سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: حاجي بابا اصفهاني

حصو پهريون

صفحو :8

باب پندرهون

حاجي بابا طهران ۾ پهچي ٿو ۽ شاعر جي گهر وڃي ٿو

آءُ صبح جو سوير شاهه عبدالعظيم واري دروازي مان طهران ۾ گهڙيس. اڃان آءٌ آيس ته اهو دروازو به کليو. پوءِ هڪدم پنهنجو گهوڙو بازار ۾ نيم، جتي هر روز وهٽ وڪامندا آهن. قاصد کي ڇڏڻ کان پوءِ جيترو پنڌ ٿوري عرصي ۾ ڪيو هوم، تنهن مان ثابت هو ته گهوڙو ڀلو آهي پر گهوڙن جو دلال جنهن کي پنهنجو گهوڙو ڏيکاريم تنهن جهٽ ۾ منجهانئس گهڻائي عيب ڪڍي وڌا، ايتري قدر جو مون ڄاتو ته هن جي لاءِ جيڪڏهن ٿورو ئي پئسو مليو ته آءٌ نصيب وارو سمجهبس. گهوڙو چپ هو ۽ ابلهه به هوس. تنهن کانسواءِ ڪراڙو هو ۽ ڏند ئي ڀڃي ويا هئس. مطلب ته جيڪي عيب گهوڙن ۾ ٿيندا آهن سي سڀ هئس. تنهن ڪري جڏهن دلال مون کي فقط پنج تومان آڇيان، تڏهن مون کي حيرت لڳي سو به انهيءَ شرط تي لغام ۽ زين به گهوڙي سان گڏ ڏئي ڇڏيائين، ۽ هن کي به وري انهيءَ ڳالهه تي حيرت لڳي جو جيڪي هن آڇيو سو جهٽ ۾ مون قبول ڪيو. هن اڌ پيسن جو ته اتي جو اتي ڏنو، باقي ٻئي اڌ ۾ هن هڪڙو بک کان اڌ مئل گڏهه ٿي ڏنو، پر انهيءَ جي وٺڻ کان مون انڪار ڪيو، تڏهن هن انجام ڪيو ته جڏهن وري ٻئي ڀيري پاڻ ملنداسين تڏهن توکي باقي پئسا ڏيندس. مون کي ايتري تڪڙ هئي جو سودي ۾ وڌيڪ ريڙهه پيڙهه ڪرڻ نه ٿي گهريم. تنهن ڪري سڌو بازار مان هڪڙي ڪاري ٽوپي وڃي ورتيم ۽ درويشن وارو چغو لاهي، پري جي مسافرن وارا ڪپڙا ڍڪيم. پوءِ شاعر جي گهر جو ڏس پڇڻ لڳس. اهو شهر جي چڱي ڀاڱي ۾ هو ۽ چوڌاري باغيچو هوس، جنهن ۾ سرءَ ۽ ڏاڙهون جا وڻ گهڻا بيٺل هئا، ۽ جنهن گهٽيءَ ۾ اهو هو تنهن مان پاڻيءَ جي هڪڙي نهر پئي وهي، جنهن جي ڪناري تي چنار جا وڻ بيٺل هئا. گهر جي صورت ڏسڻ مان ئي معلوم پئي ٿيو ته ان جو ڌڻي حاضر ڪونهي دروازو اڌ پوريل هو، منجهس ايندو ويندو ماڻهو ڪونه ٿي ڏٺو ۽ جڏهن آءٌ پهرينءَ جاءِ ۾ ويس ته تڏهن اهڙي ڪا نشاني ٿوري ڏٺيم جنهن مان خبر پوي ته گهر ۾ ڪا پهر رهي ٿي. اهو حال ڏسي مون کي پنهنجي انعام جي نه ملڻ جي ڳڻتي ٿي. نيٺ جيڪا جاءِ دروازي جي مٿان ماڙيءَ تي هئي، تنهن ۾ جڏهن ويس تڏهن هڪڙو پنجاهه ورهين جي عمر جو مڙس ڏٺم! جنهن هڪڙيءَ اونهيءَ فراشيءَ تي ويٺي حقو ڇڪيو. هيءُ اهوئي ماڻهو هو جنهن جو آءٌ ڳولائو هوس، يعني ڪاروباري يا نظر. مون هڪ دم رڙ ڪري چيو ته ”خوشخبري، خان اچي ٿو! هن چيو ته ”ڇا ٿو چوين، ڪهڙو خان، ڪٿي آهي، ڪڏهن ايندو؟“

جڏهن مون ڳالهه ڪري ٻڌايس ۽ سندس نالي جيڪو خط هو سو ڏنومانس، تڏهن سندس صورت مان معلوم ٿيو ته ڪوڙي خوشيءَ ۽ سچو ڏک ۽ حيرت ۽ ڊپ هن جي دل ۾ پيدا ٿيا. پڇڻ لڳو ته ”سچ ٿو چوين ته خان جيئرو آهي؟“ مون چيو ته ”آءٌ بلڪل سچ ٿو چوان، سڀاڻڪي ڏينهن ۾ ٻيو قاصد به اوهان وٽ ايندو جو هن جي سلامتيءَ جو گهڻوئي ٻيو احوال ڏيندو، ۽ اهو بادشاهه ۽ وزير ۽ ٻين ماڻهن ڏي پڻ خط آڻيندو.“

        پوءِ مختلف قسمن جا جملا ڳالهائڻ لڳو: ”عجب جهڙي ڳالهه آهي! اسان جي سرن تي ڪهڙي خاڪ اچي پئي: هاڻي آءٌ ڪيڏي وڃان. ڇا ڪريان؟“

جڏهن ذور ٿڌو ٿيو، تڏهن پڇيومانس ته ”ته ڀلائي ڪري ٻڌاءِ ته ههڙي وقت تنهنجي ههڙي حيرت واريءَ حالت جو ڪهڙو سبب آهي؟ ظاهري طور ته حيرت فڪر ۽ ڏک جي بدران توکي خوشي ٿيڻ گهرجي.“ پر هن رڳو هيترو ڪڇيو ته ”هو ضرور مري ويو هوندو، هرڪو ٿو چوي ته هو مري ويو آهي.“ هن جي زال خواب لڌو هو ته سندس سڀ کان وڏي ڏاٺ جنهن ۾ ڏاڍو سور هوس سا ڪري پئي آهي. انهيءَ جو تعبير اهو آهي جو سندس مڙس مري ويو آهي. تنهن کانسواءِ بادشاهه به اهڙو فيلصو ڪيو آهي تنهن ڪري هو ڪيئن جيئرو رهي سگهي ٿو؟ هو ڪڏهن به جيئرو ڪين هوندو.“

مون چيو ته ”چڱو جي هو مري ويو آهي ته ڀلي مئو، آءٌ رڳو هيترو چئي ٿو سگهان ته ڇهه ڏينهن به مس ٿيندا ته هو استرآباد جي مسلمانن مان هڪڙو هو، ۽ هفتي کن جي اندر هتي طهران ۾ اچي پاڻ ڏيکاريندو ۽ پنهنجي هستي ثابت ڪندو.“

ناظر ڳچ تائين ويهي عجب ۾ پيو ۽ ڳڻتيون کاڌائين، پوءِ چوڻ لڳو ته منهنجي ڌيءَ جي مري وڃڻ جي افواهه اٿڻ ڪري جيڪي ڳالهيون ٿي گذريو آهن تن جي جڏهن توکي خبر پوندي، تڏهن عجب ڪين لڳندئي: پهرين ته شاهه هن جي سڀ ملڪيت ضبط ڪري هٿ ڪئي آهي، هن جو گهر ۽ سامان ۽ چوپايو مال ۽ وهٽ ۽ سندس غلام سڀ بادشاهه جي ننڍن پٽن مان هڪڙي خور علي مرزا نالي کي ملڻا آهن. هن جي ديهه هاڻي وزيراعظم جي حوالي آهي سندس عهدو ميرزا فضول کي عنقريب ملڻ وارو آهي. سڀني کان وڌيڪ اها ڳالهه ته سندس زال سندس پٽ جي استاد سان شادي ڪئي آهي. هاڻي ٻڌاءِ ته مونکي حيران ٿيڻ يا مونجهاري ۾ پوڻ لاءِ واجبي سبب آهي يا نه؟“

مون قبول ڪيو ته بيشڪ آهي، پر چيم ته ”انهيءَ وچ ۾ منهنجو انعام ڪيئن ٿيندو؟“ ناظر چيو ته ”اهو مون کان ته ملي ڪين سگهندئي، ڇا لاءِ ته تو منهنجي لاءِ ڪا خوشخبري ڪانه آندي آهي. جڏهن منهنجو رئيس ايندو تڏهن جي تنهنجي مرضي هوندي ته اهو ڏيندو، پر آءٌ ته توکي ڪجهه به ڏئي ڪين سگهندس.“ اتي آءٌ ناظر کي ڳڻتيون کائيندو ڇڏي گهر مان نڪري هليو ويس، ۽ چئي ويومانس ته وري ڪنهن ٻئي ڏينهن موٽي ايندس.

باب سورهون

 

هو آئندي جي لاءِ رٿون رٿي ٿو، ۽ هڪڙي جهيڙي ۾ ڦاسي وڃي ٿو

مون ارادو ڪيو ته ڀلي شاعر اچي ته پوءِ هن جي معرفت ڪا نوڪري حاصل ڪريان، جنهن ۾ ايمانداريءَ سان پنهنجي قوت گذران ڪريان. جيڪي ٺڳيون ۽ دغا بازيون هيستائين پئي ڪيون اٿم، سي ڇڏي حياتيءَ ۾ پنهنجي ترقي حاصل ڪرڻ جو ڪو اُپاءُ هٿ ڪريان. ڇا لاءِ ته آءٌ نيچ ۽ ڪميڻن ماڻهن سان گڏ گذارڻ کان ڪڪ ٿي پيو هوس، ۽ پنهنجين اکين آڏو دنيا ۾ ايترا پاڻ جهڙا گهٽ درجي جا ماڻهو چڙهندا ۽ دولت ۽ عزت حاصل ڪندا ڏٺا هوم جو اڳتي ڄاتم ته آءٌ وڏي درجي کي وڃي پهتو آهيان بلڪ پنهنجي دل ۾ رٿي به ڇڏيم ته جڏهن آءٌ وزيراعظم ٿيندس تڏهن ڪيئن هلندس.

پنهنجي دل ۾ چيم ته شاهه جو خاص خدمتگار اسماعيل بيگ طلائي ڪير هو؟ رڳو فراش يا تنبو کوڙڻ وارو هو. هو نڪي مون کان وڌيڪ خوبصورت آهي نڪي گهڻو مشهور آهي ۽ جي اسان کي ڪڏهن پنهنجي سواريءَ جي هنر ۾ مقابلي ڪرڻ جو وجهه مليو ته جيڪو ننڍي هوندي کان ترڪمانن جي وچ ۾ پليو آهي، سو سندس ناموس هوندي ته هن کي ڏيکاريندو ته سواري ڇا کي چئجي. اهو ته ٺهيو، پر هو نامور خزاني جو امير، جو بادشاهه جا خزانا سون سان ٿو ڀري ۽ پنهنجا به نٿو وساري سو وري پاڻ ڪير هو ۽ ڪهڙو ڪم ڪندو هو. حجام جو پٽ به اهڙو ئي چڱو ماڻهو آهي جهڙو ڀاڄي وڪڻڻ واري جو پٽ ۽ اسان ٻنهين جي حالت هن کان گهڻو بهتر آهي، ڇا لاءِ ته آءٌ پڙهي لکي ڄاڻان ٿو، پر هن امير جي نالي ته چون ٿا ته ڪي به نه ٿو ڄاڻي. رڳو جيڪي وڻيس ٿو سو کائي ۽ پيئي ٿو، ڏهاڙي هڪڙو نئون ڪوٽ ڍڪي ٿو، ۽ ايران جي حسين زالن مان شاهه جي چونڊ ڪرڻ کان پوءِ هو پنهنجي لاءِ چونڊ ڪري ٿو. انهيءَ هوندي به جيتري سمجهه ۾ قابليت مون کي آهي انهيءَ جي اڌ جيتري به هن کي ناهي، ڇا لاءِ ته جي ماڻهن جي ڳالهه ٻڌبي ته ضرور سهڻو ٿيندو ته هو خر به تشدد کان ڪي ٿورو ئي بهتر آهي يعني ٻٽي اچارواري گڏهه کان. جيڪا وڻن واري سڙڪ شاهي محلات ڏي ٿي وئي ۽ جنهن ۾ ماڻهن جو گوڙ لڳو پيو هو، تنهن جي ڀت کي ٽيڪ ڏيو مون مٿئين قسم جا پهه پئي پچايا ۽ آئندي جي وڏائي جي خيال ۾ اهڙو محو ٿي ويو هوس. جو بي خياليءَ ۾ پنهنجي اڳيان ماڻهن کي ڌڪي پاسي تي ڪيم، ڄڻ ته مون جهڙي عالي درجي جي ماڻهوءَ جو ايترو ادب ڪرڻ هنن تي فرض هو. ڪي اکيون ڦاڙي مون کي ڏسڻ لڳا، ڪن مون کي گاريون ڏنيون ۽ ڪن ته مون کي ديوانو سمجهي ۽ جڏهن وري هوش ۾ آيس ۽ پنهنجا ڦاٽل ٽٽل ڪپڙا ۽ پنهنجي فقيراڻي صورت ڏٺم تڏهن ماڻهو جي حيرت ناڪي ۽ پنهنجي بي عقليءَ تي کلڻ لڳس. سڌو ڪپڙن واري بازار ۾ ويس، انهيءَ ارادي سان ته پهرين ڪي آبروءَ جهڙا ڪپڙا هٿ ڪريان، ۽ پوءِ پنهنجيءَ حياتيءَ جو نمونو بدلايان.

گوڙ مان جند ڇڏائي ٻاهرن نڪتس ته ٽن ڄڻن جو جهيڙو ڏسي آءٌ بيهي رهيس. هنن ڏاڍيءَ شوخيءَ ۽ بيحيائي سان هڪٻئي کي گاريون پئي ڏنيون. جيڪي ماڻهو هنن جي چوڌاري ڦريا بيٺا هئا، تن ۾ آءٌ به وڃي گڏيس. اتي ڏسان ته جنهن قاصد کي آءٌ ٺڳي آيو هئس سو ۽ ٻيو هڪڙو ڪڙمي ماڻهو اهي ٻئي هڪڙي گهوڙي جي واپاري تي ڪاهه ڪري آيا آهن ۽ جيڪو گهوڙو مون هن کي وڪيو هو، تنهن تان هن کي ڌڪا ڏئي لاٿو اٿن. ڪڙمي چوي ته ”هي منهنجو گهوڙو آهي.“ ۽ قاصد چوي ته ”هي زين منهنجي آهي.“ گهوڙن جو واپاري چوي ته ”اهي ٻئي منهنجا آهن.“

مون سهي ڪيو ته انهيءَ مان مون کي نقصان پهچڻ جو خوف آهي ۽ کسڪڻ تي هوس ته گهوڙي واري مون کي ڏسي ورتو ڊوڙي اچي منهنجي ڪمربند ۾ هٿ وڌائين ۽ چوڻ لڳو ته ”اجهو، هن ماڻهوءَ کان مون گهوڙو ورتو آهي.“ اتي قاصد به مون کي سڃاتو. پوءِ ته سڄو معاملو اچي منهنجي سر تي ڪڙڪيو، جيئن مينهن گوڙ ۽ کنوڻ سان ڪنهن جي مٿان اچي وسڪارو ڪندو آهي. ذري گهٽ هڻي مون کي ماري وڌو هئائون بيرحميءَ سان مون کي چور، بدمعاش ۽ ٺڳ سڏيو منهنجا ڪن پئي کاڌائون. هڪڙو رڙ ڪري چوي ته ”منهنجو گهوڙو ڪٿي آهي؟“ ٻيو هڪ ڏئي چوي ته ”مون کي پنهنجي زين ڏي.“ ٽيون ڪاوڙ مان چوي ته ”مونکي پنهنجا پئسا موٽائي ڏي.“ جيڪي ماڻهو گوڙ ڪيو بيٺا هئا، سي چوڻ لڳا ته ”هن کي قاضيءَ وٽ وٺي هلو.“

مون گهڻيون ئي دانهون ڪري پنهنجي بچاءُ ۾ ڳالهايو ۽ قسم کنيو ۽ گهڻيئي منٿون آزيون ڪيم. پهريان ڏهه منٽ ته ڪنهن منهنجي ڳالهه نه ٿي ٻڌي، سڀ ڪنهن پنهنجا ڏک سور پئي ڪڍيا. گهڻي ڪاوڙ مڙئي قاصد کي هئي. ڪڙميءَ ظلم ۽ بي انصافيءَ جي دانهن پئي ڪئي، گهوڙي واري مون کي گهٽ وڌ ڳالهائي پئي چيو ته ”هي مون کان پئسا ڦري ويو آهي.“ مون پهرين هڪڙي سان منهن ڏئي ڳالهايو، پوءِ ٻئي جي خوشامد ڪيم ۽ ٽئين کي ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪيم. قاصد کي چيم ته ”تون ڇو ايترو ڪاوڙيو آهين؟ تنهنجي زين ته اها صحيح سلامت پئي آهي، ٻيو وڌيڪ ڇا گهرجيءَ؟“ ڪڙميءَ کي چيم ته ”جي تنهنجو گهوڙو سچ پچ مري پوي ها ته پوءِ به ته ماٺ ڪري ويهي رهين ها. هاڻي پنهنجي کي وٺي هليو وڃ ۽ خدا جا شڪرانا ڪر ته وڌيڪ خرابي نه ٿي آهي.“ باقي گهوڙن جي واپاريءَ تي آءٌ اهڙي ڪاهه ڪري آيس جو ڄڻ ته هن دغابازي ڪري مون کي ڦريو آهي. چيو مانس ته ”تون ڀلي ٺڳجڻ جون دانهون ڪر، حقيقت ڪري تو مون کي هيستائين گهوڙي جي ملهه مان فقط اڌ پئسا ڏنا آهن، ۽ ٻئي اڌ ۾ هڪڙو اڌ مئل گڏهه ڏئي مون کي ٺڳيو ٿي وئين.“ چيومانس ته ”پنهنجا پئسا موٽائي وٺ.“ پر هن ائين نه ڪيو. چيائين ته ”هيستائين جيڪي گهوڙي کي کارايو اٿم سو به ڀري ڏينم.“ انهيءَ تي وري تازو جيهڙو لڳو. ٻنهي طرفن پنهنجو حجتون پئي ڏنيون ۽ پنهنجا دليل پئي آندا، جي ٻيءَ ڌر نه ٿي مڃيا. نيٺ اسين ٻئي داروغي (يعني پوليس مئجسٽريٽ) وٽ آياسين. چيوسين ته ڀلي اهو اسان جو فيصلو ڪري.

اهو عملدار بازار جي چونڪ ۾ پنهنجي چئوڙي ۾ ويٺو هو ۽ چوڌاري سندس زيردست ڊگهيون لٺيون کنيو ويٺا هئا. ته ڪو ڏوهاري اچي ته مارينس. مون وڃي پهرين فرياد ڪئي ۽ ساري حقيقت بيان ڪري، ۽ چيم ته ”گهوڙن جي واپاري مون کي ٺڳڻ جو ارادو ڪيو هو.“ گهوڙن واري ورندي ڏني ته ”گهوڙو منهنجو ناهي، ڪنهن ٻئي وٽان چورايل آهي تنهن ڪري انهيءَ جي کاڌي جو خرچ مون تي پوڻ نه گهرجي.“

انهيءَ سوال داروغي کي اهڙو منجهايو جو هن معاملي ۾ هٿ وجهڻ نه ٿي گهريو ۽ اسان کي قاضيءَ ڏي موڪلڻ تي هو ته هڪڙو ڪراڙو ماڻهو جو اتي بيٺو هو، تنهن چيو ته ”ههڙي صاف معاملي ۾ هيتري مشڪلات ۽ هيترو مونجهارو ڇو ٿا وجهو؟ جڏهن گهوڙن جو واپاري حاجيءَ کي گهوڙي جو باقي اڌ رهيل ملهه ڏيندو، تڏهن جيترا ڏينهن گهوڙي هن واپاريءَ وٽ بيهي کاڌو آهي. اوترن ڏينهن جي کاڌي جو خرچ حاجي هن کي ڏئي سگهندو.

هي ٻڌي جيڪي ماڻهو اتي بيٺل هئا سي ”بارڪ الله، بارڪ الله“ جون رڙيون ڪرڻ لڳا. يعني ”خدا جي تعريف“ صحيح يا غلط جو ڪوبه ويچار ڪونه ڪيائون، سڀئي انهيءَ انصاف جهڙي فيصلي تي واهه واهه ڪرڻ لڳا، جنهن تي داروغي اسان کي چيو ته هاڻ پاڻ ۾ ٺهي هليا وڃو.

مون جهٽ ۾ گهوڙي واري کي گهوڙي جي ملهه وارا پئسا ڏنا ۽ ساريءَ قيمت جي هن کان رسيد وٺي هٿ ڪيم. جڏهن اسين ڏئي وٺي رهياسين ۽ ٺهراءُ ڪري چڪاسين. تڏهن هن کي انهيءَ فيصلي جي برابري يا نابرابري تي ويچار ڪرڻ جو وجهه مليو. هن کي بلڪل خيال ۾ نه ٿي آيو ته جيڪڏهن آءٌ گهوڙي جي خوراڪ جي خرچ وٺڻ جو حقدار آهيان، ته ڪهڙيءَ طرح خود گهوڙي جي وٺڻ جو حقدار نه ٿو ٿيان ۽ هن کي اڌ پئسا ڏنا اٿم يا سڀ؟ شايد هن جي خيال ۾ هو ته هنن مون کي ٺڳيو آهي. خوش نصيبيءَ جي ڪري هن جي ڪاوڙ مون تان لهي داروغي جي سر تي پئي، جنهن کي هو موڳو، بي عقل ۽ جهڙو قاعدي کان بيواقف تهڙو ڪپتيو ۽ بيمان ڄاڻڻ لڳو.       

باب سترهون

 

هو نوان ڪپڙا ڍڪي حمام خاني ۾ وڃي ٿو ۽ نئين صورت وٺي ٿو

اهو ڪنو ڪم جو مون سڄو سارو پنهنجي سر تي آندو هو تنهن مان هاڻ مون پاڻ کي آزاد سمجيهو ۽ تنهنڪري ڏاڍو خوش ٿيس جو آسانيءَ سان انهيءَ مان منهنجي جند ڇٽي. وري به آءٌ ڪپڙي جي بازار ۾ ويس ۽ در جي ويجهو جيڪو پهريون دڪان هو تنهن تان ڳاڙهي ڪپڙي جو اگهه پڇيم. جنهن مان منهنجيءَ دل ٿي چيو ته بروني يا چغو ٺهرايان، ڇا لاءِ جو مون ڄاتو ته جيئن آءٌ هميشه انهي جي ڍڪڻ وارن کي تعظيم ڏيندو هوس، تيئن انهيءَ جي ڍڪڻ سان ٻيا به مون کي تعظِم ڏيندا. دڪاندار مٿي کان پيرن تائين مون کي ڏسي چوڻ لڳو ته ”بروني، واه اوه! ڪنهن جي لاءِ گهرجئي ۽ انهيءَ جو ملهه ڪير ڏيندو؟“ مون چيو ته ”ڇو، مون کي پنهنجي لاءِ گهرجي.“ هن چيو ته ”تو جهڙو سڃيو سکڻو اهڙي چغي کي ڇا ڪندو” رڳا مرزائون ۽ خان اهي ڍڪيندا آهن، ۽ مون کي پڪ آهي ته تون اهڙي درجي جو ماڻهو نه آهين.“

آءٌ هن کي ڏاڍيءَ چڙ مان ورندي ڏيڻ تي هوس ته هڪڙو دلال پاسي کان سڀني قسمن جا سبيل ۽ ڪم آيل ڪپڙا کڻي اچي لنگهيو ۽ انهن جي وڪري جو هوڪو ڏيڻ لڳو. انهيءَ مون کي سڏيو، جيتوڻيڪ هو ڪپڙڻ جي دڪان وارو مون کي جلد موٽائي ڇڏڻ ڪري پشيمان ٿي وري سڏ ڪرڻ لڳو. آءٌ دلال کي وٺي پاسي واري مسجد جي دروازي وٽ، هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ بيهي رهيس ۽ دلال ڪپڙن جي ڀري لاهي منهنجي اڳيان پکيڙِ. مون کي هڪڙي ريشمي صدري، اڳيان سونيءَ ذريءَ کي ڪناريءَ ۽ سونن ٻيڙن سان وڻي. انهيءَ جو مون ملهه پڇيو. دلال انهيءَ جي سهڻائي ۽ منهنجي هوشياريءَ جي تعريف ڪئي. قسم کڻي چيائين ته ”اها اصل بادشاهه جي خدمتگارن مان هڪڙي جي آهي. جنهن فقط ٻه ڀيرا اها ڍڪي هئي. ”ڇوءِ مون کي ڍڪائي ۽ پوءِ منهنجي چوڌاري  ڦري، ذري ذري چوڻ لڳو ته ”ماشا الله، خدا جي تعريف آهي.“ مون کي اها اهڙي پسند آئي، جو چيو ته انهيءَ سان ٺهڻ جي لاءِ چيلهه تي اهڙي هڪڙي شال به گهرجي. پوءِ هن ڪشميري شال ڪڍي، جا سڄي سوراخن سان ڀري پيئي هئي، ۽ جنهن جي بابت هن مونکي خاطري ڏني ته بادشاهه جي حرم جي هڪڙي بيبيءَ جي هئي. هن چيو ته جي تون وٺندي ته توکي سستي ڏيندس. انهيءَ پراڻي ڳريل ڪشميري شال جي لاءِ جيڪي مون کي ڏيڻو هو، تنهن مان جيڪر آءٌ هڪڙي نئين ڪرمان جي شال خريد ڪري سگهان ها، پر پنهنجي مغروريءَ ڪري مون هوءَ پراڻي پسند ڪئي. اها ويڙهي، انهيءَ جا ٽنگ ڍڪي مون پنهنجي ڪمر سان ٻڌي. هاڻي باقي انهيءَ ۾ هڪڙو خنجر پوڻو هو، پو3 منهنجي پوشاڪ پوري ٿئي ها. اهو به دلال مون کي موجود ڪري ڏنو. جڏهن آءٌ انهيءَ طرح تيار ٿي بيٺس، تڏهن دلال کي آفرين ڪرڻ کان رهي نه سگهيس ۽ هن به مون کي پڪ ڏئي چيو ته ”تو جهڙو خوبصورت ۽ خوش پوشاڪ ماڻهو طهران ۾ ٻيو ڪو نه هوندو.“

جڏهن حساب ڪرڻ جي مهل ٿي. تڏهن ڳالهه ڏاڍي ڳري ڏسڻ ۾ آئي. دلال چوڻ لڳو ته ”يقين ڄاڻج ته آءٌ ايماندار ۽ سچو آهيان. ٻين دلالن جهڙو نه آهيان جي گهرن سو ۽ وٺن پنجاهه. آءٌ هڪڙي ڳالهه ڪندو آهيان، انهيءَ تي توکي ويساهه رکڻ کپي.“ پوءِ هن مون کي چغي جا پنج تومان گهريا، شال جا پندرهن ۽ خنجر جا چار، جملي چوويهه تومان.

هي ٻڌي منهنجي تڪڙ ڍري ٿي ۽ خوشي جهڪي ٿي، ڇا لاءِ جو منهنجي کيسي ۾ فقط ويهه تومان هئا. آءٌ اهي ڪپڙا لاهي ڏيڻ ۽ پنهنجن پراڻن ڪپڙن کي وري ڍڪڻ تي هوس، ته دلال مون کي جهليو ۽ چوڻ لڳو ته ”شايد تون  ملهه ڪجهه گهڻو ٿو سمجهي، پر آءٌ پنهنجي سر ۽ تنهنجي ساهه جو قسم ٿو کڻان ته مون ايتري ملهه تي مون کي اصل اهي ڪپڙا وٺڻا ئي ناهن، پر جي تون پنجن تومانن تي ڏيندي ته آءٌ وٺندس“ هن غصي مان انڪار ڪيو ۽ مون ڪپڙا لاهي، هن کي موٽائي ڏنا. جڏهن هن پنهنجون شيون ويڙهي سيڙهي رکيون ۽ ظاهري ڪري اسان جو سودو بند ٿيو، تڏهن هو چوڻ لڳو ته ”منهنجي توسان معرفت ٿي وئي آهي، جيڪي آءٌ پنهنجي ڀاءٌ جي لاءِ به نه ڪريان، سو تنهنجي لاءِ ڪندس. توکي ڏهن تومانن تي ٿو ڏيان.“ مون وري به انڪار ڪيو. نيٺ پاڻ ۾ لاڙهو چاڙهي ڪري، ڇهن تي آياسين، ۽ هڪڙو وڌيڪ خاص هن جي پوشاڪ لاءِ هن کي ڏيڻو پيو. انهيءَ تي اسان پاڻ ۾ صفائي ڪئي، ۽ ڏئي وٺي واندا ٿياسين.

هو پوءِ هليو ويو ۽ آءٌ به ڳنڍڙي ٻڌي اٿيس ارادو ڪيم ته پهرين حمام ۾ وڃي وهنجان ۽ پوءِ اتي ڪپڙا ڍڪيان. رستي ۾ وڏيءَ کڙيءَ ۽ سائي رنگ جي جتي، نيلي رنگ جو ريشمي پهراڻ، ۽ گلابي رنگ جي ريشيم سٿن ورتيم. اهي سڀ پنهنجي رومال ۾ ٻڌي آءٌ حمام ڏي هليس.

جڏهن آءٌ اندر گهڙيس، تڏهن ڪنهن مون کي خيال ڏئي ڏٺو ئي ڪين، ڇا لاءِ جو مون جهڙي خراب ڏيک واري ماڻهوءَ ڏي ڀلا ڪنهن جو خيال ٿيندو؟ آءٌ پنهنجي پر ۾ پئي مرڪيس ته اجهو جڏهن نوان ڪپڙا ڍڪي نڪرندس، تڏهن پاڻهي خبر پوندي. پنهنجي ڳنڍڙي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ رکي مون ڪپڙا لاٿا، ۽ گوڏ ٻڌي حمام ۾ گهڙيس.

هن هنڌ ظاهري ڪري سڀ درجي جا ماڻهو هڪ جهرا ٿا رهن، ۽ مون پنهنجي دل ۾ فخر پئي ڪيو ته جيڪو منهنجي چڱيءَ شڪل، ڪشادي اٿي ۽ سنهي چيلهه ڏسندو، سو منهنجي تعريف ڪندو. دلاڪن يا مالش ڪندڙن مان هڪڙي کي مون سڏي چيو ته ”اچي مون کي وهنجار ۽ هٿن سان مهٽ ۽ وارن جي کيسي کي ڳوٿريءَ سان پالش ڪر.“ اهو به حڪم ڏنو مانس ته ”منهنجو مٿو ڪوڙ ۽ منهنجي ڏاڙهيءَ، مڇن ۽ زلفن توڙي منهنجي هٿن ۽ پيرن جي ترين کي مينڌيءَ لائڻ جي ضروري سامان موجود ڪر، ۽ نوري هڻڻ جي تياري ڪر.“ مطلب ته مون خواهش ڏيکاري ته پوري طرح سان غسل ڪريان.

دلاڪ مالش شروع ڪرڻ سان ذري ذري منهنجي ڪشاديءَ ڇاتيءَ جي تعريف پئي ڪئي. مون کي سجهيو ٿي ته منهنجا نوان ڪپڙا ڪهڙو اثر پيدا ڪندا، تنهنڪري مون اهڙو رخ ڏيکايو، جو ڄڻ ته آءٌ هميشه اهڙي تعريف ۽ خوشامد ٻڌڻ تي هريل آهيان. هن چيو ته ”تون ڏاڍي سڀاڳي وقت تي آيو آهين، ڇالاءِ ته اڃا اڳهوڻو مون هڪڙي خان کي وهنجاريو آهي، جنهن  بادشاهه وٽ اصفهان مان گدرا ڊوهڻا ڪري آندا هئا ۽ جنهن کي بادشاهه هڪڙي خلعت ڏني هئي ۽ فال وجهندڙن هن کي ئي هن ئي وقت حمام ۾ وهنجڻ ۽ نون ڪپڙن ڍڪڻ لاءِ موڪليو هو ۽ چيو هئائونس ته انهيءَ ڪم لاءِ اهو وقت سعد يا سڀ آهي.

جڏهن سڀ ڪم لهي رهيو، تڏهن دلاڪ مون کي هڪڙيءَ خشڪ چادر آڻي ڏني ۽ مون کي انهيءَ هنڌ وٺي هليو، جتي مون پنهنجا ڪپڙا ڇڏيا هئا. ڪهڙيءَ نه خوشيءَ سان مون پنهنجا ڪپڙا ڇڏيا هئا. ڪهڙيءَ نه خوشيءَ سان مون پنهنجي ڳنڍڙي کولي، ۽ ڪپڙا ڏٺا، جيئن هڪڙو هڪڙو ڪپڙو ڍڪيندو ويس، تيئن ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته ڄڻ وري نئون جوان ٿيندو وڃان. وڏي ماڻهوءَ وانگي مون پنهنجي سٿڻ ڍڪي ۽ جڏهن پنهنجي صدريءَ جو کڙڪو ٻڌم، تڏهن خوشيءَ ۾ نه ماپي، ڦري ڏٺم ته ڪو مون ڏي نهاري ٿو يا نه، شال وري هڪڙِ نئين نموني سان ڍڪيم، اڳيان البت ڪيرائي ڇڏيم ۽ پٺيان گهڻي پکيڙي ڇڏيم،  ۽ جڏهن خنجر منهنجي ڪمر ۾ چمڪيو، تڏهن مون ڄاتو ته منهنجي پوشاڪ جهڙي پوري، ۽ عمدي ٻي ڪا ورلي هوندي. پنهنجي ڪلاه يا ٽوپيءَ جي چوٽي مون قاچاري يا شاهي طرز تي موڙي ڇڏي، ۽ مٿي تي هڪڙي پاسي لاڙي ٽنڊ تي کڻي رکي. نيٺ جڏهن وهنجارڻ واري مون کي آرسي آڻي ڏيکاري، جا اجوري ڏيڻ جي نشاني هئي، تڏهن مون کي ترسايو ته مون کي چڱيءَ طرح ڏسي ۽ منهنجا زلف ڪنن جي پٺيان ورائي ڇڏي ۽ منهنجو مڇون وٽي اکين ڏانهن چاڙهي ڇڏي، تنهن کان پوءِ مون هن کي چڱو انعام ڏنو ۽ ڪپڙا سندس حوالي ڪري، آءٌ ڪنهن وڏي معتبر ماڻهو وانگي نڪري هليو ويس.

باب ارڙهون

 

شاعر قيد مان ڇٽي اچي ٿو. حاجي بابا جي حق ۾ انهي جا نتيجا

آءٌ سڌو شاعر جي گهر ڏي ويس، انهيءَ اميد تي ته هن جي ڪا خبر لهان. گهٽيءَ جي ڪنڊ کان ئي مون سندس در وٽ ماڻهن جو گوڙ ڏٺو. سگهوئي خبر پيم ته هو تازو اچي پهتو آهي ۽ رسم موجب دروازي مان لنگهڻ جي بدران ڇت تان چڙهي اندر ويو آهي، ڇا لاءِ جو جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي مئل وسهندا آهن ۽ اهو جيئرو موٽي گهر ايندو آهي، تڏهن ائين ڪرڻ جو دستور آهي.

آءٌ هڪدم گوڙ مان لنگهي انهيءَ جاءِ ۾ ويس، جنهن ۾ شاعر ويٺو هو، ۽ نهايت گهڻي خوشي ظاهر ڪري مون سندس صحيح سلامت موٽي اچڻ جي مبارڪ ڏنيس. هن مون کي ڪين سڃاتو، بلڪه جڏهن پاڻ سڃاڻايو مانس تڏهن به اعتبار نه آيس ته اهڙُ خوش پوشاڪ ۽ چالاڪ ماڻهو، جهڙو انهيءَ مهل آءٌ ڏسڻ ۾ ٿي آيس سو اهو ساڳيو گدلو ڦاٽلن ڪپڙن وارو پوش هوندو، جنهن کي اڳي ڏٺو هئائين.

اها ڪوٺي قسم قسم جي ماڻهن سان ڀري پئي هئي، ڪي هن جي موٽڻ تي خوش هئا ۽ ڪي ڏاڍا نااميد ۽ رنج هئا. پوئين دفعي وارن مان ۽ جن سڀ کان گهڻو خوشامد ۽ مرحبا ٿي ڪيس، تن مان هڪڙو مرخزا فضول هو، جو سندس بدران سندس عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو. ۽ جنهن ذري ذري پئي چيس ته ”تنهنجي جاءِ خالي پئي رهي آهي ۽ اسان جون اکيون روشن آهن.“ نيٺ گهڻي گڙٻڙ ٻڌڻ ۾ آئي ۽ دروازا کليا، ۽ بادشاهه جو هڪڙو عملدار آيو، جنهن شاعر کي حڪم ڏنو ته ”هڪدم حضور ۾ هلي حاضر ٿي. ”انهيءَ موجب هو انهن ساڳين مسافريءَ وارن مٽيءَ لڳن ڪپڙن ۽ جتيءَ سان هليو ويو.

اتي ماڻهن جو به گوڙ لٿو ۽ آءٌ به اتان نڪتس، اهو ارادو ڪيم ته وري ٻئي ڏينهن اچان، پر اڃا ايوان مان نڪتس ٿي ته ناظر منهن ۾ مليم جنهن سان اڳي به گفتگو ڪئي هيم، جا مٿي ذڪر ڪئي وئي آهي. منهنجي نظر ۾ هو انهن مان ڪين هو جي خوش هجن. پڇيو مانس ته ”ڏس ته منهنجي ڳالهه سچي آهي نه خان جيئرو آهي نه؟ ”هن ٿڌو ساهه کڻي چيو ته ”برابر هو جيئرو آهي، شل هن جي حياتي وڏي ٿئي.“ ٻه ٽي جملا واتون ڪڍي، هو ظاهريءَ طور ڏاڍي ڏک ۽ ڳڻتيءَ ۾ هليو ويو.

باقي جيڪو ڏينهن بچيو هو سو مون هيڏي هوڏي گهمڻ ڦرڻ ۽ خيالن پچائڻ ۾ گذاريو. باچارون گهمي مسجدن ۾ ويس، پوءِ شاهي محلات ۾ جي در وٽ جي نڪما ماڻهو هميشه گڏ ٿيندا آهن، تن ۾ وڃي ويٺس. اتي به ذڪر رڳو شاعر جي موٽڻ ۽ بادشاهه سان سندس ملاقات ڪرڻ جو هو. ڪن پئي چيو ته ”بادشاهه سندس اچڻ جو ٻڌي حڪم ڏنو ته ائين ڪين ٿيندو، هو مري ويو هو سو ضرور مئل شمار ڪرڻ گهرجي. ”ٻين وري چيو ته ”نه اها خبر ٻڌي بادشاهه پاڻ خوش ٿيو ۽ جنهن اها خبر آندي هئي تنهن کي هن ڏهن تومانن ”ڏيڻ جو حڪم ڪيو آهي“ پر سچي ڳالهه هيءَ هئي ته شاعر جي وري جيئيري ٿيڻ ڪري بادشاهه  رنج ٿيو، ڇاڪاڻ جو هن جي گهر ۽ ملڪيت جو جيڪو نيڪال ڪيو هئائين، تنهن ۾ رولو ٿي پيو، تنهنڪري هن سان چڱيءَ طرح پيش اچڻ جي خواهش نٿي ڪيائين. ته پر عسڪر شاهر کي خبر هئي ته بادشاهه شعر جو ڏاڍو شوقين آهي. خصوصاً مدحيه قصيدن جو، جن ۾ بادشاهه جي تعريف ٿيندي آهي، تنهن اڳ ئي جڏهن اڃا ترڪمانن جي قيد ۾ هو، تڏهن هڪڙو قصيدو ٺاهي تيار ڪري، انهيءَ وقت جي لاءِ رکيو هئائين. جڏهن هاڻ بادشاهه جي حضور ۾ آيو، تڏهن في البديهه پڙهي ٻڌايائين. جيتوڻيڪ بادشاهه رنج هو ته به سندس شعر ٻڌي مٿن وري مهربان ٿيڻ لڳو. مطلب ته جيڪا محنت ڪئي هئائين، تنهن لاءِ سندس وات سون سان کڻي ڀريائون. تنهن کان  سواءِ خلعت به مليس. ۽ پنهنجي اڳوڻيءَ جاءِ تي به وري مقرر ٿيو ۽ پنهنجي ملڪيت به وري سموري مليس.

مون جيڪو پنهنجو مربي ڪيو هو، تنهن کان يعني شاعر کي دير کان سواءِ وڃي مبارڪبادون ڏنيم ۽ ڏهاڙي صبح جو سواءِ عذر جي سندس ڪچهريءَ ۾ حاضر ٿيڻ لڳس. جڏهن هن کي پاڻ تي گهڻو مهربان ڏٺم. تڏهن پنهنجو سڄو حال ٻڌايومانس ۽ عرض ڪيو مانس ته ”يا ته مون کي پنهنجي گهر جي ڪانو ڪري ڏئي يا پنهنجي ڪنهن واقف کي سفارش ڪري جاءِ وٺي ڏي.“ مون سهي ڪيو هو ته ناظر، جو پنهنجي ڌڻيءَ جي موٽي اچڻ تي نااميد ٿيو هو، سو انهيءَ ڊپ کان ته ڌڻي جي ملڪيت جي نسبت ۾ جيڪا ٺڳي ۽ دغابازي ڪئي، هئائين، سا ظاهر نه ٿي پوي، ۽ مون کي جو اها طمع هئي ته نيٺ انهيءَ جي جاءِ هٿ ڪريان، تنهن ڪري شاعر جي فائدي جو ڏاڍو شوق ۽ ڏانهس پنهنجي خير خواهي ۽ ايمانداري ڏيکارڻ لڳس ۽ سندس ڪاروباريءَ جيڪي حرڪتون ڪيون هيون سي سڀ ٻڌايومانس. انهي هوندي به آَءٌ فتحياب نه ٿيس، خبر ناهي ته جهڙو خبردار ۽ هوشيار مون هن کي ٿي سمجهيو تنهن کان هو وڌيڪ ماڻهو سڃاڻڻ وارو هو يا ناظر ڪنهن تجويز سان پاڻ کي وٽس چيو ۽ بي ڏوهي ثابت ڪيو ۽ منهنجي ڳالهه ۾ شڪ وڌو. پر ٿيو ائين ته هو پنهنجي جاءِ تي قائم رهيو. ۽ آءٌ سندس ڪچهري ۾ حاضر رهندو آيس.

نيٺ هڪڙي ڏينهن صبح جو عسڪر مون کي پاڻ وٽ سڏي چيو ته ”حاجي“ منهنجا دوست! جڏهن پاڻ ٻئي ترڪمانن وٽ قيد هئاسين، تڏهن تون مون تي مهرباني ڪندو هئين، انهيءَ جي لاءِ آءٌ تنهنجو شڪر گذار آهيان، هاڻ آءٌ اها پنهنجي احسان مندي ثابت ڪندس. مرزا احمق جو بادشاهه جو حڪيم باشي يا خاص طبيب آهي، تنهن کي هڪڙي نوڪر جي گهرج ٿي آهي، ۽ مون تنهنجي گهڻي قدر سفارش ڪئي آهي. مون کي پڪ آهي ته جي تون هن کي راضي رکندين ته هو توکي پنهنجو هنر سيکاريندو. جنهن ڪري توکي دولتمند ٿيڻ جو رستو هٿ ايندو. هاڻ تون وٽس وڃ ۽ منهنجي نالي چئينس ته ”فلاڻي مون کي موڪليو آهي، پوءِ هو پاڻهي توکي هڪڙي نوڪري ڏيندو.

مون کي طبابت جو ڪم نه وڻندو هو ۽ انهيءَ نسبت ۾ درويش جيڪا مونکي ڳالهه ٻڌائي، اها جڏهن ياد پوندي هيم، انهيءَ ڌنڌي کان نفرت ايندي هيم، پر مون کي اچي ساهه جي لڳي هئي. جيڪو باقي دينار بچيو هئم، سو به خرچي ڇڏيم، ۽ هڙ ۾ ڪي به ڪين هوم، تنهنڪري لاچار ٿي کڻي طب جي جاءِ قبول ڪيم. ان موجب ٻئي ڏينهن جو آءٌ حڪيم جي گهر ويس جو محلات جي نزديڪي ۾ هو: گهر جو ايوان سڃو پيو هو، انهيءَ ۾ گهڙيس ته ڪيترائي بيمار ماڻهو اتي ويٺا هئا، ۽ ڪي وري ٻاٽليون هٿن ۾ کنيو طبيب جي لا3 منتظر بيٺا هئا، جو زالن واري ڪمري ۾ هو ۽ اڃا ٻاهر ڪم تي نه نڪتو، هڪڙي دري کلي پئي هئي. جنهن وٽ جن ماڻهن کي اندر وڃڻ جو حڪم نه هو سي بيٺا هئا. آءٌ به اتي وڃي بيهي رهيس، انهيءَ لاءِ ته جڏهن سڏ ٿئيم تڏهن اندر وڃان. جاءِ جي اندر ڪيترائي ماڻهو هئا جي حڪيم صاحب  جي حاضري ڀرڻ آيا هئا (ڇاڪاڻ جو سڀ ڪنهن عملدار جي علحدى ڪچهري ٿيندي آهي.) انهن جي ڏسڻ مان مون کي معلو ٿي رهيو هو ته هن دنيا ۾ واڌاري ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪائي به شيءِ پوءِ ڪتو هجي يا ٻلو هجي، جنهن جي ڪنهن اختياريءَ واري جي ڪن تائين رسائي هجي، تنهن جي خوشامد ڪجي. جيڪي مصيبتون اڳئي سٺيون هيم. تن تي ويچار ڪيم ۽ اهو پئي خيال ڪيم ته مون کي ڪيستائين خوشامد ۽ نيچائي ڪرڻي ٿيندي. جنهن کان پوءِ آءٌ پاڻ اهڙي خوشامد ۽ نياز منديءَ جو حقدار ٿيندس. اوچتو پاسي ۾ بيٺلن ماڻهن کي سلام ڪندو ۽ ڪنڌ جهڪائيندو ڏٺم، معلوم ٿيو ته حڪيم صاحب اچي دريءَ وٽ ويٺو آهي ۽ پنهنجو ڏهاڙيءَ جو ڪم شروع ڪيو اٿس.

حڪيم هڪڙو پير مرد هو، جنهن جون اکيون ئي اندر گهڙي ويون هيون، ۽ ڳلن جون هڏيون نڪتل هيس ۽ ڏاڙهي ڇٽي هيس. سندس پٺي گهڻي ڪٻي هئي، ۽ جڏهن ويهندو هو، تڏهن گڪو ٿي ويهدنو هو، کاڏي نڪري بيهندي هيس، مٿو ٻنهي ڪلهن جي وچان پٺ تي هٽي ويندو هوس، ۽ ٻنهي پاسي هٿ چيلهه تي رکي ٺونٺيون ٽڪنڊن وانگي ٻاهر ڪڍندو هو. هن ننڍا ننڍا تڪڙا سوال پئي پڇيا ۽ جواب ۾ ” هون هون“ پئي ڪيائين. ايئن پئي ڏٺو ته جيڪي هليو پئي انهيءَ جو سماءُ ڪونه هئس، ٻين ڪن ڳالهين جو خيال ڪيائين جيڪي سندس تعلقدار ۽ خوشامد ويٺا هئا تن سان جڏهن ٻه ٽي اکر ڳالهايائين تڏهن مون ڏي نهاريائين. مون چيس ته ”آءٌ اهو ماڻهو آهيان جنهن بابت شاعر اوهان کي سفارش ڪئي هئي.“ تڏهن هن پنهنجون ننڍڙيون تيز اکيون هڪ ٻن سيڪنڊن تائين مون ۾ کوڙيون ۽ پوءِ مون کي چيائين ته، ”تون ترس. جو مون کي توسان ڪي خلاصو ڳالهائڻو آهي.“ سگهو ئي هو اٿيو ۽ جاءِ کان ٻاهر ويو: هڪڙي جا ننڍي ڪوٺي هئي، جنهن کي ٽن پاسن کان ڀت هئي، ۽ کليل پاسي وٽ سندس خلوت يا خانگي جاءِ هئي، اتي اهو حڪيم وڃي ويٺو.


(1)  ايران ۾ جنهن گهوڙي جي هڪڙي پاسي جون ٽنگون اڇيون ٿينديون آهن. جنهن کي نڪ تي ۽ اکين جي چوڌاري ۽ پڇ جي هيٺان ڪوڙهه جهڙا اڇا چٽا ٿيندا آهن. تنهن کي نڀاڳو ۽ خراب ڄاڻندا آهن ۽ انهيءَ جو ملهه گهڻو گهٽائيندا آهن.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org