سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: حاجي بابا اصفهاني

حصو پهريون

صفحو :5

اسين هڪدم تيار ٿي ويٺاسين. ترڪمانن پنهنجن قيدين جا هٿ پير ٻڌي کين انهيءَ هنڌ تي ڇڏي ڏنو جتي ڊاٻو ڪيو هيوسين. ارادو اهو ڪيائون ته جڏهن قافلو ڦري رهنداسين، تڏهن موٽي اچي هنن کي کڻنداسين. پوءِ اسين هٿيار کڻي خونريزيءَ ۽ لٽ جي لاءِ تيار ٿي ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان ڪاهي پياسين.

ارسلان پاڻ ٻين سڀني کان اڳڀرو هليو ته قافلي جو واءُ سواءِ لهي، ۽ مون کي پاڻ وٽ سڏي چيائين ته ”حاجي، هاڻ توکي نالي ڪڍڻ جو وجهه مليو آهي. تون مون سان گڏ رهه. جڏهن سڄي ٽولي ظاهر ٿي نڪري تنهن کان اڳي جيڪي خبرداريون آءٌ ڪندو آهيان. سي جانچ ته من ڪڏهن هن کان پوءِ اهڙي ساڳئي ڪاهه توکي ڪرڻي پوي. آءٌ توکي پاڻ سان انهيءَ لاءِ ٿو رکان ته متان ترجمان جي ضرورت ٿئي. ڇا لاءِ جو اڪثر هنن قافلن ۾ اهڙو هڪڙو به ماڻهو ڪونهي جو اسان جي ٻولي سمجهي. جيترو ٿي سگهندو اوترو اسين هنن کي ويجهو وينداسين، هنن جي اڳواڻ سان ڳالهائينداسين ۽ پوءِ جي هو ڳالهين ۾ نه ٺهيا ته سڄيءَ ٽوليءَ سميت مٿن ڪاهي پونداسين.“

جيئن قافلي وارا ويجها ايندا ويا، تيئن مون ڏٺو ته ارسلان سلطان کي آرام ٿيڻ لڳو. چوڻ لڳو ته ” آءٌ ڀانيان ٿو ته هي ڪو قافلو ناهي، هي سڀ سوڙها ٿي هلن ٿا: تنهن کانسواءِ گهنڊن جو آواز نٿو ٻڌجي. مٽي هڪڙي هنڌ تمام گهڻي ٿي اڏامي، نيزا به هن کي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هي ڪو وڏو گهوڙي سوارن جو رسالو آهي. پنج گهوڙا ڪونتل پيا وڃن. ٻيلي هي اسان جي لاءِ راند ناهي.“

حقيقت ڪري هو به ائين. جيئن هو ويجها پوندا ويا تيئن آسانيءَ سان معلوم ٿي سگهيو ٿي ته اهو قافلو ناهي پر ڪو وڏو ماڻهو آهي. ٻيو نه ته به ڪنهن پرڳڻي جو حاڪم آهي، جو سفر تي نڪتو آهي ۽ ساڻس گهوڙي سوار ۽ نوڪر آهن ۽ جيڪو تجمل اهڙن وقتن تي ڪرڻ ۾ ايندو آهي، سو ساڻس آهي.

جڏهن مون هي حال ڏٺو، تڏهن خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ ئي نه ٿي ماپي سگهيس، ڇالاءِ ڀڄي جند ڇڏائڻ جو اهو تمام چڱو وجهه هو. خيال ڪيم ته جي پنهنجي ڌڻيءَ جي دل ۾ شڪ پيدا ڪرڻ کانسواءِ هنن کي اهڙو ويجهو ويندس جو قيد ٿي سگهان ته پوءِ آءٌ ڇٽس، ۽ جيتوڻيڪ پهرين هو مون کي تڪليف ڏيندا، ته به مون کي پنهنجي فصاحت ۽ بلاغت تي ڀروسو هو ته هنن کي پنهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪرائي سگهندس. تنهن ڪري مون پنهنجي سنگتي کي چيو ته ”هلو ته ويجهو هلون.“ ۽ هن جي اجازت ملڻ کان اڳئي آءٌ پنهنجي گهوڙي کي وڌائڻ لڳس. هو منهنجي پٺيان لڳو، تنهن کان جڏهن نڪري ٻاهر ٿياسين تڏهن هنن جي سڄي ٽولي اسان جي نظر ۾ آئي ۽ اسين هنن کان تير جي ڌڪ جيترو مس پري هئاسين. اڃا اسين ظاهر ٿياسين ته هنن جي چاجڪ سوارن مان ڇهه ست ڄڻا پنهنجيءَ ٽوليءَ کان ڇڄي گهوڙا ڊوڙائي اسان ڏي اچڻ لڳا. اسين منهن موڙي ڀڳاسين، پر جيترو ارسلان پنهنجو گهوڙو اڳتي هلايو اوترو مون پنهنجي گهوڙي کي هلڻ کان پي روڪيو، انهيءَ تجويز سان آءٌ سگهوئي جهلجي پيس. جهٽ ۾ هنن مون کي گهوڙي تان لاهي منهنجا هٿيار ۽ پنجاهه مهرون توڙي پاڪيون ۽ ٻيو سامان سڀ مون کان ڦري ورتو. جيتوڻيڪ مون پنهنجن نون مالڪن کي پڪ ڏني ته منهنجو ارادو ناهي ته اوهان کي ڇڏي وڃان ته به هنن زور ڪري منهنجي شال چيلهه مان ڪڍي انهيءَ سان منهنجون ٻانهون ورائي پٺن کان ٻڌيون. انهيءَ طرح قابو ڪري مون کي چوڌاري ڌڪ ۽ گوسا هڻندا هليا، جو آءٌ تکو نه ٿي هليس، تان جو گهلي پنهنجي سردار وٽ مون کي آندائون، جو بيهي رهيو هو ۽ چوڌاري نوڪر ويٺا هوس.

جيڪا تعظيم مون کي ملي ٿي ۽ سڀني نوڙي تواضح ٿي ڪيس، تنهن مان سمجهيم ته هو ضرور ڪنهن شاهي خاندان جو ماڻهو آهي، پر جڏهن ويجهو آيس تڏهن هڪدم اها حقيقت مون کي معلوم ٿي، ڇا لاءِ ته مون کي مٿي تي گهڻئي ڌڪ هنيائون ۽ چيائون ته ”شهزادي جي اڳيان جهڪ.“ جڏهن ڪي ماڻهو گهڻو ڪري بيٺا، تڏهن هن حڪم ڏنو ته ”هن کي ڇوڙيو.“ جڏهن پاڻ کي آزاد ڏٺم تڏهن جيڪي مون کي ويجها هئا تن کان پاڻ کي ڇڏائي، مون ٽپ ڏئي وڃي هن کي قبا جي دامن مان ورتو. جا سندس گهوڙي تان پئي لڙڪي(1) ۽ رڙ ڪري چيم ته ”شهزادي جي پناهه!“ پهري وارن مان هڪڙو وڌي اڳتي ٿيو ته مون کي اهڙيءَ گستاخيءَ جي سزا ڏئي، پر شهزادي منع ڪيس ۽ دستور موجب مون کي گهريل پناهه ڏيڻ جو انجام ڪيائين. پنهنجن نوڪرن کي حڪم ڏنائين ته هن کي ڪوبه ايذاءُ نه رسايو ۽ مون کي چيائين ته ”جيڪو تنهنجو احوال آهي، سو ڪري ٻڌائي ته ڪيئن ههڙي حال ۾ آيو آهين؟“ آءٌ گوڏن ڀر ويهي، زمين چمي پنهنجو احوال مختصر طرح ڪري ويس. جيڪي چيو هوم، تنهنجي تصديق لاءِ هيترو به عرض ڪيم ته جيڪڏهن حضور پنهنجي، سوارن کي حڪم ڪندو ته ترڪمانن جي ٽولي، جا اڃا نزديڪ آهي تنهن تي حملو ڪن ته بادشاهه جي شاعر کي توڙي ٻه ٻيا ايراني وٽن قيد آهن، تن کي ڇڏائين، ته پوءِ پاڻيهي حضور کي معلوم ٿيندو ته جيڪي مون چيو آهي سو سچ آهي.“ اڃا مون ايترو چئي بس ڪئي ته جيڪو ارسلان سلطان جي پٺيان ويو هو، سو ڏاڍي خوفناڪ صورت ۾ موٽي آيو ۽ حضرت علي ڪرم ا وجهه ۽ شاهه جي سر جو قسم کڻي چوڻ لڳو ته ”هزار کن ترڪمانن جي ٽولي اسان تي ڪاهيو ٿي اچي، ۽ شهزادي کي انهن سان وڙهڻ جي لاءِ تياري ڪرڻ گهرجي.“ مون گهڻو ئي چيو ته هو فقط ويهه ڄڻا آهن ته به ڪنهن منهنجي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو. مون کي جاسوس ۽ ڪوڙو ڄاڻي چوڻ لڳا ته ”جيڪڏهن ترڪمانن ڪاهه ڪئي ته اسين توکي اتي جو اتي ماري وجهنداسين.“ تنهن کان پوءِ هو البته تکا اڳتي هليا ۽ هيڏي هوڏي ڏسندا هليا ته دشمن ته ڪاهي نه ٿو اچي. سندن خوف جي حالت مان معلوم ٿي سگهيو ٿي ته ترڪمانن جي نالي سڄي ايران ۾ ڪهڙو نه ڌاڪو وجهي ڏنو آهي. منهنجو گهوڙو مون کان وٺي ويا هئا ۽ مون کي سامان جي خچر تي چڙهي هلڻ لاءِ چيائون. جتي مون کي پنهنجي ڪم نصيبيءَ ۽ آئيندي جي بڇڙي حالت تي خيال ڪرڻ جو وقت مليو. کيسي ۾ پائي به ڪانه هيم، نڪو ڪو سنگتي ساٿي هوم، تنهن ڪري سمجهيم ٿي ته نيٺ بک مري ويندس. اڃا اهڙيءَ مسلمانيءَ کي به نه پهتو هوس جو تقدير تي ڀاڙي ويهي رهان. ظاهر ظهور پنهنجي بيوقوفيءَ تي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳس جو پاڻيهي پاڻ کي اهڙي عذاب ۾ اچي وڌم. قيديءَ جي حالت ۾ پنهنجن هم وطنن لاءِ جا پاسداري ۽ همدردي هميشه منهنجي دل ۾ رهندي هئي، سا هاڻ مون کي ڇڏي وئي ۽ آءٌ وڏي سڏ هنن کي پٽڻ ۽ گاريون ڏيڻ لڳس. جيڪي منهنجي آسپاس هئا تن کي چيم ته ”هي ڇا، اوهين پاڻ کي مسلمان ٿا سڏايو ۽ ڪتن جهڙي طبيعت به نه اٿو؟ ڪتا ڇا، اوهين ڪافرن کان به پري آهيو. اوهان جي مقابلي ۾ ترڪمان وري به ماڻهو آهن.“

جڏهن ڏٺم ته جيڪي چوان ٿو تنهن تي پيا کلن، تڏهن ڪوشش ڪري منٿون آزيون ڪرڻ لڳس. چيو مان ته ”حضرت امام حسين رضه جي نيت، رسول ڪريم ﷺ جي واسطي، پنهنجي ٻارن جي روحن جي صدقي، هڪڙي پرديسي مسافر سان اهڙي حالت ڇو ٿا ڪريو! آءٌ اوهان جهڙو مسلمان ناهيان ڇا؟ مون ڇا ڪيو آهي جو آءٌ ايترا عذاب سهان. آءٌ اوهان کي دوست ڄاڻي پناهه ڳولڻ آيس ۽ اوهين دشمن ڄاڻي ڪڍي ٿا ڇڏيو.“

ايتري چوڻ تي به هنن مون کي ڪوڙو دلاسو نه ڏنو، رڳو هڪڙي ڪراڙي خچرن واري علي قاطر نالي جنهن پنهنجو ڪلياڻ يا حقو تازو دکايو هو، تنهن اهو مون کي ڦوڪ ڀرڻ لاءِ ڏئي چيو ته ”ابا، هن جهان ۾ سڀ ڪجهه خدا جي هٿ ۾ آهي.“ جنهن خچر تي هو چڙهيل هو تنهن ڏي اشارو ڏئي چوڻ لڳو ته ”جي خدا هن خچر کي اڇو ڪيو آهي ته علي خاطر ڪو انهيءَ کي ڪارو ڪري سگهندو ڇا؟ هڪڙي ڏينهن هن کي کائڻ لاءِ داڻو ٿو ملي ته ٻئي ڏينهن ڪنڊا ۽ ڪک پيو ڪرٽي. اسين ڪو نصيب سان وڙهي سگهنداسين؟ هينئر ته حقو ڇڪ ۽ خوش رهه، ۽ خدا جو شڪرانو ڪر ته انهيءَ کان ابتر نه ٿين. ”حافظ“ ٿو چوي ته ”جيڪا خوشيءَ جي گهڙي تون ڏسين ٿو اها غنيمت ڄاڻ. ڪير چئي سگهندو ته ڪنهن ڪم جي پڄاڻي ڪهڙي ٿيندي؟“

خچرن واري جي انهيءَ ڳالهه منهنجي هانو تي ڇنڊو وڌو ۽ جڏهن معلوم ٿيس ته مون کي به حافظ اهڙو ياد آهي جهڙو کيس ۽ آءٌ به پاڻ کي پاڻيهي اهڙي دلاسي ڏيڻ ۾ کانئس گهٽ ناهيان. تڏهن مون سان گهڻو مهرباني ڪرڻ لڳو ۽ باقي سفر ۾ مون کي کاڌي پيتي ۾ پاڻ سان شامل ڪيائين. هن مونکي ٻڌايو ته ”جنهن شهزادي جي قبضي ۾ آءٌ اچي پيو آهيان. سو شاهه جو پنجون پٽ آهي جو ٿورن ڏينهن کان خراسان جي گاديءَ تي ويهاريو ويو هو ۽ مشهد ڏي ٿي ويو، جو سندس گاديءَ جو هنڌ هو. ترڪمانن جي سرحد جي خوفناڪ حالت هئڻ سبب هميشه کان وڌيڪ ماڻهو پاڻ سان کنيا هئائين، ۽ چوڻ ۾ ٿي آيو ته هن کي اهو حڪم مليل هو ته انهن ترڪمانن سان سختي ڪري ۽ جيترن جون ٿي سگهن اوترن جون سسيون طهران ڏي موڪلي ته شاهي محلات جي دروازي جي اڳيان انهن جو هڪڙو ٺلهه ٺاهجي. خچرن واري مون کي چيو ته ”توکي گهرجي ته پاڻ کي نصيب وارو سمجهين جو تنهنجي سسي نه لٿي آهي. جي تون رنگ جو اڇو هجين ها، ته ضرور توکي ترڪمان سمجهي قتل ڪن ها ۽ تنهنجي سسي لوڻي سنڌي رکن ها.“ جڏهن رات جو اسين منزل جي جاءِ تي پهتاسين، جا هڪڙي سڄي اڌ ڊٺل قافلي سراءِ هئي ۽ رڻ جي ڪاري تي بيٺل هئي. تڏهن مون ارادو ڪيو ته شهزادي تائين پهچان ۽ ڪوشش ڪري پنهنجو پنجاهه مهرون، گهوڙو ۽ هٿيار به وري هٿ ڪريان. مون بي حجاب ٿي چيو ته اهي منهنجا آهن. جيتوڻيڪ اندر جي قاضيءَ مون کي پئي چيو ته جنهن مون کان اهي کسي ورتا آهن، انهي جو به انهن تي اهڙو حق آهي جهڙو منهنجو آهي. اهو ارادو ڪري وجهه ڏسي، شام جي نماز کان اڳي مون سندس خدمت ۾ وڃڻ جي ڪئي. هو قافلي سراءِ جي ماڙيءَ جي ورانڊي ۾ هڪڙي غاليچي تي ويٺو هو ۽ وهاڻي تي مٿو رکي آرام ٿي ورتائين. هن جي خدمتگارن کي منهنجي ڌڪي ماري ڪڍڻ جو اڃا وقت ئي نه مليو. ته مون رڙ ڪري چيو ته ”آءٌ عرضدار آهيان.“ جنهن تي هن مون کي حڪم ڏنو ته ”ويجهو آءٌ.“ ۽ پڇيائين ته ”ڇا ٿو چوين؟“ مون چيو ته ”حضور جي نوڪرن مون سان ڏاڍي سختي ڪئي آهي، جو پهرين ته زبردستي ڪري مون کي جهليائون. پوءِ منهنجون پنجاهه مهرون کسي ورتائون، سي به مون کي ملن ۽ منهنجو گهوڙو ۽ هٿيار به موٽي ملن.“ جيڪي ماڻهو سندس آسپاس بيٺا هئا تن کان پڇيائين ته ”اهي ڪهڙا آهن، جن تي هي فرياد ٿو ڪري؟“ جڏهن هنن انهن جا نالا ورتا تڏهن هن پنهنجي وڏي فراش کي حڪم ڏنو ته ”انهن کي مون وٽ حاضر ڪر.“ هو ٻن ڄڻن کي وٺي آيو، جي مون سڃاتا. شهزادي کي چيم ته ”اهي ئي ماڻهو آهن، جن مون سان ڦرمار ڪئي آهي.“

هن انهن کي چيو ته ”ڪتي جا پٽئو، هن ماڻهوءَ جا پيسا جي چورايا اٿو سي ڪٿي آهن؟“ هنن هڪدم چيو ته ”اسان ته ڪين کنيا آهن.“ هن چيو ته ”اجهو ڏسنداسين.“ پوءِ هڪڙي خدمتگار کي چيائين ته ”فراشن کي سڏ ته هن حرامزادن کي پيرن جي ترين تي لڪڻ هڻن، جيسين هو پنجاهه مهرون ڪڍي ڏين انهيءَ گهڙيءَ هنن کي کڻي پڪڙيائون ۽ جڏهن هنن جا پير رسي سان مضبوط ٻڌي. هوا ۾ ڪيائون ۽ ٿورا ڌڪ هيائون، تڏهن هنن قبول ڪيو ته اسان پيسا کنيا آهن ۽ ڪڍي آڻي ڏنائون. اهي شهزادي وٽ کڻي آيا، جنهن ڏاڍي خيال سان اهي ڳڻيا ۽ پوءِ جنهن وهاڻي تي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو تنهن جي هيٺان کڻي رکيائين ۽ انهن ڏوهارين کي ڇڏي ڏنائين ۽ مون کي وڏي سڏ چيائين ته ”هاڻ توکي موڪل آهي، ڀلي وڃ.“ آءٌ وات پٽي انهي اميد ۾ بيهي رهيس ته اجهي ٿا مون کي پيسا موٽي ملن، ته اوچتو سندس هڪڙي خدمتگار ڪلهن کان وٺي مون کي ڌڪي ٻاهر ڪيو. مون رڙ ڪري چيو ته ”منهنجا پيسا ڪٿي؟“ شهزادي پڇيو ته ”هي ڇا ٿو چوي؟ جي وري ڪڇي ته پادر هڻوس.“

جڏهن اهو خدمتگار جتي لاهي انهيءَ جي نعل لڳل کڙيءَ سان مون کي وات تي ڌڪ هڻڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ”بادشاهه جي پٽ سان ائين ڳالهائبو آهي؟ ماٺ ڪري هليو وڃ ۽ پنهنجون اکيون پٽيل رک. نه ته پنهنجا ڪن وڍائيندين.“ انهيءَ طرح مون کي ڌڪا ڏيئي زور سان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون. آءٌ نااميد ٿي پنهنجي خچرن واري سنگتيءَ وٽ موٽي آيس. جيڪي ٿي گذري هو انهيءَ بابت هن کي ڪوبه عجب ڪونه لڳو. چوڻ لڳو ته ”ٻيو ڇا ملئي ها – ڇو، هو شهزادو ناهي ڇا؟ جڏهن هن کي يا ڪنهن ٻئي حاڪم کي هڪ دفعي ڪا شئي ملندي تڏهن تون ڀانئين ٿو ته هو اها توکي موٽائي ڏيندو؟ جي خچر تازو گاهه وات ۾ پيل ڪڍي ڇڏيندو، ته شهزادو به پنهنجي هٿن ۾ آيل پيسا موٽائي ڏيندو.“


(1)  ڪنهن وڏي ماڻهوءَ يا حاڪم جي دامن وٺڻ يا طويلي ۾ سندس گهوڙي جون پڇاڙيون جهلڻ، ايران ۾ قيديءَ جي لاءِ اهڙو بچاءُ اهي، جهڙو رومن ڪئٿولڪ مذهب وارن ملڪن ۾ ديول جي حدن اندر گهڙڻ.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org