سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: خودياوري

صفحو :4

لشڪري کاتي ۾ عام سپاهيءَ جي درجي مان چڙهي تمام وڏي جنگي عهدي تي پهچڻ جا مثال جيترا فرانس ۾، پهرئين ملڪي فساد يا حڪومت جي ڦيرگهير کان پوءِ ٿيا آهن، اوترا انگلنڊ ۾ نٿا ڏسجن. جيڪڏهن اسان ۾ اضافي ۽ چاڙهي جو رستو انهيءَ ساڳيءَ طرح کليل هجي، ته هوند اسين به بيشڪ اهڙا ۽ ايترا عجيب مثال، همت ۽ سمجهه سان چڙهڻ جا پيدا ڪريون، جي جيڪر هنن سان مَٽ پون. ’هوش‘، ’همبرٽ‘ ۽ ’پچيگرو‘، اهي ٽيئي شروع ۾ عام سپاهي هئا. ’هوش‘ جڏهن بادشاهه جي لشڪر ۾ هوندو هو، تڏهين ڪوٽن تي چڪن دوزي ڪم ڪري پيسو ڪمائيندو هو؛ انهيءَ لاءِ ته جنگي هنر جا ڪتاب خريد ڪري سگهي. ’همبرٽ‘ جڏهن ننڍو هو، تڏهن رولو ڇوڪر هوندو هو.ل سورهن ورهين جي ڄمار ۾ هو گهر ڇڏي نڪري ويو، ۽ وڃي پهريائين ’نانسي‘ ۾ هڪڙي واپارءَ جو نوڪر ٿيو، پوءِ ’لائنس‘ ۾ مزور ٿيو؛ ۽ پوءِ سهن جون کلون گهور ڪري وڪڻندو وتندو هو. سنه 1749ع ۾، هن پاڻ کي پنهنجي خوشيءَ سان وڃي لشڪر ۾ داخل ڪرايو، ۽ سپاهي ٿيو. هڪڙي ئي ورهيه جي عرصي ۾، هو لشڪر جي هڪڙي ڀاڱي جو جنرل ٿيو. ’ڪليمبر‘، ’ليفيوهر‘، ’سشيٽ‘، ’وڪٽر‘، ’لانس‘، ’سولٽ‘، ’مسينا‘، ’سينٽ سر‘، ’ڊرلان‘، ’مرت‘، ’آگرو‘، ’پيسرز‘ ۽ ’ني‘. اهي سڀ سپاهي ٿي مٿي چڙهيا. ڪن کي اضافو جلد جلد مليو، ۽ ڪن کي آهستي آهستي. ’سينٽ سر‘، جو ’ٽول‘ جي هڪڙي کلن رڱڻ واري جو پٽ هو، سو پهريائين هڪڙو ناٽڪي ٿيو، پوءِ وڃي چاسرن واري لشڪر ۾ سپاهي ٿيو، ۽ هڪڙي ئي ورهيه ۾ ڪپتان ٿيو. ’وڪٽرو‘، جو نيٽ بيلونو جو ڊيوڪ ٿيو، سو 1781ع ۾ توبخاني ۾ وڃي داخل ٿيو. وڏي فساد کان اڳي جيڪي واقعا ٿيا، تن ۾ هو نوڪريءَ کان نڪري ويو؛ پر جڏهن جلد ور جنگ لڳي، تڏهن وري ساڳيءَ نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو، ۽ ٿورن ئي مهينن ۾ سندس همت ۽ مردانگيءَ ڪري هن کي اضافو مليو، ۽ آڊجيوٽنٽ ميجر جي درجي تي چڙهيو، ۽ لشڪر جي هڪڙي ڀاڱي جو مهندا ٿيو. ’مرت‘، ’پيريگارڊ‘ ۾ ٻهراڙيءَ جي هڪڙي مهمانسراءِ رکندڙ جو پٽ هو، ۽ گهوڙن جي نگهباني ڪندو هو. پهريائين هو چاسرن واري لشڪر ۾ وڃي سپاهي ٿيو، پر سگهوئي نافرمانيءَ ڪري نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائونس؛ مگر ستت وري اچي داخل ٿيو، ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ وڃي ڪرنل جي درجي کي پهتو. ’ني‘ ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ ولائتي رسالي ۾ داخل ٿيو، ۽ درج بدرجي چڙهندو ويو. هن جي گڻن جي ’ڪليبر‘ کي سگهوئي خبر پيئي، جنهنڪري هن اُن کي آٿڪ يا محنتيءَ جو نالو ڏنو، ۽ اڃا هو پنجويهن ورهين جو مس ٿيو، ته هن کي آڊجيوٽنٽ جنرل کڻي ڪيائين. ’سولٽ‘ ته نوڪريءَ ۾ داخل ٿيڻ کا ڇهه ورهيه پوءِ سارجنٽ جي درجي تي آيو. ’مسينا‘ جو واڌارو ’سولٽ‘ کان به ڍرو هو، جو هو چوڏهن ورهين جي نوڪريءَ کان پوءِ مس سارجنٽ ٿيو؛ ۽ جيتوڻيڪ انهيءَ کان پوءِ هو درجي بدرجي چڙهندو ويو؛ ۽ هڪٻئي پٺيان ڪرنل ۽ جنرل ۽ مارشل ٿيندو ويو، تڏهن به هو چوندو هو ته سارجنٽ جي جڳهه واري ڏاڪي هٿ ڪرڻ لاءِ مون ٻين سڀني جڳهن کان وڌيڪ محنت ۽ تڪليف ڪئي. فرانس جي لشڪري کاتي ۾، سپاهيگريءَ کان اهڙا اضافا ۽ چاڙها اڄ ڏينهن تائين هليا پيا اچن. ’چنگونيئر‘، سنه 1815ع، ۾ بادشاهي پهري واريءَ پلٽڻ ۾ سپاهي ٿي گهڙيو. ’مارشل، بو گوڊ‘ فرانس جو جنگي وزير، انهيءَ کاتي ۾ نوڪريءَ ۾ پهريائين دهل وڄائڻ وارو ڇوڪر هو؛ ۽ ’ورسيلز‘ جي تصويرخاني ۾ هن جي جيڪا تصوير رکيل آهي، تنهن ۾ هو پنهنجو هٿ دهل جي مٿان رکيو بيٺو آهي. اها تصوير هن پنهنجيءَ خواهش تي ائين ڪڍائي هئي. اهڙن مثالن مان فرانس جي سپاهين جي دل ۾ پنهنجي نوڪريءَ جو سچو شوق ۽ جوش جاڳي ٿو، جو سڀ ڪنهن کي مارشل جي عهدي تي پهچڻ جو امڪان خيال ۾ اچي سگهي ٿو.

هن ملڪ ۾، توڙي ٻين ملڪن ۾، جن ماڻهن رڳو پنهنجي اورچائيءَ، ڪشالي ۽ چالاڪيءَ سان پاڻ کي غريب پورهيتن جي حالت مان چاڙهي ڪمائتن ۽ زور وار مٿانهن قومي درجن تي پهچايو آهي، تن جا مثال بيشڪ ايترا گهڻا آهن، جو گهڻن ڏينهن کان اُهي نيارا نٿا سمجهڻ ۾ اچن، بلڪ عام رواجي پيا شمار ۾ اچن. انهن مان ڪن مک مک مثال تي نظر ڪري، چئي سگهجي ٿو ته فتحيابيءَ جو ضروري شرط ڪچيءَ ۾ مشڪلاتن ۽ مصيبتن سان سامهون ٿيڻ هو. انگلنڊ جي ’هائوس آف ڪامنس‘ ۾ هميشه اهڙا پنهنجا پاڻ چاڙهيل ماڻهو گهڻا پئي رهيا آهن؛ جي عام ماڻهن جي ذاتي محنت جا لائق نمونا آهن، ۽ اتي اُنهن جو گهڻو آدرڀاءُ ڪيو اٿن، ۽ اُنهن کي آبرو ڏنو اٿن، تنهن مان اسان جي قاعدي جوڙڻ واري انتظام جي تعريف ٿي نڪري. پارليامينٽ ۾ جڏهن مزورن جي ڏهن ڪلاڪن روز ڪمائڻ واري قانون جي مسودي تي بحث پئي هليو، تڏهن’جوزف بردرٽن‘ جو ’سالفرڊ‘ جي پاران ميمبر چونڊيل هو، تنهن گهڻي درد ۽ سوز سان مفصل بيان ڪري ٻڌايو ته ’جڏهن آءٌ ڪپهه جي ڪارخاني ۾ مزور ٿي ڪمائيندو هوس، تڏهن مو کي ههڙي ههڙي قسم جون تڪليفون ۽ محنتون ڪڍڻيون ٿي پيون. انهيءَ وقت مون دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيو هو ته جيڪڏهن مون کان ٿي سگهيو؛ ته ويچارن مزورن جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندس.‘ اها ڳالهه ٻڌي، ’سر جيمس گريهام‘، تاڙين وڄندي، اٿي چيو ته ’مون کي هيستائين بلڪل اها خبر نه هئي ته ڪو مسٽر بردرٽن اهڙي غريباڻي اصل مان آهي؛ پر جڏهن خيال ڪجي ٿو ته جو ماڻهو اهڙيءَ هيٺانهينءَ حالت مان اهڙو مٿي چڙهيو جو هن ملڪ جي قديم خانداني ماڻهن سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان هڻڻ اچي ويٺو، تڏهن هن کي هائوس آف ڪامنس ۾ ايتري فخر ڪرڻ لاءِ سبب آهي، جيترو اڳي ڪڏهن نه ٿيو هوندس.‘

مسٽر ’فاڪس‘، جو ’اولڊهام‘ جي طرفان ميمبر هو، سو هميشه جڏهن گذريون ڳالهيون ياد ڪري پنهنجي بيان ۾ آڻيندو هو، تڏهن پهرين هي لفظ چوندو هو ته ”جڏهن آءٌ ’نارچ‘ ۾ ننڍي هوندي اُڻڻ جو ڪم ڪندو هوس.“ پارليامينٽ جا ٻيا به ڪيترا ميمبر آهن، جي اڃا جيئرا آهن، ۽ جي اصل غريب ماڻهو هئا. مسٽر ’لنڊسي‘ مشهور جهازن جو مالڪ، جو ’سندر لئنڊ‘ جي طرفان ميمبر هو، تنهن جي برخلاف سندس ضد طرف وارن ڪي ڪجهه چيو هو، ان جي جواب  هن هڪڙي ڀيري ’وي مائوٿ‘ جي چونڊ ڪرڻ وارن کي پنهنجي حياتيءَ جي احوال جو مختصر بيان هيئن ڪري ٻڌايو: ”چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ منهنجا پيءُ- ماءُ مري ويا، ۽ آءٌ ڇورو ٿي پيس. جڏهن ’گلاسگو‘ مان نڪري، قوت گزران لاءِ ’لورپول‘ ڏي هليس، تڏهن رواجي ڀاڙي ڏيڻ جي به وسعت ڪانه هيم. آگبوٽ جي ڪپتان قبول ڪيو ته آءٌ پورهيو ڪندو هلندس، ۽ ان جي عيوض ۾ هو مون کي چاڙهي هلندو. انهيءَ طرح، آءٌ اڱرن جي خاني ۾ اڱر سوئيندو، اتي پهتس. ’لورپول‘ ۾ ستن هفتن تائين ته ماٺ ڪيو ويٺو هوس، جو ڪابه نوڪري ڪانه ملي سگهيم. اهو وقت ڏاڍيءَ تنگيءَ ۾ گذاريم، ۽ مَنهن ۽ ڇپرن ۾ ٽڪندو وتيس. نيٺ، هڪڙي الهندي جي ملڪن واري جهاز تي وڃي پناهه لڌيم. اتي مون کي، ڇوڪر ڄاڻي، اٿ- ويهه جي ڪم تي کڻي رکيائون. اوڻيهن ورهين کان اڳي، پنهنجيءَ چڱيءَ چال جي ڪري، جهاز جو ڪپتان ٿيس. ٽيويهن ورهين جي عمر ۾ مون سمنڊ جي نوڪري ڇڏي، ۽ اچي ڪناري تي گوشي نشين ٿيس. انهيءَ کانپوءِ، منهنجي ترقي تمام جلد ٿي. منهنجي حالت جو بهتر ٿي، سو انهيءَ ڪري جو آءٌ اڻورچ ٿي محنت ڪندو هوس، ۽ هميشه ڪم ۾ لڳو رهندو هوس. هميشه انهيءَ اصول تي هلندو هوس، ته ٻين سان اهڙي هلت ڪرڻ گهرجي، جهڙي ماڻهو ڀانئي ته ٻيا مون سان ڪن.“

’برڪن هيڊ‘ وارو مسٽر ’وليم جئڪسن‘، جو ’نارٿ ڊربي شائر‘ جي طرفان ميمبر هو، تنهن جو احوال به مسٽر ’لنڊسيءَ‘ جي احوال سان مشابهت رکي ٿو. هن جو پيءُ ’لئنڪاسٽر‘ ۾ هڪڙو ڊاڪٽر هو. اهو يارهن ٻار ڇڏي مئو، جن مان ’وليم جئڪسن‘ ستون پٽ هو. وڏا ٻار پيءُ جي جيئري چڱيءَ طرح پڙهايا ويا هئا، پر پيءُ جي مرڻ کان پوءِ، ننڍن کي پنهنجي لاءِ پاڻيهي مٿو هڻڻو پيو. ’وليم‘ ٻارهن ورهين جو به ڪين ٿيو هو ته ان کي اسڪول مان ڪڍي، ڪنهن جهازن واري ڪناري تي ڪمائيءَ لاءِ رکيائون، جتي هو صبوح جو ڇهين بجي تائين ڪمائيندو هو. جڏهن هن جو ڌڻي بيمار ٿي پيو، تڏهن هن کي ڪڍي هڪڙي صرافخاني ۾ رکيائون، جتي هن کي وڌيڪ فرصت ملندي هئي. انهيءَ ڪري هن کي پڙهڻ جو وجهه مليو، ۽ ڪنهن هنڌ، ”انسائيڪلو پيڊيا برٽئنيڪا“ ڪتاب جا سڀ جلد هٿ لڳي ويس، سي هن ’الف‘ کان وٺي ’ي‘ تائين سمورا پڙهيا، خاص رات جي وقت. تنهن کان پوءِ هن پاڻ کي واپار ۾ لڳايو، ۽ ڪشالي ڪرڻ سان ان ۾ فائدو حاصل ڪيائين. پوءِ ته ڪيترائي جهاز پنهنجا ٿي پيس، جي گهڻو ڪري سڀني سمنڊن ۾ پئي هليا، ۽ اڪثر دنيا جي سڀ ڪنهن ڏيهه ۾ هن جو واپار پئي هليو.

ساڳئي قسم جي ماڻهن ۾ ’رچرڊ ڪابڊين‘ به اچي وڃي ٿو. اهو به ٻين وانگي غريباڻيءَ حالت کان ٿي چڙهيو. هو ’سسيڪس‘ ۾ ’مڊهرسٽ‘ جي هڪڙي ننڍي آبادگار جو پٽ هو. ننڍيءَ عمر ۾ هن کي لنڊن ڏي موڪلي ڏنائون، جتي هو شهر جي هڪڙي گدام ۾ ڪمائيندو هو. هو محنتي ۽ چڱيءَ چال وارو هو، ۽ پاڻ کي گهڻين ڳالهين مان واقف ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هوس. سندس ڌڻي اڳئين زماني جي ڊول جو ماڻهو هو، سو گهڻي پڙهڻ کان منع ڪندو هوس؛ پر هي ڇوڪر رهندو ڪين هو، پنهنجي منهن ويو پڙهندو ۽ علم حاصل ڪندو. هو پهرين ته هڪڙيءَ معتبر جاءِ تان چڙهي ٻيءَ تي آيو؛ پوءِ جنهن ڪارخاني ۾ نوڪر هو، ان جي پاران ٻين ملڪن ڏي واپار لاءِ سفر ڪرڻ لڳو، جنهن ۾ هن هڪڙي وڏي ڪارخاني سان واسطو پيدا ڪيو، ۽ نيٺ هن مئنچيسٽر ۾ پنهنجي منهن هڪڙو سوٽي ڪپڙي چِٽڻ جو ڪارخانو شروع ڪيو. هن عام فائدي جي ڪمن ڏي، خاص عام ماڻهن جي تعليم ڏي، خيال رکيو، ۽ آهستي آهستي سندس ڌيان اُن جي قاعدن ڏي ڇڪيو. پوءِ ته انهن جي رد ڪرائڻ ۾ هن ڄڻ ته پنهنجي حياتي ۽ پنهنجي دولت لڳائي. اها عجيب ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي ته پهرين گفتگو جا هن ماڻهن ۾ ڪئي، سا ڪنهن ڪم جي ڪين هئي؛ پر هو اورچ، محنتي ۽ همت وارو هو، ۽ استعمال ۽ آزامودي سان نيٺ هو تمام فصيح ۽ اثرائتي گفتگو ڪرڻ وارن مان هڪڙو ٿيو. اهڙو، جو ’سر رابرٽ پيل‘ خود سندس تعريف ڪئي، جنهن جو ساڻس ڪوبه واسطو ڪونه هو. ’ڊروئن ڊي لوئيس‘، فرانس جي سفير مسٽر ’ڪابڊين‘ بابت هيئن چيو ته ’هو انهيءَ ڳالهه جي هڪڙي جيئري ثابتي آهي ته لياقت، اورچائي ۽ محنت ڇا ڪري سگهي ٿي. هو انهن ماڻهن جو هڪڙو عمدو مثال آهي، جي پنهنجي ذاتي لياقت ۽ حسن خدمتيءَ جي زور سان پاڻ کي گهٽ درجي ۽ غريباڻيءَ حالت مان چاڙهي، تمام وڏي ۽ آبروءَ واري درجي تي پهچائين ٿا. هو انگريزي قوم جي ذاتي لياقت ۽ سچيءَ خاصيت جو هڪڙو تمام عمدو ۽ عجيب نمونو آهي.“

انهن سڀني حالتن ۾، هرهڪ ماڻهوءَ جي علحدي محنت ۽ چالاڪي، سندس ناموس جي قيمت هئي؛ ڪنهن به قسم جي چڱائي ۽ هوشياري، هميشه سستيءَ جي پهچ کان ٻاهر رهي آهي. ماڻهوءَ کي پنهنجيءَ جند جي سڌاري، عقل جي واڌاري ۽ ڌنڌي ۾ جيڪا شي زور وٺائي ٿي، سا هَٿ ۽ مٿي جي محنت آهي. بلڪ جي ماڻهو ڄائي ڄم کان دولت ۽ درجي وارا آهن، سي به ڪنهن خاص ڪم بابت مشهور ٿيڻ گهرندا، ته رڳو محنت ۽ ڪشالي سان ڪري سگهندا؛ ڇا لاءِ جو جيتوڻيڪ ڪيتري به زمين ورثي ۾ ملي سگهي ٿي، تڏهن به علم ۽ عقل ورثي ۾ ملي ڪين سگهندو. دولتمند ماڻهو، پيسا ڏيئي، پنهنجو ڪم ٻين کان ڪرائي سگهي ٿو، پر اهو ناممڪن آهي ته هو ڪنهن ٻئي کان پنهنجي بدران خيال ڪرائي، يا ڪنهن به قسم جو ذاتي سڌارو خريد ڪري سگهي. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته محنت ۽ ڪشالي مان جو سڀ ڪنهن ڪم ۾ بزرگي ۽ فضيلت حاصل ٿي ٿئي، سو جهڙو دولتمند ماڻهوءَ جي حالت ۾، تهڙو ’ڊريو‘ ۽ ’گفرڊ‘ جهڙن غريب ماڻهن جي حالت ۾، جن ڳلي دوز جي دوڪان کان سواءِ، ٻئي ڪنهن مڪتب جو منهن ڪونه ڏٺو؛ يا ’هيوملر‘ جهڙي مسڪين جي حالت ۾، جنهن جي لاءِ ’ڪرومارٽي‘ جي پهڻن کوٽڻ جي کاڻ کان سواءِ ٻيو ڪو مدرسو ڪونه هو.

اها ڳالهه بلڪل صاف آهي ته دولت ۽ آسايش، ماڻهوءَ جي اعليٰ ترقي جي لاءِ بلڪل ضروري نه آهي؛ نه ته جيڪر سڀ ڪنهن زماني ۾ ايترا هيٺائهين درجي ۽ غريب نسل جا ماڻهو دنيا ۾ سڌاري ڪرڻ وارا پيدا ئي نه ٿين ها. سک ۽ عيش عشرت واريءَ حياتيءَ مان ماڻهن کي محنت ڪرڻ ۽ مشڪلات ۾ مٿي هڻڻ جي تعليم نٿي ملي؛ نڪي اُنهيءَ مان اُها همت ۽ جرات دل ۾ پيدا ٿئي ٿي؛ جا حياتيءَ جي چالاڪيءَ ۽ مردانگيءَ جي لاءِ ضروري آهي. مفلسي يا غريبي، ڪڏهن به مصيبت يا بدنصيبي ناهي؛ بلڪ يقين آهي ته همت جهلي پاڻ کي پاڻ واهر ڏيڻ سان، ان کي ڦيرائي، برڪت ۽ خوش نصيبي ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ مان ماڻهوءَ کي دنيا ۾ اُنهن ڪشالن ڪڍڻ ۽ مٿن هڻن ۾ همت حاصل ٿئي ٿي، جن ۾ اگرچ ڪي ڏک ڏسي پوءِ سک پائين ٿا، تڏهن به سچيءَ دل ۽ چڱي خيال وارا ماڻهو قوت، اُميد ۽ فتحيابي حاصل ڪن ٿا. ’بيڪن‘ چوي ٿو ته ”ظاهري ڪري ماڻهن کي نڪا مايا جي خبر ٿي پوي، نڪا اُن جي طاقت جي؛ مايا جي بابت حقيقت کان وڌيڪ ويساهه رکن ٿا، ۽ ان جي طاقت بابت حقيقت کان گهٽ. خود اعتباري ۽ خود- انڪاريءَ مان ماڻهو سکي ٿو ته پنهنجي چشمي مان پاڻي پيئجي، پنهنجي مٺي ماني کائجي، پنهنجي گذران جي لاءِ پيڙهجي ۽ محنت ڪجي، ۽ جيڪي چڱيون شيون کيس ڏنيون ٿيون وڃن، سي سنڀال سان کپائجن.“

ماڻهن جو سُڀائي ميل سک ۽ خود- آراميءَ ڏي آهي، ويتر دولت ته کين اُنهن ڏي وڌيڪ مائل ٿي ڪري؛ تنهنڪري جيڪي ماڻهو ڄائي ڄم کان دولتمند هوندي به پنهنجي زماني جي سڌاري ۾ چالاڪيءَ سان شامل ٿين ٿا، ۽ عيش عشرت وساري محنت ۾ ڏينهن گذارين ٿا، سي پاڻ وڌيڪ تعريف ۽ تحسين جوڳا آهن. هن ملڪ ۾ دولتمند ماڻهو سست ناهن، اها سندن ساراهه چئبي، ڇا لاءِ جو هو ملڪي ڪمن جو موچارو حصو ڪن ٿا، ۽ اڪثر اُنهن جي خوفن خطرن جو تمام گهڻو حصو سر تي کڻن ٿا. اُپٻيٽن واريءَ مشهور جنگ ۾ هڪڙي ننڍي جنگي عملدار کي ڏٺو ويو ته پنهنجيءَ پلٽن جي پاسي ۾، اڪيلو، گپ چِڪ مان ٽنگون هڻندو لنگهيو پئي ويو. انهيءَ کي ڏسي، هڪڙي ماڻهوءَ سندس بابت هي مزي جهڙا لفظ چيا ته ”اجهو ٿو وڃي پندرهن هزارن پائونڊن سالياني پيدائش وارو!“ خود اسان جي زماني ۾ به ’سباسٽوپول‘ جا خشڪ لهوارا ميدان ۽ هندستان جا گرم پٽ شاهدي ڏي ٿا ته اسان جي شريف قومن به اهڙي ئي ساڳي خود- انڪاري ۽ جانفشاني ڏيکاري آهي، ۽ ڪيترن ئي دولتمندن ۽ عزت وارن بهادرن ۽ شريف ماڻهن، پنهنجي ملڪ جي خدمتگذاري ڪندي، اُتي هڪڙيءَ نه ٻيءَ لڙائيءَ ۾ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي آهي، يا گنوائي آهي.

نڪي علم ۽ حڪمت جي وڌيڪ آرام وارن شغلن ۾ دولتمند ماڻهو نامشهور رهيا آهن. مثال لاءِ، علم ۾ هيٺيان وڏا نالي وارا ماڻهو وٺو: ’بيڪن‘، جو هاڻوڪيءَ حڪمت يا فلسفي جو پيءُ سڏبو آهي؛ ’ورسٽر‘، ’بائل‘، ’ڪاوهنڊش‘، ’ٽئلباٽ‘، ۽ ’راس‘. ’راس‘ ته گويا لارڊن يا اميرن ۾ هڪڙو وڏو پيشه ور يا ڪاسبي ماڻهو هو. اهڙو هو، جو جيڪڏهن ڄائي ڄم کان لارڊ نه هجي ها، ته جيڪر گهڻو ڪري تمام وڏو خيالي ۽ نون هنرن ڪڍڻ وارو ٿئي ها. لوهار جي ڪم ۾ اهڙو ماهر ۽ هوشيار هو، جو چون ٿا ته هڪڙي وڏي ڪارخاني وارو ماڻهو، جنهن کي هن جي اصل نسل جي خبر نه هئي، تنهن هن کي پنهنجي ڪارخاني جي مقدمي آڇي هئي. وڏيءَ راس واري دوربين، جا هن جوڙي هئي، سا في الحقيقت اهڙو عجيب اوزار آهي، جنهن جهڙو اڃا ٻيو ڪونه جڙيو آهي.

اسان جن وڏن ماڻهن مان گهڻن جيڪو محنت ۽ همت وارو پورهيو ڪيو آهي، سو خاص فضيلت ۽ حڪومت جي علمن ۾. انهيءَ قسم جي مشغوليءَ ۾ به ٻين مشغولين وانگي فتحيابي رڳو محنت، استعمال ۽ خوض سان حاصل ٿي ٿئي؛ ۽ جيڪو ملڪ جو وڏو مدبر يا پارليامينٽ جو مهندار هوندو، سو ضرور تمام گهڻي محنت ۽ ڪم ڪرڻ وارو هوندو- جهڙيءَ طرح ’پامرسٽن‘، ’ڊربي‘، ’رسيل‘، ’ڊزرائلي‘ ۽ ’گلئڊسٽن‘ هئا. هنن ماڻهن مان ڪنهن کي به ڏهن ڪلاڪن واري قانون جو فائدو ڪونه مليو هو، جو هو مزور نه هئا، ليڪن اهي سڀ پارليامينٽ جي مشغوليءَ واري وقت ۾ رات ڏينهن پئي وهيا آهن.

هن زماني جي اهڙن سخت پورهئي ڪرڻ وارن مشهور ماڻهن مان هڪڙو ’سر رابرٽ پيل‘ هو. هن کي لڳو لڳ سخت خيالي محنت ڪرڻ جي عجيب طاقت هئي. هن جانفشاني ڪرڻ ۾ ڪن گهٽايو. بيشڪ، هن جي حياتيءَ جي هلت مان انهيءَ ڳالهه جو هڪڙو چڱو مثال ملي ٿو ته موچاريءَ لياقت وارو ماڻهو، سخت محنت ۽ جانفشانيءَ جي وسيلي سان، ڪيترو نه ڪم ڪري ۽ فائدو پهچائي سگهي ٿو. هو چاليهه ورهيه برابر پارليامينٽ جو ميمبر رهيو، ۽ انهيءَ عرصي ۾ هن نهايت گهڻي محنت ڪئي. هو تمام سچو ۽ صافدل ماڻهو هو، ۽ جيڪو ڪم ڪندو هو، سو پوريءَ طرح ڪندو هو. جيڪي گفتگويون هن ڪيون، تن سڀني مان ظاهر آهي ته جنهن به مضمون تي هن ڪي لکيو يا ڳالهايو، تنهن تي هن ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان خوض ۽ ويچار ڪيو. هو ڪنهن به ڳالهه بابت ايترو گهڻو بيان ڪندو هو، جو ذري گهٽ حد کان لنگهي ويندو هو؛ ۽ ڏاڍي ڪوشش ڪندو هو ته ٻڌڻ وارن جي جدا جدا سمجهه ۽ لياقت موجب پنهنجي گفتگو بيهاريان. انهيءَ هوندي به، هو ڏاڍو تيزفهم ۽ پڪي ارادي وارو ماڻهو هو، ۽ ڪنهن به ڳالهه جي پوريءَ سمجهاڻيءَ لاءِ هٿ ۽ اک جي برابر ڪم آڻڻ جي چڱي طاقت هوندي هيس. هڪڙيءَ ڳالهه ۾ هو ٻين سڀني کان گوءِ کڻي ويو هو: هن جا خيال ۽ اصول، وقت سان گڏ وڌندا ۽ وڏا ٿيندا ويا؛ ۽ هن جي طبيعت، عمر جي ڪري، شوخ ۽ تنگ ٿيڻ جي بدران، نرم ۽ رسيلي ٿيندي ويئي. پڇاڙيءَ تائين هن ۾ ڪهڙن به نون خيالن جو اثر ٿي سگهيو ٿي. جيتوڻيڪ گهڻا ماڻهو ڄاڻندا هئا ته هو حد کان زياده خبردار آهي، تڏهن به هو اڳوڻي زماني ۽ گذريل وقت جي اهڙي اجائي تعريف نه ڪندو هو، جهڙي اڪثر انهيءَ قسم جي قابليت وارن ماڻهن کي عادت ٿيندي آهي، جن جي پيريءَ تي رڳو ارمان پيو ٿيندو آهي.

’لارڊ بروهم‘ جي سخت محنت ته بلڪ ضرب المثل ٿي وئي آهي. هن سٺ ورهين کان به وڌيڪ ملڪ جي خدمت ڪئي. انهيءَ عرصي ۾ هن گهڻن ئي مضمونن تي خيال رکيو، قاعدي تي، ڪتاب علمن تي، خيال علمن تي، ۽ ملڪي انتظام تي، ۽ انهن سڀني جي تحقيقات ڪرڻ ۾ هن مشهوري حاصل ڪئي. گهڻا ماڻهو حيران آهن ته الائجي ڪهڙيءَ تجويز سان هو ائين ڪري ٿي سگهيو. هڪڙي ڀيري جڏهن ’سئميوئيل راملي‘ کي ماڻهن ڪنهن نئين ڪتاب لکڻ لاءِ چيو، تڏهن هن عذر ڏنو ته ”مون کي وقت ڪونهي؛ پر اوهين هن شخص ’بروهم‘ کي وڃي چئو، شايد هن کي سڀ ڪنهن ڪم ڪرڻ جو وقت آهي.“ انهيءَ جو ڳجهه اهو هو، ته هو هڪڙو پل به اجايو نه وڃائيندو هو. انهيءَ هوندي به هو بدن ۾ ڏاڍو مضبوط هوندو هو. جڏهن ’لارڊ بروهم‘ انهيءَ عمر کي پهتو، جنهن ۾ گهڻا ماڻهو جيڪر دنيائي ڪم ڇڏي گوشي نشين ٿي، هيترن ورهين جي پورهئي کا پوءِ آرام ڀوڳين، ۽ شايد آرام ڪرسيءَ ۾ ويهي پنهنجو وقت پنڪين کائڻ ۾ گذارين، تڏهن روشنائيءَ جي قاعدن جي تحقيقات ڪرڻ لڳو، ۽ ڪيتريون وڏيون ۽ سخت آزمائشون ڪيائين، جن جا نتيجا هن پيرس ۽ لنڊن جي تمام گهڻن عالمن ۽ حڪيمن کي بيان ڪري ٻڌايا. ساڳئي وقت ۾، هن ’جارج ٽئين‘ جي راڄ وارن عالمن ۽ حڪيمن جي احوال بابت جيڪو عجيب ڪتاب لکيو هو، سو پئي ڇاپايو، قاعدي ۽ وڪالت جو ڪم به چڱيءَ طرح پئي ڪيائين، ۽ ’هائوس آف لارڊس‘ ۾ ملڪي تدبيرن ۽ بحثن ۾ به شامل پئي ٿيو. هڪڙي دفعي ’سڊبي سمٿ‘ سمجهايس ته ”تون رڳو ايترو ڪم ڪر جيترو ٽي مضبوط ماڻهو ڪري سگهن“؛ پر ’لارڊ بروهم‘ کي جو ڪم سان پيار هو؛ ۽ محنت جي عادت ٿي ويئي هيس، تنهن کي ڪيتري به مشقت هلاڪ نه ڪندي هئي. هن کي ڪم جي پورائيءَ سان اهڙي دل هئي، جو ڪن جو چوڻ آهي ته جي هو گهٽ درجي جو ماڻهو هجي ها ۽ جوتن کي ڪاري روغن هڻڻ جو ڪم ڪري ها، ته جيسي ساري انلگنڊ ۾ تمام چڱو روغن هڻڻ وارو مشهور نه ٿئي ها، تيسين آرام سان نه ويهي ها.

اميرن مان ٻيو هڪڙو محنتي ماڻهو ’سر اي بلؤرٽن‘ آهي. ڪي ٿورا مصنف هوندا، جن جدا جدا مضمونن تي هن  جيترا ڪتاب لکيا هوندا، يا جي هن جهڙا مشهور ٿيا هوندا، ڇا قصن ۽ افسانن لکڻ ۾، ڇا شاعريءَ ۽ ناٽڪ نويسيءَ ۾، ڇا تاريخ نويسيءَ ۽ گفتار نويسيءَ ۾، ۽ ڇا فصيح گفتگو ۽ ملڪ جي تدبير ۾. هن درجي بدرجي پنهنجي لاءِ رستو گهڙيو؛ هو آرام پسند نه هو، ۽ هميشه سڀني کان بهتر ٿيڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هوس. رڳو محنت جي نظر تي ئي، انگلنڊ م ڪي ٿورا اهڙا مصنف هوندا، جن هن جيترا گهڻا ۽ هن جهڙا عمدا ڪتاب لکيا هوندا. ’بلور‘ اها سڀ تڪليف پاڻ تي پنهنجي خوشيءَ سان هموار ڪئي هئي؛ تنهنڪري ته پاڻ سندس محنت وڌيڪ تعريف جوڳي آهي. شڪار ڪرڻ، بندوق هڻڻ، آرام سان رهڻ، مجلسن ۾ وڃڻ، ۽ راڳ ناچ جا تماشا ڏسڻ، توڙي ٻيا جيڪي تماشا صفائيءَ واريءَ موسم ۾ لنڊن منجهه ٿيندا آهن، ۽ پري پري جا ماڻهو اچي ڏسندا آهن، اُهي ڏسي، پوءِ ڪنهن ٻهراڙيءَ واري مڪان ۾ وڃي رهڻ، ۽ جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ، کليل هوا ۾ هزارين ٻيا مزا ماڻن، پيرس يا وائنا يا روم يا ڪنهن ٻئي ملڪ ڏي وڃي سير ڪرڻ: اهي سڀ ڳالهيون دولتمند ۽ عشرت پسند ماڻهوءَ کي گهڻيون وڻنديون آهن، ۽ هو نه چاهيندو آهي ته ڪنهن به قسم جي سخت محنت ڪري. انهيءَ هوندي به، جيتوڻيڪ اهي سڀ خوشيون ۽ لذتون ’بلور‘ جي پهچ ۾ هيون، تڏهن به هن پنهنجن ٻين همسرن جي مقابلي ڪري، اهي سڀ ڇڏي ڏنيون، ۽ علم ۽ قابليت واري ماڻهوءَ جي حالت ۽ مشغوليءَ ۾ پاڻ کي بند رکيو. ’بائرن‘ وانگي هن به پهرين شاعريءَ تي مٿو هنيو، ۽ جهنگلي گاهن ۽ گلن تي هڪڙو شعر لکيو؛ پر اهو ڪنهن کي به پسند نه آيو. تنهن کانپوءِ، هن هڪڙو ناول يا قصو ”فاڪلنڊ“ نالي لکيو، اهو به پسنديءَ جهڙو نه ٿيو. ٻيو ڪو گهٽ همت وارو ماڻهو هجي ها، ته وري ڪوبه ڪتاب نه لکي ها؛ پر ’بلور‘ سچي ۽ قائم مزاج وارو ماڻهو هو، تنهن فتحياب ٿيڻ جو پڪو ارادو ڪيو، ۽ ڪم ڪرڻ کان بس نه ڪيائين. هن پئي وڌيڪ محنت ڪئي، ٻئي زياده پڙهائين. نيٺ، همت سان، نااُميديءَ کان نڪري، فتحيابيءَ کي پهتو. ’فاڪلنڊ‘ کان پوءِ، ورهيه جي اندر، ”پيلهام“ لکيائين. تنهن کانپوءِ، ٽيهن ورهين کان به زياده عرصي ۾، جيڪي ڪتاب ’بلور‘ لکيا آهن، سي سڀ عمدا ۽ تعريف جهڙا آهن.

محنت ۽ ڪشالي سان ملڪ جي خذمتگاريءَ ۾ نالي ڪڍڻ جو ٻيو اهڙو مثال، مسٽر ’ڊزرائلي‘ مان ٿو ملي. ’بلور‘ وانگي، به پهريندي ڪتابي قابليت جا ڪم ڪيا، جن ۾ هن ڪيترين نااُميدين ۽ بيسود ڪوششن کان پوءِ، فتحيابي حاصل ڪئي. هن جي ”آلراءِ جو عجيب قصو“ ۽ ”ملڪي فساد جو داستان“ تي ماڻهو کليا، ۽ اُنهن کي چريائيءَ جهڙا ڪتاب سمجهيائون. پر، هن وري ٻين مضمونن تي محنت ڪئي، ۽ ”ڪاننگسبي“، ”سبل“ ۽ ”ٽئڪريڊ“ لکيائين، جن مان سندن ذاتي قابليت ۽ فضيلت معلوم ٿي. تقرير ڪرڻ ۾ به هن ’هائوس آف ڪامنس‘ ۾ جيڪا پهرين گفتگو ڪئي، تنهن سان هن ماڻهو کلايا، ۽ مٿس ٺٺوليون ۽ ٽوڪون ٿيڻ لڳيون. جيتوڻيڪ عبارت تمام عمدي ۽ رنگين ڪم ۾ آندائين ٿي، ته به جيڪو جملو ٿي واتان ڪڍيائين، تنهن تي کل جا ٽهڪا پئي آيا. مسخريءَ جهڙي نقل تي به ماڻهو ايترو نه کليا هوندا. پر، پڇاڙيءَ ۾ هن هڪڙو جملو ڳالهايو، جنهن مان هڪڙي پيش بيني معلوم ٿي: جڏهن ڏٺائين ته جنهن تقرير تي آءٌ هيترو خيال ڪري، مٿو هڻي، تيار ٿي آيو هوس، تنهن تي ماڻهن کل مچائي آهي، تڏهن ڏاڍو درد ٿيس، ۽ چوڻ لڳو ته ”ڪيترائي ڀيرا مون گهڻا ڪم شروع ڪيا آهن، ۽ آخر اُنهن ۾ فتحياب ٿيو آهيان؛ آءٌ هاڻ ويهي رهان ٿو، پر اُهو ڏينهن نيٺ ايندو، جڏهن اوهين خوشيءَ سان منهنجي گفتگو ٻڌندا.“ اهو وقت نيٺ آيو، ۽ ’ڊزرائليءَ‘ اهڙي عجيب تقرير ڪئي، جو دنيا ۾ سکرن ۽ شريفن جي پهرينءَ جماعت جو ڌيان اُن ۾ محو ٿي ويو. انهيءَ مان ثابت آهي ته سچيءَ همت ۽ پڪي ارادي سان ماڻهو ڇا ڇا ڪري سگهي ٿو؛ ڇا لاءِ جو ’ڊزرائلي‘ جيڪو درجو حاصل ڪيو، سو رڳو تحمل ۽ محنت سان. گهڻا جوان ماڻهو ائين ڪندا آهن جو جڏهن هڪڙي ڀيري ڪنهن ڪم ۾ فتحياب نه ٿيندا آهن، تڏهن، نااُميديءَ ۾، ان جي پچر ڇڏي وڃي گوشو وٺندا آهن، ۽ اُتي پيا ڪرڪندا ۽ جهرڪندا آهن؛ پر ’ڊزرائلي‘ ائين نه ڪيو، ۽ هڪدم سرجوشيءَ سان ڪم ڪرڻ لڳو. خبرداريءَ سان، جيڪي عيب ۽ ڪچايون منجهس هيون، سي ڇڏي ڏنائين؛ گفتگو ٻڌڻ وارن جي طبع ۽ طرز جانچي سهي ڪيائين؛ تقرير ڪرڻ جي هنر جي ڏاڍي سنڀال سان استعمالي ڪيائين؛ ۽ ڪشالو ڪري، پنهنجي مغز کي قاعدي جي اُصولن ۽ ملڪرانيءَ جي متن سان ڀريائين. هن صبر ۽ تحمل سان فتحيابيءَ جي لاءِ مٿو هنيو، جا نيٺ آهستي آهستي حاصل ٿيس. تنهن کان پوءِ، ساڳيءَ پارليامينٽ جا مشير، ’مٿس‘ کلڻ جي بدران، ’ساڻس‘ کلڻ لڳا. هن جي اوائل واري شڪست ۽ نااُميدي آخر ماڻهن کي وسري ويئي، ۽ سڀني همراءِ ۽ همزبان ٿي قبول ڪيو ته هو پارليامينٽ ۾ تقرير ڪرڻ وارن مان نهايت هوشيار ۽ قابل ماڻهو آهي.

جيتوڻيڪ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي ڌار ڌار محنت ۽ همت جي ڪري گهڻو ئي ڪي ڪري ٿو سگهجي. جيئن هيٺين صفحن مان معلوم ٿيندو. تڏهن به ايترو قبول ڪرڻ گهرجي ته حياتيءَ جي سفر ۾ جيڪا مدد اسان کي ٻين کان ملي ٿي، سا به گهڻي ڪفائتي ٿئي ٿي. ’ورڊسوَرت‘ شاعر جو هيءُ قول عمدو آهي ته ”هي ٻه شيون اگرچ ظاهري ڪري مختلف آهن، ته به ضرور گڏ رهنديون اينديون: مردانو تعلق ۽ مرداني بي تعلقي، مردانو اعتبار ۽ مرداني خود- اعتباري.“ معصوميءَ کان وٺي پيريءَ تائين، سڀني کي، پرورش ۽ تعليم جي لاءِ، ٿورو يا گهڻو، ٻين تي تعلق رهڻو ٿو ٿئي؛ ۽ جيڪي تمام چڱا ۽ مضبوط ماڻهو آهن، سي اڪثر اهڙيءَ مدد ملڻ جا خوشيءَ سان قبولدار ٿيندا. مثال لاءِ، ’اليڪسس ڊي ٽاڪول‘ جي حياتيءَ جو احوال وٺو. هو هر طرح بُڻائتو ۽ شريف ماڻهو هو؛ ڇا لاءِ جو سندس پيءُ فرانس جو هڪڙو مشهور امير هو ۽ سندس ماءُ ’ميلشربس‘ جي ڏهٽي هئي. خانداني زور ۽ هلنديءَ جي ڪري، هو ايڪهين ورهين جي ڄمار ۾ ’ورسيليز‘ جو جج. آڊيٽر مقرر ٿيو؛ پر شايد دل ۾ ڄاتائين ته اها جاءِ مون انصاف جي رستي پنهنجيءَ لياقت ڪري حاصل نه ڪئي آهي، تنهنڪري هن پڪو ٺهراءُ ڪيو ته اُها ڇڏي ڏيان، ۽ آئيندي جي عزت ۽ ترقي پنهنجيءَ جند جي ئي ڪوشش ۽ فضيلت جي اُپاءَ سان حاصل ڪريان. ڪي ماڻهو چوندا ته اهو هن جو ارادو بيعقليءَ جهڙو هو؛ پر ’ٽاڪول‘ انهيءَ تي عمل ڪري ڏيکاريو. هن اِهو عهدو ڇڏي ڏنو، ۽ بندوبست ڪري، فرانس مان نڪري، يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ سير ڪرڻ لاءِ هليو. انهيءَ سفر جو سربستو احوال، هن پنهنجي وڏي ڪتاب ”آمريڪا جي جمهوري حڪومت“ ۾ ڇاپائي پڌرو ڪيو. هن انهيءَ سفر ۾ جيڪا سخت محنت ڪئي، تنهن جو بيان سندس دوست ۽ سفر جي سنگتيءَ ’گسٽيو ڊي بومانٽ‘ ڏنو آهي. هو چوي ٿو ته ’هن جو سڀاءُ سڄوئي سستيءَ جي برخلاف هو. سفر ۾ هوندو هو يا هڪ هنڌ ويٺو هوندو هو، ته به هن جي دل هميشه هڪڙي نه ٻئي خيال ۾ مشغول هوندي هئي. ’آلڪس‘ کي سڀ کان چڱي اُها گفتگو لڳندي هئي. هن جي لاءِ تمام خراب ڏينهن اُهو هوندو هو، جو مفت ويندو هو، يا اجايو گذرندو هو، ٿوروئي وقت زيان ٿيندو هو ته هن کي خفو لڳندو هو.“ ’ٽاڪول‘ پاڻ هڪڙي دوست ڏي هيئن لکيو ته ”حياتيءَ جي ڪابه گهڙي ڪانهي، جنهن ۾ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن ڪم ڪرڻ کان بلڪل بس ڪري سگهي ٿو؛ ڇا لاءِ جو ٻاهرين مدد، ۽ اُنهيءَ کان وڌيڪ پنهنجي اندرين مدد، جيتري ننڍيءَ عمر ۾ ضروري آهي، تنهن کان زياده نه، ته به اوتري، پيريءَ ۾ به ضروري آهي. آءٌ ماڻهوءَ کي هن جهان ۾ اُنهيءَ مسافر سان مشابهه سمجهندو آهيان، جو ترسڻ کان سواءِ، جيئن پوءِ تيئن زياده، سرد طبقي ڏي پنڌ ڪندو وڃي. جئن مٿي وڃي، تيئن هن کي تکو تکو هلڻ کپي. روح جي لاءِ به وڏو مرض آهي سرديءَ جو؛ ۽ انهيءَ مهلڪ خرابيءَ جي روڪڻ ۾ ماڻهوءَ کي نه رڳو مشغول ٿيندڙ دل جي تحريڪ جي گهرج آهي، پر دنيا جي ڌنڌن ۾ پنهنجن هم جنسن جي ميلاپ ۽ صحت جي به گهرج ٿئي ٿي.“

جيتوڻيڪ ’ٽاڪول‘ جي پڪي راءِ هئي ته سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ذاتي همت ۽ خود- تعلقي هلائڻ ضروري آهي، تڏهن ٻين کان وڌيڪ هن کي انهيءَ مدد ۽ تقويت جو قدر هو، جا سڀني ماڻهن کي ٿورو يا گهڻو ٻين کان وٺڻ لاچار ٿي ٿئي. انهيءَ ڪري، هو اڪثر پنهنجن ٻن سنگتين، ’ڊي ڪر گالي‘ ۽ ’اسٽافيلس‘ جو شڪرگذار رهندو هو، جو هڪڙي کان عقلي دلين جي مدد ملندي هيس، ۽ ٻئي کان تحسين ۽ همدريءَ جي ’ڊي ڪرگارلي‘ ڏي هن هيئن لکيو ته ”تنهنجو ئي روح آهي، جنهن ۾ منهنجو پڪو اعتقاد ڄميل آهي، ۽ جنهن جي قوت جو سچو اثر منهنجي روح تي ٿئي ٿو. گهڻن ئي ٻين دوستن جو منهنجن ڪمن جي جدا جدا ڀاڱن تي اثر رهي ٿو، پر جهڙو تنهنجيءَ صحبت جو اثر ذاتي خيالن ۽ حياتيءَ جي اُصولن قائم ڪرڻ تي ٿو ٿئي، اهڙو ٻئي ڪنهن جو نٿو ٿئي.“ ’ڊي ٽاڪول‘، اهڙيءَ ساڳيءَ خوشيءَ سان، پنهنجيءَ زال ’ميريءَ‘ جا گهڻا احسان مڃيندو هو، جو هن سندس طبيعت ۽ مزاج کي اهڙو سنڀاليو ۽ پورو بيهاريو هو، جو کيس چڱيءَ طرح ڪتابن پڙهڻ ۽ خيالن پچائڻ ۾ هر طرح پئي مدد ملي. هن کي پڪ هئي ته عالي دماغ واري زال اُويسلائيءَ ۾ پنهنجي مڙس جي ذاتي لياقت وڌائي ٿي، ۽ هن جي حياتيءَ جي هلت سڌاري ٿي؛ پر خسيس طبيعت واري زال ضرور هن کي (ذليل) ڪري ٿي، ۽ هن جي حالت توڙي هلت خراب ڪري ٿي.

مطلب ته ماڻهوءَ جي اخلاقي طبيعت تي هزارن ڳالهين جو نازڪ ۽ مخفي اثر ٿئي ٿو، جنهن کان پوءِ اها قائم ٿئي ٿي- مثال ۽ تعليم جو؛ حياتيءَ جي هلت ۽ علمي قابليت جو؛ دوستن ۽ پاڙيسرين جو؛ جنهن دنيا ۾ اسين رهون ٿا، تنهن جو؛ ۽ اسانجن اُنهن گذريلن بزرگن جي روحن جو، جن جا چڱا ڪم ۽ قول اسان کي ورثي ۾ ملن ٿا. پر، جيتوڻيڪ قبول ڪجي ٿو ته بيشڪ انهن جو اثر تمام زور ڀريو آهي، تڏهن به اها ڳالهه بلڪل صاف آهي ته ماڻهو پنهنجي بهبوديءَ ۽ نيڪ ڪرداريءَ جا ضرور پاڻ جوابدار ۽ واسطيدار آهن. ڏاهن ۽ نيڪ ماڻهن کي ٻين مان ڪيترو ئي فائدو پهچي، ته به حقيقت ڪري ضرور آهي ته هو پاڻ طرح پنهنجا مددگار ٿين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org