي هئي، پر هن جون اکيون ڏٺل وائٺل ٿي لڳيون. وڏيون، چيرويون، ڪاريون ۽ اُداس!  جيڪي هن جي جسم جي آرپار وڃي هن جي آتما کي ڇهي رهيون هيون. هن جي اکين جي روشندانن مان لهي دل ۾ لڳل پيار جي زخمن جون ڪڙيون لاهي رهيون هيون. هن جا چاڪ چڪي پيا ۽ دل دانهن ڪئي. سارنگ!  هن کي سنڌوءَ جو ڪنارو ياد آيو. اها رات ياد آئي، جڏهن هن جي اونداهي آتما مان پيار جي پره ڦٽي هئي. جڏهن سارنگ مڌ پي سرندو وڄايو هو ۽ سرندي جي سرن هن جي آتما کي اُجرو ڪيو هو.جڏهن چنڊ چوٽي ڦل ٿي هن جي ڪاري ڪاري چوٽي ۾ سجيو هو. انهن سڀني يادن کي دل مان ڪڍي هن دل جا دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا ۽ پنهنجي دل جي سنگاسن تي ڀڳوان جي مورتي کي ويهاريو هو. پر اڄ هن جي دل جا طاق پٽجي ويا هئا. يادن جا هشام ڌوڪيندا اندر آيا هئا ۽ دل جي سنگاسن تي سارنگ پلٿي هڻي ويٺو مڌ پي رهيو هو. سرندو وڄائي رهيو هو ۽ هوءَ هن جي اڳيان نچي رهي هئي.

هاڻي هو هر روز مندر ۾ ايندو هو ۽ يڪ ٽڪ هن ڏانهن نهاريندو هو. هن جون اکيون پنهنجو پاڻ هن ڏانهن کڄي وينديون هيون. دل جا طاق پٽجي ويندا هئا ۽ يادن جا هشام ڌوڪيندا اندر ايندا هئا. هوءَ نچندي هئي ته هن کي محسوس ٿيندو هو، ڄڻ ان اجنبيءَ جي اکين هن جي پيرن ۾ ونگ وڌا آهن ۽ هن جا قدم ٿڙڻ لڳا آهن.

ڇا هوءَ ڪڏهن سارنگ کي وساري نه سگهندي. هن جي پيار جا ڦٽ ڪڏهين نه ڇٽندا. ۽ هن کي ڪڏهين به شانتي نه ملندي. شانتي. شانتي. شانتي. سارنگ. سارنگ. سارنگ!

 

 فانوس مان تيل ختم ٿي ويو ۽ فانوس جي وَٽِ وسامڻ لڳي. بوعليءَ مور جي کنڀ جي نشاني ڪتاب ۾ رکي ۽ ڪتاب ٽپائيءَ تي رکي اُٿيو ۽ فانوس ۾ تيل وڌائين. فانوس جي روشني تيز ٿي وئي. هن ڪتاب کولي پڙهڻ شروع ڪيو، پر ڪتاب ۾ دل نه لڳس. هن وري ڪتاب بند ڪري ٽپائي تي رکيو ۽ ننڍيون ننڍيون وکون کڻندو دريءَ وٽ اچي بيٺو ۽ ٻاهر نهارڻ لڳو. ٻاهر هر طرف ٻاٽ اونداه هئي. آسمان ۾ تارا ٽمڪي رهيا هئا ۽ هيٺ رستن تي ۽ گهرن ۾ فانوس ٻري رهيا هئا پر ته به ڪيتري نه اونداه هئي! اونداهي ۽ سانت!  هن جي دل ۾ به اونده ۽ سانت ڇانيل هئي ۽ ان اونده ۽ سانت ۾ زخمن جا فانوس روشن هئا. گهاوَن جا تارا ٽمڪي رهيا هئا.

 

بوعليءَ کي سنڌ ۾ رهندي ڪيترا سال ٿي ويا هئا. انهيءَ وچ ۾ سنڌ تاريخ جي هڪڙي نئين موڙ تي اچي بيٺي ئي. سومرو سلطان شمس الدين راءِ ڀونگر فوت ٿي ويو هو. ساري سنڌ ۾ ماتم متو هو. وڏا وڏا راجائون ۽ نواب سنڌ جي سلطان جي ماتم ۾ شريڪ ٿيا هئا. سلطان جي پٽن دودي ۽ چنيسر ۾ پڳ تان جهيڙو ٿيو هو. راڄ دودي کي پڳ پارائي هئي ۽ شهزادو چنيسر ڀاءُ کان ڪاوڙجي دهليءَ دانهن کڻي ويو هو، پر سنڌين کي ڪو ڊپ ڊاءُ نه هو. سنڌو مستيءَ ۾ وهي رهيو هو. هاري هر ڪاهي رهيا هئا. سنڌ جون ڀٽاريون ٻنيون سون اوڳاڇي رهيون هيون. ڪورين آڏاڻن تي سوسيون، کٿا ۽ کيس ٿي اُڻيا ۽ عورتن ڪپڙا ٿي ڇُريا. گهر گهر مان گيت جي جهونگارڻ ۽ ايٽ ۽ چرخي جو رينگٽ ٿي آيو، عالمن ڪتاب ٿي لکيا. شاعرن گيت ٿي چيا، ۽ سارنگ سرندي مان ڪنوارا ڪنوارا سُرَ ٿي ڪڍيا. سارنگ ساٺ ٿي ڪيا، ته وَڇڙا ورائيندڙ ڇورن جا ڀنڀا وار مينهن ڦڙن ۾ ڀڄي ٿي پيا. پر بوعليءَ کي سنڌ جي فضائن مان ڳجهن جي پرن جا ڦرڙاٽ ٿي ٻڌڻ ۾ آيا. سنڌ جي هيرن مان انساني رت جي بوءِ ٿي آئي. ڪيترن سردارن بغاوت ڪئي هئي. سومرن ۽ سمن جي وچ ۾ چڪريون لڳيون هيون. پر دودي سڀني بغاوتن تي فتح پاتي هئي. هينئر هر طرف سک ئي سک هو. پر آسمان تي ڪارا ڪڪر مڙي آيا هئا ۽ ڪنهن طوفان جي آمد جا آثار هئا. شايد وري طوفان ايندو. وري تاتاري بغداد کي لٽيندا. ڪتبخانا ساڙيندا. هنرمند جا هٿ وڍيندا ۽ سنڌ جي دجله سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي بدران انساني رت وهندو. ويچاري انسان تاريخ جا ڪيڏا نه ظلم سٺا آهن! ڪيئن نه انسان اونداهين صدين مان لنگهندو، رت ۽ باهه جي درياهن ۾ ٻڏندو ترندو، پره جي ڪناري پهتو آهي. پر اڄ به باه ۽ رت جو درياهه اُٿلون ٿو کائي. دجله ۽ سنڌوءَ ۾ رت ٿو وهي ۽ پرهه جا ڪنارا ٻڏي ٿا وڃن. ڇا وري پرهه جا ڪنارا ٻڏندا. سنڌ جا ڪتب خانا سڙندا. شاعرن جا گيت ۽ سرندي جا سر جلندا. ڪورين جا آڏاڻا ۽ ڪنوارين جا ايٽ رک ٿيندا؟ پوءِ ڪير سوسيون، کٿا ۽ کيس اُڻيندو. ڪير گيت لکندو!

 

هينئر مندر ۾ جهانجهه ۽ گهنڊ وڄڻ لڳا ۽ ساري ڪائنات جهانجهن ۽ گهنڊن جي آواز ۾ پڙاڏجي وئي. بوعليءَ کي پنهنجي وجود مان به گهنڊن ۽ جهانجهن جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ آيا. پڄارڻ ڇير پائي نچڻ لڳي. ڇم ڇم ڇما ڇم. پر پڄارڻ جي ڇير ڇڄي پئي ۽ گهنگرو ٽڙي پکڙي ويا. شايد آسمان جا تارا به ڪنهن پڄارڻ جي چڳل ڇير جا ٽڙيل پکڙيل گهنگرو هئا. تارن جي اکين مان ماڪ ڦڙا ٽمي رهيا هئا ۽ بوعليءَ جي زخمن مان درد جي ماڪ ٽيپو ٽيپو ٿي ٽمي رهي هئي. ڪڏهين هن جي دل به دف وانگر وڳي هئي ۽ هن جا جذبا ۽ احساس ڇير پائي نچيا هئا. پڄارڻ جي پيشانيءَ مان سورج طلوع ٿيو هو ۽ هن جي وجود جون سڀ ويرانيون روشن ٿي ويون هيون. سيني جي صحرا مان آبِ زم زم جا ڪيئي چشما ڦاٽي پيا هئا ۽ عشق جي مشڪ جي خوشبو هن جي ساري هستيءَ کي وڪوڙي وئي هئي. پر پوءِ آب زم زم جا سڀئي چشما واريءَ ۾ گم ٿي ويا ۽ هر طرف درد جو صحرا پکڙجي ويو.

 

هڪڙي ڏينهن هو مندر ۾ ويو هو ۽ هميشہ وانگر اکيون در ۾ اٽڪائي پڄارڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو هو. ان ڏينهن به جهانجهه ۽ گهنڊ وڳا. ڌوپ ۽ اگر ٻريو. پر پوڄارڻ نه آئي. مندر ۾ اونداهي ڇانئجي وئي. بوعلي آسمان ڏانهن نهاريو. آسمان ۾ سج چمڪي رهيو هو. پر ايتري اونده ڇو هئي!

ڪتاب پڙهڻ ويٺو ته محسوس ٿيس ڄڻ ڪتاب پنهنجن مصنفن جا مدفن هئا. سرندو وڄائڻ ويٺو ته محسوس ٿيس ته سرندي جي تندن ۾ سرن جي بدران سڏڪا لڪل هئا. ٻئي ڏينهن وري هو مندر ويو، پر ٻئي ڏينهن به پڄارڻ نه آئي. ۽ پوءِ خبر پيس ته وڏي پڄارڻ سنڌ جي سڀني تيرٿن جي ياترا تي وئي هئي ۽ اتان هوءَ هنگلاج ويندي. سڀ کان وڏو تيرٿ ته انسان جي دل آهي. هوءَ دل جو تيرٿ ويران ڪري ٻيا تيرٿ وسائڻ وئي هئي. بوعلي ته هن کان ڪجهه به نه گهريو هو. هو ته روز بکاريءَ جيان اکين جا خالي ڪشڪول جهلي بيهندو هو ۽ ديد جي بکيا وٺي موٽي ايندو هو. ان کان وڌيڪ ته هن پڄارڻ کان ڪجهه نه گهريو هو. ڪجهه نه چاهيو هو. پوڄارڻ هن جا ڪشڪول خالي ڇو موٽايا هئا. هن جي دل جو تيرٿ ڇو ويران ڪيو هو......

ٻه ٽي ڏينهن ته بوعلي بره جي باه ۾ پڄرندو رهيو ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن سومري سلطان جي ڏنل سوني مٺئي واري تلوار چيلهه سان ٻڌائين. ڪتابن جي ڳنڍ ٻڌائين ۽ گهوڙي تي لانگ ورائي، سارنگ سان ملڻ کان سواءِ بغداد روانو ٿي ويو. شهر مان نڪري هو درياه جي ڪپ تي اچي پهتو. هر طرف صبح جو کير جهڙو سوجهرو پکڙيل هو. سنڌوءَ ۾ ٻيڙين جا سڙه تري رهيا هئا. آسمان ۾ اڇن ڪنگن جي قطار اڏامندي لنگهي. ٻيڙيءَ ۾ هڪڙي مهاڻي وار ڇنڊڻ لڳي ۽ مهاڻو ڪن تي هٿ رکي ڳائڻ لڳو، بوعليءَ جو گهوڙو هلندي هلندي بيهي رهيو ۽ هڻڪار ڪري، ڪنڌ ڦيري روپاه ڏانهن ڏسڻ لڳو. بوعليءَ به ڪنڌ ورائي روپاه ڏانهن نهاريو. روپاه جي شهر پناه. ماڙيون ۽ منگهه. مسجدن جا منارا ۽ قبا. مندرن جا ڪلس، ڄڻ هر شيءِ هن کي سڏي رهي هئي. سارنگ جي سرندي جا سر. سومري سلطان جي ڪتبخاني جا ڪتاب. مندر جا گهنڊ ۽ جهانجهه، پڄارڻ جي ڇڳل ڇير جا گهنگرو هن کي سڏي رهيا هئا. هو ڪيڏانهن ٿو وڃي؟ ڪهڙي بغداد ٿو وڃي، هن جو بغداد ته سنڌ هئي. سنڌ درد جو ديس، جنهن سان هن درد جو رشتو ڳنڍيو هو. هينئر درد جو رشتو ٽوڙي ڪيڏانهن ٿو وڃي. هن گهوڙي جو لغام موڙيو ۽ روپاه ۾ موٽي آيو.

هينئر هو ڪتبخاني جي دريءَ وٽ بيٺو هو. آسمان ۾ تارا ٽمڪي رهيا هئا ۽ ڌرتيءَ تي فانوس ۽ هن جي دل ۾ درد جا فانوس روشن هئا. گهنڊن ۽ جهانجهن  جا آواز بند ٿي ويا هئا ۽ هينئر مسجد مان صبح جي اذان اچي رهي هئي. اذان ٻڌي هن کي وري بغداد ياد پيو. اٺن جا چڙا. حدي خوانن جا گيت، کجين جا نخلستان. قهوه خانا ۽ مہ جبينيون. مي رقص ۽ رباب. هڪ نه هڪ ڏينهن هو درد جا سڀئي رشتا ٽوڙي، بغداد موٽي ويندو ۽ مي، رقص ۽ رباب سان پنهنجا زخم ڇٽائيندو....

هو دريءَ کان هٽي ننڍيون ننڍيون وکون کڻندو ٽپائيءَ وٽ اچي بيٺو. فانوس جي وَٽِ مٿي ڪيائين ۽ قلم کڻي پنهنجو اڻپورو ڪتاب لکڻ ويٺو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org