سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: چتر ليکڪا

صفحو :9

باب ٻاويهون

چترليکا موٽي آئي، پر بيج گپت سان نه ملي. ڏکن سکن سان ڀرپور جيون جالڻ کان پوءِ هاڻي هوءَ پاڻ کي اڪيلي ۽ اداس ڀانئڻ لڳي هئي. پنهنجي هار، لڄ، رڃ ۾ رلڻ ۽ ڪوتاهين جي ڀؤ کان هوءَ هن سان ملڻ نه ويئي. هن آڏو هوءَ پاڻ کي ڏوهي سمجهي رهي هئي. ان ڪري سڌو پنهنجي جاءِ تي ويئي.

پنهنجي سک، چين ۽ آنند واري محلات ۾ هن تياڳ ۽ تپسيا وارو جيون جالڻ شروع ڪيو. هوءَ ان جيون ۾ ڪجهه آٿت پائڻ لڳي. هوءَ پڇتاءَ جي اگنيءَ ۾ پڄرڻ لاءِ تيار هئي. هن کي پاڻ کان بڇان اچڻ لڳي هئي. هوءَ راتيون بي چين رهندي هئي ۽ ڏينهن روئي گهاريندي هئي.

هن بيج گپت سان پريم ڪيو – سندس پيار ڪيترو اونهو هو- ان جو پتو هن کي ايڏي وڇوڙي کان پوءِ ئي پيو. پر هاڻي هوءَ اَپوتر هئي. هوءَ پيار جي پوترتا، اڌمن ۽ ولولن ۾ اچي، ڪمارگريءَ جي ڪام  واسنا آڏو پاڻ ارپي، وڃائي ويٺي هئي. هن بيج گپت کي ايڏو چاهيو پئي، جو هن کي دوکو ڏيڻ نه پئي چاهيائين. هن پاپ ڪيو هو- ان ڪري هن لاءِ رڳو اهو ڪرم مارڳ وڃي رهيو هو ته هوءَ پيڙا ۽ پڇتاءَ جي آڳ ۾ پڄرندي رهي. جيترو هوءَ وڌيڪ پئي سڙي، اوترو کيس وڌيڪ آنند پئي آيو. جيترو هوءَ وڌيڪ پئي رني، اوترو سندس آتما کي وڌيڪ چين ۽ شانتي پئي مليا.

اهڙي نموني مهينو لنگهي ويو. هڪ ڏينهن، جڏهن هوءَ اونداهي ڪمري ۾ ويٺي پنهنجي ڪئي تي پڇتاءَ جا ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي، ته داسيءَ اچي شوتينڪ جي اچڻ جو چتاءُ ڏنس.

هوءَ ڇرڪي اٿي بيٺي. مئل من ۾ جيون جي آشا جو ڪرڻو اٿيو –’ڇا بيج گپت هن کي گهرايو آهي؟‘ هن داسيءَ کي چيو، ”ڪٿي آ؟ ترس مان هلان ٿي.“

بيٺڪ ۾ شوتينڪ هن جي اوسيڙي ۾ ويٺو هو. کيس ڏسي، هو وائڙو ٿي ويو. هوءَ هيڊي ٿي ويئي هئي. هن جي سوڀيا تي اَداسيءَ جا پاڇا چڙهي آيا هئا. هوءَ اڳينءَ چترليکا جو مڙدو پئي لڳي – سڃاڻپ کان بنهه پري. ”ديوي! ڇا حال بڻايا اٿوَ؟“

”ٺيڪ آ–“ چئي، چترليکا ويهي رهي.

ٿوري دير ٻيئي ماٺ ويٺا رهيا. پوءِ چترليکا چيو، ”بيج گپت  ته سکي ۽ پرسن آهي نه؟“

شوتينڪ جي منهن تي دک جون ريکائون اُڀري آيون، ”ها! پرسن ته آهن پر ڪايا پلـٽجي وئي اٿن.“

”ڪايا پلٽ!“ چترليکا جو هانءُ جهڄي پيو، ”ڇا وواه رچايو اٿن؟“

اَچيت ۽ دکي مرڪ سان شوتينڪ وراڻيو، ”نه هنن وواه نه ڪيو آهي. پرڻجان ته مان ٿو. آريه مرتينجيه جي پتري ڪماري يشوڌرا سان منهنجو وواه ٿي رهيو آهي. ان جي نينڍ ڏيڻ لاءِ ئي توهان وٽ آيو آهيان. پر آريه بيج گپت جن وڏو تياڳ ڪيو ۽ ٻليدان ڏنو آهي – هو منش نه پر پوڄڻ جوڳا ديوتا آهن. آريه مرتينجيه يشوڌرا جو وواه مون سان رچائڻ لاءِ تيار نه هو. ڇو جو مان غريب هيس. آريه بيج گپت پنهنجو سارو ڌن دولت ۽ مان پد مون ي دان ڪري ڏنا آهن. هو پاتليپتر ڇڏي ٻاهر وڃي رهيا آهن. رڳو منهنجي وواه اتسوَ لاءِ ئي ترسيا پيا آهن.“

چترليکا جو هردو ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳو. سندس نيڻن ۾ نير نڪري آيو. ”شوتينڪ ! سچ پچ بيج گپت اهو سڀڪجهه ڪيو آهي؟ شوتينڪ! ڄاڻين ٿو ته اهو ڪيڏو  مهان ٻليدان آهي، ۽ ان جو ڪارڻ رڳو مان اڀاڳڻ آهيان؟ ان هوندي به، شوتينڪ! مون پاران واڌايون هجنئي. تنهنجو وواه ڪهڙي وار ٿيندو؟“

”ايندڙ هفتي سومر تي، اڱاري ڏينهن ڀوڄن آهي – جنهن ۾ مهاراج سمراٽ چندرگپت، ڪامورا ڪڙا ۽ سئنا پتي سڏيل آهن. ديوي! توهان جو اتي اچڻ استوءَ کي وڌيڪ مانائتو ۽ مهان بڻائيندو.“

چترليکا چيو، ”شوتينڪ! کميا ڪج. مان ڪنهن ٻئي ڏينهن تي اينديس، ڀوڄن واري ڏينهن نه. مان ٻئي نموني جو جيون سويڪار ڪيو آهي – ان ڪري منهنجو اتي اچڻ ٺيڪ نه ٿيندو.“

”ديوي! چترليکا! تو هڪ واري مون کي ڀاءُ ڪوٺيو آهي. ڀاءُ جي وينتي ڪيئن ٺڪرائيندينءَ!“

”مان بيوس ۽ لاچار آهيان، شوتينڪ! مان نه اچي سگهنديس. توکي پتو آهي ته منهنجو نشچو اٽل ۽ اڻ مٽ هوندو آهي. تون منهنجو ڀاءُ آهين، پر مان تنهنجي وڏي ڀيڻ آهيان. ان ڪري منهنجي ڳالهه هلندي. سمجهيئي! مان ڪنهن ٻئي ڏينهن تي اينديس.“

”جا توهان جي اڇا. پر هڪ ڳالهه ٻڌي ڇڏيو. اڱاري جي رات جو ئي آريه بيج گپت جن پاتليپتر ڇڏي رهيا آهن ۽ ديش ياترا تي اُسهي رهيا آهن. توهان وري سوچي وٺو.“

” ان ڏينهن ئي هليو ويندو!“ چترليکا هٻڪي، پر وري سندس منهن تي هردي جي ڏاڍاڻ جي لهر اچي ويئي – ”منهنجو ان ۾ ڇا وڃي؟ منهجو نشچو اڻ مٽ آهي.“

شوتينڪ اٿي بيٺو، ”جا توهان جي اڇا، ديوي!“

*      *      *

وواه جي رسم ۽ اُستو راويتي راجائي نموني ملهائجي پورو ٿيو. ڀوڄن تي مهاراج ۽ وڏا وڏا مان وارا ۽ مهان مهمان به آيا. بيج گپت مرڪي مرڪي ايندڙن جي آجيان ڪري رهيو هو. پر سندس هانءُ هڄي رهيو هو. چترليکا جو نه هجڻ کيس بي چين بڻائي رهيو هو. الائجي ڇو هن پاتيلپتر ڇڏڻ کان اڳ هڪ ڀيرو چترليکا کي ڏسڻ پئي چاهيو. پر هوءَ ات ڪانه آئي هئي.

ڀوڄن پڄاڻا مهاراج شوتنيڪ کي مهنت جو خطاب ڏنو. ان کان پوءِ سندس نگاهه بيج گپت تي پيئي. بيج گپت کي گهرائي، مهاراج سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليا ۽ اٿي بيٺو. ساڻس گڏ سڀ مهمان به اٿي بيٺا. سڄيءَ سڀا ۾ سناٽو ڇانئجي ويو. پوءِ هن اڌمن سان ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ”بيج گپت! تون مهان آهين. تون منش ۾ ديوتا آهين. تو اڻ ٿيڻيءَ کي ٿيڻي ڪري ڏيکاريو آهي. اڄ چندر گپت موريه، ڀارت ورش جو مهاراجا، تو آڌو سر نوائي ٿو!“ ايترو چئي، چندر گپت هن آڏو پنهنجو سيس نوايو. جيترا به مهمان بيٺا هئا، سڀني جا سيس گڏجي هيٺ جهڪيا – ڪٿان ڪٿان نارين جا سڏڪا اڀريا.

بيج گپت به مهاراج آڏو نميو ۽ چيو، ”مهاراج! مان اهو مانُ نه لهڻان – اڄ مان ڊگهيءَ ديس ياترا تي اُسهي رهيو آهيان – هڪ بکاريءَ جيان. مون کي آشيرواد ڏيو، مهاراج!“

ايترو چئي،بيج گپت دوار ڏانهن وڌيو. مهاراجا هٿ ڊگهيري آشيرواد ڏنو، ”آسرو نام جو، پرٿويءَ جا ديوتا!“ ٻنهي پاسن کان مهمان قطار ۾ بيٺا هئا –انهن جي وچ مان بيج گپت لنگهي رهيو هو. هن جي منهن تي آڪاشي مرڪ هئي. مهمانن هن جي مک تي تيج ڏٺو. سڀ بيٺل ٻڍا توڙي جوان، نر توڙي ناريون، نٻل توڙي ٻلوان هٿ ٻڌيو بيٺا هئا. ان راجيه سڀا مان ، جادٻدٻي، وڏائي ۽ شڪتيءَ جو نمونو هوندي هئي، ۽ جنهن جو بيج گپت هڪ انگ هو – اڄ بيج گپت، سڀڪجهه پٺتي ڇڏي، من جي شانتيءَ جي ڳولا ۾ نڪري رهيو هو.

سڀا منڊل جي ٻاهران هن جو مکاميلو پنهنجي داسن ۽ شيوڪن سان ٿيو. کيس ڏسي، هو اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳا. بيج گپت جهٽ لاءِ بيٺو. هو هر هڪ نوڪر سان مليو، ”توهان شوتينڪ کي مون سمان سمجهجو“ هن کانئن موڪلاڻي ڪندي چيو، ”۽ مون کي ستت ئي وسارڻ جو جتن ڪجو!“

نوڪر اڃا به وڏيون اوڇنگارون ڏيڻ لڳا. ڪن دل ٻڌي هڪ آواز چيو، ”اسين به توهان سان گڏ هلنداسين!“

بيج گپت ڏاڍاڻ سان چيو، ”نه! توهان مان ڪوبه هتان نه چري. سڀ اتي ترسو!“

سڀ ڊپ ۽ شرڌا ۾ بيهي رهيا -۽ بيج گپت هليو ويو.

اهو اڌ رات جو سمو هو. شهر تي چئني پاسي سانت جو راڄ هو. بيج گپت هوريان هوريان اڳتي وڌي رهيو هو. بکارين جيان هو پنڌ وڃي رهيو هو. هن کي سادا ۽ راوجي ڪپڙا اوڙهيل هئا ۽ کيسي ۾ چند چانديءَ جا سڪا هئس. بيج گپت ڪنهن جي پيرن جو آواز ٻڌو. پهريائين هن ان کي وهم سمجهيو. پر پوءِ هوريان هوريان اهو آواز وڌندو ويو. بيج گپت هلندي هلندي، هيڏي هوڏي ۽ پٺتان نهاريو، پر ٻاٽ ڪارنهن پرٿويءَ تي هرشيءِ کي ڍڪي ڇڏيو هو. هن کي ڪجهه نه نظر آيو ۽ اوندهه ۾ اڳتي وڌڻ لڳو.

آواز هاڻي چٽو ۽ ويجهو ٿي ويو. اونده مان هڪ مورتي پاڇي جيان پر گهٽ ٿي.

”پراڻناٿ!“

بيج گپت کي ونگ پئجي ويا – هن پڇيو، ”ڪير آهين؟“

”پراڻناٿ! سندم ديوتا! کميا ڪريو،“ ۽ مورتي سندس چرڻن تي ڪري پيئي.

بيج گپت هانءَ جي ڏاڍاڻ ۽ بي پرواهيءَ سان چيو، ”چترليکا! منهنجي جيون جي پيڙا! منهنجو سِراپ! – وڃ! تون هلي وڃ! هتي ڇو آئي آهين؟“

 هن جي هٿ جي ڇهاءُ سان هو ڇرڪي پٺتي هٽي ويو، ”هينئر ته کيل سماپت ٿي چڪو آهي – تون ڇو آئي آهين؟“

”پنهنجي من مندر جي ديوتا جي چرڻن جي مٽي کڻڻ! پنهنجي ديوتا کي پوڄڻ....“ چترليکا اٿي بيٺي. ”ناٿ! مون تنهنجو جيون ناس ڪيو ۽ سنسار اُجاڙيو. مون کي پٽ پاراتو ڏي، پيڙا ڏي – پر مون کي ڌڪار نه.“

بيج گپت جو سڄو شرير ڏڪي ويو. هن گهٽيل ۽ ڀريل آواز ۾ چيو، ”چترليکا! هاڻي ڪجهه نه ٿيندو. سڀڪجهه سماپت ٿي ويو. تو ئي سڀڪجهه ڪيو. تو ئي ڪمارگريءَ جي آشرم مان موٽڻ کان انڪار ڪيو. تو ئي مون کي نراسائيءَ جي ساگر ۾ اڇلايو. هاڻي ڌتارڻ ڇو آئي آهين؟ هاڻي ته مون وٽ ڪجهه به نه آهي. نه دل نه دولت! مون کي جهل نه، وڃڻ ڏينم.“

چترليکا بيج گپت جو هٿ پڪڙيو. ”نه! مان توکي هاڻي نه وڃڻ ڏينديس! پراڻناٿ! هڪ ڏينهن توکي منهنجو مهمان ٿي رهڻو پوندو. وڃڻ لاءِ ايترو اٽل آهين ته رات رهي سڀاڻي ڀل هليو وڃج.“

بيج گپت ڪروڌ ۾ سٽ ڏيئي هٿ ڇڏايو. ”منهنجي مارڳ تان هٽي وڃ! اڀاڳي نرتڪي! پري هٽ! هاڻي تون مون کي نه جهلي سگهندينءَ. پنهنجن ڪرمن جا ڦل ڏس ۽ کل! پري ٿي! مون کي وڃڻ ڏي.“

چترليکا بيج گپت جي پيرن کي چنبڙي پيئي – ”چوان ٿي ته نه وڃڻ ڏيندي مانءِ – توکي مون سان منهنجو گهر هلڻو پوندو – ناٿ! ڇا، توهان جي من ۾ منهنجو پريم مري چڪو آهي؟ چئو .... ناٿ، چئو.... ماٺ ڇو آهيو.“ هو ءَ سڏڪن ۽ اوڇنگارن ۾ پئجي ويئي. بيج گپت پاڻ نه جهلي سگهيو. ”هاءِ پرڀو! جي پريم مري وڃي ها، ته پوءِ هي سڀڪجهه ڇو ڇڏي ڏيان ها. چترليکا!ڪاش، منهنجو تو لاءِ پريم مري وڃي ها! پر ائين نه ٿيو – ائين ڪڏهن به نه ٿي سگهندو.“ ايترو چئي، هن جهڪي ڪريل ناريءَ کي اٿاري پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻڻ جو ڪوشش ڪئي، پر هوءَ رڙ ڪري پٺتي هٽي ويئي. ”نه، منهنجا ديوتا، نه! منهنجي اڇا نه ڪر. منهنجي شرير کي نه ڇهه. مان پاپڻ آهيان. مان اپوتر آهيان. منهنجا ديوتا! هل، منهنجي جاءِ تي هل. مون کي پنهنجي پٽ ۽ پاراتن جي ڄر ۾ پڄري پڇتاءَ ڪرڻ ڏي. مون کي پنهنجي نرمل پيار جي امرت سان پوتر ڪر، پراڻناٿ، هل.“

”چڱو!“ بيج گپت چيو، ”هل چترليکا. سنسار ۾ رڳو تنهنجو چيو ئي نه ٿو ٽاري سگهان. مون کي جيترو نيچ ڪرڻ چاهين، ڪر – پر وچن ڏي ته سڀاڻي مون کي نه جهليندينءَ “

”وچن آ، پراڻناٿ.“

چترليکا بيج گپت جي ڇهاءَ کان پاڻ بچائيندي آئي. هڪٻئي کان پاسو ڪري هلندي به سندس من الڳ الڳ نه هئا. هنن ڪي ڪين ڳالهايو. نه گلا نه ميار، نه نوڙت نه اڀمان. ملندي ئي سندس من مدايون ميٽجي ويون هيون.

گهر پهچي، چترليکا پاڻ بيج گپت لاءِ هنڌ پٿاريو ۽ چيو، ”پراڻناٿ! آسرو نام جو. ڀلي سمهي آرام ڪيو. صبح جو اٿي ڳالهيائينداسين.“ هوءَ هلي ويئي ۽ بيج گپت کيس تڪيندو رهيو. ٻئي ڏينهن صبح سان هوءَ بيج گپت وٽ آئي. ”ناٿ! مون کي پنهنجي پيرن جو پاڻي ڏيو!“

بيج گپت اچرج وچان چيو، ”ڇا لاءِ؟“

”مان پاڻ کي پوتر ڪريان. مان ڀٽڪي وئي هيس.مان ڪمارگريءَ جي ڪام واسنا جو شڪار ٿي ويس. اُڌمن ۾ انڌي ٿي، مون پاڻ هن کي ارپي ڏنو. مان هينئر پنهنجو شرير پوتر ڪرڻ ٿي چاهيان.“ چترليکا پنهنجي سموري دکي واردات هڪ ئي ساهه ۾ بيج گپت کي ٻڌائي. ”هاڻي تون سمجهين ويو هوندين، مان تو وٽ ڇو نه آيس. هينئر کميا ڪر!“

”بس! ايتري ڳالهه !؟“ بيج گپت کليو،”اهي کٽراڳ ڇڏ کڻي. چترليکا، تو ڀل ڪئي، تو مون کي سمجهڻ ۾ ڀلي ڪئي. ان ڪري تو پاپ ڪيو. تون مون کان کميا ٿي گهرين؟ پياري! پيار ته ٻليدان آهي، پاڻ وسارڻ آهي – پيار جي سنسار ۾ پاپ جي جاءِ ڪانهي. پوءِ کميا ڇا جي؟  جي هروڀرو زور ٿي ڀرين ته چوان ٿو – مون توکي بخشيو!“

چترليکا بيج گپت جي پيرن کي چنبڙي پيئي. ”پراڻناٿ! ته پوءِ مون کي داسي سويڪار ڪر!“

”پر ائين ڪيئن ٿيندو؟ ديوي چترليکا! مان ته بکاري آهيان. مون سڀڪجهه دان ڪري ڇڏيو. هاڻي اهو ڪيئن ٿي سگهندو؟“

”پراڻناٿ! مون وٽ جهجهو ڌن آهي مان تنهنجي آهيان، منهنجو اڻ ميو ڌن به تهنجو آهي، ته پوءِ تون ڪنگال ڪيئن آهين؟ پاڻ کي بکاري ڇو ٿو چوين؟“

”تنهنجو ڌن؟ اهو منهنجي ڪم جو ناهي. مان سک ۽ سنتوش ان لاءِ نه تياڳيا آهن ته اُهي وري سويڪار ڪري سگهان ٿو _ پر هڪ بکاريءَ جي روپ ۾!“

چترليکا سرهائيءَ مان اٿي بيٺي، ”ته پوءِ ائين ئي ٿيندو – هل ته سنسار بکاري ٿي رلون پنون ۽ ڀٽڪون. ڀل رڳو پيار ئي اسان جو ڌن ٿئي. اڄ، مان پنهنجي سموري مال مڏي دان ڪري ڇڏينديس. رات جو اسان پيار جي اڏن کٽولي تي سنسار جو سفر شروع ڪنداسين.“ چترليکا جو منهن ٻهڪي رهيو هو. هن جي اونداهي آتما ۾ سچ ۽ پيار جو سوجهرو ٿي ويو.

بکاري بيج گپت  چترليکا بکارڻ جي چپن تي هڪ ننڍڙيءَ نرڀاونڪ مٺيءَ جي ڇاپ هنئين – ”اسان ٻيئي ڪيترا نه سکي ۽ سرها آهيون!“ هو چپن ۾ ڀڻڪيا.

پوياڙي

هڪ سال پوءِ!

گرو مهاپرڀو رتنامبر چيو، ”تون پرڻيو آهين ۽ گرهست جيون گهاري رهيو آهين. هاڻي ٻڌائي ته بيج گپت ۽ ڪمارگريءَ مان ڪير پاپي آهي؟“

شوتينڪ ڏنڊوت ڪيو، ”گرديو! بيج گپت ته ديوتا آهي. هن جو هيري جهڙو هردو آهي. تياڳ ۽ ٻليدان جو پتلو آهي. مهاپرش آهي. ۽ ڪمارگري! اُف. اهو ته پَسون آهي. هو پاڻ لاءِ جِي رهيو آهي. هو سماج تي بوجهه آهي. سرشٽيءَ جي نيمن جو ودروهي آهي. پنهنجي سک ۽ سنتوش ڪارڻ هن سنسار جي ڪٺورتائن ۽ جتنن کان منهن موڙيو آهي. ڪمارگري پاپي آهي!“

”۽ وشالديو! توکي يوڳ جي وديا ملي آهي، ۽ يوڳي ٿي چڪو آهين. هاڻي تون ٻڌاءِ، انهن ٻنهي مان ڪير پاپي آهي؟“

وشالديو سيس رتنامبر آڏو نوايو، ”مهاپرڀو! يوڳي ڪمارگري اڻ مٽ ۽ اجيت آهي! هن آپي کي هٿ وس ڪيو آهي. هن جي تپسيا، هن جي گيان ۽ هن جي آتمڪ شڪتيءَ جو مٽ ئي نه آهي! ۽ بيج گپت – هو ته ڀاونائن ۽ اُڌمن جو ٻانهو آهي – هو ته رنگ رلين ۾ لوئاڙيل ڌڪار جوڳو ڪيڙو آهي. هو پاپي آهي – پاپي سنسار جو هڪ آوشتڪ انگ!“

”ٻچا! توهان ٻيئي الڳ الڳ وايو منڊل ۾ رهيا آهيو، “رتنامبر ڳالهايو، ”۽ توهان ٻنهي پاپ کي الڳ الڳ ڪنڊ پاسي کا ڏٺو آهي. توهان هاڻي وديا سماپت ڪري موڪلائي وڃي رهيا آهيو. مون کان هي آخري ڀاشڻ ٻڌندا وڃو –

”هن سنسار ۾ پاپ جهڙي ڪا وسٿو ڪانه آهي رڳو منش جي سوچ ۽ ويچار جو مونجهارو آهي. هن پرٿويءَ تي هر منش نرالي سڀاءَ ۽ منورتيءَ سان جنم وٺي ٿو ۽ هن سنسار ۾ پاڻ تي سونپيل روپ ڌاري، اُن کي پورو ڪرڻ ٿو اچي- اهو ئي مانسڪ جيون آهي. پنهنجي سڀاءَ ۽ منورتيءَ جي مڃتا ۾ اچي، هو پنهنجو روپ سويڪار ڪري، اُهو پورو ڪري ٿو ۽ نڀائي ٿو. جو روپ هو ڌاري ٿو سو پنهنجي سڀاءَ پٽاندر ڪري ٿو، ۽ سڀاءُ کيس سرشٽيءَ وٽان ملي ٿو. ان سرشٽيءَ جي ذات تي وايو منڊل جو پريوجن اوس پوي ٿو. منش پنهنجو مالڪ پاڻ نه آهي، هو حالتن ۽ وايو منڊل جو ٻانهو آهي ۽ انهن آڏو بيوس پڻ. هو ڪندڙ نه، پر ڪرڻ جو ماڌيم آهي. پوءِ پاپ ۽ پڃ جو جهڳڙو ڇا جو؟ جڏهن ته منش جي هر پرکشيا اڻ کٽ ڦيرين ڦارين ۽ اڻ ڳاڻاٽين وچورن سان ڀري پيئي آهي؟“

”آپو ۽ پنهنجي پوڄا ماڻهوءَ جي سڀاءَ ۽ منورتيءَ جا اٽوٽ انگ آهن. هر منش آنند ۽ آسائش چاهيندو آهي. پر رڳو انهن جي ماڻڻ جا وسيلا الڳ الڳ هوندا آهن. ڪن کي ڌن ۾ سک ۽ سنتوش ملندو آهي ته ڪن کي مڌ ۾. ڪن کي ناري روپ ۾ آنند ملي ٿو ته ڪن کي برهمچاري جيون ۾. پر انهن سڀني پٺيان ڪم ڪندڙ اڌمو هوندو آهي سک ۽ سنتوش جي پراپتي. منش آپو ۽ ان جي واسنائن جي پورائي هن لاءِ سڀڪجهه هوندا آهن. ڪوبه منش ڄاڻي واڻي پاڻ هرتو اهڙو ڪرم نه ٿو ڪري، جنهن جي ڀوڳ ۾ کيس دک ۽ پيڙا پراپت ٿئي. اهو ئي ماڻهوءَ جو ورتاءُ آهي ۽ اهو سندس سڀاءَ جو ڀيد ۽ ڳجهه.

”ان ڪري سنسار ۾پاپ جو ارٿ ۽ اپٽار ڪڏهن به هڪ نه رهيو آهي ۽ نه رهندو. اسين نه پاپ ڪريون ٿا نه پڃ. اسان رڳو اهو ڪي ڪريون ٿا جو اسان کي ڪرڻو ٿو پوي!“

مهاپرڀو رتنامبر اٿي بيٺو – اهوئي منهنجو وشواس ۽ ويساه آهي – توهان اهو مڃو يا نه مڃو، ان لاءِ مان توهان کي دٻاءُ نه وجهندس ۽ نه ئي وجهي سگهان ٿو. وڃو ۽ وڃي سکي ٿيو. اهائي منهنجي آشيوواد اٿو.“

پورو ٿيو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org