سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: رهجي ويل منظر

صفحو :8

’خواب ڪڏهن به ساڀيا نه ٿيندڙ خواهشن جا ڌنڌلا عڪس هوندا آهن. مس صبا حميد.‘

’ڌنڌلا عڪس- ڌنڌلا، اڙي ها. صبح جڏهن وهنتس پئي ته منهنجو ڌيان تنهنجي ڪالهوڪي ٻڌايل لطيفي ڏانهن هليو ويو. مون کي باٿ روم ۾ ڏاڍي کل آئي هئي. پر مميءَ جي ڀؤ کان کل کي گهٽي ڇڏيو هيم. ۽ مان چاهيندي به پنهنجي ان حصي کي نه صابڻ ملي سگهي هيس، نه ٽاول سان مهٽي سگهي آهيان. ڏسندين.........؟‘

صبا ڪياڙيءَ وٽان هُڪ کولي کاٻو هٿ پٺيان ورائي زپ کي هيٺ کسڪائي ڇڏيو هو.

’هي ڏس-؟ پر ٿورو ڌنڌلو ٿي ويو آهي.‘

’هونم‘

’ڏس آهي نه......؟‘

صبا جي چپن تي سوڀ جي هلڪي مرڪ ۽ نيڻن ۾ نيري روشني پرٽجي وئي هئي. نيري روشني جيڪا صبا جي نيڻن مان نڪري ڪمري ’۾ ڦهلجڻ لڳي هئي. سڄو ڪمرو هلڪو نيرو ٿيندو ويو هو. چيو هئائين: آ وٺٺ، هي ڇلو تون پائي ڇڏ.‘ ڏسڻي آڱر مان ڇلو لاهي مون ڏانهن وڌايو هئائين.

’مون کي اهڙين شين سان ڪابه دلچسپي ناهي.‘

’ها ها مون کي خبر آهي، پر هن کي تون پائي ڇڏي.‘

’ڇا ڪندس پائي........؟‘

’مون کي خوشي ٿيندي. هٿ ڏي.... پليز؟‘

هٿ وڌائي ڇڏيو هئم. صبا منهنجين مختلف آڱرين ۾ ڇلو لاهڻ ۽ پائڻ لڳي هئي. آهستي آهستي نيرو ڌنڌ وڌيڪ گهرو ٿي ويو هو. نه ڄاڻ ڪهڙي پل صبا، ڇلي سان گڏ پنهنجيون سموريون آڱريون منهنجي آڱرين جي ڀورن ۾ پيهي ڇڏيون هيون. محسوس ٿيو هئم، ڄڻ سمنڊ جي تهه ڏانهن وڃڻ لڳو هوس. سڀئي آواز سمنڊ جي سطح تي رهجي ويا هئا. سڄو ڪمرو نيرن لهرن سان ڀرجي ويو هو جن ۾ صبا هوريان هوريان ترندي مون تائين پهچي وئي هئي. بلڪل ائين جيئن سمنڊ جي اندر ماڻهون پنهنجي وجود جي ڳوراڻ وڃائي ويهي ۽ اڏامڻ لڳي لهرن جي ٻانهن تي. صبا جا ريشمي وار، نيرين لهرن تي ’سلوموشن، ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٿيندا منهنجي چهري جي چوڏس ۾ ڦهلجي ويا هئا. سمنڊ جي اونهائي ۾ ڪرڻ لڳي هئم. ۽ منهنجا هٿ بد خواسيءَ ۾ صبا جي لسي پٺيءَ تي ريڙهيون پائڻ لڳا هئا جيئن مٿانهين تان هيٺ ڪرندڙ شخص جا هٿ پهاڙ جي اڀي سڌي سنواٽي حصي ۾ هيٺاهينءَ ڏانهن ڪرڻ کان بچڻ لاءِ حفاظتي هنڌ ڳوليندا آهن. پنهنجي ساڄي ڇاتيءَ مان شديد تڪليف جو احساس ٿيو هئم. پوري سگهه هٿن ۾ ميڙي صبا کي پاڻ کان ڌار ڪري ڇڏيو هئم. صبا ٻئي پلنگ تي ڪري. ٻنهين هٿن جون آڱريون نرم وارن ۾ پيهي ٻڏل ساهن سان ٽهڪن ۾ پئجي وئي هئي. ڀانيو هئم ڄڻ سمنڊ جي تهه ڏانهن ويندي امالڪ سمنڊ جي سطح تي پهچي ويو هوس. نيرو ڌنڌ گهوماٽي کائي گيلري ڏانهن کلندڙ دريءَ جي سيرن مان غائب ٿي ويو هو. ۽ شهر جو سمورو گوڙ، گيلري جو دروازو پار ڪري ڪمري ۾ ڦهلجي ويو هو. ڊگها ڊگها ساهه کڻڻ لڳو هوس، وات کولي پوري سگهه سان. ساهن تي قابو پائي صبا ڏانهن ڏٺم هئم، جيڪا مون ڏانهن ڏسي مرڪي رهي هئي. ساڄي ڇاتيءَ ۾ پوسراڻ وڌي وئي هئي. ڪنڌ جهڪائي ڏٺو هئم، صبا جي ڏندن جي ڇاپ ٽهڪ ڏئي رهي هئي. هوءَ پرس مان هيئر برس ڪڍي وارن ۾ ڏيڻ لڳي هئي. پوءِ ننڍڙو آئينو ڪڍي کاٻي هٿ ۾ جهلي، ساڄي هٿ سان چپن مٿان لپسٽڪ ترڪائڻ لڳي هئي. ڪال بيل وڳي هئي، دروازي ڏانهن ويندي صبا ڏانهن ڏٺو هئم، صبا جا هٿ تڪڙ ۾ پٺيءَ ڏانهن وڌي ويا هئا. آواز ٿيو هو: (ززز زززپ). ۽ سندس هٿ ڪياڙيءَ وٽ اچي بيهي ريهو هو. منهنجو ڪهاڻيڪار دوست اندر اچي ويو هو. مون صبا ڏانهن اشارو ڪري چيو هو: ’صبا حميد فخري.‘ صبا جي چپن تي مرڪ جي هلڪي ڪريم حرڪي پئي هئي. ’صبا هي منهنجو دوست ڪهاڻيڪار آهي. ڏهن سالن کان ڪراچيءَ ۾ رهندو پيو اچي. پر هن ۾ ڪراچي جي ماڻهن جي ڪابه خاصيت پيدا ٿي نه سگهي آهي، بلڪل ائين جيئن اڄ تائين سندس بستري ۾ هڪ به منگهڻ پيدا نه ٿي سگهيو آهي... هي مون کي هن فليٽ ۾ رهندي به دادو ڪئنال جي ڪپ تي لڳل سنجهي جي گهاٽي وڻ جهڙو لڳندو آهي.‘

منهنجي دوست جي چهري تي چپن کان وڌيڪ نيڻ مرڪڻ لڳا هئا. اهڙو احساس شايد کيس به ٿيو هو ۽ هو ٽهڪ ڏئي مون سان گڏ پلنگ تي ويهي رهيو هو. کاري مان زيتون ڪڍي صبا کي ڏيندي چيو هئائين:

’في الحال هن کان وڌيڪ مان توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري ٿو سگهان.......؟‘

صبا زيتون ۾ هلڪو چڪ هنيو هو. هن مون ڏانهن اشارو ڪري پڇيو هوس:

’هن ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي، جو توهان سان گڏ هيستائين هليون آيون آهيو......؟‘

صبا منهنجي نيڻن ۾ نيڻ اڙائي چيو هو:

’هن جي نيڻن وانگر هن جون ڳالهيون به خوبصورت آهن. هن جي ڳالهين وانگر هن جو انداز به خوبصورت آهي.‘ کن رکي صبا پڇيو هوس:

’هن ۾ توهان کي ڪا خاص خامي نظر آئي آهي ڇا..........‘

’جي؟.......جي نه.‘

صبا جي اوچتي سوال تي منهنجو دوست ڪجهه پريشان ٿي ويو هو. صبا چيو هو:

’دير ٿي وئي آهي.‘ ۽ اسان اٿي بيهي رهيا هئاسون.

بس ڪراچيءَ جي ٽول پلازا پار ڪري، ريڊ انڊينز جي ڪمان مان پوري سگهه سان ڇڪي ڇڏي ڏنل تير جيان هوائن ۾ اڏامڻ لڳي هئي. کليل دريءَ مان هوائون اندر ڌوڪي آيون هيون. صبا جا ريشمي وار منهنجي منهن تي ٿڌڙا ڪڍڻ لڳا هئا. صبا پرس کولي لفافو ڪڍندي چيو هو: ’نيزا کائيندين.........؟ مان جڏهن به واپس ويندي آهيان، ممي مون کي نيزا وٺي ڏيندي آهي ته جيئن منهنجو سفر مصروف گذري.‘

هن هلڪو گلابي رومال پنهنجي هنج ۾ پکيڙي، سمورا نيزا مٿان پرٽي ڇڏيا هئا. پوءِ رومال جي چئني ڪنڊن کي پاڻ ۾ ملائي رومال کي هٿن ۾ مهٽڻ لڳي هئي. مهٽي رومال کولي ڇڏيو هئائين. نيزن جو سمورو ناسي تهه رومال کي چهٽي پيو هو. نيزو آڱر ۽ آڱوٺي ۾ جهلي مٿيون کوپو نينهن سان لاهڻ لڳو هوس. صبا پهرين منهنجي آڱرين ۾ ٽٽندڙ نيزي کي، پوءِ مون کي ڏسي مرڪي پئي هئي. مرڪندي چيو هئائين: ائين نه هيئن کاءُ. وڌيڪ آسانيءَ ۽ مزي سان کائيندين، صبا نيزو آڱوٺي ۽ آڱر جي سهاري جهلي، سندس اڌ حصو ڏندن وچ ۾ ڏئي هلڪي چٻ ڏني هئي ته نيزي جو اڌ کوپو هن جي ڳاڙهن چپن جي اندر جرڪندڙ ڏندن وچ ۾ رهجي ويو هو. جنهن کي هن ٻئي هٿ سان ڪڍي آڱر ۽ آڱوٺي جي مٿان ظاهر ٿي پيل ڳڀ کي ڏندن سان کڻي ورتو هو. مون مرڪي ٻيو نيزو ڏندن ۾ رکيو هو ته صبا چرچي ۽ ٽوڪ جي گڏيل سڏيل لهجي ۾ چيو هو:

’سنجها سان رهي تو ماڻهو واريون عادتون وساري ڇڏيون آهن؟‘

مون ڏندن ۾ جهليل نيزو کليل دريءَ مان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو هو.

’توکي ايڏي وڏي جملي ڳالهائڻ جو حق ڪنهن بخشيو آهي صبا.......؟‘

منهنجي لفظن جي سرد هوائن صبا جي چهري ۽ هٿن تي ڄڻ پارو ڪيري وڌو هو. هوءَ وساڻل نيڻن سان مون ڏانهن تڪڻ لڳي هئي.

’مان سنجها لاءِ هڪ به کوٽو اکر ٻڌڻ کي پنهنجو، سنجها جو ۽ پاڻ پنهنجو ايمان سمجهندس. ڇو ته سنجها منهنجي وڃائجي ويل سپنن جي ساڀيا آهي.... ۽ تون انڪري سٺي آهين، بي انتها عزت لائق، جو تنهنجي لڌل سپنن جي ساڀيا وڃائجي وئي آهي. ان هوندي به تون ڀريل ميڙ ۾ پنهنجي سمورين پيڙائن کي لڪائي ڀرپور ٽهڪ ڏيڻ جي فن کان واقف آهين.‘

صبا هوريان هوريان نيڻ کڻي منهنجي سرد چهري تان نگاهون هٽائي ڪيتري دير کان هڪ هنڌ پيل هٿن ڏانهن ڏٺو هو. پهريان هڪ آڱر چوري هئائين، پهريان ڪجهه پوءِ ڪجهه وڌيڪ. هن هنج ۾ هڪ ٻئي مٿان رکيل هٿن جي سمورين آڱرين کي چورڻ شروع ڪيو هو. ۽ هٿ کڻي دريءَ جو سڄو شيشو کولي ڇڏيو هئائين. هوا، زنا جي ڏوهه ۾ ڇڏائي ڀڄندڙ ڏوهيءَ پٺيان ڪنهن مڇريل هجوم جيان، اندر ڌوڪي، هر طرف ڦهلجي وئي هئي. صبا کليل دريءَ مان پٺ ڏانهن ڊوڙندڙ بي انت ڦهليل ميدان جي آخر ۾ نظر ايندڙ سرمائي ڌنڌ ۾ ويڙهيل پهاڙي سلسلي ڏانهن تڪڻ لڳي هئي.

’سنجها اڄ تائين تو مٿان جيڪي الزامن جا ڦاها اڇلايا آهن تن جو پڇتاءُ اٿم. ۽- ۽ ان جي پڇتاءُ جي ڀوڳنا کي گهٽائڻ لاءِ آئون سنجها سان ويساهه گهاتي ڪري توسان هليو آيو هئس. رڳو تنهنجي هئڻ جي احساس کي جيئري رکڻ لاءِ ....۽ اڄ مان جيڪڏهن تو آڏو پنهنجي اندر جي سمورين سچاين سميت اعتراف ڪري به ڇڏيان، ته منهنجي اندر ۾ توسان ۽ تنهنجي جسم سان محبت ڪرڻ جو جذبو پنهنجي سموري سگهه سان جاڳي پيو آهي تڏهن به ڪو فرق نه پوندو ڇو ته ڪوبه ماڻهو هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ سچي ۽ شديد محبت ڪري نه ٿو سگهي.‘

هڪ ئي مهل ڪيترا لڙڪ، صبا جي نيڻن جي پڇڙين مان ڇڏائجي، هوائن ۾ ڦيريون پائي منهنجي ڳلن، چپن ۽ نڪ تي پتڪڙن ٻارن جي نرم گرم هٿن جيان چهٽي پيا هئا.

’صبا........‘

هن سرمائي ڌنڌ ۾ ويڙهيل پهاڙي سلسلي ڏانهن گهوريندي وڃايل لهجي ۾ ڀڻڪيو هو:

’هون.‘

’توکي سدائين خوش ڏسڻ چاهيو هئم. پر تنهنجن ڏکن ۾ واڌارو آڻڻ کان سواءِ توکي ڪجهه به ڏئي نه سگهيم. مون کي ناڪاميءَ جو احساس هميشه رهندو.‘

’هميشه کان ائين ٿيندو آيو آهي....‘

’ها صبا، جاڳ ۽ ننڊ جي وچ ۾ لڌل سپنن جي ڪابه حقيقت نه هوندي آهي.‘ ٻيهر ڪيترا لڙڪ هوائن تي اڏندا منهنجي نرڙ ۽ لوندڙيءَ وٽ ننڍڙن هٿن جيان چنبڙي پيا هئا.

’صبا، دري بند ڪري ڇڏ. تنهنجا لڙڪ منهنجي اندر ۾ وڍ وجهي رهيا آهن.‘

صبا هڪدم منهن ورائي منهنجن نيڻن ۾ نيڻ کپائي چيو هو:

’تون ڇا ٿو سمجهين....مان هر ڳالهه تي، ٻارن وانگر روئڻ وارن مان آهيان........؟ هي ته هوا جي دٻاءُ تي زور نڪري پيل پاڻي آهي.‘

صبا جو آواز ويهجي ويو هو. هن پنهنجو ٻانهون دريءَ جي ڪارنس مٿان کپائي تنهن مٿان ڪنڌ ڍرڪائي ڇڏيو هو.

’مون کي خبر آهي، تون ڏاڍي بهادر آهين. تڏهن ئي ته تنهنجي ڳالهه جو مانُ رکندي توسان آخري ڀيرو ملڻ آيو هوس.‘

’اڄ کان پوءِ مون سان نه ملندين.......؟‘

’نه‘

صبا جهٽڪي سان دري بند ڪري ڇڏي هئي ۽ سڀئي هوائون رڙيون ڪنديون پٺ ڏانهن رهجي ويون هيون.

’اڄ کان پوءِ منهنجا پير انهن سمورين هيٺاهين ڏانهن کڄندا، هن کان اڳ جن لاءِ منهنجي ذهن ۾ رڳو تصور ايندو هو.‘

پوءِ مان هن کي روز نئين ڇوڪري سان ڏسندو هوس. اڪيلو مان نه، تو به ڏٺو هو. صبا مون کي ڏسي، انهن ڇوڪرن سان ڳالهائيندي وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳندي هئي. هن جا ٽهڪ جيڪي ڪڏهن مون لاءِ اڇا ڪبوتر هوندا هئا، پوءِ ٽانڊا بڻجي پيا هئا. پر مون هن کي ڪڏهن به نه روڪيو هو. سڌ هئم صبا ايڏي آسانيءَ سان هر ڪنهن آڏو وڇائجڻ واري نه هئي. پوءِ به الائجي ڇو.... هن کي ٻين سان ڏسي ڏک جي ابت ڪنڊڙي منهنجي گلي ۾ اڀري پوندي هئي. جنهن جو عذاب سڄي جسم ۾ پرٽجي ويندو هو. اهو ڏسڻ کان پوءِ، تون پرسڪون ٿي وئي هئينءَ. صبا سان روز نئين ڇوڪري کي ڏسي تنهنجن شفن رنگ چپن تي مرڪي جي ڪونجن جي قطار اڏرڻ لڳندي هئي. ۽ تنهنجا نيڻ مون کي چوڻ لڳندا هئا: ’ڏٺئي، اها ٿئي مس صبا حميد. جنهن کي تون پوتر سمجهندو هئين......؟‘

’هي ڇلو ڪنهن ڏنو اٿئي........؟‘

منهنجي آڱر ۾ پاتل صبا جي ڇلي ڏانهن شڪ جي نگاهه سان ڏسندي چيو هيئي.

’هي منهنجي ڪوي دوست جي آهي. ڪالهه ڪراچيءَ مان واپس ايندي ڏيڻ وسري ويو هئم‘

ڪوڙ ڳالهايو هئم. ڇو ته ڪوڙ مون کي پنهنجي چوڌاري ڪنهن مضبوط قلعي جهڙو محسوس ٿيڻ لڳو هو. ۽ سچ جا سمورا رستا وڇوڙي جي رڻ ڏانهن ويندي نظر آيا هئم.

’لڳي ته ليڊيز ٿو.......؟‘

’ها، شايد زال جو اٿس.‘

تون ڇلي جي سونهري روشنيءَ ۾ غور سان ڏسڻ لڳي هئينءَ، ڄڻ ڇلي ڏيندڙ جو چهرو سونهري روشنيءَ ۾ ڳولڻ لڳي هئينءَ، ڪجهه به نه پسي ڇلو منهنجي چيچ مان لاهي پنهنجي ڏسڻي آڱر ۾ پائي چيو هيئي:

’ڏس، هاڻ وڌيڪ خوبصورت ٿي لڳي نه......؟‘

ڇلي پيل آڱر ڏانهن هلڪي مرڪ سان ڏسڻ لڳي هئينءَ. سوچيو هئم، توکي جيڪڏهن ڇلي ڏيندڙ جي سڌ پئجي وڃي ته جيڪر ان ڇلي کي ايڏي سگهه سان آسمان ڏانهن اڇلائي ڇڏين، جو ڌرتيءَ جي ڇڪ وڃائي هميشه لاءِ پولارن ۾ گم ٿي وڃي. چيو هئم:

’هون، زبردست ٿو لڳي.‘

۽ تو پنهنجين ساهڙين کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته، هي ڇلو مون توکي مڱڻي تي وٺي ڏنو آهي. منهنجن گهڻن دوستن ۽ تنهنجين ڪجهه ساهڙين کي اها ڄاڻ هئي ته اسان جو مڱڻو ٿي چڪو آهي.

توکي ياد آهي........؟ هڪ شام منهنجي هڪ ڏنگي دوست، ظهور کي رازداريءَ مان ٻڌايو هو: ’پنهون ۽ سنجها هفتو اڳ ڪورٽ ميريج ڪري ڇڏي آهي. پر في الحال ان ڳالهه کي آئوٽ ڪرڻ نه ٿا چاهين. تنهنڪري في الحال تون به ڪنهن کي نه ٻڌائج.‘ منهنجي ان ڏنگي دوست کي سڌ هئي ته ظهور کي جنهن ڳالهه تي زور ڏئي روڪبو، تنهن کي سڄي شهر ۾ اخبار بڻائي ڇڏيندو آهي. ظهور منهنجي ڏنگي دوست سان ان راز کي راز رکڻ جو واعدو ڪري، ٽيليفون بوٿ هليو ويو هو. ۽ پنهنجي ڪزن پپوءَ کي جيڪو منهنجو تمام پيارو دوست آهي، ٽيليفون تي ٻڌايو هئائين:

’هڪ نئون انڪشاف، پنهونءَ ۽ سنجها ڪورٽ ميريج ڪري ڇڏي آهي.‘

رات جو منهنجو ڏنگو دوست مون وٽ آيو هو ۽ هٿ ٻڌي چيو هئائين: ’توکان جيڪڏهن ظهور يا ڪو تنهنجي سنجها سان ڪورٽ ميريج بابت ڪجهه پڇن، ته ها چئي ڇڏجانءِ، ڪجهه ڏينهن لاءِ نئين چينج ٿي پوندي.‘ ٻئي ڏينهن صبح سان پپوءِ منهنجي گهر آيو هو. ان مهل تون منهنجي پيرن ۾ پاتل بوٽ جون ڪهيون ٻڌي رهي هئينءَ. پپوءِ رڙ ڪري چيو هو: ڪانگريٽچوليشنز‘ توکي سلام ڪري، مون کي ڀاڪر پائي ڳچيءَ تي چمي ڏئي چيوهئائين: ’اڙي ڀاڙيا، يارن کان به لڪائي ڪيئي........؟‘

مون پنهنجي اندر ۾ اٿلون کائيندڙ کل کي مرڪ جي ٻنڌ ڏيئي چيو هو: ’في الحال اها ڳالهه سيڪريٽ رکڻي آهي. مون پنهنجي گهر وارن کي به نه ٻڌائي آهي.‘

’ڇو ڀلا.......؟‘

’يار سنجها جون ڪجهه مجبوريون آهن.‘

’ڪهڙيون مجبوريون.........؟‘ تو ٻئي بوٽ جي ڪهين کي ڳنڍ ڏيندي ٻارن وانگر پڇيو هو.

’اها، پاڻ ٻنهين جي شاديءَ جي خبر.........‘

’ها اهڙي خبر جيڪڏهن منهنجي گهر پهچي وڃي ته ڪهرام مچي وڃي.‘ توکلندي چيو هو.

’اڇا .........؟ بهرحال ’يو آر گريٽ.‘ اسان جي پوري لڏي ۾ توهان ٻئي بهادر آهيو. مون امڙ کي به ٻڌايو آهي. ڏاڍي خوشي ٿي. چيو اٿائين سڀاڻي شام جي ماني اچي اسان وٽ کائون.‘

’پر ڪهڙي خوشيءَ ۾--؟ تون وائڙي ٿي وئين هئين. اک ڀڃي چيو هو مانءِ:

’پنهنجي شاديءَ جي خوشيءَ ۾.......؟‘ توکي سُڌ هئي ته مان ۽ منهنجا دوست اڪثر اهڙيون شرارتون ڪندا رهندا آهيون.

تون ڳالهه جي تهه تائين پهچي ٽهڪ ڏئي کلي پئي هئينءَ ۽ کلندي مون کي ڀاڪر پائي چيو هيئي؛ ’اڙي ها، پاڻ ايترو ته گڏ رهيا آهيون جو هاڻ ته لڳي ٿو پنهنجيءَ شاديءَ کي سال گذري ويا آهن.‘

پپوءِ مرڪي چيو هو: ’لڳندو به ائين آهي.‘

’اسان تنهنجي دعوت قبول ڪيون ٿا پر ٿوري ڦير ڦار سان.‘

ڪهڙي ڦيرڦار؟‘

’اها ته شام جي نه پر سڀاڻي منجهند جي ماني توهان وٽ.‘

’ها اهو ٺيڪ آهي.‘ تو مرڪي چيو هو.

پپوءِ جي امڙ اسان کي ڪيڏو پيار ڏنو هو......؟ سندس شخصيت پرهه جي پهرين سج جهڙي ۽ سندس آواز پرهه جي پهرين سج جي ڪرڻن جهڙو تازگي ۽ جلا بخشيندڙ هو. اسان ڊائننگ ٽيبل تان اٿي ڊرائنگ روم ۾ اچي چانهه پيڻ لڳا هئاسون ته اوچتو صبا جو ذڪر کڻي وٺي هئينءَ. حيران ٿي ويو هئم. تون مون تي الزام هڻڻ لڳي هئينءَ. ۽ مان پنهنجي صفائيءَ ۾ ڳالهائڻ لڳو هوس. ڪنهن وڪيل جيان امڙ منهنجي پيش ڪيل صفائي ٻڌي، توکي تاڪيد ڪيو هو: ’ڌيءَ توکي پنهنجي گهوٽ تي يقين ڪرڻ گهرجي.‘ تون ماٺ ٿي وئي هئينءَ ۽ مان ذلت جي احساس کڻي توسان گڏ ٻاهر نڪري آيو هوس.

پاڻ يوڪَلپٽس ۽ سرينهن ڀريل روڊ لتاڙي اتي پهتا هئاسون جتي پهچي سمورا آواز ٻاهر رهجي ويندا هئا. تو منهنجي اگهاڙي سيني تي اڀريل ذري گهٽ ڪاري ٿي ويل چڪ کي ڏسي رڙ ڪئي هئي:

’هي ڇا هي.....؟‘

’ڇا هي؟‘

وائڙن جيان پنهنجي اگهاڙي سيني جي ساڄي پاسي صبا جي لڳايل چڪ کي ڏٺو هئم. رڳو هڪ پل لاءِ ککو وکو ٿي ويو هوس. ۽ پوءِ ٽهڪ ڏئي کلي چيو هئم:

’اها راهل جي مهرباني آهي.‘

’راهل--؟‘

’عليءَ جو پٽ ناهي.....؟ جنهن لاءِ تو بوهري بازار مان شرٽ ۽ پينٽ به ورتي هئي؟‘

’پرهي ڏند ته ٻار جا نه ٿا لڳن.......؟‘

’هن جا اڳيان به ڏند بلڪل ماءُ وانگر تيز ۽ ويڪرا آهن.‘

’ڇا ڪيو هئس تو......؟‘

’چهنڊري پاتي هئي مانس چتڙ ۾.‘

تون ٽهڪ ڏئي کلي پئي هئينءَ ۽ پوءِ چڪ مٿان آڱريون ڦيري افسوس مان چيو هيئي:

’ڪيڏو ته زور سان چڪ پاتو ٿئي حرام زادي....؟‘

’۽ هنن جي باري ۾ توهان جي ڪهڙو خيال آهي؟‘

مون ڏورن ۽ ڪلهن وٽ تنهنجن پاتل چڪن ڏانهن اشارو ڪري پڇيو هو.

’مان ته پائيندوس، منهنجي مرضي. تون ڪير ٿيندو آهين ڙي مون کي روڪڻ وارو؟‘

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org