سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: جولئن هوم

 

صفحو :11

باب چوويهون

ڊي وين جي ناتال جي موڪل

ڪيترا ڏينهن ته لارڊ ڊي وين خوف جهڙيءَ حالت ۾ هو، ۽ سندس بچڻ جي گهڻي اميد نه هئي. فڪر ۽ ڳڻتيءَ ڪري، هن جي چڱي ڀلي ٿي اٿڻ ۾ پئي دير پئي. جيڪا فڪر ۽ ڳڻتي هن جي نظر ۾ موت جهڙي هئي، سا هيءَ هئي ته هن جو اهڙو خيال ئي ڪونه هوندو ته کيس ڪو دشمن  آهي. ڇا لاءِ جو هو سڀني سان مروت ۽ مهربانيءَ جي رستي هلندو هو، ۽ ٻين جي خير ۽ محبت جو هميشه خيال رهندو هوس: خدا جي تعريف ۽ خلق جي فائدي جا وجهه پيو ڳوليندو هو، تنهن جي خراب ڪرڻ جي آزمائش ورتي ٿي ويئي، انهيءَ تي شرطون رکيون ويئون هيون، ۽ انهيءَ شيطاني ڪم ڪندي ههڙي ڏوهه جهڙيءَ غفلت ۽ بيخيالي ڪئي ويئي هئي. ڪاليج وارن ۾ ڊي وين گهڻو وقت نه گذاريو هو. ۽ فقط ڪن ٿورن چونڊيل دوستن جي محبت ۾ گذاريو هئائين، انهن دوستن مان هڪڙي يعني ڪئنيڊيءَ جنهن سان هن جي گهڻي محبت هوندي هئي، تنهن جيءَ جاءِ ۾، ۽ تنهن جي مانيءَ تي، اهڙي حرڪت ڪرڻ ۾ اچي، ۽ انهيءَ ۾ به هن جي شامليت جو شڪ هو: اِهي هيون ڳالهيون، جن جي ڪري، ڊي وين پنهنجي حياتيءَ کان بيزار هو، ۽ ملول ۽ غمگين رهندو هو. انهن فڪرن ۽ ڳڻتين ۾ فقط هڪڙي نازڪ ڳالهه هئي، جنهن مان هن کي ڪا خوشي پيدا ٿي ٿي، مگر اها ڳالهه هئي وايوليٽ سان محبت، جا اڃا ڳجهي هئي ۽ ظاهر نه ٿي هئي. ڪنهن ڪنهن مهل جڏهن انهيءَ جي صحبت ياد ٿي پيس، تڏهن سندس منهن البت سرهو ڏسبو هو، ۽ سندس دل البت خوش ۽ هلڪي ٿيندي هئي. انهيءَ نسبت ۾ پنهنجيءَ محبت جي نتيجي لاءِ، آئندي جي انتظار ۾ پيو خيال پچائيندو هو.

ڊي وين جي ماءُ، ليڊي ڊي وين، ”آٿرهال“ مان پنهنجي پٽ جي سنڀال ڪرڻ لاءِ اچي نڪتي هئي. اها پنهنجي بيمار پٽ واريءَ جاءِ ۾ پاسي واري ڪوچ تي ستي پيئي هئي. ماٺ لڳي پيئي هئي، جيڪي شاگرد ٻاهران آيا ويا، يا ڏاڪڻ تان لٿا ۽ چڙهيا ٿي، سي به آهستي ٿي هليا ته دٻڪو نه ٿئي، ڇا لاءِ جو ڊي وين جي حالت سخت هئي. شاگردن جو هن سان ايترو پيار هو جو سندس لاءِ پري پري کان مزي مزي جا گل ۽ ميوا آڻي گڏ ڪندا هئا. ”سينٽ ورنر“ جي ڪيترن ئي ليڊين، بيمار جي خدمت چاڪريءَ ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي، مگر ليڊي ڊي وين پنهنجي پٽ کي ٻين جي حوالي ڪرڻ نٿي گهريو.

اهڙيءَ حالت ۾ ناتال جا ڏينهن اچي پهتا، ۽ ”سينٽ ورنر“ جا سڀ ٻاهران آيل ماڻهو هليا ويا، ۽ اُهو شهر خالي ٿي پيو؛ ڪي ٿورا شاگرد وڃي بچيا هئا. ديول بندي پيئي هئي، ۽ صبح يا شام جو ڪوبه مٺو راڳ ٻڌڻ ۾ نٿي آيو. جولئن، لليسٽن، اوئن سڀئي موڪل تي هليا ويا هئا، ۽ هنن کي پنهنجي دوست جو گهڻو انتظار هو، جو هنن کي سندس خدمت چاڪريءَ ڪرڻ جو وجهه نٿي ڏنائون. ليڊي ڊي وين انجام ڪيو هو ته ڊي وين جي تندرستيءَ بابت فرصت مهل جولئن ڏانهن لکندي رهندي. هوءَ ويچاري ڪڏهن ڪڏهن هوا کائڻ لاءِ شام جو سڄي ڪاليج جي آسپاس نڪري ويندي هئي. رات جو جاڳڻ، ۽ فڪرن ۽ ڳڻتين ڪري ڏاڍي ملول رهندي هئي، ۽ هميشه خدا کان پنهنجي پٽ جي چڱڀلائيءَ لاءِ دعائون پيئي گهرندي هئي.

هڪڙي ڏينهن رات جو جڏهن سڀ ماڻهو هيٺ لهي ويا، تڏهن انهيءَ ليڊيءَ هڪڙي شاگرد کي ڏٺو جو آهستي ڏانهنس پئي آيو. هو قد جو ڊگهو ۽ چڱي ڊول ۽ شڪل جو هو، مگر غمگين ٿي ڏٺو. ويجهو اچي، ٽوپي لاهي سلام ڪيائين. ليڊي انهيءَ مهل وڻن ۾ پئي گهمي، سا هن کي سلام جو جواب ڏيئي اڳتي لنگهي هلي وڃي ها، پر هو ساڻس ڳالهائڻ لاءِ بيهي رهيو. چوڻ لڳو ته ”ليڊي ڊي وين!“ ليڊيءَ حيرت مان هن ڏانهن نهاريو. هن ڪنڌ هيٺ ڪري چيو ته  ”اوهين منهنجو نالو نٿا ڄاڻو. جي آءٌ اهو ٻڌائيندس ته شايد اوهين مون کي ڌڪاريندؤ، جو اوهان اڳي ئي منهجيون شڪايتون ٻڌيون هونديون، پر جي اجازت ڏيو ته آءٌ اوهان کي ڪي چوان.“ ليڊيءَ چيو ته ”تون مسٽر بروس ته ناهين؟“ هن چيو ته ”نه، منهنجو نالو ايڊورڊ ڪئنيڊي آهي. ڀلائي ڪري، مون ڏانهن اهڙيءَ ڪاوڙ يا نفرت مان نه نهاريو – آءٌ اهو سهي نٿو سگهان. لارڊ ڊي وين جي ههڙيءَ حالت هئڻ جي بدران آءٌ جيڪر خوشيءَ سان مري وڃان ها.“ ليڊيءَ چيو ته ”نه، مسٽر ڪئينڊي، آءٌ ڀانيان ٿي ته اوهان فقط ٿوري بيخيالي ڏيکاري، ٻيو ڪي ڪين ڪيو اٿوَ. جولئن هوم ڪيترائي ڀيرا اوهان جو ذڪر مون سان ڪيو آهي. مون کي يقين آهي ته هن جو چونڊيل  دوست اهڙو ڪمينو نه هوندو، جهڙو ڪي ماڻهو چون ٿا.“ هن جوش مان چيو ته ”اهي ماڻهو بلڪل ڪوڙا آهن. او، ليڊي ڊي وين، تنهنجي پٽ کي جيترو مان ۽ محبت آءٌ ڏيندو هوس، اوترو ٻيو ڪوبه ڪونه ڏيندو هوندو. آءٌ هينئر وڌيڪ قصو ڪرڻ نٿو گهران، مگر اوهان کي خاطري ٿو ڏيان ته آءٌ بيگناهه آهيان.“ ليڊي ڊي وين کي هن تي گهڻو قياس آيو. چيائينس ته ”مسٽر ڪئنيڊي، مون توکي معاف ڪيو، جي معافيءَ جو ڪو ضرور آهي، ۽ خود آرٿر به ائين ئي ڪندو. آءٌ ڀانيان ٿي ته هو نهايت نرمدل ۽ قياس وارو آهي. هاڻ مون کي معاف ڪجئين، جو مون کي هن ڏانهن موٽي وڃڻو آهي.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”هن کي ڏسڻ لاءِ ۽ خدمت چاڪريءَ ڪرڻ ۾ اوهان کي مدد ڪرڻ مون کي اوهين اجازت ڏيندؤ يا نه؟ موڪل جي ڏينهن ۾ جو آءٌ هتي رهجي ويو آهيان، سو فقط ايتري خاطر. مَن مون کي هن جي ويجهو رهڻ ڏيو ته پنهنجيءَ غفلت ۽ بيخياليءَ جي ڪا تلافي ڪريان.“

هن اهو عرض اهڙو شوق ۽ چاهه سان ڪيو جو ليڊي هن کي روڪي نه سگهي، تنهن کان سواءِ هن جي ڏکڀرئي حال تي گهڻي ڪهل آيس. چيائينس ته ”مسٽر ڪئنيڊي، جيترا ڀيرا توکي وڻي اوترا ڀيرا پيو اچج. جڏهن آرٿر ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ جهڙو ٿيندو ويندو، تڏهن تڏهن تون ڀلي اچي سندس ملاقات ڪج.“ ڪئنيڊي ليڊيءَ جي شڪر گذاري ڪري هليو ويو.

ٻئي ڏينهن صبح جو هو آيو، ۽ ليڊيءَ هن کي ڊي وين سان ملاقات ڪرڻ ڏني. هو آهستي آهستي هن جي جاءِ ۾ گهڙي ويو. ڳچ تائين ته بيهي هن جو ڦڪو منهن ڏٺائين اکيون خمار جهڙيون هيس؛ ۽ جيتوڻيڪ جاڳيو پئي، ته به پورو هوش نه هوس. پنهنجي منهن پيو بڦليو. ”وايوليٽ“ جو نالو پئي ورتائين، جو هن پئي ٻڌو. هڪڙي ڀيري ”وايوليٽ هوم“ به چيائين. ڪئنيڊي بلڪل ماٺ ڪري ويٺو هو، ۽ هن جي ڀڳلن ٽٽلن لفظن مان معلوم ڪري سگهيو ته هن جي جولئن جي ڀيڻ سان ڏاڍي محبت هئي. انهيءَ ڳالهه جي ڪئنيڊيءَ کي اڳي بلڪل خبر ڪانه هئي، پر هاڻ جڏهن پهريون دفعو اها ڳالهه معلوم ٿيس، تڏهن دل ۾ ڏاڍو حسد ۽ ساڙو ٿيس. شڪ پيس ته متان وايوليٽ زياده دولتمند ۽ وڏي ماڻهوءَ جي محبت ڏسي کيس وساري ڇڏي ۽ مڱڻو رد ڪري ڇڏي، يا سندس مائٽ ائين ڪرڻ گهرن. لحظي تائين جولئن ۽ وايوليٽ جون شڪليون سندس خيال ۾ آيون، پر پوءِ سگهوئي هو اهڙي شڪ آڻڻ ڪري شرمندو ٿيو، مگر دل ۾ بي آرامي بيشڪ ٿيس. في الحال ارادو ڪيائين ته ڪنهن ڏينهن جولئن کي چوندس ته سندس ڀيڻ سان منهنجي مڱڻي جي ڳالهه ڊي وين جي ڪن تي وجهي ڇڏي.

انهيءَ کان پوءِ به ڪيترائي ڏينهن هو اُتي پيو ايندو هو، ۽ بيمار جي نهايت گهڻي سنڀال ۽ ٽهل ڪندو هو. چوٿين ڏينهن، ڊي وين مس مس هوش ۾ آيو. معلوم ٿيس ته ماڻهن کان سواءِ به ڪيو ٻيو ماڻهو سندس جاءِ ۾ آهي، ۽ ڪنهن جي پڇڻ کان سواءِ سڃاتائين ته ”ڪئنيڊي “ آهي. تڏهن ضعيف آواز سان پڇڻ لڳو ته ”اهو ڪئنيڊي آهي ڪيئن؟“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”هائو، آءٌ آهيان.“ هن ٻي ورندي ڪانه ڏني، مگر ڏاڍو بي آرام ٿيڻ لڳو ۽ سيءَ پوڻ جي شڪايت ڪيائين. جڏهن ڪئنيڊي هليو ويو، تڏهن ڊي وين ماءُ کي آهستي چيو ته ”اما، شايد آءٌ بيمار ۽ بيعقل آهيان: پر، ڪنهن طرح، ڪئنيڊي جي هتي اچي ويهڻ ڪري مون کي ڏاڍي بي آرامي ٿي ٿئي؛ مون کي ڏاڍا خراب خيال دل ۾ ٿا اچن. جيسين آءٌ چڱو ڀلو ٿيان، تيسين هو نه اچي ته چڱو.“ ماڻس چيو ته ”ابا، چڱو. تون گهڻو نه ڳالهاءِ. آءٌ ئي اڪيلي تنهنجي سنڀال پئي ڪنديس. اميد آهي ته سگهوئي تون ”اٿر“ ڏانهن موٽي هلي سگهندين.“ هن چيو ته ”چڱو ٿيندو جو هن خراب جاءِ مان هميشه لاءِ نڪرندس.“ ماڻس وري به چيو ته ”ابا، گهڻو نه ڳالهاءِ. وري سمهڻ جي ڪوشش ڪر.“

سگهوئي پوءِ هن کي ننڊ کڻي ويئي، ۽ ليڊي ڊي وين ڪئنيڊيءَ ڏانهن هڪڙو خط لکيو ته ”آرٿر جي طبيعت برابر ناهي، تنهنڪري تون هن کي اچي ڏسڻ جي تڪليف نه وٺجئين.“ ڪئنيڊيءَ انهيءَ مان سمجهيو ته هو مون کي ڏسڻ نٿو گهري؛ تنهنڪري ڏک به ٿيس، ۽ پوءِ هو پنهنجا ڪپڙا ۽ ڪتاب گڏ ڪري ڳوٺ وڃڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو.

موڪل جو ڪو ڀاڱو هن کي ضرور ”الڊائون“ ۾ گذراڻو هو. وايوليٽ حيران هئي ته هو ڇو نه هيستائين اتي آيو آهي جو هن جي اچڻ لاءِ کيس گهڻو شوق هو. پر ڪئنيڊي ڄاڻي ٻجهي اوڏانهن نه ويو، ته متان سندس وڃڻ جي ڪري فرانڪ ۽ سئرل کي پنهنجيءَ ڀيڻ سان زياده وقت آزاد رهڻ جو وجهه نه ملي، جو پاڻ کي هنن جي وچ ۾ البت ڌاريون ٿي ڄاتائين. ايوا کي به اتي اچڻ جي دعوت ڏني هئائون؛ سو، موڪل جي ڳچ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ، هي ڀاءُ – ڀيڻ گڏجي اِلڊائون ۾ آيا، جتي هنن جي چڱي آڌرڀاءُ ٿي. جولئن هنن جي مسز هوم سان معرفت ڪرائي، ۽ ڪئنيڊي ڏاڍي پيار سان پنهنجي آئندي جي سس جو هٿ چميو. رات جو دير هئڻ سبب فرانڪ ۽ سئرل اڳي ئي وڃي سمهي رهيا هئا؛ پر فرانڪ کي پنهنجيءَ ڀيڻ جي مڱيندي جي ڏسڻ جو ايترو شوق هو، جو هن جي زور ڪرڻ تي جولئن ڪئنيڊيءَ کي سندن سمهڻ واريءَ جاءِ ۾ وٺي آيو، ۽ انهيءَ کي ڏسي هو ڏاڍو خوش ٿيو.

ڪئنيڊيءَ ۽ وايوليٽ جي ملاقات جي بيان ڪرڻ جو ضرور ڪونهي. هو هڪٻئي جي محبت ۾ مست ۽ خوش هئا. هنن جي صحبت ۾ ڪئمفرڊ وارا سڀ فڪر ۽ ڏک ڪئينڊيءَ کي وسري ويا. جن هنن کي ٿي ڏٺو، تن ٿي ڄاتو ته هو هر طرح هڪٻئي جا لائق هئا. جيڪي خوشيءَ جا ڏينهن هنن الڊائون ۾ گذاريا، تن ۾ جي ڪا غم جي ڳالهه هئي ته اها هئي ته سڀني کي ڊي وين جي بيماريءَ جو انتظار هو. صبح جي وقت جولئن  ڪئنيڊي گڏجي پنهنجو پڙهڻ جو ڪم ڪندا هئا؛ ۽ پوياڙيءَ شام جو وقت هو راند روند ۽ وندر ۾ گذاريندا هئا. ڪئينڊي ۽ سندس ڀيڻ ناتال جي مجلسن ۽ تماشن تي ويندا هئا، مگر رات جي وقت جڏهن سڀ گڏجي باهه تي اچي وهندا هئا ۽ ڳالهيون ٻولهيون ڪندا هئا، تڏهن هنن کي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. هيڏانهن ٻئي ڇوڪرا ويهي شطرنج جي راند ڪندا هئا، ۽ وايوليٽ ۽ ايوا سُئي جو ڪم ڪنديون هيون يا نقش ڪڍنديون هيون؛ هوڏانهن جولئن ۽ ڪئنيڊي، واري سان، هنن کي وڏي سڏ ڪو ڪتاب پڙهي ٻڌائيندا هئا. اهي ڏينهن هنن سڀني اهڙا چڱا گذاريا جو عمر ساري اُهي نٿي وساريائون.

ڪئنيڊيءَ جن جي اچڻ کان سگهوئي پوءِ، جولئن کي ڪاليج مان امتحان جي نتيجي جي ياداشت آئي. هو وري به پهرئين ڪلاس ۾ پاس ٿيو هو؛ مگر ڪئينڊي جو نالو ٽئين ڪلاس ۾ هو، جنهنڪري هن کي ڏاڍو خفو لڳو. وايوليٽ جولئن کان پڇڻ لڳي ته ”ڪهڙو سبب آهي جو ايڊورڊ رڳو ٽئين ڪلاس ۾ پاس ٿيو آهي: هوشيار ناهي ڇا؟“ هن ورندي ڏني ته ”آهي ته ڏاڍو هشيار. ڪاليج ۾ انهيءَ جهڙو هشيار ڪو ٿورو هوندو.“ وايوليٽ چيو ته ”تڏهن متان سست آهي؟“ هن چيو ته ”ادي، مون کي اهڙو ئي گمان آهي. تون ڪي همتائينس ته محنت ڪري.“

ان موجب، جڏهن ڪئنيڊي سندس جاءِ ۾ اچي ويٺو، تڏهن هن چيس ته ”ايڊورڊ، جي تون ڀانئين ته آءٌ خوش ٿيان ته ڪاليج ۾ محنت ڪري پڙهه.“ ڪئنيڊيءَ ساهه کڻي چيو ته ”او، ڪاليج جي بابت مون سان نه ڳالهاءِ. ڇڏ ته هاڻوڪو وقت بيفڪريءَ ۽ خوشيءَ ۾ گذاريون، آئندي جون ڳالهيون آئندي سان!“ وايوليٽ پڇيو ته ”سو ڇو؟ جولئن ته ڪاليج ۾ رهڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿو گذاري.“ هن چيو ته ”سچ آهي، جولئن ۽ ٻيا سڀ اُتي خوش آهن.“ وايوليٽ چيو ته ”تڏهن، ايڊورڊ، توکي به خوش رهڻ گهرجي.“ هن رڳو ايترو چيو ته ”او وايوليٽ، ڀلائي ڪري ”ڪئمفرڊ“ کي ڇڏي ڏي، ٻيو جيڪو ذڪر وڻيئي سو مون سان ڪر.“

نيٺ موڪل جا ڏينهن پورا ٿيا، ۽ جولئن کي اها خوشي ٿي ته ڪئنيڊي ۽ سندس وچ ۾ هڪ ڀيري وري به ويساهه پيدا ٿيو. ڪئنيڊيءَ جي جيڪا بدنامي ٿي هئي، تنهن جي نسبت ۾ هن وايوليٽ کي ڪي ڪين ٻڌايو. سگهوئي پوءِ، لارڊ ڊي وين کي ”اٿرهال“ ۾ آندائون، ۽ جولئن ۽ وايوليٽ کي سندس ماءُ سميت اوڏانهن وڃڻ جي دعوت آئي ته اُتي وڃي رهن، جيسين ڪاليج کلي. ڇوڪر موٽي اسڪول ۾ ويا هئا، تنهنڪري هنن خوشيءَ سان اوڏانهن وڃڻ قبول ڪيو.

وايوليٽ جي ”اٿرهال“ ۾ پير وجهڻ کان پوءِ، ڊي وين تمام جلد بهتر ٿي ويو. انهيءَ جي حاضر رهڻ ڪري هن ۾ نئين سر ساهه پيو؛ ۽ ڏاڪڻ کان هيٺ به لهڻ لڳو، بلڪ باغ ۾ به گهمڻ لڳو. مطلب ته ”هوم“ وارن جڏهن موٽي وڃڻ جي ڪئي، تنهن کان اڳي هو بلڪل چڱو ڀلو ٿي پيو. هنن جي رواني ٿيڻ جي اڳينءَ رات، هو وايوليٽ سان گڏ مٿي ماڙيءَ جي ايوان تي ويٺو هو، ۽ باغ جي وڻن جي پٺيان سج به لهڻ تي هو، تنهن تي، ۽ جي هرڻ ٽَڪرن تي پئي چريا، تن تي نهاريائون: انهيءَ وقت هن جي دل ۾ آيو ته پنهنجي محبت هن وٽ ظاهر ڪري. هن ڏانهن نهاري، هن جو هٿ جهلي چوڻ لڳو ته ”وايوليٽ، توکي ضرور هيستائين معلوم ٿي ويو هوندو ته منهنجي توسان گهڻي محبت آهي. خبر ناهي ته تنهنجي به مون سان آهي يا نه. آءٌ ته تنهنجي لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ واسطي تيار آهيان!“ هيءُ ٻڌي وايوليٽ حيران ٿي ويئي. پنهنجي ۽ لارڊ ڊي وين جي درجي جي وچ ۾ فرق جي هن کي پوري خبر هئي، تنهنڪري اهڙو خيال ڪڏهن به هن جي دل ۾ نه گذريو هو ته هو ڪو سندس محبت ۾ ڦاسي ويندو. هن کي هيستائين پنهنجي ڀاءُ جو دوست ڄاڻي، ساڻس گهرائيءَ جي هلت چلت ڪندي هئي. آخر هن کي چوڻ لڳي ته ”پيارا ڊي وين، آءٌ هميشه توکي دوست يا ڀاءُ سمجهي پيار ڪندي رهنديس – پر شايد توکي خبر ڪانهي ته آءٌ اڳي ئي مڱيل آهيان!“ هن دانهن ڪري چيو ته ”ڇا، مڱيل؟“ ۽ سندس منهن جو رنگ ئي لهي ويو. وايوليٽ چيو ته ”هائو، آءٌ ايڊورڊ ڪئنيڊيءَ سان مڱيل آهيان.“ هن جي ايتري چوڻ تي ڊي وين سندس پيرن وٽ بيهوشن وانگي ڪري پيو. تڏهن انهيءَ کي چوڻ لڳي ته ”آرٿر، پيارا آرٿر، انهيءَ نااميديءَ ڪري تون پاڻ کي اهڙو بيحال ٿيڻ نه ڏي. مون کي ڀيڻ وانگي ڀلي پيو پيار ڪر. ائين ڄاڻ ته آءٌ اڳي ئي پرڻيل آهيان. ڀلي ته هڪٻئي جي دوستيءَ ۽ خير خواهيءَ مان پاڻ کي گهڻن ورهين تائين خوشي ٿيندي رهي.“ پر ڊي وين اڃا بدن ۾ ضعيف هو؛ اهڙي صدمي سهي سگهڻ جهڙو نه هو. سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. چوڻ لڳو ته ”مون کي معاف ڪجئين، وايوليٽ، مون کي معاف ڪجئين!“ وايوليٽ چيو ته ”مون کان معافيءَ گهرڻ سان تون مون کي وڏو مان ٿو ڏين. تون پاڻ جهڙي ڪنهن وڏي درجي واريءَ خانداني زال سان شادي ڪج، نه مون جهڙيءَ هڪڙي غريب پادريءَ جي يتيم ڇوڪريءَ سان. اميد آهي ته انهيءَ ڪري تون ايترو ڏک نه ڪندين جو وري زياده بيمار ٿي پوين. آرٿر، همت جهل – پنهنجيءَ ماءُ جي خاطر، منهنجي خاطر، همت جهل، پاڻ اهڙيءَ طرح گذارينداسين جو ڄڻ ته پنهنجي وچ ۾ اهڙيءَ طرح جي ڪابه ڳالهه ٿي نه گذري آهي.“

جڏهن پوءِ ڊي وين اٿي پنهنجيءَ جاءِ ڏانهن هلڻ لڳو، تڏهن وايوليٽ هن کي ٻانهن جي ٽيڪ تي اوڏانهن وٺي هلي؛ ۽ جڏهن هن منهن ڦيرائي وايوليٽ جي هٿ کي چمي ڏني، تڏهن وايوليٽ ڏٺو ته اهو اکين جي پاڻيءَ سان ڀرجي ويو هو.

ٻئي ڏينهن هو گهر ويا، ۽ اتي ليڊي ڊي وين جو خط هنن کي پهتو، جنهن ۾ لکيل هو ته ”آرٿر زياده بيمار ٿي پيو آهي، تنهنڪري ڪجهه وقت تائين هوا بدلائڻ لاءِ ”اسڪاٽلنڊ“ ۾ پنهنجي هڪڙي گهر ۾ وڃي رهنداسين؛ پوءِ ورهيه کن تائين يورپ جي جدا جدا ملڪن جو سير ڪنداسين. مگر مون کي شڪ آهي ته آرٿر وري سخت بيمار ٿي پيو آهي. پيارا دوست، دعا ڪجو ته خير سان وري ڪنهن وقت خوشيءَ جي حالت ۾ گڏجون.“

باب پنجويهون

يادگيري، خدا جو ڪتاب آهي

هن وقت ڌاري جولئن جي ڪاليج جي ڏينهن بابت اهڙي ڪا گهڻي ڳالهه ڪانهي جا لکجي. رواجي هيٺين شاگردن وارا ڪم ماٺ ۾ پيا هلندا هئا. پر حياتيءَ جي ٻين ڏينهن کان اُهي وڌيڪ خوشيءَ جا ڏينهن هئا، سواءِ ٻاراڻيءَ وهيءَ جي. هو پڙهندو هو؛ ليڪچر وڃي ٻُڌندو هو؛ بتيلن هلائڻ جي ورزش ڪندو هو؛ گريڪ ۽ لئٽن ٻولين، حسابي ڪمن ۽ فلسفي تي محنت ڪندو هو؛ ڪڏهن ڪڏهن بحث هلائڻ ۽ گفتگو ڪرڻ وارين مجلسن ۾ شامل ٿيندو هو؛ فوٽبال ۽ ٻيون اهڙيون رانديون به ڪندو هو، ۽ وقت جي مک هلندڙين ڳالهين بابت، مانيءَ کائڻ واري صفي ۾ توڙي شاگردن جي ڪوٺين ۾، ذڪر هلائيندو هو؛ ۽ ڪڏهن وري ڪنهن جهوني شاگرد وٽ ناشتو کائيندو يا شراب پيئندو هو؛ ۽ ديول ۾ نماز پڙهڻ جي وقت کان وٺي سمهڻ جي وقت تائين ڪنهن وڏي شاعر يا مصنف جو ڪتاب پڙهندو هو، جنهن کان پوءِ ڪو مزي جهڙو راڳ ڀُڻڪندو، ڳائيندو، وڃي هنڌ تي سمهي رهندو هو.

اهي ڏينهن ڏاڍيءَ خوشيءَ جا هئا: دوستيون خوشيءَ جون هيون، پڙهڻ خوشيءَ جو هو، رانديون خوشيءَ جون هيون – دنيا جي سڀني فڪرن کان آزادگيءَ جي خوشي هئي. عمدا خيال ۽ اعلى اميدون ٻين جي ڀائپيءَ جهڙي واقفيت ۽ محبت، ۽ ننڍي عمر جي خوشدلي – اهي سڀ ڳالهيون شاگرد جي لاءِ اهڙيون آهن، جهڙيون سندس حياتيءَ جي اوڄ لاءِ تاڃي ۽ پيٽي جون تندون آهن. هر روز هن کي معلوم ٿي سگهيو ٿي ته زياده علم حاصل ڪندو وڃان، ۽ اها همت ۽ طاقت هٿ ڪندو وڃان، جا حياتيءَ جي ايندڙ زياده مشڪل ڪمن ۾ ڪمائتي ٿي سگهندي.

انهيءَ سال وارن سڀني شاگردن ڪاليج جي اسڪالرشپن لاءِ محنت پئي ڪئي. اگرچ اُهي سالياني پنجاهه پائونڊن کان مٿي نه هيون، ته به جن کي اُهي ملنديون هيون، تن کي مانيءَ کائڻ واري صفي ۾ توڙي ديول ۾ عزت جهڙيون ويهڻ جون جايون ملنديون هيون؛ ۽ اڪثر انهن مان ئي ”فيلو“ چونڊيا ويندا هئا؛ تنهنڪري چالاڪ ۽ محنتي شاگرد انهن جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.

جولئن اڃا پنهنجن جهونن دوستن سان آمدرفت ڪندو هو، جيتوڻيڪ ٻيا به گهڻائي سندس دوست هوندا هئا، مگر ڊي وين جي بيماريءَ ڪري هن جي سنگت ۾ وڏو خندق پئجي ويو هو، ۽ اُهو اڃا اهڙو نه هو جو خط پٽ لکي. پڙهائڻ وارن مان جولئن مسٽر ائڊمر کي پسند ڪرڻ لڳو هو، جو حقيقت ڪري چڱي خيال ۽ چڱيءَ دل وارو ماڻهو هو – اگرچ سندس مطلبن ۽ ارادن پورن نه هئڻ ڪري گوشائتو گذاريندو هو، ۽ موڙهو وتندو هو.

ڪئنيڊي به جولئن وانگي هميشه اها اميد رکندو هو ته پهرينءَ ڪوشش سان اسڪالرشپ هٿ ڪري؛ مگر جڏهن هاڻ باقي هڪڙو ٽرم وڃي بچيو هو، تڏهن ايترووقت نه هو جو هو انهيءَ لاءِ پوريءَ طرح پڙهي تياري ڪري سگهي. گهران موٽي اچڻ کان پوءِ هن پڪو ارادو ڪيو هو ته محنت ڪري، ۽ سڀ خراب سنگتي ۽ خراب رستا بلڪل ڇڏي ڏئي. وايوليٽ جو خوبصورت منهن هر وقت سندس خيال ۾ رهندو هو، جنهنڪري هو انهيءَ ڳالهه ڪري شرمندو ٿيندو هو ته هن چڱا وجهه ۽ گهڻو وقت اجايو وڃايو آهي.

هڪڙي ڀيري مسٽر ائڊمر هن کي چيو ته ”ڪئنيڊي تون ڪيئن اهڙو سست رهي ٿو سگهين؟ ناتال واري امتحان جا ڪي پرچا تنهنجي جوابن جا مون ڏٺا هئا، سي اهڙا خراب هئا جو تنهنجي درجي جا لائق ئي نه هئا.“ هن چيو ته ”اها مون کي خبر آهي، مگر آءٌ ڇا ڪريان: هڪڙو ڪم مون فقط هڪدفعو پڙهيو، ٻيو اصلي مون ڏٺو ئي ڪين، ۽ ٽئي کي هٿ ئي ڪو نه لاتم.“ مسٽر ائڊمر چيو ته ”ائين ڪرڻ جو توکي ڪهڙو عذر هو؟ مون کي سچ پچ توتي ڏاڍي ڪاوڙ ٿي اچي، تون پنهنجا پئسا توڙي پنهنجو وقت اجايو ٿو وڃائين. اهڙي سجائي ڪم ڪرڻ جو وجهه ماڻهوءَ کي حياتيءَ ۾ فقط هڪڙو ڀيرو ٿو ملي. سگهوئي تنهنجا ڪاليج جا ڏينهن اچي پورا ٿيندا، پوءِ تون ڪهڙا نتيجا ڏيکاريندين، ۽ ڪهڙيون ڳالهيون ياد ڪندي؟“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”جيڪي چئو ٿا سو سڀ سچ آهي.“ هن چيو ته ”اها به خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ايترو تون قبول ڪرين ٿو. مون کي ته پهرين اهڙو ڊپ هو ته تون به انهن نفرت جهڙن سکرن مان آهين، جي محنت ڪرڻ ۽ پڙهڻ کي ڌڪاريندا آهن.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”نه، مسٽر ائڊمر، آءٌ انهن مان ناهيان. منهنجي سستيءَ جا ٻيا سبب هئا.“ هن چيو ته ”تڏهن براگٽن ۽ اهي ٻيا، جي اڪثر تنهنجي سنگت ۾ ڏسبا آهن، سي ڀلا توکي ڇا سيکاري سگهندا؟ انهن مان ڪهڙي کي پوءِ تون ياد ڪندو رهندين؟“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”ڪوبه نه. آءٌ سڀني کان بيزار آهيان.“ مسٽر ائڊمر چيو ته ”تڏهن، پيارا ڪئنيڊي، آءٌ خير خواهي جي نظر تي توکي ٿو چوان ته تنهنجو نالو جو بد ٿيو آهي سو فقط هڪڙيءَ سنگت کان؟“ هن ورندي ڏني ته ”اهو آءٌ پاڻ ڏسان ٿو. چوڻ جو ڪو به ضرور ڪونهي، هر ڪنهن جي منهن مان آءٌ معلوم ڪري سگهان ٿو. ڊي وين جي غير حاضريءَ جو عتاب اڃا منهنجي سر تان لٿو ئي ناهي، ۽ انهيءَ کان ماڻهو اڃا مون کي معافي نٿا ڏين، جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ حقيقت ڪري منهنجو ڪوبه ڏوهه ڪونهي. هوم ۽ لليسٽن کان سواءِ هڪڙو به اهڙو ماڻهو ڪونهي، جو مون ڏانهن اُبتيون اکيون ڪري نٿو نهاري. گريسن ۽ ٻيا پڙهائڻ وارا ته مون ڏانهن سڀ نفرت جي نگاهه سان ٿا نهارين؛ پر انهي جي مون کي پرواهه ڪانهي.“ مسٽر ائڊمر چيو ته ”تڏهن تون ڪو حيرت جهڙو ماڻهو آهين جو ايتري خبر هوندي به پاڻ کي سست رکندو ۽ بدنام ڪندو اچين!“

ڪئنيڊيءَ فقط ڪنڌ لوڏيو. سندس دل تي اڳي ئي چڱو اثر ٿيڻ لڳو هو. اڳي ئي هن کي نااميدي نظر پئي آئي، ۽ ڄاتائين ٿي ته نالو ناموس حاصل ڪرڻ نهايت مشڪل ڪم آهي؛ ڇا لاءِ جو هن جي ارادن کي سخت روڪون ٿيڻ لڳيون  هيون. ٻه وڏيون ۽ صاف ڳالهيون آهن، جي پشيمانيءَ ۽ توبهه جي رستي تي ماڻهوءَ لاءِ ڇپ هڻندڙ شينهن وانگي آهن. هڪڙي اها ته اسان کي اهڙيون خراب عادتون پئجيو ٿيون وڃن، ۽ سنگت ۽ دستور جي ڪري اسان جي حالت اهڙيءَ لاچاريءَ جهڙي ٿيو پوي، جو اسان جي آسپاس جي هوا، جا ساهه کڻڻ ۾ ٿي اچي، سا به ڄڻ ته زهر واري ٿي وڃي ٿي؛ ٻي اها ته جسماني عالم ۾ گناهن جي معافي ملي نٿي سگهي. جي اسين بدڪاري ۽ گناهه ڪرڻ کڻي ڇڏي ڏينداسين، ته به جيڪي ڏوهه ڪيا اٿون تن جي سزا کان ڇٽي نه سگهندا سين. گناهن جي معافيءَ جي معنى انهن جي نتيجن جي معافي ناهي. جن خراب نتيجن کان اسين ڊڄون ٿا، سي آئندي جي نااميديءَ ۽ اونداهيءَ جي ڪري هميشه اسان جي اکين اڳيان بيٺا آهن، ۽ پيا ڊيڄارين – پوءِ ڀلي اسين انهن ڏانهن پيا وڃون، ته به اوتري ڳالهه، ۽ جي انهن کان پري ڀڄون، ته به اوتري ڳالهه.

پر انهن مشڪل ڳاليهن جو ڪئنيڊيءَ جي دل تي وڏو اثر ٿيو. هن جو قصور پنهنجي پاڻ سزا هو، ۽ سزا به تمام ڳري. جيڪو وقت ضايع ڪيو هئائين، سو وري هٿ اچڻ جو نه هو. جيڪي دوستيون ڳنڍيون هئائين، سي اهڙيون گهاٽيون ٿي ويئون هيون جو ڇنڻ جون ئي نه هيون. سڀ کان وڌيڪ هيءَ ڳالهه ته ڊي وين کي خرابيءَ ۽ نقصان رسائڻ ۾ جيڪو سندس نالي کي داغ لڳو هو، تنهن هن جي ايتري بدنامي ڪئي هئي جا لهڻ جي ئي نه هئي.

مثلاً، بروس ۽ براگٽن جي معرفت جن ماڻهن سان واقفيت پيدا ڪئي هئائين، تن جي سنگت ڇڏي ڏيڻ اعتراض جوڳي هئي. اُهي پئسا لهڻندا هئس، جي في الحال ڏيئي نٿي سگهيو؛ شرطن جون چٽيون انهن کان سواءِ ڀري ڏيڻون هيس. پهرين ته اهي سڀ پئسا ڏيئي، پوءِ انهن کان جند ڇڏائي ٻيءَ صحبت ۾ داخل ٿئي: هاڻ اهي پئسا اچن ڪٿان؟ انهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي خرابيءَ جهڙا خيال دل ۾ ٿي آيس. هڪڙو رستو پنهنجي جند ڇڏائڻ جو سجهيس، ۽ انهيءَ تي نيٺ عمل ڪرڻ لڳو. ڪاليج جي ٻئي رواجي خرچ کان سواءِ، هن کي پيءُ کان ٻي به معقول رقم ملندي هئي؛ انهيءَ مان وڏو ڀاڱو هو کيس خانگي تعليم ڏيڻ وارن ماسترن جو پگهار، جو هڪ ٽرم لاءِ اٽڪل ست پائونڊ هوندو هو، جو هو پنهنجي هٿ سان ڏيندو هو. هن ارادو ڪيو ته پيءُ ڏانهن لکي ته هن پوئين ٽرم لاءِ ماسترن کي ٻيڻو پگهار ڏئي – يعني اڳي جو انهن وٽ هڪ نه ٻئي ڏينهن پڙهندو هو، تنهن جي بدران ڏهاڙي پڙهي. انهيءَ رستي هن کي هڪدم اٺاويهه پائونڊ ملي ويندا، جن مان هو پاڻ ڪفايت سان گذاري ۽ اهو پنهنجو ڪِنو قرض ادا ڪري، جنهنڪري انهن بدمعاشن جي صحبت مان پنهنجي جند ڇڏائي سگهي. انهيءَ تجويز ۾ هيترو عيب هو ته پنهنجي پيءُ جي اطلاع ۽ اجازت کان سواءِ هو اهي پئسا ماسترن کي نه ڏئي ها، پر ٻين ڪمن ۾ لڳائي ها. حقيقت ڪري اها هڪڙي ويساهه گهاتي يا ٺڳي هئي، پر اهڙيءَ تنگ ۽ مشڪل حالت ۾ ڪئنيڊيءَ جي خيال ۾ اهڙو ڪو به اعتراض ڪونه آيو. دستور آهي ته جي ڳالهيون ٻين ۾ عيب ۽ قصور نظر اينديون آهن، سي پنهنجيءَ جند جي حالت ۾ نه اينديون آهن. پنهنجي لاءِ اهو عذر  ٺاهيائين ته بابي کي جي ههڙي حال جي خبر پوي، ته به جيڪر ائين ئي ڪري – يعني جيئن کيس ڪاليج جي تعليم جو بهتر فائدو حاصل ٿئي. هن ڄاتو ته هي جو آءٌ ڏوهه ڪريان ٿو، سو پاڻ کي بدراهيءَ ۽ گمراهي کان بچائڻ لاءِ ٿو ڪريان.

جڏهن اسڪالرشپ جو امتحان ويجهو آيو، ۽ ناتال واري امتحان ۾ پاس نه ٿيو، تڏهن پڻس کي لاچار ٿيو ته هن کي هر طرح سان پئسي جي مدد ڪري. هن کي اها خبر ڪانه هئي ته ”ڪئمفرڊ“ ۾ پڙهڻ جي ٻيڻي وقت لاءِ ٻيڻي پگهار جو دستور ڪونه هو، ۽ ناممڪن هو. هو ويچارو رڳو ايتري ۾ خوش ٿيو جو ڄاتائين ته پٽس کي پڙهڻ ۽ محنت ڪرڻ جو گهڻو شوق آهي، سو سواءِ دير ۽ زياده خيال جي گهُربل پئسا ڏياري موڪليائينس، ۽ شاباس به ڏنائينس پر انهيءَ شاباس مان هن کي اندر جا ڏاڍا سخت چڪ لڳا.

اهي پئسا ته جيئن رٿيا هئائين تيئن خرچ ڪيائين، مگر ائين ڪرڻ ڪري هن پنهنجيءَ دل تي پاڻ زياده غم ۽ ڳڻتي ۽ پشيمانيءَ جو بار وڌو. قرض سڄو ته نه لٿس، مگر گهڻو هلڪو ٿيس؛ جوابازيءَ ۾ جيڪي ڏيڻو هوس، ۽ جيڪي شرطون هاريون هئائين، سي ڀري ڏنائين، ۽ انهن کان پنهنجي جند ڇڏايائين؛ مگر اندر جي چڪن کان پنهنجي جند نه ڇڏائي سگهيو. ليڪن، آهستي آهستي، اڳوڻيءَ خراب صحبت کان پري ٿيڻ ۽ پڙهڻ ۾ محنت ڪرڻ لڳو. حقيقت ڪري هڪڙو ماڻهو حياتيءَ جي ٻن حالتن ۾ رهڻ لڳو، جنهنڪري هن کي خود پاڻ ۾ به ٻچاپڙائيءَ  يا رياڪاريءَ ۽ ڍونگ جو شڪ پئي پيو. جولئن، اوئن ۽ اهڙن چڱن شاگردن سان هو عزت ۽ اخلاق، نيڪيءَ ۽ فرض ادا ڪرڻ جهڙين ڳالهين جو ذڪر هلائيندو هو، ۽ اهڙن گڻن وارن جي تعريف ۽ اوگڻن وارن جي گلا ڪندو هو؟ مگر خدا کان سواءِ، ۽ خود کانئس سواءِ، ٻئي ڪنهن کي خبر هئي ته اهي رڳو وقت جون ڳالهيون آهن، ۽ پاڻ سچ پچ اهڙو ڪين آهي؟

هن جي ظاهري بهتر حالت ڏسي، جهڙو جولئن هوم خوش ٿيو، اهڙو ٻيو ڪوبه ڪو نه ٿيو؛ ڇا لاءِ جو ڪي وايوليٽ جي ڪري ۽ ڪي پنهنجي ڪري هينئر هن کي ڀاءُ جهڙو ٿي سمجهائين. هاڻي وري به هو ٻئي اڪثر گڏ اٿندا ويهندا ڏسڻ ۾ ايندا هئا، جيئن اڳي ڪندا هئا. حقيقت ڪري اها جولئن جي سنگت ۽ الفت هئي، جنهن ڪئنيڊيءَ جي بدنامي وساري ڇڏي، ۽ نئين سر هن جي عزت آبرو قائم ڪئي.

هڪڙي ڏينهن شام جو هو ٻئي هوا کائڻ ويا. پڙهندڙن جي حالت ۾ اها ئي هڪڙي رواجي جسماني ورزش آهي. ايندڙ اسڪالرشپ جي امتحان جو ذڪر اچي نڪتو. ”گالور“ جي گرڻيءَ وٽ هنن کي اوچتو گهوڙا گهوڙا ٻڌڻ ۾ آئي. انهيءَ پاسي هو ڪاهي ويا. ڏسن ته هڪڙو بتيلو بند جي اندر بيٺل پاڻيءَ ۾ اونڌو ٿي پيو آهي، ۽ ڪُن وانگي پيو ڦري. گرڻيءَ جي ڦرندڙ چڪر جي ڇِڪ ڪري گوگهٽ پئي پيو، ۽ هڪڙي ڪکن جي ٽوپي به پاڻيءَ ۾ ڦرندي ۽ اندر ويندي ڏسڻ ۾ آئي. هڪڙو ماڻهو به اڇن ڪپڙن ۾ پاڻيءَ منجهه ڦٿڪندو ڏسڻ ۾ آيو. صاف ظاهر هو ته ذري گهٽ ٻڏڻ تي هو. اڃا هي ٻئي ڄڻا ڊوڙي اتي ويا، ته اهو ماڻهو به هيٺ پاڻيءَ ۾ گم ٿي ويو. هڪ لحظو به هو ڪين ترسيا: ڦرندڙ پاڻيءَ، ۾ چَڪر ۽ لهرين جي شور جي ڊپ کان سواءِ، هڪڙي پاڻ جهڙي انسان کي بچائڻ جي نيت سان، ڪاهي پاڻيءَ ۾ پيا، ۽ ڳولي وڃي هن کي هٿ ڪيائون. تڏهن مس هنن کي پنهنجي خوف جي حالت جي خبر پيئي: اها هيءَ هئي ته چڪر واري ڪُن جي ڇڪ هنن کي پاڻ ڏانهن گهليو پئي ويئي، ۽ هنن کي انهيءَ کان ڇڏائڻ ۽ لهرين مان زور سان تري نڪري وڃڻ نهايت مشڪل، بلڪ ناممڪن هو. اها به پڪ هين ته ڦرندڙ چڪر جو هڪڙو ڌڪ هنن کي مارڻ جي لاءِ بلڪل بس هو. انهيءَ ٻڏندڙ ماڻهوءَ ۾ هٿ وجهي، جولئن ۽ ڪئنيڊي مدد لاءِ رڙيون ڪرڻ لڳا. انهيءَ بار هنن کي ترڻ، ۽ لهرين ۽ ڇڪ مان نڪرڻ کان روڪي وڌو. جڏهن پڪ ٿين ته اسين درجي بدرجي موت ڏانهن ڇڪبا وڃون، تڏهن پنهنجيءَ جان بچائڻ جي ڳڻتي اچي وراين. انهيءَ هوندي به هنن انهيءَ ماڻهوءَ کي ڇڏي پاڻ بچائڻ جي نه ڪئي. انهيءَ وچ ۾ گرڻيءَ وارو هنن جون رڙيون ٻڌي، رسو کڻي، پاڻي جي ڪناري تي ڊوڙي آيو، ۽ اهو هنن کي اڇلائي ڏنائين. ڪئنيڊيءَ جهٽ ڏيئي اهو ورتو، ۽ چڪر جي نزديڪيءَ کان ذري گهٽ بچي، ٻئي ڄڻا، انهيءَ ٻڏندڙ ماڻهوءَ کي به پاڻ سان گهلندا، مس مس اچي ڪناري تي نڪتا. تڪڙ پڪڙ ۾ انهيءَ رسي واري ماڻهوءَ جي شڪر گذاري ڪري، هنن ٻنهي پاڻ کي انهيءَ ٻڏل ماڻهوءَ کي ساهه کڻائڻ جي ڪوشش ۾ لڳايو. انهيءَ کي ڏسي، جولئن دانهن ڪري چيو ته ”هان، هي ته براگٽن آهي! يا خدا، خير ڪر!“ ڪئنيڊيءَ به چتائي، هن جو منهن ڏسي چيو ته ”براگٽن! خدا جي وڏي مهرباني!“

پوءِ هو انهيءَ کي کڻي گرڻيءَ واريءَ جاءِ ۾ ويا، ۽ هن کي گرم ڪرڻ لڳا، ۽ ويجهي ڊاڪٽر ڏانهن به ماڻهو موڪليائون، سگهو ئي هن ساهه پٽيو، ۽ هوش ۾ آيو. هن کي بهتر حال ۾ ڏسي، جولئن ۽ ڪئنيڊي ڊوڙي پنهنجيءَ جاءِ ڏانهن ڪپڙن بدلائڻ لاءِ ويا.

ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر براگٽن کي حڪم ڏنو ته ٻپهرن تائين هنڌ ۾ پيو رهي ۽ آرام وٺي؛ ۽ شام جو موڪل ڏنائينس ته پنڌ ڪري ڪاليج ڏانهن وڃي. مگر، اڃا هن کي اها خبر ڪانه پيئي هئي ته ڪنهن هن کي ٻڏڻ کان بچايو. گهر وڃڻ کان پوءِ، براگٽن پنهنجا بتيلي هلائڻ وارا ڪپڙا بدلائي ٻيا ڍڪيا. اتي پهريون ماڻهو جو هن کي گڏيو، تنهن کان هن کي معلوم ٿيو ته سندس  بچائڻ وارو هوم ۽ ڪئنيڊي هئا.

هوم اهو هو، جنهن کي هن نهايت سخت نقصان پهچايو هو ۽ نااميدي ڏني هئائينس؛ ڪئنيڊي اهو هو، جنهن کي هن کاري خراب ڪرڻ، فرضي ڪمن کان نٽائڻ ۽ بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر پوريءَ طرح فتحياب نه ٿيو هو: انهن جا نالا ٻڌي براگٽن ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ شرم ۾ ٻڏي ويو، هن ائين سمجهيو ٿي ته ڄڻ انهن سندس دشمنن، سندس مٿي تي ٽانڊا آڻي رکيا آهن. پهريون فرضي خيال جو هن کي آيو، سو اهو هو ته وڃي هنن جي شڪر گذاري ڪري. پهرين ڪئنيڊيءَ وٽ وڃڻ جو ارادو ڪيائين جو سجهيس ٿي ته انهن جي برخلاف گناهه جهڙي هلت ڪئي هئائين.

وڃي ڏسي ته ڪئنيڊي به چانهه تي ويٺو آهي، ۽ جولئن، اوئن ۽ لليسٽن به ساڻس آهن. چوڻ لڳو ته ”ڪئنيڊي، آءٌ تنهنجي ۽ هوم جي شڪر گذاري ڪرڻ آيو آهيان، جو تو ۽ هوم پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي، همت ۽ بهادريءَ سان منهنجي جان بچائي آهي.“ ايتري چوڻ سان هن جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. هنن ٻنهي ڄڻن هڪدم اٿي کيس هٿ ڏنو، جو هن وٺي لوڏيو. خوف ۽ احسان جي ڪري، اڳوڻيون خراب ڳالهيون سڀ وسري وئيون. موت جي ڪنڌيءَ تي دوستي اهڙي پڪي ٿيو وڃي جو وري ڇڄڻ جي ئي ناهي. انهيءَ رات انهن ٽنهي جوان ماڻهن جي هڪٻئي سان بلڪل سچي محبت ٿي ويئي. ڪئنيڊيءَ چيس ته ”براگٽن، ويهي چانهه نٿو پين؟“ براگٽن پهرين ته وائڙو ٿي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو، ڄڻ ته انهيءَ خيال ۾ هو ته ٻين کي الائي منهنجي صحبت وڻي يا نه؛ پر جڏهن ٻين به زور ڪيس، تڏهن ويهي رهيو. اها پهرين رات هئي، جنهن ۾ هو ڪن محنتي پڙهڻ وارن شاگردن سان گڏ ويٺو هو، ۽ جيڪا گفتگو اتي هلي، تنهن مان هن کي نهايت گهڻي خوشي حاصل ٿي. پر اهي ئي ماڻهو هئا، جن کي هو ڌڪاريندو هو، ۽ سست سمجهندو هو. مگر انهيءَ وقت هن کي معلوم ٿيو ته هن جي صحبت، ۽ فٽزرس ۽ بروس جي صحبت ۽ گفتگوءَ ۾ زمين آسمان جو فرق هو. اتي ويٺي هن جي صورت اهڙي خيال واري ۽ چڱي ٿي ويئي جو ٻين سمجهيو ته هي سچي پچي سمجهو ۽ چڱو ماڻهو آهي، ناحق اسان هيستائين هن کي خراب پئي ڄاتو. پر خبر نه هين ته جنهن ماڻهوءَ سان نه پوندي آهي، تنهن جا اڪثر عيب ڏسڻ ۾ ايندا آهن، ۽ انهيءَ جا ثواب ڏسبا ئي ڪين آهن.

”ڪئمفرڊ“ ۾ جيڪا صحبت هلندي هئي، ۽ انهيءَ صحبت ۾ جيڪا گفتگو هلندي هئي، سا ياد رکڻ جهڙي آهي. سڀ مزي جهڙي، وڻندڙ، دل وندرائيندڙ ۽ تعليم ڏيندڙ هئي. بحث ۽ حجت دليل، منطق ۽ خوش طبعي، آزاد خيالي، ۽ حقيقت، علميت ۽ مثال – اهي سڀ ڳالهيون انهيءَ گفتگو ۾ موجود رهنديون آهن، بعضي ڪن مشهور شاعرن جا ڪتاب پڙهندا آهن ۽ انهن جي مشڪل ڀاڱن تي معنى ۽ سمجهاڻيءَ جو بحث هلائيندا آهن. ڪيتريون ئي درستيون انهيءَ وقت ٺهنديون آهن، جي پوءِ دنيا جي معاملن ۽ غلطانين ۾ گم ٿي وينديون آهن، مگر وسرنديون ڪين آهن ۽ هميشه پوءِ انهن مان خوشي حاصل پيئي ٿيندي آهي، پر اهي وري هٿ نه اينديون آهن. انهيءَ وقت جي دوستن مان ڪي پوءِ دنيا ۾ وڏن وڏن درجن کي رسندا آهن، ۽ ڪي وڏا وڏا ڪم ڪري مشهور ٿيندا آهن، ڪي مري ويندا آهن، ۽ جيڪي باقي جيئرا هوندا آهن سي دنيا جي ڌنڌن ۾ هڪٻئي کي وري ياد به نه ڪندا آهن. انهيءَ هوندي به جڏهن ڪڏهن اهو وقت انهن مان ڪنهن کي ياد پوندو آهي، تڏهن ڏاڍي خوشي دل کي رسندي آهي، ۽ چئبو آهي ته اهي ڏينهن ڏاڍا چڱا هئا، ۽ جي وري اچن ته جيڪر ماڻهو ڪي به جيڪر انهن لاءِ ڪري – پر افسوس ته اهي وري هٿ نٿا اچن.

انهيءَ رات انهن دوستن جي وچ ۾ جيڪا گفتگو هلي، سا يادگيريءَ جي حقيقت ۽ خاصيت بابت هئي. اها هيئن شروع ٿي: اوئن، جولئن کي چيو ته ”جولئن، تون ڪنهن خيال ۾ ٿو ڏسجين.“ جولئن ورندي ڏني ته ”هائو، اوهان هوڏانهن پاڻ ۾ پئي ڳالهايو ته هيڏانهن مون کي هڪڙو مزي جهڙو خيال دل ۾ آيو، جنهن جو هلندڙ گفتگو سان ڪو به واسطو ڪونه هو.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”جيئن جهاز ۾ ويٺي، سمنڊ ۾ نهاريندي، ڪو سمنڊ جو گاهه لڙهندو اچي اتي نڪري، جنهن جو ڄڻ ته اتي ڪوبه ڪونه هو!“ جولئن چيو ته ”برابر، پر انهيءَ جي اوچتو دل ۾ اچڻ يا ياد پوڻ جو ضرور ڪو ته سبب هوندو!“ اوئن چيو ته ”انهيءَ کي خيال جي سلسلي جو قاعدو چوندا آهن. انهيءَ سلسلي يا خيالي زنجير جون ڪڙيون بعضي اهڙيون باريڪ ڳنڍيل هونديون آهن، جو انهن جي ڳنڍ جو سماءُ ئي ڪونه پوندو آهي.“ جولئن پڇيس ته ”اوئن، يادگيريءَ جي طاقت يا خاصيت بابت تنهنجا خيال جسماني يا مادي فلسفي وارن جا آهن، يا انهن جي مخالفن جا، جي روحاني فلسفي وارا آهن؟“ هن چيو ته ”آءٌ انهيءَ جو سبب روحاني ۽ باطني ٿو سمجهان، ظاهري جسماني سببن سان انهيءَ جو ڪوبه واسطو ڪونهي.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”انهيءَ ۾ علم طبعيءَ جا عالم به توسان شامل راءِ ٿيندا. مثلاً، ههڙيءَ ڳالهه جو تون ڪهڙو سبب ڏيئي سگهندين ته ڪنهن سئيس کي گهوڙي اتفاق سان مٿي جي ڪنهن خاص هنڌ لت هنئي ته انهيءَ کي ٻيو نقصان ڪوبه ڪو نه پهتو، رڳو انهيءَ گهڙيءَ کان اڳي جيڪو سندس ذهن ۾ هو، يعني جيڪي ڪجهه ياد هوس، سو سڀ وسري ويس؟“ هن چيو ته ”آءٌ قبول ٿو ڪريان ته يادگيري جسماني حالتن تي ٿوري وقت لاءِ منحصر رهي ٿي، مگر هن ڳالهه جو مون کي يقين آهي ته جيڪا به ڳالهه هڪ دفعي ذهن تي ويٺي، ته اها ڪڏهن به ناس ٿي وڃڻ جي ناهي، اگرچ ڪجهه وقت تائين ڪن سببن ڪري ياد نه پوندي.“ لليسٽن چيو ته ”سچ چيو اٿن ته ذهن يا حافظو خدا جو ڪتاب آهي. انهيءَ ڏينهن هن ڀڳل جهاز جي هڪڙي ٻڏل ماڻهوءَ جي ڳالهه ڪين پڙهي هيوَ ته سمنڊ ۾ لڙهندو پئي ويو ته چٽي آواز جي هڪل ٻڌائين، جنهن چيس ته ”جاني، ڀيڻ جي ڊاک تو کاڌي آهي ڇا؟“ ٻاراڻيءَ وهيءَ ۾ هن پنهنجيءَ ڀيڻ جي ڊاک چوري ڪري کاڌي هئي - ۽ جا ڳالهه ورهين کان وسريل هيس، سا انهيءَ مهل ياد پئيس. ظاهري جسماني فلسفي وارا انهيءَ بابت ڀلا ڇا چئي سگهندا؟“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”جي يادگيري اهڙي زور واري آهي، ته ويسر به گهٽ ناهي. اها به هڪڙي وڏي ۽ ڪمائتي شي آهي.“ براگٽن چيو ته ”انهيءَ جو هڪڙو مثال آءٌ اوهان کي ڏيندس، جنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته ڪابه ڳالهه هڪ دفعي ذهن تي آيل هوندي، سا اصل گم ٿي نٿي وڃي. ڪالهه اوهان مون کي ٻڏڻ کان بچايو هو. ٻه ڀيرا آءٌ هيٺ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو هوس، ۽ جڏهن اوهان مون کي ڪڍيو، تڏهن آءٌ بيهوش هوس. انهيءَ حالت ۾ مون کي عجيب غريب ڳالهيون ياد پئي پيون.“ سڀني شوق مان چيس ته ”ڀلا اسان کي اهي ٻڌاءِ.“ هن چيو ته ”اوهان اڳي پڙهيو به هوندو. جڏهن پهرين پاڻيءَ ۾ منهنجو ساهه گهٽيو ۽ ٻڏڻ جو ڊپ گم ٿيو، تڏهن منهنجي خيال ۾ ائين پئي آيو ته ڄڻ مون کي گهري ننڊ ٿي اچي، ۽ منهنجي چوڌاري ڏاڍي مزي جهڙي ساوڪ بيٺل آهي.“ اتي ڪئنيڊيءَ وچ ۾ پئي چيو ته ”انهيءَ جو سبب هي آهي ته اک جون  نبضون رت سان ڀريل هئڻ سبب سائو رنگ ڏيکارينديون.“ انهيءَ تي اوئن کليو. براگٽن وري چيو ته ”پوءِ منهنجي ساري گذريل حياتي منهنجين اکين جي اڳيان لنگهي ويئي – ننڍي هوندي کان وٺي جوانيءَ جي مستيءَ تائين – مگر پٺيريءَ ترتيب ۾ اهي ڳالهيون ڏسڻ ۾ پئي آيون. ٻاراڻيءَ وهيءَ ۾ جيڪي ڪوڙ ڳالهايا هئم، جيڪي گاريون ڏنيون هيم، جيڪي خراب گناهه جا خيال دل ۾ ڪيا هئم، جيڪي ظلم جهڙا ڪم ڪيا هئم، جن اسڪول جي سنگتين کي ستايو يا ايذاءُ رسايو هوم، جيڪي چوريءَ جا خراب ڪم ڪيا هئم، سي سڀ مون کي انهيءَ مهل ياد آيا، آءٌ پشيمان ٿيڻ لڳس – ڄڻ ته جن يا ڀوت يا راڪاس هئا، جي زور ڪري منهنجي مرضيءَ جي برخلاف منهجي دل جي اکين اڳيان اچي ٿي بيٺا.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”ڏسو، يادگيري ڪا گم ٿيڻ جي آهي؟ ڪڏهن نه گم ٿئي!“

سڀ دوست براگٽن جي ڳالهه ٻڌي حيران ٿي ويا. پوءِ ٻيا به اٿي ويا، باقي براگٽن ڪئنيڊيءَ جو هٿ وٺي ٻاهر نڪتو. چوڻ لڳس ته ”ڪئنيڊي، سڀ کان خراب ڳالهه جيڪا مون کي انهيءَ مهل ياد پيئي، سا اها هئي ته مون توکي اڳي ستايو هو؛ ۽ هوڏانهن تو ئي منهنجي جان بچائي! انهيءَ ڳالهه جو مون کي ڏاڍو ارمان ٿيو. پر، اڄ کان وٺي آءٌ قسم ٿو کڻان ته وس پڄندي آءٌ چڱا ڪم ڪندس، ۽ ڪنهن کي نه ستائيندس. ڀلائي ڪري گذريءَ هلت لاءِ تون مون کي معافي ڏي.“ هن چيو ته ”خوشيءَ سان، ڇاڪاڻ جو آءٌ پاڻ معافي جو اميدوار آهيان.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org