سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: حاجي بابا اصفهاني

حصو پهريون

صفحو :13

باب اٺاويهون

شاهه جي استقبال ۽ مرحبا ۾ جيڪي تحفا هن کي ڏنا ويا سي ۽ جيڪا گفتگو هلي سا

جنهن ڏينهن هيءَ وڏي خوشيءَ جي ڳالهه ٿيڻي هئي ۽ جنهن لاءِ نجومين پوريءَ طرح سعد تاريخ ٺهرائي هئي، انهيءَ ڏينهن صبح جو مرزا احمق جي سڄي گهر گهاٽ ۾ تياريءَ جو هل پئجي ويو، جنهن ڪمري ۾ بادشاهه کي دربار ڪرڻي هئي، تنهن جو فراش اچي قبضو ورتو ۽ اتي تازا گلم غاليچا وڇائي، مسند تيار ڪيائون ۽ انهي کي تمام عمدي ۽ قيمتي شال سان ڍڪيائون. ايوان ۾ پاڻيءَ جو ڇڻڪار ڪيائون ۽ حوضن جا ڦوهارا کولي ڇڏيائون ۽ عمارت جي مهڙ ۾ هڪڙو نئون پڙدو هڻي ڇڏيائون. جنهن هنڌ بادشاهه ويهڻو هو انهيءَ جي بلڪل سامهون پاڻيءَ جي دٻي تي گلاب جي گل جا پن مزي مزي جي شڪلين ۽ نمونن ۾ پکيڙي ڇڏيائون. سنگمرمر جي رڪابين ۽ مجمعن ۾ نارنگين جون قطارون رکي ويا، جنهنڪري سڄيءَ جاءِ ۾ تازائيءَ ۽ خوشيءَ جي رونق پکڙجي ويئي.

تنهن کان پوءِ بورچين جو وڏو جبرو لشڪر اچي سهڙيو ۽ ساڻس ايترا ٿانو، ڪڻاهيون، پاتليون ۽ ديڳون هيون جو حڪيم دٻي ويو ۽ وڏي بورچيءَ کان پڇڻ لڳو ته ”هيتري سامان آڻڻ مان مطلب ڇا آهي؟ رڳو بادشاهه جي مهماني ڪرڻي آهي، ساري شهر جي ته ڪرڻي نه آهي؟ هن جواب ڏنو ته ”ساري شهر جي ته نه، پر شايد ”سعديءَ“ جو شعر توکي ياد هوندو، جو چوي ٿو ته

اگر زباغ رعيت ملڪ خورد سيبي.
بر آورند غلامان او درخت ازبيخ،
به نيم بيضه چو سلطان ستم روا دارد،
زنند لشڪريانش هزار مرغ به سيخ.

يعني جيڪڏهن بادشاهه رعيت جي باغ مان فقط هڪڙو صوف ڇني کڻي کائيندو ته سندس نوڪر سڄو وڻ پاڙان پٽي ويندا، ۽ جي بادشاهه اتي آني جيترو ظ:م روا رکندو ته سندس سپاهي هزار ڪڪڙ ڪباب ڪي کائي ويندا.

انهن بورچين اچي بورچي خانو هٿ ڪيو، پر انهيءَ ۾ ايتري جاءِ نه هئي جو انهي جي چوٿينءَ پتيءَ جيترا ماڻهو منجهس ماپي سگهن، تنهنڪري لاچار پاسي واري ايوان ۾ وقت لاءِ لانڍيون اڏڻيون پيون، جتي ديڳيون رکيون ويون ۽ چانور چاڙهيا ويا، جي اهڙن وقتن تي سڀني حاضر ماڻهن کي ڏبا آهن بورچين کان سواءِ هڪڙي ڪمري ۾ مٺائي جوڙڻ وارن جي وڏي ٽولي اچي داخل ٿي، ۽ اتي مٺايون ۽ شربت ۽ برفون ۽ ميوا تيار ڪرڻ لڳا. انهن لاءِ ايترو مال گهريائون جو حڪيم جڏهن انهن جي ياداشت ڏٺي، تڏهن ذري گهٽ ٿي مئو. انهن سان گڏ وري بادشاهه جي ڳائيندڙن ۽ ساز وجھائيندڙن جي ٽولي. لوطي باشي يا شاهي مسخرو ٻين ويهن لوطين سان آيو، جن مان هر هڪ کي ڪلهي ۾ هڪڙو دهل هو.

بادشاهه جي اچڻ جو وقت شام جي نماز کان پوءِ يعني سج لٿي مهل ٺهرايو ويو هو. انهيءَ وقت جڏهن ڏينهن جي گرمي گهٽ ٿي ۽ تهران جا ماڻهو ٿڌي هوا کائڻ لڳا،. تڏهن شاهه پنهنجي محلات ڇڏي حڪيم جي گهر ڏانهن هليو. گهٽين کي ٻهاري ڇڻڪار ڪري ڇڏيو هئائون، ۽ جيئن شاهي جلوس اچي ويجهو ٿيو تيئن رستي تي گل کڻي ڏکيڙيائون. مرزا احمق پاڻ استقبال لاءِ اچي حاضر ٿيو ۽ بادشاهه کي اطلاع ڪيائين ته سڀ شيءِ تيار آهي، ۽ بادشاهه جي رڪاب سان گڏ هليو.

جلوس جي مهڙ ۾ نقيب هئا، جن جي هٿ ۾ سندن عهدي جون لٺيون هيون ۽ مٿي تي ڪلنگيون هيون. اهي بادشاهه جي اچڻ جو وڏو سڏ اطلاع ڏيندا هليا ۽ جيڪو اڳيان ٿي آيو، تنهن کي پاسي ڪندا هليا. ڀتين جي چونٽين تي زالون اڇا برقعا ڍڪيو ويٺيون هيون، ۽ چڱن چڱن گهرن ۾ وري بالاخانن تي جيڪي چڪون يا پردا پيل هئا تن جي سوراخن مان زالن پئي تماشو ڏٺو. انهن جي پٺيان وري ڪيترائي فراش سنها لڪڻ هٿ ۾ کنيو ۽ رستي تا ماڻهو پاسي ڪندا پئي آيا. انهن جو ڪم هو تنبو هڻڻ ۽ فرش وڇائڻ. انهن کان پوءِ طويلي يا ڪڙهه جا عملدار چڱيءَ پوشاڪ ۾ گوڙ ڪري اچي لنگهيا، ۽ سندن ڪلهن تي زربغت جا زين پوش هئا، انهن کان پوءِ خوش پوشاڪ نوڪر سونا حقا کنيو آيا ۽ بادشاهه جي جتين کڻن وارو، چلمچي ۽ ڪونري کڻڻ وارو، سنس چغي کڻن وارو، سندس آفيم جي دٻلي کڻڻ وارو ۽ ڪيترائي ٻيا خانگي نوڪر هئا. هيءُ فقط هڪڙو خانگي جلوس هو، تنهنڪري ڪوتل گهوڙا اڳي روانا نه ڪيا ويا هئا، نه ته وڏن جلوسن ۾ اهي ڏاڍي رونق ڪندا آهن، انهن جي پٺيان پيادا جوڙو جوڙو ٿي ڊوڙندا  هليا. هن جي پوشاڪ چرچي جهڙي هئي؛ ڪن کي ڪيمخاب جا ڪپڙا هئا ڪن کي ريشم جا. اهي شاهه جي بلڪل اڳين ٿي هليا ۽ انهن جو مکيه عملدار، جنهن کي مينا ڪاري هٿيئيءَ سان چابڪ چيلهه ۾ لڳو پيو هو، سو خود بادشاهه سان گڏيو پئي آيو. بادشاهه هڪڙي غريب گهوڙي تي چڙهيل هو جو وکين وکين پئي آيو. انهيءَ گهوڙي تي سنج تمام قيمتي پيل هئا، پر خود باشاهه جي پوشاڪ سادي هئي، رڳو سندس ڪپڙو عمدي قسم جو هو ۽ سهڻي شال پيل هيس. سندس پٺيان پنجاهي وکن تي سندس ٽي پٽ هئا، انهن کان پوءِ اميرالامراءِ، رسمن جو امير، گهوڙن جو امير، ملڪ الشراءِ ۽ گهڻائي ٻيا امير هئا، جن سڀني سان پنهنجا پنهنجا نوڪر هئا، نيٺ جڏهن سڀ عملا اچي گڏ ٿيا، جي مرزا احمق جي مهماني کائڻ وارا هئا، تڏهن انهن جو تعداد شايد پنجن سون کان گهٽ نه ٿيو.

بادشاهه در تي لهي پيو، جو اهو ايڏو وڏو نه هو، جنهن مان گهوڙي سميت لنگهي سگهجي ۽، ايوان جو وچون رستو ڏيئي، سڌو پنهنجي مسند ڏي هليو جا وڏي ڪمري ۾ رکي هئائون. شهزادن کان سواءِ ٻيا بيٺا ۽ حڪيم پاڻ عام نوڪر جا ڪم پئي ڪيا. بادشاهه جي ويهي وڃڻ کان ٿورو وقت پوءِ رسمن جو امير ۽ گهوڙڻ جو امير ٻئي پيرين اگهاڙا حوضيءَ وٽ آيا. پوئين امير هڪڙو چاندي جو مجمعو سيني تائين ٿي کنيو، جنهن ۾ هڪ سو تومان نئين سڪي جا پکڙيا پيا هئا. پوءِ رسمن واري امير وڏي آواز سان چيو ته ”ڪمترين غلام، جهان پناهه، شهنشاهه ظل الله جي خذمت سڳوريءَ ۾ عرض ٿو ڪري ته مرزا احمق، حڪيم باشي حضور اعلى جي پيرن جي پاڪ مٽيءَ کي، گستاخي ڪري ويجهو اچي ٿو، ۽ هڪ سو سون جا تومان نذرانو پيش ڪري ٿو.“

انهيءَ تي بادشاهه جواب ڏنو ته ”مرزا احمق، تون ڀلي آئين، الحمدالله، تون چڱو نوڪر آهين. شاهه جي توتي خاص مهرباني آهي، تنهنجو منهن روشن آهي ۽ تنهنجو درجو گهڻو ٿيو آهي. وڃ وڃي خدا جي شڪر گذاري ڪر ته بادشاهه گهرايو آهي ۽ تنهنجو نذرانو قبول ڪيو اٿس.“

هي ٻڌي حڪيم گوڏا کوڙي زمين چمي، تڏهن بادشاهه پنهنجي اميران مراءِ ڏي منهن ڪري چيو ته بادشاهه جي سر جو قسم، مرزا احمق چڱو ماڻهو آهي، اڄ ايران ۾ انهيءَ جهڙو ٻيو ڪونهي، هو لقمان کان وڌيڪ قابل آهي.“

اميرالامراءِ ورندي ڏني ته ”بيشڪ، بيشڪ لقمان آهي، لقمان يا جالينوس ڪنهنجا ڪتا هئا؟ اهو به شهنشاهه جي نيڪ طالع ڪري آهي. اهڙي بادشاهه ايران اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو نڪي اهڙي بادشاهه جو اهڙو طبيب ڪڏهن ڪو هو. ماڻهو ڀلي پيا يورپ ۽ هندستان جي طبيبن جي تعريف ڪن، پر حڪمت جيڪڏهن ايران ۾ نه هوندي ته ٻيو ڪٿي هوندي؟ جيسين ايران جي زمين ۾ لاثاني شاهه جي هئڻ جي روشنائي هوندي، تيسين ٻيو ڪير بهتريءَ جي دعوى ڪري سگهندو؟“

بادشاهه چيو ته ”اهو سڀ سچ آهي. ايران اهڙو ملڪ آهي جو دنيا جي شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، پنهنجن رهاڪن جي قابليت ۽ پنهنجن بادشاهن جي ڏاهپ ۽ تجمل جي ڪري هميشه مشهور آهي. دنيا جي پهرئين بادشاهه ڪيو مرث کان وٺي آءٌ جو هاڻوڪو بادشاهه آهيان، تنهن تائين ڪهڙي ياداشت اهڙي ڪامل ۽ اهڙي رونق آهي؟ هندستان ۾ پنهنجا بادشاهه يا رجائون هئا، عربستان ۾ خلفا هئا، ترڪستان ۾ خونخور هئا، تاتار ۾ خان هئا ۽ چين ۾ خاقان هئا، باقي فرنگي، جي خبر ناهي ته ڪٿان منهنجي ملڪ ۾ خريد فروخت ڪرڻ ۽ تحفطن جي ڍل ڏيڻ لاءِ آيا، تن ويچارن ڪافرن ۾ به هڪڙي بادشاهن جي مٺ آهي، پر انهن جي ملڪن جي نالن به اسان جي ڪنن تائين خبر نه پهتي آهي.“

اميرالامرا چيو ته ”برابر، برابر، قربان ٿيان. انگريز ۽ فرانسيسي قومون البت دنيا ۾ شمار ٿين ٿيون پر انهن کان سواءِ ٻيون ته ليکي ۾ ئي ناهن. باقي هو روسي، سي ته يورپي ئي ڪين آهن، يورپ جي ڪتن کان به گهٽ آهن.“

بادشاهه کلي چيو ته ”هاها، ها، تون سچ ٿو چوين، انهن ۾ وري هوءَ خورشيد ڪلاه راڻي هئي ، جا زال ٿي عجب جهڙو ماڻهو هئي، ۽ اسان سڀني کي خبر آهي ته جڏهن ڪا زال ڪنهن ڪم ۾ هٿ وجهندي آهي، تڏهن خدا کان پناهه گهرڻ کپي. پر انهن کان پوءِ هنن وٽ پال آيو جو نسرورو چريو هو. هن جي بيعقليءَ جو هڪڙو مثال هي بس آهي ته هن پنهنجو لشڪر هندستان ڏي موڪليو، ڄڻ ته قزلباش هنن کي ڇڏي ڏين ٿا، ڏاڙهي ڪوڙائين ٿا ۽ پوءِ پاڻ کي يورپي ٿا سڏائين. ائين ته تون به هنج جا کنڀ پٺيان ٻڌي پاڻ کي ملائڪ سڏائي ٿو سگهين.“

اميرالامراءِ چيو ته ”عجيب، عجيب، شهنشاهه ملائڪ وانگي ٿو ڳالهائي. اسان کي يورپ ۾ ته ڪو بادشاهه ڏيکاري جو هن وانگي ڳلهائي.“

سڀ جيڪي حاضر هئا تن گڏجي چيو ته هائو، هائو، پوءِ هڪڙي چيو ته ”شل هو هزار ورهين تائين جيئرو رهي!“ ٻئي چيو ته ”شل هن جو پاڇو گهٽ نه ٿئي.“

بادشاهه وري چيو ته ”جيڪي عجيب ڳالهيون ٻڌجن ٿيون سي هنن جي زالن جون. پهرين ته هنن جي گهرن ۾ اندرون يا پردو ڪونهي، مڙس توڙي زالون سڀ گڏ رهن، زالون برقعو اصل ڪين ڍڪين، جيڪو کين ڏسي ان کي پنهنجو منهن ڏيکارين، جيئن اسان جن خانه بدوش يا گهمندڙن قومن جو دستور آهي. مرزا احمق تون طبيب به آهين ۽ حڪيم به آهين، تون مون کي ٻڌاءِ، ته انهيءَ جي خدا تعالى جي ڪهڙي حڪمت آهي جو هن دنيا ۾ اسين پنهنجي تابع رکون ٿا. پوءِ بادشاهه کيس ٽوڪ هڻي چوڻ لڳو ته ”مون ٻڌو آهي ته سڀني کان وڌيڪ تون کئي نصيب وارو آهين، جو فرمانبردار ۽ سگهڙ زال ملي اٿيئي.“

حڪيم ورندي ڏني ته ”مون تي شهنشاهه جي مهرباني ۽ پناهه آهي، تنهنڪري مون وٽ سڀڪجهه آهي جنهنڪري آءٌ پنهنجي حياتي خوش ٿو گذاريان. آءٌ توڙي منهنجي زال توڙي اسان جو ٻيو سڄو ڪٽنب سڀ حضور جا غلام آهيون، ۽ جيڪي اسان وٽ آهي سو سڀ حضور جي ملڪ آهي. جي هن ٻانهي ۾ ڪا فضليت آهي ته اها سندس ذاتي فضيلت ناهي، اها سڀ جهان پناهه کان نڪتل آهي. بادشاهه مون تي راضي ٿو ٿئي، تڏهن منهنجا عيب به ثواب ٿيو پون، ڀلا، ”چراغ مرده ڪجا، شمع آفتاب ڪجا.“

سج جي اڳيان ڪهڙو ڏيو چمڪي سگهندو يا الوند جبل جي اڳيان ڪهڙو منارو وڏو سڏي سگهبو؟ باقي زالن جي نسبت ۾ جيڪي جهان پناهه فرمايو تنهن بابت هن ڪمترين غلام جي نظر ۾ اچي ٿو ته جانور ۽ يورپين جي وچ ۾ گهڻو ميلاپ آهي، تنهنڪري ته هو مسلمانن کان گهٽ درجي جا آهن. جانورن ۾ به نهر ماديون گڏ گذاريندا آهن، يورپي به ائين ڪندا آهن. نڪي جانور وضو ڪن، نڪي ڏينهن ۾ پنج ڀيرا عبادت ڪن: يورپي به ائين ڪن،  اسين پليت جانورن کي ماري انهن جي بيخ ئي ڪڍي ڇڏيندا آهيون، پر مون ٻڌو آهي ته يورپ ۾ سڀڪنهن گهر ۾ هڪڙي جاءِ خلاصي سوئرن جي رکڻ جي ٿيندي آهي. باقي سندن زالن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ ڪهڙو ڪتو گهٽين ۾ ڪا ڪتي ڏسي انهي وٽ وڃي پاڻ اگهائڻ جي ڪوشش نٿو ڪري؟ يورپي به ائين ڪندا آهن. انهن ناپاڪ ملڪن ۾ زال جي ته معنى ئي ڪانهي ڇالاءِ جو سڀڪنهن جي زال ٻئي هر ڪنهن جي مِلڪ آهي.“

بادشاهه چيو ته ”حڪيم، واهه جي ڳالهه ڪئي اٿيئي. تڏهن انهيءَ مان صاف آهي ته اسان کانسواءِ ٻيا سڀ جانور آهن. اسان جي نبيﷺ به ائين ئي فرمايو آهي. ڪافر هميشه باهه جا عذاب پيو کائيندو ۽ مومن بهشت ۾ حورن سان گڏ پيو گذاريندو. پر حڪيم اسان ٻڌو آهي ته تنهنجو بهشت هن دنيا ۾ ئي شروع ٿيو آهي، جو توکي اڳئي حورون گهر ۾ آهن. اها ڳالهه ڪيئن آهي؟

تڏهن مرزا احمق تواضح ڪري چيو ته ”جنهن شيءِ جي رکڻ جي بادشاهه سلامت پنهنجي ٻانهي کي اجازت ٿو ڏئي، سان سندس ملڪ آهي. جنهن گهڙي شهنشاهه جو قدم مبارڪ مرزا احمق جي حرمخاني جي چاونٺ لنگهندو، اها گهڙي ڏاڍي سڀاڳي ٿيندي ۽ ٻانهي جو مٿو آسمان تي وڃي پهچندو.

بادشاهه چيو ته ”چڱو، اسين پنهنجن اکين سان ڏسنداسين. بادشاهه جي نظر چڱو نصيب ٿي آڻي. وڃ، وڃي اندر حرم کي اطلاع ڏي ته بادشاهه اچي ٿو، ۽ جيڪڏهن ڪا زال بيمار هجي، يا ڪنهنجي مراد پوري نه ٿي هجي، يا ڪنهن ڇوڪريءَ کي شادي ڪرڻ جي مرضي هجي، يا ڪا زال پنهنجي مڙس کان بيزار هجي ته اهي ڀلي اچن ۽ پنهنجي بادشاهه کي ڏسن، جو انهيءَ ڪري انهن جو نصيب چڱو ٿيندو.“

اتي شاعر، جو هيستائين ماٺ ڪيو ويٺو هو ۽ ظاهري ڪري ڪنهن خيال ۾ غرق هو، تنهن چيو ته ”جيڪي بادشاهه سلامت فرمايو آهي، تنهن مان فقط سندس گهڻو نوازش ۽ غلام نوازي معلوم ٿي ٿئي. پوءِ ڪي بيت پڙهڻ لڳو، جنجو مضمون هيءُ هو:

”آسمان ۾ رڳو هڪڙو سج آهي ۽ عراق جي زمين ۾ به رڳو هڪڙو بادشاهه آهي. انهن سان جتي ڪٿي حياتي ۽ خوشي ۽ رونق ۽ نيڪ بختيءَ شامل آهي. طبيب ڀلي تنهنجي دوا تي فخر ڪري، پر ڪهڙي پوشاڪ بادشاهه جي اکه جي نگاهه سان مٽ ٿي سگهندي؟ بادشاهه جي پنبڻين ڇنڀڻ جي مقابلي ۾ نسبل ڇا آهي، موميائي ڇا آهي ۽ چادزهر ڇا آهي؟. او مرزا احمق تون ماڻهن ۾ ڏاڍو خوش نصيب آهين، طبيبن ۾ ڏاڍو بخت وارو آهين. بيشڪ هينئر توکي پنهنجي گهر اندر سڀڪنهن بيماري جو ترياف ۽ سڀڪنهن خرابيءَ جو علاج موجود آهي. پنهنجو جالينوس بند ڪر، پنهنجو بقراط ساڙي ڇڏ، بو علي سينا کي ڪنڊ ۾ اڇلائي ڇڏ، انهن سڀني جو ڏاڏو پاڻ بذات خود هتي آهن. جڏهن اکه ملي سگهندي تڏهن سنا ڪير وٺندو؟ جڏهن هڪڙي نگهاهه ڪنهن کي ڇٽائي ڇڏيندي، تڏهن پلستر جا عذاب ڪير کائيندو؟. او مرزا احمق، تون ماڻهن ۾ ڏاڍو خوش نصيب آهين، ۽ طبيبن ۾ ڏاڍو بخت وارو آهين.“

جيسين شاعر هي بيت پئي پڙهيا، تيسين سڀڪو ماٺ ڪيو ويٺو هو. جڏهن هن بس ڪئي تڏهن بادشاهه چيو ته ”آفرين، تون بيشڪ شاعر آهين ۽ اسان جي راڄ لائق آهين. تنهنجي مقابلي ۾ فردوسي ڪير هو؟ محمود غزنوي ته ڪي به ڪين هو.“ پوءِ اميرالامراءِ کي چيائين ته ”وڃ، وڃي وات چمينس ۽ پوءِ اهو مصريءَ سان ڀرينس، جنهن وات مان ههڙو چڱو ڪلام ٿو نڪري، سو شل سدائين خوش هجي.“

اتي اميرالامراءِ اٿيو ۽ شاعر جي ويجهو ويو. سندس ڏاڙهي وڏي ۽ گهاٽي هئي. ۽ شاعر کي به وات وٽ گهڻا وار هئا، ته به هن وات چميس، پوءِ مصريءَ جي رڪابي کيس آڻي ڏنائون، تنهن مان ايتريون ڳڙيون آڱرين سان هن جي وات ۾ وڌائين، جيترن سان وات ڀرجي ويس.

جيتوڻيڪ هن خوشيءَ جي ڪم ڪري شاعر کي البت تڪليف رسي ته به ظاهري ڪري هو نهايت گهڻو سرهو ڏسڻ ۾ آيو، ۽ ڏند ڪڍي ايترو کليو جو جهڙا اکين مان ڳوڙها وهن لڳس، تهڙي چپن مان مصريءَ جي گگ پئي وهيس.

تنهن کان پوءِ بادشاهه سڀني درٻارين ۽ خدمتگارن کي موڪل ڏني ۽ شاهي مانيءَ جي تياريءَ ٿيڻ لڳي.

باب اوڻٽيهون

 

مهمانيءَ جو بيان ۽ پوءِ جيڪا ڳالهه حاجي بابا جي خوشي گم ڪري ٿي

جنهن ڪمري ۾ بادشاهه ماني ٿي کاڌي، تنهن ۾ نوڪرن کان سواءِ جيڪي ماڻهو اندر اچڻ ڏنائون، سي رڳو ٽي شهزادا هئا، يعنى سندس پٽ جي ساڻس گڏ آيا هئا، سي به پري ڀت کي پٺي ڏيو بيٺا هئا، چڱيون پوشاڪون پيل هون ۽ پاسي کان ترارون پئي لڙڪن مرزا احمق ٻاهر خذمت ۾ حاضر بيٺو هو. عمدي تمام شال جو هڪڙو ڪپڙو زريءَ جي ڪناريءَ سان خاص خدمتگار بادشاهه جي اڳيان وڇائي ويو ۽ سون جو ڪونرو ۽ چلمچي هٿن ڌئارڻ لاءِ آڻي موجود ڪيائين. تنهن کان پوءِ ماني خونچن ۾ کڻي آيا، جن تي وڏي ڪاروباري بورچيخاني مان مهر هڻي موڪلي هئي، انهيءَ ڊپ کان ته متان ڪو زهر وجهي. اهي مهرون هن وري شاهه جي روبرو ڀڳيون. پوءِ تمام عمدي قسم جا طعام نڪري پيا. جدا جدا صورتن ۾ چانور دسترخاني تي اُٻون ڪڍڻ لڳا، پهرين پلاؤ هو، جو برف جهڙو اڇو هو، پوءِ پلاءِ هو، جنهن ۾ پڪل ڪڪڙ پيو هو، چوٿون زعفراني رنگ جو پلاءُ هو، جنهن ۾ سڪل مٽر پيل هئا، ۽ پوءِ سڀني طعامن جو بادشاهه نارنجي پلاءُ هو، جنهن ۾ نارنگيءَ جي کلن جا ٽڪر ۽ اريوان جي ويجهو زنگيءَ جي مڇي به رڌجي آئي هئي. تنهن کان پوءِ چينيءَ جي ڪاربين ۽ پيالن ۾ به شوروو ۽ قورمو پيل هو، جنهن ۾ ڪڪڙ جو گوشت ڪٽيل ۽ ڀڳل ۽ چانورن ۽ بصرن ۽ ٻين مٺين ڀاڄين سان گڏ رڌل پيل هو، دم پخت جنهن ۾ دنبي جون نڙي واريون هڏيون ۽ ٻئي گوشت جون ٻوٽيون پنهنجي رس ۾ ڀڳل پيل هيون، ننڍا ونگا قيمت سان گڏ گيهه ۾ پڳل، هڪڙو ڪڪڙ رڌل شوروي سان، آنن جو وڏو خاگينو جو ٻه انچ ٿلهو هو، آبگوشت يا گوشت جو جوهر جو هڪڙي ڀريل پيالو جنهن ۾ دنبي جي گوشت جا ريزا ۽ باداميون، گدامڙي ۽ ٻيا مصالحه پيل هئا، ۽ پلاؤ جي مٿان اوتي وڌائون، پڪل آنن جي رڪابي مکڻ ۽ کنڊ ۾ ڀڳول چيريل واڱڻ گهه ۾ ڀڳل، هرڻ جو گوشت اٻاريل ۽ ڪيترائي ٻيا طعام هئا، جن جو شمار ئي ڪونه هو. تنهن کان پوءِ آياب ڪباب. هڪڙو گهيٽو شيخ تي چڙهيل گرما گرم کڻي آيا، جنهن جو دنب ابتو ڪري ان جي پٺيءَ تي رکيو هئائون. تتر، ۽ ٻٽيرايا پٽ تتر، جي ايران ۾ لذت جي ڪري مشهور آهن، سي به انهي وقت جي لاءِ هٿ ڪيا ويا هئا. مازندران جا جهنگلي ڪڪڙ ۽ گورخر ۽ هرڻ جي گوشت جا چونڊيل ٽڪر به موجود هئا. اهڙا ۽ ايترا عجيب و غريب طمام اچي گڏ ٿيا، جو سڀڪنهن کي حيرت وٺي ويئي، ۽ اهي سڀ بادشاهه جي آس پاس ڍير ڪري رکي ويا. اهڙيءَ طرح خود بادشاهه ئي انهن ۾ لڪي ويو يا انهن منجهان پئي ڀانيو. ٻيون شيون جي مانيءَ سان شامل ٿينديون آهن، جيئن ته مربا ۽ آچار ۽ پنير ۽ مکڻ ۽ بصر ۽ ڪاهو جا پن توڙي لوڻ“ مرچ، مٺايون ۽ کٽايون جي خونچن جي جدا جدا ڀاڱن ۾ رکيل هيون، تن جو ته ذڪر ڪري نٿو سگهجي، پر شربت سي ڏاڍا مزي جا هئا، اهي قيمتي چينيءَ جي وڏن پيالن ۾ رکيا هئا ۽ شمشاد جي ڪاٺيءَ جي اڪريلن چمچن سان پيڻ ۾ ٿي آيا، ليمي جو شربت هو ۽ شڪنجين هئي، جنهن ۾ سرڪو ۽ شڪر ۽ پاڻي مليل هئا، جنهن ڪري کٽاڻ ۽ مٺاڻ اهڙي هڪ جيتري پوري گڏيل هئي، جهڙي دنيا جي ڏکيائي ۽ سکيائي گڏيل رهندي آهي، گلابي شربت به هو، جنهن ۾ خوشبوءِ لاءِ گلاب ۽ ٻيا سرها ٻج پيل هئا، آناري شربت هو جو ڏاڙهن جي رس مان ٺيهل هو، انهن سڀني شربتن ۾ برف جا ڳنڍا پئي تريا، جنهنڪري ڏاڍا ٿڌا هئا.

بادشاهه ڪنڌ مانيءَ تي جهڪايو ماٺ ڪيو هٿن سان پلاؤن ۽ طعامن جي رڪابين مان ويٺي کاڌو، ۽ شهزادا توڙي خذمتگار ادب سان هڪڙي هنڌ ٽڪ ٻڌيو بيٺا هئا. بادشاهه ماني کائي اٿيو ۽ اتان هلي پاسي واري جاءِ ۾ آيو، جتي هٿ ڌوئي قهوو پيڻ ۽ ڪلياڻ يا حقو ڇڪڻ لڳو.

ماني کائيندي هڪڙي پلاو جي رڪابي، هڪ نوڪر جي مٿان، مرزا احمق ڏي کڻائي موڪليائين. اها هڪڙي خاص مهربانيءَ جي نشاني سمجهيل هئي، تنهنڪري مرزا لاچار پلاو آڻيندڙ کي خرچي ڏني. ساڳي مهرباني بادشاهه شاعر سان به ڪئي جو في البديهه شعر ٺاهيو هئائين ۽ انهي کي به مناسب خرچي ڏيڻي پيئي. هڪڙو ٻوڙ جو بادشاهه کي گهڻو پسند آيو هو، تنهن جي رڪابي هن حڪيم جي زال ڏي موڪلي، جنهن به وڏي رقم خرچيءَ ۾ ڏني. انهيءَ طرح بادشاهه ٻن ڄڻن کي فائدو رسايو، هڪڙو انهيءَ کي جنهن ڏي تحفو موڪليائين ۽ ٻيو انهيءَ کي جو اهو تحفو کڻي ويو.

تنهن کان پوءِ شهزادا کائڻ ويٺا. جڏهن اهي ڍؤ ڪري اٿيا ۽ کاڌي جون رڪابيون کڻي ٻي جاءِ ۾ وڃي رکيائون، تڏهن امير الامراءَ ۽ شاهي شاعر ۽ گهوڙن وارو امير ۽ ٻيا سڀ درباري ۽ عملدار جي بادشاهه سان گڏ آيا هئا سي ويهي رهيا، ۽ جيڪي بادشاهه ۽ سندس پٽ ڇڏي ويا سو کائڻ لڳا. انهيءَ کان پوءِ ماني جدا جدا نوڪرن کي پئي ملي، تان جو پڇاڙيءَ ۾ فراشن ۽ بورچين کائي پورو ڪئي.

انهيءَ وچ ۾ حڪيم بادشاهه کي پاڻ پنهنجي حرم ۾ وٺي ويو، دستور موجب جيڪو اندر جهاتي پائي ها تنهن کي قتل ڪري ڇڏين ها، تنهنڪري آءٌ ڏاڍي انتظار ۾ بيهي رهيس ته خبر پوي ته اندر ڇا ٿي گذريو. پر جڏهن بادشاهه موٽي وري پنهنجي ڪمري ۾ آيو، تڏهن مون ٻڌو ته حڪيم پنهنجي ڪردي ٻانهي نذراني ۾ بادشاهه کي ڏئي ڇڏي. هي خبر ٻڌي منهنجون ته متيون ئي منجهي ويون. جيتوڻيڪ هن جي هاڻوڪي حالت کان نڪرڻ جي لاءِ هر طرح خوشيءَ جو سبب هو ته به مون کي خيال ۾ آيو ته انهيءَ مان ڪي اهڙا نتيجا نڪري سگهندا، جن جي ياد ڪرڻ تي منهنجو بت ئي ڪانڊارجي ٿي ويو. ته اسان جي پاڻ ۾ ايتري قدر محبت ٿي وئي هئي، جو عقل جي ڳالهه خيال ۾ ئي نه ٿي آئي، ۽ هاڻي جو آئيندي جو اميدون نظر ۾ اچڻ لڳيون ته انهي جي پٺيان خيالي خوف ۽ خطرا به دل ۾ ڪاهي اچي ٿي پيا.

پاڻ کي چيم ته ”جيڪي ٿي گذريو، تنهنڪري پڪي خبر لهڻ جي ڪوشش ڪندس، من انهيءَ گوڙ ۽ گڙٻڙ ۾ زينب پاڻ منهنجي نظر چڙهي وڃي. تنهنڪري دير کان سواءِ آءٌ بالاخاني تي چڙهي هميشه جي ملڻ واريءَ جاءِ تي وڃي بيٺس. هيٺ زالن ۾ گهڻو گوڙ ۽ کڙڪو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. جو گهڻيون زالون ٻاهران ملاقات لاءِ آيون هيون ۽ ٻيون وري اصل حڪيم جي حرڪم جون هيون. پر زينب جهڙي شڪل جي زال مون کي ڪابه ڏسڻ ۾ نه آئي. اتي رات به اچي پئي ۽ مون کي ڊپ ٿيو ته ڪا به نشاني ڏيکاري نه سگهندس، جا هتي معلوم ٿي سگهندي. پر عشق تي ڀروسو رکي مون دل ۾ يقين ڄاتو ملاقات لاءِ جيڪا مون رٿ رٿي آهي، هن کي ساڳي اها دل ۾ ايندي. بالاخاني جو ڪجهه ڀاڱو، جتي اسان جي پهرين ملاقات ٿي هئي، سو گهٽيءَ جي ويجهو هو ۽ جڏهن ڪڏهن ڪو ٻاهر تماشو ٿيندو هو، تڏهن حرم جون زالون انهيءَ تي اچي ويهنديون هيون. مون اميد رکي ته جڏهن بادشاهه هاڻ سگهوئي وڃڻ جي ڪندو، تڏهن زينب به ضرور اتي ايندي. پوءِ گهوڙن جي سنبن جي ڪڙڪي ۽ ماڻهن جي رڙين ۽ شمعدانن جي آمدرفت مان معلوم ٿيو ته اهو وقت ويجهو آهي. انهيءَ وقت زالن جي جيتن جو آواز ۽ سندن ڳالهائڻ ٻڌي خوش ٿيس جو بالاخاني تي اچڻ لاءِ ڏاڪڻ تي ٿيس چڙهيون. آءٌ ڀت جي پٺيان لڪي بيهي رهيس، اهڙي طرح جو جيڪو انهيءَ هنڌ جو واقف هوندو سو ئي مون کي ڏسي سگهي ها، نه ڪو ٻيو. پڪ ٿيم ته زينب ضرور مون ڏي نهاريندي. ٿيو به ائين. جيڪي زالون بالاخاني تي آيون هيون، تن مان هوءَ به هئي ۽ انهيءَ مون کي سڃاتو. بس مون کي گهربوئي ايترو هو، ڄاتم ته هوءَ پاڻيهي ڪا تجويز ڪري مون سان ڳالهائيندي.


  (1) مشرقي ملڪن ۾ مسند حقيقت ڪري تخت آهي، پر ههڙن وقتن تي مسند ٺاهڻ جو هي دستور هو ته ٿلهو غاليچو ٻيڻو ڪري وڇائيندا آهن، جنهنڪري مٿس رڳو هڪڙي ماڻهوءَ جي وهڻ جي جاءِ ٿيندي آهي

(1) ڪاردائن ثانيءَ کي ايراني انهيءَ جي نالي سان سڏيندا آهن، يعني سج جي ٽوپي واري يعني ڳاڙهي مٿي وارا، انهيءَ لقب سان ايراني سڏبا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org