سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: بدنصيب ٿري

 

صفحو :2

چنيسر _ متارا، جوڙ؟

دودو _ لائق رب جا.

چنيسر _ آسودا ؟

دودو _ سڀئي کئير! چنيسر، تون کش؟

چنيسر _ ادا شخر آهه.

دودو _ متارو، جوڙ ؟

چنيسر _ الله جي مهرباني.

دودو _ آسودو ؟

چنيسر _ رب جو فضل.

دودو _ ٻيو مڙهي کئير ؟

چنيسر – سارو کئير، هاڻ ڏي ڪي کئير جون کبرون چارون.

دودو- (ڏارهيءَ تي هٿ ڦيرائي) کبرون چارون مڙي کئير جون، ڄاڻئين سڃاڻين ٿو. ذات نالي جو واکب اهٻين. پانجي ڪکين مٿان ستون ڏهاڙو ٿيو آهي ته ڪهي ڪهي اچي هتي پڳو آهيان.

توجو  پڇائي اچي هتي لڌو آم –پتو ئي نه ملي.

مسين مسين ڏس مليوته سيٺ وٽ وٿاڻ مٿي هوندين.

اتان وري کبر ملي ته نو ڪري ڇڏي ويو اهين،

تڙ مٿي پاڻي پيو ڀرين.تڏهن واري ڍري آيس تو ڌاري، تو کي ڏسي ٿيا آهيون کش، ٻيو مڙهي آهي کئير.

چنيسر – ادا گهر جي به آهي کئير.

دودو – ڏي پنهنجون کبرون چارون؟

چنيسر – اسان جون کبرون کئيرجون پانجي ملڪ ۾ پيو ڏڪر، جنهن وڌو ڏولائن ۾ لاچار لڙي پياسين سنڌ پار. ڀلاواکبيت جڙي ڪانه،

ڀٽو. ڇڏي، سنئين پٽ تي آياسين ته پنڌ کٽي ئي نه.

سنڌ جا ڳائو ڀلا وڏا، هلندي هلندي پير ڏناسين نئين ڪوٽ مٿي. الا جو سونهه ! تون ڀاءُ ويٺو آهيين ته گاڏي هجي ڀلا ڏنل ڪانه. وڃ ڙي ريل، توجي هڪل! دل ۾ ڌڙڪي وجهيو ڇڏي. جهڙو شينهن گجندو جهلي، منجهه چڙهيو ٿو ويهين. واهه ڙي واهه انگريچ! اندر ته حملا ت (2) لڳا پيا هئا ! هر هر ڪوڪ جو گهو گهٽ وو؟ واڪڙ واڪڙ، شا ڪڙ شا ڪڙ، ڇه ڇه ڇه اها ئي ساٿ (3) مير پور آڻي سٽيائين، پاڻهي رنک ڏٺو هوندوءِ تون ڪهڙي واٽ آئين ؟

دودو – (ڏاڙهي ءَتي هٿ ڦيرائي) ساڳي واٽ آيس

پر چنيسر، مان سان وري هيڪڙي جٺ ٿي. تڪڙ تڪڙ ۾ اهڙي وڃي گاڏي ۾ چڙهيس، جتي منڊل لڳا پيا هوا، ڪاريون گاديون“ جهڙيون ڍاٽئين واريون زير گاديون وو! سوئي؟ ان مٿي ٿو چڙ هي ويهيين سوئي؟ ڀلين ڙي ٿر ملڪ! ۾ جهنگ جي خيال جو ڀٽن ۾ سوهنج! سنڌ ۾ ڏاڍا اوهنج! اي وري چنيسر اهڙو سوهنج جو ڪيئن ٿو ڀانين ؟

چنيسر – واهه واهه ! ڳالهئي ڪام پڇ

دودو – پوءِ ادامونجا، مون کي اچي ٿو پوئي پيٺ ۾ وڪڙِ، سو زير گادين جي هيٺا ن ٽونڊڙو ٿي، لاٿيم هاج. کئير، گاڏيءَ کي لوڇ پوڇ. لڇائي پڇائي آنڊائي ڪڍي ڦٽا ڪيائين! الا جو سونهه 1 توواري ڏا گهي جو پويون خانو به ان ڪنان سو هنجو. کئير، اوچتو هلنديءَ ريل ۾ مار پويس هيڪڙو ڪامورو ڇو نه چڙهيو ٿو اچي! بس، ڪتي وانگر پيو ڏاڙهي. چي، ٽڪس ڏيکار.هتي ڪو چڙ هيين؟ هي ڦس ڪلاس آهي! ڏوڪڙ ڀري ڏي. (ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيرائي) پوءِ ادامون چو مانس ته ٻيلي راضي شاهه جو سونهه! مونجي هڙ ۾ ڏوڪڙ اٿئي ڪونه. ڪٽين ته ڀلين، باقي لڀندءِ ڪوڏي به ڪانه، مون کي کبر ڪانه هئي ته ڪٿي چڙ هبو، نيٺ ٻه –چار ٿڦڙ هڻي،پي ٽيشن مٿي لاهي وڃي هيڪڙن ڪاٺوڙن مٿي ويهاريائينم.ڀلوڙي يار، واٽ مٿي پاڻيءَ · جارستا ٺهيا پيا هوا ! پاڻ ته ٿرين سرڪ ڪاڻ پيا سڪون.

چنيسر –هائو، ملڪ سنڌ جو به امير آهي! دودا ڪا ٻارن ٻچن جي کبر چار؟

دودو – ٻيلي، ڏوڪري جنڊ ڪڍيي ڪڍيي بنهه جهري ويئي آهي، کاڌي لاءِ ڪڻو ڪونهي. ٻچا ٻار بک ٿامرن ور! مال ۾ ماتا، سوڍور لکين مري ويا آهن. توجون چار ڳويون، چار پهون ائون منڊڙي گڏ هوڙي به مري ويون، کير جي ستي به ڪانهي، نڪا آلسي لپ جا کائجي، نڪتو داڻو ڪڻو.حال ڏاڍو بري آهي. تون به سنڌ ويهي رهيٻين. وري نه موڪليئي ڪو پئسو پنجڙ، سنڌ۾ سو گهو ٿي ويهي رهيين. ڪا ورڻ جي وائي يا پوين جو ويچار به ڪونه ڪيئي.

چنيسر- ير، ڏوڪڙ ڳچ ڳپل ڀيڙ ڪيا آم، پر گهرين پڄن ڪئين؟

دودو- انگريچ، شينهن ۽ ٻڪري گڏي ڇڏيا آهن، تون ۽ آءُ هيڏا سارا مڙس هتي ولات کي اچي پڳا آهيون، باقي ڏوڪڙين ۾ بار ڪيترو، جو ڪين پڄندا؟ گاڏيءَ منجهيءَ کڻي موڪل.

چنيسر – مون ب سو آهي ته انگريچ کي ٻه چار ڏوڪڙ ڏبا ته پاڻهي موڪلي ڏيندو.

دودو- ته بس، اهو ڪو بلو ڪر،نه ته هاڻ بک ڪکيون سڪائي ڦٽيون ڪيون آهن.

چنيسر – (هڙ مان ماني ڇوڙي ۽ ڳڙ جو ذرو ڪڍي ٿو.) ڀلا دودا، هوندين به بکارو. بسم الله! آ ته کنيون.

دودو-ادا، يابسم الله! (ٻيئي روٽلو کائين ٿا.)

( پردو ڪري ٿو)

 

(ائڪٽ پهريون)               (پر دو اٺون)

 

ميرپورخاص جي شهر جي هڪ گهٽِي، صوفي فقيرن جو هڪ ٽولو جهمر هڻندو، ڪافيون ڳائيندو، اچي ٿو لنگهي.)

( پردو چڙهي )

ڪافي سر گجري

واڏنهون آيا مون ڏي ٿتاب اباڻن جا.

1- هي ڏيهه ويڙ ئي وسري،

تو ڏينهن اتي لايا...مون ڏي          

2- ياد اسان کي ڇو ڪرين،

منجهايئي مايا...مونڏي              

3- ڏينهن اسان ريءَ گذري،

ويڙئي اجايا..... مون ڏي      

4- گهڻا مينهن ملير ڏي،

والي ءَ وسايا...مون ڏي،               

5- تنهنجي ڏسڻ لاءِ هن،

سانگي سڪايا..مون ڏي،             

6- سائين (سچو) سگهڙا،

مون کي مارو ملا يا... مون ڏي               

                  (پردو ڪري ٿو)

 

 (ائڪٽ پهريون)                ( پردو نائون)

 

ميرپورخاص ۾ عريضي نويس عبدالله خان جي آفيس. عبدالله پاڻ ۽ ٻه ڄڻا ٻيا ويمي ڪمپنين جا ايجنٽ ويٺا آهن، هڪ ميز ۽ چار ڪرسيون پئيون آهن. مس، قلم، ڪاغذ، ٽائپ رائيٽر موجود آهن. عبدالله خان ۽ ايجنٽ پاڻ ۾ ڳالهيون ويٺا ڪن. ايجنٽ کي انگريزي ڊريس پيل آهي، سندن ٽوپلا ميز تي رکيا آهن.)

عبدالله خان – هاڻي شايد ويمن جو به ڪو چاڙهو ڪونهي ؟

ايجنٽ پهريون – نڪو، پروپوزل ئي ڪو نه ٿو ملي، شروعات ۾ سي ڍو هئا. هاڻ ته آهن سڃ جون سٽون،ڀينگ جون ڳڻتيون! ڇا ڪجي؟... ڪئنال اسسٽنٽ جي عهدي تان برطرف ڪيو ويس، ته اول منجهي پيس ته هاڻي گذر ڪئين ٿيندو، پر پرماتما جي دعا سان ايجنسي ملي ۽ گنج لڳي ويا.

عبدالله خان – هائو، ڀتاڀاڙا ڊبل ۽ گشت جام !

ايجنٽ پهريون – هاڻي اهارونق ڪانهي، ڪمپنين به ڪئي آهي سختي. مڙئي پيا گاڏو گهليون. هئينر زور آهيو اوهين عريضي نويس.

ايجنٽ ٻيون – (همراهه کي سر وٺائي) هائو، جهيڙن جهٽن جو درخواستون، خط، مني آرڊر، اپيلون مطلب ته موج لڳي پئي اٿانو. رپيا ٻه چار سئو مهيني ۾ ڪهڙي ڳالهه آهن! وڏي ڳالهه آزادي. پنهنجي آفيس ۾ بهاري ڪيو ويٺا آهيو.

عبدالله – (کلي) نڪو، پر ايڏا اپراسا هينئر آهن ڪٿي! رڳو شڪر آهي ته ڪنهن جي محتاجي ڪڍڻي ڪا نه ٿي پوي. ڪوڙ سچ ڪيو، مڙيئي پيٽ ڪڍيو ويٺا آهيون.

(اتي چنيسر اندر اچي ٿو ڊڄندو ڊڄندو نئڙي سلام ڪري ٿو.)

عبدالله – سائين، ڏوڪري ءَ کي ٿرين سنيهو ڪرڻو آم. ماڙهو چون ٿا ته تون ئي سنيهو موڪلي ڏيندين ؟

عبدالله – هائو، اتي ويهه ته ڪم لاهيون ٿا.

                                       (چنيسر هيٺ ويهي ٿو )

ٻئي ايجنٽ – چڱو دوست، (کلي) هاڻي تو کي لڳي آهي گراهڪي، اسين اٿون ٿا.

( ٽوپلا پائي اٿن ٿا ته چنيسر ڊڄي وڃي ٿو.)

چنيسر – بچين هي ڪير ها ؟

عبدالله – متان ٿريو آهين؟

چنيسر – هئو جيئين.

عبدالله – وڏو ڪماني ٻڌو اٿيئي ؟

چنيسر – هئو سائين.

عبدالله – هو جيڪو ٿلهڙو هو، سو ڪماني هو.

چنيسر – هان ڪماني صاب! ڀلاهو بدن جو لاٺيڙو جوان ڪير هو؟

عبدالله – ڊپٽي صاحب.

چنيسر – (وات ۾ آڱر وجهي) ڊپٽي ؟ پر تو جي ته ڏاڍي هلندي آهي. اسان جي ٿر پاسي اچن ته نر پکي هڪالجي وڃي! تو وٽ پاڻ هتي هلي پيا اچن !

عبدالله – اسان جا ته دوست آهن، تنهنجو نه ڪڏهن ڪو ڪم پوي، ته اسان کي چئج ته هڪدم لاهي ڏينداسين. هاڻي ٻڌاءِ خبر ڇا کپي ؟

چنيسر – سائين ٻچڙا ٿا مريم بک.ٻه ٽي چنڊ وهيو آهيان ۾ تڏهن ڪجهه ڏوڪڙ ڪمايا آم.ڳوٺ ڪنان دودو آيو آهي؛ چي، ڏوڪڙ به موڪل ۽ حال حوال به سڻا. هاڻي اهڙو ڪو بلو ڪري ڏي، جو مڙئي ڪا سڌ سما پوئي. تو کي الله سائين هٿ جس ڏنو آهي. تو جي هٿ وس سڀڪين آهي.

عبدالله – (ڪنڌ ڌوڻي )هائو. تون ڪوبه خيال نه ڪر. مون کي ڏي ڏوڪڙ.

چنيسر – (نورو ڇوڙي پئسا ڪڍي ٿو ڏيس) اچي.

عبدالله – (ڏوڪڙ ڳڻي ) هي ته مڙ يئي ويهه رپيا آهن؟

چنيسر – چڱو ويهه ئي موڪل ڏي.

عبدالله – ڀلا، حال احوال به موڪلبونه؟

چنيسر – هئو سائين، آو ته سڀ کان مهند.

عبدالله – انهيءَ لاءِ خط تي پئسا لڳندا. ٽين پئسي وارا موڪليندين، ڪي  سوا آني وارا؟

چنيسر –سائين، جيڪو مهندي پڄي سو موڪل صفا بيو قوف، گذريل سارو هفتو گراهڪ ڪونه آيو آهي.اڄ ٻيڙائي پار آهن. (چنيسر کي) چڱو چڱو، رک خداتي. (ڪاغذ کڻي لکڻ ويهي ٿو) ڇا لکان ؟

چنيسر –سائين کي چوئان، ڏوڪريءَ کي لک ته چنيسر ٿو چوئي ته دودي کان سنيهو مليو، روئڻ اچي ويو. ائين چئي سچ پچاڻي روئي ٿو) هاڻي انگريچ هٿ ويهه روپيا به ٿو منجان. ٻيا به ڏوڪڙ ڪمائي،اڃا ڇنڊون پيون ته هليو ايندس،

عبدالله –(خط لکي پورو ڪري )پتو ته ٻڌاءَ ته خط ڪٿي پهچي ؟

چنيسر – منهنجي گهرين پڄي، ٻيو ڪٿي ؟ ڏوڪريءَ کي ملي.

عبدالله – اڙي ڳوٺ جو نالو ٻڌا ءَ؟ (ٿوروترسي) ۽ ڏوڪريءَ جو نالو وٺ؟

چنيسر –ڳوٺ هميراهه ٻهه ۽ ڏوڪريءَ جو نالو جانل عبدالله – (لکي ٿو ۽ لفا فو بند ڪري،پوءِ مني آرڊر فارم ڀري ٿو) ابا جواب ڪنهن وٽ اچي ؟

چنيسر –تووٽ ئي کڻي اچي، ٻيو مون ڪڻ ڪير ٿو سڃاڻي ؟

عبدالله –(وري لکي ٿو) هان وٺ هيءَ ڊگهو ڪاڳر (مي آرڊر فارم ڏيئي )، سو ڏجانءِ (اشارو ڪري ) سامهون وڏي ٽپال ۾، دريءَ واري منشيءَ کي. هي پئسا (کيس موٽائي ) به ڏجانس ته توکي هڪڙي ڪا ڳر چٽڪي ڪڍي ڏيندو، اها آهي پئسن جي رسيد، سا ڪجان ءِ سو گهي.

چنيسر – سائين، ڪو ماڙهو ساڻ گڏي ڏيينم ته هفيس هلي ڏيکاريم. آءُ الله جو سونهه، ڏران ٿو. عبدالله –چڱو چڱو! (هڪڙي واٽ ويندڙ ماڻهوءَ کي سڏ ڪري) مسٽر، ڀلائي ڪري هن غريب کي ته پوسٽ آفيس ڏيکارجو (چنيسر کي) اڙي آٿ، هن مسٽر سان گڏيو وڃ.

( ٻيئي رواناٿين ٿا)

عبدالله – (مرڪي ) هاڻي ڪٿي ٿي هميراهه ٻهه، ڪٿي رهي جانل؟ ٿر ۾ به ٿا مني آرڊر ۽ خط پهچن !ڪير ويٺو جاهلن سان مٿو هڻي ؟ جاهلن جي ڪمائي...

                    ( پردو ڪري ٿو )

 (ائڪٽ پهريون)                ( پردو ڏهون)

 

(ميرپورخاص شهر جي ساڳي گهٽي، صوفي فقيرن جو ٽولو، ڪافيون ڳائيندو ۽ جهمر هڻندو، ورندو اچي ٿو لانگهائو ٿئي).

ڪافي

لڙهه لهرين ۾ لڙ هيو وڃانءِ ٿي،

مئيءَ جي مدارت ڪج ڪا، ميهار!

1- مون ڀانيون ڪو ڪنديس ميلو،

وچ درياءُ ۾ ڀريم ڀيلو،

لهرون لنگهي ويون لک هزار، لڙهه لهرين ۾

2- مئي جي مارڻ لاءِ واڳو ن وري آيا،

قوت ڪرڻ لاءِ مڇ مڙي آيا،

سوا لک سنڇري آيو سيسار،لڙهه لهرين ۾

3- عشق اوهان جي آنديس اوڙا هه ۾،

دلو ڀري پيم وچ درياهه ۾.

ڪرم لکئي جو، ڪونهه ڏو هه ڪنڀار، لڙهه لهرين ۾

4- سڻج درياءُ وچ مئيءَجون دانهون

پرت منجهارون اچج او راهون،

ماڙي ءَ ۾ ٿو چوي، منٺار، لڙهه لهرين ۾

هڪڙِو فقير –يارو شاهه صاحب سچ ٿو چوي،

آدمين اخلاص، مٽائي ماٺو ڪيو،

ڪونه کائي  ڪنهن جو سند و ماڻهو ءِ ماس،

دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس.

ٻيو سڀ لوڪ لباس،

ڪو هڪدل هوندو هيڪڙو.

ٻيون فقير – حق! سائين، حق!

يار سڏائي سڀڪو، جاني زباني،

آهي آساني، ڪم پئي ٿي ڪل پوي.

ٽيون فقير – ياراڻي به ڪهڙي وڃي رهي آهي؟

ياراني يارن جي  پاڻي ٿي پيئي،

جهليسون ٻڪن ۾، وٿين کون ويئي.

چوٿون فقير- اسان آهي ئي نوڪر، تنهنجي نانءُ جا.

پهريون فقير – حق! حق!

ٻيون فقير – پوءِ قبلا! زمانو نيٺ سڌرندو، ڪين بنهه بس؟

پهريون فقير –الله گهر يو آهي ته نيٺ سڌرندو.

ٽيون فقير – نيٺ به حضور، ڪڏ هن ؟

پهريون فقير- جڏهن لوڪن ۾ ساڃهه ايندي.

چوٿون فقير- اها به صاحب، ڪيئن ايندي ؟

پهريون فقير– ماڻهن جا جڏهن من گلندا.

ٻيون فقير – انهي ءَ جو اَپاءُ؟

پهريون فقير- عام لوڪن مان جاهلت نڪري.

ٽيون فقير- با با سائين، هتي ته ماجرا ئي اور لڳي پئي آهي. ڪو چار اکر سکي ته اباڻي ڪرت ڪرڻ کان ڪڻس عار پيو لڳي.

   چوٿون فقير– اکر ڪين ٿو سکي، الله ٿو منجهو نس اڙي!

پهريون فقير – هائو !هائو! پر هاڻ ڪو مڙيوئي وسوارن کي عقل آيو ٿو ڏسجي. ٻڌجي ٿو ته انهيءَ ڏس ۾ سندن صلاح آهي ته لوڪن کان سندن اباڻا ڌنڌا ڌاڙيون ۽ ڪسب ڪاريون ڇڏائجن  نه، پرپنهنجي ءَ ڪرت ڪار ۾ هو رڌل به ڀل رهن، انهيءَ سان گڏ اکر به پيا سکن.

ٻيا ٽيئي فقير – يارو، حق ! حق!

                        (پردو چڙهي ٿو

 (ائڪٽ پهريون)       (پردو يارهون)

 (ميرپورخاص جي پوسٽ آفس، ڪلا رڪ اندر دري وٽ بيٺو آهي دريءَ جي ٻاهران، آفيس جي آڳنڌ ۾ پنج –ست سنڌي ويٺا آهن.

چنيسر ڊڄندو ڊڄندو، وائڙن وانگر اچي ٿو.

چنيسر ڪلارڪ جي سامهون بيهي سلام ڪري ٿو).

چنيسر – (ڪلارڪ کي ) هي کت ڪٿي ڦٽو ڪر يان؟

ڪلارڪ – با با، اهو سامهون ڀت ۾ دٻو کتل اٿيئي، ان ۾ وڃي وجهه.

چنيسر – (دٻي ڏي وڃي ٿو ۽ ڪلف لڳل ڏسي وري موٽي ٿو ۽ ڪلارڪ کي چوي ٿو) سائين، هن کي ته ڪرڦ لڳو پيو آهي، ڪنجي ڏيئيم ته کوليانءِ؟ (بيٺل ماڻهو کلن ٿا)

ڪلارڪ –(مرڪي ) اڙي، آنهه آنهه ڇا ؟

چنيسر-سائين، چوئان ٿو ته بروبر ٿريو آهيان.

ڪلارڪ با با، اهو کو لبو ڪونه، مٿان چير مان ئي خط لنگها.ئي ڇڏ.

هڪ ماڻهو – اڙي مون کي ڏي چريا! (چنيسر کان خط وٺي دٻي ۾ وجهي ٿو. چنيسر حيران ٿي عجب ۾ پوي ٿو)

ڪلارڪ_ ٻيو ڇا کپيئي؟

چنيسر_ سائين هي ڏوڪڙ پڄائڻاڻا آهن.

ڪلارڪ – مون کي ڏي اهو فارم ۽ پئسا،

چنيسر – (پئسا ۽ فارم ڏئي ٿو ) سائين، هي وٺ.

الله جو سونهه! موڪلين اهڙو سگهو، جو بنهه اتي ئي وڃي ٻچا ٿا بک مرنم!

ڪلارڪ_ ٻچا ڪنهن جا؟

چنيسر- مونجا، ٻيو ڪنهن جا؟

ڪلارڪ –پر هي پئسا ته عبدالله عريضي نويس ڏي ٿا وڃن؟

چڀيسر – (ڳٽهار ڪري ) انهيءَ ته لکي ڏنو آم،

ڪلارڪ – پئسا به ته انهيءَ کي ملندا نه؟

چنيسر – سائين ڳالهه کي سمجهڻ وري ڌوڙ ٿو!

چوم ته انهيءَ ته لکي ڏنو آم، پئسا ويندا ڏوڪريءَ ڏي.

ڪلارڪ – اڙِي ڀوڪ، ڏوڪري ٿي لاڙڪاڻي ضلعي ۾، هي ته لوڪل مني آرڊر آهي. چوين نادان ڇا پئو !

چنيسر – ڏوڪري مانجي ڳوٺ گهرين ويٺي اهي.تون وري ڪهڙي ٿو چوئين!

ڪلارڪ – (تيسين رسيد لکي وٺي ٿو ۽ مهر هڻي ڏئيس ٿو.) هاڻي وٺ رسيد،مٿو نه کاءُ جنهن جا هوندا تنهن کي پاڻيهي ملندا.

چنيسر- (رسيد وٺي ) هاڻي پئسا سگها پڄا ئيج، اي ڪج ڀلائي.

ڪلارڪ – پئسن کان تون چٽين، وڃي ٻيا ڪماءِ.

(چنيسر رسيد کي ذري ذري پيو ڏسي، ٿوريءَ دير بعد اها پٽڪي  جي پلا ند ۾ ڏي ٿو. اتي وري ٻيو ٿو پور  پويس، سو  رسيد  پٽڪي مان ڇوڙي، اتي بيٺلن مان هڪ کان ٿو پڙ هائي،)

چنيسر –(رسيد هٿ ۾) ويهه رپيا عبدالله عرضي نويس کي ميرپورخاص ۾ پهچن،

چنيسر – ( کلي ٿو ) شاباس هوئي ويچاري کي ! آو نه لکي ڏئي ها ته ڪم ئي ڪونه ٿئي ها، ماڻهوءَ کي) ڀلا ٻيو ڪو ڏو ڪريءَ جو نالو به لکين آهي؟

ماڻهو – ٻيو ڪجهه به لکيل ڪونه آهي، پر ميان اتي جو اتي پئسا ڏيڻا هوءِ ته روبري نٿي ڏنئي! مني آرڊر ڪميشن ويهي پري اٿئي ؟

چنيسر – (آبتو سمجهي) هئو سائين، اتي جو اتي ويچاري ڪم ڪري ڏنو. ويرم ئي ڪانه لڳي.

ماڻهو – مان ڇاپيو چوان، تون ڇا پيو بڪين؟

چنيسر- نه ته، الله جو سونهه ! سچ ٿو چوئان، ڏاڍو ٺاهو ڪو مارهو آهي. ائين وڏن شو هرن ۾ ڪير ٿو ڪنهن سان ڀلا ڪري !

ماڻهو –چڱو، نٿو سمجهين ته جند ڇڏ، وٺ پنهنجي رسيد، ٻڌ پٽڪي سان.

(چنيسر –رسيد وٺي وري پٽڪي سان ٻڌي ٿو، پوءِ آفيس جي ٻاهران رستي تي ويهي سلفي به ٺاهي پيئي ٿو ۽ ڳائي به ٿو.)

عمر !اڇا ڪپڙا ڪاڻيا رون ڪيئن ڪن!

جنين جا ٿرن ۾ ور ٿا، ويڻ سهن،

هوءِ جي حق ڀڃن، سي ڪيئن ستيون سومرا!

الو، الو

عمر ! اباڻي ڏيهه ڏي، اندر ٿي آڪير،

مون کي مارن ميڙ يٻين، سومرا سڏير،

ساڙيهه ۾ سر تين سان،شل کليو پيان کير،

الله لڳاامير، ڪڍ بند ياڻي بند مان،

الو الو

چنيسر- (کلي) واءَ ٻيلي، ڏوڪريءَ کي به ويهه روپيا وڃي هٿ ۾ جڙ ندا ته پوءِ ڀلو ڀلو! حال ته کشيءَ مان اٿي جهمر هڻندي. پئسو به گم ٽار آهي وو! ڏک سٺو به هيڪرته ويندس، وسري. باقي ٻيلي، مان کي سو ياد ڪندي هوندي، اڙي  راضي شاهه ڪا وطن تي واڳ وار!

( وري ڏوهيڙو ڏئي ٿو)

واجهائي وطن کي، ساري ساهه ڏيان،

هيءُ سر ساڙيهه سامهون، منهنجو نج ميان!

مقامياڻي ماروين،وڃي ٿو ٿيان،

ميائي جيئان، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.

     الو ميان.

(ڊراب سين )

   

 

(ائڪٽ ٻيون)                    (پردو پهريون

 

 

(ٿر ملڪ ۾ چنيسر جو ڪکائون چونرو،

چنيسر جي ڏوڪري جانل، ڄمار جي وڏڙي، وار اڇا، مٿي تي ڦاٽل ملير، ڪلهن ۾ ڇنل کٿل گج، هيٺان پراڻو پڙو. ڏڌبه ويٺي ولوڙي ته ڳائي به پئي. ٽي ننڍڙا گدلا ٻار، انگ اگهاڙا، پيٽ بکيا، هڪ ئي رلي ۾ ويڙهيا، منهن سندن ٻاهر، ستا پيا آهن.

راڳ

(1) سارو ڙي، سيارو مون گندي ۾ گذاريو،

مون کي تان رليءَ جي رولا ڪي ماريو، ڙي!

                        ڍاٽيڙا ! هيلو ڪو وري آ.

(2) پٽ جي سامياڻي، ڍٽ جو ڍاٽيڙو،

مون کي آڌي ڙي کوڏيئڙو وڻيو، ڙي!

                        ڇولا! هيلو ڪو وري آ.

(3) بگو تان ڍڳو، سو مالهي تان مالهيءَ جو،

     سو تان موڙي منجهه مرندو ڏسان، ڙي!

                         جاني! هيلو ڪو وري آ.

(4) ست تان سامياڻيون، پاڻي تي هليون ڙي!

     سل تان سامياڻي ڳوڙها ٿي ڳاڙي، ڙي !

                                مٺا! هيلو ڪو وري آ.

(5) هرڻي گهوڙي تان هارون پليءَ جي،

                  نو نريون ٿي ڪڏي، ڙي!

                    ڇورا !هيلو ڪو وري آ.

(6) سايون ڙي ڪانچون، مان سامين جون ساريان ڙي،

         مون کي تان کٿيرو گوڏيئڙو وڻيو، ڙي،

                                ڍاٽيڙا ! هيلو ڪو وري آ.

جانل – (ساهي پٽي ) ادي، دودي کي وئي به ڳچ ڏهاڙا ٿيا. کبر ئي ڪانهي ته حاجي جو پيءُ هٿ آيس جان ڪو نه ؟ اڃا تائين ته اسان ڏي ڪوڏي به ڪو نه مڪائين. هاڻي ته ٻاجهري به کپي وئي آهي. رکي سڪي ماني به ٿئي ٿي بند. ٻچڙا بکن ۾ پاهه پيا ٿين. مال وڃين مرندو.الاجي ڪهڙو حال ٿيندو؟ وري الله سائين! ڪو حال ڏسي ڀال ڪجان، ٻيو اسان مشڪينن جو تو بگر نه ڪو اجهر نه ڪو آسرو!

         ( ٽيئي ٻار ننڊ مان روئي اٿن ٿا ۽ ماءُ کي ٽيئي چنبڙي کيس پٺي تي ڌڪ پيا هڻن.)

هڪڙو -  امان، بک! روٽلو ڏي،

ٻيو – امان، بک ! لسي ڏي.

ٽيون – امان، بک ! مکڻ ڏي.

جانل – ( ٻارڙن کان پاڻ ڇڏائي) مٺيءٌ کي ڪٽيو. جهجهيون مانيون ٻچن کي، آءُ قلبان وڃان! اجها ٿي دانگي چاڙهي، پٽن کي روٽلو پچائي ڏيان،

                             ( اتي عالم اندر اچي ٿو )

جانل – ( عالم کي ) ادا، کش، چڱو ڀلو؟

عالم – ادي، تون ته کش آهيين؟

جانل – ادا، شخرانا.

عالم – ادي، سڀئي هوڪارن ۾؟

جانل -  ادا عالم، مون توکي اجهوهير پي ياد ڪيو. ڳڻين جا ڪوٽ چڙهي  پيا آهن. ٻچا بکن ۾ پاهه پيا ٿين. نه حاجي ءَ پيءَ آيو ۽ نه وري ڪا کبر چار مڪائين. دودو پٺيانس ويو، اهو به وڃي ويهي رهيو، سڌ ڪانهي ته ڪهڙو حال ٿيو؟

عالم – سکيو اڄ سنڌ کان آيو آهي، دودو گڏيو هوس، چويين ته چنيسر کت به لکائي مڪو آهي ۽ ڏوڪڙ به انگريچ هٿ ٻلٽي ڪري مڪا اَنس. آنءُ ڳن ڪين مليا اهن ڪ؟

جانل – اسان کي ڪونه مليا آهن. ڪير آڻي ڏيندو؟

علم- انگريچ جا ماڙ هو آڻي ڏيندا، ٻيو ڪير؟

ٽيئي ٻار – (ماءُ کي گندي ءَ کان ڇڪي ) امان بک !

امان بک ! امان بک!

جانل – ابا، الله بکون لاهيندو. (اٿي پاٽو ڙي مان ٻاجهريءَ جي مانيءَ جو پاروٿو ٽڪرو آڻي ڏئين ٿي.) هان ٻچا، هي وٺو کائو. اجهي ته ڏوڪڙ آيا، پوءِ داڻا گهر ائي پٽن کي ڍير روٽلا پچا ئي ڏينديس )

(عالم کي ) هتي ته نڪو آيو انگريچ جو ماڙ هو،

نڪا آئي ڪاٻي پهر. اسين ته پئسن کي چنڊ پانگر پيا نهاريون.

اهڙو سڻا ئو واءُ ته الا جي ڪڏهن لڳندو؟

دعا ڪج.

عالم –الله جي دعا ٿيندي. چاڪر ٿو وڃي سنڌ کي.

انهيءَ کي چوئي ٿا ڇڏيون ته دودي کي ڳولي،

چنيسر کي نياپو ڪري ته پئسا اسان کي ڪونه مليا آهن. ڪو سگهو گس ڪج، نه ته هاڻ هيڻين جو حال ڪونهي !

جانل –ادا، الله توجن ٻچن ۾ سگهه وجهندو!

ڪو اهڙو بلو ڪج.چاڪرکي وڃي نياپو ڏج،

متان نڪري نه وڃي.

عالم – نه نه چاڪر ڏينهن لڙي نڪرندو، پر آءُ هير ئي وڃي ٿو سمجها ئي اچانس.

(عالم جو هڪڙو پير اندر هڪڙو ٻاهر آهي ته مٿان چاڪر پاڻ اچي ٿو سهڙي.)

چاڪر – ادا، سلام اليڪم

( هڪٻئي کي ڀاڪر پائي گڏجن ٿا ۽ ڀاڪر ۾ ئي هڪٻئي کان خبرچار پڇن ٿا.)

عالم –ادا، کش ؟

چاڪر –شخر آهه،

عالم –چاق ؟

چاڪر –الله جي مهر باني.

عالم – متارا، جوڙ؟

چاڪڙ – لک لائق رب جا.

عالم – آسودا؟

چاڪر – سڀئي کئير! عالم، تون کش؟

عالم- ادا، مڙئي شخر.

چاڪر – متارو، جوڙ ؟

عالم – الله جي مهرباني.

چاڪر – آسودو ؟

عالم – رب جو ڦضل.

چاڪر – ٻيو مڙوئي کئير ؟

عالم – ادا، سارو کئير.

(تنهن وچ ۾ هڪٻئي جي ڀاڪر کان نڪتا آهن ۽ ڪانڀ ڪڍي تڏي تي ويٺا آهن.)

چاڪر- ادا عالم، ڏي کبر ون چارون.

عالم – ادا عالم، ڏي کبرون چا رون.

عالم – کبرون مڙئي کئير. ويٺڙا الله لله ڪريون. اڄ آيس هتي چنيسر جي گهرين. ڏوڪري ويچار بنهه مري ٿي. سو اهيس ته تون وڃين ٿو سنڌو کي، سو مون ڪن ڪيئين ميڙ منٿ ته چا ڪر ڪن وڃي سنهيو ڏيج ته چنيسر کي چوئي ته توجو نڪو اسان کي مليو پئسو، نڪو پنجڙ. اسان کي بکن بيحال ڪري ڇڏيو آهي. چڱو جو ياد ڪندي، تو پاڻ اچي هتي نکتين، نه ته آءُ پاڻ تو ڪن پي آيس.

چاڪر- عالم، مون، ته سئو آهي ته چنيسر مير پور جي شوهر مان ڏاڍو ڌن ڪمايو آهي، پو گهرين ڪو ڪين ٿو موڪلي؟

عالم –انگريچ هٿ ڪي ڏو ڪڙ مڪا اهنس، پر ڏو ڪريءَ کي ڪو مليا ئي ڪين ؟

چاڪر – ادا، ملي ويندا، انگريچ جي گهران پائي به نه وڃي. انگريچ شينهن ٻڪري گڏي ڦٽو ڪيو آهي، ڏوڪري – پر تون ادا، ويندڙي سرط حاجيءَ پيءَ کي وڃي تاگيد ڪج.

چاڪر- حاضر، ادا حاضر. آءُ ويندڙي ئي نياپو سڻائيندوسينس. تون کاطري ڪج. هاڻ ڀلا مو ڪلايون؟

(عالم ۽ چاڪر ڀاڪر پائي موڪلائين ٿا،)

عالم – ادا، ڀلي ڪيرين آئين. (ٿورڙيءَ بعد) ادي آءُ به موڪلا يان ٿو.

جانل – ادا شل کش هجين!

سيٽي ٻڌڻ 2- محلات 3- ساعت.

·  واهن ڏي اشارو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org