سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: چونڊ آمريڪي مختصر افسانا

صفحو :18

 

گرم ندي

از – ارسڪن ڪاڊ ويل                     مترجم – رباني

--------

Warm River

By

Erskine Caldwell

 

 

Published by permission of the Author.


 

 

ارسڪن ڪاڊويل  (1903-) ديول جي هڪ مهتمم جو پٽ آهي، جنهن جي پنهنجي پيشي  جي سلسلي ۾ مستقل لڏپلاڻ، هن جي تعليم جي مسئلي کي پيچيده ڪري ڇڏيو. ڪاڊويل ”ورجينيا“ ۽ ”پينسلواينيا“ يونيورستين ۾ اعلى تعليم سان روشناس ٿيو. پر سندس ماثر ۽ عملي سکيا جو سهرو وچ آمريڪا جي هڪ فٽ بال رانديگر ۽ اخباري خاطوءَ جي سر تي سونهين ٿو. هن جي پهرين پهرين آکاڻي اشاعت لاءِ قبول ڪئي ويئي، تنهن کان ست سال اڳ هو برابر لکندو رهيو. اها آکاڻي – سندس بهترين آکاڻين مان هئي – “ڪنٽري فل آف سئيڊس“ ..... 1933ع ۾ ”بيل ريويو“ ۾ شايع ٿي. ان کانپوءِ، هن سئو کن ڪهاڻيون ۽ ڪيترائي ناول لکيا آهن.

 


 

 

 

ڊرائيور لٽڪندڙ پُل وٽ موٽر بيهاري، آڱر جي اشاري سان مون کي نديءَ جي پرينءَ ڀر مڪان ڏيکاريو. مان کيس اسٽيشن کان ٻن ميلن جي پنڌ لاءِ ڀاڙي جا 25 سينٽ ڏيئي، موٽر مان ٻاهر نڪتس. جڏهن هو هليو ويو، ته مان اڪيلو رهجي ويس؛ بس، ٿڌي ٿڌي رات هئي، ۽ چوطرف ماٿريءَ ۾ تارن جان ٽمڪندڙ روشنيون، ۽ اڳيان وهندڙ وڏيءَ ويڪريءَ نديءَ جو گرم گرم سائيرڙو پاڻي! چوطرف اڀائي اڀا جبل ائين ٿي لڳا، جيئن رات جو ڪارا ڪڪر. ڪاپار ڀر نهارڻ سان، البت گذريل شام جي جهڪي ٿي ويل شفق نظر ٿي آئي.

        پل تي پير رکيم، ته چيڪاٽ ڪري پينگهي جيان لڏڻ لڳي. سندس لوڏو منهنجي وکن کان به وڌي ويو. ڇوهيون ڇوهيون وکون کڻي، مان لوڏي کان پاڻ بچائڻ لڳس. جڏهن ٻيءَ ڀر کي سڻائو ٿيس، جتان جبل شروع ٿي ٿيا، ته بئگ کي سوگهو جهلي، پنهنجي سموريءَ سگهه سان وٺي ڊوڙ پاتيم. ۽ پوءِ به، توڙي جو منهنجا قدم هينئر ٽاڪرو پيچري تي ٿي پيا، پر پل جو خوف دل تان نه لٿم. ڀانيم ته جي ڏينهن هجي، ته جيڪر بنان ڊپ ڊاءَ جي پل اڪري وڃان؛ پر رات جي وڳڙي ۾، جڏهن اونداها جبل چوڌاري اڀا بيٺا هئا ۽ پيرن هيٺان وڏي ويڪري سائيرڙي ندي پئي وهي، مان ڊپ سبب ڏڪندڙ هٿن ۽ ڌڙ ڌڙ ڪندڙ دل کي جهلي نٿي سگهيس.

        جڏهن مڪان کي ويجهو اچي پيس، تڏهن پنهنجي حال تي کِل آيم – جو پُل وٽ ڀَوَ کان ڊوڙ پاتي هيم. مڪان ڳولڻ ۾ ڏکيائي اصل ڪانه ٿيم؛ پل مَٽيم، ته مڪان اڳيان هو. پر جي ڀلجي به وڃان ها، ته ”گريچن“، جا منهنجي اوسيئڙي ۾ ٻاهرئين دالان جي ڏاڪن تي بيٺي هئي، ضرور هڪل ڪري ها. جڏهن کيس پنهنجو نالو ڳنهندي ٻڌم ته هيڪاري لڄي ٿيس، جو جبلن ۽ انهن جي پاڙ ۾ وهندڙ ويڪريءَ نديءَ کان ڊڄي ويو هوس.

        گريچن مون سان ملڻ لاءِ وٺي ڊوڙ پاتي. هٿ ڏيندي، پڇائينم، ”رچرڊ، لٽڪندڙ پل، ڊيڄاري ته نه ڇڏيئه؟“

        ”ڊيڄاريائين ته ضرور، پر مان ڊوڙ پائي نڪري آيس،“ مون وراڻيو.

        ”پهرئين ڀيري هر ڪو ائين ڪندو آهي، پر هڪ دفعو لنگهڻ کان پوءِ، ائين ڀانئبو آهي ڄڻ ته رسين سان سوگهيءَ ڇڪيل ٻنڌ مٿان پيو هلجي. مان جڏهن ننڍي هوندي هيس، ته ڇڪي ٻڌل رسيءَ تان هٿڙ پٿڙ هلندي هيس. ۽ انهيءَ ڪثرت ڪرڻ لاءِ، اسان پنهنجي گدام جي ٻنهي ڇيڙن جي وچ ۾ هڪڙي رسي به ٻڌي هئي. رچرڊ، تو ڪڏهن اها ڪثرت ڪئي ڪي نه؟“

        ”ڪئي ته هونديم پر هينئر سانڀر ڪانهي، تنهن کي به ڪو زمانو ٿيو. هينئر ائين هلڻ بلڪل وسري ويو اٿم.“

        اسان اهي ڳالهيون ڪندا، اچي ڏاڪن وٽ پهتاسين، ۽ دالان ۾ گهڙياسين. گريچن دروازو کوليو. اندران، ڪو ماڻهو بتي کڻي صفحي ۾ ٿي آيو. بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڏٺم ته دروازي جي اندر ڀرو گريچن جون ٻه ڀينرون بيٺيون هيون.

        ”هيءَ منهنجي ننڍڙي ڀيڻ ’آين‘ آهي ۽ هوءَ اٿئي ’ميري‘،“ گريچن ٻڌايم. مون اتي، اڌ – اونداهيءَ ۾ ساڻن ٻه ٽي اکر ڳالهايا، ۽ پوءِ صفحي ڏي وڌياسين، جنهن ۾ گريچن جو پيءُ هڪڙيءَ ميز جي ڀر ۾، بتيءَ کي پاسيرو مٿي جهلي بيٺو هو، جيئن مون کي چڱيءَ طرح ڏسي سگهي. آءٌ اڳي ڪڏهن به ساڻس ڪين مليو هوس.

        ”بابا سان مل،“ گريچن چيو. ”اڳاهرو ڳڻتي پئي ڪيائين ته توکي مڪان ڳولڻ ۾ ڪٿي ڏکيائي نه ٿئي.“

        ”منهنجي مرضي هئي ته پل تي بتي کڻي اچان، پر گريچن چيو ته توکي مڪان ڳولڻ ۾ تڪليف ڪين ٿيندي. تون ڀلئين ته ڪونه؟ سچ پچ، مون کي بتيءَ آڻڻ ۾ تڪليف ڪين ٿئي ها.“

        ”ڏکيائي اصل ڪانه ٿيم،“ مون کيس هٿ ڏيندي چيو. ”موٽر واري، نديءَ جي پرينءَ ڀَر مون کي اشاري سان مڪان ڏيکاري ڇڏيو، ۽ پوءِ ته مون مڪان جي روشنيءَ مان اک ئي ڪانه ڪڍي. البت جي هيڪر روشني اک کان ٿڙي وڃي ها، ته هينئر اوندهه ۾ ضرور ڪٿي ٿاٻا پيو کانوان ها، ۽ پڪ ئي پڪ وڃي پاڻيءَ ۾ ڪران ها.“

        مون کي نديءَ جو ايڏو ڀَو ڏسي، گريچن جي پيءُ کلي ڏنو.

        ”تڪليف پوءِ به ڪانه ٿيئي ها؛ نديءَ جو پاڻي ڏاڍو وڻندڙ آهي. جڏهن پارو پيو وسندو آهي ۽ پيرن هيٺ برف ڄمندي آهي، تڏهن به ندي اهڙي ڪوسي هوندي آهي، جهڙي بند ٿيل ڪوٺي. اسان سڀني کي نديءَ جو پاڻي ڏاڍو وڻندو آهي.“

        ”پر رچرڊ، تون پڪ ڄاڻ ته انهيءَ ۾ ڪڏهن ڪين ڪِرين ها. تون نه جنهن مهل موٽر مان نڪتين، تڏهن مون بيٺي توکي ڏٺو، ٿورو ئي هيڏانهن هوڏانهن ڀلجي پير کڻين ها، ته مان ڊوڙي اچي پهچانءِ ها،“ گريچن منهنجو هٿ جهليندي چيو.

        گريچن جي ڳالهه ٻڌي، دل ۾ چيم ته چوانس، ”مهرباني“، پر ايتري ۾ گريچن ڏاڪڻ ڏانهن وڌي، ۽ مون کي اچڻ لاءِ چيائين. بئگ کڻي مان به ڏاڪڻ ڏي وڌيس. مٿئين صفحي جي ڪنڊ ۾ رکيل ميز تي شمعدان پئي ٻريو. وٽ هيٺ هيس. گريچن وٽ سوري، شمعدان کڻي، هڪڙي سامهون واريءَ ڪوٺيءَ ڏي وڌي، مان به سندس پويان ڪوٺيءَ ۾ گهڙيس. ڪوٺيءَ ۾، اسان هڪ ٻئي ڏي جهٽ کن نهاريو.

        ڪونري ۾ سڄر پاڻي اٿئي. ٻي ڪا شيءِ گهرجيئي، ته ٻڌائينم. مون ڪوشش ڪري هر ڪا ضروري شيءِ حاضر رکي آهي.“

        ”تون اجايو ٿي خفو ڪرين. ٻيو ڪجهه ڪين گهرجيم. ڀلا تون ساڻ هجين، ته پوءِ به ڪنهن شيءِ جي گهرج ٿيندي!“

        گريچن مون ڏي نهاري، کڻي اکيون هيٺ ڪيون. اسان گهڙي کن ته ائين ماٺ ڪيو بيٺا هئاسين. ٻنهي مان ڪنهن به ڪجهه چوڻ نٿي چاهيو. مون کي هڪ خيال آيو ته چوانس ته ’گريچن، تو سان ملي سچ پچ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان، توڙي جو هيءَ ملاقات فقط هڪ رات لاءِ آهي‘؛ پر پوءِ ويچاريم ته اها ڳالهه پوءِ به چئي سگهندومانس. گريچن کي ته سموري سڌ هئي ته مان ڇو آيو هوس.

        ”رچرڊ، مان بتي ڇڏي ٿي وڃانءِ. جلدي تيار ٿي، دالان ۾ اچ. مان اتي هلي ٿي ويهان.“

        اڃا ارادو ڪيم ته چوانس ته ’بيهه، ته بتي کڻي هلي ڏاڪڻ تي جهليان، متان ڏاڪڻ لهڻ ۾ ڏکيائي ٿيئي‘؛ پر جيتري ۾ بتي کنيم، ايتري ۾ هوءَ هلي ويئي. موٽي ڪوٺيءَ ۾ آيس. گاڏيءَ جي مٽيءَ ۽ مـَـرُ لاهڻ لاءِ صابڻ کنيم ۽ هٿ منهن ڌوتم. گهوڙيءَ تي ڀَرٿ ڀريل ٽوالن جي قطار لڳي پئي هئي. هڪڙو کڻي لڱ اگهيم، ۽ ڦڻي ڏيئي، بئگ مان هڪ صاف رومال ڪڍيم؛ پوءِ در کولي هيٺ لٿس. گريچن پيءُ سان گڏ دالان ۾ ويٺي هئي. پڻس اٿي، مون کي گريچن ۽ پنهنجي وچ ۾ ڪرسي ڏني. گريچن ڪرسي ريڙهي پنهنجي ٻانهن منهنجي ٻانهن سان لاتي. گريچن جي پيءُ، مون ڏي ڪرسي ڦيرائيندي پڇيو، ”ڀانيان ٿو، پهاڙن تي پهريون ڀيرو آيو آهين.“

        ”هائو، هن هنڌ جي چوڌاري سو کن ميلن ۾ ڪٿي به ڪونه آيو آهيان. مون کي ته هي ملڪ ئي اوپرو پيو لڳي. پر پوءِ سامونڊي ڪناري بابت اوهان به ائين ئي ويچاريندا هوندئو.“

        ”توکي خبر ڪانهي، بابو ’نار فوڪ‘ ۾ رهي آيو آهي،“ گريچن پيءُ ڏي نهاري چيو. ”ڪيئن بابا؟“

        ”مان اتي ٽي سال رهيو هوس.“

        گريچن جو پيءُ اڃا ڪجهه وڌيڪ چوڻ وارو هو، ان ڪري اسان چپ رهياسين.

        ”بابا، وڏو قابل مستري آهي،“ گريچن منهنجي ڪَن ۾ ڀڻڪو ڪيو. ”ريلوائيءَ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندو آهي.“

        ”هائو،“ گريچن جي پيءُ ويرم رکي چيو. ”مان گهڻن ئي جاين تي رهيو آهيان، پر هاڻي حياتيءَ جا ڏينهڙا هتي ئي پورا ڪرڻ ٿو چاهيان.“

        سوچيم ته پڇانس، ’هي پهاڙي ملڪ ڇا جي ڪري ٿو وَڻيوَ؛‘  پر پوءِ ستت ئي محسوس ڪيم ته گريچن ۽ پڻس اوچتو معنى خيز نموني خاموش ٿي ويا آهن. مان سندن انهيءَ اوچتي خاموشيءَ تي عجب کائڻ لڳس. گهڙيءَ کن کان پوءِ، گريچن جي پيءُ ڳالهائڻ شروع ڪيو. پر ائين جو نڪي مون کي مخاطب هو ۽ نه وري گريچن کي – ڄڻ ڪنهن ٽياڪڙ سان ٿي ڳالهايائين، جنهن کي، اوندهه سبب، مان ڏسي نٿي سگهيس. مان بيحد انتظار ۽ بيچينيءَ سان گريچن جي پيءُ ڏي ڪن ڏيئي تڪڻ لڳس. گريچن ڪرسي ريڙهي منهنجي ويجهو ٿي. ڪرسي ائين سيريائين، جو ذرو به کڙڪو نه ٿيو. نديءَ کان ڪوسيءَ هوا جو جهوٽو آيو، جو ڄڻ اسان کي اوني کٿو ويڙهي ويو.

        ”گريچن ۽ سندس ڀينرن جي ماءُ مري وڃڻ بعد،“ هن گوڏن ڀر نوڙي، نديءَ ڏانهن نهاريندي چيو، ”ها، جڏهن گريچن ۽ سندس ڀينرن جي ماءُ مون کان هميشھ هميشھ لاءِ موڪلاڻي ڪئي، تڏهن مان موٽي پهاڙن تي آيس. مان ’نار فوڪ‘ ۾ وڌيڪ ترسي ئي نه سگهيس، ۽ ’بالٽي مور‘ ۾ رهڻ به منهنجي لاءِ ممڪن نه هو. دنيا ۾ مون کي هيءَ ئي هڪڙي جاءِ سجهي، جتي ڀانيم ته سڪون ملندم. گريچن کي به ماءُ ياد ايندي آهي، پر مون کي سندس ياد ڪيترو ستائيندي آهي – اوهان اهو ڪاٿو ڪري نه سگهندئو. اسان ٻئي هتي ڄاوا نپناسون، ۽ هتي ئي اسان ويهه ورهيه راتيون گڏجي گذاريون....... ۽ پوءِ جڏهن هن مون کان هميشھ هميشھ لاءِ موڪلاڻيون ڪيون ته مان اهو ويچاري هتان هليو ويس ته شايد هي هنڌ ڇڏڻ سان کيس وساري سگهندس؛ پر مان غلط هوس، سراسر غلط. ڪير پنهنجي ٻچڙن جي ماءُ کي وساري سگهي ٿو؟ توڙي جو اها پڪ آهي ته ياعمر هو وري کيس ڏسي نه سگهندو!“

        گريچن مون ڏي نوڙي ويجهو ٿي؛ مون اکيون کڻي ڏانهنس نهاريو. نديءَ تي چپ چاپ هئي. گريچن جو پيءُ اڃا به اڳڀرو گوڏن ڀر نِوڙيو، ايتري قدر جو سندس ٺونٺيون وڃي گوڏن تي کتيون. ائين ٿي لڳو، ڄڻ نديءَ جي پرينءَ ڀر پهاڙن تي ڪنهن کي ڏسڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين. هو گهور ڪري نهارڻ لڳو. دروازي جي چير مان ايندڙ روشنيءَ جو شعاع سندس اک جي تارن تي پئي، چمڪڻ لڳو. ڳوڙها سندس نيڻن مان، تارن جي ذرڙن جيان ٽمڻ لڳا، ۽ سندس ڏڪندڙ هٿن تي ڪري خشڪ ٿيندا ويا.

        هو اٿي کڙو ٿيو. سندس ڊگهو پاڇو تيستائين گريچن ۽ منهنجي مٿان هو، جيتر هو دروزاي مان لنگهي اندر هليو ويو. مون ڪنڌ ورائي ڏانهس ڏٺو؛ جيتوڻيڪ هو اکين اڳيان پئي ويو پر تڏهن به کيس ڏسي نٿي سگهيس.

        گريچن جهڪي اڃا به مون کي ويجهو ٿي. منهنجي آڱرين سان پنهنجون آڱريون وچڙائڻ لڳي، ۽ منهنجي ڪلهي سان پنهنجا ڳَلَ هوريان هوريان مهٽڻ لڳي، ڄڻ منهنجي ڳلن تان ڪا شيءِ اگهڻ ٿي چاهيائين. سندس پيءُ جي ڀاري قدمن جو آواز جهيڻو پوندو ويو، تان جو هاڻ اسان اهو ٻڌي به نٿي سگهياسون.

        هيٺ، پرڀرو، نديءَ جي ڪناري سان ڪا تيز رفتار ريل گاڏي رات جي اونداهيءَ ۾ ڪڙڪا ڪندي لنگهي. ان جي بتين جا شعاع نديءَ جي سائيرڙي پاڻيءَ تي ائين نچندا ٿي ويا، جيئن قطبن ۾ روشنيون. ان جي لوهي ڦيٿن جي آواز جو پڙاڏو، پهاڙن سان ٽڪرجڻ لڳو. گريچن منهنجي هٿن کي پنهنجي هٿن سان سوگهو جهليو. سندس آڱريون ٿڙڪي رهيون هيون. رچرڊ، تون مون سان ملڻ ڇو آئين؟“ سندس آواز گاڏيءَ جي لوهي ڦيٿن جي آواز جي پڙاڏي سان ملي هڪ ٿي ويو، جا هينئر پري پهچي چڪي هئي.

        مون ڀانيو ٿي ته گريچن مون ڏي پئي نهاري، پر جڏهن ڏانهس ڪنڌ ڦيريم، ته ڏٺم ته هوءَ دور دور هيٺ ماٿريءَ ۾ نديءَ جي گرم پاڻيءَ ڏانهن گهوري رهي هئي. کيس خبر هئي ته مان ڇو آيو هوس، پر چاهيائين ٿي ته مان کيس (پنهنجي زبان سان) چئي ٻڌايان ته مان ڇو آيو هوس. مون کي خبر نه هئي ته مان ڇو آيو هوس. مون سمجهو ٿي ته مون گريچن کي دنيا جي هر شيءِ کان پيارو ڀانيو هو، پر هينئر سندس پيءُ جي پيار جو مذڪور ٻڌڻ کانپوءِ، مون ۾ اها همت نه رهي، جو کيس چوان ته مان توسان محبت ڪريان ٿو. مان پنهنجي اچڻ تي افسوس ڪرڻ لڳس. جو گريچن جي پيءُ کي سندس ماءُ بابت ائين ڀريل دل سان ڳالهائيندي ٻڌم. مون اهو ته ڄاتو ٿي ته گريچن مون کي پاڻ ارپي ڇڏيندي، پر کيس موٽ ۾ ڪجهه ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڪجهه ڪين هو. هوءَ حسين هئي، بيحد حسين ۽ مون کي ڏاڍو وڻي ٿي،  پر اهو منهنجو پهريون خيال هو؛ هينئر مون ڄاتو ٿي ته آءٌ جيڪو هن جو تصور دل ۾ کڻي آيو هوس، سو وري ڪڏهن به دل ۾ آڻي ڪين سگهندس.

        ”تون ڇو آئين، رچرڊ؟“

        ”ڇو؟“

        ”ها، رچرڊ؛ ڇو؟“

        منهنجون اکيون ٻوٽجي ويون، ماٿريءَ ۾ تارن جيان ٽمڪندڙ روشنين جي ياد، نديءَ جو گرم گرم پاڻي ۽ گريچن جي آڱرين جو نرم نازڪ ڇهاءُ، منهنجي ذهن ۾ ڦرڻ لڳو.

        ”رچرڊ، ٻڌاءِ نه، ڇو آئين؟“

        ”گريچن مون کي پاڻ سُڌ ڪانهي.“

        ”جيتري نه آءٌ توسان محبت ڪريان ٿي، اوتري جي تون به مون سان ڪندو هجين، ته هوند سڌ پويئي ته تون هت ڇو آئين.“

        هن جون آڱريون منهنجي هٿن ۾ ڪنبڻ لڳيون. مون کي خبر هئي ته هن جي مون سان بيحد محبت هئي. مون کي شروع کان ئي ان باري ۾ شڪ ڪونه هو. گريچن کي سچ پچ مون سان محبت هئي.

        ”شايد مون کي هت اچڻ نه گهربو هو؛“ مون چيو، ”مون چڪ ڪئي، گريچن، مان پري ئي ويٺو هجان ها.“

        ”پر تون ته رڳو هڪ رات لاءِ هت مهمان آهين. صبح ساجهر هليو ويندين. رچرڊ توکي ان ڳالهه جو ته افسوس ڪونهي ته تون رڳو هڪ رات اسان وٽ آهين!“

        ”مون کي اهو ته افسوس ناهي جو مان هت آهيان؛ البت اهو افسوس اٿم ته مان آيس ڇو. مون کي ڄاڻ ئي نه هئي ته مان ڇا ٿو ڪريان. مون کي هت اچڻ جو ڪو حق ڪونهي. فقط اهي ماڻهو، جيڪي پريت جي ريت نڀائي ڄاڻن، تن کي ......“

        ”رچرڊ، پر تون مون سان ڪجهه ته محبت ڪرين ٿو – ايتري کڻي نه، جيتري مان توسان ڪريان ٿي. پر تون مون کي اهو به ٻڌائي نٿو سگهين ته توکي مون سان ڪجهه نه ڪجهه محبت ضرور آهي. رچرڊ، تنهنجي انهن اکرن مان، تنهنجي وئي پڄاڻان، منهنجي مَن کي آسيس ايندي.“

        ”پر مون کي خبر ناهي.“ مون ڏڪندي وراڻيو.  ”رچرڊ، پيارا......“

        مون سندس هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ قابو ڪري جهليو. اوچتو ڪنهن شي جو احساس ٿيم، جنهن جي تيزي منهنجي اندر ۾ گهاءَ ڪري ويئي. ائين محسوس ڪيم ته جيڪي اکر سندس پيءُ اچاريا هئا، تن جو  مطلب منهنجي اڳيان روشن ٿيندو پيو وڃي. مون اڳي نٿي ڄاتو ته محبت ان کي چئبو آهي، جنهن جو هن ذڪر ڪيو هو. مون تي اثر ويٺل هو ته جيئن عورت مرد کي محبت ٿي ڪري، ائين مرد عورت کي محبت ڪري نٿو سگهي؛ پر هينئر مون محسوس ڪيو ته ٻئي هڪجيتريءَ شدت سان هڪ ٻئي سان محبت ڪري سگهن ٿا.

        اسان ڳچ وقت ائين هڪ ٻئي جا هٿ جهلي چپ چاپ ويٺا رهياسين. ڳچ رات گذري چڪي هئي – آڌي ته ڪڏهوڪو گذري چڪي هئي، ڇو ته هينئر ماٿريءَ ۾ روشنيون وسامنديون ٿي ويون، - پر پوءِ وقت کي ڪا وقعت ئي نه هئي.

        گريچن منهنجي ڪلهي تي ڳل رکي، منهنجي اکين ۾ اکيون وجهي، منهنجي جان سان جڙي پيئي هئي. هوءَ ايترو ئي منهنجي هئي، جيترو ڪا عورت ڪنهن  مرد جي ٿي سگهي ٿي، پر انهيءَ مهل مون محسوس ڪيو ته مان سندس محبت جو فائدو وٺي، انهيءَ احساس سان هتان هليو وڃڻ لاءِ ته مون ساڻس ايتري محبت ڪانه ٿي ڪئي، جيتري هن مون ساڻ ڪئي ٿي، پاڻ کي مجبور ڪري نٿي سگهيس. جڏهن آءٌ هت آيو هوس، تڏهن مون کي اهڙو خيال ڪونه هو. مون ته ايڏو ڊگهو سفر ڇڙو ان لاءِ ڪيو هو ته هيڪر کيس چند ڪلاڪن لاءِ ڀاڪر ۾ جهليان، ۽ پوءِ کيس هميشھ لاءِ وساري ڇڏيان.

        نيٺ جڏهن اٿڻ جو وقت آيو، ته مان اٿي کڙو ٿيس. پنهنجون ٻئي ٻانهون کڻي سندس ڳلي ۾ وڌيم. مون جنهن مهل کيس ڇهيو، ته هوءَ ڪرڙيءَ جان ڪنبڻ لڳي؛ مون کي ايترو ته زور سان ڀاڪر وجهي بيٺي، جيترو مون کيس ڇڪي جهليو هو. سندس دل جي دڪ دڪ منهنجي مَنَ ۾ گهڙي ٿي ويئي، سندس سيني جا اڀا تير، دل جي ڌڙڪڻ سان منهنجي من ۾ چڀندا ٿي ويا.

        ”رچرڊ، هلئي وڃڻ کان هڪوار اڳ، مون کي هڪ مٺي ڏي.“

        هن ڊوڙي وڃي منهنجي لاءِ دروازو کولي جهيلو. ميز تان بتي کڻي، ڏاڪڻ تي، اڳيان ئي اڳيان، ماڙيءَ تائين مون کي وٺي هلي.

        منهنجي ڪوٺيءَ جي در وٽ تيسين بيٺي رهي، جيسين مون ٻي بتي ٻاري کيس هٿ ۾ ڏني؛ پوءِ پنهنجي هٿ واري بتي کڻي مون کي ڏنائين.

        ”شب بخير، گريچن.“

        ”شب بخير ، رچرڊ.“

        مون سندس بتيءَ جي وٽ هيٺ ڪئي، ته جيئن دونهون نه ڪري. پوءِ هوءَ صفحي مان لنگهي، پنهنجي ڪمري ڏانهن وڌي ويئي.

        ”مان توکي صبح ساجهر اٿارينديس، جيئن گاڏي گسي نه وڃيئي.“

        ”مهرباني. خيال ڪجانءِ متان مون کي ننڊ مان جاڳ نه ٿئي. گاڏي ساڍي ستين وڳي ويندي آهي.“

        ”الڪو نه ڪر، رچرڊ؛ مان توکي سويرو جاڳائينديس.“

        مان موٽي پنهنجي ڪمري ۾ آيس. دروازو بند ڪيم. ۽ سمهڻ لاءِ ڪپڙا مٽايم. بتي وسائي، بستري ۾ گهڙيس، پر ننڊ اچيئي نه. ائين محسوس ڪيم، ڄڻ ننڊ ايندي ئي ڪانه. اٿي بستري ۾ ٽيڪ ڏيئي ويٺس، ۽ سگريٽ پٺيان سگريٽ ساڙڻ لڳس. دونهين کي ڦوڪون ڏيئي، دريءَ جي پردي مان ٻاهر ڪڍڻ لڳس. ٿوريءَ ٿوريءَ دير کان پوءِ، ائين ڀانيم ته گريچن جي ڪمري مان ڪو آواز پيو اچي، پر پڪ نٿي پيم.

        ياد ڪونهيم ته ڪيترو وقت ائين بستري جي ڪنڌيءَ تي ويٺو رهيس ۽ گريچن بابت سوچيندو رهيس. اوچتو اٿي کڙو ٿيس ۽ دروازو کولي، صفحو لتاڙي، گريچن جي ڪمري ڏي وڌيس. ڪمري جو دروازو ٻيڪڙيل هو؛ مون کي اڳيئي ائين ٿي وسهيو ته دروزاو بند نه هوندو. آهستي آهستي تاڪ کوليم. چير مان، اندران بتيءَ جو شعاع نڪتو. وڌيڪ در پٽڻ جي ضرورت ڪانه هئي – گريچن مون کان هٿ کن پرڀرو هئي. مون پنهنجون اکيون کڻي ٻوٽيون ۽ اهي ارادا منهنجي ذهن جي سطح تي اڀرڻ لڳا، جي ڪناري کان مسافري شروع ڪرڻ مهل مون ذهن ۾سانڍيا هئا.

        گريچن کي در کلڻ جو ڪو پتو نه پيو؛ کيس منهنجي موجودگيءَ جي ڪابه سڌ ڪانه هئي. ميز تي سندس بتي پئي ٻري.

        مون نٿي سمجهيو ته هوءَ جاڳندي هوندي، مون کي ته يقين هو ته هوءَ گهريءَ ننڊ ۾ هوندي. هوءَ بستري جي ڀر ۾ رضائيءَ تي نوڙي، ٻانهن ۾ منهن وجهي سڏڪا ڀري رهي هئي. سندس ڪلهن تي پکڙيل وار چوٽيءَ وٽ، پيليءَ پٽي سان ٻڌل هئا، ۽ بت تي جو سفيد ريشمي چوغو اوڍيل هوس، تنهن جي دامن تي زري لڳل هئي. سندس ڄاريءَ جو ڪالر ڳچيءَ وٽان کليو پيو هو.

        هونئن ته مون هميشھ گريچن کي حسين تصّور ڪيو هو، پر ان گهڙيءَ هوءَ ڪيڏي نه دلڪش ٿي لڳي! اهو مون کي اڃان چٽيءَ طرح ياد آهي. مون دنيا ۾ گريچن جهڙي ٻي حسين ڇوڪري اڄ تائين ڪين ڏٺي آهي.

        هن کي اڃا به منهنجي موجودگيءَ جو پتو نه پيو هو. هوءَ پلنگ جي ٻانهينءَ تي ڪنڌ جهڪايو، گوڏن ڀر ويٺي هئي؛ سندس مٺيون ڀڪوڙيل هيون، ۽ دلگداز سڏڪا پئي ڀريائين.

        جڏهن پهريائين دروازو کوليو هوم، تڏهن نٿي ڄاتم ته ڇا ڪندس، پر هينئر – جڏهن کيس هن حال ۾ بستري تي سڏڪا ڀريندي ۽ دعائون گهرندي ڏٺم، ته مون کي اهو يقين ويهي ويو ته هن کان پوءِ گريچن کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن عورت سان ياعمر محبت ڪري نه سگهندس. ايستائين ته مون کي پوريءَ طرح سڌ ڪانه هئي، پر ان گهڙيءَ ڄڻ دل مان ڪو غيبي آواز نڪتو، جنهن کي ٻڌي سمجهيم ته مون کي سچ پچ گريچن سان محبت آهي.

مان آهستي دروازو بند ڪري، پنهنجي ڪمري ۾ موٽي آيس. ڪمري ۾ ڪرسي پيئي هئي، جا دريءَ جي ڀرسان رکي ويٺس صبح جو انتظار ڪرڻ. دريءَ مان نظر ڪري مون ماٿريءَ ڏي نهاريو، جتي گرم ندي وهي رهي هئي. جيئن جيئن اوندهه اکين کي ڀاءِ پوڻ لڳي، تيئن مون ائين محسوس ڪيو، ڄڻ مان نديءَ جي ويجهو ٿيندو ٿو وڃان، - ايتري قدر جو جيڪڏهن چاهيان، ته ان جي گرم گرم پاڻيءَ مان لپ ڀري وٺان.

        ڳچ ڳچ رات گذرڻ کانپوءِ پرهه ڦٽيءَ ويل، گريچن جي ڪمري ۾ کڙڪو ٻڌم. ڀانيم ته ڪو ماڻهو فرش تي هيڏانهن هوڏانهن پيو اچي وڃي، ۽ پوءِ هڪ ڀيرو ته يقيني طور پنهنجي ڪمري جي دروازي جي ڀرسان ٻاهر صفحي ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي آهٽ ٻڌم.

        جڏهن صبح جو سويل سج شاخون ڪڍيون، ته مون اٿي ڪپڙا مٽايا ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ محسوس ڪيم ته گريچن پنهنجي ڪمري مان نڪري ڏاڪڻ لهي هيٺ ويئي. سمجهي ويس ته منهنجي نيرن لاءِ پئي تڪڙ ڪري، ته کائي پوءِ گاڏيءَ تي وڃان. گهڙي کن انتظار ڪيم، ۽ ڪجهه منٽن کانپوءِ ڏاڪڻ تي سندس پيرن جو آواز ٻڌم. منهنجي ڪوٺيءَ وٽ پهچي هن مون کي سڏ ڪيو، ۽ دروازي کي هوريان هوريان کڙڪائڻ لڳي. مون ٽپ ڏيئي دروازو  کوليو. مون کي ڏسي ايترو عجب لڳس، جو گهڙي کن لاءِ ته تپرس ۾ پئجي ويئي – هن جي ليکي ته آءٌ اڃان بستري ۾ آرامي هوندس.

        ”گريچن“ مون سندس هٿ وٺندي چيو، ”مون کي ايترو تڪڙو تڙي نه ڪڍ. مان صبح جو ڪونه ٿو وڃان..... مون کي خبر ناهي ته رات مون کي ڇا ٿي ويو هو..... هينئر پتو پيو اٿم ته مان سچ پچ توسان محبت ڪريان ٿو.....“

        ”پر رچرڊ! رات ته تو ٿي چيو ته.....“

        ”مون ٿي چيو ته آءٌ صبوح جو سويل هليو ويندس، پر مون جيڪي ڳالهايو ٿي تنهن جو مون کي پاڻ پتو نٿي پيو. هينئر آءٌ تيسين هتان نه ويندس، جيسين تون ساڻ نه هلندينءَ. رڳو نيرن ڪرڻ ڏينم. توکي سموري سُڌ پئجي ويندي ته منهنجي مراد ڇا آهي – پر بيهه، پهريائين ٻڌائينم ته نديءَ ڏي ڪٿان وڃبو آهي؛ مون کي اتي وڃي، نديءَ جو پاڻي پنهنجي هٿن سان ڇُهڻو آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org