سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: سيتا هرڻ

باب: --

صفحو :15

 

 

22

 

جنوري 1961ع جي انهيءَ اونداهي ٽپهريءَ جو مينهن اوهيڙا ڪري وسي رهيو هو. جڏهن ٽئڪسي ’بوليوار سوشي‘ جي هڪ ڄاتل سڃاتل عمارت هيٺيان وڃي بيٺي، ته سيتا کي ائين لڳو ڄڻ هوءَ صدين کان پنهنجي گهر موٽي آئي هجي، ڇو ته جتي عرفان آهي، اُهو سندس گهر آهي. جميل سندس نوعمري جو پيار هو، جيڪو ڪجهه مهينن کان پوءِ ئي ختم ٿي ويو. قمر جي بي پرواهي، کيس پاڻ ڏانهن ڇڪيو هو. پروجيش چوڌري کي ساڻس همدردي محسوس ٿي هئي.، شهرت، عزت، دولت، ۽ مقبوليت، انهن چئني شين جي وٽس گهڻائي هئي. عورتون مٿس ساهه ڇڏينديون هيون. مرد مٿس رشڪ ڪندا هئا، پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود هو بيڪس لڳندو هو. سيتا کي پهريون ڀيرو اهو  محسوس ڪري شديد خوشي ٿي هئي ته اُن وقت تائين کيس رحم جي قابل سمجهيو ويندو هو، پر هاڻي هوءَ پاڻ به ڪنهن تي رحم کائي سگهي ٿي. انهيءَ رات پروجيش ڪانسٽيٽيوشن هائوس ۾ سيتا کي چيو هو: ”سيتا ديوي، مان ساري عمر بلڪل اڪيلو رهيو آهيان. دنيا منهنجين تصويرن کي سمجهي سگهي ٿي پر مون کي نٿي سمجهي. منهنجا دوست، منهنجا نقاد، منهنجا مداح، ڪوبه، اصلي پروجيش چوڌري کي نٿا سڃاڻين. ڪوبه اُنهي پروجيش چوڌري کي نٿو سڃاڻي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ آڌيءَ رات جو ڪلڪتي جي سنسان گهٽين ۾ پنهنجي روح جي  ڳولا ۾ ڀٽڪندو وتندو هو، ۽ هاڻي شهرت ۽ عظمت جي سڀ کان اوچي سنگهاسن تي ويٺو آهي، پر پوءِ به خوش ناهي. بي شمار سهڻيون ڇوڪريون منهنجي زندگيءَ ۾ آيون، سيتا ديوي، پر منهنجي روح جي گهراين تائين ڪابه پهچي نه سگهي.“

سيتا کي خبر هئي ته پروجيش ڪمار چوڌري لٻاڙ پئي هنئي پر پروجيش جي انهيءَ فراڊ تي ته کيس ترس اچي ويو. جڏهن هو ٻارن وانگر کيس چوندو هو ته مون کي تنهنجي ضرورت آهي سيتا ديوي، ته سندس اندر لڪل ماءُ جاڳي اُٿندي هئي.

پر عرفان. عرفان ....

هيستائين هوءَ قانوني طور تي مسز جميل هئي، پر هاڻي اهو ڪاغذ آمريڪا مان اچي ويو. ’مسز عرفان‘ سڏائڻ جو حق هاڻي کانئس ڪوبه نٿو کسي سگهي. هاڻي اُهي جيترو جلد ٿي سگهيو اوترو جلد شادي ڪندا. عرفان هاڻي سندس ’عاشق‘ نه هوندو پر سندس ’مڙس‘ هوندو. مجازي خدا، ديوتا، سڀني سڱن کان اُتم، مقدس، خوبصورت ۽ پيارو سڱ. سندس قانوني مڙس.

هوءَ تيزيءَ سان ڏاڪڻ چڙهي مٿي آئي ۽ پنهنجي فليٽ جي دروازي تي وڃي زور زور سان ڪال بيل وڃائڻ لڳي. دروازو کليو، اندران هڪ اجنبي مهانڊي ڪنڌ ڪڍيو.

”ڪير؟“

”مان ’ميڊم عرفان‘ آهيان.“

”جي؟ ميڊم  عرفان؟“ اجنبي، جيڪو ڪُراڙو فرانسيسي هو، دروازي مان اڌ ٻاهر نڪري، کيس غور سان ڏٺو. ”توهان کي يقين آهي ته توهان ميڊم عرفان آهيو؟“

”جي ها. ڇو؟ ڇا مطلب؟“ غصي، شرم ۽ خفت کان سندس ٽنگون ڏڪڻ لڳيون.

”پر موسيو عرفان ته ڪالهه ئي صبح جو ميڊم عرفان سان ٻن مهينن جي موڪل تي ’ڪرانسي‘ ويو آهي، اوتري عرصي لاءِ تنهنجو فليٽ مون کي ڏيئي ويو آهي، اچو مئڊم، اندر اچو.“

”ميڊم عرفان؟“ سيتا ٻُڏندڙ آواز ۾ اهڙي طرح چيو ڄڻ کوهه جي اونهائيءَ مان ڳالهائي رهي هجي.

”اُهائي ميڊم، جيڪا اڳ ۾ ’مادموزيل مارسيل دوبير‘ هئي. هوءَ موسيو عرفان جي آفيس ۾ ڪم ڪندي هئي. شادي گذريل آچر تي ٿي هئي، ميڊم. سابق مادموزيل دوبير، نارمنڊيءَ جي ملڪهء حُسن رهي چڪي اهي. ننڍي عمر جي آهي. لڳ ڀڳ اُڻويهن سالن جي ٿيندي.“

رومال سان هٿ اگهندي بالڪنيءَ ۾ وڃي هوءَ آسمان ڏانهن ڏسڻ لڳي.

”ڪيترن ڏينهن کان سج نڪتو ئي ناهي. اڄ ڏاڍي ٿڌ آهي. خبر ناهي ته بهار هن سال ڪيتري دير کان پوءِ ايندو. اچو، اندر اچو. هتي هوا ڏاڍي تيز آهي.“

تمام عمر رها غمزه و ادا ڪا شڪار

اڃا ڏينهن باقي آهي. پوءِ رات پوندي. پوءِ صبح ٿيندو. هڪ ٻيو ڏينهن، هڪ ٻي رات.

سلسلهء روز و شب نقش گِر حادثات.

ڏينهن ۽ رات جو حساب رکڻ جي غلطي ڪڏهن نه ڪج. وقت جو حساب ڪوبه لڳائي نه سگهيو آهي.

تُجهي پرکتا هي يه، مُجهي پرکتا هي يه

سلسلهء روز و شب صيرفي ڪائنات

”ڏينهن ۽ رات جو حساب. زندگي ڪا تنهنجي ڪا ڊاڪيومينٽري فلم آهي جو سموري زندگيءَ کي کڻي لانگ مڊڪلوز (Long mid-close) ۾ سموئي ڇڏيندينءَ.؟“ بليس هڪ ڀيري صولت کي چيو هو.

سلسلهء روز و شب تارِ حرير دو رنگ

هوا جي جهوٽي سان دروازو زور سان بند ٿي ويو. ....

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org