سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: چتر ليکڪا

صفحو :7

 

باب سترهون

ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن چترليکا ننڊ مان اٿي ته هن ڪمارگريءَ کي نيم جي ابتڙ اڃا ستل ڏٺو. هوءَ ٻاهر نڪري آئي. هن جي مٿي ۾ ڏاڍو سور هو ۽ سندس سارو شرير تپ ۾ ٻري رهيو هو. سڄي رات هن ڀيانڪ  سپنا ڏٺا هئا، هن جو سر ڳورو ڳورو هو ۽ هن جو هردو ڏڪي رهيو هو.

ٻاهر جو وايو منڊل اُس ۾ وهنجي رهيو هو.آسپاس جي وڻن، ٻوٽن ۽ لوڙهن ۾ وسيل پکين جي سنسار ۾ راڳ جي رچنا رچي چڪي هئي. شايد نون ٽڙيل گلن جي سڳنڌ کيس بي سُرت ڪري ڇڏيو هو. ڪٽيا کان ٻاهر اچي هوءَ بيهي رهي. ٻاهر شاهه بلوط جي وڻن هيٺان وشالديو پنهنجي پوڄا ۾ مگن هو. بيٺي بيٺي، پنهنجي سموري جيون ڪٿا سندس اندر ۾ ڦري ويئي. ان پرکيا کي ڪيئن منهن ڏجي؟ هن کي واپس وڃڻ گهرجي؟ ڪيڏانهن وڃي پئي سگهي؟ بيج گپت ڏانهن به ڪهڙي منهن سان وڃي؟ ڇا، بيج گپت به کيس سويڪار ڪندو؟ هوءَ انهن سوالن جا جواب نه پئي ڏيئي سگهي. هن ڪجهه تازا ٽڙيل گل پٽيا ۽ وشالديو وٽ آئي. وشالديو اکيون کولي کيس ڏٺو ۽ نمسڪار ڪيو.

چترليکا جي من ۾ اوچتو هڪ ويچار اتپن ٿيو. هن سندس نمڪار وراڻيو ۽ ڏانهن سري. کيس پاڻ وٽ اچي بيهندو ڏسي، وشالديو وائڙيو ٿي ويو ۽ چيو، ”ديوي! ڪجهه چوڻو اٿو ڇا؟“

”هائو،“ چترليکا چيو، ”۽ جو ڪجهه چوڻو اٿم سو ضروري ۽ اهم آهي. ان کان اڳ جو مان توتي ڀروسو رکي ڳالهه ڪريان، تون وچن ڏينم ته جي سهائتا نه ڪري سگهين ته ڀيد ۾ رکندين. اهو وچن ڏين، ته چوان!“

”مون تي وشواس ڪيو ديوي! اهو وچن آهي.“

”ته پوءِ ٻڌ. وشالديو! مان ڀانيان ٿي ته مان  - توکان لڪائڻ هاڻي ڪهڙو – هت اچي ڀل ڪئي آهي. مان هت اوچو پد ماڻڻ آئي هيس، پر پاتال  جي گهراين ڏانهن پيئي وڃان. مان مڪتي ماڻڻ آئي هيس پر هت وڌيڪ ٻنڌڻن ۾ ٻڌبي پيئي وڃان“

وشالديو مرڪيو. سندس اکين ۾ ٺٺوليءَ واري چمڪ هئي. ”هائو!  مون سمجهيو.“

هن سندس مرڪ ۽ اکين جي چٿر ۽ ٽوڪ پڙهي ورتي. هانءَ جي ساڙ کيس بي چين ڪري وڌو- ”تون مون تي کلين ٿو، ڇو جو مون تي وشواس نٿو ڪرين. ائين برابر آهي، ڇاڪاڻ ته ان رات تو مون کي ڪمارگريءَ وٽ ڏٺو هو. ڇو نه تو سان سڌي سنئين ڳالهه ڪريان، مان هت جنهن ڪاريه سان آئي هيس سو منهنجي وس جو نه آهي. هتي اچڻ کان پوءِ پاڻ جاچيندي پتو پيم ته مون ڀل ڪئي هئي. هت اچي مون پاڻ کي ڪيرايو آهي. اڃا وڌيڪ ڪِرڻ لاءِ مان تيار نه آهيان. گڏو گڏ مان هڪ ٻئي  جيوَ، ڪمارگريءَ، کي به ڪيرائي رهي آهيان، ۽ اهو هڪ مهاپاپ آهي. ٻڌاءِ – هن پاپ ۽ پڇتاءَ جي سنسار مان نڪرڻ ۾ منهنجي سهائتا ڪندين؟“

”وس ۽ وت آهر سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، ديوي!“

”وشالديو! آريه بيج گپت جي جاءِ ڏٺي اٿي؟“

”هائو، ديوي!“

”اتي شوتينڪ نالي هڪ نوجوان رهندو اٿي. ان کي چئو ته مان ساڻس ملڻ ٿي گهران.“

”ٺيڪ آ، ناري!“

ان سمي ڪمارگري ڪٽيا مان ٻاهر نڪتو. کيس ڏسي، هو چپ ٿي ويا. ڏوهارين جيان ڪنڌ جهڪائي، اچي هو هنن آڏو بيهي رهيو. ڪا مهل ٽيئي ماٺ رهيا. نيٺ ڪمارگريءَ سانت ٽوڙي، ”اڄ مان گهڻو سمهيو آهيان.“ هن بي شرميءَ سان کليو. ”ان لاءِ سچ پچ لڄي آهيان. نه؟“ ايترو چئي، هو ماٺ ميٺ ۾ اڳتي وڌي ويو. هن جون وکون ڳريون ٿي ويون هيون، ۽ ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هو اوچتو ڪراڙو ٿي ويو هو. وشالديو هن جي چهري ۾ اها انوکي مٽ سٽ ڀانپي ورتي. هن حيرت ۾ اچي چترليکا کان پڇيو، ”ديوي! اڄ گرديو. جن چاڪ نٿا لڳن.“

”هائو، هو ناچاڪ آهن، ۽ ان جو ڪارڻ منهنجي هت موجودگي آهي. وشالديو! توکي مون سان سهڪار ۽ سهائتا ڪرڻي پوندي. منهنجي ڪارڻ نه پر پنهنجي گروءَ ڪارڻ.“

”مان ڪندس – اوس ڪندس. اڄ ئي، ڪيئن ڪري به بيج گپت آريه جي جاءِ تي ويندس.“

ڪمارگري ڪٽيا کان پري هليو ويو هو، ۽ سڄو ڏينهن نه موٽيو. وشالديو شام جو پاتليپتر کان موٽي اچي چترليکا کي ٻڌايو، ”ديوي! آريه بيج گپت ڪاشيءَ جي تيرٿ ياترا تي ويل آهي.“

اهو ٻڌي چترليکا جو جيءُ جهري پيو، ”وشالديو! هاڻي ڇا ڪجي؟“

”ديوي! نراسائيءَ منهنجو به متيون منجهائي ڇڏيون آهن. ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي.“

”مون سان به ساڳي ويڌن آهي. ڪا پرلوڪ جي پرولي آهي.“ چترليکا پنهنجي مونجهاري جي باس ڪئي. پوءِ هوءَ ماٺ ٿي ويئي ۽ ٺلهين اکين سان پالهي پولار ڏانهن تڪيندي رهي. ”اِها ئي ايشور جي اڇا آهي. شايد، اهو منهنجي پاپن جو ڦل آهي. منهنجو ساٿ ته رڳو بيج گپت سان ئي سونهيو پئي. ان کي مون پاڻ ئي ڇڏيو. ڇو؟ .....نه .... هروڀرو .... مان هت گيان ماڻڻ آئي هيس – ڇا هيءُ ئي گيان آهي؟ ڀڳوان مون کي نرواڻ ڏيئي رهيو آهي. پوءِ هيءَ ڪر ڪر ۽ کٽ کٽ ڇو؟ وشالديو! تون ڪجهه نٿو ڪري سگهين، مان ڪجهه نٿي ڪري سگهان، گرديو ڪجهه نٿو ڪري سگهي، ۽ شايد پرماتما به ڪجهه نٿو ڪري سگهي! ان جو انتم نشچو اسان کي پنهنجي ڀاڳ تي ڇڏڻو پوندو. جو ڀاڳ ۾ لکيل آهي، سو اوس ٿيندو!“ هوءَ پنهنجي وس نه رهي هئي. سندس ڳاڙها ڳل، اونهيون ۽ ڀيد ڀريل اکيون، سڀ ڪاوڙ ۾ ٻري رهيا هئا. هن جو شرير ڏڪي رهيو هو. ڪٺورتا ۽ ڪروڌ ۾هن هٿ ۾ جهليل مکڙيءَ کي پن پن ڪري ڇني ناس ڪيو.

چترليکا جو اهو ڪروڌي روپ ڏسي وشالديو به ڏڪي ويو – ”ديوي! اڳيون جيون ڇو نه ٿي اپنائين ۽ سويڪار ڪرين؟“

”پويون جيون سويڪار ڪريان؟“ – چترليکا مرڪي هن ڏانهن گهريو. ”ڪهڙيون نه ٻاراڻيون ڳالهيون پيو ڪرين. مان گهڻو اڳتي وڌي آئي آهيان  - پوئتي موٽڻ لاءِ نه. پٺتي موٽڻ ڪانئرتا آهي ۽ سرشٽيءَ جي نيمن جو اولانگهن. هن سنسار ۾ ڪير پٺتي وري سگهي ٿو! ۽ ڪنهن ڪڏهن ائين ڪيو آهي؟ پل پل اڳتي وڌندي، منش موت جي ڄاڙين ۾ وڃي پهچي ٿو. جي اُتان هو پٺتي وري سگهي ها ته امر نه ٿي وڃي ها؟ اڳتي! اڳتي! اهو ئي نيم چالو آهي – پوءِ توڙي پاپ هجي، يا پڃ! سمجهيئي؟“ ايترو چئي، هوءَ هلي ويئي. نوجوان ڪروڌي ناريءَ کي ويندو ڏسي، پر سن به ٿيو ۽ مٺيان به کاڌي، ۽ اندر ئي اندر ئي ۾ پرارٿنا ڪيائين، ”اي ڀڳوان! وري اهڙي درشٽ ناريءَ جي پڙ نه وجهج!“

اڳتي وڌي، چترليکا ڪمارگريءَ کي هڪ وڻن جي جهڳٽي هيٺان اداس ۽ وياڪل ويٺل ڏٺو. چترليکا کي ايندو ڏسي هو اٿي بيٺو. چترليکا پڇيس،”گرديو جن اڄ سڄو ڏينهن ڪٽيا ۾ نه ويا آهن.“

”هائو! ائين آ نرتڪي. ڪٽيا ۾ وڃڻ – اف، ڪيڏو نه ڀيانڪ آهي!“

”هائو، ائين ته آهي! پر ان جو ڪو ڪلياڻ؟“

”ڪلياڻ؟ رڳو هڪ ڪلياڻ آهي نرتڪي. اهو تون به ڄاڻين ٿي. مون ڏٺي جي پوڄا ۾ ويساه آڻڻ جوآرنڀ ڪيو آهي. پر تو کان سواءِ اها بت پرستي اڻ ٿيڻي آهي.“

”ڏٺي جي پوڄا ڪوڙ ۽ دوکو آهي.“

”ڪوڙ يا سچ جو نشچو ڪرڻ تنهنجو ڪم نه آهي. تون منهنجي شش آهين. تنهنجو ڌرم اهو آهي ته مان جو ڪجهه چوان سو ڪرين....“ ڳالهائيندي، هو اٿي بيٺو ۽ ڪاوڙ ۾ ڪنبڻ لڳو.

هيل نه هوءَ هيسي نه هٻڪي، پر کڙڪي سان وراڻيائين، ”يوڳي! اهو نه وسار ته تون ڪير آهين. ناريءَ کي نٻل نيچ سمجهي، ان سان کيڏڻ جي اڇا نه رک، تو آڏو بيٺل ناري ايتري لاچار ۽ بيوس نه آهي، جو تون ان کي ڊيڄاري ۽ دٻائي وس ڪري سگهين. تون سمجهين ٿو ته تو مون کي گيان ۽ وديا ڏني آهي. تون ڀل ۽ ڀرم ۾ آهين. تون پاڻ کي ٺڳي رهيو آهين. ڪنهن کي آگيا ڏيئي رهيو آهين؟ ڇا، تون اهو نٿو ڄاڻين ته جنهن تي تون  اڄ راڄ ڪرڻ ٿو چاهين ۽ جنهن کي آگيا ڏيڻ ٿو چاهين سا توکي پنهنجي دوار جو داس بڻائي چڪي آهي؟“

ڪماگريءَ آڏو ناري چرتر جو انوکو ۽ اڻ ڏٺل روپ بيٺو هو. سندس ڪروڌ ۽ ڪاوڙ جي اگنيءَ تي ڄڻ ڪنهن ٿڌو پاڻي وسائي ڇڏيو . مايوس جوڳي نستو ٿي ويهي رهيو ۽ دکدائڪ آواز ۾ رڳو ايترو چئي سگهيو، ”نرتڪي! مان توسان پريم ڪريان ٿو.“

چترليکا اوشواسي ٽهڪ ڏنو، ”مان ڄاڻان ٿي ته تون مون سان پريم ڪرين ٿو. پر مان ته توسان پريت نٿي ڪريان. گهڙيءَ لاءِ منهنجي من ۾ توکي وس ڪرڻ جي واسنا اتپن ٿي هئي. مون ان لاءِ من پتوڙيو ۽ جتن ڪيو، ۽ سڦلتا پلئه پيم. پر پوءِ ان مان ڇا ٿيو؟ ناريءَ جي، پرش کي وس ڪرڻ جي واسنا کي پريم نه چئبو آهي. سرشٽيءَ ناريءَ کي راڄ ڪرڻ لاءِ پيدا نه ڪيو آهي. هوءَ ان لاءِ پيدا ٿي آهي ته مٿس راڄ ڪيو وڃي. ناريپڻو پروس ٿيڻ ۾ آهي، نه ڪي پاڻ هُرتي ٿيڻ ۾ . ناري پاڻ کان هيڻي پرش سان ڪڏهن به پريم نه ڪري سگهندي. جنهن پرش کي هن مات ڪري پنهنجي هٿ وس ڪيو آهي، سو سندس پيار جي سڌ ڪرڻ جو اڌيڪار نٿو رکي سگهي. ناريءَ جي سڀاءَ ۾ ئي پاڻ ارپڻ ڀريل هوندو آهي. هن جي رڳ رڳ ۾ پريتم سان ملي هڪ ٿي وڃڻ جي سڌ ۽سڪ رچيل هوندي آهي. ان ڪري ئي ناري رڳو اهڙي پرش سان ئي پريم ڪري سگهندي، جو کانئس وڌيڪ شڪتيوان ۽ ٻلوان هوندو ۽ کيس هٿ وس ڪري سگهندو. يوڳي! پريم جو سچ اهو اٿي. پرش جو پريم ناريءَ کي جيئڻ  ۽ وس ڪرڻ ۾ آهي، ۽ ناريءَ جو پريم پرش کان مات کائڻ ۽ ان آڏو آڻ مڃڻ ۾ آهي. پر هت ته الٽي گنگا ٿي ويهي. هت مان راجا آهيان تون پرجا، مان مالڪ آهيان تون ٻانهو. مون توتي سوڀ پاتي آهي ۽ تو آڻ مڃي آهي. اڃا به ڪهڙي منهن ۽ ڪارڻ منهنجو پريم چاهين ٿو؟“

ڪمارگري ماٺ ڪيو سڀڪجهه ٻڌندو رهيو. جو ڪجهه هوءَ چئي رهي هئي. سو جيتوڻيڪ اڻ وڻندڙ  ۽ ڪڙو هو، پر هو سو سچ. هينئر کيس پنهنجي هيڻائيءَ جو پتو پيو. هن پنهنجي اگريء ڀوائتيءَ هار جو روپ ڏٺو، جا هوريان هوريان پنهنجو بڇڙو منهن مٿي کڻي رهي هئي. هن تڪڙو تڪڙو ڪجهه سوچي ورتو ۽ پوءِ اٿي بيٺو. هن جي منهن جي ملولائي لهي ويئي ۽ سندس نيڻن ۾ چمڪ موٽي آئي – ”تون ٺيڪ ٿي چئين، مون تو آڏو آڻ مڃي آهي. مان تو آڏو هيڻو ثابت ٿيو آهيان. تو دوارا ايشور منهن جو گهمنڊ ٽوڙيو آهي ۽ مون کي پنهنجي هيڻائيءَ ۽ ڪين جهڙائيءَ جي سڌ پراپت ڪئي آهي. اڳتي مون کي ڇا ڪرڻو آهي – ان جو مان نشچو ڪري ڇڏيو آهي. مان تو تي سوڀ پائيندس – پريم ڪرڻ لاءِ نه، پر توتي جيت ماڻڻ لاءِ، پنهنجي ڪريل جيءَ کي اٿارڻ ۽ اوچ ڪرڻ لاءِ. وشواس رک، ته تون اڳتي لاءِ ڪمارگري کي ايترو هيچ ۽ هيڻو نه ڏسندينءَ.“

چترليکا ڳنڀيرتا سان چيو، ”ان ڪاريه ۾ مان گريو جي سهائتا ٿي ڪرڻ چاهيان!“

”ڪيئن؟“

”مان گريو جو آشرم ڇڏڻ ٿي چاهيان. مان ڄاڻان ٿي ته گرديو جي مارڳ ۾ وڏي رنڊڪ ٿي بيٺي آهيان. مان مهاپاپ ڪري رهي آهيان.“

”اها اڻ ٿيڻي آهي، نرتڪي! تون منهنجو آشرم نٿي ڇڏي سگهين! جي تون به هلي وئينءَ ته مان سوڀ ڪنهن تي پائيندس توکي مون سان ئي رهڻو پوندو. سمجهيئي؟“

”يوڳي! توکي مون تي سوڀ نه پائڻي آهي. توکي ته پاڻ جيتڻو آهي. جيستائين مان هتي رهنديس تيستائين تون پاڻ کي جيتي نه سگهندين. ان ڪري منهنجي هلئي وڃڻ ۾ ئي تنهنجي ڀلائي آهي.“

ڪمارگريءَ جو منهن ٽامٽي هڻي ويو. ”نه! توکي مون سان رهڻو ئي پوندو. تون مون کي ڏاڍو هيڻو سمجهي رهي آهين. تنهنجي هلئي وڃڻ پڄاڻان منهنجو ڪو ويري وروڌي ئي نه رهندو، ته باقي پاڻ تي سوڀ ڪيئن پائيندس؟ مون کي هن پرکشيا لاءِ ڪو ماڌيم گهربو هو، ۽ ايشور توکي ان ڪاريه لاءِ ئي مون وٽ موڪليو آهي! مون هارايو آهي. پر هار منهنجي منورٿ جو ماڳ نه آهي. جيسين مان پنهنجوپڻ ۽ اوچپڻو نه ماڻيو آهي تيسين توکي وڃڻ نه ڏيندس. اها ڳالهه ڀليءَ ڀت ڌيان تي آڻي ڇڏ.“

”نه وڃڻ ڏيندين؟ تون مون کي جهلي سگهندين؟“

”نه، مان ته جهلي نه سگهندس. شايد هن پرٿويءَ تي ڪوبه توکي جهلي نه سگهي. نٻل ٻلوان کي روڪي – اها اڻ ٿيڻي آهي. مان ته رڳو دان ٿو پنان. مان ته رڳو وينتي ۽ پرارٿنا ئي  ڪري سگهان ٿو! ايترو ته تون مڃيندينءَ ته منهنجي ناس ٿيڻ جو ڪارڻ تون ئي آهين.“

”نه. تو پنهنجي ڪئي ڪمائي پاڻ چٽ ڪئي آهي. منهنجو رڳو ان ۾ هٿ هو.“

”مان مڃان ٿو ته مون پنهنجو انت ۽ ناس پاڻ آندو آهي، ۽ پاڻ ئي پاڻ اٿاريندس ۽ بچائيندس ڪيرائڻ ۾ تنهنجو هٿ هو، ته ڇا اٿارڻ لاءِ مون ڏانهن هٿ نه وڌائيندينءَ؟“

چترليکا جو ڪنڌ جهڪي ويو. نگاهون ڌرتيءَ تي کپائي هن چيو، ”هائو. تون ٺيڪ ٿو چئين!“

”پوءِ، منهنجي وينتي نه مڃيندينءَ؟ ڪجهه ڏيهن مون وٽ رهي، منهنجي پوڄا ۽ پڇتاءَ کي پورڻنا نه ڏيندينءَ؟“

چترليکا ڪا مهل ماٺ رهي. پوءِ ڌيرج سان پڇيائين، ”يوگي! توکي گهڻو وقت کپي؟“

”وقت؟ جي مان سوڀارو ٿيس، ته توکي مون سان گڏ رهڻ ۾ ڪهڙو اعتراض ٿيندو؟ جي مان سوڀ  ماڻي ته سمجهندس ته منهنجو مارڳ سچ وارو هو، ۽ ان سمي تون به پنهنجي لاءِ سڌو ۽ سچ وارو مارڳ اپنائي سگهندينءَ!“

”نه، مان تنهنجي مارڳ ته نه هلي سگهنديس. پر حالي مان ترسان ٿي ۽ وڃان نٿي. جڏهن به وڃڻ جي اِڇا ٿي، ته توکي چتاءُ ڏينديس. پوءِ ان سمي تون مون کي جهلي نه سگهندين.“

 

باب ارڙهون

چترليکا، بيج گپت جي اِڇا جي ابتڙ سندس جيون مان نڪري ويئي هئي، ۽ يشوڌرا وري سندس اِڇا جي اولانگهن ۾ سندس جيون ۾ گهڙي آئي هئي. بيج گپت کليو -  جيون هن لاءِ هڪ ڳجهارت ٿي پيو هو.

ڪاشيءَ جي گوڙ گهمسان ۾ بيج گپت هردي جي اڌمن ۽ هلچل کي وسارڻ ۽ ٻوڙڻ پئي چاهيو. پر ائين ٿي نه سگهيو. ان اڌمن ۽ هلچل جو روپ مٽيو هو. شهر جي هل هنگامي ۾ برابر چترليکا جو روپ الوپ ٿي ويو هو ۽ رڳو هڪ هلڪو پاڇولو وڃي رهيو هو، پر اهو پاڇولو مٽجي سٽجي يشوڌرا جو ساڌارڻ روپ ڌاري چڪو هو. ڏک جي ڌاڍن جي جاءِ هاڻي سک جا سيسراٽ وٺي رهيا هئا. ڪاشيءَ ۾ آئي، هنن کي اٽڪل هفتو کن ٿي چڪو هو.

ان ڏينهن شام ٽاڻي سڀ هڪ جاءِ ويٺا، ڪاشيءَ جي سندرتا ۽ سونهن تي وارتا ڪري رهيا هئا. مرتينجيه چيو، ”منهنجي ته ايشور کي اها پرارٿنا آهي ته جيڪر جيون  ڀر ڪاشيءَ ۾ ئي رهي پوان. پر گهرو ڪمن ڪارين جو ڇا ڪجي؟ پچر ئي نٿا ڇڏين.“ ايترو چئي، هن مراد ڀريءَ نگاهه سان بيج گپت ڏانهن ڏٺو، جو ان سمي پنهنجي ويچارن ۾ هو، ”پر جي تون بار کڻين ته مان جيڪر آجو ٿي وڃان!“

بيج گپت مرتينجيه جي ڳالهه جو منورٿ نه سمجهڻ جو جتن ڪندي چيو، ”پيار ۽ پڇتاءَ، سنساريءَ ۽ تياڳيءَ، گرهستي وان ۽ برهمچاريءَ ۾ ڪو ٿورڙو سنڌو آهي، ۽ ڪو آهي اُ هو به نه جهڙو...“ ايترو چئي، هو کليو. ”منهنجي ڳالهه تي ٿي سگهي ٿو ته توهان کي وشواس نه اچي، ۽ تپرس اچي، پر وشواس رکو اهو سڀ سچ آهي.“

شوتينڪ کي پاڻ ڏي ڌيان چڪائڻ جو سٺو وجهه ملي ويو. مرتينجيه جو پاسو کڻندي، هن ڪپت ۽ ڪيني سان چيو، ”مهاٻلي! ڇا سچ آهي ۽ ڇا سچ نه آهي، اهو ڪير ڄاڻي ٿو سگهي؟ حالتن سان ڪنهن ڳالهه جي ٺهڪي اچڻ جو ٻيو نالو سچ آهي، ۽ حالتون سدائين ساڳيون ۽ ٺهڪندڙ نه هونديون آهن.“

مرتينجيه هن ڏانهن گهوري ڏٺو، سندس نگاهن ۾ پرک يا جس کان وڌيڪ چڙ هئي – ”ٻچا! تو جو ڪجهه چيو، سو سچ هوندي به ان وشيه سان ڪو لاڳاپو نٿو رکي، جنهن تي اسين ڳالهايون پيا. آريه بيج گپت! تو سچ پچ مون کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڪرپا ڪري ان وشيه تي ڪجهه وڌيڪ پرڪاش نه وجهندين؟“

شوتينڪ جي ائين وچ ۾ ٽپي پوڻ بيج گپت کي ڏاڍو دک پهچايو. هن رکائيءَ سان وراڻيو، ”مهاشيه! منهنجي ڳالهه ته کليل ۽ چٽي آهي، ماڻهو سچ پچ ۾ ڪڏهن به ويراڳي يا تياڳي نٿو ٿي سگهي. تياڳ ته رڳو موت سان يا ان کان پوءِ ئي هڪ ٿيڻي ڳالهه ٿي سگهي ٿو. جنهن کي اسين تياڳ يا ويراڳ چئون ٿا سو ته رڳو ڪرم ۽ پيار جي مرڪز مٽجڻ جو ٻيو نالو آهي. پيار اُڃ آهي ۽ ان جو اُجهامڻ تياڳ آهي. جڏهن ماڻهو برهما سان ملڻ جي واسنا رکي، سنسار تياڳي ٿو، ته ان جي اها واسنا يا اِڇا هڪ اڃ سمان آهي ۽ ان ڪري ان کي تياڳ يا ويراڳ جو ڪرم نٿو چئي سگهجي.“ اوچتو هن جو نگاهون يشوڌرا ڏانهن ڦريون. ٻنهي جون نظرون هڪ ٻئي سان مليون.

پوءِ بي چين گهڙين جو ريلو آيو – اهو ريلو جيون کان پالهين ويرانين جو سنسار هو جو دک جي لوڙهي اندر گهيريل هو. سواءِ شوتينڪ جي، ڪنهن به ڪنهن خاص وشيه تي نه پئي ويچاريو. شوتينڪ سڀا ۾ مانڌاڻ وجهي ڇڏيو هو. هن هڪ اجوڳ ڳالهه ڪئي هئي. هن مالڪ جي سامهون پيئي هڪ دوش ڪيو هو ۽ هو ان اٻهرائي تي هينئر پڇتائي رهيو هو.

يشوڌرا شوتينڪ ڏانهن ڏٺو. هن جو منهن هيڊ هڻي ويو هو. هن سندس من ڀاونائن کي ڀانپي ورتو، ڇو جو هوءَ سندس من ۾ انهن ڀاونائن ۽ اُڌمن جي اتپن ٿيڻ جو ڪارڻ هئي. سانت کي ٽوڙيندي ، هن چيو، ”آريه بيج گپت! ڪاشيءَ ۾ اڃا ڪيستائين ترسڻ جو ويچار اٿو؟“

”چئي نٿو سگهان. ڪڏهن دل ٿي چوي ته پاتليپتر موٽي وڃان، پر وري ٻيءَ گهڙيءَ اڃا ڪجهه سمو هت رهڻ جي چاهنا ٿي اٿي.“ هن ڪنڌ ڦيري مرتينجيه ڏانهن ڪيو ۽ اڳتي چيو، ”توهان جو ڪيستائين ترسڻ جو ويچار آهي؟“

يشوڌرا ڏانهن ڏسندي مرتينجيه وراڻيو، ”منهنجي اڇا جي ڳالهه نه آهي. مان هت يشوڌرا جي اڇا انوسار آيو آهيان ۽ موٽڻ جو مدار به ان تي ئي آهي.“

بيج گپت يشوڌرا ڏانهن ڏٺو، هوءَ مرڪي رهي هئي. هن جي مرڪ ڪجهه چئي رهي هئي. اڄ بيج گپت پهريون ڀيرو سونهن ۽ جوڀن جو يشوڌرا ۾ سچو روپ ڏٺو. هو ڪو وقت اکيون پٽي، هن ڏانهن ڏسندو رهيو. يشوڌرا به تارا کپائي، بيج گپت ڏانهن گهورڻ لڳي. مرتينجيه هيڏي هوڏي تڪڻ لڳو.   

پر هنن جي اها اکين جي کيڏ شوتينڪ سهي نه سگهيو. ڇسائپ جي حد تائين ويندي ويندي، هن هردي جي هورا کورا جي هٿ وس ٿي چيو، ”مهاٻلي! اڄ شهر گهمڻ گهتڻ نه هلندؤ؟“ بيج گپت ڇرڪ ڀري اکيون يشوڌرا تان هٽايون، ۽ يشوڌرا به منهن ڦيرائي ورتو. بيج گپت مرتينجيه کي چيو، ”توهان جو ان باري ۾ ڇا رايو آهي؟“

”اڄ من نٿو مڃي.“

شوتينڪ يشوڌرا کان پڇيو، ”ديوي! تون هلندينءَ؟“

يشوڌرا کلي ويٺي، ”هتي ويهي وقت وڃائڻ مان ڇا ملندو؟“

”وڃڻ تي ته منهنجي به دل نٿي ٿئي،“ بيج گپت چيو.

”ته پوءِ آريه شوتينڪ کي مون سان گڏ هلڻ جي موڪل ڏيندؤ؟“ يشوڌرا بيج گپت کي چيو.

”ڀلي وڃي،“ بيج گپت اڇا نه هوندي به چيو. يشوڌرا شوتينڪ سان هلي ويئي.

بيج گپت مرتينجيه کي چيو، ”توهان ته ڪاشيءَ يگ ڪرڻ آيا هئؤ، ويچار مٽائي ڇڏيؤ ڇا؟“

مرتينجيه کليو، ”هائو – ڪن ڏينهن لاءِ مٽائي ڇڏيو اٿم. آريه! هڪ ڳالهه منهنجي وويڪ ۾ وڍ وجهي رهي آهي. پوتر يگ مان اهو ٻليدان وارو ڀاڱو ڪڍي نٿو سگهجي؟“

”ڇو؟“ بيج گپت کلڻ لڳو، ”مان ڀانيان ٿو ته توهان ٻڌ پرچارڪن ۽ ڀڪشن جي ڳالهين ۾ اچي ويا آهيو.“

”وسميه ۾ نه پؤ! ٿورو سوچ. ان رتوڇاڻ مان ڪهڙو لاڀ ٿو پراپت ٿئي؟ ڌارمڪ ريتن رسمن ۾ اهو رت جو ناٽڪ ته اَڌرم ٿو ڏيکاري. ٻڌ جون چوڻيون ۽ ڳالهيون ڪي اڪاريه يا اجايون نه آهن.“

”۽ شايد اهي سچيون به آهن....“ بيج گپت هوريان چيو.

ڪجهه وقت ٻيئي چپ رهيا. بيج گپت اٿي بيٺو. هن جا لڱ آرس کان ڀڳا ٽٽا پيا هئا. ”هت من نٿو لڳي. شهر جي سير تي نه هلون؟“

”اڄ من نه هو. نه ته هلڻ ۾ ڇاهي. توهان جي دل ٿي چوي ته ڀلي هلو.“

رٿ دوار تي بيٺو هو، ٻيئي وڃي ان ۾ ويٺا.

شهر جي گوڙ گهمسان ۽ گپا گيهه کان ڪڪ ٿيل مرتينجيه رٿ گنگا نديءَ ڏانهن موڙيو. ڪپر تي ڪيئي ٻيڙيون تيار بيٺيون هيون. بيج گپت ڏٺو ته شوتنيڪ ۽ يشوڌرا شيل لاءِ هڪ ٻيڙي ڪري رهيا هئا. هن رڙ ڪئي، ”شوتينڪ!“

من چاهي ميت جي ڀر ۾ بيٺل شوتنڪ گنگا جي ڇر تي لهندڙ چڙهندڙ لهرن ۽ ان جي مٿاڇري تي لڏندڙ لهندڙ ٻيڙين کي ڏسڻ ۾ مگن هو. سو هن بيج گپت جو سڏ ٻڌو ئي ڪين. يشوڌرا سندس ڏيان اوڏانهن ڦيرايو – ”هوڏي ڏس. پتاجي ۽ آريه بيج گپت پيا اچن.“

شوتينڪ منهن ڦيريو – ايستائين رٿ بيهي چڪو هو، ۽ بيج گپت مرتينجيه ان تان هيٺ لهي چڪا هئا. شوتنڪ کي هنن جو ان ويل اچڻ نه آؤڙيو. هن جو منهن لهي ويو ۽ هردو ڪومائجي ويو. هن ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”آئي بلا!“ پر يشوڌرا اهو ڪجهه ٻڌي ورتو، ۽ ڳنڀير ٿي چيو، ”آريه شوتينڪ! جيون ۾ پاڻ تي وس رکڻ به اوستڪ آهي.“

شوتينڪ گهٻرائجي ويو، پر تڏهن به وراڻيائين ”ڪماري، پريت ۽ پاڻ پلڻ جي پاڻ ۾ ڪانه پوي.“ 

ايتري ۾ مرتينجيه ۽ بيج گپت اوڏو اچي پيا.

هن جي مک تي اڃا نراسائيءَ ۽ گهٻراهٽ جي ڀاونائن جون ريکائون پڌريون پيون هيون. بيج گپت اهي پڙهي ورتيون. هن ڳالهه ٺاهڻ جو جتن ڪندي چيو، ”شوتينڪ! توهان جي هلي وڃڻ پڄاڻان اسان جو من نه لڳو، ان ڪري هليا آياسين.“

رکي کل کليندي، شوتينڪ چيو، ”مون ته اڳ ئي توهان کي چيو پئي.“

سڀ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا. ٻيڙيءَ گنگا جي سير ورتي. گنگا جي مٿاڇري تي هتي هتي ڪيئي ٻيڙيون تري رهيون هيون. ڪن ۾ گيت سنگيت سان من بهلجي رهيا هئا، ته ڪن ۾ چرچا گهٻا ڪري چت کي چين پئي پڄايو ويو.

يشوڌرا چيو، ”شوتينڪ! توکي ڪاشي وڻي ٿي يا پاتليپتر؟“

ٿورو سوچي، شوتينڪ ورندي ڏني، ”مون کي پاتليپتر وڌيڪ ٿو وڻي. اتان جهڙو سک، سنتوش ۽ رنگينيون هت نه آهن. هيءُ ته رڳو وديا جو ڳڙهه آهي!“

”۽ توهان جي ڇا راءِ آهي!“ هن بيج گپت کان پڇيو.

”اڄ ڪالهه مون کي ڪاشي وڌيڪ ٿي وڻي.“

يشوڌرا پڇيو، ”اڄ ڪالهه، ڇو؟“

”ديوي يشوڌرا! ڪنهن جاءِ جو وڻڻ يا نه وڻڻ حالتن تي ٿو ڀاڙي. اسان ڪنهن جڳهه کي نه چاهيندا آهيون – جڳهه ته هڪ پڪرتي آهي، جا اسان جي جيون ۾ هڪ اتاڇرو ويس ٿي ڌاري. اسان جنهن وستوءَ جي چاهنا ٿا ڪريون سو ته ساٿ، سنگ ۽ وايو منڊل آهي، جنهن سان اسين هري مري وڃون ٿا. هر ماڻهوءَ کي اها جاءِ وڻندي آهي جتي هو ڄايو نپنو هجي، جتي هن ٻاراڻي اوستا گهاري هجي، جتي هو جوڀن ۾ جيون ساٿين سان رهيو هجي. ان انوسار سڀاويڪ مون کي پاتليپتر وڌيڪ وڻڻ گهرجي، ڇو ته ات مان ڄايو آهيان، وڏو ٿيو آهيان، ساٿ سنگ سان گهاريو اٿم. پر ڳالهه اِتي نٿي کٽي. جيون جي راهه ۾ سدائين ساڳيو وايو منڊل، ساڳيو ساٿ ۽ سنگ وڻندڙ نه ٿو ٿئي. ماڻهو ان جي لاڳيتيءَ هڪجهڙائيءَ مان ڪڪ ٿيو پوي. ماڻهوءَ جو سڀاءَ مٽا سٽا چاهيندڙ آهي. ان ڪري ماڻهو سدائين وايو منڊل ۾ ڦير ڦار ۽ نواڻ جي ڪامنا ڪندو آهي، پوءِ کڻي هو ڪيڏي نه سٺي ۽ گهور ٿيندڙ پيار ڀرئي وايومنڊل ۽ سنگ ۾ ڇو نه هجي. اهو ڌاريو ۽ نئون وايو منڊل تيستائين وڻندڙ ۽ سٺو لڳندو آهي جيستائين ان مان من نٿو ڀرجي. منهنجو به ڪاشيءَ مان اڃا من نه ڀريو آهي. ان ڪري ئي چيم ته اڄ ڪالهه مون کي ڪاشي وڌيڪ ٿي وڻي.“

يشوڌرا کلي ويٺي، ”آريه بيج گپت! توهان سچ پچ مهان آهيو، توهان جي وارتا جو ته جواب ئي ڪونهي.“ پوءِ هن کلندي، ڪنڌ شوتنيڪ ڏانهن ڦيريو، ”آريه شوتنڪ! ڄاڻ ۽ وديا ڪا وارتا واري وستو نه آهي. آريه بيج گپت جي ڪٺور ورڻن ۽ واڻين کان بچج ۽ پاڻ سنڀال!“

شوتينڪ کلندي هلڪڙائيءَ سان اُتر ڏنو، ”ديوي يشوڌرا! مان آريه بيج گپت جو گروڀائي آهيان. ڇا گرو رتنامبر کان به پاڻ سنڀاليان ۽ چوڪس رهان؟“

ٿورو هٻڪي يشوڌرا چيو، ”اهو مان ڪيئن ٿي چئي سگهان.“ بيج گپت چيو، ”ڇو نه، ديوي ڪماري؟ تون اهو به چئي ٿي سگهين. هر ان ڳالهه ڪرڻ ۾ توکي لڄ نه ڪرڻ گهرجي جنهن کي تون سچو سمجهندي هجين.“

”نه، ان ۾ لڄ جو ڪو سوال نه آهي. آريه بيج گپت، مان توهان جي باري ۾ ته ڪجهه به چئي سگهان ٿي، ڇو جو توهان سان ايتري ويجهي ۽ گهري ٿي چڪي آهيان، جو توهان ۾ ۽ پاڻ ۾ ڪو ڀيد نٿي ڀانيان. پر ماپرڀو، رتنامبر – هو پوتر ۽ مهان ۽ مانتڪ آهن.“

بيج گپت يشوڌرا ڏانهن ڏٺو. ٻنهي جا نيتر مليا ۽ ڪو سمو مليا رهيا. يشورڌا جي نيڻن ۾ ڪا هٻڪ ڪانه هئي، ڪو ڊپ نه هو. انهن ۾ چلولائي هئي، ڇڪ هئي ۽ سچائي هئي. ٻنهي جي رڳن ۾ رت گرم ٿي ويو ۽ دورو تکو ٿي ويو. بيج گپت جي هردي ۾ برهه جي باهه بکڻ لڳي. هن جو سمورو شرير ڏڪي ويو. يشوڌرا جو اکيون باسي رهيون هيون ته هن بيج گپت جي اڌمن ۽ امنگن کي چڱيءَ ريت ڄاتو پئي. بيج گپت کي پاڻ تي به مٺيان آئي ۽ شوتينڪ تي به.

”شوتينڪ!“

”سائين منهنجا!“

بيج گپت پاڻ سنڀالي ورتو – ”ڪجهه ڪونهي – هان! هاڻ، ٻڌ! پاڻ کي هت آئي گهڻو وقت ٿيو آهي؟“

شوتينڪ سمجهي ويو ته بيج گپت جو ڪجهه چوڻ پئي چاهيو سو نه پئي چيو – ”اٺ ڏينهن.“

”پوءِ ته واپس پاتليپتر هلڻ گهرجي!“ پوءِ هن ايتري جهڪي ۽ جهيڻي آواز ۾ چيو، جو رڳو شوتينڪ ئي ٻڌي ۽ سمجهي سگهيو – ”چترليکا کي وسارڻ اڻ ٿيڻي آهي – موٽڻ جو بندو بست ڪر!“

بيج گپت جي سڀاءَ ۽ سِٽا ۾ اُن اوچتي مٽ سٽ شوتينڪ کي ڏاڍو آنند ڏنو. مرتينجيه ۽ ڪماري يشوڌرا وائڙا ٿي ويا.

بيج گپت ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. ”آريه مرتينجيه، کميا ڪجو. مون ۾ اها وڏي وڏ آهي، جو سڀاءَ جو هوٿرو ۽ ڦرڻو گهرڻو آهيان. اها سڌ نه اٿم ته گهڙيءَ کان پوءِ ڇا ڪندس. اوچتو ئي اوچتو مون کي پاتليپتر ياد اچي ويئي. ڪاشي کائڻ لڳيم. هاڻي ته هت گهڙي گهارڻ به محال آهي.“

يشوڌرا پڇيو، ”پوءِ ڪڏهن هلندؤ؟ - اسان کي سنڀرڻو پوندو. آريه بيج گپت، پنهنجي ترنگ ۾ اچڻ ويل ٻين جي سهوليت ۽ سهنج کي ڌيان ۾ رکندا ڪريو.“

شرم کان هن جو منهن هيٺ ٿي ويو – ”ٺيڪ ٿي چوين ديوي يشوڌرا! مون کي ڏاڍو ڏک آهي. منهنجي وڃڻ جو آڌار توهان جي سهوليت تي آهي. جڏهن توهان کي سولو لڳو تڏهن هلنداسين.“

هن بيج گپت جي سڀاءَ، جيون سان ورتاءَ ۽ انهن جو ڪارڻ ڄاڻي ورتا. بي دليءَ سان هن چيو، ”نه، مهاشيه! اسان کي ڪابه ڏکيائي ڪانه ٿيندي. مون ته رڳو ائين ئي پئي چيو. اسان ڪارڻ توهان کي بي چيني نه سويڪار ڪرڻ گهرجي. سڀاڻي تائين اسان موٽڻ لاءِ سنڀري وينداسين. ڪجهه وٺڻو سٺڻو اٿم. سڀاڻي صبح سان ئي شوتينڪ سان گڏجي وٺي اينديس.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org