سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: حاجي بابا اصفهاني

حصو پهريون

صفحو :18

مون پنهنجي دل ۾ چيو ته مريم ايراني ديو کي پسند ڪندي، پر هن جانور کي پسند نه ڪندي ۽ (پاڻ تي فخر سان نظر ڪري چيم ته) جڏهن هوءَ هن ماڻهوءَ کي پنهنجي مڱيندي سان مقابلو ڪري ڏسندي، تڏهن مون کي پڪ آهي ته مون کي هن تي ريس ڪرڻ ۽ شڪ رکڻ جو ڪو به سبب ڪونهي.

انهيءَ طرح ٺهراءُ ٿيو ته منهنجي شادي ٿئي. شاديءَ جي ڏينهن جي اڳيئنءَ رات ڪپڙا ۽ ٻيون شيون ترائن ۾ رکي، ماڻهن جي مٿي تي کڻائي ۽ انهنجي اڳيان راڳ ڳائيندا ۽ ساز وڄائيندا ڪنوار جي گهر ويا. اهي ڳائڻ وڄائڻ وارا سڀ ڪنهن ڳوٺ ۾ ملي سگهن ٿا. جيڪي منهنجي شاديءَ ۾ هئا، تن ۾ هڪڙي ماهوءَ شرنائي پئي وڄائي، ٻئي دف پئي وڄايو ۽ ٻن پئي ڳايو. وڌيڪ تماشي ڪرڻ لاءِ اسان جن روسي دوستن پنهنجو ديهل به اسان کي ڏنو جو اسان جي هڪڙي ريڍار ڇوڪري ٿي وڄايو. انهيءَ ساري ڳوٺ ۾ هل وجهي ڏنو. پنهنجي ڏاج موڪلڻ کان ٿورا ڪلاڪ پوءِ، وري آءٌ به اوڏي ويس، انهيءَ لا ته رواج موجب ڪنوار جي طرفان جيڪو تحفو ملي سو وٺان. اهو هو هڪڙو جوڙو تپاچن جو، جو ڪاڪينرس جبل ۾ جڙيو هو ۽ اصل سندس ڏاڏي جي ڀاءُ جو هو، جو گرجستان جو واليءَ جي لشڪر ۾ سپاهي هوندو هو، جڏهن اڃا روسين اهو ملڪ نه ورتو هو.

ٻئي ڏينهن جڏهن منهنجي شادي ٿيڻي هئي، تڏهن آءٌ ۽ ٻيا گهر جا ڀاتي سويل اٿاسين. هوا چڱي، پر خشڪ هئي. انهيءَ کان اڳي طوفان جون نشانيون پيون ڏسبيون هيون ۽ آسمانن ۾ وڏا گهاٽا ڪڪر اڇن مٿن پيا نڪرندا هئا ۽ ڊيڄاريندا هئا. انهيءَ رات مينهن جو به هڪڙو وسڪارو ٿيو، جنهن ڪري سڀ ملڪ تازو پئي ڏسڻ ۾ آيو. منهنجي دوست ڪپتان پنهنجو گهوڙو مون کي ڏنو، جنهن تي مون ڏاڍي ٺاهو ٺوهه سان سنج وڌا. مون پاڻ به مٿي کان پيرن تائين نئون وڳو ڍڪيو ۽ مٿان وري چانديءَ لڳل پٽا ۽ ڪارتوس جون پيتيون، خنجر ۽ ٻيا ساز ٻڌا، جي هڪڙي گرجيءَ آڻي ڏنا هئم، جو روسين جي نوڪريءَ ۾ هو. آءٌ ڀانيان ٿو ته آءٌ ڏاڍو خوبصورت ٿي ڏسڻ ۾ آيس آءٌ، منهنجا مائٽ، روسي ڪپتان ۽ جيترا ٻيا ماڻهو هلي سگهيا، سي سڀ ڄڄ ڪري جيئڪلو ڏي هلياسين ۽ جڏهن ويجها آياسين، تڏهن هڪٻئي پٺيان قطار کڻي ٻڌيسون، ۽ اسان جي اڳيان واڄو وڄندو هليو۽ راڳ ٿيندا هليا ۽ خوشيءَ جون رڙيون پئي ٿيون. اسين وڃي ڪنوار جي گهر ٿياسين، جتي ڪي ڪجهه کاڌوسين به ۽ سڄي ڳوٺن جون مبارڪون مليونسين. تنهن کانپوءِ گاوميشلو ڏي موٽڻ لاءِ تيار ٿياسين، جتي منهنجي چاچي کي نڪاح پڙهڻوهو، تڏهن اسين وري سوار ٿياسين. منهنجي ڪنوار کي مٿي کان پيرن تائين برقعو پيل هو ۽ مٿي تي هڪڙي تانگهي رڪابي رکيل هئس، جنهن تي اهو برقعو پئي اڏاڻو ۽ پاڻ پنهنجي پيءُ جي گهوڙي تي چڙهيل هئي ۽ ٻنهي پاسن کان سندس ڀائر پئي آيا. دستور آهي ته گهوٽ سڄي هٿ ۽ هڪڙي ٿيلهي يا ڪمر پٽو جهلي، جنهن جو ٻيو پاسو ڪري ڪنوار جهلي، پوءِ ديول ڏي هلن. اسان به ائين ڪيو. اسان جا سڀ سڃاڻ ڄاڻ ۽ مائٽ ۽ ڳوٺن جا ڇوڪرا، ڪي پيادا، ڪي گڏهن ۽ گهوڙن تي، سڀ اسان سان گڏجي هليا ۽ رڙيون ڪندا هليا                                                                                            خوشيءَ مان رانديون ڪندا هليا. جڏهن اسين هڪڙيءَ ٽڪريءَ تي پهتاسين، جتان اسانجو ڳوٺ پئي ڏٺو، تڏهن سڀ بيهي رهيا ۽ جنهن کي انهيءَ رسم جي ادائي ۾ شامل ٿيڻو هو، تنهن کي هڪڙي هڪڙي شمع ڏيئي ويا، جا کڻي ٻاريائون، پوءِ سڀ آهستي قدم کڻندا هليا. سڀني جي اڳيان منهنجو چاچو هو، جنهن سان منهنجو ٻيو چاچو جو ٽنديولن مان آيو هو، سي ٻئي گڏ مذهبي راڳ ڳائيندا هليا ۽ چوڌاري تماشبينن جو هل هو. روسي ڪپتان به سعيو ڪري پنهنجن ماڻهن کي انهيءَ وقت چڱيون پوشاڪون ڍڪايون هيون ۽ اهي به اسان سان گڏجي وڏي تجمل سان ديول ڏي هليا.

نيٺ اسين هلي ديول جي در تي لٿاسين ۽ اڃا به ڪمربند جا پلؤ جهليو هلياسين ۽ ٻئي قربان گاهه واري ٿلهي تائين وياسين، جنهن کي گلن ۽ ڦيٿن ۽ آرسين سان کڻي سينگاريو هئائون، جيتوڻيڪ اسين غريب هئاسين. تنهن کان پوءِ اسان کي لائون ڏنائون، يعني منهنجي ۽ مريم جي پيشاني پاڻ ۾ ملايائون. جيئن ٽڪر هڻبا آهن ۽ سندس هٿ وٺي منهنجي هٿ ۾ ڏنائون. پوءِ پادريءَ اسان کان پڇيو ته ”اوهين پاڻ ۾ زال مڙس ٿيڻ قبول ڪريو ٿا؟“ ۽ جڏهن اسان قبوليداريءَ لاءِ ڪنڌ لوڏيا، ۽ مناسب دعائون پڙهيون ۽ ڳايونويون، تڏهن نڪاح خوانيءَ جي رسم پوري ٿي ۽ سڀني ماڻهن هڪلي جهان کي انهيءَ جي خبر ڏني، ۽ دهلن ۽ شرنائين ۽ دفن ڏاڍو ڌمچر مچايو.

اتي سج لهي اونداهي ٿي، ۽ واءُ طوفان مچائڻ جي بدران جهڪو ٿيو، ڪڪرن جي ڪار ٿيڻ لڳي ۽ مينهن وٺو ۽ پري کان گجڪار پئي آئي. انهيءَ ڪري بابي جيڪا مجلس ڪئي هئي، سا اڳڀرو بند ٿي، ۽ جڏهن اسان جا مهمان هليا ويا،تڏهن اها گهڙي اچي پهتي، جڏهن آءٌ سڀني کان خوش ٿيڻو هوس.

هاڻي آءٌ ماٺ ڪريان ۽ اوهان کي پنهنجي بيان ٻڌائڻ سان ڏک ۾ نه وجهان، يا انهيءَ رات جا هيبتناڪ واقعا ياد ڪري ٻڌايان. اوهان کي خبر هجي ته منهنجي ڪنوار صبح جي تاري جهڙي خوبصورت ۽ ملائڪ جهڙي معصوم هئي ۽ مون سان سچي محبت هوندي هيس. مون کي جو پنهنجي محبوب سان ميلاپ جي اهڙي جلد اميد ڪا نه هئي ۽ پنهنجي حياتيءَ جي خوشي۽ خوش نصيبي حاصل ٿيڻ ناممڪن ڏسڻ ۾ ٿي آئي، تنهن جي انهيءَ وقت ڪهڙي حالت هوندي، تنهن جو اوهين قياس ڪري سگهندا.

پر جيڪو واقعو آءٌ هاڻ بيان ڪرڻ وارو آهيان تنهن جي پوري طرح سمجهڻ لاءِ اهان کي معلوم هجي ته گرجستان ۾ ۽ ارمينيا جي اسان واري ڀاڱي ۾، ڳوٺن جا ڀاڱا زمين جي اندر يا تهه خانن ۾ هوندا آهن، اهڙيءَ طرح جو ڪو ٻاهريون غير واقف ماڻهو ڪنهن گهر جي ڇت تان پيو هلندو، پر سمجهندو ائين ته ميدان يا پڌري تان پيو وڃان. اهڙي تهه خانن يا زير زمين وارن گهرن ۾ روشني سوراخن يا درين جي رستي اچي ٿي، جي انهيءَ جي چوٽيءَ يا ڇت ۾ آهن، جنهن گهر ۾ اسان جو ڪٽنب رهندو هو ۽ جنهن ۾ منهنجي شاديٿي. سو به اهڙو ئي هو، منهنجي شاديءَ واري حجري ۾ به اهڙي هڪڙي دري هئي،جا انهيءَ وقت بند ڪري ڇڏي ويئي هئي ۽ انهيءَ جاءِ جو در سڌو ٻاهر جي هوا ۾ ٿي کليو.

ارمني قوم جو دستور آهي ته پهرين گهوٽ اٿي اندر هجري ۾ سمهڻ ۾ ويندو آهي، هن جي جتي ۽ جوراب وري سندس زال پٺيان کڻي اندر ويندي آهي ۽ برقعي لاهي ڇڏڻ کان اڳي پنهنجي هٿ سان بتي اجهائيندي آهي. طوفان به انهيءَ مهل اچي نازل ٿيو، کنوڻ جا تجلا پي آيا، مينهن ڏاڍي سختي ۽ زور شور سان پئي وٺو. مطلب ته چوڌاري ڏاڍي گڙٻڙ لڳي ويئي هئي، جو مريم برقعو لاهي بتي اجهائي. اڃا هنڌ تي مس ويٺي ته ڇت واريءَ دريءَ وٽ قهر جو ڪڙڪو ٿيو. ڪڪرن جي گجڪار سان گڏ ماڻهن جو هل حشر به ٻڌڻ ۾ پئي آيو. گهوڙن جي ٽاٻڙ ٽاٻڙ به چٽي ٻڌڻ ۾ آئي. انهيءَ دم اسان جي جاءِ ۾ اسان جي هنڌ وٽ ڪنهن ڳريءَ شيءِ جي ڪرڻ ڪري ڏاڍو ڌڪاءُ ٿيو ۽ ساڳيئ وقت ۾ چمڪاٽ به ڏسڻ ۾ آيو ۽ شوري يا باروت جي باس به آئي.

مون دانهن ڪري چيو ته ”وڄ، ڪري. يا خدا اسان کي بچائج! منهنجي جان، پياري، ڀڄ،نڪر.“ هن به جهٽ ڏيئي پنهنجو برقعو کنيو ۽ در کان ٻرانگهه ڀري ٻاهر ٿي، ته انهيءَ ساڳيءَ جاءِ ۾ گولي ڦاٽڻ جو اهڙو دهشتناڪ آواز ٿيو، جو مون سمجهيو ته آءٌ اڏامي نابود ٿي ويس. پهڻن ۽ ڀترن ۽ سامان جي ڀڳلن ٽڪرن جي وسڪاري ۾ آءٌ بيهوش ٿي پيس. رڳو ايترو سو ياد اٿم ته روشنائيءَ جي ڏاڍيءَ بجليءَ ۽ چمڪاٽ کان پوءِ، باروت جي ڏاڍي باس آئي. پوءِ ته چپ چپات ٿي ويئي. ڳچ وقت تائين آءٌ اتي بيهوش ٿيو پيو هوس، ۽ ڪا به خبر ڪا نه هيم ته ڇا ٿي گذريو. در جي بدرجي آءٌ هوش ۾ آيس، ۽ ڏٺم ته پنهنجا عضوا چوري سگهان ٿو ۽ بدن کي ڪو به ايذاءُ ڪو نه رسيو اٿم. پوءِ خيال ڪرڻ لڳس ته هتي آءٌ ڪيئن آيو آهيان، باقي منهنجي شادي ته مون کي خواب وانگي ڏسڻ ۾ آئي. انهيءَ مهل رڳو بندوقن جا ٺڪاءُ ۽ ذري ذري گولن جي ڦاٽڻ جو آواز ۽ ڦٽيلن ماڻهن جون سور جون دانهون ۽ ڪاهه ڪندڙن ۽ ڌڪ هڻندڙن جون رڙيون ۽ هڪلون ۽ گهوڙن جي سنبن جو آواز ۽ ترارين جي لڳن جو ڪڙڪو چوڌاري منهنجي ڪن تي پئي پيو، چيم ته يا خداهي ڪهڙو واقعو آهي! اڃا به ائين پئي سمجهيم ته ڪنهن ٻئي جهان ۾ آهيان، ته اتي هڪِءَ زال جي رڙ ٻڌيم. چيم ته ”اها مريم آهي، خديا جو سنهن اها اهي. ڪٿي، ڪٿي، انهيءَ کي ڳوليان؟“ آءٌ اٿس. جيڪو ڪچري ڪهڄر جو ڍير منهنجي مٿان پيو هو، سو ڇنڊي هڪ دفعو وري پيرن ڀر ٿيس ۽ زال جي ڳولا ۾ ٻاهر نڪتس. جيڪو حادثو اکين سان ڏٺم سو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر آهي، ڇا لاءِ جو پهرين شيءِ جيڪا مون کي نظر آئي، سا هڪڙو ايراني هو جو هڪڙي هٿ ۾ اگهاڙي ترار ۽ ٻئي ۾ رت وهندڙ ماڻهوءَ جي سسي کڻي مون وٽان اچي لنگهي. رات اونداهي هئي، ليڪن وڄ جي چمڪڻ ڪري ذري ذري روشنائي پئي ٿي، ۽ لحظي ۾ خبر پئجي ويئي ته ڪهڙي خونريزي پئي هلي. پوءِ وري اونداهي ٿي پئي ويئي. خبر نه ٿي پئي ته ڇا ٿو ٿئي. هڪڙي چمڪاٽ ۾ مون ايراني ڏٺا، جي اگهاڙيون تراريون کنيون روسين تي ڪاهيو ٿي ويا، جي پنهنجن هنڌن تان اٿيو ڊوڙندا آيا. ٻئي چمڪاٽ ۾ويچارا ڳوٺ جا ماڻهو ڊپ ۾ سڙندڙن ڀنگين منجهان ڀڄندا ڏسڻ ۾ آيا. تنهن کانپوءِ وري هڪڙي گولي ڦاٽڻ جو ڌڪاءُ ٿيو، جنهن ڪري سڀ ڪا شيءِ لڏي وئي.([1]) ڳوٺ جا ڍور واڙن مان نڪري هيڏي هوڏي ڀڄڻ لڳا، ۽ اونداهيءَ رات ۾ پاڻ وڌيڪ نقصان ڪيائون مطلب ته جيڪو خوفناڪ ۽ موت مار حادثو ٿي گذريو. اهو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. مون کي انهيءَ خاوند جي شڪر گذاري ڪرڻ گهرجي،جنهن ههڙي خانه ويرانيءَ ۽ خونريزيءَ جي وچ ۾ مون کي بچائي ورتو.

مون کي سمجهيم نه ٿي ته ڪهڙي پاسي وڃي پنهنجي زال هٿ ڪريان.مون هن جون رڙيون ٻڌيون هيون، نااميديءَ جي ڪري ڏڪڻي وٺي وئي هيم. اوچتو خيال آيم ته شايد اهي هن جي مرڻ گهڙيءَ جون ڪنجهڪارون آهن، جي منهنجي ڪن تي پيون پون. آءٌ انهيءَ خونريزيءَ جي وچ ۾ ڪاهي وڃي پيس ۽ پنهنجي شاديءَ واري ڪوٺيءَ مان هڪڙي ٻرندي اماڙي کڻي وڙهندڙن منجهه وڃي پيس. ائين ڪنهن نه چيوهوندو ته ڪو هيءُ شاديءَ جي رات وارو گهوٽ آهي، پر ڪو ڄٽ چريو آهي. جڏهن وري ڳوٺ جي ڪناري وٽ آيس، تڏهن وري به پنهنجي زال جون دانهون ٻڌيم. انهيءَ پاسي ڊوڙيس: پاسي واريءَ ٽڪريءَ تي وڄ جو چمڪاٽ ٿيو، تنهن ۾ ڏٺم ته ٻه سوار هڪڙيءَ زال کنيو پيا وڃن، جا هڪڙي جي پٺيان گهوڙيءَ تي ويٺي هئي، سندس اڇو برقعو صاف ڏسڻ ۾ پئي آيو. مون کي پنهنجي زال کان سواءِ ٻيو ڪنهن جو به سماءُ ڪو نه هو، ائين ئي جبل جي گڊ وانگي انهن جي پٺيان ڊوڙيس، پرطوفان جهڪو ٿي ويو ۽ کنوڻ وري ڪا نٿي ۽ آءٌ ٽڪر جي چوٽيءَ تي ئي اونڌائي ۾ رهجي ويس.خبر نه پئي پيم تڪهڙو رستووٺان ۽ اڳتي هلان يا نه هلان. منهنجو بت گهڻو ڪري سارو ئي اگهاڙو هو. ڏاڍا سخت ڌڪ لڳا هئم: ايترو وڙيو ڌڪيوهوس جو منهنجا پير ڦٽجي پيا هئا، نه ته هميشه اگهاڙي زمين تي ڊوڙڻ تي هريل هوندو هوس. اهڙو ڏک کان بيتاب ۽ دل شڪستون ٿي پيو هوس، جو نااميديءَ ۾ ماندو ٿي آليءَ زمين تي ليٽي پيس. اتي آءٌ پيو هوس، جيسين ڪ صبح جو سج جا ترورا منهنجن اکين ۾ چمڪيا،  آءٌ وري ٿورو ٿورو ڪري هوش ۾ آيس ۽ خبر پيم ته ڪٿي آهيان. پاڻ کي چيم ته ”ڪهڙو حادثو آهي، آءٌ ڪٿي اهيان، هتي ڪيئن آيس؟ اڄ رات غيب عالم جي، جنن ۽ قهري ملائڪن هي ڪم پئي ڪيا آهن، يا ته آءٌ پوري هوش ۾ ناهيان. سج صفا آسمان ۾ اڀري ٿو، چوڌاري صاف صفائي لڳي پئي آهي۽ هوا تازي ۽ ٿڌي آهي، پکي ٻوليون پيا ڪن، هوڏي ڍورپيا رنڀن ۽ هوڏي منهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ماٺ لڳي پئي آهي. ڀانئجي ٿو ته جيڪي خوف ۽ خونريزي جون ڳالهيون منهنيج دل ۾ ٿيون اچن، سي رڳو خواب يا خيال آهن. اها ڳالهه ڪا امڪان جي آهي ڇا ته ههڙي گوشائتي ڳوٺ ۾، ۽ ههڙي مزي جهڙي آسمان هيٺ ۽ هنن آسپاس جي فرحت جهڙن قدرتي ڏيکن جي وچ ۾ مون هڪڙا ماڻهو قتل ٿيندا ۽ گهر سڙندا، سسيون رت ڳرنديون ۽ لاشا رت ۾ ٻڏندا ڏٺا هوندا؟ توبه توبه، ڪهڙو نه ظلم جهڙو موتمار خيال آهي! افسوس آهي ته آءٌ پنهنجي پياري بيگناهه زال کان ڇڄي ڌار ٿيان.“ تنهن کانپوءِ مون کي معلوم ٿيو ته حقيقت ڪهڙي آهي ۽ ڇاڇا ٿي گذريو آهي. هيستائين جو منهنجن اکين ۾ ڳوڙها نٿي آيا سي به هاڻ آيا ۽ منهنجي ٻرندڙ مغز ۽ تنگ ٿيندڙ سيني کي آرام اچڻ لڳو. آءٌ اٿيس ۽ رڙهي ڳوٺ کي ويجهو ٿيس. چوڌاري ماٺ لڳي پئي هئي، هيڏي هوڏي ٿورو دونهون ڏسڻ ۾ پئي آيو. ڳوٺ جي وٽ سان ڪي رولو ڍور پئي چنا، ڪي اجنبي ماڻهو گهوڙن تي ڏسڻ ۾ آيا، جن ڪنهن قسم جي تياري پئي ڪئي ۽ ڳوٺ جا غريب غمزادا ماڻهو جدا هنڌن تي مچو ڪيو ويٺا هئا ۽ موڙهل پئي ڏسڻ ۾ آيا. ۽ اڃا پوري خبر نه هين ته ڇا ٿي گذريو آهي، ۽ اڃا وڌيڪ ڇا ٿيندو. آءٌ جو اڳئي وڏي مصيبت سهيو ويٺو هوس، سو ٻيءَ ڪنهن به مصيبت جي لاءِ تيار ويٺو هوس. سمجهيم ٿي ته منهنجا مائٽ سڀ مارجي ويا هوندا، جي هلي ڏسندس ۽ گهر سڙي چٽ ٿي ويو هوندو ۽ آءٌ اڳتي هن دنيا ۾ نڌڻڪو اڪيلو، سواءِ زال جي، سواءِ گهرجي، سواءِ ماءُ پيءُ جي، سواءِ يار دوست جي رهندس. پرنه، اهي سڀ جوش جون ڳالهيون هيون، ڇا لاءِ جو ڳوٺ ۾ گهڙندي پهريون ماڻهو جو مون کي گڏيو، سا منهنجي ماءُ هئي، سو ياد ڪري اچي مون کي ڀاڪر پاتائين، ۽ زار زار رنائين، جڏهن ساهه پٽيائين، تڏهن مون کي ٻڌايائين ته تنهنجي پيءُ کي ڏاڍا خراب ڌڪ لڳا آهن خاص مٿي تي، پر ٻيا گهر جا ڀاتي سڀ چڱا ڀلا آهن. پنهنجي گهر کي به گهڻو نقصان پهتو آهي، اسان جون گهڻيون ئي شيون ڦرجي لٽجي ويون آهن. تنهنجي شاديءَ واري ڪوٺي ته اصل ڊهي چٽ ٿي ويئي آهي. هوويچار روسي ڪپتان ته اول اول حملي ڪندڙ ايرانين ماري وڌو، ڇا لاءِ جو تو واري ڪوٺيءَ ۾ جو ٺڪاءُ ٿيو، تنهن تي هو هڪدم ٻاهر سماءَ لهڻ لاءِ نڪري ويو ته ٻن ايرانين کڻي پڪڙيس ۽ انهن مانهڪڙي ڌڪ هڻي سسي لاهي رکيس. مون جا سسي هڪڙي ايرانيءَ کي کڻي ويندي ڏٺي هئي، سا شايد انهيءَ جي هئي. پوءِ امان مون کي هڪڙي پناهه جهڙي جاءِ تي وٺي هلي ۽ جيڪي ڪپڙا ملي سگهيس سي آڻي مون کي ڍڪايائين.

ايراني هيءُ ڪوس ڪري، اتان نڪري ويا. ويچارن ڪم بخت ڳوٺ وارن ٽيهن روسين جا لاش دفن ڪيا، جي انهيءَ دغا جهڙي ڪاهه ۾ مارجي ويا هئا ۽ جن جون سسيون هو نشانيون ڪري کڻي ويا هئا.

جڏهن آءٌ بابي کي به گڏيس ۽ گهر کي به وري ٺاهي جوڙي رهڻ جهڙو ڪري رهيس، تڏهن اهو ارادو ڪري نڪتس، ته وڃي پنهنجي زال ڳولي هٿ ڪريان. پڪ هئي ته جن اسانجي ڳوٺ تي ڪاهه ڪئي هئي انهن مان هڪڙو انهيءَکي کڻي ويو هو ۽ هو به ضرور ايران ۾ ويو هوندو، ڇالاءِجو ٻانهن يا قيدين جي وڪري جي ويجهي جاءِ ٻي ڪا نه هئي. اهو به يقين هو ته هن کي ضرور انهيءَ ڪم لاءِ کنيون هوندائون. منهنجي ترار، بندوق ۽ تپاچا جي شاديءَ جي ڪوٺيءَ ۾ سينگار لاءِ رکيا ويا هئا، سي ڀڳل جاءِ جي ڪچري مان لڌا. اهي پنهنجي بچاءَ لاءِ کڻي ۽ ڪٿي ٿورا چانديءَ جا سڪا پاڻ سان کڻي، آءٌ موڪلائي گاوميشلو ڏي هليس. انجام ڪيم ته جيسين مريم کي ڳولي نه لهندس، تيسين نه موٽندس.

آءٌ جبلن جا ويجها پيچرا وٺي تکو تکو ايران ڏي هليس، اڃا هڪڙي سڙڪ لنگهيس ٿي ته ٻه هٿيارن پوهارن سان مليا، انهن مون کي بيهاري پڇيو ته ”ڪيڏي ٿو وڃين، ۽ ڪهڙي ڪم ٿو وڃين؟“

مون سواءِ نٽائڻ جي پنهنجي مصيبت جي سچي ڳالهه ٻڌاين. ڀانيم ته هن جو ڪو ڏس يا پتو ڏين،جنهن ڪري مون کي پنهنجي زال جي خبر پوي. هنن ڏس ڏنو سهي، پر اهي ظلم جي رستي جو منهنجي دل ۾ تمام خراب شڪ پيدا ٿيا ۽ پڪ ٿيم ته منهنجي بگناهه پاڪدامن زال ڪنهن شهوت پرست بدمعاش جي هٿ وڃي پئي آهي.

اهو ٻئي سوار سردار جي اردلين مان هئا. انهن کان مون کي معلوم ٿيو ته سندن سردار پنهنجي مطلب پوري ڪرڻ لاءِ ايتري خرابي ۽ خونريزي ڪئي هئي. هن کي چيم ته ”اها ڪا ٿيڻي آهي ته پنهنجي جند جي مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو ماڻهو هيتري خانه خرابي ڪندو،  هيتري بدي ۽ گنگهاري اسان جي دل ۾ پيدا ٿي سگهندي؟ مون کي خبر اهي ته اوهين مسلمان زالن کي پنهنجي عيش عشرت لاءِ پيدا ٿيل ٿا سمجهو، پر آخر هو به خدا جون خلقيل آهن ۽اوهان جي  سردار لاءِ ڪين پيدا ڪيون ويون آهن، جيئن هو سمجهي ٿو. پر خدا اسان مڙسن کي مدد ۽ آرام ۽ حياتيءَ ۾ سنگت جي لاءِ ڏنيون آهن.“

سوارن منهنجن انهن خيالن تي رڳو کليو ۽ ٺٺولي ڪري مون کي چيائون ته ”جي تون انهيءَ جي ڳولا ۾ ويندين، جا سردار جي حرم ۾ داخل ٿي آهي، ته تنهنجو پورهيو اجايو ويندو. تنهن کان هينئر ئي جتان آيو آهين، اوڏي موٽي وڃ.“ پر مون هنن جي چوڻ ڏي ڪن ڪو نه ڏنو ۽ ڪنهن به خيال يا ارادي کان سواءِ رڳو دل جي لاڙي پٺيان اٿي اڳتي هليس. اميد هيم ته خدا تعالى مون جهڙي گنهگار بندي تي ايترو مصيبت جو بار نه وجهندو، پر نيٺ پنهنجي فضل ۽ ڪرم ۽ قدرت سان ڪا هلڪائي ضرور ڪندو ۽ ڪو انعام ضرور ڏيندو.

آءٌ هاڻي آبران جي منزلگاهه جي ويجهو هوس، جتي مون کي خبر هئي ته سردار لٿل آهي. آءٌ سڌو انهيءَ ڏي ويس، انهيءَ اميد تي ته هن کان ڪا بهتر خبر ٻڌندس. ايرانين جوٿورو لشڪر، جنهن اسان جي ڳوٺ تي ڪاهه ڪئي هئي، سو اچي پهتو هو ۽ جيڪي روسين جون سسين پاڻ سان آنديون هئائون، سي سردار جي تنبوءَ جي اڳيان ڍڳ ڪري، انهن کي ڏيکاري، پنهنجي فتحيابيءَ جي ثابتي ٿي ڏنائون. انهيءَ ڪري ساريءَ منزلگاهه ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي هئي. انهن جي ڏسڻ ۾ ٿي ايترين خيوشيون ڪيائون ۽ ٻٽاڪون هيائون، جو ڪو ڀائيندو ته ڪاوڏي جنگ کٽي اٿن.پوءِ سسين يک لوڻي، وڏي ٺاهه ٺوهه سان ايران جي شاهه ڏي ڏياري موڪليائون، ڇا لاءِ جو اهڙين شانين ڏيڻ کانسواءِ هن کي فتح جي پڪ نه ٿيندي. انهيءَ هونيدي به ايتري خوشيءَ جي وچ ۾ هڪڙو قاصد روس جي سرحد کان ڊوڙندو آيو، جنهن جي خبر ڏين تي صورت ئي ڦري ويئي. هن اچي ٻڌايو ته روسي لشڪر سندس گاوميشلو واري چونڪيءَ تي ڪاهڻ جو ٻڌي سردار تي ڪاهيندو اچي ۽ انهيءَ ڏينهن شام ڌاري اتي اچي هچڻو هو، پوءِجيڪا حالت ڏسڻ ۾ آئي سا بيان ڪرڻ جي ناهي. هڪدم حڪم جاري ٿيو ته تنبو لاهي منزل ڪوچ ڪريو. تنبو لهڻ لڳا، خچر لڏجڻ لڳا ۽ ماڻهو رڙيون ڪرڻ لڳا: توبون، گهوڙا، اٺ ماڻهو سڀ هڪدم اٿي روانا ٿيا. ٻه ڪلاڪ به مس گذريا ته سڀ گم ٿي ويا ۽ لشڪر ڪوچ ڪري ايران ڏي هليو.

انهيءَ وچ ۾ مون کي پنهنجيءَ گم ٿيل مريم جوڪو به پتو ڪو نه پيو. ظاهر هو ته جي سردار جي قبضي ۾ هوندي ته ايران ۾ هن جي حرم سرا جي ڪوٽ اندر هوندي. تنهنڪري مون به اوڏي رخ رکيو ۽ اميد هيم تهن گڙٻڙ ۽ مونجهاري ۾ شايد منهنجو ڀلو ٿي پوندو.

جڏهن آءٌ اتي پهتس، تڏهن زنگوئي ندي جي پل تي بيهي رهيس، جتان سردار جي محلات جو زنانخاني وارو ڀاڱو پئي ڏٺو. انهيءَ محل ذري ذري لشڪرپل تان پئي لنسگهيا، تنهنڪري منهنجو ڪنهن کي خيال ئي ڪو نه ٿيو. ڄاتائون ته هي به ڪو لشڪر جي واسطيدارن مان آهي. محلات هڪڙي اڀي ڪاري ٽڪري جي ڪناري تي آهي، جنهن جي پاڙ ۾ زنگوئي جي صاف ۽ تکي نهر پئي وهي. انهيءَجي پيٽ ۾ به ٽڪرنجون چهٺون نڪتل آهن، جن کي جڏهن پاڻيءَ جو وهڪرو لڳي ٿو تڏهن ڪن ڪري تکو ٿو وهي ۽ گجي ڪندو هليو وڃي. اتي ٽن ڪمانن واري پل آهي، جا گرجستان ۽ ترڪمانستان ڏي وڃڻ واري سڙڪ تي پيل آهي. محلا جو مک ڪمرو، جنهن جي ڪنڊ ۾ اڪثر سردار ويهندو آهي، تنهن ۾ هڪڙي وڏي دري آهي جانديءَ جي پاسي کلي ٿي ۽ انهيءَ مان اهو سڄو تڪرائتو ملڪ پيو ڏسجي. ٿورو پري ساڳيءَ سنوت تي وري زالن وارن جاين جون دريون آهن، جن کي ڄاريون، پردار ۽ چڪون ڏنل هيون، تڏهن به مون ڏٺو ته انهن ۾ ايتري جاءِ هئي جو پل تان جيڪي شيون اچن وڃن ٿيون، سي ڏسي سگهجن ٿيون. مون خيال ڪيو ته جي مريم اتي بند هوندي ۽ آءٌ هيٺان وڃي بيهندس، ته شايد مون کي ڏسي وٺندي. پر وري نااميدي ٿي پاڻ کي چيم ته ”جي ڏٺائين ته پوءِ ڇا ٿيو؟ جي مون کي ڏسي ورتائون ته پاڻ هن کي وڌيڪ عذاب ايندو ۽ مون کي گهڻي نااميدي ٿيندي. انهيءَ مٿانهينءَ جاءِ تان ڀڄي نڪرڻ ناممڪن آهي، ڇا لاءِ جو جيڪو اتان ڪرندو سو ضرور مرندو. هڪڙيءَ دريءَ جي هيٺان ٽڪر مان پيدا ٿيل هڪڙو لئي جو وڻ بيٺلهو، اتي سو ڪرندڙ ماڻحو اٽڪي بيهي سگهي، نه ته ٻي ڪا به شيءِ اٽڪائڻ جهڙي نظر ڪا نه ائي. انهيءَ هوندي به مون جو هيترو وقت اتي بيٺي خيال پچايو، سو ڊپ ٿيم ته متان ڪو ڏسي وٺي، تنهنڪري في الحال اها جاءِ ڇڏي هليو ويس. ارادو اهو ڪيم ته شام جو وري اتي ايندس، پوءِ جي ڪنهن کي سڪ ڪو نه پيو ته ڪلاڪ ڪلاڪ ۾ اتي بيٺو هوندس.

Text Box: 331
332

انهيءَ طرح سڄا ٻه هفتا بلڪه وڌيڪ حرمسراءِ جي درين ۾ اکيون وجهيون بيٺو هوندو هوس، ۽ ڏهاڙي گهڻو نه، ته ٻه ٽي ڀيرا ڏينهن ۾ پل تي پسار ڪندو هوس. هڪڙي ڏينهن سج لٿي ڌاري جيڪا دري لئي جي وڻ جي مٿان هئي، تنهن جو پردو مون کڄندو ڏٺو ۽ هڪڙيءَ زال انهيءَ مان ٻاهر نهاريو. مون انتظار ۾ چتائي ويٺي ڏٺس. ائين معلوم ٿيو ته هوءَ مون کي سڃاڻي ٿي. مون پنهنجو هٿ مٿي ڪيو، ته هن به هٿ مٿي ڪيو. مون سمجهو ته اها آهي، ضرور اها آهي، اها منهنجي مريم آهي.اتي نتيجي جو ڪو به خيال نه ڪري هڪدم ٽپ ڏيئي نديءَ ۾ پيس ۽ منجهانئس تري، ٽڪريءَ جي پاڙ وٽ پنهنجي زال جي سڌو دريءَ هيٺان وڃي بيٺس. هن ڪيترائي ڀيرا مون ڏي پنهنجون ٻانهون ڊگهيڙيون، ڄڻ ته پاڻ کي ٻاهر الائڻ جي ٿي ڪري. ڊپ کان مون ذري گهٽ انهن ٿي ڪئي، پر وري هن جي ٽپ نه ڏين ڪري ارمان بٿيم، جو ڄاتم ته جي اچي ها ته پنهنجي ڇاتيءَ سان لايانس ها. ڳچ وقت تائين اتي بيٺي هڪٻئي کي ڏٺوسين. ڳالهائڻ لاءِ گهڻو ئي دل ٿي چيو، پر ڊپ کان نه ٿي ڳالهايوسين. نيٺ هن اوچتو پردو لاهي ڇڏيو  آءٌ شڪ ۽ ڏک جي حالت ۾ ماٺ ڪري بيهي رهيس. ٿوري وقت تائين ته کيس ڪو نه ڏٺم، پر ستت ئي وري پردو کليو ۽ پاڻ ظاهر ٿي، مگر ڏاڍي بي آرام ڏسڻ ۾ آئي. آءٌ چئي نٿي سگهيس ته ڇا ٿيڻو آهي. انتظار ۽ ڳڻتي ۾ بيٺو هوس. نيٺ ڏٺم ته هوءَ اڳتي نوڙيوري پٺ تي هٽي ۽ وري اڳتي نوڙي ائين اڳڀرو سري سري اوچتو ٽپ ڏنائين ۽ مون ڏٺس ته هوا ۾ اڏامندي، ايتري قهر جي پنڌ تان هيٺ ڪري پئي.[2] منهنجون ته ٽنگون سڪي پيون ۽ اکين جي اڳيان اونداهه اچي ويئي. ڏک ۽ خوف کان ڪري پوڻ تي هوس ته ڏٺومانس ته لئي جي وڻ ۾ اٽڪي پئي آهي ۽ هڪڙيءَ تان اڌو گابرو هيٺ پئي لڙڪي. آءٌ ٽپ ڏيئي اٿيس ۽ وڻ تي چڙهي ويس. هڪدم وڃي ڀاڪر وڌومانس. هوءَ بيهوش هئي. مون ۾ به نئون زور ۽ تازي طاقت پيدا ٿي. جهٽ ۾ زمين تي لهي، وري ندي تري، پنهنجون قيمتي ۽ پيارو بوجو پاڻ سان کڻي جهنگ منهن ڏيئي اٿي ڀڳس. مون کي انهيءَ مهل هزارين خيال دل ۾ هئا، تنهنڪري ڪنهن به ڳالهه جو ڊپ ڪو نه هوم. جيتوڻيڪ چرين يا بيهوشن وانگي پئي هلت ڪيم تبه جيڪي ڪيم سو بلڪل ائين ڪيم، جيئن اهڙي وقت مون کي ڪرڻ گهرجي. خدا مون کي هدايت ڪئي. ڪو به جانور پنهنجي حيواني عقل موجب جيڪر ائين ڪري ها: جيڪا مون کي هن دنيا ۾ ساه کان به پياري هئي، تنهن کي مون بچائي ورتو.

جڏهن منهنجون پهريون ڇوهه ڍرو ٿيو ۽ ڏٺم، ته مريم ۾ ساهه پيو آهي، تڏهن بيهي رهيس ۽ ڪن ڀڳلن ڀتين جي پٺيان زمين تي کڻي رکيو مانس. هن کي ضرب ڏاڍي رسي هئي، مگر هڏ گڏ ڪو نه ڀڳو هوس، جنهن وڻ تي ڪري هئي، تنهنجي ٽارين گهڻن جاين تي هنجي بت کي ڦٽي وڌو هو ۽ رت گهڻو پئي وهيس، پر هوءَ جيئري هئي ۽ ساهه پئي کنيائين. نيٺ اکيون پٽيائين ۽ منهنجو نالو ورتائين. آءٌ خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ ئي نٿي ماپيس. چرينوانگي کڻي ٻک وڌومانس. جڏهن ٿورو آرام ڪري رهي، تڏهن وري کنيومانس تڪڙو تڪڙو اڳتي هيلس انهيءَ لاءِ ته جبل ۾ اندر ڪاهي پوان. پرجڏهن ياد آيم ته اسٽرڪ ندي پار لنگهڻي آهي ۽ هن کي ٻانهن ۾ جهلي تري ڪين سگهندس، ۽ ضرور پل تان لنگهڻو ٿيندو، تڏهن وي انهيءَ پاسي رخ رکيم.


([1])  حسن خان سردار ايران جي واليءَ جي نالي چون ٿا ته انهيءَ طرح ارمني ڳوٺن تي ڪاهيو هئائين، ۽ ڇت جي درين مان گولا اندر گهرن ۾ اڇلائي خونريزي ڪئي هئائين.

[2]  هيءَ حقيقت سچي آهي، ۽ اهو واقعو سچ پچ ٿيو هو.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org